سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 8

صفحو : 20

4- مسلم ليگ

هن برصغير جي ٻن اهم سياسي جماعتن يعني ڪانگريس ۽ مسلم ليگ درميان ڪل 12 ورهين جو فرق آهي. 1902ع ۾ مسلم ليگ جو ڊاڪا ۾ پايو پيو ۽ اهڙي طرح مسلمانن پنهنجي انفرادي سياسي حقوق جي حفاظت جون ڪوششون شروع ڪيون. سنڌ ۾ مسلم ليگ 1918ع دوران، هن صوبي جي، هر لحاظ کان سڄاڻ سياستدان مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي معرفت آئي، جيڪو ان وقت جي بمبئي ڪائونسل ۾ توڙي ٻاهر، مسلمانن ۾ تعليم کي زور وٺائڻ ۽ سماجي سڌارن آڻڻ لاءِ موزون فضا پيدا ڪرڻ ۾ همه وطن معروف هو، پر سنڌ ۾، جيڪڏهن مسلمانن جي مفاد ۽ ان جي ڏاڪي وار احساس جو تجزيو ڪجي ته پهرائين خلافت تحريڪ اڀرندي، ان کانپوءِ تبليغ اسلام ۽ تنظيم جي تياري نظر ايندي، مسجد منزلگاهه وارو واقعو رونما ٿيو ۽ ملسم ليگ اکين آڏو ايندي يعني سوچ ۽ عمل جو تسلسل ڪجهه انهن نالن ۽ شڪلين ۾ رهيو ۽ جدوجهد جاري رهي، جيتوڻيڪ مسلم ليگ جي سوچ جي ابتدا گهڻو اڳ جنم ورتو هو.

 

سنڌي پريس جي ميدان ۾، ابتدا روزانه ”الوحيد“ مان 1920ع ۾ ٿي ۽ اتفاق سان مسلم ليگ جي آرگن طور، مسلمانن جي مفاد جي حفاظتي انتها به ان ئي اخبار جي حصي ۾ آئي. وچ تي متعدد اخبارون نڪتيون جهڙوڪ ”سنڌ زميندار“، ”مسلمان“، ”توحيد“، ”نوراسلام“، ”طيراً ابابيل“،”مرغ فلڪ“، ”ستاره سنڌ“، ”اصلاح“، ۽ ”آزاد“ جاري ٿيون ۽ پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان مسلمانن جي خدمت ڪنديون رهيون ۽ هنن ۾ سجاڳي پيدا ڪنديون رهيون، جيتوڻيڪ ان کان اڳ ”الحق“،”آفتاب ۽ ”الامين“ جون ڪوششون به قابل تعريف رهيون ۽ انهن مڙني اخبارن جي ڪوشش اها رهي ته سنڌ جي مسلمانن جون مذهبي، سماجي ۽ سياسي ضرورتون محسوس ڪيون وڃن ۽ کين ورثي ۾ مليل خاصيتون اجاگر ڪيون وڃن ته جيئن سندن انفرادي حيثيت برقرار رهي. دراصل ڏٺو ويندو ته اها ئي مسلم ليگ جي مدعا ۽ مراد هئي جا اکين جي آڏو چٽيءَ طرح بعد ۾ آئي ۽ پاڪستان جي پيدائش جي ڪارڻ بڻي. ”الوحيد“ جو خاص رول رهيو پر هتي پاڪستان ۽ مسلم ليگ جي باب ۾ ”مسلم وئائيس“ (1) جي ڪوششن جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي جنهن کي اڪيلي سر، تن تنها، بي سر سامانيءَ جي عالم ۾، اسان جو بزرگ صحافي پير علي محمد راشدي ڪراچي مان ڪڍندو هو. اهو ان ڪري به قابل توجهه آهي ته ان اخبار جي محنت جو دائرو 1940ع کان ويندي پاڪستان ٺهڻ تائين  رهيو ۽ اهو ئي عرصو هو جڏهن جدوجهد پنهنجي عروج تي هئي. هن هفتيوار اخبار جنهن هندو اخبارن کي چڱا ٽوٽا چٻايا تنهن جو ڪڍندڙ يعني پير صاحب ڪل 40 رپين جي رقم جو ڌڻي، ”مولوي مسافر خاني“ جي اٺ آني مسواڙ واري ڪمري ۾ رهندو هو ۽ ابتدا ۾ رام بيگراج جي پريس مان ٻن صفحن تي مشتمل اها اخبار پڌري ڪندو رهيو. بعد ۾ ته 5 رپين واري مسواڙ جو ڪمرو به نصيب ٿيس ۽ جناب الله بخش بروهي ۽ جناب شريف الدين پيرزاده جهڙا ڪالم نويس به مليس پر وري به اخبار جي صحافتي ۽ مالي ضرورتن پورين ڪرڻ جو مرڪزي ڪردار پير صاحب ادا ڪندا رهيو. ان جوش واري جنگ ۾، سابق جج درويشاڻي صاحب ۽ مسٽر قادر بخش نظاماڻي به ساٿي ٿي پيس.

جيئن عرض ڪيو ويو آهي، مسلمانن کي پنهنجي حيثيت، ڪمزورين، اصلاح ۽ اڳتي وڌڻ جو احساس جن به اخبارن ڏياريو، تن ڄڻ ته مسلم ليگ جي مقصدن کي اجاگر  ڪرڻ ۾ مدد ڏني هئي. ان شعبي ۾ روزانه ”الوحيد“ جو ته ڪومٽ ثاني ڪونه هو ٻين هفتيوار اخبارن جو به قابل قدر حصو رهيو آهي. مرحوم نظاماڻيءَ جي هفتيوار ”نوراسلام“ 30 جون 1929ع واري اشاعت ۾ اهڙي احساس هيٺ، هڪ اداريو تحرير ڪيو جنهن جو عنوان هو ”مسلمان ۽ سياست“ ان ادارئي جا چند اقتباس ملاحظه ڪريو:

 ”فضائه هند جي اندر هڪ طرف آريه سماج جي ۽ بدزباني زور افرون شرارت ته ٻئي طرف مسلمانن تي حڪومت جي گلاگهٽ ۽ بي رحمي ڏسي اسان کي نهايت تعجب ٿو لڳي انهن يارن جي حال تي جي اڃا به هنن ٻنهي ڌرين ۾ فائدي جي اميد رکيو ويٺا آهن.

 

”پهرين فريق جا بجا مسلمانن کي تنگ ڪرڻ ۾ مصروف ۽ ٻي ڌر هن کان مرعوب ٿي گاهه بگاه مسلمانن کي تباه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ تيار نظر ٿي اچي. ڇو نه ٿئي؟ اخبارون هنن جون متفق، دولت هنن جي غلام، دفتر هنن جي قبضي ۾، آفيسر هن جي ڪٺ پتلي، باقي ڪهڙي ڳالهه آهي جا مسلمانن کي قتل ڪرڻ ۾ کين مانع ٿي سگهي؟

 

”ٻين ڳالهين کي ڇڏي جيڪب آباد جي خون تي نظر ڪريو. جنهن جو سڄو تاروپود شيخ عبدالمجيد صاحب اهڙو ٽوڙي ڇڏيو آهي جو جيڪڏهن انصاف هجي ها ته شريرالنفس هن کان اڳ ڪيفر و ڪردار تي وڃي ها مگر مطلع حالت اڃا مسلمانن جي حق ۾ مڪدر نظر اچي ٿو. في الحقيقت هن ۾ نه هندن جو  قصور آهي نه سرڪار جو. هي جيڪي به مصيبتون اسان جي سر تي نازل ٿي رهيون آهن تن جو اصلي ڪارڻ آهي اسان جي بي اتفاقي ۽ بي راهه روي.

 

ڇا هر انصاف پسند شخص هي ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ته وفادارن سرڪار جي طبقي ۾ چند افراد اهڙا ضرور آهن جي سچي دل سان يقين رکن ٿا. گورنمينٽ برطانيا جي هوا خوهي مسلمانان هند جي سياست نجات جو صحيح رستو آهي؟ اهڙي طرح هي امر به يقيني آهي ته هندو نواز مسلم ليڊرن جو عقيدو اهو آهي ته مسلم اقليت جي سياسي ترقي هندي اڪثريت جي دلجوئي ۾ مضمر آهي. اهي حضرات هن غلط مسلڪ کي مسلمانن جي حق ۾، ايمانداري سان مفيد سمجهن ٿا مگر تجربو جواب ڏئي ٿو ته هي ٻئي راهون منزل مقصود جي بجاءِ قعر مذلت ۾ ڪيرائڻ واريون آهن. جيڪڏهن ائين نه آهي ته ڀلا ٻڌايو وڃي ته آخر سرڪار جي وفاداري هيستائين مسلمانن کي ڪهڙي اوج تي پهچايو آهي؟ ۽ ٻئي طرف هندن جي دلجوئي ڪهڙا خاطر خواهه نتيجا پيدا ڪري سگهي آهي؟..........................گورنمينٽ جي وفاداريءَ کان مسلمانن کي خاطرخواه فائدا فقط هن ڪري حاصل نه ٿيا آهن جو مسلمان ڪمزور آهن. هنن ۾ نه ڪي ته ڪو نظام آهي ۽ نه حربي طاقت. پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته برٽش گورنمينٽ اهڙي ڪمزور قوم کي (جنهن ۾ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي قوت ئي نه آهي) سياسي حقوق مرحمت ڪندي؟ انهن ئي سببن جي بنا تي اچو مسلڪ ثاني تي. طاقتور هندو اڪثريت ڪمزور مسلم اقليت جي جذبات ۽ احساسات جي ڪهڙي پرواه رکي سگهي ٿي؟ اڄ جنهن بيدردي سان مسلمانن جا حقوق پائمال ٿي رهيا آهن تاريخ ۾ اهڙا ڪي ٿورا مثال ملي سگهندا. جيڪڏهن هڪ طرف مسلمان گورنمينٽ جي عدم توجهي جو شڪار آهن ته ٻئي طرف هو پنهنجي وطينن جي تعصب جو نشانو بڻجي رهيا آهن. اسين خواه  ڪيترو ئي گورنمينٽ هندن جي مٿي الزم مڙهيندا رهون مگر اسان جي ابتري ۽ بربادي جي ذمه داري اسان جي ئي سر تي آهي. سلطنت مغليه جي بربادي کانپوءِ اسان ۾ ڪو به زنده قومي نظام نه رهيو آهي. انهي هوندي به طره هي ته اسان جا حقوق محفوظ رهن ۽ اسان جو سياسي وجود قائم رهي.

”اين خيال است و لحال است و جنون“

هندن جي تنگ دلي ۽ قوميت بابت عجيب و غريب معيار، مسلمانن کي هنن کان بددل ۽ مايوس ڪندا ويا. ان صورتحال جو منظر ڪٽر هندو توڙي ڪانگريسي ٻئي طبقا هڪ جهڙو پيش ڪري رهيا هئا. روزانه ”الوحيد، (3 ڊسمبر 1930ع) ان افسوسناڪ حالت جو ادارتي نوٽس ورتو هو. ان ادارئي جي صحت ۽ معقوليت اسان کي مجور ٿي ڪري ته اهو سمورو ڏيون:

”انهي زماني ۾ جڏهن هندستان جي آزادي لاءِ هڪ زبردست هلچل جاري آهي تڏهن نهايت ڏک معلوم ٿئي ٿو جڏهن اسان ڪن پنهنجن هندو ڀائرن جي ردي من ور تي (ذهنيت) بابت ڪنهن به ڳالهه کي پنهنجي اخبار ۾ لکڻ تي مجبور ٿيون ٿا. پر ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونه آهي ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته جيتري قدر مسلمانن جو تعلق آهي ته اسان جي هندو ڀائرن جي خيال ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي پيدا ڪانه ٿي آهي ۽ اها ئي ڳالهه آهي جا ڪيترن مسلمانن کي هن قومي هلچل ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪي رهي آهي. هڪڙي پاسي هندو مهاسڀا، ڪانگريس سان ٻٽ آهي ۽ ان جا ليڊر جڏهن ڪانگريس جي پليٽ فارم تي اچن ٿا تڏهن هندو مسلم اتحاد جا مٺا گيت ڳائن ٿا. ٻئي پاسي ساڳيا صاحب هندو مهاسڀا جي نالي ۾ گول ميز ڪانفرنس جي عيوضين کي ۽ حڪومت برطانيه کي تارون موڪلي رهيا آهن ته مسلمانن جي ڪابه گهر قبول نه ڪئي وڃي. پنجاب ۽ صوبه سرحد جي ساڳين قسمن جون ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن. ٽنهي پرڳڻن مان هندو اڳواڻن جي پاران لنڊن ۾ جي تارون موڪليون ويون آهن تن ۾ مسلمانن جي خلاف زهريلا دليل ۽ دلائل ساڳئي قسم جا ڏنا ويا آهن. تارن جي مدعا اها ئي آهي ته سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ جدا پرڳڻو نه ڪيو وڃي، ۽ صوبه سرحد کي ڪنهن به صورت ۾ ٻين پرڳڻن جهڙي آزادي نه ڏني وڃي ۽ پنجاب ۾ مسلمانن کي سندن آدمشماري موجب هرگز عيوضپڻي جو حق نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيندو ته هندو ناس ٿي ويندا.

 

”مسلمان جيڪڏهن گهرن ته اهي پڻ يو پي، سي پي مدراس، بمبئي، بهان، آسام مان ساڳين قسمن جون تارون لنڊن موڪلي سگهن ٿا ته سندن پرڳڻي کي نه ڪنهن قسم جي آزادي ڏني وڃي ۽ نه ڪنهن صورت ۾ هندن جي اڪثريت قائم ڪئي وڃي. پر خدا جو شڪر آهي ۽ هن کي چالاڪيون ڪرڻ اصل ڪونه اچن پر تنهن هوندي به جي اسان جا هندو ڀائر مٿين قسم جون وطن ڪش حرڪتون ڪري رهيا آهن سي ڪانگريس جي پليٽ فارم تي اچي پاڻ کي وطن پرست سڏائين ٿا، ۽ مسلمانن کي تعصبي ۽ فرقه پرست سڏين ٿا. اسين دعويٰ سان چئون ٿا ته تنگ دلي، تعصب ۽ خيالن جي رزيلپڻي ۾ دنيا جي ڪابه قوم اسان جي هندو ڀائرن جو مقابلو نه ڪري سگهندي. هندستان سچي معنيٰ ۾ فقط تڏهن آزاد ٿي سگهندو جڏهن ان جي فرزندن جو دماغ اهڙن رزيل خيالن کان پاڪ ۽ صاف ٿيندو ۽ انهن خيالن جي بدران انسانيت ۽ انصاف جا جذبا پيدا ٿيندا.“

6 ڊسمبر 1930ع واري اشاعت ۾، روزانه ”الوحيد“ لنڊن واري گول ميز ڪانفرنس ۾ هندو مسلم گفتگو جي عارضي ناڪاميءَ تي گهڻي مايوسي جو اظهار ڪندي، هندن طرفان گڏيل چونڊن واري نظرئي تي اصرار کي غير ضروري ۽ غير تعميري سڏيو آهي. اخبار لکيو ته:

 

”....... اسان جي هندو ڀائرن جي اها ڪوشش آهي ته نئين جوڙجڪ ۾ هندستان جي ڪنهن به پرڳڻي جي ڪنهن به قانون ساز مجلس ۾ مسلمان جي عيوضين جو اهو ارادو فقط تڏهن پورو ٿي سگهندو جڏهن بينگال ۽ پنجاب ۾ مسلمانن کي پنهنجي آدمشماري موجب حق حاصل نه ٿيندا ۽ صوبه سرحد ۽ برٽش بلوچستان کي ٻين پرڳڻن جهڙا اختيار ۽ سڌارا نه ملندا ۽ سنڌ کي بمبئي کان ڇني ڌار پرڳڻو نه ڪيو ويندو. حڪومت برطانيه جنهن شروع ۾ هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت کي ڊانوڊول ڪري هندن جي مدد سان مسلم قوم کي ايتري قدر ڪمزور بڻائي ڇڏيو جو اڄ مسلمانن کي حڪومت ۾ پنهنجي تعداد موجب حق حقوق حاصل نه ٿا ٿي سگهن. اها هن وقت هندو مسلم سوال جي ٺاه ۾ بظاهر بي طرفدار آهي ۽ خاموشي سان تماشو ڏسي رهي آهي ته مسلمانن جي باقي بچيل طاقت کي هندو ڪهڙي نموني ۾ نابود ڪن ٿا. جيڪڏهن حڪومت برطانيه  هندن کي صاف طرح سان نه ٻڌائي ته مسلم قوم جي پاران جي شرط پيش ٿيل آهن سي نهايت واجبي ۽ حقي آهن. پر نه، هندو قوم مسلمانن سان ڪوبه ٺاهه ڪرڻ نه ٿي گهري ۽ هن جي واجبي حقن کي هرگز تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ حڪومت برطانيه وري ظاهري خاموشي ۽ بي طرفداري اختيار ڪري رهي آهي. اهڙي هالت ۾ ٻن دشمنن جي وچ ۾ مسلمانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي سو هڪ نهايت نازڪ، مشڪل ۽ پيچيده سوال آهي جنهن تي اسلام ۽ مسلم قوم ۽ هندستان جي هر هڪ خواه کي نهايت دورانديشي ۽ سنجيدگي سان ويچار ڪرڻ گهرجي.......“

 

ڪانگريسي مسلمانن جي ان خيال تي دليل بازي ڪندي ته پهريائين انگريزن کان جند ڇڏايون ۽ پوءِ هندن سان نبرنداسين، روزانه اخبار، ساڳئي ئي اداريه ۾ چيو ته جيتوڻيڪ اسان کي هنن ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي اخلاص ۾ ڪو شبهو نه آهي پر

 

”...... جيتري قدر پنهنجي دل ۽ دماغ ۽ دين ۽ ايمان کان وڌيڪ ڪم وٺون ٿا، اوتري قدر اڃا تائين پنهنجي انهن دوستن ۽ بزرگن جي خيالن سان اتفاق نه ڪري سگهيا آهيون............“

 

ان صورتحال جو ممڪن حل ٻڌائيندي، اخبار لکيو ته: ”......... اسان جي راءِ جهڙي طرح هن کان اڳي تهڙي طرح هن کان پوءِ به ساڳي رهندي ته مسلم قوم جي سچي پچي طاقت ۽ نجات جو راز نه ڪانگريس جي طرفداري ۾ آهي ۽ نه حڪومت برطانيه جي غلاميءَ ۾. اسان جي طاقت ۽ نجات انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته اسان هندستان جا مسلمان اسلام جي تعليم موجب پاڻ ۾ يڪمشت ٿيون ۽ پنهنجو اهڙو زبردست قومي نظام قائم ڪيون جو ڪنهن به ڌر جي غلامي ۽ طرفداري ڪرڻ کانسواءِ اسان هندستان ۾ پنهنجي قومي هستي قائم رکي سگهون ۽ ٻنهين ڌرين کي هندستان ۾ سچي پچي نيشنل گورنمينٽ جي قائم ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهون...........“

 

مٿي ڏنل سٽن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ”قومي نظام قائم ڪرڻ“ يا ”قومي هستي قائم ڪرڻ“ جي خواهش، مسلم ليگ جي مقصد ڏانهن ميدان جو پختو اهڃاڻ آهي. ڇوته ملسم ليگ به پنهنجي ٻن قومن واري نظرئي تحت، اڳتي هلي، الڳ وطن جي گهر ڪئي هئي. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهيو ٿي جڏهن برصغير جي مسلمان من حيث القوم پاڻ ۾ اتحاد پاڻ ڪري پنهنجي قومي قوت وڌائين.

 

سنڌي مسلمانن ۾ اهڙين ويچارن کي عام ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته اسلامي نقطئه نظر کان وطن پرستيءَ جي وضاحت ڪئي وڃي ۽ ڪانگريسي ۽ قوم پرست مسلمانن جي اختيار ڪيل روش جي وائکي ڪئي وڃي. خصوصاً سنڌي هندن جا ٻٽا معيار جيڪي مختلف موقعن تي پنهنجا اٿڻ وهڻ بڻايا هئا. ان صورتحال جي تقاضا هئي ته سنڌ جي مسلمانن کي انهن حقائق کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ڪانگريسي کوکلن نعرن جي ڪوڙائي ٻڌائي وڃي ۽ سياسي تعليم ۽ رهنمائي ڏني وڃي. روزانه ”الوحيد“ اهڙن موقعن تي پٺتي پوڻ واري ڪانه هئي. 15 مئي 1932ع تي، هن اخبار ”ڇا سنڌ جا هندو وطن پرست آهن؟ جهڙي عنوان تي اداريو لکي، پنهنجي طرفان حقيقت افروز ۽ فڪر انگيز خيالن جو اظهار ڪيو شايد مسلم سنڌي پريس ۾ پهريون دفعو، ايڏو واضح انداز ۾، ان اهم عنوان تي قلم کنيو ويو هو. يقيناً هن اظهار مسلمان جون اکيون پٽيون هونديون ۽ سنڌ جي سياسي حقيقت کان پردو هٽايو هوندو، طويل هئڻ جي باوجود اسان اهو پورو ڏئي رهيا آهيون:

 

”اسان ته ڪيتري وقت کان وٺي موجوده زماني جي ڪوڙي وطن پرستي کان بيزار ٿي چڪا آهيون ۽ هن نتيجي تي پهتا آهيون ته هڪ سچي مسلمان کي ڪنهن به قسم جي ضروت نه آهي ته پاڻ  کي وطن پرست سڏائي، اسلام اسان کي بني نوع انسان جي خدمت جو سبق سيکاري ٿو ۽ سڀني مسلمانن کي ڀائرن وانگر محبت ڪرڻ جي هدايت ڏئي ٿو خواه هن جو وطن ڪهڙو به هجي. اسان سموري دنيا ۽ دنيا جي رهاڪن جا سڄڻ ۽ خير خواهه آهيون ۽ اسان جي دين جي پاڪ تعليم اڄوڪي زماني جي وطنيت ۽ قوميت کان گهڻو بالاتر آهي. موجوده وطن پرستيءَ جي ڪري هڪڙي وطن جا رهاڪو ٻئي وطن جي رهاڪن جا دشمن آهن ۽ اڄ ڪلهه دنيا ۾ جي خونريز جنگيون ٿي رهيون آهن تن سڀني جو بنياد وطن پرستيءَ جي غلط تعليم تي ٻڌل آهي. پر هندستان جهڙي ملڪ ۾ وطن پرستي ۽ متحده قوميت جي لفظن جي جيتري قدر خانو خراب ڪيو ويو آهي، اوتري قدر دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه ٿيو هوندو. ٻين ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهت ايترو آهي، جو ساڳئي ملڪ ۾ رهندڙن ۾ نڪا گهڻي مذهبي دشمني آهي ۽ نه ذات پات جو مرض آهي. پر هت هندستان ۾ وطن پرستي جي سڀ کان وڌيڪ دعويٰ ڪندڙ اها قوم آهي جنهن ۾ عام طرح سان ذات پات جو مرض چالو آهي ۽ جنهن جي تنگ دلي ۽ ڪوتاه نظري پاڻ جهڙن ستن ڪروڙن انسانن کي ساڳئي ڌرم هئڻ جي باوجود به اڇوت بڻائي رکيو آهي. پر تنهن هوندي به ڪي اسان جا مسلمان ڀائر اهڙن وطن پرستن جي وطن پرستيءَ تي عاشق ٿي پيا آهن ۽ گهرن ٿا ته هندستان جي اٺن ڪروڙن ماڻهن ۾ ساڳيو عشق پيدا ٿي پوي، انهن کي اهو به خيال نه ٿو ٿئي ته جنهن قوم جي قوميت ۾ ساڳئي ڌرم جا ست ڪروڙ ماڻهو به داخل نه ٿا ٿي سگهن تنهن قوم جي قوميت ۾ اٺن ڪروڙن ڳئون خورن جي قوم ڪهڙي طرح داخل ٿي سگهي ٿي.

 

”خير انهي بحث کي ڇڏي اسان سنڌ جي هندو وطن پرستن جي وطن پرستي جا ڪي مثال ڏيڻ گهرون ٿا، جن مان ثابت ٿيندو ته وطن پرستي جي دعويٰ فقط هڪ دوکي بازي ۽ ڍونگ آهي. ڏسو ڪانگريس جي هڪ تقاضا اها آهي ته سرڪاري نوڪرن کي تمام وڏا پگهار ڏنا وڃن ٿا ۽ سرڪاري انتظام جو خرچ تمام فضول آهي جنهن ڪري هندستان جو خانو خراب ٿي چڪو آهي ۽ ڪروڙين ماڻهو بکيا ۽ بي روزگار رهن ٿا. هاڻي سنڌ جا مسلمان جڏهن سنڌ جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ سرڪاري انتظام جو خرچ گهٽائڻ ٿا گهرن تڏهن اهي ساڳيا وطن پرست قوم جا پٽ آهن جي اهڙي تخفيف جا دشمن ٿيو بيٺا آهن. پر تنهن هوندي به لطف اهو آهي ته هندستان جي وطن پرست اخبارن ۾ انهن ساڳين ماڻهن جي تائيد ۽ حمايت ٿي رهي آهي ۽ مسلمانن کي سخت ڦٽڪار ڪئي پئي وڃي ته ڪٽر فرقه پرست آهن!!

 

”ڪانگرس جي ٻي تقاضا هي آهي ته انگريز سرڪار هندستان جي نالي ۾ تمام گهڻو قرض کنيو آهي جو ضرور گهٽ ڪرائڻ گهرجي. پر جڏهن سنڌ جا مسلمان اها ڪوشش ڪن ٿا ته بمبئي سرڪار سنڌ سان گڏ هئڻ جي حالت ۾ جيڪو قرض کنيو آهي تنهن کي معقول طرح سان گهٽايو وڃي ۽ انهيءَ جو مناسب حصو سنڌ جي مٿي تي رکڻ گهرجي تڏهن اهي ساڳيا هندو سنڌ جا سڄڻ آهن جي انهي رٿ جي مخالفت ڪن ٿا ۽ ڪوشش ڪن ٿا ته بمبئي جي قرض جو وڏو حصو سنڌ جي ڪنڌ تي رکيو وڃي.

 

”ٽيون مثال وٺو ته ڪانگريس اهو وعظ ڪري رهي آهي ته هندستان جي آزاد ٿيڻ واري حالت ۾ هندستان جي اٺن ڪروڙن مسلمانن کي هندو قوم جي وڏي تعداد کان ڪو انديشو نه رکڻ گهرجي، پر سنڌ جا اٺ لک هندو اها ڳالهه سهي نه ٿا سگهن ته سنڌ کي جدا ٿيڻ جو حق ملي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ مسلمان وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ ويچاري هندو قوم کي کائي کپائي ڇڏيندا ۽ اهي ساڳيا وطن پرست آهن جي ڪيترن سالن کان وٺي ڪنهن حيا ۽ شرم کانسواءِ مسلمانن کي هدايت ڪندا رهن ٿا ته، اسان سڀ ساڳئي قوم آهيون ۽ مسلمان اسان جا ڀائر آهن.“ هندستان ۾ اها آهي وطن پرستيءَ جي معنيٰ!!“

پر روزانه ”الوحيد“ ان کان به گهڻو اڳ يعني 22 جنوري 1931ع تي، سياسي شعور ۽ حقائق تي مبني هڪ اهڙو اعليٰ ۽ مدلل اداريو لکيو هو جنهن جو مثال ڳولڻ اجائي ڪوشش ٿيندي! هندو هندستان ۽ اسلامي هندستان جي ان وقت واري سياسي صورتحال تي ايندڙ مسلم سياسي تقاضائن ۽ اڻٽر واقعات جو پهريون ڀيرو اهڙو چٽو واضح ڪيل بيان هو. ان زماني ۾ اڃا هندو مسلم ٺاه جون ڪوششون جاري هيون ۽ اڃا مايوسيءَ جا اها حد به اورانگهي وئي هئي جتي جدا راهن متعلق ايترو صاف ذهن سان سوچڻ ممڪن هجي. مرحوم ڊاڪٽر محمد اقبال پنهنجي شاعرانه خاصيتن سبب تصور جو ڌنڌلو خاڪو برابر الهه آباد آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس جي موقعي تي ڏنو هو پر ان کي امڪاني لائحه عمل ۾ آڻڻ جي صاف رٿا جو ذڪر، ايڏي صاف گوئي سان ”الوحيد، ڪيو هو. يعني اندازو لڳايو ته 23 مارچ 1940ع تي لاهور ٺهراءُ پاس ٿيڻ کانپوءِ، پهريون دفعو پاڪستان جو تصور هن خطي جي مسلمانن جي آڏو ته آيو هو پر ذري گهٽ ڏهه سال ان کان اڳ ان ساڳئي نظرئي جي سوچ ڏيڻ، سواءِ ”الوحيد“ جي سڄاڻ ايڊيٽرن جي ٻئي لاءِ اهو ناممڪن هو.

ان اداري ۾”الوحيد“ سر محمد اقبال جي ان اشاري جو حوالو ڏنو ته سنڌ، پنجاب، صوبه سرحد ۽ بلوچستان جي مسلم اڪثريت وارن علائقن ۾هڪ اسلامي سلطنت ٺهي سگهي ٿي جتي هندو اقليت کي اهڙا حقوق ڏيئي سگهجن ٿا جهڙا هندو اڪثريتي صوبن ۾ مسلم اقليت کي ڏيڻ قبوليو ويندو. اخبار اهو به ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اهڙو اشارو ان کان اڳ نهرو رپورٽ ۽ سائمن ڪميشن رپورٽ ۾ به هو پر هندو اخبارن کي جوش تڏهن آيو جڏهن ساڳئي قسط جو اشارو ۽ اهڃاڻ هڪ مسلمان ڏنو. هندن طرفان مخالفت تي راءِ زني ڪندي ”الوحيد“ لکيو ته:

 

”..... هندن جي طرفان مخالفت جو حقيقي سبب هي آهي جو قومن جي دماغ ۾ هندو راڄ جو سچو نقشو موجود آهي. ڊاڪٽر مونجي جي قول موجب هندو جي معنيٰ آهي هندستاني. هندستان کي هندو هندستان سڏڻ ۾ ڪوبه ڏوه نه آهي پر ان جي ڪنهن حصي کي مسلم هندستان سڏڻ سخت ڏوهه آهي. ڊاڪٽر مونجي جي لفظن تي ڪنهن به وطن پرست اخبار کي غصو نه آيو پر سر ڊاڪٽر محمد اقبال جي فقط خيال ۽ رٿ تي به لنڊن کان وٺي لاهور تائين ماتم مچي ويو. انهي شور غوغا تي اسان کي ڪو تعجب نه ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان کي چڱي طرح معلوم آهي هر هندو جي دل ۾ سوراج جي ڪهڙي تصوير موجود آهي......“

 

اخبار وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مسلم ڪانفرنس جي ٺهراءَ کي هندو قوم طرفان مڃيو وڃي جنهن مطابق مسلم اڪثريت وارن صوبن کي سندن آدمشماري موجب عيوضپڻي جو حق ملي ته پوءِ هندستان ۾ هندستاني قوميت جو صحيح جذبو پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ موجوده منجهيل سياسي مشڪل جو حل نڪري سگهي ٿو.

 

”......پر نهايت افسوس ۽ ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته هندو طبيعت اها ڳالهه برداشت ڪري نه ٿي سگهي ته هندستان جي ڪنهن به پرڳڻي ۾ مسلمانن کي سندن تعداد موجب ڪوبه حق حاصل ٿي سگهي. اها روش هندستان جي اتحاد ۽ هندستان جي آزادي لاءِ بلڪل قاتل آهي......“

 

اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي امڪاني نتيجن بابت الوحيد وضاحت هن طرح ڪئي:

 

”...... انهي روش جو نتيجو يقيني طور سان اهو نڪرندو جو هندستان جا مسلمان بيزار ٿي ڊاڪٽر سر محمد اقبال جي تجويز موجب هندستان ۾ مسلم هندستان (يعني پاڪستان) (1) قائم ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪندا. هي آزادي جو زمانو آهي جنهن ۾ ملسمان ڪڏهن به غلام ٿي رهڻ پسند نه ڪندا. جيڪڏهن هندستان جي اندر آزادي جا حقوق اسان کي نصيب ٿي نه سگهندا ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي اتر هندستان ۾ اسلامي سلطنت جي قائم ڪرڻ کان روڪي نه سگهندي. اسان آئينده جي لاءِ ڪهڙي تحريڪ جاري ڪريون ان جو سمورو دارومدار انهي ڳالهه تي آهي ته مسلم ڪانفرنس جي ٺهراءُ موجب اسان کي هندستان ۾ پنهنجي هستي قائم رکڻ جي طاقت حاصل ٿي سگهي ٿي يا نه؟ حڪومت برطانيه ۽ هندو قوم جي هٿن ۾ اها ڳالهه ڇڏيل آهي ته سمورو هندستان متحد ٿي رهي يا ٻن ٽن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي؟........“

 

ان وچ ۾، سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ مان آزادي ملي ۽ اپريل 1936ع کان جدا صوبو ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هندن ۽ مسلمانن هڪٻئي کي خوب آزمائي ڏٺو ۽ پنهنجي پنهنجي انفرادي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا. هندو ڪانگريس ڏي ۽ مسلمان مسلم ليگ طرفان ڌڪبا ويا. انهن بدليل حالتن جي تقاضا موجب، روزانه ”الوحيد“ لاءِ مسلم ليگ جي طرفداري طرف ڌڪجڻ هڪ فطري ۽ منطقي نتيجو هو. پر ديني ماهوار ”توحيد“ پڻ مسلم ليگ جي سياست کي صحيح سمجهڻ لڳي ۽ سنڌ جي مسلمانن کي ليگ جي حمايت لاءِ اڀارڻ لڳي. ”توحيد“ سيپٽمبر 1938ع، پنهنجي ”ملاحظات“ واري ڪالم ۾ ان قسم جي نقطه نظر جي وضاحت ڪئي. ”مسلم بيداري جو سبب“ جي عنوان تحت لکيائين:

”مسلمانن جي بيداري جو بنيادي سبب سواءِ هن جي ٻيو ڪوبه ڪونه آهي جو هو سمجهي رهيا آهن ته هندو جنهن ارادي سان ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن سو هڪ ئي آهي ته ”ڀارت ماتا“ نج هندن جو وطن بڻايو وڃي ۽ مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن ۽ رواج رسومات کي آهستي آهستي اهڙي نموني ۾ مٽايو وڃي جنهن جو کين پتو ئي نه پوي...........................“

 

سنڌ يا هندستان جا مسلمان ڪمزور آهن. هنن وٽ تجارت يا تعليم ڪانه آهي. هنن ۾ اتفاق ڪونه آهي. سودخور واڻيو هنن کي نهايت ئي بي رحمي کان ورهين کان وٺي کاٿي رهيو آهي. ڌنڌا ۽ روزگار ۽ هنر جيترا به هئا تن تي هندو قابض ٿي رهيا آهن. مسلمانن مزدورن جي بجاءِ هندو مزدورن کي رکيو وڃي ٿو. ملازمت جا دروازا مسلمانن تي بند ٿي رهيا آهن. هوڏانهن وري آدمشماري ملڪ جي وڌي رهي آهي. جنهنڪري مسلمانن جي قوم فاقه ڪڍي وقت گذاري رهي آهي. اهي ۽ ٻيا اهڙا سبب اهڙا اچي بڻيا آهن، جنهنڪري مسلمان مجبور ٿيا آهن ته هو ايندڙ زماني ۾ پنهنجي مذهب ۽ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي حفاظت لاءِ هٿ پير هلائين، پنهنجي اسلامي زندگي برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه اٿي ڪن. انهي تحريڪ جو نالو رکيو اٿن ”مسلم ليگ.“ حقيقت هي آهي ته مسلم ليگ جي هلچل هندو ”رام راڄ“ لاءِ هڪ زبردست رڪاوٽ آهي ۽ هندو خواب جو تعبير اڻ پورو ٿيندو نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هندو قوم متحد ٿي ملسم ليگ تحريڪ کي ڊاهڻ لاءِ ڪوشش ۾ لڳل آهن.“

 

اسان اڳ ۾ ٻڌائي چڪا آهيون ته 1932ع ۾ سنڌ جي علحدگيءَ کانپوءِ، اسان جي صوبي ۾، سياسي گرمجوشي وڌي هئي. غالباً 1 فيبروري 1937ع تي پهرين صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون جنهن عمل ڪي سياسي گروپ به تشڪيل ڏنا ۽ عام ماڻهن ۾ سياست لاءِ دلسچسپي پيدا ڪئي. آڪٽوبر 1938ع کان، سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم وارو ڪم، سندس پهرين پريزيڊنٽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هٿ ۾ کنيو هو. پر آڪٽوبر 1938ع کي ان ڪري غير معمولي اهميت آهي جو ان دوران ملسم ليگ جي چوٽيءَ جا اڳواڻ جن ۾ قائداعظم رحه به شامل هو، ڪراچي ۾ آيا ۽ هن جماعت کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ جون رٿون رٿيائون. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪن ميمبرن، قائداعظم کي استقباليه ڏيڻ لاءِ رٿ ڏني جنهن تي ڪانگريسي ميمبرن مخالفت ڪئي. ان حرڪت جو نوٽس روزانه ”الوحيد“ 4 آڪٽوبر 1938ع واري اشاعت جي ادارئي ۾ ورتو ۽ لکيو ته ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته:

 

”..........هندستان جي اندر مختلف قومون آباد آهن ۽ انهن ۾ مسلم اقليت خاص حيثيت رکي ٿي ۽ جنگ آزادي لاءِ بيحد ضروري آهي ته مختلف قومن جو پاڻ ۾ اتحاد اتفاق قائم ٿئي ۽ اهو هڪ اهڙو امر آهي جنهن کي خود انڊين نيشنل ڪانگريس به تسليم ڪري چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪانگريس انهي مقصد جي وصولي لاءِ هندستان جي مسلمانن جي طرفان فقط مسلم ليگ سان ئي گفت و شنيد ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪابه تحريڪ يا ان جا ليڊر ملڪ لاءِ نقصانڪار آهن ته پوءِ آخر انڊين نيشنل ڪانگريس کي ڪهڙي گتي پئي آهي جو اهڙي درد سري ڪري ٿي......؟“

 

اخبار اهڙن ڪانگريسي ڪارپوريشن ميمبرن جي مذڪور استقباليه جي مخالفت ڏي اشارو ڪندي چيو ته:

 

”اهڙي حالت ۾ اسين سمجهي نه ٿا سگهون ته جيڪڏهن خود ڪانگريس جهڙي جماعت جنهن کي ”نئشنلزم“ جي دعويٰ آهي، اها مسلم قوم جي اڳواڻن لاءِ ههڙي قسم جي تنگ دلي جو اظهار ڪندي رهندي ته آخر سندس اتحاد ۽ اتفاق جي سچي خواهش جو ٻيو ڪهڙو نمونو پيش ڪيو ويندو.......“

ساڳئي وقت ”الوحيد“ اها راءِ قطعي طرح ڏيئي ڇڏي ته:

”.......هن وقت هندستان جي اندر مکيه سياسي جماعتون فقط ٻه موجود آهن. يعني هڪ ڪانگريس ۽ ٻي مسلم ليگ. انهن کانسواءِ ٻي ڪابه اهڙي جماعت ڪانهي جنهن کي آل انڊيا جماعت چئي سگهجي. البت ڪن ڪوتاه انديش ماڻهن پنهنجن ننڍڙن ۽ محدود گروهن کي آل انڊيا نالا ڏيئي خواه مخواه  هندستان جي قومن ۾ انتشار پيدا ڪري رکيو آهي جو ڪنهن به حالت ۾ جائز نه آهي.....“

 

6 آڪٽوبر تي ”الوحيد“، انهن مسلم ليڊرن جي آمد تي، سنڌ جي مسلمانن کي والهانه مخلصانه استقبال ڏيڻ جي اپيل ڪندي، مسلم ليگ جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ وضاحت لکيو:

 

”..... اخبار بين حضرات کي پوري طرح سان علم آهي ته هندستان جي آزاديءَ لاءِ هندستان ۾ هندو مسلم اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ اڄ ڪانگريس به مسلم ليگ جي چوڪٽ تي سلام ڀري رهي آهي. باوجود ان جي جو ڪي چند نام نمود ۽ شهرت جا طالب مسلمان ڪانگريس کي انهيءَ ڪارروائي کان باز رکڻ جا ڪيترائي حيلا هلائي رهيا آهن مگر ڪنهن به صورت ۾ هن حقيقت کي نظرانداز ڪرڻ خود ڪانگريس جي وجود لاءِ خطرناڪ امر آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مسلم ليگ کان خشڪ جواب ملڻ تي به ڪانگريس ملسم ليگ جي دروازي تي دست نگر آهي.
”خوشي جي ڳالهه آهي جو مسلم ليگ جا اڪابر اڳواڻ نه رڳو سنڌ جي ڪانفرنس جي دعوت تي تشريف فرما ٿي رهيا آهن پر ان سان گڌ ڪانفرنس جي موقعي تي آل انڊيا مسلم ليگ جي به ميٽنگ سڏايل آهي جنهن ۾ ڪيترائي ضروري ۽ اصولي سوال فيصل ٿيڻ وارا آهن. انهيءَ وقت تي مسلمانان سنڌ جي ايمان جي تقاضا آهي ته مٿين اڳواڻن جي مرحبا ۽ آجيان ۾ پوري طرح حصو وٺي ثابت ڪري ڏيکارين ته هنن کي وطن ۽ قوم جي زندگي وارن سوالن سان ڪيتري قدر دلچسپي ۽ محبت آهي......“

 

اهو تسليم ڪندي ته ڪنهن به سياسي جماعت خلاف اعتراض ٿي سگهن ٿا، ”الوحيد“ دليل ڏنو ته:

 

”......انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي ته هڪ قوم جي اندر جو سياسي روح پيدا ٿي رهيو آهي ان کي فقط ان ڪري ناس ڪيو وڃي جو بدبختي سان ڪنهن اهڙي تحريڪ سان ڪن چند ماڻهن کي اختلاف آهي ۽ زوري حقيقتن تي به اک ٻوٽ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان مان ڪي ماڻهو جو ڪانگريس جي ڪري پنهنجي قوم ۾ انتشار پيدا ڪري رهيا آهيون سي ڪيتري قدر حق بجانب چيا ويندا جڏهن خود ڪانگريس هندستان جي آئنده لاءِ مسلم ليگ جي اڳيان سندس مدد حاصل ڪرڻ لاءِ پاند پکڙي. تڏهن اهڙين حالتن ۾ ڪهڙي نه حمايت ٿيندي جو مخالف ڏاچي هڻي ڏه ته توڏي هڻي تيرهن جو مثال پيش ڪن.......“

 

11 آڪٽوبر 1938ع کان پهرين سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ 13 آڪٽوبر تي مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي کي، سنڌ جي سرزمين تي، اها سعادت نصيب ٿي جو هن چوٿين نشست ۾ ٽين تجويز پيش ڪئي جا الوحيد 14 آڪٽوبر 1938ع اسان لاءِ محفوظ ڪئي آهي ۽ جا تجويز ان اخبار جي رپورٽ مطابق ”ڪانفرنس جو روح چيو وڃي ٿو، جنهن موجب ڪانگريس جي مسلم ڪش پاليسي ۽ فيڊريشن جي نفاذ جي متعلق پنهنجي پاليسي جو اعلان ڪيو......“ الوحيد ۾ ڇپيل ان تجويز مطابق:

 

”مسلم ليگ جي ڪوششن جي باوجود ڪانگريس جي تنگ نظري کان هندو مسلم ٺاه نه ٿي سگهيو آهي جنهن صورت ۾ اڪثريت واري قوم جي ذهنيت مسلمانن جي خلاف آهي هندن مسلمانن جي مذهب، ٻولي، رسم الخط، تهذيب ۽ سوسائٽي جي قانونن ۾ تفاوت آهي تنهن ڪري هڪ يڪمشت هندستان قوم برپا ڪرڻ مشڪل آهي. تنهن ڪري هيءَ ڪانفرنس سمجهي ٿي ته هندستان جي صلح ۽ تهذيب جي ترقي، سوسائٽي جي بهبودي، هندن ۽ مسلمانن جي سياسي خود ارادي لاءِ آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪجي ٿي ته هو هن سموري سوال تي وري غور ڪري ته هندستان لاءِ ڪهڙو جوڙجڪ هجي جو مسلمانن کي حقي ۽ عزت ڀريو درجو وٺي ڏئي.

 

”ڪانفرنس فيڊريشن جي سرشتي تي ناراضپو ظاهر ڪيو ۽ برٽش سرڪار تي زور آندو ته فيڊريشن شروع نه ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته اها هندستان لاءِ عام طرح ۽ مسلمانن لاءِ خاص طرح نقصانڪار آهي. وڌيڪ هي به پاس ٿيو ته ڪابه جوڙجڪ هندستان جي مسلمان قبول نه ڪندا جيستائين مسلم ليگ کان انهيءَ سلسلي ۾ صلاح ۽ قبوليت نه ورتي ويندي.

 

”اهو ٺهراءُ پاس ڪندي، شيخ صاحب ڪانگريس جي مسلم ڪش روش کي پوري طرح پڌرو ڪيو. چيائين ته ڪانگريس نئشنلزم جي آڙ ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهي آهي. هن جو اٿڻ وهڻ، کائڻ ۽ پيئڻ سڀ نئشنلزم آهي پر قوم پرست ۽ وطن دوست مسلمانن کي به فرقه پرست چيو وڃي ٿو.

 

”اسان جي قائداعظم جي قيادت ۾ مسلم ليگ ڪيترا دفعا هندو مسلم اتحاد لاءِ ڪوششون ڪيون. پر اها تنگ نظر جماعت جنهن جي هڪ فرقه جي ٻن ماڻهن کي هڪ ٻئي سان رڳو ڇهڻ ڪري غسل ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي سا مسلمانن سان ڪهڙي طرح اتحاد ڪري سگهي ٿي.“

 

”آخر ۾ شيخ صاحب فرمايو ته انڊين نيشنل ڪانگريس کي اڃا به موقع آهي. هو چاهي ٿي ته هندستان جي سڀني کان ٻن وڏين قومن ۾ اتحاد ۽ اتفاق رهي ته هو ميدان ۾ اچي. ملسم ليگ هر طرح ساڻس عزت ڀرئي ۽ جائز صلح ڪرڻ لاءِ تيار آهي.......“

 

اهو آهي ته اُهو ٺهراءُ جنهن مسلمانن جي جنگ آزادي لاءِ صاف راهه جي نشاندهي ڪئي ۽ جيڪو ٿوري ڦيرگهير سان 23 مارچ 1940ع تي پاڪستان ٺهراءُ جي نالي ۾ ظاهر ٿيو. نه رڳو اهو پر اڳتي هلي 1943ع ۾ سنڌ صوبي کي ٻي سعادت هيءَ نصيب ٿي جو سڄي هندستان ۾ پهريون اهڙو علائقو بڻيو جنهن سرڪاري ليول تي پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. آخر 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي پاڪستان جو نئون ملڪ نمودار ٿيو.

 

سنڌي پريس جي حقيقت پسندي، حق گوئي ۽ معقوليت واري روش جي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي، جڏهن اسان ڏسون ٿا ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، اڪثر ٻين اخبارن اجايون هنبوڇيون هنيون ۽ خوشيءَ ۾ کيريون ٿي ڦيريون پائڻ لڳيون، اتي ان ماحول ۾، هڪ سنڌي روزانه ”مجاهد“ 28- اپريل 1948ع تي، ”عرض حال“ جي عنوان تحت لکيو ته:

 

”....پاڪستان قائم ٿي چڪو هو ملڪ ۽ خلق ۾ مختلف سببن هيٺ ڪافي پريشاني ڦهليل هئي. پنهنجا شڪسته دل ۽ درمانده طبع تي رهيا هئا ۽ اغيار پنهنجي خباثت ۽ بدطينتي جي سبب پاڪستان کي نقصان يا ناڪامياب ڪرڻ جون مردود سازشون سٽي رهيا هئا........“

نون مسئلن ۽ تقاضائن جو ”مجاد“ 30 اپريل 1948ع تي اڃا به وضاحت سان ذڪر ڪيو ۽ مسلم ليگ جي نئين سر تنظيم ڪرڻ تي زور ڏنو هو. اخبار لکيو:

 

”........پاڪستان قائم ته ٿي چڪو آهي پر پاڪستان جا باشندا بيحد پريشان آهن. سندن ڪيتريون ضرورتون آهن، ملڪ جي داخلي امن ۽ انتظام لاءِ خواه ملڪ جي خارجي بچاءُ ۽ حفاظت لاءِ گهڻي ڪم جي ضرورت آهي. اسان جي ڪم جو سلسلو اڃا ختم نه ٿيو آهي. پکي کي دام ۾ ڦاسائڻ ته سولو ڪم آهي پر کيس پڃري ۾ پالڻ ۽ تاتڻ بي حد ڏکيو آهي. پاڪستان هٿ ڪيوسون پر کيس اهڙي طرح اغيار ۽ دشمنن کان محفوظ رکڻ، سڀني خطرن ۽ انديشن کان کيس پري ڪرڻ وڏو اهم ۽ عظيم مسئلو آهي. هن وقت مسلم ليگ جو نصيب العين هئڻ گهرجي پاڪستان جي حفاظت ۽ ترقي. مسلم ليگ جو پروگرام اهڙو ته جامع ۽ مفيد ۽ اثرائتو ۽ بنيادي هئڻ گهرجي جنهن تي عمل درآمد ڪرڻ سان اسين ستل قوم کي بيدار ۽ پٺتي پيل ڀائرن کي تيار ڪري سگهون. انهي پروگرام ۾ اخلاصي اصلاح ۽ گذراني ضرورتن جي پورائيءَ جو خيال رکڻ گهرجي......“

 

ساڳئي ادارئي ۾، مغربي پنجاب مسلم ليگ جي صدر، ميان افتخارالدين جي پريس ڪانفرنس ۾ ڇپيل جملي ڏانهن، هن اخبار توجهه ڇڪرايو جنهن ۾ هن چيو هو ته ”مسلم ليگ ۾ امير ۽ غريب جو فرق دور ڪرڻ گهرجي.“ ان جي حمايت ۾ ”مجاهد“ لکيو ته:

 

”بلڪل درست آهي ۽ بجاءِ فرموده آهي. اسين هن وقت جيڪي ڏسي رهيا آهيون سو تمام دکدائڪ آهي. مسلم ليگ اميرن جو اڏو آهي. اگرچ عوام به ان ۾ داخل آهي پر انهن جو آواز نه ٿو ٻڌو وڃي. اميرن ۽ دولتمندن هنن کي پنهنجو آلئه ڪار ۽ عهدن حاصل ڪرڻ ۽ اثر وڌائڻ جو ذريعو ٿا بڻائين. مگر هئڻ گهرجي هي صورت ته عوام کي اميرن جي برابر وزن ۽ اثر هجي، سندسن آواز ڪارگر هجي. اڄ اميرن مسلم ليگ جي نالي تي پنهنجا غرض ۽ مطلب پورا ڪيا آهن ۽ عام غريبن جي حقن کي تلف ۽ تاراج ڪيو آهي.

”دراصل ڪيترائي ماڻهو آهن جن مسلم ليگ جي اوٽ ۾ ئي پنهنجا الو سڌا ڪيا آهن ۽ جاوا ڪري پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن. اهڙا ماڻهو يڪدم مسلم ليگ مان خارج ڪيا وڃن يا کين بي وزن ۽ بي اثر بڻايو وڃي. مسلم ليگ جا عهديدار ۽ ڪار پرداز ۽ ڪاروباري ميمبر ايماندار ۽ مخلص ۽ بااصول ماڻهو چونڊڻ کپن، جي مسلم ليگ لاءِ عزت ۽ نيڪ ناميءَ جو باعث ٿين.“

 

”آخر ۾ اسين اها اميد رکون ٿا ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي نئين سر تنظيم مٿن گذارشن کي سامهون رکي ڪئي ويندي. جنهن کانپوءِ انشاءَالله تعاليٰ سنڌ جو مستقبل بيحد روشن ٿيندو، شال الله تعاليٰ سڀني کي نيڪ توفيق عطا ڪري.“


(1)  مسلم وئائيس، انگريزي هفتيوار هئي جنهن ذڪر جو ڪارڻ ٻه ڳالهيون آهن (1) ته مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مقبول بڻائڻ ۾ ان جو ڪردار اهم رهيو ۽ (2) ته پير علي محمد راشديءَ جهڙي ڪهنه مشق سنڌي صحافيءَ کي انگريزي صحافت ڏي کڻي وڃڻ لاءِ ذميدار بڻي.

(1)  ڏنگين ۾ ڏنل لفظ منهنجا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org