سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 10

صفحو : 17

باب ڏهون

سنڌي صحافت جو ادب جي اوسر ۾ حصو

 

اها مڃيل حقيقت آهي ته ڪنهن به زبان جي نثر ۽ نظم جي اسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو، ان ٻوليءَ جي صحافت هڪ اهم ۽ موءثر ذريعو بڻي آهي ڇوته جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ڪتابي ذخيرن ۽ رسالن جي صفحن جو سينگار بڻيا آهن، انهن تي ادب جي پارکن پاران ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي آهي، تبصرا شايع ٿيندا آهن ۽ انهن جون خوبيون ۽ خرابيون ظاهر ڪيون وينديون آهن. اهڙي طرح گويا اهو ادب پهرين صحافت جي ساهميءَ ۾ صاف ٿي ترندو آهي ۽ بعد ۾ ڪتابن ۾ مستقل منزل ماڻيندو آهي.

 

سنڌي صحافت کي ته اها خصوصيت به حاصل رهي آهي ته ابتدا ۾ ان پيشي ذريعي بي بها سماجي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون ويون. يعني نه رڳو تنقيدي طرح سنڌي ادب کي هٿي ملي مگر خود اڪثر ادبي مضامين ۽ ٻيون صنفون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا ۽ پوءِ انهن کي چونڊي، سهيڙي ۽ سموهي مختلف انتخابن ۾ ڇپيو ۽ عام ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح، سنڌي صحافت، خصوصاً مضمون نگاري، مقالا نويسي، شعر ڳوئي ۽ تنقيد جي فن کي فروغ ڏنو.

سنڌي مخزنن ۾ ڇپيل بي بها مضمونن جو اعتراف ڪندي، سنڌي زبان جي مشهور ڄاڻو، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ، پنهنجي تصنيف ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته:

 

”.....انهن مضمونن جا 5- 8 انتخاب ڪن صاحبن شايع ڪرايا پر اڃا گهڻا معياري مضمون انهن مخزنن ۾ ٽڙيا پکڙيا رهيا آهن. تنهنڪري جيتوڻيڪ هيءُ باب گهڻو طويل ٿي ويو آهي، تنهن هوندي به مٿيان وچوروار تفصيل انگن اکرن سميت انهي مراد سان ڏنا ويا آهن ته من ڪي ٻيا سنڌيءَ جي چاهه وارا به انهيءَ اتاهه گنج مان وڌيڪ هيرا جواهر پرکي نرالين ترتيبن سان سوڌي 8- 10 ٻيا مضمونن جا مجموعا شايع ڪن جيئن اهي ڇڙوڇڙ ٿيل گوهر گڏ ڪري هارن ۾ پوئي بچايا وڃن ۽ سنڌي ادب جو ذخيرو وڌائين.“

علمي ۽ ادبي اوسر لاءِ اهڙو ابتدائي ۽ پهريون پليٽ فارم هفتيوار اخبار ”سنڌ سڌار“ مهيا ڪيو هو جيڪا 1866ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي، پنهنجي درس و تدريس جي وڌندڙ ضرورتن جي مدنظر جاري ڪئي هئي. اهو زمانو سنڌي موزون شاعريءَ جو هو ۽ شاعر وڏي اهميت ۽ وقعت جو حامل هو. اها هفتيوار اخبار ان وقت جي چوٽيءَ جي شاعرن جو ڪلام مع تبصرن ۽ نڪته چينين جي ڇپيندي هئي. شاعر هڪ ٻئي جي ڪلام تي راءِ زني ڪندا هئا ۽ بهترين ڪلام تي دل کولي داد ڏيندا هئا. تن ڏينهن مرحوم آخوند محمد قاسم، سڀني شاعرن تي غالب هو ليڪن غلام شاهه گدا، سائل حيدرآبادي ۽ حافظ حامد سرگرم عمل هئا. ان قسم جي شاعري دلچسپي مستقل موجود رهي. ان جو ثبوت مختلف مرحلن جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل شعر ۽ مشاعرن جون ڪارروايون آهن. ليڪن روزانه ”الوحيد“ (28 جون 1932ع) ”سنڌ جي شاعرن کي گذارش“ ڇپي، شاعريءَ جي شعور ۽ معاشري ۾ افاديت جو دليل ڏيئي ڇڏيو. اعلان جا الفاظ هي آهن:

”الوحيد مورخ 16 جون ۾ هڪ نظم مرزا نادر بيگ باريسٽر ايٽ لاجي چرخي بابت شايع ٿي آهي. اسان جو خيال آهي ته سنڌ جا شعراء ان تي طبع آزمائي ڪري ساڳئي بحر ۽ وزن تي نظمون موڪلين ته نهايت خوشيءَ سان ”الوحيد“ ۾ شايع ڪيون وينديون. خاص ڪري هيٺن حضرات جو ان سوال تي توجهه ڇڪائجي ٿو؛ حضرت مخلص، صاحبزاده روشن سرهندي، حافظ بسمل، مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي، حاجي غلام جناب عبد، جناب نظامي، حضرت واصف ۽ ٻيا. طرح لاءِ مصرع ساڳئي نظم مان ڏجي ٿي:

 

”وري گهر ۾ مسلمانن جي ٿئي رائج اگر چرخو“

ان کان پوءِ وارو اچي ٿو سرڳواسي ساڌو هيرانند جي ماهوار مخزن ”سرسوتي“ جو جنهن جو مرڪزي مقصد ماڻهن ۾ سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ هو. خصوصاً عورتن ۾ جيڪي گهڻو پٺتي پيل هيون. 1890ع کان هي مخزن شروع ٿي ۽ ڪيترائي ورهين ادبي ۽ علمي ميدان ۾ خدمت سرانجام ڏيندي رهي. ساڌو هيرانند سان گڏ سندس ٻه ڀائر وڏا ديوان نولراءِ ۽ تاراچند به هن خير جي ڪم ۾ سرگرم عمل رهيا. ديوان نولراءِ جو خاص ڪارنامو، جيئن اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون، مذهبي ادب جي شڪل ۾، حيدرآباد مان جاري ٿيندو رهيو. جتي هن هندو برهمو سماج جو مرڪز کوليو هو ۽ پاڻ ان جو روح روان هو. مسٽر تاراچند جو ڪارنامو به تحسين لائق آهي. هو 1895ع کان 1898ع تائين هفتيوار پترا ڇپائيندو هو جن ۾ صوفي شاعرن ۽ بزرگن جهڙوڪ شاهه، سامي، گل، ڪبير، سعدي ۽ ميران ٻائي جي زندگين جا حالات ۽ پيغام عام طرح شايع ٿيندا رهندا هئا. ”ڪوڙومل ساهتيه منڊل“ 1939ع ڌاري، اهي پتر ڪٺي ڪري ”جيون ڦلواڙي“ جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ ڇپرايا هئا جنهن ۾ چڱو خاصو ادبي مواد اچي وڃي ٿو. هن ساڳئي تاراچند 1900ع ۾، شاهه ڀٽائي رحه جي رسالي جو پهريون سرڪاري ڇاپو ميدان ۾ آندو هو. ازانسواءِ، هو 1902ع کان تعليم کاتي طرفان جاري ٿيل ”اخبار تعليم“ مرداني ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپول جي حيثيت ۾ شايع ڪندو هو.

خود ساڌو هيرانند، ان مخزن ۾ مضامين، لطيفا ۽ مشهور انگريزي ناولن جا ترجما قسطوار شايع ڪيا هئا. اهڙا نصيحت ڀريا لطيفا ۽ آکاڻيون مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، 1926ع ۾، ”هيري جون ڪڻيون“ نالي هيٺ ڪتابي شڪل ۾ آندا هئا. 1891ع ۾ ساڌو هيرانند سروالٽر جو عيسائي جهاد وارو مشهور تاريخي ناول Talisman (طلسم) نالي سان مخزن ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪري هلايو. ان کان علاوه ”سرسوتي“ مخزن ۾، ان وقت جي معرورف عالمن ۽ ادبين جهڙوڪ ديوان ڏيارام بولچند، ڪوڏومل وغيره جون آکاڻيون ۽ مضامين شايع ٿيندا رهندا هئا. بولچند “Grisom’s fairy tales” تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ اهي سهڻيون آکاڻيون به هن مخزن ۾ ڇپيون هيون. ازانسواءِ ٻه ٻيون ڪهاڻيون، هڪڙي Cinderella تان ورتل ”اماڙي جي ڳالهه“ ۽ ٻي Snow Drops تان ورتل ترجمو ڪيائين جيڪي پڻ ”سرسوتي“ ۾ ڇپيون هيون.

پروفيسر ملڪاڻي موجب، لعل چند امر ڏني مل ٽئين نمبر جو ناول ”چوٿ جو چنڊ“ لکيو هو سو به 1905ع کان 1906ع تائين ”سرسوتي“ مخزن ۾ ڇپيو هو. پهريون نمبر ناول مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ”زينت“ هو ۽ ٻيو نمبر ديوان پرتمداس جو ”عجيب ڀيٽ“ هو.

ادب جي ميدان ۾، اخبار ”جوت“ جون خدمتون به ساراه لائق آهن جيڪا آڪٽوبر 1892ع کان جاري ٿي ۽ پورا پنجاه سال زنده رهي. هن رسالي جو ايڊيٽر ۽ هلائيندڙ سنڌ جي معروف علمي شخصيت سرڳواسي پرمانند ميوارام هو جنهن هندو ڌرم ڇڏي عيسائيت اختيار ڪئي هئي. هن جو شمار صحيح طرح چوٽيءَ جي عالمن ۾ ٿئي ٿو. هن ۾ محنت جو ته مثالي هو. ان غيرمعمولي محنت جو نتيجو هو جو اسان کي ”انگريزي- سنڌي“ ۽ ”سنڌي- انگريزي ڊڪشنريون به هن عالم تيار ڪري ڏنيون جيڪي اهڙي معيار ۽ پائي جون هيون جو اڄ سوڌو مستند مڃيون وڃن ٿيون. ”جوت“ جا جلد ادبي خزاني سان ڀريل آهن. پرمانند پاڻ ان اخبار مان چونڊ مضمون ميڙي ”گل ڦل“ نالي هڪ ڪتاب جوڙيو جيڪو بهترين ادبي ۽ علمي مواد جو مخزن آهي. شروع ۾ ”گل ڦل“ ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪيو ويو هو ليڪن بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن ان کي هڪ جلد ۾ هلائي  ڇپرايو آهي جيڪو وڏيءَ دلچسپيءَ سان پڙهيو وڃي ٿو. ”1923ع ۾ پرمانند ميوارام مشهور عيسائي اخلاقي مقالو Akempis جو لکيل Imitation of Christ (ڪرائيسٽ جي پيروي) نالي ترجمو ڪيو هو جو سندس نباء، سپڪ ۽ موزون سنڌي جو شاندار مثال آهي ۽ پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي فن جو نمونو آهي. 1934ع ۾ پرمانند صاحب اپائڻهار جي هستي ڪوڙي مل مندل پاران ڇپايو هو جنهن ۾ ايشور جي هستيءَ بابت دليل ڏنل هئا.“ (1)

پرمانند ميوارام جي طرز تحرير سادي، سپڪ ۽ فطري نوع جي هئي ۽ تصنع ۽ تڪلف کان بلڪل خالي. سندس گوناگون عنوانن مان ئي اها حقيقت ثابت بيٺي آهي ته هو تعليم سان گڏ تفريح جو به قائل هو ۽ هڪ ڪامياب استاد وانگر نقش چٽڻ ۽ ذهن نشين ڪرائڻ سان رواجي طرح ڏکيون ۽ اڻ سهائيندڙ ڳالهيون به هضم ڪرائي ڇڏيندو هو. هن پنهنجي لکڻين ۾ هر قدم تي چوڻيون، عام فهم ٽوٽڪا ۽ اصطلاح استعمال ڪري سنڌي ٻوليءَ کي نهايت سهڻو، سادو ۽ دلچسپ بڻائي وڌو جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي بار نه ٿو محسوس ٿئي. هن جي بيان ڪرڻ جي قوت به عجيب آهي، ڄڻ ته روبرو ويٺو ڳالهائي ۽ فطري مشاهدو ٻڌائي پنهنجي ذاتي تجربي ۽ ذهين طبعيت جي ڪري، پرمانند ميوارام سنڌي زبان کي نوان الفاظ ۽ نيون ترڪيبون به ڏنيون آهن جيڪو بذات خود ٻوليءَ تي وڏو ٿورو آهي. ”گل ڦل“ جا مضمون ته پرمانند جي فن جا شاهڪار آهن جيڪي وسارئي به نه وسرندا.

خود مضمون نويسيءَ تي، پرمانند ميوارام ”سنڌي عبارت“ جي عنوان هيٺ، هڪ ليکه لکيو هو جو ”ڊي- جي سنڌ ڪاليج مسلني“ (1901ع) جي پهرئين پرچي ۾ ڇپيو هو ۽ جيڪو صاف صلاح ۽ مهارت جي ڪري اڄ به مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿو. لکي ٿو:

 

”پر جي عبارت سيکارڻ جي نه آهي ته به ان جي سٺائي ۽ صفائي جي پڇاڻ نه پئجي سگهندي يا ان جي نسبت ڪي اشارا ته ڏيئي سگهجن ٿا. عبارت سٺي سا جنهن ۾ هرڪو لفظ ۽ تڪ ۽ پهاڪو پنهنجي پوري جاءِ وٺيو بيٺو هجي. ائين نه جو سسي ريڍي ۽ ڌڙ ٻاڪرو. ٻيو ته جيئن خيال پيا اچن تيئن ويو ماڻهو اٽڪائيندو ته عبارت زور رس ڀري ۽ اثرائتي ٿيندي: هار سينگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪجسي ٿي پوندي. جي ڀانئين ته چڱو لکان ته اٽڪل سٽڪل ۽ کيڏ بازي ڦٽي ڪر. سڀاويڪ ۽ سرلو ٿيءُ. عالمن جو چوڻ آهي ته عبارت ته هاري ماڻهن جي، نڪو مرچ مصالح ڄاڻن نڪو گڏين. سڀاويڪ طور جيڪي اچين سو وڃن چوندا......... سنڌي ٻوليءَ اڃا چئبو ته نه سلو ڪڍيو آهي. اسري پيئي. ٻين ٻولين جيان زور ڪينهي. اڪثر ڏسجي ٿو ته جنهن جي جيئن ٿو اچي تيئن وڃي ابتو سبتو قلم کي وهائيندو. وهي نه وهي وٺ، رينگهٽ کي، تنهن لکڻيءَ ۾ ڪو لاءِ سرساءُ، نه ڏسجي مهل نه ويل. مثلن هوندي رواجي ڳالهه ته به ”ارٿانت“ ۽ ”ڪيول“ ۽ ”ڪداچت“ ۽ ”پٿارٿ“ جو ڦهڪو پيو  پوندو. هاڻي ”جتن“ حرف اڳيئي سنڌي ۾ آهي ته به اره زورائي ڪري، چي فلاڻا ”يتن ڪجانءِ“ وري ڏس ته اهڙا ڀاري سنسڪرت حرف جو ڄن پٿر ويٺو چٻاڙ.“ ته ڪٿي هڪڙيئي جملي ۾ سنسڪرت ۽ فارسي لفظ ٽنبيا پيا آهن: مٿون پڳڙي ۽ تلڪ ٻانڀڻ جو، ته هيٺون پهراڻ ۽ سٿڻ ٻروچڪي! وري ڪٿي ته ٺاٺ ۽ بناوت ئي انگريزي. پڙهه ته کل پئي اچي. چي گول ڪلي چورس ٽنگ ۾.“

جن اوائلي مخزنن ۽ اخبارن بهترين مضمون نگاري جي ترقيءَ کي اڀاريو تن ۾ ليکراج تلوڪچند جي ”پرڀات“ به شامل آهي جيڪا اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ جاري ٿي هئي. مٿي بيان ڪيل سنڌي علم و ادب ۾ اهم حيثيت حاصل آهي. ”ويچار“ واراو مجموعو پروفيسر لالسنگهه آجواڻيءَ ڪراچيءَ جي ڊي-جي- ڪاليج مسلنيءَ جي چاليهن سالن مان چونڊو ڪيو هو ۽ پريمچند ۽ ڏيارام وشمل وري اوائلي دور ۾، سرسوتي، پرڀات، جوت ۽ اخبار تعليم ۾ ڇپيل ۽ ڪن مصنفن جي ڪتابن جي مضمونن مان انتخاب ڪري 1907ع ۾ ”گلدسته“ تيار ڪيو هو. انهي ٽڙيل پکڙيل مواد کي گڏ ڪري ادب جي صحيح معنيٰ ۾ خدمت ڪئي وئي هئي. سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ ساڳئي وقت هڪجهڙي مهارت رکندڙ ماڻهو به اسان وٽ پيدا ٿيا جن پنهنجي ڪوشش سان هڪ عجيب ۽ غريب ادبي رونق پيدا ڪئي. اهڙن عالمن ۾ شمس الدين ”بلبل“، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مولانا دين محمد وفائي نمايان جڳهه والارين ٿا. ان ئي دور ۾ طنز ۽ مزاح جي فن به جنم ورتو. جنهن جو بيان ڪٿي ٻئي هنڌ الڳ ڪيو ويو آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به وڏي پائي جو عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو ۽ ”اصلاح“ اخبار جهڙي اعليٰ معيار واري اخبار ڪڍي پنهنجي شوق جي تڪميل ڪئي هئي.

 

تصوف ۽ ادب جي ساڳئي وقت، ڄيٺمل پرسرام جي جاري ڪيل رسالي ”روح رهاڻ“ به شانائتي نموني ۾ خدمت ڪئي، جنهن ۾ هن بي تعصب ۽ سڀني جي خير گهرندڙ عالم، مخلتف مذاهب ۽ طبقن سان واسطو رکندڙ ليکڪ گڏ ڪيا هئا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ کي خاص اهميت حاصل آهي.

 

روزانه ”الوحيد“ ۽ ماهوار ”توحيد“ جو ادب ۽ علم جي آبياريءَ ۾ گهٽ حصو ڪونهي. ”الوحيد“ جي ادارتي عملي ۾ مولانا دين محمد وفائي پاران عالم شامل هئا جن ان قسم جي ادبي سرگرمين جي ترقي ۾ وڏي هٿي ڏني. اهڙي طرح هندو اخبارن ۾ به ججهو مواد پوڻ لڳو هو جنهن کي ادب ۽ شعر ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. تنقيدي ادب ان کان علاوه آهي. توحيد ته ديني ادب پيدا ڪرڻ ۾ نهايت اهم رول ادا ٿي ڪيو.

 

”روح رهاڻ“ کان اڳ، 1922ع ڌاري، سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام ڪن مجبورين سبب ”هنداوسيءَ“ جو نالو بدلائي ”ڀارتواسي“ رکيو هو جنهن رسالي سنڌي زبان جا معياري مضامين شايع ڪيا. ان جي بلند پائي جي ليکڪن ۾ خود ايڊيٽر ڄيٺمل، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ خصلتن وارين ڪهاڻين کي بعد ۾ ڄيٺمل پرسرام، 1932ع ۾ ”چمڙا پوش جون ڪهاڻيون“ عنوان هيٺ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو هو.

 

پر جنهن ڳالهه سبب ”ڀارتواسي“ اخبار جو درجو اڃا به وڌي وڃي ٿو سا آهي ادبي تنقيد جي فن جو تعارف، جو ان ۾ ڄيٺمل پرسرام پهريون دفعو شروع ڪيو هو. ان کانپوءِ ته ادب ۾ تنقيد جو چرچو گهڻو وسيع ٿيو ۽ متعدد مخزنن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪيترن ئي پارکن ۽ ڄاڻن وقت بوقت قلم کڻي نثر ۽ نظم جي اصلاح طرف توجهه ڏنو. پروفيسر ملڪاڻي کلي ٿو:

”آءُ سمجهان ٿو ته ڄيٺمل پرسرام جي ڀارتواسي پهرين اخبار هئي جنهن ۾ خود ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس نائب مهتمم ڇتومل ٿڌاڻيءَ نون ناٽڪن جي نڪته چيني نهايت سڌريل ۽ موزون نوع ۾، پهريون ئي دفعو 1923ع ۾ شروع ڪئي. 1923ع ۾ جا رابندرناٿ ناٽڪ منڊلي ٺهي هئي، تنهنجي ڇپايل ۽ ڪري ڏيکاري خانچند درياڻيءَ جي نئين طرز ۾ لکيل ناٽڪن ”عمر مارئجي“ جي ادبي توڙي ناٽڪي، ڄيٺمل صاحب ”ڀارتواسي“ جي 1923-1924 وارن پرچن ۾ ڪئي هئي. ڄيٺمل صاحب پاڻ درياڻيءَ جي ”موتئي جي مکڙي“ ۽ لاڙڪاڻه واريءَ چانڊڪا ناٽڪ منڊليءَ جي کيلن ”منوهر نانگڻ“ ۽ ”سورداس“ جو اندازو لڳايو هو، جڏهن اهي ڪوي بيوس جا ناٽڪ 1925ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪري ڏيکاريا ويا هئا. لعل چند امرڏنيمل پڻ ڀاڳسنگ آڏواڻي جي ”گماني گهمسان“ Stuello ناٽڪ جي ڪٿ 1925ع ۾ ڪئي هئي. مٿين اسٽيج تي آندل ناٽڪن تي سمالوچنا مان حوالا ناٽڪ نويسيءَ واري فصل ۾ ڏنا ويا آهن. (1)

ليڪن ڏٺو ويندو ته جيتوڻيڪ تنقيد جو سڌريل نمونو واقعي ان عرصي دوران اختيار ڪيو ويو هو ليڪن ادبي ۽ علمي ڪتابن تي تبصري ڪرڻ جو رواج گهڻو اڳ پيو هو ۽ پهريون اهو خوش نصيب عالم جنهن جي قلمي ڪوشش ۽ قوت جو ذڪر عام جام اخبارن ۽ مخزنن ۾ ٿيندو هو، سو هو مرحوم مرزا قليچ بيگ. سندس ڪتابن تي تبصرا جن اخبارن ۾ عام ٿيندا هئا سي هيون ”آفتاب“، ”الحق“، ”خير خواه“ ۽ ان جو تعلق اڻويهين صديءَ جن آخري ڏهاڪي ۽ ويهين صديءَ جي شروع سان آهي. (1)

جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته، ان تنقيد جو رواج هر هنڌ اختيار ٿيڻ لڳو هو ۽ ان جا مفيد نتيجا محسوس ٿيڻ لڳا هئا. مثلاً گهڻو بعد ۾ 1942ع ڌاري، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ جي زير صدارت جمعيته الشعراءِ سنڌ جي زير سهاري سنڌي شاعرن جو پهريون اجلاس لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو. ان موقعي تي، سنڌي ادبي ڪانفرنس جو به رواج پيو ۽ اهي ٻئي اجتماع هر سال سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندا رهيا. پر جا مکيه ڳالهه قابل ذڪر آهي سا ئي آهي ته ان جمعيت الشعراءِ پاران هڪ ماهوار رسالو ”اديب سنڌ“ جاري ٿيو جنهن ذريعي ”شعر و شاعري“ جي اصلاح ٿيڻ لڳي ۽ نون شاعرن جي تربيت ٿيندي رهي. ادبي ميڙن ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويندا هئا، اهي نه رڳو شايع ٿيندا هئي پر انهن تي ۽ شاعرن جي ڪلام تي تنقيدون ٿينديون هيون.

 

اخبارن ۽ رسالن تان چونڊڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ 1946ع ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا اهڙو انتخاب باتصوير ڇپايو هو جيڪو هن ”جوت“، ”سنڌ“، ۽ ”هندو“ اخبارن ۽ رسالن مان ڪيو هو. ان مجموعي کي هن ”تاريخي مضمون“ جو نالو ڏنو هو. ان ڪتاب تي، پروفيسر چيتن ماڙيوالا کي سنڌي صلاحڪار بورڊ پاران انعام به مليو هو. هن تحقيق بابت پرنسپل ڊاڪٽر گربخشاڻي مهاڳ ۾ راءِ ڏني هئي ته ”پروفيسر چيتن ماڙيوالا، سنڌ جي اتهاس جو اونهو اڀياس ڪيو آهي ۽ ڪن اهم مسئلن تي کوجنا ڪري نئين روشني وڌي اٿس......... هر هڪ مضمون تصديق ٿيل حقيقتن سان ڀرپور آهي ۽ نهايت سليس مگر مائيدار عبارت ۾ لکليل آهي. ڪتاب جي پڙهڻ مان نه فقط علمي خزاني جي واڌاري ٿيڻ جو امڪان آهي پر لطف ۽ مزو به حاصل ٿئي ٿو.“ (1)

 

اخبارن ۾ ادبي بحث

1923ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي پاران ”شاهه جو رسالو“ جو پهريون جلد ڇپيو هو ته ان وقت ان تي نهايت عالمانه ۽ مفيد ادبي تنقيد ۽ بحث جو سلسلو شروع ٿيو هو ۽ جيڪو وري به اخبارن ۽ رسالن جي صفحن جو سينگار بڻيو هو. انهن تنقيدن ۾ ايڏو وزن، اصليت ۽ اونهائي هئي جو اهي خود ادب جا شهه پارا بڻجي پيون هيون. ان تنقيد جي ابتدا وري به، سنڌ جي عالم، صحافي، ۽ صوفي ڄيٺمل پرسرام پنهنجي اخبار ”ڀارتواسي“ ۾ 23- 1924ع ۾ ڪئي هئي جنهن ۾ هن جيتوڻيڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تحقيقي محنت ۽ علميت جو اعتراف به ڪيو هو ليڪن ساڳئي وقت رسالي ۽ ان جي مقدمي ۾ استعمال ٿيل زبان جون ڪي خاميون به ظاهر ڪيون هيون. ان بعد هڪ دلچسپ بحث ڇڙي پيو ۽ عالمن جون ٻه ڌريون ٺهي پيون هيون. هڪ ڌر ۾ ڄيٺمل پرسرام، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ليلارام سنگ هئا ۽ ٻئي طرف لعل چند امر ڏنو مل، عيدن مل مينگهراج ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هئا.

بحث جي شروعات، مسٽر ڄيٺمل پرسرام ”ڀارتواسي“ 24 ڊسمبر 1923ع ۾ هن طرح ڪئي:

 

”اسين هن ليک ۾ سندس (ڊاڪٽر گربخشاڻي جي) اوائلي لکيل ”مقدمهه“ تي ڪجهه ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ ٿا گهرون. پڙهندڙ پڇندا ته اهو ”مقدمهه“ ڪهڙي چيز آهي. عام ريت سنڌيءَ جا ڳالهائيندڙ ڀائيندا ته هي ڪورٽ جو ”مقدمهه“ آهي. پروفيسر گربخشاڻيءَ جي ”مقدمي“ جي معنيٰ آهي ”ڀومڪا“. اسان جو رايو آهي ته جيتوڻيڪ پروفيسر صاحب جي لکڻ مان ظاهر آهي ته هو سولي سنڌي به لکي ڄاڻي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ته نهايت سليس ۽ سٺو هلي ٿو، ته به خبر نه آهي ڇو، هروڀرو پارسي ۽ عربي لفظن تي ڪڏهن ڪڏهن ته ازحد ڇڪ ڪئي اٿس. اسين انهن مان نه آهيون جن جو عشق رڳو سنسڪرت شبدن سان آهي يا پارسيءَ ۽ عربيءَ سان آهي. خود شاهه جو رسالو ٻنهي سڀيتائن ۽ ٻنهي قسمن جي ٻولين جو ميلاپ آهي. پر اسان جو رايو آهي ته ڪابه خاص ڪوشش پارسي يا سنسڪرت لفظن جي دٻڻ جي نه ڪرڻ گهرجي. پروفيسر گربخشاڻيءَ مهاڳ جا پهريان صفحا خاص ڪري بلڪل ڏکين ۽ اسان جي نظر ۾ نهايت اڻ ضروري پارسي ۽ عربي لفطن سان ڀريا آهن............ جنهن صورت ۾ انهن لفظن جي بدلي پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ لفظ موجود آهن تنهن صورت ۾ اسان جي نماڻي راءِ آهي ته اهي اکر وجهڻ کپندا هئا. مثلاً پهرين باب جي پهرين سٽن ۾ هيٺيان لفظ آهن: سوانح، حوالا، ولادت، سياحت، مراجعت، معتقد، ولادت جي بدارن ڄم ۽ نسل جهڙا سولا لفظ ڪم آڻڻ گهرجن.

”اهڙيءَ طرح ڪيترن هنڌن تي اهڙي ڏکي ٻولي ڪم آندل آهي جو شاگردن کي ۽ اسان پارن گهٽ ڄاڻن کي گهڻي تڪليف ٿيندي. البت سولا اکر سنڌي ۾ نه هجن ۽ پوءِ ئي پارسي يا سنسڪرت مان آڻجن ته فڪر ڪونهي. باقي لکڻ ته ”مشرقي دماغ افسانه پردازي لاءِ نهايت قابل آهي.“ ”سڀني حوالن کي مقابل ڪري ۽ تنقيد جي تارازي ۾ توري“، ”سنڌي آڱر هڪ حاذق حڪيم جيئن“، ”نوع انسان جي طبع جي نبض شناس“،”تلفظ“ جهونو استعمال ڪيو ويو آهي.“ ”شيرين شمائل جي سودا“ وغيره وغيره جملا گهڻو سولا ٿي سگهن ٿا. سنڌيءَ ۾ لاڳو اکر سولو آهي، پوءِ همدوش جي ڪهڙي ضرورت؟ شڪل يا صورت سهڻو لفظ آهي، پوءِ هروڀرو ”رويا“ لکڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ائين آهي ته ڪيترن هنڌن تي پروفيسر گربخشاڻي وڌيڪ سولي ٻولي لکي آهي ۽ ڪن هنڌن تي سندس قلم اتساهه پيدا ڪندڙ آهي......... ايترو لکڻ ضروري آهي ته هي ڪتاب لکندڙ هر ڪنهن مدد جو حقدار آهي.“ (1)

هن راءِ جي مخالفت ڪندي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”ڀارتواسي“ 14 جنوري 1924ع واري اشاعت ۾ لکيو:

”توهان پروفيسر صاحب جي محنت کي تحسين جوڳي سڏيو آهي ۽ ائين به لکيو اٿو ته هن کيرون لهڻيون. پر پوءِ ڇو اتي ئي ويهي ابتا رايا ظاهر ڪيا اٿو، تنهن جي معنيٰ ڇا؟ ڏسان ٿو ته توهان رڳو مڇي مان ڪنڊا ڪڍيا آهن ۽ ٺٺولي ڪئي آهي....... اهو اصل قاعدو آهي ته هر ڪو قابل ۽ سمجهه رکندڙ هميشه مضمون جي مناسبت تي لفظ ۽ جملا ڪتب آڻيندو آهي. خود رسالي ۾ ڏسو ته شاهه صاحب ”مستغرق“ ۽ ٻيا ڏکيا لفظ ڪتب آندا آهن ۽ قرآن شريف ۽ حديث مان سڄيون آيتون ڏنيون اٿس. حقيقتون سڄو رسالو ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن سان ڀريو پيو آهي....... پروفيسر گربخشاڻي جي رسالي جو ”مقدمهه“ (برسٿاونا) لکيو هو تنهن مان سندس قابليت چٽيءَ  طرح پئي بکي......... ”مقدمهه“ لفظ عام طرح پارسي ۽ اردو ڪتابن ۾ ڪم آڻيندا آهن ۽ توهان اهو لفظ ”عام ريت سنڌيءَ جا ڳالهائيندڙ ڀائيندا ته هي ڪورٽ جو مقدمو آهي،“ هي رواجي لکڻ نه پر ٺٺولي آهي جا ڪنهن به اخبار نويس جي شان وٽان ڪانهي. توهان ڪن ڏکين لفظن نسبت ڪي غلط ڳالهيون به ڪيون آهن، مثلاً ”مقدمهه“ معنيٰ ”ڀومڪا“ ڄاڻائي اٿو ۽ ”همدوش“ بدران ”لاڳو“ لفظ ڏسيو اٿو جو بلڪ ڪين ٺهندو. توهان لکيو آهي ته پروفيسر لفظ جي اکري معنائن تي وڌيڪ زور ڏنو آهي.“ ائين به لکيو اٿو ته ”وڌيڪ ضرورت اندروني رغبت جي آهي.“ توهان جي اها راءِ پوري نه آهي. وڌيڪ ضرورت آهي ئي لفظي معنائن جي. لفظن جي معنيٰ ئي نه سمجهبي ته روحاني راز ڪئين پروڙي سگهبا؟“ (1)

هن جوابي مضمون جي پڇاڙيءَ ۾ ڄيٺمل پرسرام مختصراً لکيو ته:

 

”اسان مسٽر گربخشاڻيءَ جي ڪتاب جي هر طرح قدر شناسي ڪئي، پر قدر شناسيءَ مطلب اهو آهي ڇاته نڪته چيني نه ڪجي.......ايترو اسين لکڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهون ته مٿئين قسم جي ڪنهن ڪنهن هنڌ ٻولي اسان لاءِ سمجهڻ مشڪل آهي، اسين گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي رواجي پڙهندڙن جي قطار ۾ ليکيون ٿا. (2)

ان لفظي استعمال جي نڪته چيني کانسواءِ، ڄيٺمل پرسرام ان تي به اعتراض ڪيو هو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي مان ايترا گهڻا بيت بنان دليلن ڏيڻ جي ڇو ڪڍيا هئا. محترم جي- ايم- سيد ان ڳالهه جو حوالو ڏيند راءِ ڏني هئي ته اهو اعتراض ڄيٺمل پرسرام ان ڪري ڪيو هو جو هو سڀ کان اول صوفي هو ۽ بحيثيت صوفيءَ جي هن شاهه جي رسالي مان ان قسم جي ”هٿ چراند“ نه ٿي پسند ڪئي. بهرحال بيتن جو ان نموني خارج ڪرڻ کي مرحوم مرزا قليچ بيگ ”ڪوس“ڪوٺيو هو ۽ ديوان ليلارامسنگهه پنهنجي انگريزي مضمون ۾ ان کي ”مصبيت“ سڏيو هو. ان سلسلي ۾، ڄيٺمل پرسرام جو هڪ وزندار مضمون ”ڀارتواسي“ 17 مارچ 1924ع ۾ ڇپيو هو جو پروفيسر ملڪاڻيءَ جي راءِ موجب، ”سمورو مطالع ڪرڻ لائق آهي ۽ هتي ڏيئي نه ٿو سگهي. اهو ادبي بحث ”ڀارتواسي“ جي فائيلن مان ڪڍي ڪٺو ڪري ۽ سوڌي، ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ ۽ بچائڻ لائق آهي ۽ هڪ معياري تنقيدي رسالو ٿي پوندو. (1)

خود تنقيد جي فن تي، ”ساهتي نڪته چيني“ واري سري هيٺ، ساڳئي بزرگ ڄيٺمل پرسرام ”ڀارتواسي“ 17 مئي 1925ع واري اشاعت ۾ هڪ مضمون لکيو هو جنهن کي پڙهڻ گهرجي ۽ هنئين سان هنڊائڻ گهرجي. ان جا ڪجهه اقتباسات اسين اڳ ڏيئي چڪا آهيون.

ازانسواءِ 1937ع ڌاري، جڏهن مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ”شاه ڪريم بلڙي وارو جو ڪلام“ سنواري سڌاري ڇپايو هو ته ان تي به چڱو خاصو بحث ڇڙيو هو ۽ اخبارن ۾ ان تي عمدا دليل ڏنا ويا هئا جن سنڌي ادبي تنقيد ۾ گهڻو اضافو ڪيو هو. ان تي مخالفت گهڻي ڀاڱي ان ڳالهه تان متي هئي ته ڊاڪٽر صاحب، شاهه ڪريم کي ”سنڌي جو پهريون وڏو شاعر“ ڪوٺيندي به هن جا ڪيترائي بيت حذف ڪري ڇڏيا هئا جيتوڻيڪ ان بحث شاه ڪريم جي پيغام کي به پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو هو.

لعل چند امرڏنيمل پنهنجي ”سنڌڙي“ اخبار ۾، 1939ع ڌاري ”نئون پراڻو“ جي سري هيٺ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ان تحقيق تي هن طرح لکيو هو:

”دائودپوٽي صاحب “بيان العارفين“ جي پارسي مصنف جي مهاڳ مان هيءَ سٽ به اڳياڙيءَ ۾ لکيءَ ٿو ته شاهه ڪريم ڪفر جي ڪارنهن لاٿي ۽ اسلام جو ڏيو روشن ڪيو....... منهنجو عرض آهي ته دائودپوٽي جڏهن مٿيون گفتو لکڻ واجب سمجهو ته گهٽ ۾ گهٽ شاهه ڪريم جيڪي ڪم ۽ اسلام بنسبت لکيو آهي سو ته ڏيئي ها......مرزا قليچ بيگ صاحب هي تڪون به وڌيون آهن ته (1) گهڻيئي ڪافر انبيائن مان پيدا ٿيا آهن ۽ گهڻئي نبي ڪافرن مان پيدا ٿيا آهن، (2) گهڻا ئي مقام آهن جن ۾ باهه ٻري گهڻئي ڪافرن جا مساڻ آهن جن ۾ نور پيو روشن ٿئي.“ شاه ڪريم جي لکئي موجب به ڪافر معنيٰ هندو آهي، ڪفر ۽ ڪافر جي معنيٰ عام ريت اها آهي. پر ڏسو گهڻي بلڙيءَ واري اولياءَ جي دلڙي! اهڙا وچن ڦا ڪري ڇڏڻ سان نه رڳو دائودپوٽي انصاف ڪيا آهن، پر شاه ڪريم سان به حد انصافي ڪئي آهي! ...........اها منورتي آهي جا سنڌي ساهت کي پاتال ۾ وجهي رهي آهي............دائودپوٽو مٿين صوفين جي ڪشاده دليءَ جو قدر ڪندڙ ڪين آهي. لکي ٿو: حقيقتاً، ڪهڙو به جاهل مسلمان هوندو ته به انهيءَ ۾ اسلام جي برڪت ڪري آدميت ۽ اخلاق ضرور هوندو. (1)

بهرحال، ڊاڪٽر مرحوم جي سنڌي زبان جي هن ريمارڪ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو هو جنهن ۾ هن عالم لکيو هو ته:

 

”شاهه ڪريم جي بيتن جي ٻولي اڳوڻي نج سنڌي آهي، جا بلڪل صاف ۽ عربي فارسي لفظن جي آميزش کان پاڪ آهي........حقيقتاً سنڌي ٻولي ايتري قدر........ شاهوڪار آهي جو سواءِ ڪن جزوي عربي ۽ فارسي لفظن جي، اعليٰ قسم جا مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي سگهجن ٿا.......... اها سنڌي جهڙي نغمي واري آهي تهڙيائي رس ڀري.“ (2)

 

ساڳئيءَ طرح، دائودپوٽي مرحوم جي ٻئي ڪتاب ”ابيات سنڌي“ تي 1939ع ۾، هندو سنڌي پريس ۾ مخالفت ڇڙي هئي. 2 مئي 1940ع واري روزانه ”هندو“ اخبار جي اشاعت ۾ ”موڪليل“ مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ ڪتاب جي نالي تي اعتراض ڪيو هو ته سنڌيءَ ۾ ان کي ”سنڌي بيت“ چوڻ درست هو ۽ ٻي مخالفت هن ڳالهه تي هئي ته 84 بيتن مان 12- 14 ۾ قرآن شريف جون آيتون آيل هيون. ان اعتراض جو جواب سرڳواسي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ هيءَ ڏنو هو ته ان ۾ ڪو وزن ڪونهي ڇاڪاڻ ته خود شاهه جي رسالي ۾ به ڪيتريون ئي آيتون استعمال ٿيل آهن. عربي لفظن تي اعتراض ڪندي چيو ويو هو ته ”ان ريت سنڌي صورتخطي خواه گرامر کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.“ اهو به چيو ويو آهي ته اهو ”ڪتاب ديني آهي ۽ نه ادبي- سنڌي ساهت جي اوٽ ۾ اسلام جو پرچار ڪيو ويو آهي......... سنڌيءَ کي مهوڙي عربي بڻايو ويو آهي.“

ساڳئي ڪتاب تي، روزانه ”هندو“ 10 جنوري 1940ع واري پرچي ۾، ڊاڪٽر مرحوم هن ڪتاب جي مخالفت ۾، حيدرآباد نئشنل ڪاليج جي پروفيسر ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪراچي ڪاليج جي ٻئي سنڌي پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا ليکه پيا هئا.

”هندو“ 2 مئي 1940ع واري اشاعت ۾ لکيو هو ته:

”سٽ سٽ ۾ عربي ڪتب آندل آهي ۽ صفحي صفحي ۾ قرآن شريف جون آيتون ڏنل آهن...... هاڻي سوال ٿو اٿي ته ڪتاب جو مول ڀاڱو عربي آهي جنهن ۾ ڪتب آندل لفظن مان 40- 50 سيڪڙو ڊڪشينريءَ ۾ ئي ڪونهن، سو ڪتاب سنڌي ڪيئن چئبو؟“

 

پر سڀ کان وڌيڪ مخالفت، سوانح عمري جي ان نڪري ئي ٿي جنهن جو تعلق هڪ بتخاني تي شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ طرفان حملي سان هو. ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم لکيو هو ته:

 

”شيخ عبدالرحيم کي جهاد اصغر جو هميشه شوق رهندو هو ۽ شهادت جي تمنا هوندي هيس. گرهوڙ کان ٽيهه ميل پري خيرپور رياست ۾ هڪ مها ڏيو جي مڙهي هئي، جتي هر قسم جون بڇڙايون ٿينديون هيون، سندس آرزو هوندي هئي ته ان بدخاني کي ڀڃي نابود ڪريان.......يارن کي چيائين ته هلو ته هلي بت خانو ناس ڪريون....... خواجا گل محمد کي هيٺيون بيت (نياپو) ڏياري موڪليائين:

”جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان تنهنکي ڪڄاڙو ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي.“

(ڪوڏ وچان ڪن ٽوپايل جوڳيءَ کي ڪابه پرواهه ڪانهي ته سندس پيءُ ڪير هو ۽ سندس ماءُ سان ستاوڙا پئي ڪري.) آخر نمازي وٺي هلان ڪئي ۽ کن ۾ بتخانو ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائون. شيخ عبدالرحيم پاڻ نڪو هٿيار هلايو ۽ نه ڪو بدشد ڪيائين..... کيس ترارين ۽ تيرن جا گهاءُ لڳا جن جي ڪري گهڙيءَ ۾ دم ڏيئي شهادت جو پيالو پيتائين.“

 

ان تي سخت اعتراض اٿاريندي، ”ڊيلي سنڌ نيوز“ جي ايڊيٽر ٽي-ايل بنواڻيءَ اخبار جي 7 نومبر 1940ع واري اشاعت ۾ لکيو:

”مٿئين بيت جو مطلب کولي ٻڌائڻ سڀيتا جي خلاف آهي....... اسين ٿا پڇون ته مڙهي کي ڊاهڻ کي جهاد ۽ اهڙي نموني جي موت کي شهادت سڏڻ جو مطلب ڇا؟ ڇا اهي سچي شهيدي آهي؟ ڏسو ته اهڙي شخص کي ڊاڪٽر صاحب ڪيئن نه پڏائي ٿو...... گويا ٻين مسلمانن کي اهڙن ڪمن لاءِ همٿائي ٿو. هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مذهبي ڇيڙڇاڙ ٿي سگهي ٿي؟......... هيءُ ڪتاب ڪو سنڌي ساهت کي زور نه ٿو وٺائي، مگر هڪ خالص ديني ڪتاب آهي، سو به هندو جذبات کي نهايت آزاريندڙ ۽ مذهبي پرچار ڪندڙ.“

ساڳئي قسم جو الزام، واڌو مل ايسرداس ٻيءَ اخبار ”سنسار سماچار“ جي 9 جنوري 1940ع واري اشاعت ۾ ڇپيل هڪ مضمون ۾ هنيو هو.

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ”الوحيد“ ۽ ”توحيد“ سنڌي ادب جي نمايان خدمت ڪئي. حقيقت هيءَ آهي ته ان دور ۾ اخبارون ۽ رسالا تعليمي ترقي ۽ سماجي سڌاري لاءِ ڄڻ ته هڪ قسم جا مبلغ هئا. موجوده دور وار رپورٽنگ جو تصور ۽ اهميت اڃا ناپيد هئي. خبرون ڇپيون هيون پر انهن جو پنهنجو انفرادي اصليت وارو مقام اڃا نامعلوم هو ڇاڪاڻ ته اخبارون بحيثيت هڪ صنعت جي اڃا سوڌو نه اڀريون هيون ۽ خبرن جي فني اهميت ۽ پيش ڪرڻ جو طريقو محدود هو. 1930ع تائين ”الوحيد“ ”محمد بن قاسم نمبر“ ۽ ”رمضان نمبر“ ڪڍي چڪي هئي جن ۾ تاريخي، ديني ۽ ادبي قسم جي مضمون جو چڱو خاصو مقدار ڇپيو ويو هو. پر 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي تي، الوحيد هڪ نهايت ضخيم ۽ معلومات سان ڀريل اهڙو نمبر ڪڍيو هو جنهن ۾ بي انداز علمي، تاريخي ۽ سياسي مضمون ڏنا ويا هئا جيڪي گهڻي محنت ۽ تحقيق جو نتيجو هئا. دراصل انهن جي پٺيان هٿ وري به اديب ۽ عالم مرحوم مولانا دين محمد وفائي جو هو. ان کانپوءِ ته ”الوحيد“ ادبي ۽ معلوماتي نمبرن ۽ سپليمينٽن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سنڌي ادب جي بي مثال خدمت سرانجام ڏيندي رهي.

”توحيد“ رسالو بنيادي طرح، ديني تبليغ، شڌي تحريڪ جي رد ۽ ضعيف الاعتقاد مسلمانن جي ايماني اصلاح ۽ امداد لاءِ وجود ۾ آندو ويو هو، تنهن به اڳتي هلي ڪافي صفحا تاريخي ادب لاءِ وقف ڪيا. ازانسواءِ سياست ۽ سوانح کي به شامل ڪيو ويو ۽ ان لاءِ به گنجائش پيدا ڪئي وئي، هن رسالي کي وڏي پائي تي پهچائڻ ۾ مرحوم وفائي جي قلم جو زور هو جيڪو رسالي جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هو. 1940ع ڌاري جڏهن مرحوم مولانا محمد عبيدالله سنڌي دربدي جا ڏينهن پورا ڪري وطن وريو ۽ هن پنهنجي لائحه عمل لاءِ سنڌي کي منتخب ڪيو، ان وقت کان وٺي، ”توحيد“ مولانا جي سياسي ۽ دين جي انقلابي فڪر جي تشريح لاءِ هٿيو ٿي استعمال ٿيو. مولانا وفائي مرحوم جو ذهني لاڙو شروع کان ئي، ادب ۽ سياست ڏانهن هو پر جيئن ته هو اسلامي رنگ ۾ رنڱيل هو، تنهنڪري سندس هر ادبي ۽ سياسي تحرير پٺيان مقصد ديني اصلاح ۽ مذهبي معلومات کي عام ڪرڻ هو. ان مقصد عظيم ۾ وفائي مرحوم بيحد ڪامياب ٿيو.

ان کان علاوه، ”ستاره سنڌ“ اخبار، پير علي محمد راشدي صاحب جي ادارتي سنڀال هيٺ، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي. ان ڪم ۾ سندس ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشدي صاحب جو به وڏو حصو آهي جيڪو شروع کان سندس ٻانهن ٻيلي بڻيو رهيو. ٻنهي ڀائرن جو لاڙو ادب ڏانهن هو ۽ ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستار سنڌ“ جهڙين پروپئگنڊائي اخبارن کي ان طرف لاڙڻ لاءِ سندن ادبي ذوق ذميوار آهي. ”ستاره سنڌ“ جو ”بهار نمبر“ ته ادبي دنيا ۾ لافاني حيثيت رکي ٿو. خود پير علي محمد راشدي جي ”سيد معصوم شاهه بکري“ واري تصنيف ان دور جي قلمي ڪاوش آهي.

 

مرحوم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم عبدالخالق مورائي ۽ مرحوم قاضي عبدالرزق (جيڪي ڪنهن حد تائين صحافي پڻ هئا) جون انفرادي ڪوششون سنڌي ادب جي اوسر ۽ ترقي لاءِ وقف رهيون. سيوهاڻي صاحب 1925ع ۾ ”الجامع“ رسالو جاري ڪيو هو جنهن مضمون نويسيءَ کي گهڻو اڀاريو ۽ مورائي صاحب ته اسلامي تاريخي ناول نويسيءَ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو هو. مرحوم قاضي عبدالرزاق جو رسالو ”ڪاميابي“ سان ذاتي ڪاميابي جو هڪ مثال آهي.

 

ان کانسواءِ، متعدد اخبارن ۽ رسالن سنڌي ادب جي آبياري ڪئي آهي جن جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ مٿي ٿي چڪو آهي.

 

پر 1937ع ۾ ماهوار ”سنڌو“ رسالو جاري ٿيو جنهن سنڌي ادب جي ترقي لاءِ بي مثال خدمت ڪئي. هن رسالي کي مرحوم پروفيسر لطف الله بدويءَ هڪ تحريڪ ڪوٺيو آهي جنهن جي صداقت ۾ ڪو شڪ نه آهي. بولچند راجپال جيڪو شڪارپور لڳ ميان جي ڳوٺ جو هڪ مڇي مانيءَ وارو ننڍو زميندار هو، تنهن ڍنگ ۽ رنگ سان هي رسالو جاري ڪيو جيڪو پهريون دفعو باتصوير سهڻي پني تي ڇپيو هو. ٿوري ئي وقت ۾ ”سنڌو“ بيحد مقبول ٿيو ۽ ان کي هندو توڙي مسلمان عالمن ۽ اديبن جو تعاون حاصل ٿي ويو جن ۾ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، لعل چند امرڏنو مل، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، رحميداد خان مولائي شيدائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڪشنچند ”بيوس“، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي، پروفسير شيوارام ڦيرواڻي، مرزا نادر بيگ، لطف الله بدوي ۽ پير علي محمد راشدي جهڙا چوٽيءَ جا ليکڪ ۽ شاعر شامل هئا. مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي جي قاضي قاضن ۽ عبدالڪريم بلڙي واري تي ابتدائي تحقيق ان زماني ۾ شروع ٿي ۽ پير علي محمد راشدي پاران ”سکر ۾ جنگيون“ جهڙي تاريخي تحقيق ”سنڌو“ جو يادگار آهن. سڀ کان وڏي خدمت هن رسالي جي اها آهي ته ان اهڙن اديبن ۽ شاعرن جي جماعت پيدا ڪئي جن روايتي انداز واري تحرير ۽ قديم سوچ جي جاءِ تي تحقيقي ۽ سائنٽيفڪ انداز واري اسلوب بيان کي جنم ڏنو جيڪي جيئن پوءِ تيئن ترقي ڪندو رهيو. افسانوي اديب ۽ رنگ لاءِ هن ئي رسالي ميدان هموار ڪيو. هيءَ مخزن پاڪستان ٺهڻ تائين ادبي خدمت ڪندي رهي ۽ ان کانپوءِ هندن سان گڏ هندستان منتقل ٿي وئي.

 

ان کان علاوه، ٻين انيڪ اخبارن، مخزنن ۽ رسالن، سنڌي ادب جي اوسر ۾ هٿي ڏني جن ۾ ”اخبار تعليم“، ”اَشا“ ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“ ”اديون“، ”بادل“، ”مارئي“، ”روح رهاڻ“، ”ملير“،، ”سهڻي“، ”رهبر ڊائجسٽ“، ”سنڌي ڊائجسٽ“ ۽ يونيورسٽي جو ”سنڌي ادب“ شامل آهن. انهن مان ڪي ختم ٿي ويا ۽ ڪي اڃا ڪم ڪري رهيا آهن. تازو ”برسات“ ۽ ”سوجهرو“ هفتيوار ۽ ماهوار رسالن ۾ پنهنجو نالو خوب چمڪايو. رسالن ۽ مخزنن جي ادبي خدمت ته قابل فهم آهي پر روزانه سنڌي اخبارن پنهنجي بنيادي صحافتي ذميوارين جي تڪميل سان گڏوگڏ ادبي خدمت لاءِ جيڪا جڳهه بچائڻ ۽ مواد ڇاپڻ جي سلسلي ۾ قربانيون ڏيئي رهيون آهن، سي قابل داد آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، اخبارن طرفان ادبي خدمت جو جذبو پاڻ وڌيو ۽ مختلف وڏن ڏينهن ۽ موقعن تي مناسب مضامين ڏيڻ کان علاوه هفتي جي مختلف ڏينهن تي ضرورت مطابق اهڙن موادن ڇاپڻ سان گڏوگڏ، مستقل بنيادن تي هفتيوار ادبي ڪالم ۽ ادبي صفحا شايع ڪن ٿيون. تقريباً سڀني روزانه اخبارن ۾ هفتيوار ادبي صفحا ۽ شاگردن جا صفحا ڇپجن ٿا جيڪي ادبي مضامين ۽ سنڌي زبان جي مسئلن لاءِ وقف آهن. ازانسواءِ وقت بوقت ڇپجندڙ سنڌي ڪتابن جي تعميري انداز جا تبصرا شايع ٿيندا رهن ٿا. هلال پاڪستان جو ادبي صفحو پڙهڻ جهڙو هوندو آهي. ”سنڌ نيوز“، ”ادبي دنيا“ جي نالي سان هفتيوار صفحو ميسر ڪيو آهي ۽ ”عبرت“ ته پهريائين ڪجهه عرصي کان ”ڪاوش“ عنوان هيٺ اهڙو ادبي سلسلو شروع ڪري رکيو هو جيڪو هاڻي تازو تبديل ٿي ادبي مئگزين جي شڪل ۾ باقائدگي سان نڪري رهيو آهي.

پر ان قسم جي ادبي سرگرمين جو تسلسل، اخباري دنيا ۾ قائم رهيو آهي. ڪڏهن ان جي شڪل ادبي بحث يا تنقيد ۽ تصبري جي رهي ته ڪڏهن زبان جي اصلوڪي حيثيت قائم رکڻ جي مطالبي جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري سنڌي زبان کي بطور ذريع تعليم خصوصاً هيٺين ليول تي بحال ڪرڻ واري گهر جي جنهنکي سنڌي پريس وقت بوقت، خطري واري حالت ۾، ادارتي نوٽن توڙي ٻين مهمن جي شڪلن ۾ پئي کنيو آهي. اخبارن جي ان ادبي نوعيت وارين خدمتن جو سلسلو تمام گهڻو ڊگهو آهي ۽ جيڪڏهن رڳو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ واري عرصي جي اهڙين مضمونن ۽ تبصرن کي عنوان موافق جمع ڪيو وڃي ته نهايت وسيع ذخيرو گڏ ٿي سگهي ٿو. پر هتي سان فقط تسلسل کي قائم رکڻ جي مقصد لاءِ، ٻه چار ادبي نوعيت جون اهڙيون شيون ڏيڻ چاهيون ٿا جن مان ادب ۾ اخبارن پاران دلچسپي برقرار بلڪه وڌڻ جو ثبوت مهيا ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌي پريس جي خدمتن جو اندازو رهي.


(1)  سنڌي نثر جي تايخ: پروفسير ملڪاڻي- ص، 231.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي. ص، 372- 373.

(1)  اسان کي اخبار ”الحقيقت“ مورخه 16 ڊسمبر 1922ع جو هڪ اهڙو صفحو هٿ چڙهيو آهي جيڪو سڄي جو سڄو ڪتابن جي ڪٿ لاءِ وقف ڪيل ٿو ڏسجي. وري  عجيب اتفاق ڏسو جو ان صحفي تي ٿيل تبصري جي ”بسم الله“ به مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن سان ٿئي ٿي جنهن ۾ ”ٻاراڻي تعليم“، ”تعليم ورزش نامو“، ”نصحيت نامو“، ”ملن جو تعليم نامو“، ”سليس صرف ۽ نحو“، ”زالن جا فرض“ ۽ ”هڪڙي سهگڙ زال“ شامل آهن. تصبري نگار چوي ٿو ته ”هي ڪتاب اهڙا آهن جي ڇپجي پنهنجي پسندي ۽ شهرت اڳتي ڪڍي رهيا آهن. تنهنڪري هٿ جي ڪنگڻ لاءِ آرسيءَ جي ڪهڙي ضروت؟“

 

     ٻئي نمبر تي نئين جاير ٿيل اخبار ”ڌرم پرڪاش“ تي راءِ زني ڪيل آهي ۽ ان کانپوءِ ”ديني ڪتابن جي ضرورت- اڳين بقايا“ جي سري هٺ، ان زماني ۾ ڪتاب جوڙڻ، لکڻ ۽ ڇپڻ تي جيڪي تڪليفون پيش اينديون هيون تن جو ۽ عام ماڻهن طرفان گهٽ دلچسپي جو ذڪر ڇيڙيو ويو آهي. هن ريمارڪ خاص غور لائق آهي:”................. تنهن کانسواءِ اشتهارن تي خرچ ڪرڻو ٿو پوي. پوءِ به خريدار ٺهن ئي ڪين. مصنف جي تڪليف ته چٽ پر خرچ ڪيل پئسا به برباد. جيڪڏهن انهن پئسن مان ڪو زمين جو ٽڪر خريد ڪري ها ته بنا تڪليف چڱي پيدائش پيو کڻي ها. سچ آهي ته ويچارا مصنف پنهنجي فائدي واسي ڪتاب ڪونه ٿا لکن پر قوم جي سڌاري واسطي ٿا لکن. پر اڪثر مصنف مسڪين آهن. هو ايترو پئسو آڻن ڪٿان؟“

 

    مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ذاتي فائيلن کي ڏسندي معلوم ٿيو ته 5 سيپٽمبر 1882ع تي، ”مجمع محمدي“ ڪراچي جي سيڪريٽري پاران مرزا صاحب مرحوم کي هڪ خط لکيو ويو هو جنهن ذريعي مرزا صاحب جي ٻن ڪتابن (هدايت النسوان ۽ نجات) تيار ڪرڻ ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پڙهائڻ لاءِ موڪلڻ تي، هن جو شڪريو ادا ڪيو ويو هو.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي، ص- 337.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ؛ پروفيسر ملڪاڻي- ص، 356.

(1)  ايضاً، ص- 356، 357. 

(2)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي. ص- 357.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي، ص- 358.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ؛ پروفيسر ملڪاڻي- ص، 360.

(2)  ايضن، ص- 328.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org