سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 10

صفحو : 17

روزانه ”الوحيد“ (25 اپريل 1954ع) ۾ تبصرات واري ڪالم ۾، سنڌي ادبي بورڊ پاران ”ڪليات حمل“ شايع ڪرڻ تي، هندو اديب موتيرام- ايس- رامواڻي جو ٽن ڪالمن تي مشتمل ڊگهو تبصرو ڇپيو جيڪو مدلل هئڻ سان گڏوگڏ تبصره نگار جي دبي اونهائي جو پڻ اهڃاڻ مهيا ڪري ٿو. تبصره جي ابتدا، رامواڻي صاحب هن طرح ڪئي.

”سنڌ سرڪار جي مقرر ڪيل، ”سنڌي ادبي بورڊ“ لاشڪ کيرون لهڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾، اڻ لڀ ۽ شاندار ڪتاب ڇپائي سنڌي ساهت ۽ علم ادب ۾ واڌارو آڻي رهيا آهن. هن وقت جي مهانگائي جي زماني کي ڏسجي ۽ ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل ڪتابن جي قيمت کي خيال ۾ رکجي ته ائين چوڻ کان رهي نه سگهبو ته هي قومي ڪم اپراسي جي خيال کان ڪونه ٿو ڪيو وڃي.

 

ان کانپوءِ ڪتاب جي خوبين ۽ ان جي مؤلف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي محنت جي تعريف آهي. لکي ٿو:

 

”ڪليات حمل“ جو سهيڙيندڙ، سموهيندڙ ۽ سمجهائيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي علم ادب لاءِ جا لڳاتار محنت، جاکوڙ ۽ جفاڪشي وٺي رهيو آهي، سا علم دوستن کان ڳجهي نه آهي سندس هڏمار ڪوششون ۽ لڳاتار خدمتون آئينده نسل لاءِ شاندار مثال ثابت ٿينديون.“

 

حمل فقير جي ذهين ۽ سليم طبع جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب جي معلومات جي بنياد تي، رامواڻي صاحب وڌيڪ لکيو ته:

 

”ٻئي طرف شاعري جي ڏات خود حمل جي گهر ۾ موجود هئي. سندس والد رحيم خان هڪ نڪته سنبح ۽ خوش طبع شخص هو ۽ گاهي بگاهي پنهنجن انوکن خيالن کي سنڌي شعر ۾ نهايت دلچسپ نموني ۾، ادا ڪندو هو. ننڍڙي حمل کي پهريان غالباً پنهنجي والد جي دلچسپ بيتن ئي  شاعري ڏانهن مائل ڪيو........ حمل فقير هڪ ذهين، سنجيده ۽ صلح پسند شخص هو. پنهنجي خوش طبعي، علمي لياقت ۽ شاعري جي ڏات سبب هر جڳهه مقبول هو. هو مجلس ۽ ڪچهري جو ڪوڏيو هو ۽ انهي ڪري سندس واقفيت جو دائرو به نهايت وسيع هو. سنڌ ۾ گهڻو گهميو هو ۽ اڪثر خاندان توڙي عوام سان سندس ڪافي ڏيٺ ويٺ هئي. پنهنجي انهي سير و سفر ۾ گهڻو ڪجهه پرايائين ۽ پروڙيائين...... بيشڪ حمل خان جو شعر سنڌي گهڻو ڪري سڄو سولي سنڌي سوکڙي آهي.“

 

”سنڌي زبان جو حق“ جي عنوان هيٺ، روزانه مهراڻ 14 فيبروري 1962ع تي، هڪ اداريه ذريعي سخت شڪايت ڪئي ته باوجود سنڌ جي مخالفت جي، تعليمي ڪميشن جي سفارش تي، هن صوبي ۾ عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ سنڌي ٻار پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين پنهجي مادري زبان جي ذريعي تعليم کان محروم رهجي ويا آهن. ان مان تعليم ۽ نوڪرين ۾ سنڌين کي وڏو نقصان پهچندو. اخبار چيو ته موجوده وقت سنڌ ۾ جا خاموشي آهي، ان مان اها معنيٰ نه وٺڻ گهرجي ته ڪا سنڌي ۾ مخالفت ختم ٿي وئي آهي. اخبار ان ماٺ جي وضاحت ڪندي لکيو ته ”ليڪن مجبوري هيءَ آهي جو هو پنهنجي راءِ کي مڃرائي نه ٿا سگهن. ان ڪري هو اهو ئي انتظار ڪري رهيا آهن ته ڀلي پارليامينٽري نظام حڪومت قائم ٿئي جنهن بعد هو پنهنجي تقاضا کي نئين سر پيش ڪرڻ جو عزم رکن ٿا........“

روزانه ”هلال پاڪستان“ 20 فيبروري 1973ع واري اشاعت واري ادبي صفحي تي ”ڳوٺاڻي ادب تي هڪ نظر“ جي عنوان تي، عبدالعزيز جوکئي جا ويچار شايع ڪيا. هن عنوان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اخبارن لوڪ ادب ۽ ٻهراڙين جي ٻوليءَ طرف به توجهه ڏيڻ شروع ڪيو هو جتي جي عوام صحيح ۽ سالم سنڌي زبان کي سيني ۾ سانڍيو ويٺا آهن ۽ جن جو شهرن سان گهٽ لهه وچڙ ۾ اچڻ خود زبان جو محافظ بڻيو بيٺو آهي. ان اهميت ۽ نقطئه نظر کان، هن اظهار کي وزن آهي.

 

”دور غلاميءَ ۾ هڪ اهڙو وقت به هو، جنهن ۾ سنڌي اديب ڳوٺاڻي ادب ۽ ٻهراڙيءَ جي عوام ٻولي لکڻ کان ڪيٻائيندا هئا ڇاڪاڻ ته جو ڳوٺاڻي لفظن ۾ ادب ۽ ثقافت تي ڪن شهري ڀائرن کي تنقيد ڪرڻ جي عادت هوندي هئي.

 

مگر ڪن جهانديد دورانديش اديب عالمن، اهڙن ماڻهن جي اعتراضن جي پرواه نه ڪري، انهن ٻنڌڻن کي ٽوڙي ڦٽو ڪيو، ۽ انهن اديبن ڳوٺاڻي زبان، لهجن، محاورن کي عوام آڏو پيش ڪيو. جن اهڙي جرئت ڪئي تن ۾ مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي پڻ هن ڏس ۾ قدم وڌايو. ان کي تقويت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٺائي ۽ ”ٻيلاين جا ٻول“ لکي نون اديبن جي همت افزائي ڪئي جيئن سيکڙاٽ اديب ڳوٺاڻي ادب ۽ ثقافت تي کوجنا ڪن. ان وقت جيڪي ماهوار رسالا نڪرندا هئا جن ڳوٺاڻي ادب جي خدمت ڪئي، تن ۾ ”نئين زندگي“ رسالو وڏي اهميت جو مالڪ آهي. علاوه ازين سنڌي اخبارن ۾ پڻ ڳوٺاڻي ادب تي مضامين شايع ٿيڻ لڳا.

 

انهن ڪوششن جو اهو نتيجو نڪتو جو اڳي جيڪي اديب ڳوٺاڻي زبان کي استعمال ڪرڻ کان ڪيٻائيندا هئا، تن جي اها ڪِري (پرهيز) ختم ٿي وئي، ۽ اديبن شاه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو سهارو وٺي جهنگلن جهرن، جهدن جبلن، واهڻن وٿاڻن، برن بحرن جي زبان کي شهري عوام سان روشناس ڪرڻ شروع ڪيو.

قيام پاڪستان جي ابتدائي زماني ۾ اها حالت هئي جو ڪي اديب ڳوٺاڻي ثقافت تي لکندي، تنقيد جو شڪار ٿيا. جهڙي طرح بيٺل ڪني پاڻيءَ کي وهندڙ پاڻي صاف ڪندو آهي، تهڙي طرح هن انوکي علم ادب جي سيلاب عوام الناس جي خيالن کي صاف ڪري منجهن نوان امنگ ۽ ولولا پيدا ڪيا ۽ اڄ کان اٽڪل ٽيهه سال اڳ جن جي صنفن تي ڪن ڀائرن کي تعجب لڳندو هو، سي خود ريڊئي ذريعي انهن صنفن کي ٻڌڻ لاءِ فرمائشون ڪندا رهن ٿا.

هاڻي چند اهڙا مثال ڏجن ٿا جن تي ويهه سال اڳ ڪن ڀائرن تعجب جو اظهار ڪيو.

(1)     1950ع جو ذڪر آهي جڏهن ماهنامو نئين زندگي، زندگيءَ جون ابتدائي منزلون طئي ڪري رهيو هو. ان وقت راقم الحروف جيڪو پهريون مضمون شايع ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، سو هو ”ڪوهستاني مورو.“ جنهن ۾ مون اها تجويز پيش ڪئي هئي ته موري کي سنڌ جي عوام سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ريڊئي تي ۽ راڳ جون محفلون منعقد ڪيون وڃن.

 

هر ڪنهن کي معلوم آهي ته اڄ موري کي ريڊئي جي وسيلي عوام سان متعارف ڪيو ويو آهي. حتيٰ ڪه اهو مورو هڪ جنس لطيف جي آواز سان به رڪارڊ ٿي چڪو آهي.

 

طالب باريءَ جي موري کان ڪيترائي شائقين لطف اندوز ٿي رهيا آهن. (ڏسو نئين زندگي ماه نومبر 1950ع)

(2)    جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي همٿائڻ سان هڪ دفعو ”شادين جي سهرن“ تي هڪ مضمون لکي ويٺس جنهن ۾ بطور نموني خبردار جند سهرن جا بند قلم بند ڪيم. بس سهرن جا بند شايع ٿيڻ ۽ اعتراضن جا ڌوڙيا ٿيڻ. آهستي آهستي اهڙن نقاد دوستن کان جان آزاد ٿي. ان بعد مون هڪ ٻيو مضمون ”لوليون“ لکيو جنهن ۾ ڪراچيءَ جي هڪ محترمه، جيڪا معلمه آهي، ان جو نالو شايع ڪرايم. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪابه تنقيد ڪانه ٿي. ان کانپوءِ ”ٻاراڻا ٻول“، باغ محمد سگهڙ جا مولود، مداحون ۽ هاريءَ جي هر تي مداح شايع ڪرايم. انهن مضمونن ۾ اهي رٿون ڏنيون ويون ته اهڙي ڳوٺاڻي علم، ادب ۽ ثقافت کي عوام سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ريڊيي کان ڪم ورتو وڃي ۽ جهنگ جي جهونجهارن وٽ وڃي وٽائن وکر ويهون گڏ ڪرڻ گهرجن، نه ته اهڙن وڏڙن جي وفات کانپوءِ ارمان جون تريون مهٽيڻون پونديون.

 

حاصل مطلب ته ويهه سال اڳي جن دقيانوسي خيالن جي ماڻهن کي جنهن ڳوٺاڻي رسم رواج تي اعتراض هو، سي اڄ سڀ صنفون شان شوڪت سان، ريڊيي ۽ ٽيليويزن رستي عوام تائين پهچايو ويون وڃن. دراصل اهو سڀ اسان جي سنڌي اديب جو سرمايو آهي. حيدرآباد اسٽيشن کان ”جمهور جو آواز“ ان ڳوٺاڻي ادب کي شهري عوام تائين پهچايو ويو. پر افسوس هن امر جو آهي ته ان ڳوٺاڻي ڪچهري کي جنهن چار چنڊ (فتح خان) لڳايا هئا، ان جو قدر ڪونه ڪيو ويو. ڪچهري چالو آهي پر ان ۾ اهو روح ۽ رونق ڪانهي. قارئين ڪرام کي روشن آهي ته اڄڪلهه ريڊئي ۽ ٽيليويزن جي هم صنف کي نشر ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي بيحد شوق سان ڏٺو پيو وڃي.

درحقيقت اهو سنڌي زبان جي زنده رهڻ ۽ بقا جو نيڪ فال آهي ڇوته بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻوليءَ جا حقيقي پاسبان ڳوٺن، جهنگلن جهرن ۾ قائم رهن ٿا. انشاءَالله تعاليٰ اهي محفلون، ميلا ۽ قربدار ڪچهريون هميشه قائم رهنديون.“

1980ع دوران، سنڌي آتم ڪهاڻين ۾ ڏاڍو سهڻو ۽ انوکو اضافو ٿيو. اهو اضافو جناب رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ”ڪيئي ڪتاب“ لکي آندو جيڪو ادبي حلقن ۾ گهڻو ساراهيو ويو. اديبن ۽ عالمن هن ڪتاب تي وڏا بحث ۽ تبصرا ڪيا. هلال پاڪستان ۽ عبرت ۾ اهڙا تبصرا گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيا ۽ پڙهندڙن ان جو لطف ورتو. سنڌي زبان جي هڪ ڄاڻو ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڪيئي ڪتاب“ تي هڪ عالمانه تبصرو لکيو جيڪو هلال پاڪستان، 20 سيپٽمبر 1950ع ۾ ڇپيو. ان تبصري جا چند اقتباس ڏيون ٿا:

 

”....... سنڌي علم ادب ۾ هونئن ته آپ بيتيون يا آتم ڪهاڻيون گهڻيون ڪونه لکيون ويون آهن، پر بهرحال جيڪي به آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن انهن ۾ هيءَ آتم ڪهاڻي انوکي حيثيت رکي ٿي، ڇوته هڪ ته هن جو نالو ئي دلچسپ آهي، ٻيو ته ان ۾ رئيس ڪريم بخش جنهن ڍنگ رنگ سان پنهنجو، پنهنجي عزيزن، مٽن مائٽن، دوستن احبابن جو بنان رک رکاءِ جي جيڪو صحيح ۽ سچو احوال ڏنو آهي، سا قابل داد آهي. هونئن ته آتم ڪهاڻين ۾ پنهنجن خوبين تي صفحن جا صفحا لکيا ويندا آهن، پر پنهنجن عيبن، خامين ۽ ڪوتاهين کي لڪايو ويندو آهي. پر صاف صاف لفظن ۾ لکي آهي ۽ پنهنجي عيبن کي به بيان ڪندو ويو آهي. انهيءَ ڪري هي ڪتاب ڪردار نگاري ۽ حقيقت نگاريءَ جو هڪ لاثاني مثال آهي. مثال طور هن پنهنجي ناناڻن جي باري ۾ ۽ ماماڻن جي خراب عادتن جي باري ۾ ڪا به پرده پوشي ڪانه ڪئي آهي. هن دوست هر ڳالهه لکڻ لاءِ سچ جو سهارو ورتو آهي ڇو ته هو فنڪار آهي، ڇوته فنڪار هجڻ جي حيثيت ۾ هو سچ جو حامي ۽ يار آهي؛ هو سچ گو آهي ۽ سچ چوڻ ۽ سچ ٻڌڻ هن جي عادت آهي. هو تصنع پسند ڪندڙ نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ هن ڪنهن جو رک رکاءُ نه ڪيو آهي. ان ۾ ئي سندس عظمت آهي.“

 

”....... هيءُ ڪتاب هڪ دور جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جي حيثيت رکي ٿو. سياسي تاريخ جي سلسلي ۾ ۽ علمي ۽ ادبي قسم جو مواد اسان کي ٻين حوالن مان به ملي ٿو پر هن ڪتاب جي خاص خصوصيت ان دور ۾ ثقافتي سرگرمين جو احوال آهي جيڪو هن کان اڳ ڪنهن به فنڪار جي قلم مان لکجي پڌرو نه ٿيو آهي. جيئن رئيس ڪريم بخش سان نه فقط سنڌ جي فنڪارن جي اٿي ويٺي هئي پر سڄي برصغير جا فنڪار وٽن ايندا هئا، انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ اهڙو تمام گهڻو مواد ملي ٿو. سنڌ ۾ ان وقت ڪهڙا ڪهڙا ڳائڻا وڄائڻا هئا، ڪهڙا ڪهڙا فنڪار هئا ۽ فن جا ڄاڻو ڪير ڪير هئا، راڳ ۽ راڳداري ۾ ڪير ڪير دلچسپي وٺندا هئا؛ فلم جون ڪهاڻيون ۽ مڪالما وغيره لکندڙ ڪير ڪير هئا، فلم انڊسٽريءَ ۾ ان وقت سنڌ مان ڪير ڪير دلچسپي وٺندا هئا، اهڙي طرح اديبن، شاعرن، فن ۽ فنڪارن جون ڳالهيون، ان کانسواءِ سياست ۽ سياستدانن جو احوال سياسي تحريڪون، جهڙوڪ: خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ جو احوال هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.........“

 

جيڪڏهن ادب جي آخري اوسر محبت جي منزل آهي ۽ ان ڏانهن رهنمائي ۽ راه گيري ڪرڻ انسانيت جي بنيادي تقاضا جي پوئواري آهي ته پوءِ سنڌي پريس اهڙن اعليٰ مقصدن جي حصول لاءِ به ڪوشان رهي ٿو ۽ پنهنجي فرض کان غافل ناهي. 1981ع وارو سال ”سنڌي ساهت سال“ ٿي ملهائجي رهيو آهي. روزانه ”عبرت“ 28 ۽ 29 مارچ 1981ع وارين اشاعتن ۾ هڪ اداريو ”پنهنجن سان پچار“ جي عنوان هيٺ ٻن قسطن ۾ تحرير ڪري اهڙن فرضن جي احساس جو ثبوت مهيا ڪيو. ان سلسلي ۾ ٿيندڙ ”حوصلا افزا“ ۽ ”جمود کي ٽوڙيندڙ“ ادبي محفلن، شامن ۽ ڪتابن جي مهورت جو ذڪر ڪندي، اخبار لکيو ته:

 

”.......بهرحال هڪ ڳالهه صحيح ۽ وقت جي بيحد ضرورت معلوم ٿئي ٿي ته سنڌي ٻولي، ادب، ساهت ۽ صحافت لاءِ ڪير به خلوص، نيڪ نيتي، سچائي، بي غرضائي ۽ دل جي لگن سان ڪجهه ڪري ته ان جي آجيان ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۽ ساهت جي گهڻگهرن، خير خواهن ۽ همدردن کي ڳراٽڙي پائڻ لاءِ ٻانهون هميشه کليل هجن گهرجن.“

 

”محبت جو مچ، ڏيا جي ڏياٽي ۽ عشق جو الو ٻارڻ ۽ انسانيت جي ۽ ان سان، پيار جو پنڌ، محبت جو ميدان ۽ سچائي جي شرڪ تيار ڪرڻ جا ڪيئن طريقا آهن جن تي خلوص ۽ نيڪ نيتي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، ڪو اهڙو لائحه عمل تيار ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ٻولي، ادب ۽ ساهت جي واڌاري جي منزل طرف وڌيڪ تيزي سان وک وڌائڻ ۾ مدد ڪري............“

2.      سنڌي صورتخطي، اعراب ۽ اچارن وارو مسئلو

 

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته 1924ع ڌاري، مهراج ريواچند جي تحريڪ ۽ ڪوشش سان، ڀيرومل ڪنياپتري پاٺشالا ڪراچي ۾، نئين سنڌي لپيءَ ٺاهڻ جي شوق ۾، ديوناگري ۾ ڪتاب ڇپائي ٻارن کي پاڙهيا ويا پر ان ۾ ناڪامي ٿي ۽ نتيجي ۾ اهو سرشتو ختم ڪيو ويو. پر معلوم ائين ٿو ٿئي ته ان ناڪاميءَ جي باوجود، هندن طرفان جدوجهد جاري رهي ته ڪهڙي طرح هو ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪن ۽ سنڌي زبان جي سنسڪرتي اصليت واپس آڻڻ جي عذر تي، ٻوليءَ ۾ مروج، عام فهم ۽ مدتن کان استعمال ٿيندڙ فارسي ۽ خصوصاً عربي الفاظ ڪڍي ٻاهر ڪجن.

 

ائين به نه آهي ته ان تنگ نظري واري سوچ جو شڪار مڙئي هندو عالم ۽ ڄاڻو ٿيا هئا. انهن مان ڪافي تعداد ۾ حقيقت پسند ۽ غيرمتعصب هئا جيڪي ان ڪوشش ۾ شريڪ نه هئا ۽ علم اللسان جي پوري واقفيت جي بنا تي، سنڌي زبان طرفان صدين مان لنگهڻ تي ڪيل ترقي ۽ روپ کي فطري عمل سمجهي، ان جي رنگ ڍنگ ۽ ڊول کي ذهني طرح قبول ڪري چڪا هئا. پر اها به حقيقت آهي ته ٻئي پاسي اهڙن هندن عالمن ۽ صحافين جي به کوٽ ڪانه هئي جيڪي پراڻن سنسڪرتي لفظن کي وري موٽائڻ ۽ عربي لفظن کي ڪڍڻ تي مصر هئا. دراصل، ان سوچ پٺيان، هندن جي انهن تحريڪن جو به عمل دخل هو جي شڌي ۽ سنگهٺني مقصدن لاءِ ملڪ ۾ هلي رهيون هيون.

ويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪيءَ دوران، سنڌ ۾، هندستان جي ٻين علائقن وانگر وڏي سياسي سجاڳي پيدا ٿيل نظر اچي ٿي. مسلمانن پاران، سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي جي تحريڪ زورن تي هئي ۽ هندو به ننهن چوٽيءَ جو زور ڏئي رهيا هئا ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني ان اسڪيم کي ناڪام ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي بمبئي سان هروڀرو سلهاڙيل رکيو وڃي. ظاهر آهي ته ان قسم جي مخالفانه فضا هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو ۽ ان جي لپيٽ ۾ سنڌ جا ٻيا سماجي ۽ عملي مسئلا به ملوث ٿيندا ٿي ويا. جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي، سياست جي ان وسيع وهه ۾، چڱا ڀلا ۽ وچٿري سوچ رکندڙ ماڻهو پنهنجا پير پختا نه پئي رکي سگهيا ۽ ان گهماگهمي ۾ گهلبا پئي ويا. هر ڳالهه ۾ سياست پئي داخل ٿي. ان ڪري هندن ۽ مسلمانن درميان، وڏيون وٿيون پيدا ٿي پيون هيون ۽ هر ميدان ۾ هڪ ٻئي کي شڪ جي نظرن سان ٿي ڏٺائون. ايتري قدر جو خالص علمي ۽ ادبي مسئلا، جي عام حالتن هيٺ، ننڍا ۽ بي ضرر معاملا تصور ڪيا ويندا آهن سي به هڪٻئي جي حرفتن ۽ باهمي بحثن جو نذر ٿيندا ويا ۽ دوريءَ ۽ دوئيءَ جو ڪارڻ بڻبا ويا.

 

ان زماني ۾، اهڙو هڪ بحث ان تان ڇڙيو جو ڪن هندن طرفان ڪوشش ٿي ته سنڌي زبان جي آيئويٽا سان ساڳئي اچار ۽ آواز وارا اکر ڪڍي ڇڏجن ته جيئن ان جي ڊيگهه مان جند ڇڏائي سگهجي ۽ ٻارن تي گهڻن اکرن جو بار، جو ان وقت هو، سو گهٽائي سگهجي. لڳي ائين ٿو ته ديوناگري اختيار ڪرڻ ۾ ٿيل ناڪاميءَ سبب، هاڻي وري اهو عذر گهڙيو ويو هو ته ا ع ء، ت ط، ث س ص، ح هه، ذ ز ض ط ۽ ق ڪ جهڙن ساڳين اچارن ۽ آوازن اکرن مان پنهنجي ڪم لاءِ فقط هڪ اکر رکيو وڃي ۽ اهڙي طرح هڪ نئين ۽ ننڍي لپي تيار ڪري سگهجي. اهو ڪونه پئي سوچيو ويو ته ائين ڪرڻ سان صدين کان لفظن ۽ نالن جي اختيار ڪيل صورت بگڙي پوندي. ان تحريڪ ۾ چڱا ڀلا هندو شامل ٿي ويا ۽ هندو صحافين ۽ سندن اخبارن ته وڌي چڙهي حصو ورتو. (1) ڪيسري اخبار جو ايڊيٽر ۽ اڳ ڪانگريسي اڳواڻ سوامي گووانند، 1933ع ڌاري، ته شروعات ڪئي ۽ پنهنجي اخبار جا ڪالم وقف ڪيا. پر ٿوري عرصي اندر کيس ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو. وري ساڳي سوچ ٻيءَ هندو اخبار ”سنسار سماچار“ جي مغز ۾ 1935ع ۾ اچي ويٺي ۽ ان اون ۾ ڪيترو ئي عرصو، نئين آئيويٽا جي روشنيءَ ۾ هيءُ اخبار نڪرڻ لڳي. نتيجو وري به ناڪاميءَ ۾ نڪتو پر هنن پنهنجي وسئون ڪين گهٽايو. ”سنڌي صورتخطيءَ جو سڌارو“ نالي ۾ هيءَ تحريڪ اٿي، ان تي عالمن ۽ اخبارن طرفان وڏا  بحث مباحثا ٿيا ۽ هڪ ٻئي تي مذهبي جنون الزام هنيا ويا وغيره. روزانه ”سنسار سماچار“ اخبار، ان وقت جي عالمن کي خط لکي، سنڌي لپيءَ جي سڌاري آڻڻ واري پروگرام کان واقف ڪيو ويو، نئين نموني ڇپيل اخبار جون ڪاپيون موڪليون ويون ۽ ان باري ۾ راءِ معلوم ڪرڻ گهري.

 

بحيثيت عربي جي وڏي عالم جي، مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ان تبديليءَ جو گهرو نوٽس ورتو ۽ جواب ۾ دلائل مان ان رٿا کي ننديائين (1) لکيائين:

”....... هي ٻه انومان ڪڍيم ته يا ته اوهان ڪو شوشو اٿاري پنهنجي پتري جو وڌيڪ پرچار ڪرڻ گهرو ٿا يا ته اوهان مسلمانن جي سڀيتا مٽائڻ پٺيان آهيو. پوئين ڳالهه ۾ ڪهڙو مسلمان ٻچو اوهان سان ها ۾ ها ملائيندو ۽ پٺڀرائي ڪندو ۽ پهرين ڳالهه ۾ اوهين وس وارا آهيو. اوهان کي چت ۽ چيتڻ گهرجي ته توڻي جو سنسڪرت زبان سنڌيءَ جي  تاڃي آهي، ته پيٽو عربي ۽ فارسي آهي. پيٽي کانسواءِ تاڃي تندو تارا ٿي ويندي. تنهنڪري عربي شبد سنڌي اڻ ڌار ٿيندڙ ڀاڱو آهي، انهن جو مهانڊو مٽائڻ انهن جي ڳاٽي مروٽڻ مان آهي. ان کانسواءِ سڌارو سڌاري جي ماڳ پر اٽلو بگاڙو ٿيندو. جيڪڏهن اوهان جي اڇا آهي ته عربي هڪ لپي مان ڪڍي سنڌي کي الوڻو ڪجي ته منهنجو چوڻ اٿو ته عربي ۽ فارسي شبدن جي جند پٽي ڦٽي ڪريو ۽ پنهنجو پتر شڌ سنڌيءَ ۾ لکو ته پت رهجي اچيو، يا ته مورڳوئي ديوناگريءَ ۾ ڇپيو، پر ائين نه ٿئي جو عربي مسلمانڪا شبد ڪم آڻي پاڻ تي ايندا ويندا کلايو ۽ پتري جو ڦڙدنو نه ڦري پوي. انهيءَ ڳالهه تي چوکو ڌيان ڏيندا. جيڪڏهن اوهان کي سچ پچ سنڌي ساهت جي شيوا ڪرڻي آهي ته پتري کي پدوي تي آڻڻ لاءِ ٻيا به گهڻائي رستا آهن.“ (1)

هن خط ۾، ڊاڪٽر مرحوم ڄاڻي واڻي نيٺ سنسڪرتي سنڌي لکي، هندن کي هڪ طرف اهو پئي ٻڌايو ته هو پاڻ به اها زبان ڄاڻي ٿو ۽ ٻئي طرف، کين عربي لفظن کي، صحيح معنيٰ ۾ ڇڏي، ٻوليءَ جي صفائي ڪرڻ جي راهه به ڏسي هئي جيتوڻيڪ کين اها صلاح به ڏني هئائين ته عربي لفظ استعمال ڪرڻ واري حالت ۾، انهن جي اصلوڪي روپ کي بحال رکڻ لاءِ هو ٻڌل هئا. ٺيٺ سنڌي سنسڪرتي ٻولي ڪم آڻڻ تي، وري ڪٽر مسلمان، ڊاڪٽر مرحوم تي ناراض ٿيا هئا.

 

روزانه ”الوحيد“ 20 جنوري 1935ع، ساڳئي اشاعت ۾، مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي پاران ڇپيل جواب جو حوالو ڏيندي، هڪ نوٽ ۾ لکيو ته:

 

”ڊاڪٽر دائودپوٽي جي سموري ليک ۾ اوهان ڏسندا ته هڪ اکر به نج سنڌي کانسواءِ ڪم آندل نه آهي. اهو سنسار وارن لاءِ چهبڪ آهي ته جيڪڏهن هنن کي سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي اکرن کان پوتر ڪرڻو آهي ته اها واٽ وٺن نه ته ٻي ريت سنڌي کي سڌارڻ بدران بگاڙيو وڃي ٿو ۽ سوڌڻ بدران لوڌيو وڃي ٿو. پر سنسار وارن ۾ اها اڇا رکڻ ئي آهي ٻٻر کان ٻير گهرڻ.“

 

مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي پاران ٺيٺ سنسڪرتي سنڌيءَ ۾ جواب ڏيڻ جو مفهوم نه سمجهي، هڪ ”سنڌيءَ جي گهڻگهري“ جوش ۾ اچي، هن تي تنقيد به ڪئي هئي ۽ اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته سنڌي ٻولي عربي جي اچڻ کانپوءِ، ترقي ڪري، سنسڪرت جي اصليت کي ڇڏي، موجوده ڪڙيءَ تي پهتي آهي. هن لکيو ته:

 

”......... هن مان صاف ثابت آهي ته موجوده سنڌي ٻولي مسلمانن جي آهي، هوءَ انهن جي جهوليءَ ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي آهي ۽ هوءَ اسلامي جگر جو گوشو آهي. جنهنکي مسلمانن جي خون سان آبپاشي ڪري هيڏو سارو درخت ڪيل آهي. اڄ انهي سنڌي کي ٽوڙي مروڙي، علامه موصوف هندن کي راضي ڪرڻ لاءِ عجيب غريب لفظ ڪم آڻي سا نهايت افسوس جهڙي ڳالهه آهي........ اڄ ڪالهه سنسڪرت مان غلط لفظ ڪڍي سنڌيءَ ۾ ڪم آڻڻ هڪ فيشن ٿي پيو آهي. ورنه سنڌي هالو چالو مسلمانن جي زماني کان ٿي آهي ۽ هاڻوڪو اوج مسلمانن جي صدقي کيس مليل آهي. سنڌ جي آدمشماري ۾ به مسلمانن جو تعداد وڌيڪ آهي. سنڌ جي زبان کي مسلمانن پنهنجي زبان ڪري سمجهن ٿا ۽ ان لاءِ کين حق به آهي. تيرهين سو ورهين کان مسلمانن انهي زبان جي سڌارڻ ۾ تحرڪ ورتو آهي. هن وقت هندن کي حق نه آهي ته هو اسان جي زبان کي کاري خراب ڪن ۽ مسلمانن کي ڪو حق نه آهي ته هندن سان ملي اڄ سنڌيءَ جي  بهاني سان زبان جي مٽي پليت ڪن. هاڻوڪي پارسي ۽ جديد پهلوي ۾ زمين آسمان جو تفاوت آهي. هاڻوڪي پارسي به عربي جو ٻچڙو آهي ۽ سنڌيءَ وانگر ان جي جهوليءَ ۾ پلي آهي. پوءِ بادشاهه ايران آغا رضا خان پهلوي کي ڪوبه خيال آهي ته هاڻوڪي پارسي کي بدلائي پراڻي پهلوي رواج ۾ آڻجي. افسوس سنڌي مسلمانن جي حال تي......“

 

خير اهو ته ٿيو مسئلو ڪن عربي اکرن کي ڇڏڻ جو ۽ سنسڪرتي سنڌيءَ کي وري مروج ڪرڻ جو جنهن ۾ اڳتي هلي هندو عالم ۽ اخبارن ناڪام ٿيا پر سندن اصل مطالبو رسم الخط جي جاءِ تي ديوناگري لپيءَ کي اختيار ڪرڻ وارو، معتدد بار مختلف مرحلن تي اٿاريو ويو. ايتري قدر جو سنڌي ڇڏي، جڏهن هندو هندستان پهتا، ته ان ضرورت جي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش جي ابتدا ڪيترن ئي فردن ۽ اخبارن ۽ رسالن ڪئي جن ۾ روزانه ”هندستان“ جو وڏو حصو هو. انهن اخبارن، رسالن ۽ ليکڪن ۽ ويندي هندو سياسي اڳواڻن اها حجت اٿاري ته عربي جي موجوده رسم الخط جي هوندي، اهو ڪم ڏکيو هو ته سنڌي زبان کي هندستان جي آئين ۾ ٻين زبانن واري حيثيت حاصل ڪري ڏين. تنهن ڪري هنن مشورو ڏنو ته سنڌي زبان جو اڳوڻو ۽ مروج صورتخطي جو نظام تبديل ڪري، ديوناگري لپيءَ کي اختيار ڪيو وڃي. ان تي وڏو بحث مباحثو ڇڙيو ۽ ٻنهي طرفن جي ڄاڻ کليءَ طرح حصو ورتو. هندن جي سنڌي هفتيوار اخبارن ۾ ”سنڌو ڌارا“ کي مڃيل مقام آهي. ان اخبار بنان جهجهڪ جي منطقي بنيادن تي، عربي رسم الخط جي حمايت ڪئي. ”سنڌو ڌارا“ 25 سيپٽمبر 1960ع واري اشاعت ۾ ڀڳوان آهوجا جو هڪ مضمون ”سنڌي ٻوليءَ تي ويچار“ جي عنوان هيٺ شايع ٿيو جيڪو پڙهڻ جهڙو آهي:

 

”ٻارنهن سالن جي عرصي ۾ اسان ڪجهه ڪين ڪيو آهي. هندستان جي جوڙجڪ ۾ به پنهنجي ٻولي قائم ڪرائي نه سگهيا آهيون. اهو اسان جي منهن تي نه ٿو پوي پر ارمان جي ڳالهه اها آهي ته ڪي ماڻهو پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ ائين پيا چون ته ديوناگري لپي ڪريو ته ٻولي تسليم ڪرائي ڏيون! ڇا انهن کي سنڌي ٻوليءَ کان عربيءَ جي بوءِ ٿي اچي؟ اهڙا خيال رکندڙ ماڻهو پنهنجي من جي هلڪڙائي ٿا ڏيکارين.“

”ڪن جو وري اهو رايو آهي ته رڳو سنڌي ڇڏي ڏجي. سنڌي ٻولي پاڙهڻ سان ٻارن تي بوجو ٿو پوي. اهو بلڪل غلط خيال آهي. اڄڪلهه هيڪاري اهو ويچار پيو وڌندو وڃي ته جيتريون ٻوليون سکي سگجهن اوترو چڱو.“

 

”ڪو پر متڙيو جيڪڏهن پنهنجي پڙ ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل ملڪيت يا سوغات سمنڊ ۾ ٻوڙي ۽ پوءِ وچ بازار ۾ اچي هام هڻي ته هاڻي مان نئين سر ٻي ملڪيت جوڙيندس يا نئين سوغات حاصل ڪنديس ته اسان ان کي ڪيترو نه ڳهيلو سمجهون؟ اسان اسان جا زر زيور ۽ زمينون ايترا ملهائتا نه آهن جيترو اسان جو سنڌي ساهت جو املهه خزانو. اهڙي امولڪ ميڙيل موتين کي ڪن چئن پرمتڙين جي چوڻ تي، جي وڃائي ويهون ته حيف آهي اسان کي. ڪيڏا نه مورک ڪوٺباسين؟“

”عربي سنڌيءَ کي ديوناگري لپي ۾ بدلائڻ ائين پئي لڳي ڄڻ ڪنهن شينهن کي گدڙ جي کل پارائي وڃي. هن قسم جي ٺٺولي صرف اسان سنڌين سان ئي ڪئي ويئي آهي. آخر انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ ڪنهن ٻي جاتيءَ کي اهڙي صلاح ڏيو ته ڪهڙي ٿو ست سري ٻڌائيو.“

 

”اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڪابه قوم گهڻو وقت جٽاءُ ڪونه ڪري سگهندي جنهنکي پنهنجو ساهت ڪونهي، جنهن ٻولي کي پنهنجي لپي نه آهي (يعني اڌاري لپي اٿس) اها ٻولي هڪ حسين بيکارڻ وانگر در در جون ٺوڪرون کائي ڪٿي به آدرستڪار حاصل ڪونه ڪندي. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به قوم جي سونهن ۽ شهرت، مان مريادا، سندس ساهت تي مدار رکن ٿيون. اها مٿين ڳالهه اسان جي سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو آهي.

 

”..........سنڌين لاءِ سنڌي ٻولي آخري سوغات آهي جا شال پيڙهي به پيڙهي قائم دائم رهندي اچي ۽ اها ابن جي امانت شال پيڙهي به پيڙهي هڪ ۽ قرب سان سانڍبي اچجي. هن ٻڏندڙ جهاز جي وقت اسان کي (۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي) انهيءَ آکيري جي اوٽ وٺي هلڻو آهي. پوءِ اهو ڪراچي هجي يا ڪنڊلا هجي.“

 

ساڳئي عنوان هيٺ، بابن ڇڳاڻي ”انقلابي“ لکيو (سنڌو ڌارا، 14 جنوري 1962ع) ۽ انهن ماڻهن کي هيٺ ڏنل نموني مخاطب ٿيو جيڪي عربي سنڌي کي ڌاريو ڪري تصور ڪن ٿا ۽ ڀڄن ٿا.

 

”توهان هتان جي ايرانين، مسلمانن جي هوٽلن ۾ چاه جا ڍڪ ڀريا آهن!...... انهن ئي هوٽلن جا آمليٽ سنبوسا کاڌا آهن!..... انهن سان وهنوار ڪيو آهي!......... پوءِ اوڏي مهل توهان کي مسلمانڪي بوءِ ڪانه ٿي اچي ڇا؟......... صرف لپيءَ مان ئي ٿي بوءِ اچي؟ ”مغل بادشاهن جا ٺهرايل محلات، عمارتون ۽ تاج محل، فتح پور سڪري ۽ ٻين شهرن جي انيڪ عمارتن تي ڀارتواسين کي ناز آهي، توڙي اهي وديش مان آيل ٺهرايون، پوءِ ڇو ٿا ديوناگريءَ جا دوستو، وڃو ديدار ڪرڻ آگري جو، تاج محل جو؟ ڏسو متان پاپ نه لڳيو! جيڪي سٺو هجي سو اپنائجي. سو سالن جي ڦير گهير ۽ سخت جفاڪشيءَ بعد ٺهيل سنڌي لپيءَ کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪهڙي سڃاڻپ سمايل آهي؟“

ان کانپوءِ به مسئلي تي ردڪد ڏيندا رهيا ۽ فائدي ۾ ۽ خلاف مواد اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو. هندستان جي ڪيترن صوبن ۾ شهرن ۾ عربي رسم الخط بدلائي ديوناگري لپي اختيار ڪئي وئي پر ائين ٿو معلوم ٿئي ته نتيجو نقصانڪار نڪتو.

       

ساڳئي هفتيوار ”سنڌو ڌارا“ (جيڪا پنهنجي نالي هيٺان ”سنڌين جو آواز بلند ڪندڙ هفتيوار“ جي دعوا به ڪندي آهي) 26 مئي 1963ع تي ”قوم زنده آهي، جي ٻولي زندهه آهي“ جي عنوان هيٺ زوردار اداريو لکيو جنهن ۾ ڪن صوبن ۾ ٿيل ناڪاميءَ جو حوالو ڏيندي، پنهنجي اڳواڻن ۽ ليکڪن کي اکيون کولڻ ۽ حقيقت پسند ٿيڻ جي اپيل ڪئي. ان اداريه مان هڪ اقتباس ڏيون ٿا ته جيئن اسان جي پڙهندڙن کي خبر پوي ته پنهنجي ضد تي برقرار رهڻ جي باوجود، هندو هندستان ۾ به عربي رسم الخط کي جاري رکڻ تي مجبور آهن. ”سنڌو ڌارا“ راءِ زني هن طرح ڪئي:

”...... اڄ 15 سال ٿيا آهن جو سنڌي (عربي) لپيءَ خلاف ڪن صاحبن ڪات ڪهاڙا کنيا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي جاري سنڌي ٻوليءَ کي سرن درياءَ ڪرايو اٿن. اڄ اتر پرديش ۾ سنڌي ٻولي غائب آهي، سڄي راجستان ۾ سنڌي ٻولي کي نيڪالي ملي وئي آهي. باقي راسٽر ۽ گجرات ۾ پڻ هنن صاحبن کي سک نه ٿو اچي. دراصل سنڌي لپيءَ خلاف لڙائي سنڌي ٻوليءَ خلاف لڙائي آهي. شروعات ۾ اهي ساڳيا اڳواڻ چوندا هئا ته ”سنڌي ٻولي ڇا جي؟ سنڌ ڇڏيسون ته سڀ ڪجهه ڇڏيوسين“ جڏهن ڏٺائون ته سنڌي پنهنجي ٻولي، ساهت ۽ سڀيتا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، تڏهن پڳ جو پيچ بدلائي چوڻ لڳا ته سنڌي ٻوليءَ جو لباس يعني لپي بدلايو ته پوءِ سنڌي ٻولي قائم ٿيندي. هيءَ اڻسڌو نموني آهي. سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جو، ڇوته 15 سالن جو آزمود اسان جي اکين اڳيان آهي. جتي جتي لپي بدلائي وئي آهي، اتي سنڌي ٻولي جو خاتمو ٿيو آهي، جيئن مٿي اترپرديش ۽ راجستان وغيره جو مثال ڏنو ويو آهي.

 

”سوال هي ته اگر هنن نيتائن کي ”ديش ڀڳت“ اخبارن کي سنڌي ٻولي جو اونو آهي ۽ هو خاموش ڇو آهن؟ اترپرديش ۽ راجستان وغيره ۾ سنڌي ٻولي کي پنهنجو حق درجو وٺي ڏيڻ لاءِ زوردار هلچل ڇو نه ٿا هلائين؟ سرڪار مٿان اثر يا دٻاءُ رکي سنڌيءَ جي جوڳي جڳهه ڇونه ٿا وٺي ڏين؟ ڪيترين بستين، شهرن ۽ سنڌيءَ ڪالونين ۾ سنڌي ٻارن جي تعليم جي پرٻنڌ لاءِ تين ڇو نه ٿا وٺن؟ نه انهن ڳالهين ڏانهن هنن صاحبن جو ڌيان ڪونه ويندو. سندن ڌيان اتي ويندو جتي سنڌي تعليم باقاعدي هلي رهي آهي ۽ جتي اسان جي ٻوليءَ جون پاڙون پختيون آهن.......“

 

ان کان علاوه، انهن ڏينهن ۾، ٻيو اهم مسئلو اعراب ۽ سنڌي لفطن جي اچارن جو ٿيو هو جنهن هندو-مسلم فرقيواريت کي گهڻي هوا ڏني هئي ۽ جنهن ۾ پڻ سنڌي پريس حصو ورتو هو. 1936ع ۾، سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي هئي، ان کانپوءِ صوبائي وزارتن جي ويڙهه ٿي چڪي هئي، مسلم ليگ جو به پختو بنياد پئجي چڪو هو ۽ سکر ۾ مسجد منزلگاه وارو فساد به برپا ٿي چڪو هو جنهن هندو-مسلم اتحاد جون سڀ راهون مسدود ڪري ڇڏيون هيون.

حقيقت هي آهي ته ڳالهه وري به خسيس هئي ۽ غالباً جيڪڏهن مٿيون مذڪور سياسي جدائيءَ وارو وايو منڊل نه هجي ها، ته پهريائين ته اهو مسئلو ئي پيدا ڪونه ٿئي ها. پر جيڪڏهن ٿي پوي ها ته ڪو سبب نه آهي جو ان کي ٻنهي ڌرين جي رضامدي ۽ خير خوبيءَ سان حل نه ڪري سگهجي ها. بنيادي طرح حقيقت هي هئي ته هندن مسلمانن جون دليون وسوسن وارن ويچارن ۽ باهمي عدم اعتماد ۽ شڪ شبهي سان ڀريل هيون.

 

1939ع وارو زمانو هجي ۽ مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي، سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي هئي. ڊاڪٽر مرحوم جي باري ۾ ٻن ڳالهين متعلق ته عمومي اتفاق راءِ لڌو وڃي ٿو. هڪ ته هو تعليمي ماهر هو ۽ اهو به چوٽيءَ جو. ٻيو ته هن کي سنڌ صوبي ۾ تعليمي انقلاب آڻڻ ۽ عوام جي ان ميدان ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ جو جوش جذبو هو. اهي ٻئي اهڙيون حقيقتون آهن جن جي قبوليت خود هندو عالمن ۽ اديبن به وقت بوقت پئي ڪئي آهي. ايندي شرط، ڊاڪٽر دائودپوٽي، درس و تدريس ۾ ڪتب ايندڙ ڪتابن جو جائزو ورتو. هن اهو فيصلو ڪيو ته پرائمري جي ٻاراڻي ڪلاس کان وٺي اٺين ڪلاس تائين انهن ڪتابن جي صحت ۽ افاديت کي بحال ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڪميشن جي مشوري ڏيڻ، ٺاهڻ ۽ انهن جي حوالي ڪم ڪرڻ جهڙي رسمي ڪاررواين پٺيان وقت وڃائڻ بدران، هن ”اخلاق ۽ محنت جي پتلي“ انسان اهو سڄو ڀاري ڪم پنهنجي ذمي کڻي ڪيو جنهن جو واقعي هو هر لحاظ کان اهل هو. ٿوري ئي وقت اندر، جيڪي ڦيرڦاريون، هن کي ضروري نظر آيون، سي ڪري وڃي مٿي چڙهيو. انهن ڦيرڦارين ۾ مکيه ٻه ڳالهيون هيون. هڪڙي هيءَ ته 1905ع کان اڳ ۾، سنڌ ۾ تعليمي ميدان لاءِ تجويز ڪيل ڪتابن ۾ عربي ڍنگ تي، سنڌي لفظن جو اعراب (يعني زير، زبر، پيش، جزم ۽ تشديد) ڏنيون وينديون هيون، انهن کي بحال ڪيائين. ان جو ڪارڻ اهو ڄاڻائين ته ان سال يعني 1905ع ۾ مسٽر ڪاورنٽن جي زيرصدارت جيڪا ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪميٽي ويٺي هئي، ان اعراب واري مسئلي سان غفلت واري روش اختيار ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ان کانپوءِ ويندي سندس  ايامڪاري تائين، ڇپيل سنڌي درسي ڪتابن ۾ هڪجهڙائي ۽ نظم رهيو هو. اعراب نه هئڻ سبب، لفطن جون هجيئون غلط طرح پڙهيون ٿي ويئون. انهن کي چڪون تصور ڪندي، ڊاڪٽر مرحوم، درستيون ڪري ڇڏيون. مقصد ظاهر آهي ته اهو هو ته پنهنجي پنهنجي روءِ ۽ سوءِ ۽ مطلب وارين پڙهڻين جو سلسلو ختم ٿي وڃي ۽ هڪ منظم مربوط سسٽم اختيار ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾، هن جو چوڻ هو ته لفظ ”ٻڪري“ جي آخري متحرڪ اکر ”ر“ هيٺان زير اچڻ گهرجي ۽ نه ”ي“ هيٺان جيئن غلطيءَ وچان اڳين ڪتابن ۾ اچي ويو هو: يعني لفظ ”ٻڪري“ جي صورت ”ٻڪري“ هئڻ گهرجي ۽ نه ”ٻڪري“ ساڳئي طرح لفظ ”چتون ۾ اکر ”ت“ مٿان پيش اچڻ گهرجي ۽ نه ”و“ مٿان جيئن ان وقت پڙهايو ٿي ويو، يعني سڌاريل نمونو ”چَتُون“ هو ۽ غلط ”چتؤن“. هاڻي هيءَ هڪ رواجي ڳالهه هئي ۽ ٿوري غور ڪرڻ سان سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه هئي ڇاڪاڻ ته ”ٻڪري“ لفظ ۾ جيڪڏهن ”ي“ جي هيٺان زير واري حجت قبول ٿي ڪئي ويئي ته پوءِ ان کان اڳ ايندڙ حرف ”ر“ بغير حرڪت جي رهجي پئي ويو ۽ ساڳئي نموني لفظ ”چتون“ ۾ مشڪل پئي پيش آئي جيڪا نئين تصحيح ڪيل صورت ۾ معقول طرح حل ٿي پئي ويئي. اها هڪ ڏکي صورتحال هئي. جنهنکي ڊاڪٽر مرحوم مدلل ۽ معقول نموني حل ڪيو هو ۽ وڏي ڳالهه ته اها ڪا نئين ڦيرڦار ڪانه هئي بلڪه 1905ع کان اڳ مروج هئي.

 

بحيثيت عربي زبان جي وڏي ڄاڻوءَ جي، ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم ٻي تصحيح هيءَ ڪئي ته عربي اصليت وارا الفاظ جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿي رهيا هئا تن جي پنهنجي اصلوڪي شڪل شبيهه بحال ڪيائين. اها به ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. 1935ع ڌاري، انهن لفطن جي ڍنگ ۽ روپ تي وڏا بحث ٿي چڪا هئا جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. هندن جي اخبارن ته اهڙن لفظن جي مهانڊن مٽائڻ لاءِ ، الفابيٽ کي ”هلڪي ڪرڻ“ جو بهانو اٿاريو هو ۽ نئين نموني لکڻ جي اخبارن تائين مشق ڪئي وئي هئي جنهن ۾ آخر ناڪامي ٿي هين. لفظ هن قسم جا هئا:

اڳ چالو             

تصحيح ڪيل

صُبُحُ

صُـبٌح

حِفِظُ

حِفٌظُ

غَرَقُ

غٌرقُ

حَدَ

حِد

مَحَوٌ

مَحَوُ

تَصَوَفٌ

تَصَوفَ

مَحَبَتَ

مُحَبَتٌ

تَرِقي

تَرَقِي

اِسرار

اَسرار

تَفَاوت

تَفاٌوت

 

              

       

 

ان کان علاوه ڪيترا الفاظ غلط لکيا ويندا هئا. ڊاڪٽر مرحوم انهن کي به صحيح ڪري ڇڏيو هو. مثلاً:

اڳيون نمونو                 سڌاريل نمونو

سمر                         ثمر

وسلا                         وصلا

اڪثر هندن طرفان مخالفت ڪئي ويئي جن ردڪد ڏنو ته ”ظاهري طور هيءُ مسئلو خسيس پيو لڳي پر ان جو تاريخ پس منظر ڳنڀير آهي.“ هنن جو مکيه دليل اهو هو ته جنهن صورت ۾ 1905ع کان 1939ع تائين ذري گهٽ 35 سالن جي عرصي دوران هڪ درسي ڪتاب جو سلسلو جاري هو، ان  کي هاڻي تبديل ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي پيئي هئي. مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي جو چوڻ هو ته هن ڪي به تبديليون ڪونه ڪيون  هيون، فقط ڪي چوڪون هيون جن کي درست ڪيو ويو هو.

 

بهرحال بحث ڇڙي پيو جنهن ۾ اديبن، عالمن ۽ اخبارن ڀرپور حصو ورتو. حصو وٺندڙ ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا. مخالف گروپ ۾ مکيه بهرو وٺندڙ ڄيٺمل پرسرام، ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي، منوهرداس ڪوڙومل، پروفيسر ڪي- ايڇ- ناگراڻي ۽ ڌرمديو جيٽلي هئا. پوين ٻنهي پنهنجي مخالفانه نقطئه نظر جي اظهار لاءِ انگريزي زبان استعمال ڪئي. ٻيءَ ڌر ۾، مسلمانن کان علاوه، صوڀراج نرملداس، لعلچند امرڏنومل، ليکراج ڪشنچند (عزيز) ۽  ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هئا. پهرين ڌر وارن، 1941ع ۾، ”سنڌ ساهت سڀا“ نالي هڪ سوسائٽي برپا ڪئي جنهن مخالفانه پروپئگنڊا لاءِ ۽ 7 پترا ڇپائي عام ماڻهن ۾ تقسيم ڪيا ۽ ٻيءَ ڌر وارن وري جواب ۾، ”سنڌ سڌار سڀا“ جاري ڪئي جنهن پڻ 4 پترا ڪڍيا. ان کان علاوه، مسٽر ڀيرومل ٻه چوپڙيون لکيون جن جا نالا هئا ”اعرابن تي ويچار“ ۽ ”اعرابن بابت مونجهاري جي سمجهاڻي.“ پروفيسر ملڪاڻي مطابق ”لعلچند امرڏنو مل فقط عربي اعرابن جي سرشتي جي فائدي ۾ هو، پر صورتخطي ۽ اچارن بدلائڻ جي برخلاف هو، جيئن پنهنجي نوٽ ۾ لکيو هئائين: ”ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏيئي، سنڌي ٻولي انهيءَ تي پنهنجي ڇاپ هڻي چوي ٿي ته هان تون منهنجو آهين، مون کان ڌار ٿي نه ٿو سگهين.“ (1)


 


(1)    لپيءَ جي مسئلي تي، ڪيترن هندن تعصب ۽ هلڪڙائپ جو نهايت افسوسناڪ مظاهرو ڪيو. ۽ ارمان ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته سندن ڏسڻا وائسڻا اسڪالر ٽائيپ ماڻهو ان جو شڪار ٿي ويا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جهڙو عالم ماڻهو به ان وهه ۾ وهي ويو ٿو ڏسجي ۽ ان جا نشان پتا سندس مشهور تصنيف ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ نمايان نظر اچن ٿا. ورنه ظاهر آهي ته ايڏي ليول جي اديب کي سنڌي الفاظ جي صحيح صورتخطي ضرور معلوم هوندي. مثلاً هن ”بعضي بعضي“ کي ”بعذي بعذي“ ڪري لکيو آهي (ڏسو سندس تصنيف جو صفحو 232 سٽ 25)، مدرس العربيہ کي مدرس الربيہ ڄاڻايو اٿائين (ص 322 سٽ 2) وري محمد هاشم مخلص کي محمد هاشم ڪري لکيائين (ڏسو ص 355 سٽ 4) هاشم واري لفظ مان ته فقط ضد جي بوءِ اچي ٿي ۽ هروڀرو ابتر وڃڻ جي خواهش جو اظهار ٿئي ٿو ته ڇوته اکر ”ح“ عربي آهي ۽ هندو اڪثر ڪري عربي اکرن جي شڪل بگاڙڻ جي درجي هوندا هئا.

 

(1)                جناب پير محمد راشدي لکي ٿو:

”ڊاڪٽر صاحب مرحوم پنهنجي قلم ۽ پنهنجي تعليمات ذريعي اها ڪوشش شروع ڪئي ته سنڌي زبان کي هندي ۽ سنسڪرت جي نامناسب ۽ غير ضروري ملاوٽ کان آزاد ڪري، سندس اصلي صورت ۾ پيش ڪري. ”سنسار سماچار“ ۾ ڪن ٻين ڪٽر هندو اخبارن جو شغل ٿي چڪو هو ته سنڌيءَ ۾ ٻاهرين ٻولين جا اکر ٽنبي سندس حليو بگاڙيو وڃي. ان تحريڪ ۾ سنڌ جا سڀ هندو شامل ڪونه هئا. منجهن گهڻا اهڙا بزرگ به هئا، جن ان جعلسازيءَ کي قطعاً نفرت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو پر پڙي ڪونه ٿي سگهيا. سنڌ اندر هندو قلم اهڙن بدمستن جي هٿ چڙهي ويل هو جن کي اڳ پوءِ جي پروڙ بڪل ڪانه ٿي پئي ۽ ڦريل وقت ۽ مستقبل جي امڪانن جو منجهن ڪوبه احساس ڪونه هو. في الحقيقت اها ئي چڻنگ هئي جنهن وقت گذرندي ڀڙڪو کائي سنڌي سوسائٽي جي يڪ رنگي واري ساري سرمايي کي ساڙي ڇڏيو ۽ نيٺ خود هندن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.“- اهي ڏينهن اهي شينهن- جلد 2- ص، 91.

(1)  سنسار سماچار 11 جنوري 1935ع. ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم جو ايڊيٽر ڏانهن خط.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي، ص- 369.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org