سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 9

صفحو : 17

”ڪوريءَ جي ڪانئچ“

مون کي هن اشتهار جي سٽا هڪ لطيفو ياد ڏياريو آهي. اهو لطيفو هن ريت آهي بلڪه افسوسناڪ ”سانحو“ هيئن ٿو جو ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو فئشنيبل ڪوري رهندو هو جيڪو سڃائيءَ تي به سيٽ مڙئي چڱي رکندو هو. اندر ٻاهر لاءِ هن هڪ چڱيرو وڳو پاڻ وٽ رکيو هو جنهن ۾ ڪانئچ ته وري پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هڪ دفعي ڀر واري ڳوٺ ۾ ڪوريءَ واري ڳوٺ جي وڏيري کي وهانءُ جي دعوت ملي هئي ۽ وڏيري وٽ ان موقعي جي مناسبت جهڙي ڪانئچ ڪانه هئي. بهرحال ڪوريءَ جي ڪانئچ جي خبر هيس. سو ڪوريءَ کان اها ڪانئچ گهرائي ورتائين ۽ ان موقعي تي پاڻ وڃي شامل ٿيو. ان ساڳئي وهانءَ ۾، ڪوريءَ کي به سڏ هو. ڪانئچ  ته وڏيري کي ڏيئي ويٺو هو پر اندر ۾ جڪ پئي آيس. مٿان وڏيري منع ڪئي هيس ته وهانءَ ۾ ڪانئچ جي مالڪيءَ جو اهڃاڻ به نه ڏئي ڇوته وڏيري جي عزت جو معاملو هو. ڪوري ويو ته وٺجي. خير وڏيرو ۽ ڪوري ٻئي وڃي شادي ۾ شريڪ ٿيا. ڪوريءَ پاڻ کي گوڏ ۾ ۽ وڏيري کي سندس ڪانئچ ۾ ملبوس ڏسي ساڙ پئي کاڌائين ۽ سمجهه ۾ نه ٿي آيس ته ڇا ڪري. آخر مغز ۾ هڪ شرارت اچي ويٺس. سو اوچتو ماڻهن جي ميڙ ۾ چوڻ لڳو ته ڀائو! ڪنهن کي خوامخواه شڪ نه ڪرڻ گهرجي ڇوته وڏيري کي پاتل ڪانئچ منهنجي نه آهي.“ دراصل ايترو چوڻ به ڪافي هو. ماڻهو حيران ٿي هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا. وڏيرو وٺجي ويو. ماڻهو ايترو سمجهي ويا ته ”ڪجهه به هجي، ڪانئچ وڏيري جي نه آهي، ورنه ائين چوڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟“ اهو سوچيندي ماڻهو وڏيري تي ڏاڍو کليا. ڪوريءَ جو ڪم ٿي ويو. وڏيرو سخت پشيمان ٿيو ۽ ڪاوڙيو. سو ڳوٺ موٽڻ تي ڪوري کان پڇائين ته” تو اهو ڪهڙو قهر ڪيو؟“ ڪوريءَ هي چئي پنهنجي جند ڇڏائي ته مون ته توهان جي هدايت موجب عليٰ الااعلان چيو ته اها وڏيري واري ڪانئچ منهنجي نه آهي. توهان به ته ائين چيو هو نه ته مان ان ڪانئچ جي مالڪي نه ڪيان.“ وڏيرو ذلت سهي خاموش ٿي ويو ۽ ڪوريءَ کي به پنهنجي مطلب جو موتي ملي ويو.“

”سڏ اوهان جو، شيوا اسان جي“

هفتيوار ”سنڌو ڌارا“ بمبئي مان نڪرندڙ، سنڌي هندن جي هڪ هفتيوار اخبار هئي جيڪا آزاد ۽ سنيجده تصور ڪئي ويندي هئي. 1929ع جي دور جي ڪن پرچن ڏسڻ جو موقعو مليو. ”سنڌيت جو آواز بلند ڪندڙ هفتيوار ”سنڌو ڌارا“ ڪيترين ڳالهين ۾ پنهنجي انفراديت مڃرائي چڪي هئي. خاص ڪري لپيءَ جي مسئلي تي ڪيترن ئي هندو عالمن جي مخالفت جي باوجود، هن هفتيوار سنڌي جي عربي رسم الخط جي هندستان ۾ حمايت ڪئي. ان هفتيوار اخبار اشتهارن ڏيڻ جو ڏاڍو انوکو ۽ دلچسپ طريقو ايجاد ڪيو هو مختلف قسمن جا اشتهار هڪ ئي صفحي ڏئي مٿان مڙني جو مشترڪ عنوان ڏيندي هئي ”سڏ اوهان جو- شيوا اسان جي.“

اشتهارن جي ان دلچسپ آکاڻيءَ اسان کي ان مرحلي تي پهچايو آهي جتي اهو سوچيو وڃي ته اڳي پريس ۾ اشتهارن جي ورهاست ڪهڙي بنياد تي ٿيندي هئي. ٿوري غور کانپوءِ اسين ان نتيجي تي پهچون ٿا ته اخبار جي اشاعت واري بنياد جون ڳالهيون، موجوده زماني ۾ جي منطق وانگر، ”اصولي اعتبار“ پيدا ڪرڻ مقصود هيون باقي اصل ۾ اشتهار ڏيڻ يا نه ڏيڻ لاءِ، رهنما اصول وري به حڪومت جي وڻت يا اڻ وڻت ”واريون شيون هيون جن جو سڌي طرح تعلق حڪومت جي پاليسي لاءِ حمايت ۽ مخالفت سان هو جئين هميشه هلندو آيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ اڃا سوڌو سڌريل ملڪن وانگر اشتهار ڏيڻ جو بنياد فقط اخبار جي اشاعت واري اصول طور نه اختيار ڪيو ويو آهي. حڪومت جي مرضي رهي آهي ته جنهن کي اشتهار ڏئي يا نه ڏئي يا ان جو حصو گهٽائي ڇڏي يا وڌائي ڇڏي. ان لاءِ حجتون هزارين ٿي سگهن ٿيون، منطق منجهائي مارين ٿا پر آهن اهي سڀ ٻڌائڻ جون ڳالهيون جن جي پٺيان ڪارفرما خواهش اها ٿي رهي آهي ته ڪيئن به ڪري همت افزائي حمايت ڪندڙ اخبار جي ڪئي وڃي ۽ مخالفت ڪندڙ جي گلا گهٽ ڪئي وڃي. اهو غير منطقي ۽ بي اصولي وارو رويو شروع کان وٺي حڪومت جو هلندو اچي جيتوڻيڪ ڌاري سرڪار جن اهڙي نيت ۽ روش وري به سمجهه ۾ اچي ٿي. پر آزاد ۽ پنهنجي حڪومتن پاران اهڙو ناقابل فهم آهي. ان قسم جي ماحول ۾، صحيح، اصولي ۽ ايماندارانه صحافت جو اڀرڻ ڏاڍو ڏکيو امر ٿي پيو آهي ۽ بي اصول ۽ چاپلوسانه طرز تحرير زورن تي آهي. ڏٺو وڃي ته عملاً، محنت ڪرڻ ۽ قربانيون ڏيڻ جون ڳالهيون اڳئين زماني جي تاريخ تائين محدود تصور ڪيو وڃن ٿيون. زنده رهڻ واري خواهش خساري واري نه آهي پر اڄوڪو زنده رهڻ بي اصولي جي بها تي خريدي سگهجي ٿو جيڪو ”امڪاني“ ۽ ”عملي“ بهاني جون واٽون ڳولي ٿو. پر ائين به آهي ته اهڙين مشڪلاتن ۾ ”اڃا به آهين ڪلجڳ ۾ ڪي ڪاپڙي“، جن کي رڳو زنده رهڻ پسند نه آهي. سندن نظريه صحيح زندگي اصول جي احياء ۽ بقا ۽ بديءَ جي بيخ ڪئي ۾ مضمر آهي. ان ڪري اهڙا ماڻهو پوئتي پوڻ وارا نه آهن ۽ قرباني جا هي ڪوڏا قلم جي حرمت ۽ آزادي لاءِ سخت صعوبتون سهندي به فخر محسوس ڪندا آهن. سچ پچ ته اهو فخر ۽ ذهني سڪون ئي سندن محنتن جو معاوضو آهي. آزاد ۽ اصولي صحافت اهڙن افرادن جي مرهون منت رهي آهي. اهڙا ماڻهو هر دور ۾ هوندا آهن ۽ هن وقت به يقينن آهن.

 

اخبارن جي اشتهارن جي تقسيم جي باري ۾، هر دور ۾، شڪايتون رهنديون آهن پر ”الوحيد“ جي شڪايت ان ڪري به وزندار آهي ڇوته هن اخبار وڏيون قربانيون ڏنيون هيون ۽ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جو ذهني پليٽ فارم ته الوحيد جي ڪوشش جو نتيجو هو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ليڪن ”الوحيد“ 31 جولاءِ 1936ع تي ادارتي نوٽ ذريعي ٻڌايو ته:

”سنڌ سرڪار ۾ وڏا عهدا خالي ٿين ٿا يا پيدا ڪيا وڃن ٿا پر انهن بابت اشتهار سنڌ ۽ هند جي ڪيترن ائنگلو انڊين اخبارن ۾ شايع ٿين ٿا پر مسلم قوم جي ساري سنڌ ۾ واحد روزانه ”الوحيد“ اخبار سرڪاري اشتهارن جي ملڻ کان محروم آهي. اسان کي اميد هئي ته جدا سنڌ ٿيڻ بعد سرڪار جي ڪاوڙ لهي ويندي ۽ سرڪار کي معلوم ٿي ويندو ته اهڙي ڪاوڙ ڪروڌ ڪرڻ لاءِ سرڪار کي ڪوبه واجبي سبب نه آهي پر اڃا تائين اسان جي اميد نه پوري ٿئي ٿي.“


 

(ج) ٺيٺ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال

اوائلي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪندي بي شمار پراڻن ۽ ٺيٺ لفظن، اصطلاحن، تشبيهن، چوڻين ۽ ڪهاوتن جو ذخيرو نظر مان گذريو جيڪي جيتوڻيڪ هن وقت گهڻي ڀاڱي متروڪ ٿي چڪا آهن. پر انهن جي صحت اثر انگيز ۽ اصليت ماضيءَ جي صحافت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا ۽ جن جي موجوده زماني ۾ استعمال به نهايت موزونيت ۽ ادبي آسودگي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. وقت گذرڻ سان بعض قديم الفاظ پنهنجي افاديت وڃائيندي ۽ نواڻ سان نوازيل اصطلاح انهن جي جڳهه وٺندي نظر ايندا آهن ۽ ظاهراً جديد دور جون تقاضائون پوريون ڪندا آهن. پر باريڪ بينيءَ سان جيڪڏهن لفظن جي خزاني کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اهي اهڙا سڪا آهن جيڪي هر دور ۾ هلڻ لائق آهن.

 

اسان جي موجوده دور ۾ ته اهو رجحان پيدا ٿيو آهي ته قومي قدامت، اصليت ۽ عظمت ثابت ڪرڻ لاءِ جتي پراڻي ثقافت ۽ تهذيب جا اهڃاڻ ۽ علامتون پراڻن کنڊرات جي شڪل ۾ دنيا جي آڏو آندا وڃن، اتي پنهنجي موروثي ٻولين جي وسعت ۽ زرخيزي جڳ جهان کي ڏيکاري کانئن سونهن ۽ ساک جون سندون حاصل ڪيون وڃن. ان چٽاڀيٽي ۽ چونڊ ۾، ڪيئي قومون مصروف آهن. ڪن کي ڪاميابي ٿي آهي ۽ ڪن کي ناڪامي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو پر ماڻهن مايوس ۽ ملول ٿي پنهنجون ڪوششون ترڪ نه ڪيون آهن.

 

اسان ته ان لحاظ کان خوشنصيب آهيون جو اسان تيار ٿيل ٻار تي اچي ويٺا آهيون ڇوته اسان پنهنجي خطي ۽ خصوصيت جي عظمت ۽ انفراديت جو داد دنيا کان اڳ ئي وٺي چڪا آهيون. واديءَ مهراڻ جي عجيب ارتقا جو مهانڊو ۽ معراج موهن جي دڙي مان ملي ويو آهي ۽ ان عظيم ورثي اسان جا ڳاٽ اوچا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌي زبان به انهن عظمتن جي هار جو هڪ انمول مڻيو آهي جنهن جي چمڪ ۽ ڌمڪ جو ڏاڪو ملڪان ملڪ ڄميل آهي. اسان جي زبان اڪيچار الفاظ جي دولت سان مالامال آهي ۽ اها خوشحالي اسان پنهنجي پراڻي ادب ۽ اخباري دنيا ۾ بخوبي ڏسي سگهون ٿا. انهن الفاظن کي رئي ضرور چڙهي وئي آهي پر اها لٽ لاهي سگهجي ٿي ۽ انهن کي اختيار ڪرڻ سان قديمي قدرت قيمت موٽائي ماڻي سگهون ٿا. اهو ان ارادي جوئي نتجيو آهي جو پراڻين اخبارن ۾ ٽڙيل پکڙيل چند ٺيٺ لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا ڪٺا ڪيا اٿم ۽ انهن جي معنيٰ جي موتين کي وري اجاڳر ڪيو ويو آهي.

 

هتي اخبار ”الحق“ (11 فيبروري 1905) جي اخبار کي نقل ڪيو ويو آهي جنهن مطابق هڪ ماڻهو لالچ ۾ اچي، هڪ رجسٽرڊ ليٽر ۾ ڪنهن دوست يا عزيز کي 210 روپين جا نوٽ موڪلي ڏنا هئا. ”موڪليندڙ 4-8 آني جي ڪفايت ڪئي ۽ ويمون ڪين ڪرايائين”“ هن ننڍڙي خبر ۾ ٻه پراڻا پهاڪا نهايت سهڻي انداز ۾ استعمال ٿيل آهن. اخبار جي عبارت ۾ اهي پهاڪا هن نموني استعمال ٿيل آهن. ”پر يار اهڙا مليس جو هڙئي پيسا پاڻي ۾- جتي لوڀي هجن تتي ٺوڳي بک نه مرن. اَوت ٽپالي سسپينڊ ٿيو آهن، نوٽن الائي ڪهڙا در ڏٺا.“

”تپيداري ملڻ جهڙي خوشي“

ماهوار ”سنڌو“ مخزن (مارچ 1937ع) جي اشاعت ۾، پرڀداس وسومل راجپال هڪ مضمون ”اعمالن جي شامت“ ڇپيو هو جنهن ۾ هو هڪ ماڻهو کان گفتگو ۾ چورائي ٿو ته:

”....... اها رقم اڄ ڪلهه جي زماني ۾ ڪائي حيثيت نه ٿي رکي مگر اڳيئن زماني ۾ ماڻهو انهي کي وڏو رقم سمجهندا هئا. منهنجي خوشي جي حد نه رهي. اهڙي خوشي ۾ گهمندو هوس ڄڻ ”مون کي تپيداري ملي وئي هئي“ کلڻ جهڙي ڳالهه نه آهي تپيداري جو عهدو ان زماني ۾ اهڙو سٺو هوندو هو جهڙو اڄ ڪلهه جي مختيارڪاري. منهنجي قسمت اوج تي هئي....“ ان ڳالهه تي مون کي هڪ لطيفو ياد اچي ويو. شايد موقعي جي مناسبت سان توهان کي به وڻي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن وهانءُ ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ، ريل جي سفر دوران، مختياڪار ۽ تپيدار جي زالن جي ملاقات ٿي. مختياڪار جي زال کي تپيدار جي گهر واريءَ کان ڳهه ڳٺا مڙئي گهٽ هئا. جڏهن مختيارڪار جي زال شادي کائي گهر پهتي، ته اچڻ سان هن پنهنجي مڙس کان پڇيو ته ”ميان! اهو ٻڌاءِ ته تون تپيدار ڪڏهن ٿو ٿين؟“ مختيارڪار ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ جواب ڏنائينس ته: ”رن! چوين ڇا ٿي؟ مان عهدي ۾ تپيدار کان گهڻو مٿي آهيان. وچ تي سپروائيزنگ تپيدار آهي، ڪيترا ڪلارڪ ڪڙا ۽ هيڊ منشي تنهن کانسواءِ انهن سڀني جي مٿان ٿو منهنجو درجو اچي. ”جوڻس ريل گاڏيءَ وارو واقعو ٻڌائيندي چيس ته ”ماريا! اهي ڪوڙ ڪنهن ٻئي سان وڃي هڻ. مان اصل نه مڃانءِ.“

”اڻپڇو“

انهي ساڳئي ”سنڌو“ واري خبر ۾ هڪ جملو هن طرح آهي. ”جنهن ڪم ۾ هٿ وجهان، اڻپڇو نقصان ٿيو رکيو آهي.“ هتي اڻپڇو معنيٰ يقني، پڪ ئي پڪ. لفظ معنيٰ بغير پڇا جي، ظاهري حالت سان موافقت نه رکندڙ.

”نه هوند نه شڪر“ ۽ ”اوس“

”سنڌو“ مئي 1938ع واري اشاعت ۾، سنڌ جي جدائي ۽ نين سياسي حالتن تي مايوسي جو اظهار ڪندي، اهي ٻئي اصطلاح استعمال ڪيا آهن. لکي ٿو: ”هينئر سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته هو غفلت ۾ رهن ۽ ڪائونسل ۾ اهي ماڻهو چونڊجي وڃن جن مان نه هوند نه شڪر.“ نه هوند نه شڪر مان غير مفيد ۽ بي اثر هجڻ جي مراد آهي. ساڳئي مضمون ۾، ٻئي هنڌ وري هي جملو ڪتب آيل آهي: ”جڏهن ڪابه قوم يا جاتي پنهنجي مقصد کي ڇڏي ٿي ڏئي تڏهن ان جي پڄاڻي اوس ويجهو سمجهڻ گهرجي.“ هتي ”اوس“ مان ”يقينن“ معنيٰ ڪڍڻ گهرجي. ٻي معنيٰ ”اڻٽر“ يا ”اڻ گس“ به ٿي سگهي ٿي.

اسان جي هنن قديمي لفظن ۽ اصطلاحن جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو ۽ ذريعو روزانه ”الوحيد“ اخبار آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ٻين اخبارن جي ڀيٽ ۾، هن اخبار جو رڪارڊ فائيل بهتر ۽ زياده پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ دستياب هئا. ان جي حفاظت ۽ سنڀال جو سهرو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ جي سر تي آهي جنهن جي سربراهه ڊاڪٽر غلام علي الانا کي سنڌي ادب سان انس جنون جي حد تائين آهي ۽ جنهن جي ذاتي دلچسپي ۽ محنت جي نتيجي ۾، سنڌ جي ماضيءَ سان واسطو رکندڙ قيمتي ڪتاب ۽ ٻيون انيڪ اڻ لڀ شيون، هن علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان کڄي اچي ان جي لئبرري ۾ جمع ٿيون آهن. ٻيون به ڪيتريون ئي بي بها اهڃاڻ، پراڻا رسالا ۽ اخبارون ڪٺيون ڪيون ويون آهن جنهن جي حيثيت ”سنڌ جي عمارت“ ۾ هڪ دري جهڙي ٿي پئي آهي جنهن مان ليئو پائي ڪوبه شائق، ڪنهن به وقت، سنڌ جي سونهن ۾ ساڃهه جي وسيع واديءَ کي هڪ جهاتيءَ سان ڏسي سگهي ٿو. اتي وهڻ ۽ واجهائڻ جو موقعو مون کي به مليو آهي. ازانسواءِ ساڳئي مقصد لاءِ، ”الوحيد“ ۽ ٻين هندو ۽ مسلم اخبارن کي ڏسڻ جو موقعو برادرم محترم غلام محمد ”جوهر“ ميرپور بٺوري واري وٽ به واهه جو مليو.

 

”ڇيٽو“

”الوحيد“ (3 جولاءِ 1922ع) جي اداريه ۾ هي لفظ ڪم آندو ويو آهي، جملو هن هريت آهي؛ ”هندستان ۾ اڄ چوطرف تشدد ۽ دٻاءَ جو دور دورو آهي، ملڪ ۾ گرفتارين ۽ سزائن جي ڌم لڳي پئي آهي. حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ جيئن ڏينهن گذرندا ٿا وڃن تيئن زياده ڇيٽو پوندو ٿو وڃي.“ ”ڇيٽو“ معنيٰ وٿي يا بعد ۾ فرق. اهو لفظ اڄ به ٻهراڙين ۾ بلڪل ساڳئي مفهوم ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اسان جا ڳوٺ، اصلوڪي ۽ ٺيٺ سنڌي زبان جا امين ۽ پناهه گاهه آهن.

هٽ:

هٽ دڪان جي معنيٰ ۾ اڄ به اسان وٽ ڳوٺن ۾ استعمال ٿئي ٿو، ليڪن شهرن ۾ ناپيد آهي. ”الوحيد“ اخبار پنهنجي 2 ڊسمبر 1929ع واري ايڊيٽوريل ۾ ڪم آندو آهي. جملي جي سٽا هن نموني آهي؛ ”..... اسان اڳ ۾ ئي سرڪار جو ڌيان ڇڪايو آهي ته سنڌ جا عملدار پنهنجي زور ۽ اثر تي پنهنجي عزيزن جي نالن ۾ مقاطع کڻي ۽ زمين خريد ڪري رهيا آهن، بلڪه هاڻي ته معلوم ٿيو آهي ته هٽ کولائي رهيا آهن.“ شاهه ڀٽائي رحه به هي لفظ هڪ عظمت جي اهڃاڻ ۽ واسطي سان استعمال ڪيو آهي:

”اڳيان اڏن وٽ، پوين سر سنباهيا
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مچڻ ڀائين گهٽ
ڪلاڪلي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.“

 

قياس:

ساڳئين مٿين ادارئي ۾ ”الوحيد“ هي لفظ ڪم آندو آهي. جملو آهي:”عملدارن جا عزيز ڪهڙين حالتن هيٺ مقاطعا کڻندا هوندا ۽ زمينون خريد ڪندا هوندا تن تي هرڪو قياس ڪري سگهي ٿو.“ هتي قياس جي معنيٰ آهي سوچ ويچار يا اندازو لڳائڻ. پر هونئن اهو لفط ٻهراڙيءَ ۾ رحم جي مفهوم ۾ به استعمال ٿيندو آحي. چيو ويندو آهي ته: ”ميان غريبن تي قياس ڪر، هو ويچارا مجبور ۽ بي واها آهن.“

 

اڪارتيون:

هي لفظ ”ڪارائتون“ جو ضد آهي. ”الوحيد“ 25 مارچ 1931ع واري ايڊيٽوريل ۾ هي لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن جي معنيٰ آهي بي فائديون، فضول ۽ اجايون وغيره.

 

ڪندا ڪن:

هي مصدر ”ڪرڻ“ مان هڪ فعل جي شڪل آهي. ”ڪنداڪن“ يا ”ڪندا رهن” ساڳئي ڳالهه آهي، ليڪن گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ ٿوري تعليم وارا ڪم آڻيندا آهن. ”الوحيد“ ان زماني ۾ ڪيڏي نه عام فهم ۽ ڳوٺاڻي ٻولي ٿي استعمال ڪئي، ان جو اندازو هن لفظ کي ڪم آڻڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. ”الوحيد“ 17 ڊسمبر 1932ع واري اداريه ۾ اهو فعل هوبهو ٻهراڙيءَ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي.  جلمو آهي ”انهن جي حقيقتن کي چڱي طرح ذهن نشين ڪندا ڪن..........“

خرخسو:

ساڳئي ادارئي ۾ هي لفظ ڪم آندل آهي جنهن جي معنيٰ ”اجايو“ يا ”زيان“ آهي. چيو ويندو آهي ته ”ان خرخسي ۾ ڇو تو هٿ وڌيو آهي؟“ (1)

 

من ورتي:

”الوحيد“ 20 آڪٽوبر 1932ع واري ادارئي جو سرو رکيو آهي؛ ”سنڌ جي هندن جي سڀائي من ورتي.“ ”من ورتي“ معنيٰ ذهنيت، نيت، دل جو لاڙو يا ڪاڍو وغيره.

.

هيمياڻيون:

”الوحيد“ 19 جنوري 1933ع ۾ ”هيمياڻين جي وات کولي ڇڏڻ“ وارو محاورو استعمال ٿيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي واسيرين جا وات کولڻ يعني پيسو پاڻيءَ وانگر وهائڻ يا خرچ ڪرڻ. دراصل اسان وٽ ٻهراڙين ۾، ”واسريون“ لفظ گهڻو استعمال ٿيندو آهي واسري اڳئين زماني ۾، ڪپڙي جي سنهي ۽ ڊگهي ڳوٿري ٺاهي ويندي هئي؛ بلڪه ڪي ماڻهو ساڳئي قسم جي ڳوٿري چمڙي مان به ٺاهيندا هئا جنهن ۾ روپيا وغيره محفوظ ڪندا هئا. ان زماني ۾ نه بئنڪون هيون ۽ نه هاڻوڪا ڪاغذي نوٽ. چاندي ۽ سون جا سڪا هوندا هئا جيڪي بي اعتبار ماحول ۾ ان واسريءَ ۾ وجهي ڪانئچ جي ابداڻي مٿان اندران چيلهه سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. مٿان قميص يا پهراڻ پاتل هوندو هو ۽ ڪنهن کي خبر نه پوندي هئي ته ان طرح همراهه خزانو کنيو پيو هلي. ٻهراڙين مان جڏهن مسلمان حج جي ڊگهي سفر تي اسهندا هئا تڏهن ان نموني پيسو پنجڙ پنهنجي خرچ پکي لاءِ کڻندا هئا. هاڻي به اصطلاح ۾ چيو ويندو آهي ته؛ ”تو مون کي ڪهڙيون واسريون ٻڌرايون آهن؟“ يعني تو مون کي ڪهڙي ڌراوت ڏني آهي؟ ان کان علاوه اهو لفظ پيسي کي فراواني سان خرچ ڪرڻ جهڙي موقعي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. مثلاً چيو ويندو آهي؛ ”خون ٿيل هو، ڪا مذاق ته ڪانه هئي. ذات آفيسر اچي لٿو هو. پوءِ ته واسيرين جا وات کلي ويا تڏهن وڃي وڏيرو ولڻ ڇٽو.“

ڌاران:

”الوحيد“ 5 فيبروري 1933ع واري پنهنجي ادارئي ۾ هي لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن جو عنوان هو ”سنڌ زميندار جي اجائي شڪايت“. جملي ۾ استعمال ٿيل هن لفظ جو مفهوم آهي ”کانسواءِ، يا بغير“ آ جملو هن طرح آهي: ”اسان گهٽ بحث ڌاران عرض ڪرڻ ٿا گهرون.........“

اول خير:

”الوحيد“ 3 فيبروري 1933ع واري ايڊيٽوريل ۾ جملو آهي ان مضمون تي، اول خير، ڪنهن ٻئي وقت روشني وجهنداسون.“ لفظي معنيٰ ته ٿي پهرين خير گهرجي. بعد ۾ ٻيا ڪم ٿيندا. پر اصطلاحي انداز ۾ معنيٰ ٿيندي. ”انشاءَالله تعاليٰ.“ ڳوٺن ۾ اهو اصطلاح تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي. چوندا: ”اول خير! صبح سان ڏاند ڪاهي هلي هر ٻڌانداسين ۽ پوءِ ٻيا ڪم.“ ”اول خير“ وارو اصطلاح، اسان کي سنڌي معاشري ۾ مروج ”پر جو خير گهرڻ“ واري حقيقت ياد ڏياري ٿو. هاري چوندا ”پهرين ٻين جو خير! پوءِ پنهنجو“ يا چوندا! ”ياالله! سڀني جو ڀلو، پوءِ ان مهابي اسان جو به خير ٿئي.“ ان سلسلي ۾، مون کي هڪ ٻيو اصطلاح يا اچي ٿو جيڪو ڳوٺاڻي ماحول ۾ تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي.“ ”اهو آهي ”الله چڱائي ڪريئي.“ ڪيترائي هاري ته تڪيه ڪلام طور، اهو اصطلاح ڪم آڻيندا آهن. ذري گهٽ هر جملي جي ابتدا ان سان ٿيندي ۽ باقي ڳالهه ان کانپوءِ ٻئي ڪبي. چوندا ”الله چڱي ڪريئي! تون صبح سان تيار رهجان. مان سڏ ڪندوسانءِ. پوءِ الله چڱائي ڪريئي! ٿڌ ۾ نڪرندي هلنداسين ته جيئن ڏوڪري ۾ تپيدار هٿيڪو ملي. سمجهيئي الله چڱائي ڪرئي؟“

 

وڌي واڙي لڳي ڀاڳ:

 

هن چوڻي جو استعمال ”الوحيد“ اخبار هڪ خبر ۾ ڪيو آهي جيڪا سندس 19 مئي 1938ع واري اشاعت ۾ ڇپي هئي. خبر هن طرح آهي: ”معلوم ٿيو آهي ته جمعيته علماءِ سنڌ جي ناظم مولوي حڪيم فتح محمد صاحب جو ڀائيٽو قاضي محمد اڪبر حيدرآباد ۾ الوحيد تي بدناموسي جو مقدمو داخل ڪرڻ وارو آهي. ماشاءَالله! وڌي واڙي لڳي ڀاڳ- موجوده منسٽري ۾ ڪجهه الوحيد کان حساب وٺڻ گهرجي.“ جڏهن هڪ قسم جي شين جي فراواني ٿيندي آهي يا ڪنهن واقعي جو اعاده ٿيندو آهي ته اهڙي موقعي تي اها چوٽي استعمال ٿيندي آهي.

ازانسواءِ، روزانه ”الوحيد“ مان هيٺيان واقعا پڻ پڙ پيا آهن:

نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي ۽ نه پنهنجو پٽ ڦاڙائجي.

(People living in glass- houses do not throw stones at others).

واڻيو هجي  وير، ته به لڪي اڱرن ڳوڻ ۾.

واڻين جو زور هٽ تي.

واڻيو ڪچي پنڊي.

واڻيو جنهن جو يار، تنهن کي دشمن جي ڪهڙي

درڪار؟

واڻڪو ٻچو ڪڏهن نه سچو.

ڄٽ پڙهيو ته الله اڙيو.

اهي پهاڪا غالباً ”الوحيد“ 4 نومبر 1926ع واري اشاعت مان هٿ آيا آهن. معلوم ائين ٿو ٿئي ته ان زماني ۾ هندن ۽ مسلمانن جا باهمي لاڳاپا بگڙي رهيا هئا. مسلمانن جي ان ناراضگي جي عڪاسي هن پهاڪن مان ٿي رهي آهي جيڪي گهڻو ڪري هنن جي ”عيب جوئي“ تي مبني هئا.

روزانه ”الوحيد“ 14 جون 1932ع واري پرچي ۾، ڪي دوررس تجربي جون ڳالهيون ”عجيب نڪتا“ جي عنوان تحت ڇپيون هيون. پڙهڻ ۽ هنڊائڻ جهڙيون آهن:

چئن شين کي چئن شين سان قيد ڪيو.

مال کي زڪوات سان، 2- ايمان کي نماز سان. 3- صحت کي صدقي سان ۽ 4- علم کي ڪتاب سان.

ماڻهو کي وجود ۾ پنج گوهر آهن. ان کي پنج دشمن آهن.

1- عقل کي ڏمر. 2- علم کي تڪبر. 3- سخاوت کي ٻٽاڪ. 4- ايمان کي ڪفر. 5- فقير کي سوال.

اٺن شين جي دل اٺين شين کان نه ٿي ڀرجي.

اک جي ڏسڻ کان. 2- زمين جي برسات کان. 3- سائل جي سوال کان. 4- ماري جي تير کان. 5- عالم جي علم کان. 6- حريص جي گڏ ڪرڻ کان. 7- ڏيڏر جي پاڻيءَکان. 8- باهه جي ڪاٺيءَ کان.

هندن جي اخبارن ۽ رسالن مان وري هيٺيون چوڻيون حاصل ٿيون جيڪي ”لوڪ چوڻيون“ ٿي ڪوٺيون ويون:

رقم ئي توٻري ۾. 2- پيسا ئي پاڻي ۾. 3- پرائي امانت ڌرتي به نه ڊوهي. 4- اک ته ٻڌڻ ليس ته لنگهڻ. 5- اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. 6- آيا مير ڀڳا پير (ڪلهوڙا). 7- توتي ڪهڙو اچي مدد پيو. (يعني ڪهڙي مصيبت اچي پئي.)

 

(دراصل مشهور آهي ته سنڌ ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي زماني ۾، افغانستان کان مدد خان پٺاڻ لشڪر سان سنڌ تي ڪاهيو، وڏي ڦرلٽ ڪئي، ماڻهو ماري ۽ شهر ڳوٺ جلايا. ان تي اهو پهاڪو ٺهيو ٿو ڏسجي.)

8- جهڙي راجا تهڙي پرجا. 9- جڙي کي جس. 10- تڪڙو ڪم شيطان جو. 11- جتي روشني ۾ هوا تتي ڪانهي تانگهه طبيب جي. 12- تون به رئيس آءُ به رئيس. گڏهه ڪير هڪلي. 13- آه غريبان قهر خدائي. 14- ايڪ پنٿ دو ڪاج.

 

هي چوڻيون وري هندڪي سوچ جي صحيح ترجماني ڪن ٿيون. اسان وٽ سنڌ ۾ هندن لاءِ مشهور هو ته هو پيسي ٺاهڻ جا حريص ۽ ڪوڏيا هوندا هئا، ڪنجوس هئا ۽ پائي پائي ميڙي محل اڏڻ وارا ماڻهو هئا. مٿي لسٽ ۾ ڏنل شروع وارين چوڻين جو تعلق ڏوڪڙ پيسي سان آهي.

 

ازانسواءِ هيٺيون چوڻيون به هٿ آيون آهن:

منهن ڪنئري ڳٽا پٽائي.

سچي ڳالهه سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.

جهڙي ڇالي تهڙي پني، هن لاهي هن کي ڏني.

عقل بنا عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي.

رات رهو پنڌ پئو.

پنهنجو سنهنجو.

پنهنجيءَ ۾ هٿ پرائيءَ ۾ اکيون.

نياڻي نماڻي، گهر جي راڻي.

اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.

ڪانياري ٻلي ڪوئي جي جوءِ.

ننڍڙا ٻار گلي جا هار.

نيت بد روٽي رد.

کڻ کلو ته ٿئي ڀلو.

ٽپڙ ئي ٽيشن تي، پيسا ئي پاڻي.

هيٺ اهڙن پهاڪن ۽ چوڻين جي لسٽ ڏجي ٿي جيڪي هندو ۽ ملسم اخبارن ۽ رسالن مان هٿ آيون آهن ۽ زندگي کي بامعنيٰ بڻائڻ ۾ اهم رول ادا ڪن ٿيون:

 

پٽ پراڻو ته به جنڊ جو نائو نه بڻجي: اڳ گهر گهر ۾ جنڊ هوندو هو ۽ عورتون پنهنجي ضرورت لاءِ روزانو گهڻو ڪري رات جي پوئين پهر ان پيهنديون هيون. نائو ان ڪپڙي جي ٽڪر جو نالو آهي جنهن سان، پيهڻ کان اڳ ۽ پوءِ جنڊ کي صفا ڪيو ويندو هو. ان ڪم لاءِ کهرو ۽ سادو ڪپڙو موزون ۽ مفيد رهندو هو. ليڪن اها مڃيل هئي ته جنڊ صفا ڪرڻ وارو ڪم نيچ ۽ گهٽ درجي وارو هو. پٽ جيڪو نرم ٿئي سو چاهي پرڻو هجي تڏهن به ان ڪم لاءِ ٺيڪ نه هوندو هو. پهاڪي جو مطلب آهي ته پراڻي ٿيڻ جي باوجود، پٽ ايڏو ڪريل ڪم ڪونه ٿو ڪري سگهي يعني ان جو شان پنهنجي جاءِ تي قائم ۽ دائم آهي. اهو پهاڪو اهڙي موقعي تي استعمال ٿيندو آهي جتي ڪنهن شيءِ يا ماڻهوءَ جي موروثي جذبي بيان ڪرڻ مقصود هوندو آهي.

آئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻو آهي.

 

تڏي جو ڪنو ٿيڻ نه گهرجي: يعني جيڪو به پير ڀري لڙي اچي، ان کي عزت ڏيڻ اخلاقي فرض آهي چاهي ان جي خلاف شڪايتون يا ميارون هجن.

 

اگهه ڪنهن وڌو جنهن جي نه سري: جنهن ماڻهوءَ کي جيئن وڌيڪ ضرورت تيئن کيس گهربل شيءَ جي قيمت زياده ٿيندي. هي اقتصادي اصول آهي جنهن جي عمل ۾ اثر کان ڪوبه بچي نه ٿو سگهي.

 

اڙيءَ جو اگهه: ڪنهن ماڻهوءَ جي ضرورت اڙجي يا رڪجي پوڻ ۽ اڳلي طرفان ان صورتحال جو فائدو وٺي گهربل شئي جي گهٽ قيمت ادا ڪرڻ، يعني هڪڙي وٽ هڪ شئي آهي پر ان کي ان مجبوريءَ هيٺ وڪڻڻ چاهي ٿو جو کيس پيسي جي لوڙ آهي ٻئي وٽ پيسو آهي پر خاص ضرورت نه اٿس ته وڪڻندڙ کان سندس جنس خريد ڪري. ان صورتحال ۾ ڪس وري به جنس جي مالڪ کي کائڻي پوندي، ڇاڪاڻ پيسي جي ضرورت کيس آهي، يعني اڙيل هو آهي.

 

 

کنئين کپي ڪانه ڳولي لڀي ڪانه: تجربي اهو ثابت ڪيو آهي ته جڏهن ڪنهن شيءَ کي فراوانيءَ سان آڇيو ويندو آهي ته ان جي طلب ۽ گهر گهٽ محسوس ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن ساڳئي قسم جي جنس واري  شئي طلب ۾ ايندي ۽ ڳولبي ته وري مارڪيٽ ۾ ڪانه ملندي. اهڙي صورتحال سان دوچار ٿيڻ کانپوءِ، هيءَ چوڻي ٺاهي وئي ٿي ڏسجي.

 

ڪاڻياري ٻلي ڪوئي جي جوءِ: ٻليءَ جو ڪوئي جي زال بڻجڻ بذات خود اڻ ٿيڻي ڳالهه ان ڪري آهي جو هوءَ ڪئي جي دشمن آهي ۽ سندس کائڻ لاءِ هن جي پٺيان هوندي آهي جيڪو نسبتاً ٻليءَ کان ڪمزور به آهي. پر ضرورت، لالچ ۽ احتياج اهڙيون شيون آهن جو ڏاڍو به ڪمزور اڳيان ان ڪري ويچارو ٿي وڃي ٿو ائين ڪرڻ سان ڪمزور وٽان سندس احتياج پوري ٿيڻ جي اميد هئي. مقصد اهو آهي ته ضرورتن جي لحاظ کان هر انسان کي پاڻ ڀرو ٿيڻ گهرجي ۽ ٻئي جي اڳيان ذليل ٿيڻ کان بچجي.

 

آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي: ائين به ٿيندو آهي ته ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ آيل، ضرورت پوري ڪندڙن جي شين تي قبضو ڪري وهندو آهي. اها حد بيشرميءَ جي حالت آهي. ان جو مثال ”تنبوءَ ۾ عرب جي اٺ“ واري واقعي جهڙو آهي. ڳالهه ڪندا آهن ته سرديءَ جي ستايل هڪ اٺ، رات جي وڳڙي، پنهنجي عرب مالڪ کان تنبوءَ ۾ پنهنجي ڳچي اندر ڪرڻ جي اجازت گهري. عرب رحم کائيندي اٺ کي ائين ڪرڻ ڏنو. ان کانپوءِ، اٺ آهستي آهستي تنبوءَ ۾ اندر گهڙندو ويو ۽ آخر ۾ جڏهن سڄو سارو اندر اچي ويو، اعلان ڪيائين ته: مهربان! ٻاهر نڪر ڇو ته هيءُ تنبو منهنجو آهي.“

 

جاڏي کائي جهار، تاڏي ڳوهر ڳوڙهي ئي نه هڻي: ظاهراً ته مفهوم اهو آهي ته کانڀاڻيءَ سان ڳوڙها اڇلائي جهار هڪليندڙ جي اهڙي روش جنهن مطابق ان طرف ڳوڙهو ئي نه هڻي جهار فصل کائي رهي هجي. اصلطلاحي معنيٰ ٿيندي ته مقصد تي نه اچڻ، گول مول ڳالهه ڪرڻ، نشاني کي نه چٽڻ وغيره.

 

جيڪو ڏاڍو سو گابو: مفهوم ظاهر آهي يعني ڏاڍي جي لٺ کي ٻه متا، جيڏانهن بيهار ته اوڏانهن بيهي رهي.

 

اٺ جي لاهيءَ کي لعنت ته چاڙهيءَ کي به لعنت: ظاهراً اٺ جي ويهڻ وقت به سخت لوڏو ايندو آهي ۽ سوار کي تڪليف ايندي آهي ۽ اٿڻ وقت به ساڳئي حالت سان دوچار ٿيڻو پوندو آهي. اصطلاحي طرح هيءَ چوڻي ان موقعي تي استعمال ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن ڳالهه جي ٻنهي هڪ جهڙين نامناسب حالتن جو ذڪر ڪرڻ مقصود هوندو آهي.

       

پڇاڙيءَ ۾ ٻڪرين جو ڦولڙين گاڏئون کير ڏنو سو به غنيمت: هن پهاڪي جو مطلب آهي ته خوشيءَ سان نه، ته ناخوشيءَ ئي سهي، ڪم ٿيو ته به چڱو.

ڏيڏري سندر لڳڻ ڪري پاڻ کي حور ٿي سمجهي: يعني ڪنهن موقعي يا فائدي ملڻ سبب نامناسب دعويٰ ڪرڻ.

 

ڪئي کي ملي سوپاري ته پساري بڻجي پيو: هن پهاڪي جو مفهوم به تقريباً ساڳيو آهي جو 13 نومبر ۾ ٻڌايو ويو آهي.

 

پنڌ ڪجي پاڻ، نيهن نياپي نه لائجي: يعني اهم ۽ ذاتي ڪم پاڻ کي پورو ڪرڻ گهرجي، ٻين جي آسري تي نه لڳجي. محبت جي تقاضا يا دوستيءَ جو دم نياپن سان نه ٿو هلي سگهي.

 

رگهوءَ واري هٿن تي پرتاءُ: رگهوءَ واڻئي وارو مظاهرو.”ڳالهه ٿا ڪن ته رگهوءَ کان ڪنهن پڇيو ته ”ڪيئن ٿي لنڪا لٽي ۽ رواڻ ماريو؟“ ته جواب ۾ هن سوال پڇيو ”ڳالهه ڪريان يا هٿن تي پرتا ڪريان؟“- يعني فوري عملي مظاهرو ڪريان. پڇندڙ عورتون مظاهري ڏسڻ لاءِ آتيون ٿي نظر آيون. سو رگهوءَ اتي جو اتي هڪ عورت کي وٺندي وڻ سان ٻڌي چوچڙي ڏيندي چيو ته” هن طرح پئي راوڻ ماريو“ ۽ هڪ ٻن عورتن کان دلا کسي ۽ دسي چوڻ لڳو ته ”هيئن پئي لنڪا لٽي.“

 

ڄڻيندا ڇٽا، پرڻيندا مٺا: يعني جن ڄڻيو سي ته بچي ويا پر ڦاٿا وڃي اهي جن وٽ ڪا اڻ سڌريل ٿي ڪري پرڻجي آئي يعني ساهرا. ان جي اصليت شايد ان طرح آهي ته ڪي ماڻهو نياڻين کي ان ڪري عملي زندگي کان واقف نه ٿا ڪن جو ان ۾ محبت ۽ شفقت کي دخل آهي. هو نه ٿا چاهين ته سندن نياڻي جا چند ڏينهن سندن مهمان آهي ڪم ڪرڻ جون تڪليفون سهي ۽ تجربي جي تومان لنگهي. پوءِ اهڙي نياڻي ظاهر آهي آسائش ۽ آرام تي هريل هئڻ سبب، شاديءَ کان پوءِ ساهرن وٽ (جتي ڪم گهرجي چم نه گهرجي) نه ٿي وڻي. اهڙي حالت ۾، مٿين چوڻيءَ جو وجود ورتو ٿو ڏسجي.

 

گهر ويٺي گهري، اڱڻ آئي نه سهي: يعني ڪوڙي محبت جي دعويٰ، اڻ چوڻيءَ جي بهترين عڪاسي شاهه ڀٽائي رحه جو هيءُ بيت ڪري ٿو:

 

”ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جو سڌون ڪري،

ويٺي گهر گهوري، مٿان پرينءَ جندڙو.“

 

سوناري جا سو ڌڪ، لوهار جو هڪ ڌڪ: اهو عام فهم پهاڪو هينئر به استعمال ٿي رهيو آهي ۽ اخباري دنيا ۾ گهڻو اڳ ڪم آندو ويو ٿي. هفتيوار ”الحنيف، 17 مئي 1926ع واري اشاعت ۾ هڪ خبر ڇپي جيڪا اسين هيٺ ڏئي رهيا آهيون جنهن جي آخر ۾ اهو پهاڪو هنڌائتي نموني استعمال ٿيو آهي. ان زماني ۾، آريه سماج وارا مسلمانن کي هندو بڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئا. خبر هن ريت هئي:

 

”روزانه  اخبار ”سلطان“ رقم طراز آهي ته گجرات جو هڪ مهاراجا نالي نروسنگهه تازو مشرف به اسلام ٿيو. سندس اسلامي نالو نصرالله خان رکيو ويو. نصرالله خان اسلام ۾ داخل ٿيڻ شرط پنهنجي هندو قوم جا ساڍا 5 افراد حلقه بگوش ڪيا آهن. ازاين سواءِ، پنهنجي ساري جائيداد جا لکن رپين جي ٿيندي، تبليغ اشاعت اسلام لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ وقف جائيداد مان ٻه لک روپيه گجرات جي نو مسلمانن جي اسلامي تعليم لاءِ جدا ڪري رکيا ويا آهن. جزاڪ الله. اسلام جا اها عظيم الشان فتح ڏسي گجرات پروانس جي آريه سڀا جو عقل چرخ ٿي ويو آهي ۽ هر هڪ جي وات آهي؛ سوناري جا سو ڌڪ لوهار جو هڪ ڌڪ.“


(1)  تازو اهو لفظ، عام فهم سنڌي جي ماهر پير علي محمد راشدي پنهنجي تصنيف ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ ڪم آندو آهي. ڏسو صحفو 288

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org