(ب) صحافتي نوعيت جا چند نقص ۽ ڪي خوبيون
عام اخباري معيار جي لحاظ کان، سنڌي پريس جي ڪارڪردگي اطمينان
بخش رهي آهي ليڪن ائين به نه ٿو چئي سگهجي ته
خصوصاً ماضي ۾ (پاڪستان ٺهڻ کان اڳ) رپورٽنگ يا ڪن
حالت ۾ ادارتي نوٽن تحرير ڪرڻ ۾، صحافتي اصولن جي
تقاضائن کي سئو في صدي صحيح انداز ۾ ادا ڪيو ويو
آهي.
بعض اوقات، ان قسم جون ننڍيون وڏيون غلديون ۽ لرزشون ٿينديون
رهيون آهن جي فني لحاظ کان معيوب تصور ڪري سگهجن
ٿيون. ٻيون ته ٻيون پر روزانه ”الوحيد“ جهڙي وڏي
اخبار کان به اهڙيون غلطيون، ڪڏهن ڪڏهن ٿي وينديون
هيون. مثلاً ڪن موقعن تي، رپورٽنگ جي باب ۾،
ادارتي راءِ زني ۽ مقصديت کي به ملايو ٿي ويو ۽
اهڙي طرح هڪ خبر ايڊيٽورريل جو مهانڊو اختيار ڪري
بيهي رهي. ائين ٿو لڳي ته شايد تبليغي انداز صحافت
مڪمل طرح اڃا ختم نه ٿي هئي ۽ ان دور ۾ خبرن ڏيڻ
وقت انهن کي بنيادي ٺوس بياني ڪيفيت تائين محدود
رکڻ ضروري نه سمجهيو ويندو هو پر ان ۾ رپورٽر جي
راءِ ۽ ردعمل جا عنصر به شامل ڪيا ويندا هئا.
اصولي طرح سان ڏٺو وڃي ته ائين ڪرڻ رپورٽ جي حقيقت
۽ صحت تي اثر انداز ٿيڻ کان رهي نه سگهندو ۽
(Objective reporting)
مقصدي ۽ صحيح رپورٽنگ کي
(Subjective reporting) يعني معروضي يا غير حقيقي رپورٽنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو جنهن ۾
واقعي جي غير جانبدارانه ۽ حقيقت تي مبني خيريت،
جو لطف نه رهندو آهي ان ڪسوٽيءَ تي جاچڻ سان، گهڻن
سنڌي اخبارن ۾ معيوب معاملو نظر آيو آهي پر هتي
اسان هڪ معروف ۽ مشعور اخبار ۾ اهڙين ڳالهين جي ٻن
ٽن مثالن تي اڪتفا ڪندي اهو محسوس ڪرائڻ چاهيون ٿا
ته گذريل دور ۾، سنڌي اخبارن جي رپورٽنگ جي شعبي ۾
گهڻي اصلاح جي گنجائش ناهي.
الوحيد 29 جون 1922ع جي اشاعت ۾ هڪ دلچسپ خبر ڇپي هئي جنهن جي
هيڊنگ هئي ”لاڙڪاڻي جي بيل گاڏين جو جمعدار“. خبر
ملاحظه ڪريو:
”اسان کي لاڙڪاڻي جي بيل گاڏين جي جمعدار بابت ڪي شڪايتون
پهتيون آهن ته هو پبلڪ کي تمام سخت آزاري رهيو
آهي. اميد ته هن کانپوءِ هو سڌري هلندو ۽ اسان کي
وڌيڪ لکڻ تي مجبور نه ڪندو.“
اهڙي طرح ”الوحيد“ 8 آگسٽ 1929ع جي هيٺ ڏنل خبر به ملاحظه ڪريو
جنهن جو سرو هو ”ڏوڪري واري صوبيدار جو وڦلڻ“ هن
خبر ۾ ڏوڪري جي هڪ صوبيدار نالي قادر بخش طرفان هڪ
غريب ٽانگي واري کي ريلوي اسٽيشن تي گارين ڏيڻ جي
رپورٽ آهي جنهن سرڪار جي چوڻ تي، ٿورو اڳ، مرحوم
شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي
جي ڏوڪري ۾ ڪيل ”قابل اعتراض“ تقريرن جي باري ۾
ڪوڙو ڪيس مشهور آهي
(1)
هن خبر جو خاتمو هن طرح ڪيل آهي:
”خبر ٿي پوي ته سب انسپيڪٽر جو اهڙي نامناسب روش ورتي آهي. تنهن
ڪري بالا آفيسرن کي عرض آهي ته ڇونه اهڙي سب
انسپيڪٽر کي علاج لاءِ موڪليو وڃي ته غريبن مان
آزار لهي.“
ان قسم جي خبرن ڇپڻ تي روزانه ”الوحيد“ جو جذبئه همدردي ۽ عوام
دوستي پنهنجي جاءِ ٿي تسليم ڪجي تي پر خبرن جو فني
عيب ظاهر ڪرڻ مقصد آهي جيڪو پاڻ ڳالهائي رهيو آهي.
ان نموني، ”الوحيد“ 13 سيپٽمبر 1932ع جي اشاعت ۾ ٻيو نمبر
ايڊيٽوريل نوٽ حاضر آهي جيڪو پڙهڻ کانپوءِ ”اعلان“
يا خبر زياده لڳي ٿو:
مسلمانن ۾ بي روزگاري
ڏسڻ ۾ اچي ٿو تعليم يافته مسلمانن ۾ بيروزگاري ڏينهون ڏينهن
وڌي رهي آهي ۽ تخفيف جي ڪري پڻ ڪيترن پڙهيل
مسلمانن کي نوڪري کان جواب ڏنو ويو آهي پر
بيروزگاريءَ جو اصولي تعداد ۽ لياقتن کان ته مسلم
پبلڪ واقف آهي ۽ نه گورنمينٽ تنهن ڪري اسان ضروري
سمجهون ٿا ته پنهنجي پريس ۾ تعليم يافته بيروزگارن
جو هڪ باقاعده رجسٽر رکون ۽ پوءِ جڏهن به سرڪاري
ڪنهن کاتي ۾ يا ميونسپاليٽين يا لوڪل بورڊرن ۾ ڪا
جاءِ خالي ٿئي تڏهن اخبار وسيلي انهن کي اطلاع
ڏيون ته پنهنجي مقرري لاءِ ڪوشش ڪن. تنهن ڪري جي
تعليم يافته مسلمان مناسب سمجهن سي پنهنجي حالت
کان اسان کي واقف ڪري سگهن ٿا. هر هڪ کي پنهنجو
نالو ”پتو، عمر، آزمودي ۽ لياقتن کان اسان کي پوري
طرح واقت ڪرڻ گهرجي.“
اهڙي طرح ”الوحيد“ 9 جنوري 1930ع واري اداريه جي جڳهه ”ڊسٽرڪٽ
لوڪ بورڊ ڪراچي جي ميٽنگ“ 21 جون ۽ 3 جولاءِ کان 5
جولاءِ 1930ع تائين مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو
مضمون ۽ 13 مئي 1932ع تي وري مرحوم مولانا شوڪت
علي جو موقف ڏنا ويا. بيان، مضمون يا موقف ڪيڏا به
اهم ڇو نه هجن پر فني لحاظ کان اهي ايڊيٽوريل جو
نعم البدل نه ٿا ٿي سگهن. ان حد تائين سندن ادارتي
ڪالم والارڻ معيوب ڳالهه آهي.
ٻئي طرف وري، صحافتي اصول مطابق، ان زماني جون اخبارون، هر ننڍي
وڏي واقعي کي رپورٽ ڪرڻ پنهنجو منصبي فرض
سمجهنديون هيون پهرين ۽ ٻئي دور جي شروعات ۾،
اخبارن جي اها خصوصيت هوندي هئي ته ڪنهن واقعي يا
واردات رپورٽ ڪرڻ وقت، ماڻهن جي ردعمل، ذاتي پسند
يا ناپسند ۽ پنهنجي طرفان مشوري کي به شامل ڪيو
وڃي. اهو صحافتي ابتدا وارو زمانو هو ۽ رپورٽنگ ۽
ادارتي حد بندين کي چٽائي سان نه سمجهيو ويو هو.
ائين ڪرڻ ۾ اهو جذبو به شامل هو ته حڪومت ڌاري هئي
جنهن کي مقامي مسئلن ۾ پنهنجائپ وارو احساس ڪونه
هو تنهن ڪري رڳو شڪايت يا واقعي ٻڌائڻ مان مقصد
حاصل نه ٿيڻ جو خطرو هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو
اهڙي موقعي تي، سرڪاري وقت کي امڪاني رهنمائي ۽
اوهان جو راز به کولي ٻڌايو ويندو هو ته جيئن
ماڻهن جي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ رستو به هموار ٿئي.
ٻئي دور ۾، ننڍن واقعن ۽ ڪيترن حالتن ۾ انهن جي جزئيات رپورٽ
ڪرڻ ۾ روزانه ”الوحيد“ حد ڪري ڇڏي هئي. ڪڏهن ڪڏهن
ته اهڙيون واقعاتي خبرون ڪيترا ڏينهن قسطن ۾ پيو
ڇپبيون هيون. اهو ان ڪري هو جو اخبار جي جڳهه کان
وڌيڪ اهميت واقعي کي ۽ ان واقعي بابت عوام کي واقف
ڪرڻ کي ڏني ويندي هئي. اهو به هڪ صحافتي اصول آهي
جنهن کي ملحوظ خاطر رکيو ويندو هو. بلڪه ائين چوڻ
۾ به مبالغو نه ٿيندو ته ”الوحيد“ جي ان خوبي واري
ميدان ۾ اڄ به ڪيتريون اخبارون، ساڻس برميچي نه
ٿيون سگهن. 1 سيپٽمبر 1932ع واري ”الوحيد“ مان
معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني، هن اخبار ڪراچي شهر جي
ڄم موت جا انگ اکر روزانو پئي ڏنا. ان تاريخ واري
اشاعت ۾ 28 ۽ 29 آگسٽ 1932ع بابت انگ هن ريت هئا:
28 تاريخ 35 ڄم ۽ 28 موت
29 تاريخ 32 ڄم ۽ 24 موت
انهن انگن اکرن مان اسان کي ان وقت جي آدم ۾ ٿيندڙ واڌ بابت
معلومات ملي ٿي. جيتوڻيڪ نسبتاً علاج معالج جون
سهولتون ان زماني ۾ گهٽ هيون پر معلوم ٿئي ٿو ته
سراسري طرح روزانو ڪراچي ۾ 16 انسان پيدا ٿي رهيا
هئا.
انگن اکرن ڏيڻ جي روايت فقط خبرن تائين محدود نه هئي ۽ ان جي
افاديت کي ادارتي عمل تائين آندو ويندو هو.
”الوحيد“ 21 ڊسمبر 1924ع جو هيٺيون اداريه ان ڪري
ڪافي دلچسپ ۽ معلوماتي بڻجي پيو آهي. هي اداريه ان
دور جي تعليمي طور طريقي ۽ نتيجن تان به پردو کڻي
ٿو:
”22-1923ع ۾ مسلمان شاگردن جو ڪل تعداد 57518 جن مان 47310
سرڪاري يا عام اسڪولن ۾ هئا ۽ 11208 خانگي اسڪولن
۾. انهن مان 46310 طالب علمن مان 44246 طالب العلم
ابتدائي اسڪولن ۾ هئا ۽ 72 ڪاليجن ۽ 78 ٽريننگ
ڪاليجن ۾ ۽ 194 ٻين اسڪولن ۾ جيڪي 44246 طالب علم
ابتدائي اسڪولن ۾ ها تن مان 22533 يعني اڌ کان مٿي
ملن جي اسڪولن ۾ هئا. جيڪا تعليم ملن جي اسڪول ۾
ڏني وڃي ٿي سا ته اهڙي آهي جو اسان جي بربادي جو
سبب ٿي رهي آهي ۽ درحقيقيت 21713 طالب علمن کي
ابتدائي تعليم ملي رهي آهي. انهيءَ جي مقابلي ۾
جڏهن اسين ٻين جو مقابلو ڪريون ٿا تڏهن اسان تي
صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي تعليمي حالت ڇا آهي.
1924ع ۾ هندو شاگردن جو تعداد انگريزي اسڪولن ۾
6716، مسلمانن جو تعداد 1769 ۽ 22-1923ع ۾ مسلمانن
جو تعداد 1720 هو يعني هڪ سال اندر فقط 49 مسلمان
شاگرد وڌيا. اهڙي طرح ابتدائي تعليم ۾ 22-1923ع ۾
هندو شاگردن جو تعداد 49019 ۽ مسلمانن جو تعداد
44246 هو جن مان وڏو تعداد ملن جي اسڪولن ۾ تباه
ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪل آدمشماري 3279377 آهي جن
مان 2406023 مسلمان آهن.“
پهرين دور جي رپورٽنگ جو نمونو، لاڙڪاڻي جي اخبار ”خيرخواه“ (10
سيپٽمبر 1904ع) مهيا ڪري ٿي جيڪا خبر انگريزي
“Sind News” ۽ سنڌي ”سنڌ سماچار“ جهڙي ٻئي هيڊنگ هيٺ هلايل آهي. ملاحظه
ڪريو:
”اسان جو رپورٽر گشت مان لکي ٿو ته بنگلديري ۽ سندس آسپاس وارا
اٺ ڏهه ڳوٺ هر سال پڪاريندا ٿا رهن ته بنگلديري
کان نئين ديري اسٽيشن تي سڌي سڙڪ ڪوٽ ڳڙهي خدابخش
جي ڀٽي جي رستي کان نئين ٺهي ڇوته هينئر قنڌار بند
واري سڙڪ کان وڌيڪ مفاصلو ڪرڻو ٿو پوي ۽ انهيءَ
سڙڪ جي واهن تي پڪيون پليون به پيل نه آهن جنهن
ڪري سانوڻ جي موسم ۾ رهگذرن کي ڏاڍي تڪليف ڏسڻي
پوي ٿي. پر انهن ڳوٺن جي دانهن ٻڌي ڪير ۽ هو اهڙا
نااميد ٿي ائين پيا چون ته اسان لوڪبورڊ مان فائدو
اڄ تائين ڪونه ورتو آهي ۽ نه ملڻ جي اميد اٿئون
ڇوته لوڪلبورڊ جا پئسا جيڪي سڙڪن تي لڳن ٿا سي
پبلڪ جي سک لاءِ نه پر يورپي حاڪمن جي گشت وارن
ڏينهن ۾ کين سکي گذر ۽ خوش ڪرڻ لاءِ. ڇا اهڙا خيال
ماڻهن جي دلين تي ڄمن تنهن مان ڪهڙو جس ۽ ناماچار-
رپورٽر لکي ٿو ته انهيءَ نئين سڙڪ جي نڪرڻ لاءِ
گذريل سال ۾ لکپڙهه هلي هئي جنهن تي مسٽر روچيرام
اڳوڻي مختيارڪار ضرورت ڏيکاري هئي پر شايد خرچ جي
ماڻهن سان يڪراءِ ٿي ٿوري خرچ واري هيءَ رت ڏيکاري
ٿو ته هلندڙ سال ۾ فقط سڙڪ قائم ٿئي ۽ پهو نڪري
ناليون لڳن. انهيءَ تي خرچ تمام ٿورو ايندو. ٻئي
سال ۽ تنهن کانپوءِ درجي بدرجي ضروري سڌارا ڪيا
وڃن. جيڪڏهن اسان جا هاڻوڪا يورپي آفيسر جناب ريو
ڪليڪٽر، مسٽر ڪريرار اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب بهادر جي
انصاف ۽ رعيت جي سک چاهڻ جا ڪوڏيا آهن سي جي
انهيءَ رٿ کي انصاف ۽ قباس جي نظر سان هنڊائيندا
ته لاشڪ جو هن ئي سال انهيءَ دانهن جي نورت ٿئي.“
ٻئي دور جي اخباري رپورٽنگ جو نمونو به ڏسڻ گهرجي جيڪو اسان کي
روزانه ”هندوجاتي“ 11 اپريل 1929ع واري اشاعت ۾
نظر آيو، هن اخبار جي هڪ ايجاد اها به هئي جو لفظ
”روزانه“ جي جاءِ تي لفظ ”ڏينهڪ“ استعمال ڪندي هئي
جو ٻهراڙيءَ جو ٺيٺ اصطلاح آهي. ازانسواءِ مٿان
لکيل هوندو هوس ”سنڌ ۾ سڀني اخبارن کان وڌيڪ
کپندڙ“ جيڪو نعرو يا دعويٰ اڄڪلهه سنڌي اخبارن ۾
”عبرت“ ۽ اردو اخبارن ۾ ”جنگ“ ڪندي آهي.
”هندوجاتي“ جي مذڪوره خبر پروفيسر هاسانند (جادو
جو استاد) جي هڪ ليک جي شڪل ۾ آهي جيڪو هن سيوهڻ
جي سير ڪرڻ کانپوءِ اخبار لاءِ لکي موڪليو هو. ان
زماني ۾ ليک ۽ خبر هم معنيٰ لفظ تصور ڪيا ويندا
هئا. ملاحظه ڪريو:
”ڪجهه وقت کان وٺي مان ننڍن شهرن جو گشت ڪندو رهيو آهيان ۽
يٿاڪشتي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي شيوا پئي ڪئي
اٿم. هن وقت منهنجو وڃڻ لڪي ٿيو جتي شوراتري جو
ميلو لڳندو آهي. اتان ٿيندو ٽلٽي، بوبڪ ۽ آراضي
مان پرچار ڪندو وڃي پهتس سيوهڻ شهر ۾، جيئن اندر
پير رکيم تئين جاڏي نهار گاڏي پٺاڻ. مان عجب ۾ پيس
ته هيءَ سنڌ آهي يا افغانستان جو ٽڪر........“
سوا لک پير
سيوهڻ ۾ جمله سوا لک پير آهن ۽ ڪيترن هندن جي گهرن اندر قبرون
ٺهيل اکين سان ڏٺم. سڄو سيوهڻ جو شهر ٽڪر ٽڪر تي
ٺهيل آهي. هڪ هڪ گهٽيءَ ۾ نئين ڳالهه نئون ڪرامت
جو ناز ڏسندو ٻڌندو رهيس، ڪاٿي ڪاٿي ڪنڊو ڪٿي ڄار.
ڪاتي قبر ڪاٿي خار، ڪاٿي گڏ ڪاٿي اڏ، مطلب ته
جيتري ڪجي جاچ اوترا احوال ملن ٿا بدا
عمدا.......“
”..... انهن ڪوڙن ۽ زهريلي ڪرامتن جي اثر ڪري ڪهڙي سيوهڻ شهر جي
جا دردشا ٿي آهي سا هيٺ پڙهو. نام ڪي هندو ڪام ڪي
مسلمان
تابوت 9 تاريخ کڻي يا حسين ڪن هندو، تل يا شادمانو، پاڻي ان جي
ڏئي گئو ڪوس ڪرائين هندو، ميندي مٿي تي کڻي پڙ
وجهي سيد جا هٿ چمن هندو.“
ساڳي اخبار جي ساڳي اشاعت جي آخري صفحي تي دلچسپ ڪارٽون جي
شڪلين ۾، سيوهڻ ۾ ”قلندر جو نظارو“ طنز طور ڏنل
آهي. آخر ۾ هيٺيان لکيل آهي: ”هندوئو- ڪجهه سوچو-
ڇو ڀرمن ۾ ڀلجي دنيا پاڻ تي کلائي رهيا آهيو.“
اسان جي هن نمائنده تجزئي مان ظاهر ٿيندو ته سنڌي اخبارن ۾
”خبرن جي کوج“ وارو جذبو نمايان نظر اچي ٿو ۽
”عوام جي آزار“ وارن مسئلن ۽ مطالبن کي خاص اهميت
حاصل هئي. ازانسواءِ مسئلن جي ڀرمار هئي ۽ مقامي
عملدارن جي غفلت ۽ بي پرواهي به اوج تي هئي. ساڳئي
وقت اخبارن جي رپورٽرن يا خاطن کي ان ڳالهه جو
گهڻو اونو ۽ فڪر لاحق هو ته ڪنهن طرح سان ماڻهن جا
واجبي ۽ سنگين مسئلا حل ٿين ته جيئن عوام سکي ٿئي.
اهو سندن ڳڻتيءَ ۽ خواهشن جو نتيجو آهي جو مختلف
هندن جا احوال موڪليندي هي پورٽر ۽ خاطو ادارتي
انداز جي راءِ زني ۽ مشوري جي زحمت به ڪندا هلندا
هئا. بهرحال اهي اهڃاڻ مجموعي طرح فعال ۽ ترقي
ڪندڙ پريس جا هئا ۽ ان ڪوشش جا ڪرشما هئا ته ڪنهن
طرح اخبارون عوام جي خواهشن جون صحيح ترجماني ڪن.
(ث): دلچسپ خبرون ۽ اشتهار
هر زبان جون اخبارون، پڙهندڙن جي معلومات ۽ تفريح طبع لاءِ،
خبرن کي دلچسپ بڻائڻ جي نيت سان انهن ۾ مرچ مصالح
وجهي اهڙي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڇپڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن جو
ڏسندڙ اخبار خريدڻ تي مجبور ٿيو پوي ۽ اهڙي طرح
اخبار جي اشاعت روز بروز وڌندي رهي. اهو اخبار جي
رپورٽر ۽ نيوز روم ۾ ويٺل سب ايڊيٽر تي منحصر آهي
ته هو ڪهڙي طرح ٿو ڪنهن خاص خبر کي ٿو پرڪشش لباس
پهرائي ۽ عام ماڻهن کي پڙهڻ تي مجبور ڪري ڏوهن ۽
غيرمعمولي واقعات ۽ واردارتن جي خبرن ۾ ته
“Sensationalism”
(سنسني خيز) جو عنصر هوندو آهي تنهن ڪري انهن ۾
ڪشش قدرتي آهي پر خبرن ٺاهڻ جا ماهر اهو به ڄاڻن
ٿا ته عام رواجي ڳالهين ۾ به ڪهڙي ريت جاذبيت پيدا
ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن رپورٽر ادبي ذوق به رکندڙ
آهي ته هو پنهنجي خبرن بلڪ انهن جي هيڊنگ ۾ به
ادبي نوعيت جو سامان مهيا ڪندو ۽ عام پڙهندڙن سان
گڏوگڏ اديبن جي اوماٽ به اوجهائيندو ويندو.
اهڙي طرح مختلف قسمن جي قارئين لاءِ مختلف دلچسپي پيدا ڪرڻ جو
ڍنگ به اڄ ڪلهه رپورٽر لاءِ ضروري ٿيو پوي. ان ڪري
رپورٽر لاءِ لازمي آهي ته هو وسيع ۽ ڪل پاسائين
معلومات جو مالڪ هجي، الفاظ جو ذخيرو هجيس، لفظن ۽
اصطلاحن جو مناسب مهل موقعي تي صحيح انتخاب ڪرڻ جي
قوت هجيس ۽ سڀ کان وڌيڪ واقعي ۽ واردات کي فوري
سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ پيش منظر جا پرون پندا
هجنس. اهڙين خوبين ۽ خاصيتن وارو رپورٽر پنهنجو
فرض نهايت خوش اسلوبي سان ادا ڪري سگهندو ۽ ماڻهن
۾ مقبول عام ٿي ويندو. ان سلسلي ۾، خبرن جا سرا
يا هيڊنگون مناسب ۽ ڇڪيندڙ هئڻ ضروري آهن جنهن جي
لفظن جو انتخاب به ماهرانه نظر جو متقاضي آهي.
(1)
ساڳئي حالت اشتهارن جي لفظن جي انتخاب ۽ صحت جي
آهي. اشتهارن ۾ ته مشڪل پهلو هيءُ آهي ته ان کي
جاذب نظر ۽ نهايت دلچسپ پر مختصر ترين رکڻو آهي ته
جيئن اڄڪلهه جي مصروف دنيا ۾، بنان وقت وڃائڻ جي
مصروف ترين ماڻهو به مشتهر ٿيل پيغام کي ڏسي ۽
سمجهي وٺي ۽ متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهي. سچ
پچ ته اشتهار بازي به هڪ فن آهي ۽ موجوده دور ۾ ته
هيءَ شعبو بلڪل الڳ ۽ منفرد مقام والاري ٿو. ان جا
رٿيندڙ ۽ هلائيندڙ، ڇپيندڙ ۽ ڇٽيندڙ، لفظن ۽
اصطلاحن جون گويا ڀريون ٻڌيون پيا هلن ۽ جيئن ئي
ڪا شئي مشتهر ڪرڻ لاءِ ملين، ان جي اصليت ۽ قابليت
کي اک ۾ رکندي، لفطن جي جادوگريءَ ۾ اهڙو ته مختصر
۽ موثر مانڊاڻ ٿا منڊين ۽ ڄاڻ جو ڄارو وڇائين جو
پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ سوين مدي سوگهو رکيو آهي.
دلچسپ جزن ۽ اشتهارن جو به هڪ داستان آهي جو سنڌي پريس ۾ ٽڙيو
پکڙيو پيو آهي. مختلف دورن ۽ مرحلن جي اخبارن ۽
رسالن مان چند چونڊ قسم جون خبرون ۽ اشتهار هيٺ ان
لاءِ ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙن کي پنهنجي بزرگ اخبار
نويسن ۽ وڏڙن جي ويچارن ۽ رپورٽرن جي ذهني لاڙن ۽
قابليت جي باري ۾ آگاهي ٿئي. هيءُ بذات خود هڪ
دلچسپ باب آهي جنهن جون انيڪ آکاڻيون اسان جي
اخبارن ۾ موجود آهن. پر هتي خرار مان مٺ جي مثال
وانگر، چند نمونن تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي. مقصد فقط
”لئو پائڻ“ آهي ڇو ته تفصيل سان اهڙيون خبرون ۽
اشتهار گڏ ڪرڻ ۽ پيش ڪرڻ هن رٿا جي محور کان ٻاهر
آهي.
”ڌن جي ڌن“
اهڙي پراڻي ۾ پراڻي خبر ”سرسوتي“ مخزن (نومبر 1894ع) واري اشاعت
مان هٿ آئي آهي. توهان به پڙهو:
”جهوني ٽپال وٽ هڪ سکر ماڻهو رات جو ٽجوڙي کولي روپيا ٿي پوڄيا.
سمهڻ مهل صفي جا در ۽ ٽجوڙيءَ جو طاق پٽي ڇڏيائين
ته لڇمي ديوي کي گهر اندر اچڻ ۽ ٽجوڙي کي ڌن سان
ڀرڻ ۾ سهوليت ٿئي. پر صبح جو اٿي ڏسي ته ٽجوڙي
خالي ٿي رکي آهي ۽ منجهانئس زيور هزارن جا گم ٿي
ويا. شايد لڇمي ماتا جي دل مڻين کي ڏسي سرڪي وئي
هوندي سو مڻيا پائي گهر گهر ڇمڪندي هوندي.“
لوڀي ۽ ٺوڳي
اخبار ”الحق“ (11 فيبروري 1905ع) وارو پرچو به ملاحظه ڪريو:
”هتي جي پوسٽ آفيس مان هڪ رجسٽر ليٽر گم ٿي ويو آهي جنهن ۾ 200
روپين جا نوٽ پيل هوا. موڪليندڙ 4-8 آني جي ڪفايت
ڪئي جو ويمو ڪين ڪرايائين پر يا اهڙا مليس جو هڙئي
هلاڪ پيسا پاڻيءَ ۾. جتي لوڀي هجن تتي ٺوڳي بک نه
مرن. اوت ٽپالي سسپينڊ ٿيو آهي. نوٽن الائي ڪهڙا
در ڏٺا.“
خلافت تحريڪ سنڌ جي مسلمانن ۾ اهڙا اخلاق، وفا ۽ قربانيءَ جا
پيمانا ۽ معيار پيدا ڪيا جو انهن جو مثال ٻئي هنڌ
ڳولڻ اجائي ڪوشش ٿيندي. جوان، پوڙها ۽ ٻار به ان
تحريڪ کان متاثر ٿيا ۽ پنهنجي وت کان ٻاهر قربانين
لاءِ تيار ٿيا هئا. هن صوبي ۾ به سچ پچ اهو انوکو
تجربو هو ۽ روح پرور نظارو هو.
25 جولاءِ 1922ع جي الوحيد ۾ 14 سالن جي ڇوڪري خير محمد
”خلافتي“ جي اها دلچسپ خبر ڇپيل آهي جنهن مطابق ان
ناتجربيڪار ۽ مذهبي جوش ۽ ايمان سان سينگاريل ڇوڪر
گرفتار ٿي حيدرآباد جي انگريز ڪليڪٽر اڳيان معافي
نامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري، قيد و بند جي
آجيان ڪئي هئي. ساڳيو ڇوڪر بعد ۾ خير محمد
نظاماڻيءَ جي نالي سان، معروف ٿيو ۽ سنڌي صحافت جي
ميدان ۾ قلم جو بادشاهه بڻيو.
”ڪتي جو جنازو“
”مسلمان“، 23 فيبروري 1925ع واري اشاعت ۾ ڇپيل هڪ خبر ملاحظه
ڪريو:
”ڪتي ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نکلي
(1)
اسسٽنٽ سپريڊنٽ پوليس لاڙڪاڻه جي ڪتي جي تيمارداري
جو بار پيو عبدالرئوف قاضي صوبيدار تي. آخر ڪتي جو
قضيه نامرضيه ٿي پيو. صاحب کي ڍڪئي وئي تار ته ڪتي
شد فوت. آيو حڪم ته ڪريو دفن. صوبيدار ويچاري سرون
گهرائي ان جي قبر خوب ٻڌائي. خبر نه آهي ته ان تي
جنازي جي نماز همايوني ملائن پڙهي يا بختاور پور
جي ڪنهن بزاخفش. نيٺ آيو صاحب، ڪيائين وڃي قبر جو
درشن. حڪم ٿيو ته هتي آهي اس ڪڍو لاش. پوءِ ته
پوليس وارن کوٽي قبر. بچه صاحبه (بچه انگريزي ۾
ڪتي کي چوندا آهن) کي شان شوڪت سان آندائون ڪڪول
جي ڪپ تي. اتي ٿي مدفون. اميد ته سندس چهلم به جلد
ڪيو ويندو. ڀت الاجي همايوني ملان کائيندا يا
پوليس وارا.“
”پئسا ڳهي ويو“
روزانه ”الوحيد“ رمضان نمبر (4 فيبروري 1930ع) واري اشاعت ۾ هي
مزيدار خبر ڇپيل آهي جنهن جي هيڊنگ هئي: ”هڪ پٺاڻ
48 روپيا ڳهي ويو.“
”سر هئملٽن گرانٽ (اڳوڻو ڪمشنر صوبه سرحد) لنڊن ۾ تقرير ڪندي
چيائين ته بچه سقه جي زماني ۾، هڪ ڪابلي پٺاڻ سندس
ظلمن کان تنگ ٿي هندستان اچي رهيو هو. جڏهن چورن ۽
ڌاڙيلن کان سر بچائي ڊڪي پهتو تڏهن وٽس 45 روپيا
هئا. ڊڪي جي سقوي گورنر چيس ته روپيا ڏئي ته پوءِ
اڳتي ڇڏيانءِ، پر پٺاڻ صفا انڪار ڪيو جنهن ڪري هن
کي ڪوٺي ۾ بند ڪيو ويو مگر هو پنهنجي ضد تي بيٺو
رهيو ۽ 48 روپيا ڳهي ويو. جڏهن هن جي تلاشي ورتي
وئي ته هڪ ڪوڏي به وٽس موجود ڪانه هئي. آخر هن کي
ڇڏيو ويو جو لنڊي خانه (انگريزي سرحد) ۾ پهتو. آخر
سرڪاري طرح هن کي پشاور جي اسپتال ۾ پهچايو ويو ۽
اتي سندس آپريشن ڪري 48 روپيا سندس پيٽ مان ڪڍيا
ويا. جڏهن هو هوش ۾ اچي اٿيو ۽ سڀ کان پهريان
روپيا گهريائين. جڏهن هن کي 48 روپيا ڏنا ويا تڏهن
ڊاڪٽر کي گهوري ڪاوڙ مان ڏسي چوڻ لڳو ته ”خو
افرنگي! تم چوري ڪيا، همارا پچاس روپيا تها اور تم
هم ڪو دو ڪم پچاس ديتا هي.“
”وٽن کوٽا واڻيا“
روزانه ”الوحيد“ 28 جنوري 1931ع تي هيءَ خبر ڇپي جنهن جو سرو هو
”وٽن کوٽا واڻيا.“
”هڪ معتبر خاطو لکي ٿو ته ڳوٺ مٺياڻي تعلقه نوشهري فيروز ۾
ڪيترن هندو دڪاندارن جو نسورو ناحق لڳو پيو آهي.
هنن وٽ ٻن قسمن جا وٽ آهن. سچن سان هندن کي ڏين ۽
کوٽن سان مسلمانن کي. جيڪڏهن تعلقي جو مختيارڪار
صاحب اوچتو ڪنهن وقت اچي هنن جي عالم هالو چالو
وٽن جي ڀيٽا وٺندو ته سارو راز سندن کلي پوندو.“
”هوا ۾ هلڻ جو واقعو“
”حالات سنڌ“ واري ڪالم ۾، روزانه ”الوحيد“ (4 نومبر 1926ع) تي
هوابازيءَ متعلق هيءَ عجيب خبر شايع ڪئي هئي:
”فرانس جا ٻه ماهر هوائي باز پئرس کان ڇنڇر 30 آڪٽوبر تي نڪتا ۽
واٽ تي ڪنهن به هنڌ رهڻ کانسواءِ پهريون نومبر تي
شام ڌاري ڪراچي اچي پهتا. اڄ تائين ايتري مدت ۾
ڪوبه هوائي جهاز ڪٿ بيهڻ کانسواءِ سڌو ڪراچي نه
آيو آهي. هنن جيئن چيو ٿي تيئن ڪري ڏيکاريو.
وري اڱاري ٻي نومبر تي صبح جو 7 بجي ڌاري هو ڪراچي کان ڪلڪتي
روانا ٿي ويا ۽ ارادو هئن ته اڱاري ڏينهن رات
تائين ڪلڪتي سڌو پهچي ويندا. ڪراچي کان ڪلڪتي
تائين به ايڏي ٿوري مدت ۾ هن وقت تائين ڪوئي جهاز
ڪونه آيو ويو.“
”عجيب اتفاق“
”هاڻي جيڪا خبر مان ڏيڻ چاهيان ٿو سا دلچسپ هئڻ کان وڌيڪ
افسوسناڪ آهي پر جا ڳالهه ان جي بيان ڪرڻ تي مجبور
ڪري ٿي سا آهي اهو عجيب اتفاق ته جنهن ڏينهن تي
مون، روزانه الوحيد 1 مئي 1937ع ۾ ڇپيل اها مذڪور
خبر پڙهي- يعني 16 اپريل 1978ع- ته ان تاريخ تي
ساڳئي خاندان متعلق ساڳئي نوعيت جي خبر عبرت ۾ ٻين
اخبارن ۾ نظر مان گذري. منهنجي حيرت جي حد نه رهي
هئي. پهريائين الوحيد 1- مئي 1938ع واري خبر پڙهو
جنهن جو سرو ”ڏوڪري تعلقه جي ڪن زميندارن ۾
اختلاف“ هو. خبر جو متن مندرجه ذيل آهي:
”ٻگهيه زميندار جي پاڻ ۾ ڀائر ۽ عزيز آهن تن جي وچ ۾ ڪشمش شروع
ٿي آهي. وڏي عملدارن هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته انهيءَ
خاندان ۾ صلح صلاحيت ڪندا رهن. افواهه ٻڌڻ ۾ اچي
ٿو ته ڏوڪري جي هاڻوڪي مختيارڪار جي ايام ڪاري ۾
پاڻ ٻگهيه زميندارن کي مقدمه بازي تي همٿايو وڃي
پيو. جنهن ڌر جو نقصان ٿيو آهي ۽ جنهن جا هاري ڇڏي
ويا آهن تنهن ڌر تي وارنٽ آهن. تنهن ڳالهه سموري
پبلڪ کي تعصب ۾ وڌو آهي. وسوارن جو ڌيان ڇڪائجي ٿو
ته مختياڪار تي ذهن نشين ڪن ته ٻگهين کي پاڻ ۾
ٺاهي ڇڏي ۽ ستايلن کي وڌيڪ نه ستايو وڃي نه ته
اجائي ڇڪتاڻ وڌندي.“
هاڻي روزانه ”عبرت“ حيدرآباد، اپريل 1978ع ۾ خبر ملاحظه ڪريو ۽
پاڻ حيرت ۾ پئو:
”راڻيپور، 15 (نمائنده عبرت).
سڳيون کان 3 ميل پري ڪچي ۾ زمين جي تڪرار تان 2 ماڻهو مري ويا.
چيو وڃي ٿو ته واحد بخش ۽ محمد موسيٰ ٻگهين جو زمين جي معاملي
تان تڪرار هلندڙ هو. واقعي واري ڏينهن، ٻنهين ڌرين
جا ماڻهو تيار ٿي آيا ۽ عباس ٻرڙي جي فائر ڪرڻ تي
عظيم ٻگهيو بروقت مري ويو ۽ عباس ٻرڙي کي به فائر
ڪري زخمي ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ مري ويو.
محمد موسيٰ ٻگهيه ڏوڪري ٿاڻي تي ۽ واحد بخش ٻگهيه صوڀوديرو ٿاڻي
تي فرياد داخل ڪيو آهي.“
انهن ٻنهي واقعن مان، افسوس جو پهلو هيءُ نڪري ٿو ته پهرئين
واقعي جي رونما ٿيڻ کي 41 سال گذري ويا پر تقريباً
ساڳئي ٻگهيه خاندان جي جهڳڙي جي نوعيت جي تسلسل ۾
ڪو فرق نه آيو ۽ تازي واردات ۾ ٻه قيمتي جانيون بي
سبب ضايع ٿي ويون.(1)
جهيڙي جي ڳالهه نڪتي آهي ته روزانه ”مهراڻ“ 13 مئي 1978ع جي
هيءَ خبر به پڙهندا هلو جنهن جو عنوان ئي آهي ”لٺ
تان جهيڙو“ حالانڪه جهيڙي لاءِ لٺ گهربي آهي:
”لٺ تي لٺ لٺيئڙو“
”سانگهڙ، 12: (جانوري وٽان)
ڪالهه شام جو هتي جتوئين ۽ بڙدين ۾ لٺ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾
ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب، ڇهه ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا
جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. واقعي مطابق
سانگهڙ جي مال پڙي تي ٻنهي ڌرين درميان لٺ تان تون
ڇا تون ڇا ٿي ۽ بعد ۾ بڙدي کپري واهه جي موريءَ تي
جتوئين جو اڳ جهلي بيهي رهيا. جڏهن جتوئي اتان اچي
لنگهيا ته ٻنهين ڌرين ۾ ڪهاڙين ۽ لٺين جي ڏي وٺ ٿي
جنهن جي نتيجي ۾ محمد يوسف، عبدالحڪيم ۽ ابراهيم
سڀ جتوئي ۽ اسماعيل ۽ سهراب ۽ ابراهيم بڙدي زخمي
ٿي پيا جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، اڃا ڪابه
گرفتار نه ٿي آهي.“
هيءُ ننڍڙي کل جهڙي خبر اسان جي سماجي سوچ جي سڃائي ۽ پنگتي
پيڙا جو ڪيڏو نه وڏو درد ڀريو داستان آهي! وري
سنڌي پريس جي ”چوڪيداري“ به ڏسو ته ڪيئن نه اهڙن
ننڍن وڏن واقعن کي سنڀاليندي سانڍيندي، اسان جي
اڳيان آڻي رکيائين.
هاڻي چند اهڙا نمايان ۽ دلچسپ اشتهارن جا مثال ڏينداسين جيڪي
اسان جي سنڌي اخبارن اسان لاءِ محفوظ ڪيا ۽ جن ۾
ماهرانه خوبين جي عڪاسي به ٿئي ٿي ۽ مختلف دورن جي
ذوق ۽ لاڙن جي صحيح طرح ترجماني پڻ. اخبار ”الحق“
15 آڪٽوبر 1912ع ۾ هيءُ اشتهار شايع ٿيو جنهن جو
سرو هو ”هڪ نظر هيڏي به“ متن ملاحظه ڪريو:
”اسان هن هفتي سنڌ جي مشهور معروف حاذق حڪيم جناب مولوي حاجي
ميان محمد صديق صاحب جو اشتهار تقسيم ٿا ڪريون.“
حيرت آهي ته هن اڻ سڌي طرح ترغيب ڏياريندڙ اشتهار جو تخيل ۽ سٽا
ڪهڙي نه سهڻي انداز ۾ ٺاهي ۽ ادا ڪئي وئي! اشارتي
زبان ۾ ڪم جي ڳالهه ڪيڏي نه اختصار ۽ چالاڪيءَ سان
چئي وئي!
|