باب ٽيون
سنڌي صحافت جي ابتدار ۽ اوسر (پهريون دور)
جڏهن پنهنجي سنڌي سماج جي بنيادي خاصيتن، ثقافتي سرمائي ۽ اٿڻي
وهڻيءَ تي غور ٿا ڪريون ته اسان کي خبريت جو وجود
۽ سٽا نمايان طرح نظر اچن ٿا. سنڌي معاشري ۾ ”خبرن
چارن“ کي وڏو سماجي پس منظر آهي ۽ انهن جي افاديت
هڪ مڃيل حقيقت آهي. ان ڳالهه جي سماجي ڪارج جو پتو
پاڻ کي ان روايتي انداز مان پوي ٿو ته جڏهن به ۽
جتي به ڪي ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ملندا ته دعا سلام
کانپوءِ فورن بعد جا شئي پهرين توجهه جو مرڪز
بڻبي، سا آهي ٻهراڙيءَ جي ٻول ۾ “ڪر خبر چار“ يا
”خيرن جون خبرون ڏي.“ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪٿي
ڏورانهين ڳوٺ ۾ وڃي مهمان ٿيو ته ڳوٺاڻا، رات جي
ماني ٽڪي کارائي ۽ کائي، اوطاق ۾ باقاعده ڪچهريءَ
جي صورت ۾ وڏي اهتمام ۽ خلوص سان، معزز مهمان کان
پيرائتا سوال ۽ خبرون چارون وٺندا آهن. خبرن وٺڻ
يا احوال وٺڻ جي روايت ايترو ته پراڻي ۽ مضبوط آهي
جو ڳوٺاڻي زندگي ۾ ان جو اهتمام ڪرڻ نهايت ضروري ۽
بنيادي حيثيت وارو ٿي پيو آهي. احوال نه وٺڻ هڪ
معيوب ڳالهه تصور ڪئي وڃي ٿي. ”ادا! ايڏي ڪميڻائپ
ڪري گذريو جو احوال ئي نه ورتائين.“ مهمان کي
شڪايت ڪندي ٻڌو ويندو، جيڪڏهن احوالن جو اهتمام نه
ٿيو هوندو.
خبرون چارون وٺڻ ته هڪ عمل ٿيو جو روايتن اسان وٽ هلندو اچي پر
ان جي پٺيان ڪهڙي طاقتور ڳالهه ڪار فرما آهي، اهو
غور ڪرڻ جي قابل آهي. هر روايت کي چڱي خاص تاريخ
آهي. اها هڪ ڏينهن ائين ئي اوتو ڪونه اڌمو کائي
نڪري پوندي آهي. ماڻهن جي لڳاتار سوچ ۽ لوچ، غور و
فڪر، پيار ۽ پنهنجائپ، ويجهڙائي ۽ وسعت، گڏجي
گذارڻ ۽ گوندر ۾ آٿت ۽ غمخواري ۽ هڪ ٻئي سان
همدردي ۽ خيرخواهي بنيادي طرح سان پهريائين اهي ۽
اهڙا جذبا پيدا ٿيا هوندا جن وڃي بعد ۾ انهن
احساسن جي اظهار لاءِ احوال ڏيڻ وٺڻ جهڙي ضرورت کي
جنم ڏنو هوندو. ان حقيقت جي تائيد خود انهن احوالن
وٺڻ جو طريقئه ڪار ڪري ٿو. مثلن احوالن ۽ خبرن وٺڻ
جي ابتدا ٿيندي ته ”ادا، ڀلا جيءُ“ فورن جواب
ملندس ته ”ادا مٺو کير پيءُ“ هاڻي ٿورو غور ڪريو
”جيءُ“ ۽ ”مٺو کير پيءُ“ جي لفظن تي ۽ انهن جي
ادائگي تي. اهي رڳو لفظ نه آهن پر انسان جي اندر
مان اٿندڙ خيرخواهي ۽ گهڻگهرائپ جي اوٽ آهي. سنڌي
زبان ۾ لفظ جيءُ جون عام طرح ٻه معنائون آهن، هڪ
هيءَ ته ”زنده رهه“ يا ”هميشه خوش رهه“ ۽ ٻي معنيٰ
هاڪار جي مفهوم ۾ يعني ”هائو“ آهي. جواب ۾ ادا ٿيل
الفاظ مٺو کير پيءَ خوشحالي ۽ خيرت جو عجيب اظهار
آهي. کير ۽ پٽ وارو اصطلاح اسان جي اصلوڪي ۽
اوائلي سماج ۾ خوشحالي ۽ ڀاڳ يا خبت جي معنيٰ ۾
استعمال ٿيندو آيو آهي. ۽ وري کير به مٺو ڄڻ سون
تي سهاڳ.
وري اچو احوالن، خبرن ۽ پيغامن موڪلڻ ۽ ان لاءِ ڪبوترن ۽ ڪانگن
کي استعمال ڪرڻ جي روايت تي. اسان جي سنڌي معاشري
۾ پيغام پهچائڻ لاءِ ڪانگن ۽ کنياتن کي وڏي اهميت
رهي آهي، جيتوڻيڪ اباڻن کان آيل اوٺيءَ ۽ چنڊ کي
به ذريعو ۽ قاصد بڻايو پئي ويو آهي. حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه، سانگين جي سار لهڻ ۽ پيار جي
پچار جي باب ۾، خبر ۽ ڪانگ کي هن طرح آندو آهي:
پرين جي پرديس ۾ تن جي ڪانگا ڪج خبر،
ته سڀ مڙهايان سون سين پکي تنهنجا پر
گهمي مٿان گهر ڏج پارانڀا پرينءَ کي.
پرينءَ تائين پهچڻ لاءِ چنڊ کي ٿو چوي:
چڱا چنڊ چئيج سهنيا کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرينءَ جي پئيج
جهيڻو ڳالهائيج، پرين وجهي هٿڙا.
خبرن ۽ سنيهن جي ان پس منظر سان، جيڪڏهن ان قسم جي سماجي سٽا کي
ڪا اهميت آهي ته پوءِ اسان جي تحريري نه ته غير
تحريري صحافت ئي سهي، گهڻو آڳاٽي زماني ۾ جنم ورتو
ٿو ڏسجي ۽ ڪم از ڪم خبرن جي حد تائين، ان ورثي جي
حفاظت کي، سنڌ جي ٻهراڙين واري سماج ۾ ظاهرن
اڻپڙهيل ماڻهو، اڄ به سر سان ساڍيندا اچن ٿا. شهرن
۾ اها وٿ نه ملي پر
“Majority is authority” (اڪثريت جي ڳالهه کي ئي اختيار واري قوت آهي.)
جهڙي چوڻي جي بنا تي، جيئن ته اسان جي غالب اڪثريت ڳوٺن ۽ واهڻن
۾ رهي ٿي، تنهن ڪري انهن جي اختيار ڪيل روش کي ئي
پنهنجي مجموعي معاشري ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي ڇو
ته خبرن جي افاديت پاڻ کي اتان ئي مڃرائي اٿي آهي.
اهو اتفاق چئجي جو تحريري شڪل ۾ به سنڌي صحافت،
”فوائدالاخبار“ (خبرن جا فائدا) جهڙي ۾، 15 مئي
1858ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو هو، جيتوڻيڪ اها اخبار
سوء في صدي سنڌي به نه هئي ۽ سرڪاري هئي. پر صحيح
معنيٰ ۾، سڄي سنڌي اخبار (توڙي هئي اها به سرڪاري)
1866ع ۾، ”سنڌ سڌار“ نالي سان وجود ورتو. (سئوڻ هو
ابه سٺو ٿيو جو سنڌ جي سڌاري سان نسبت نصيب ٿيس.)
ان لحاظ کان، اسان جي اخبار نويسي جي ڪل عمر 113
سال وڃي بيهي ٿي. اردو زبان جي پهرين اخبار ”اردو
اخبار“ جي نالي سان مولوي محمد باقر صاحب (مشهور
معروف اردو ليکڪ مولوي محمد حسين آزاد جو پيءُ)
دهلي ۾ 1836ع ۾ ڪڍي ڪئي. گويا سنڌي اخبار نويسيءَ
کان 30 سال کن اڳ اڌ اردو ۽ اڌ فارسي جي شڪل ۾،
اردو زبان جي پهرين اخبار ”جام جهان نما“ هئي جيڪا
1822ع ۾، هڪ هندو ايڊيٽر هري دت، ڪلڪتي مان جاري
ڪئي هئي.
سنڌي صحافت جي تايرخ کي، مکيه طرح، ٽن دورن ۾ تقسيم ڪري سگهجي
ٿو. پهريون دور 1858ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ڪراچي
مان فوائدالاخبار جاري ٿي، جيڪا جيتوڻيڪ سڄي سنڌي
زبان ۾ نه هئي پر پهريون دفعو فارسي سان گڏ اخبار
جي اعتبار سان اڀري هئي. اهو ابتدائي ۽ اوائلي دور
چئجي سگهجي ٿو جيڪو 1910ع تي ختم ٿئي ٿو. مان ان
دور کي 1910ع تي، سنڌ جي عالم ۽ فاضل صحافي مرحوم
مولانا دين محمد وفائي جي محققانه راءِ جي روشنيءَ
۾، ختم ڪريان ٿو، جنهن مطابق 1910ع تائين، هندو
مسلمانن جي اخباري توڙي ڪتابي زبان هڪ جهڙي هوندي
هئي ۽ هڪ رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکي ويندي هئي. ”سنڌ جي سڀ
کان جهوني ۽ جيئري اخباري ”سنڌ سڌار“ جنهن جي ڄمار
هن وقت اڌ صديءَ کان وڌيڪ هلي آهي، ان جا پراڻا
فائيل اٿلائي ڏسو ته منهنجي دعوا لاءِ ڪافي دليل ۽
ثابتي موجود ٿي ويندي.“
(1)
ٻيو دور 1911ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ 1947ع تي پاڪستان ٺهڻ سان ختم
ٿئي ٿو. هي عرصو تيز تحريڪن ۽ باهمي ڪشمڪش جو دور
آهي. ٽيون دور ملڪي آزادي جي ابتدا (1947) سان
شروع ٿئي ٿو ۽ 1980ع تي پورو ٿئي ٿو. اسان انهن
دورن جو مفصل طرح جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته
جيئن اخبار نويسي جي مرحليوار ترقي ۽ واڌ جي خبر
پوي.
مولانا وفائي مرحوم جي مذڪور خيال جي تائيد ٻن ممتاز هندو عالمن
۽ صحافين سرڳواسي ڄيٺمل پراسرام ۽ لال چندام امر
ڏني مل جي انهن مضمونن مان به ٿئي ٿي جيڪي هنن
سنڌي ٻوليءَ تي مارو(2)
۽ ”سنڌي ٻوليءَ سان انڌير“(2)
جي سرن هيٺ هفتيوار اخبار ڀارت واسيءَ ۾ پڇيا هئا.
پوئين مضمون کي ٻن قسطن ۾ هلايو ويو هو، جنهن جا
عنوان هئا. ”مسلمانن جا انڌير“ ۽ ”هندن جا انڌير“
دراصل هنن لکڻين جي اوٽ ۾، مٿين ٻنهي عالمن پاران
سنڌي زبان جي خيرخواهن کي اجائي عربي، فرسوده
فارسي ۽ سطحي سنسڪرتي لفظن جي ڀرمار کان پرهيز ڪرڻ
جي اپيل ڪئي هئي.
ان قسم جي شڪايت ڪندي ڄيٺمل پراسرام لکيو هو:
”هينئر سنڌي ٻوليءَ جي پٺيان، هڪ قسم جا هندو توڙي مسلمان، ڪات
ڪهڙا کڻي اچي پيا آهن. راجا ڀرت جون ”چاکڙيون“
ڪڍي، ڪن مسلمانن چيو آهي ته ”جتي“ وجهو. ”وچن جي
پالنا“ ڪڍي هروڀرو ”قول جي پيروي“ وجهو. چاکڙي
معنيٰ ته جُتي آهي ئي ڪانه! وچن ۽ قول ڀلي ٻئي ڪم
آڻجن، پر وچن کي ڪڍي ڇو ڦٽو ڪجي؟ ڏسو ته ڪي مسلمان
اخبارون وغيرهه ٻولي ڪهڙي ٿيون ڪم آڻين! هڪڙي يار
خط لکيو ته ڪيترا يوم ماضي ٿي ويا آهن پر اوهان جو
خط نارسيده! اڙي ڀائي، ائين ڇو نه ٿا لکوته ”ڪيترا
ڏينهن گذري ويا آهن، اوهان جو خط نه ٿو اچي.“
هوڏانهن هندو ڀائر ”روزاني اخبار“ کي هروڀرو ڇڏي
”رئنڪ پتر“! کي نيڪالي ڏئي وجهندا ”اڌڪار“.
لال چند امرڏني راءِ ڏني:
”هندن کي آتر ويلا اها آهي ته سنڌيءَ کي شڌ ڪريون! مسلمان چاهين
ٿا ته ان کي دين جي گهوڙي تي چاڙهيون! شل نه ڄاڻي
اها شڌي ۽ تبليغ، جن زندگيءَ ۾ هر رولو وڌو. هاڻي
انهيءَ ڪري سچ پچ ٿئي ڇا پيو؟ نيٺ سنڌي اکر سنڌيءَ
مان وڃن ٿا هڪالبا ۽ انهن جي جاءِ وڃن ٿا الوڻا ۽
بي سوادي اکر ڀريندا..... هڪڙو يار ٿو انهيءُ
ڏهاڙي، هڪڙي هنڌ ڪثرت جي باري ۾ ٻه اکر ڳالهائي،
ڇا ٿو چوي؟ ”هي پنهنجي ڇاترن جا پراچين ۽ اوراچين
پرڪار جا وبايام ڏسي. اسان جي اکين اڳيان پراچين
سيمه جو درشيه اچيو بيهي، اسان پاٺاشالائن جي
سنچالڪن کي ونيه ٿا ڪريون ته اهي وبايام پنهنجي
وديالن ۾چالو ڪن.“ پڙهندڙ پاڻ نبيرو ڪن. هيءَ سنڌي
آهي.، سڳداسي آهي؟ ويٺو ڳن ڏينس، سمجهندي اٿئي
حال!“
اڻويهن صدي جي پڇاڙي ۽ ويهين صديءَ جي شروع وارو زمانو، دراصل،
سڄي هندستان ۾ اهڙين تحريڪن هلائڻ جو دور هو جن
سان اصلاحي ۽ تعليمي ڪم ڪرڻو مقصود هو. جيڪڏهن
سنڌي صحافت جي ابتدائي دور جو گهرو مطالعو ڪجي ٿو
۽ جائزو وٺڄي ٿو ته هڪڙي ڳالهه بنان هٻڪ جي مڃڻي
پوي ٿي ته، ان مرحلي تي، اسان جي اخبار نويسيءَ تي
سماجي ۽ تبليغي اثر زياده هو. شروع ۾ ائين ٿيڻ
شايد لازمي هو ۽ سڀاويڪ به هو ۽ اهو انڪري ته ان
وقت سياسي حقن ۽ ملڪي مفادن لاءِ تحريڪون گهڻيون ۽
گهريون نه اٿيون هيون. صحافت پنهنجي فني حيثيت جي
لحاظ کان اڃا بانبڙا پائي رهي هئي ۽ ان دور ۾ هر
تحرير جو مرڪزي نقطو ادب، مذهب ۽ سماجي سڌارو هو.
تنهن ڪري مذهب ۽ ادب ڏانهن هر ڪنهن جو توجهه وڃڻ
عين فطري ڳالهه هئي. جيڪڏهن سنڌ محمدن ايسوسيئيشن
۽ سنڌ سڀا(1) جهڙين تحريڪن جنم ورتو به هو ته انهن جو
ببنيادي مقصد تعليمي ۽ سماجي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ هو.
اهڙين تحڪرين مان سياسي جدوجهد ۽ حڪومت وقت سان ڪو
ٽڪر کائڻ ڪونه هو. سچ ته هي هو ته ڪيترين حالتن ۾،
سرڪار سان صلح ۽ شانتي ۽ ان جي سرپرستي هيٺ وڌڻ ۽
ويجهڻ جي تمنا ۽ خواهش کي عمل دخل هو. سياست ئي
صحافت کي چمڪائيندي آهي ۽ آزادانا حڪومتن ۾ ان تي
جمود چڙهندو آهي. سو جڏهن انهن جي پٺيان سياسي
گهرون ۽ راڄنيتي روڄ راڙا بنيادي حيثيت ۾، شامل نه
هئا، ته پوءِ صحافت پنهنجي اصلي رنگ ۾ ڪيئن اڀري ۽
چمڪي سگهي ٿي؟ صحافت ته آهي سياست جي ننڍي ڀيڻ ۽
ان سان گڏ گذارڻ واري. سياست بازيءَ جا مختلف
مرحلا ۽ رنگ ۽ موقعا ۽ وارداتون صحافت کي بياني
قوت ۽ اسلوب لاءِ نوان لفظ اصطلاح ۽ محاورا
بخشيندا آهن. دراصل، ان دور ۾ هندن ۽ مسلمانن
فرقيوارانا مطالبن ۽ مفادن جو اڃا ڪو ٽڪر ئي ڪونه
ٿيو هو. هرڪو پنهنجي جاءِ تي هڪٻئي ۾ معصومانه
انداز ۾ وڏيون اميدون ۽ آسرا رکيو ويٺو هو. ائين
ضروري آهي ته هن دور ۾ تعيلمي ۽ سماجي ساڃهه جي
پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ۽ چهچٽو رهيو، جنهن اڳتي هلي
سياسي ڪشمڪش لاءِ ميدان هموار ڪيو ان قسم جي شهادت
سنڌ جي هڪٻئي عالم مرحوم خانبهادر الحاج محمد صديق
ميمڻ پنهنجي تصنيف ”تاريخ سنڌي ادب جلد 2“ ۾ ڏني
آهي.“ سنڌ سڌار اخبار جي ڪارڪردگيءَ تي راءِ زني
ڪندي لکي ٿو:
”سنڌي موزون ڪلام جي اسرڻ ۽ ترقيءَ لاءِ اهو زمانو تمام چهچٽي
وارو هو، ڇاڪاڻ ته جهونن توڙي نون شاعرن جا ڪلام
اخبار (سنڌ سڌار) ۾ بنا اٽڪ جي شايع ٿيندا هئا ۽
شاعر نهايت فضيلت ۽ سنجيدگيءَ سان هڪٻئي جي ڪلام
تي نڪته چيني ڪندا هئا ۽ عمدي ڪلام کي بنان بخل جي
داد ڏيندا هئا. انهيءَ زماني ۾ آخوند محمد قاسم جي
سنڌي شعر کي سڀئي شاعر داد ڏيندا هئا.“
ان دور جي امن پسندي، بي تعصبي ۽ مذهبي ميٺ محبت ۽ رواداريءَ جو
ئي نتيجو هو، جو پروفيسر منگهارام ملڪاڻي مطابق،
لال چند امر ڏني مل 1911ع ڌاري هڪ ڪتاب ”محمد رسول
الله“ ڇپايو هو، جنهن ۾ هن هندو عالم، مسلمانن جي
پيغمبر سڳوري جي زندگي جو احوال ۽ ديني اصول نهايت
ڄاڻ ۽ همدردي سان پيش ڪيا هئا، جنهن ڪري ڪجهه وقت
اُتِسَ نالو ئي ”لعل محمد“ پئجي ويو هو.
(1)
1843ع ۾، سنڌ فتح ڪرڻ وقت، انگريزن ڏٺو ته سنڌ جي سرڪاري ٻولي
فارسي هئي، جنهن کي همٿائڻ بدران، هنن پنهنجي زبان
کي زور وٺائڻ جو ارادو ڪيو جيڪو بعد ۾ تبديل ڪرڻو
پين ۽ ڏيهي ٻوليءَ سنڌيءَ ڏانهن توجهه ڏيڻو پين.
اهو ان ڪري به ضروري هو جو انگريز عملدارن کي
معاملات سمجهڻ لاءِ ڏيهي زبان سان واقفيت لازمي
محسوس ڪئي وئي.(1)
1851ع ۾، سربارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو. ان پنهنجي اسسٽنٽ
ڪمشنر ايلس صاحب جي صدارت ۾ (جنن جي هٿ هيٺ تعليم
کاتو به هو) اٺن ڄڻن جي ڪاميٽي ٺاهي جنهن جي ذمي
اهو ڪم هو ته هو سوچي سمجهي سڌاريل رسم الخط
ٺاهين. ان ڪميٽي جي ميمبرن ۾ديوان نندي رام، ديوان
پرڀداس، راءِ بهادر جڳناٿ نارائڻ ۽ خانبهادر مرزا
صادق علي جهڙا عالم شامل هئا. هنن عالمن گهڻي غور
و خوض کانپوءِ، عربي رسم الخط قائم ڪئي ۽ نج سنڌي
آوازن جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪي نوان حرف به ٺاهيائون.
هڪ طرف اهي ڪوششون پئي هليون ته ٻئي پاسي اخبارن جي معاملي ۾
انگريز سرڪار حد کان زياده محتاط رهي ۽ ڪوشش اها
ڪئي وئي ته عوام جي صحيح ترجمانيءَ جو حق ڪڏهن به
ادا نه ٿئي. ان کان علاوه، ان جو به انتظام ڪيائون
ته سنڌ جي ماڻهن جا پاڻ ۽ پاڙي وارن ملڪن سان
روايتي روابط قائم نه ٿي سگهن. ان مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ سخت پريس قوانين ٺاهيا ويا، جنهن ڪري ديس
ماڻهو اخبارن ڪڍڻ کان ڪوء پيا کائيندا هئا. ان خلا
کي ڀرڻ جو ڪم انگريز سرڪار پاڻ تي کنيو. فتح جي
ٻئي سال يعني 1844ع ۾ انگريزي اخبار
Karachi Advertiser
(ڪراچي ايڊورٽائيزر) جاري ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ
1854ع ۾ ٻي انگريزي خبار
Sindhian
(سنڌين)
(2)
۽ ٽين اخبار ”سنڌ قاصد“ ڪراچي مان ڪڍيون ويون. سنڌ
قاصد به انگريزيءَ ۾ هئي.
هن اخبار جو ايڊيٽر ڊبليو-اي- اسٽرينج هو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾
گويا اخبار نويسيءَ جي ابتدا انگريزي اخبار ڪراچي
ائڊورٽائيزر سان 1844ع بقول ڊاڪٽر عبدالسلام
خورشيد.
“Karachi Advertiser retains the honour of being
the first newspaper of the tirritories now
forming Pakistan.” (1)
ليڪن ساڳئي وقت، ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد اهو به ٻڌايو آهي ته
پهرين اخبار جنهن سنڌ ۾ سرچالس نيپيئر جي حڪومت ۽
ظلم و تشدد جي خلاف آواز بلند ڪيو سا ”بمبئي
ائڊورٽائيزر هئي. لڳي ٿو:
“On, the other hand. Sir James Outram in
collaboration with the exiled Amirs, launched a
regular press campaign against Sir Charles
Napier. The kading newspaper that gave a laugh
battle to Sir Charles was the ‘Bombay
Advertiser’ edited by Bruist.”(1)
ظاهر
آهي ته جيتوڻيڪ فارسي زبان سرڪاري سرپرستيءَ کان
ذري گهٽ محروم ٿي چڪي هئي، پر پنهنجي پراڻي اثر
رسوخ جي بنياد تي، ايترو ستت ۽ سولائيءُ سان اها
به وڃڻ واري ڪانه ڪئي. تنهن ڪري 1855ع ۾ ڪراچي مان
فارسي زبان ۾ هڪ اخبار ”مفرح القلوب“ جهڙي عربي
نالي سان (معنيٰ دلين کي خوش ڪندڙ) جاري ٿي، جنهن
جو ايڊيٽر شمس العلماء مرزا مخلص علي ٿيو. ان کان
اڳ مرزام مرحوم، ساڳئي نالي سان هڪ مطبع قائم ڪيو
هو. ان جو ثبوت ان تعريفي خط مان به ملي ٿو، جيڪو
سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر ائڊريوونگيٽ (موءرخ 15
آڪٽوبر 1897ع، گورنمينٽ هائوس ڪراچي) مرزا محمد
صادق خان، مرزا محمد مقيم ۽ مرزا محمد جعفر خان
ڏانهن، سندن والد مرحوم جي خدمتن بابت لکيو هو. خط
هن طرح آهي:
”سندن مشهور ۽ معروف ۽ وڏي علم وارو والد، ملقب به شمس العلماء
پنهنجي دوست آنجهاني سربراٽل فريئر جي مشوري سان،
هتي پهرين ليٿو گراف پريس جاري ڪئي ۽ نهايت قابليت
سان ”مفرح القلوب“ اخبار هلايائين، جا دنيا ۾
مشهور پهرين فارسي اخبار آهي.“
(2)
مرزا صاحب وڏي پايي جو عالم، فاضل، شاعر ۽ صحافي هو. ذري گهٽ
همعصر حيثيت سان ٻيون به فارسي اخبارون به جاري
ٿيون جن جا نالا هئا ”مطلع خورشبد“ ۽ ”اڪليل“ پر
”مفرح القلوب“ جي پوزيشن ممتاز ۽ منفرد هئي ۽
مطالعي جي ميدان ۾ ٻين اخبارن کان گهڻو وسيع هئي.
هن اخبار جي اهميت جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي
سگهجي ٿو ته مفرح القلوب جي خريدارن پڙهندڙن جي
لسٽ ۾ سلطان مسقط، ايران جو وليعهد، امير
افغانستان، سر آغا خان جو والد علي شاهه، ائوڌ جو
نواب واجد علي شاهه ۽ خيرپور جو مير شامل هئا.
نامور پيءُ جي وفات کانپوءِ، لائق فرزند محمد شفيع
هن اخبار جي ادارت جون ذميواريون سنڀاليون ۽
اهڙيءَ طرح صحافت جي ٻاريل مشعل کي روشن رکيو.
اخبار مفرح القلوب 1904ع تائين گويا 50 سال زندهه
رهي.
اخبار نويسي جي ڏات، هن سڄي خاندان کي عطا ٿيل ڏسجي ٿي جو مرزا
محمد شفيع کانپوءِ سندس ٻن فاضل ڀائرن مرزا محمد
صادق ۽ مرزا محمد جعفر اهو ساڳيو ڪم پنهنجن ڪلهن
تي کنيو ۽ 1912ع تائين اخبار هلايائون. مرزا محمد
جعفر مرحوم ته سنڌي تعليمي ميدان ۾ به وڏيون
خدمتون سرانجام ڏنيون. ان لاءِ آل انڊيا ايجوڪيشنل
ڪانفرنس دوران، 1907ع جي ڪارروائي پڙهڻ سان تعلق
رکي ٿي. ان ڪانفرنس دوران، هن شخص کي عظيم هستين
جهڙو مولانا جاني ۽ نواب وقار الملڪ سان گڏجي ڪم
ڪرڻ جو موقعو مليو هو.
15 مئي 1958ع تي، هڪ هفتيوار سنڌي-فارسي اخبار، سرڪاري ليول تي،
ڪراچيءَ مان جاري ٿي هئي، جنهن جو نالو
”فوائدالاخبار“ هو. هيءَ اخبار گورنمينٽ پريس ۾
ڇپبي هئي ۽ ان جي اڪثر مضمونن جو تعلق تعليم ۽ ان
جي ترقيءِ وارن سوالن سان هوندو هو. اخبار جي
پهريئن پرچي ۾ آيل مضامين سائنس، برصغير توڙي يورپ
جي حالتن بابت هئا ۽ خبرنامو به شايع ٿيو هو.
اخبار اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ ورهائي ويندي هئي.(1)
ان لحاظ کان گويا ”فوائدالاخبار“ سنڌي اخبار نويسيءَ جو بنياد
فراهم ڪيو پوءِ اهو سرڪاري ليول تي ئي سهي.
1860ع ۾ ”مطلع خورشيد“ سکر مان ساڳئي عالم مرزا مخلص علي جي
ادارت هيٺ جاري ٿي. هن جي به اها ساڳي خصوصيت هئي
ته هڪ ڪالم فارسي زبان ۾هڪ ڪالم سنڌي زبان ۾ شايع
ٿيندو هو، ڏٺو وڃي ته خانگي ليول تي، سنڌي صحافت
جو بنياد فراهم ڪندڙ هيءَ پهرين اخبار هئي. ”مطلع
خورشيد“ 21 رمضان 1177هه، پهرين جلد ۾ لکي ٿي:
درسکهرنو حرف به همت و تفقدات کثير، ڇاپخانه لتها
کرافه موسوم ”مطلع خورشيد“ جاري گشته، والانه اين
مرد مان از نام چهاپخانه واقف نه بو دند.“(1)
سنڌي صحافت جي بنيادي حيثيت جي لحاظ کان فوائدالاخبار کي وڏي
اهميت حاصل آهي. ان کي اهڙي اخبار تصور ڪيو وڃڻ
گهرجي جنهن پهريون ڀيرو سنڌي اخبار نويسي لاءِ
گنجائش پيدا ڪئي پر ان ساڳئي سهوليت لاءِ مطلع
خورشيد، انڪري زياده اهم آهي ڇو ته اها غير سرڪاري
۽ خانگي شعبي جي پهرين اخبار ليکجي ٿي. ان اخبار
جي بلڪل ابتدائي يعني 1860ع جون چند ڪاپيون نظر
مان گذريون آهن. ان مان هڪ اشاعت ۾ ڇپيل هڪ اهڙي
جي عبارت هيٺ ڏجي ٿي جنهن جو تعلق وڻن ٻوٽن جي
پيدائش سان آهي. پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته اها
لکڻي ان وقت سنڌي رسم الخط ۾ ميسر مواد کان گهڻو
بهتر آهي.
”ملڪ رشيا ۾ درخت بالونجا گهڻا آهن ۽ قسم ميون جا به چڱا ٿيندا
آهن ۽ هن هنڌ درخت سڻي جا جو انک ”رسا کاڻي انڱر ۾
ٽام جيءُ جي آهن ۽ لوڻ هنجا گڻو ٿو پهچي ۽ هر طرف
ڏکڻ هن ملڪ جي پوک َجوَنَ جي ڳڻي ٿيندي آهي سامان
سواگري هن هنڌ جو چربي ۽ چم ۽ سمور ۽ سڻي ۽ ان
جونجو آهي واپاري هن هنڌ جا پاڻ ۾ اتاف ڪري قافلي
جي طرح سامان کي واٽ خشڪي ک و، چين ۽ وڄ رشيا ٿا
نين يورپ ڏي مٿي جهازن سٿا درياءَ بلاسڪي يعني
ڪاري پاڻيءَ ۽ بالٽک ۽ درياءَ ويٽ سي جي ٿا نين ۽
بادشاهي هن ملڪ جي نسبتون هن ملڪ ٻين ملڪن جي گهڻي
وڏي آهي ۽ جيڪو بادشاهه هن ملڪ جو ٿو ٿئي تنهن کي
قيصر ۽ شهنشاه ٿا چون ۽ ماڻو زياده پنجن ڪروڙن ۽
چاليهن لکن ک و، هن ملڪ ۾ رهندا آهن. (وتارهندا
اڳي هفتي ۾).“
(1)
گهڻي ڀاڱي ڏٺو ويندو ته سنڌي عبارت صاف آهي جيتوڻيڪ ڪن لفطن جون
لکڻيون غلط به آهن پر مطلب صاف ڪڍي وٺجي ٿو.
پنهنجي حياتيءَ جي هڪ ورهيه پوري ٿيڻ تي يعني 1861ع ۾ (مطلع
خورشيد) شڪر ادائيءَ ۾ چند جملا لکيا هئا جيڪي هڪ
لحاظ کان اخبار جي ادارتي نوٽ جي حيثيت رکن ٿا.
ملاحظه ڪريو:
”الحمدالله جو ڌڻي سچي جي باج (ٻاجهه) سان سال خيريت اشتمال
1860 عيسوي ساڻ خير سلامتي خيرخواهن سرڪار جي
گذريو ۽ سال موچاري فال 1861 جو وانگڻ (وانگر) صبح
اقبالجي چڪمندڙ سنج (سنجهه) ڏينهه منگل موافق 19
مهيني جمادالثاني 1277هه جهڙو پهجي (پنهنجي)
شائقين کي ڏيکاريائين ۽ الله تعاليٰ جهڙو
موچارائيجو هن سالکي ابتدا کئي (کون يا کان)
پڄاڻيءَ تاءِ مٿي خير خواهن سرڪار مبارڪ فرمائي
فقط.“
(2)
معلوم ٿيو آهي ته هيءَ اخبار ٻارنهن صحفن تي مشتمل هوندي هئي ۽
صحفن جو نمبر سڄو سال مسلسل هلايو ويندو هو.
اهي اخبارون يقينن پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت جون حامل هيون پر
مشهور ۽ معمر صحافي جناب حافظ خير محمد اوحدي جي
راءِ مطابق ”مواد جي لحاظ کان اهي اخبارون عوام جي
ترجماني ڪرڻ بدران، اميرن ۽ رئيسن جون قصيده خوان
۽ فارسي ادب سان دلچسپي رکندڙ ڪن عالمن ۽ فاضلن جي
تسڪين طبع جو ذريعو هيون.“(1)
1854ع ۾ سرڪاري سرپرستي هيٺ، سنڌي زبان کي عربي رسم الخط مليو ۽
سنڌي ٽائيپ ۾ ڪتابن جي ڇپجڻ جي ابتدا 1868ع ۾ ٿي
جڏهن پهريون اهڙو ڪتاب ٽرمپ صاحب جو ”سنڌي ريڊنگ
بوڪ“ هو، جو لنڊن ۾ ڇپيو هو. 1866ع ۾، ساڳئي ٽرمپ
صاحب ”شاهه جو رسالو“ سنڌي ٽائيپ ۾ جرمني جي ليزگ
شهر مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۾
نثر ۽ نظم ۾ نئين رسم الخط ۾ سنڌي ڪتاب ڇپجڻ لڳا
هئا.
ليڪن جنهن اخبار کي پهرين سڄي سنڌي اخبار هجڻ جو شرف مليو، سا
هئي هفتيوار ”سنڌ سڌار“جا 1866ع ۾ ڪراچي مان،
انگرريز سرڪار پنهنجي اهتمام ۽ نظرداري هيٺ اداري
سان جاري ڪئي هئي ته ان جي ذريعي پنهنجي فيصلن ۽
پاليسين کي ماڻهن تائين پهچايو وڃي. اها اخبار سنڌ
حڪومت جي تعليم کاتي پاران، ليٿو تي، سندن قائم
ڪيل ڇاپخاني مان ڇپبي هئي. ان اخبار جي 12 سيپٽمبر
1914ع واري ڪاپي ڏسڻ جو موقعو مليو.
(2)
هن اخبار لاءِ مرحوم مولانا
دين محمد وفائي فرمائي ٿو ته ”سنڌ جي سڀ کان جهوني
۽ جيئري اخبار آهي.“ ان اخبار جو پهريون ايڊيٽر
مسٽر نارائڻ جڳوناٿ وريه هو جيڪو حڪومت ۾ تعليم
کاتي جو ڊپٽي انسپيڪٽر به هو. خود ان حقيقت سان
ظاهر آهي ته پريس کي حڪومت جي زيرنگراني هلائڻ جو
خيال هو. ان زماني ۾ مرزا صادق علي بيگ شمس
العلماءِ مرزا قيلچ بيگ جو وڏو ڀاءُ
(1)
پهريون سنڌي مسلمان بي-اي ٿيو
هو ۽ شڪارپور هاءِ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ٿيو هو.
هي انهن ڏينهن ۾وڏو اعزاز هو. هو بعد ۾ ڪراچي ۾
ڪيوريٽر، ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ ”سنڌ سڌار“ اخبار
جو ايڊيٽر ٿيو هو. هن اخبار جي اها خوشنصيبي چئجي
جو ان کي وڏي پائي جا ٻه عالم مرحوم مرزا صادق علي
بيگ ۽ سرڳواسي ساڌو هيرانند جي شخصيتن ۾ اعليٰ
ايڊٽر نصيب ٿيا. ساڌو هيرانند 1884ع ۾، ان اخبار ۽
هڪ ٻي انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائمز“ جو ايڊيٽر ٿيو.
جڏهن اها اخبار سرڪاري تنظيم مان نڪري هڪ خانگي
جماعت ”سنڌ سڀا
(2)
جي زير سنڀال آئي. ان وقت اها اخبار ”سنڌ سڀا“ کي
ان شرط تي ڏني وئي هئي ته ان ۾ تعليم ۽ اسڪولن جي
خبرن ڇپجڻ وارو سلسلو جاري رهندو. پروفيسر ملڪاڻي
موجب:
”ڪراچيءَ ۾ هندن، مسلمانن ۽ پارسين جي هڪ گڏيل سياسي ۽ پنگتي
جماعت ”سنڌ سڀا“ هوندي هئي جنهن جي سهاري هيٺ
انگريزي اخبار (سنڌ ٽائمز) نڪرندي هئي. 1884ع ڌاري
ساڌو هيرانند ڪلڪتي مان بي-اي پاس ڪئي ته کيس ان
انگريزي اخبار جو ايڊيٽر چونڊيو ويو ۽ پهرين سنڌي
اخبار جو مهتمم مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ خبرن ڇاپڻ
کانسواءِ تعليمي ۽ ادبي مضمون پڻ پوندا هئا.
مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي چوڻ مطابق، مرحوم حسن علي
آفندي به شروع ۾ ”سنڌ سڀا“
(1)
۾ شريڪ ٿيو هو پر بعد ۾ ان اداري ۾ سنڌي مسلمانن
جي مفاد کي غير محفوظ ڄاڻندي ڇڏي ويو ۽ ان ڪم ۾
ڪاميابيءَ تي ڪن مسلمانن ۽ هندن کي آفندي صاحب سان
حسد پيدا ٿي پيو هو.
”هندن کي هن ڪري جو سرڪار مسلمانن سان خاص رعايتون ۽ مهربانيون
ٿي ڪيون جنهن ڪري هو زياده تعليم ۽ لياقتون حاصل
ڪري ساڻن همعصري ۽ سرڪاري نوڪرين وغيرهه ۾ شرڪت
جهڙا ئي ٿيا.“
(2)
معياري مواد جي لحاظ کان ”سنڌ سڌار“ اخبار چڱو نالو ڪڍيو ۽ سنڌي
زبان جي ان وقت جي ڄاڻن ۽ شاعرن ۾ گهڻي مقبوليت
حاصل ڪئي، ان وقت جي معروف شاعرن جهڙوڪ غلام محمد
”گدا“ محمد قاسم هالاڻي، مير علي نواز ”ناز“
(خيرپور جو مير)، فاضل شاهه حيدرآبادي، محمد اسلم
”مشتاق“ محفلوي، حافظ حامد ٽکڙائي ۽ محمد شاهه
مجتبائي کي هن اخبار چڱو خاصو ادبي فورم فراهم ڪيو
هو. ”سنڌ سڌار“ جي لکڻيءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
”ڏسجي ٿو ته ڪي ماڻهو اخبار جي قيمت يا نوٽس ڇپائي جا پئسا
ٽڪلين وسيلي موڪلين ٿا، پر اسان وٽ خانگي ٽڪلين جو
کاپو نه آهي. تنهن ڪري سڀني ماڻهن کي سڌ ٿي ڏجي ته
جنهن ماڻهوءَ کي اخبار ”سنڌ سڌار“ جي قيمت بابت يا
نوٽيس جي ڇپائي بابت اسان ڏانهن پئسا موڪلڻا هجن
ته اهو، اهي نقد پئسا تعلقي جي مختيارڪار جي آفيس
۾ اسان جي پهچائڻ لاءِ جمع ڪرائي ته پاڻهي اسان کي
پهچندا، پر جيڪڏهن ڪنهن کي مختياڪاري ۾ پئسا
پهچائڻ اهنجا لڳن يا تعلقه خزانو ٻئي شهر ۾
هجي....“(1)
مٿي ذڪر ڪيل مرزا محمد صادق 1870ع ۾، ڪراچيءَ مان ”اڪليل“ نالي
هڪ اخبار پڻ جاري ڪئي هئي، جيڪا معلوم ٿئي ٿو ته
پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو نه هلي سگهي، ليڪن اها
اخبار به فارسي ۾ هئي. ان کان اڳ، 1868ع ۾ ئي هڪ
ٻي سرڪاري هفتيوار ”سنڌ آفيشل گزيٽ“ نالي سان ڪڍي
وئي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي سرڪاري پڌرايون ۽ اعلان
شايع ٿيندا هئا. هن جي خصوصيت هيءَ هئي ته اصلي
اخبار انگريزي ۾ ڇپبي هئي، پر ان جو سنڌي، ترجمو
عام ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ، ڏنو ويندو هو. ڪمشنر سنڌ
جي پريس ڪراچي ۾ ڇپبي هئي ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ورهائي
ويندي هئي.
ليڪن جا اخبار سڄي ساري سنڌي ۾ هجڻ سان گڏ پهريون ڀيرو خانگي
شعبي ۾ نڪتي سا هئي. ”معين الاسلام“ جيڪا پڻ ساڳئي
مشهور اخبار نويس مرزا محمد صادق 1880ع ڌاري
ڪراچيءَ مان ڪڍي )(2)
اڪليل ۽ معين الاسلام اخبارن
بابت، مشهور شاعر سيد غلام مرتضيٰ شاهه ٺٽوي
پنهنجي تصنيف يوسف زليخان ۾ هيٺ ڏنل بيت ذريعي،
تعريف ڪئي آهي:
ڪڍي اڪليل جا اخبار عمدي
منجهاران فارسي بسيار عمدي
معين آهي سنڌي جا اخبار
برابر آهي سا ڄڻ گوهر يار.
1935ع
۾، مسلم سنڌي ادبي سوسائٽي، حيدرآباد جي
صدارتي خطبي ۾، مولانا وفائي هن راءِ جو اظهار
ڪيو هو.
سنڌ
سڀا جنهن تي ظاهر آهي ته هندن جو زياده غلبو
هو، ان جي ميمبرن جي بيانن ۽ لکڻين مان به ان
وقت جي مسلمانن لاءِ خيرخواهيءَ جو تاثر ملي
ٿو. وائسراءِ هند، لارڊ ايلجن نومبر 1894ع ۾
ڪراچي ۾ آيو هو ۽ کيس ماڻهن جي مختلف طبقن
پاران دعوتون ۽ ائڊريسون ڏنيون ويون هيون.
مرحوم حسن علي آفندي جي هڪ پٽ مسٽر علي احمد
انگلينڊ ۾ سول سروس جو امتحان پاس ڪيو هو. ان
ڳالهه جو ذڪر، سنڌ سڀا طرفان وائسراءِ جي مان
۾ ڏنل دعوت واري موقعي تي پڙهيل ائڊريس ۾ هن
طرح ڪيل آهي:
”سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي اتفاق جي هيءَ ثابتي
آهي ته مسٽر حسن علي جو پٽ هڪڙو مسلمان
اميدوار، جو هن پرڳڻي مان سول سروس امتحان ۾
پاس ٿيو آهي، تنهن لاءِ سڀني گڏجي خوشي ظاهر
ڪئي آهي ۽ مبارڪ بادي ڏني آهي. اسان کي يقين
آهي ته حضور جن به اسان جي ديس-ڀائين جي حق تي
نظر رکندا ۽ ديس جي حڪومت ۾ واجبي حصو ڏيندا.
اسان کي هيءَ به اميد آهي ته سنڌ جي پوليس
کاتي هلائڻ وارن ۾ ڪو تعليم يافتو شخص به داخل
ڪيو ويندو ته انهي کاتي جو ڪم چڱو ۽ پوريءَ
طرح هلي.“ مرحوم حسن علي آفندي جي سوانح: بقلم
مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1924ع.
سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر منگهارام ملڪاڻي،
ص 224.
۽
ظاهر آهي ته هنن ان وقت مروج سنڌي زبان ۾ به
زندگي ۽ ترقي جا ڪي اهڃاڻ ڏٺا هوندا. ابوالحسن
جي سنڌي لکڻي ۽ هنن واري لپي به سامهون هين.
انگريزي
اخبار ”سنڌين“ ڪيستائين هلي، ان جو پتو نه ٿو
پوي. پر 1774ع دوران به،ان اخبار جي وجود جو
ثبوت ان طرح ملي ٿو ته 6 جون 1874ع تي، ان ۾
هڪ نوٽ شايع ٿيو هو، جنهن ذريعي مرحوم حسن علي
آفندي طرفان 5 سال پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عهدي کي
ڪاميابيءَ سان هلائڻ جو اعتراف ڪيو ويو هو. ان
ادارتي نوٽ جا هوبهو خم جملا سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيل هيٺ ڏجن ٿا. هي اقتباس خانبهادر حسن علي
آفندي جي ان سوانح مان ورتل آهن جيڪا مرحوم
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1924ع ۾ لکي هئي:
”مسٽر حسن علي پنجين ورهين تائين پبلڪ
پراسيڪيوٽر هو. اهو عهدو اهڙو چڱو هلايو جو
جهڙي سرڪاري تهڙي ٻي خلق منجهانس راضي هئي. هن
سرڪاري وڪيل ٿي، چڱو ڪم ڪيو. قاعديءَ دانيءَ ۽
قابليت جي ڪري هو هر طرح انهيءُ عهدي جو لائق
هو. سنڀي ججن ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽن سند تعريف
پئي ڪئي آهي، تنهن کي برطرف ڪري ٻيو نئون
غيرواقف يورپين انهيءَ جاءِ تي رکڻ، انصاف کان
بعيد آهي. عذر فقط اهو آهي ته نئين ڪرمنل
پروسيجر ڪوڊ جاري ٿيڻ ڪري يورپين ماڻهن تي
مقدمو هلي سگهندو، ته ديسي سرڪاري وڪيل به
يورپين جو ڪيس هلائي سگهي ٿو.“
Jonrnalism in Pakistan: by Dr. Abdussalam
Khurshid Page 490.
Journalism in Pakistan by Abdussalam
Khurshid Page 15.
Their
well known and learned father, entitled
Shamsul Ulema, at the advice of his friend,
the late Sir Bartle Frere, established here
the first lithographic Press and veryably
conducted the ‘Mufarrihul- Kaloob, the well
known first Persian Journal in the world.”
(Extract from a letter by Sir Andrew
Wingate, K. C. I.E, former commissioner in
Sind Government House, Karachi, 5 the
October, 1897.)”
Commiasiner
in Sind’s Record file Go.440, Page 259.
ان
دور جي لڳ ڀڳ وار تقابلي اخباري جائزي کي
1859ع جي ريورينڊ-جي- لانگ واري رپورٽ وڌيڪ
اجاگر ڪيو آهي. ان رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته
اتر اولهه صوبن ۾، 1850ع ۾ ڪل 28 اخبارون هيون
جن جي ٽوٽل اشاعت 1497 هئي. 1853ع ۾ هنن
اخبارن جو تعداد 29 ٿيو ۽ مجموعي اشاعت 2216
ٿي. هوڏانهن بينگال جي ديسي اخبارن جي اشاعت
2950 هئي. ان جو مطلب ٿيو ته 1857ع ڌاري
بينگال ۽ اتر اولهه جن صوبن ۾ ديسي اخبارن جي
ڪل اشاعت 5166 هئي. انهن ڏينهن ۾ پنجاب جي
ديسي اخبارن جي ڪل اشاعت 500 کان وڌيڪ ڪانه
هئي. گويا ديسي اخبارن جي مجموعي اشاعت،
انگريزن جي پنهنجي رپورٽ مطابق، 6 هزارن کان
به گهٽ هئي. جيڪڏهن هڪ اخبار ڏهه ماڻهو به
پڙهندا هوندا تڏهن به پڙهندڙن جو ڪل تعداد 7
هزارن کان گهٽ ٿيندو. صحافت پاڪستان ۽ هند ۾:
ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد.
سنڌي
ليٿوگراف: مضمون مرحوم غلام محمد گرامي
مهراڻ-2-4- 1964ع- ص161-162.
سنڌي
ليٿو گراف: مضمون مرحوم غلام محمد گرامي مهراڻ
2-1964ع ص 0169 هي پهريون محفوظ ڪيل اداريو
تصور ڪرڻ گهرجي.
مهراڻ
تي مجلس ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
هن ڪاپي تي نمبر 24 ۽ جلد 31 لکيل هوس. ان
مطابق هيءَ اخبار 1883ع ڌاري جاري ٿي هوندي.
اخبار جو نالو مٿان سنڌي ۾ ۽ هيٺان انگريزي ۾
هو ۽ 4 صفحن واري هئي.
خود
مرحوم مرزا قليچ بيگ جي باري ۾ معلوم ٿيو آهي
ته ان زماني ۾ هو انگريزي ۽ فارسي اخبارن ۾
پنهنجا، ليک ۽ شعر موڪليندو هو. پاڻ لکي ٿو
”انهيءَ وقت آئون انگريزي ۾ شعر جوڙيندو هوس ۽
انگريزي اخبار ”سنڌ نيوز“ ۾ ڏيندو هوس ۽ فارسي
شعر جوڙي ”مفرح القلوب“ ۾ ڏيندو هوس جنهن ۾
ٻينوقت جي شاعرن جا شعر ڇپيا هئا. انگريزي
اخبار جو ايڊيٽر مسٽر جيفريز هوندو هو جو
هوشيار ماڻهو هوندو هو مگر گهڻي شراب پيئڻ جي
عادت هيس. انهيءَ سان ۽ ان جي گهرڀاتين سان
منهنجي چڱي دوستي هوندي هئي. جڏهن هو شراب ۾
مست ٿيندو هو، تڏهن اخبار لکڻ جو هوش نه هوندو
هوس. تنهن ڪري سندس ميڊم ۽ ڌين جي چوڻ تي آئون
اخبار ڪڍندو هوس ۽ ليڊنگ آرٽيڪل يا ٻيا مضمون
لکندو هوس. آخر مسٽر جيفريز مئو به شراب
پيئندي: سائوپن يا ڪارو پنو نمبر ص 27.
”سنڌ سڀا“ جو روح روان سرڳواسي ڏيارام ڄٺل
هو، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچي وارو ڊي-جي-
ڪاليج 16 جنوري 1887ع ۾ قائم ٿيو هو. سنڌي نثر
جي تاريخ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي.
The
educated sindhis thrown upon themselves,
were yearning for an independent cultural
and provincial status which would, at the
same time, connect them wite the growing all
India consciousness. Out of the mingling of
these cross currents of thought and motives
was born the Sind Sabba a few years before
the Gongress. It was as “quasi- political
association” which served as a safety valve
for the ventilation of views and grievances
in news papers and platforms….. Hiranand The
Soul of Sindh by Dayaram Gidumal P 283.
خانبهادر حسن علي آفندي جي سوانح عمري: از قلم
مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1924ع.
هن
اخبار جي اجرا جو سال، حافظ خير محمد اوحدي جي
راءِ ۾ 1881ع آهي. مهراڻ تي مجلس: مصنف ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته
اها اخبار پندرنهن روزه هئي ۽ نه هفتيوار،
جيئن عام طرح سمجهيو ويندو آهي.
|