باب چوٿون
سنڌي صحافت جو اوائلي دور
(لکندڙن ۽ لکڻين جو احوال)
جئين مٿي چيو ويو آهي، اوائلي دور جو اختتام 1910ع تي ٿيو. ليڪن
ان عرصي جي اخبار نويسيءَ ڪري ٿيل ڪوششن کي جڏهن
باريڪ بينيءَ سان نظر مان ڪڍجي ٿو ۽ خود اخبارن ۽
رسالن جي مواد ۽ مقصدن ۽ ڪارڪردگيءَ جو تجزيو ڪجي
ٿو ته چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دور ۾،
صحافت جي ابتدا هئي جنهن ۾ فني اعتبار کان، ان جي
اڃا ٻاراڻائپ هئي. صحافتي ڪم جي ونڊ ورڇ ۽ مختلف
فرائضن لاءِ مختلف ۽ موزون ماڻهن جي اهميت جو
احساس اڃا نه اڀريو هو. جيڪو اخبار يا رسالي جو
مالڪ هو سو ئي گهڻي ڀاڱي ان جو ايڊيٽر هو ۽ سو ئي
خبرن کي گڏ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ هو. ان ڪري خبرن جو
پراڻو ۽ فرسوده هجڻ هڪ عام ۽ غيرمعيوب ڳالهه هئي.
اخبار نويسيءَ ۾ ”خبريت“ اڃا پنهنجي صحيح خدوخال ۾
نه اڀري هئي ۽ نه ئي وري ان جي پيش ڪرڻ جي اخباري
ڏانو جي واقفيت عام ٿي هئي. ماڻهن کي، ان زماني ۾
واندڪائي جام هئي، تعليم گهڻو گهٽ هئي، تنهن ڪري
هر ڳالهه کي تفصيل سان پڙهڻ کان اسان واري زماني
جي بوريت وارو احساس ڪونه پيدا ٿيو هو. هر ڳالهه
شوق ۽ مذهبي اخلاق واري جذبي هيٺ، سچائي سان لکي،
پڙهي ۽ ٻڌي ويندي هئي. هر لکليل لفظ کي سلام ۽
استعمال ٿيل ڪاعذ پرزي جو احترام ڪندا هئا ۽ ان جي
مفهوم جي سچائي صدق دل سان مڃيندا هئا ۽ ان جو
انڪار ڪفران جي ڪناري تي بيهڻ برابر سمجهندا هئا.
اهڙي ماحول ۾، اسان جي اخبار نويسيءَ جي جوڙجڪ ۽ منهن مهانڊو
ادبي ۽ تبليغي نوعيت جا هئا. ڏٺو ويندو ته اها به
وڏي خدمت هئي جنهن جي سرانجاميءَ لاءِ اسان جي
صحافت هڪ موءثر پليٽفارم مهيا ڪيو هو ۽ لکندڙن جي
پنهنجي قلم کي آزمائڻ جو بهترين موقعو ڏنو هو. ان
دور ۾، نثر توڙي نظم نهايت ترقي ڪئي، خصوصاً نظم
پنهنجي موزون شڪل ۾ تيزيءَ سان، وڏي شوق سان ۽
جذبي تحت اختيار ۽ پسند ڪئي وڃڻ لڳي، جيتوڻيڪ
صحافتي ٻولي اڃا گهڻو پري هئي. هر هنڌ شعر و
شاعريءَ جو چرچو ٿيڻ لڳو ۽ ان وقت جون اخبارون ۽
رسالا نظم کي ڇپجڻ ۽ مشتهر ٿيڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻي
جاءِ ڏيڻ لڳا ڇاڪاڻ ته علم کي عام ڪرڻ ۽ اخلاقيات
جا سبق سيکارڻ تي صحافت جو بنيادي ۽ قابل فهم مقصد
۽ رول نظر ٿي آيو.
اها حقيقت آهي ته نثر توڙي نظم جي ترقي ۽ ترويج لاءِ اهو ضروري
آهي ته تعميري تنقيد ٿئي جيڪا صبر سان ٻڌي ۽ سچائي
سان سٺي وڃي. ادب جي اصلاح ۽ اڀرڻ لاءِ اهڙي
سهوليت صحافت ئي ميها ڪندي آهي. اخبارون ۽ رسالا
اهڙي نثري توڙي نظمي ادب جي تعارف لاءِ پنهنجي
صفحن ۾گنجائش پيدا ڪندا آهن. رهندڙن جي شوق پيدا
ڪرڻ لاءِ نظم توڙي نثر جي هر نئين ڪتاب جو انتخاب
۽ تعارف، اخبارن ۽ مخزنن ۾ شايع ڪيو وڃي ٿو. هنن
رسالن ۽ اخبارن ۾ ئي، انهن ادبي شهه پارن جي پوري
پرک ڪرڻ لاءِ، تعميري تنقيدي ٿين ٿيون. مطلب ته،
مختصراً، هن عمل سبب، توڙي عرصي اندر، ادب جي
تشهير ٿئي ٿي ۽ شائقين نون ڪتابن خريد ڪرڻ سان
اديبن ۽ مصفنن جي همت افزائي ڪن ٿا. ادب جي خوبين
۽ خامين جي نشاندهي ٿئي ٿي ۽ اهڙي طرح پڙهندڙن جي
رهنمائي جو سامان مهيا ٿئي ٿو ۽ ادب کي اڳتي وڌڻ ۾
هٿي ملي ٿي. اهڙو مفيد ۽ مفت فورم اهي اخبارون ۽
رسالا پيدا ڪن ٿا جيڪا بذات خود هڪ وڏي خدمت آهي.
ٻي ڳالهه جنهن صحافت کي تبليغي ڪردار ادا ڪرڻ تي آماده بلڪه ڪن
حالتن ۾ مجبور ڪيو هو. سا هيءَ هئي ته ان مذڪور
دور ۾، سياست کان وڌيڪ تعليمي ۽ سماجي سڌاري جي
ضرورت هئي ۽ ان ئي نوعيت وارا ادرا ٺهيا هئا جن جو
اصل ڪم ماڻهن جي تعليمي ۽ سماجي حالت جي اصلاح ڪرڻ
هو. جيڪڏهن ڪن اخبارن يا رسالن ۾، مذهبي ترغيب به
ڏني ٿي ويئي ته ان جو مقصد به خلق خدا کي صحيح دڳ
لائڻ ۽ مهذب بڻائڻ هو. تعصب ۽ تنگدلي اڃا ڏسڻ ۾
ڪانه پئي آئي. اهڙن ڪمن پٺيان به نهايت معصومانه ۽
صلح پسندانه جذبا ۽ عوامل ڪارفرما هئا. اها ٻي
ڳالهه آهي ته ماڻهن ۾ انهن رسالن ۽ اخبارن طرفان
پيدا ڪيل سماجي سجاڳي اڳتي هلي سياسي سياڻپ پيدا
ڪئي ۽ سياسي فضا کي جنم ڏنو. ان کان به انڪار
ڪونهي ته 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ 1906ع ۾
آل انڊيا مسلم ليگ جهڙيون وڏيون سياسي پارٽيون
ٺهيون پر ان وقت انهن جو ڪم گهڻي ڀاڱي مٿانهين ۽
قومي ليول تي ٿي رهيو هو. سندن ڪارڪردگيءَ ۽ سياست
بازي (جيڪا خود اڃا ابتدائي مرحلن ۾ هئي) جي دائره
اثر کان صوبائي سطحون اڃا آجون هيون. اهي سياسي
ڪارروايون ۽ ڪارگذاريون اڃا عوام ۾ عام ۽ مقبول نه
ٿيون هيون. هيٺين ليول جي ماڻهن کي ته اڃا انهن
ڳالهين جي خبر به ڪانه هئي پر پڙهيل ماڻهو به
سياست کان مجموعي طور متاثر ڪونه هئا. هو ان کي
جان جو جنجال ۽ اڪارتو عمل سمجهندا هئا.
(1)
تنهنڪري سندن سمورو توجه ۽ ڪوششون ماڻهن ۾ علم عام
ڪرڻ ۽ پنگتي سڌاري تي مرڪوز هيون.
ان قسم جي علمي تحريڪن ۾، 1884ع ۾مرحوم حسن علي آفندي پاران
مسلمانن کي تعليم ڏانهن ترغيب ڏيڻ جي مقصد سان
”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ برپا ڪئي وئي جنهن اڳتي
هلي ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جو بنياد وڌو.
تعليمي ميدان ۾، ان اداري جيڪي ڪارناما سرانجام
ڏنا آهن سي سچ پچ ته سونهري حروف ۾ لکڻ لائق آهن.(2)
اهڙيءَ طرح سان ٿورو بعد، ”سرسوتي“ ۽ ”جوت“ جي سرپرستن ساڌو
هيرانند ۽ پرمانند ميوارام جهڙن بزرگ عالمن جو
مقصد: اهڙو ئي خلوص وارو ادبي، سماجي ۽ مذهبي
نوعيت جو هو. پرمانند ميوارام جيڪو هڪ هندو هو ۽
بعد ۾ عيسائي ٿيو هو، تنهن جو ”جوت“ پٺيان بنيادي
مطلب عيسائين جي تبليغ هو پر هن شخص پنهنجي رسالي
جي ذريعي، بهترين ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون جن جي
افاديت هندن توڙي مسلمانن لاءِ هڪ جهڙي هئي.
ان دور جي هندن توڙي مسلمان عالمن ۽ ادبين جي نيڪ نيتي، خلوص دل
ثابت ڪرڻ لاءِ اهو هڪڙو مثال ئي ڪافي آهي، جنهن جو
تعلق سنڌي زبان جي صورتخطيءَ سان آهي. 1854ع ۾،
انگريز سرڪار ان مقصد لاءِ جيڪا ڪاميٽي ٺاهي هئي
ان جي صدارت سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي ذمي
هئي پر ان جي ميمبرن ۾ اڪثريت هندن عالمن جي هئي
جن ۾ ديوان ننديرام، ديوان پرڀداس ۽ رائبهادر
جڳناٿ نارائڻ ۽ مسلمانن مان خانبهادر مرزا صادق
علي شامل هئا.
(1)ليڪن
ان هندو اڪثريت واري ڪاميٽيءَ سنڌي زبان لاءِ عربي
رسم الخط تجويز ڪيو ۽ اهو رسم الخط ان وقت کان وٺي
1905ع تاءِ عربي اعرابن (يعني زبر، زير ۽ پيش) جي
استعمال سوڌو مروج هو ۽ عربي گرامر جي تقاضا موجب،
اهي اعراب، حرف صحيح هٺيان باشان ڏنيون وينديون
هيون. پروفيسر ملڪاڻي موجب ”ليڪن بعد ۾
Text Book Review committee
(ديوان پريمچند آوتراءِ، پرنسپال حيدرآباد ٽريننگ
ڪاليج) جي صدارت ۾ (1905) اعرابن جو جهونو طريقو
ڇڏيو ويو هو. ”مطلب ته دليون صاف ته سون مٺئين
ويٺو ورهاءِ.“ ليڪن بعد ۾ (ويهين صديءَ جي چوٿين
ڏهاڪي ۾) جڏهن وچ ۾گذريل عرصي دوران، سياست بازيءَ
پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا هئا ۽ هندن مسلمانن
درميان ويڇو وڌڻ لڳو هو، تڏهن مرحوم شمس العلماءِ
ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي پاران، 1905ع کان اڳ واري
سنڌي زبان جي پوزيشن کي فقط واپس ڪرڻ تي، هندن
طرفان، وڏي واويلا ڪئي وئي ۽ مخالفت جو هڪ طوفان
کڙو ڪيو ويو. لڳي ائين ٿو ته ڳالهه ۾ ڪجهه به ڪونه
هو، پر هندو مسلمان هڪ ٻئي کان گهڻو پري پئجي چڪا
هئا. رڳو دليلن جي دوريءَ جو نتيجو هو جو هڪ سڌي
سنئين رواجي خالص علمي اصول به سياست زده ماڻهن کي
ڊيڄاري ٿي ڇڏيو ۽ کٽڪو پئي ٿيو ته ڪٿي نقصان نه
رٿيو ويو هجي. ”ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيٽ ڪري“واري
چوٽي جي منزل لنگهي ويا هئا ۽ هڪ ٻئي کان ڪوهين
دور ٿي ويا هئا. پوءِ مٺي به مٺي پئي لڳي ۽ سٺي به
سٺي نه ٿي وئي.
ان کان ٿورو ”اڳ 1925ع ڌاري“ وسوسن ۽ ويچارن ۽ نيت جي خرابيءَ
هيٺ، ڪيسري اخبار جي ايڊيٽر سوامي گووندنند (جيڪو
ڪانگريسي خيالن جو هو) تنهن کي اچي شوق جاڳيو ته
نئين سنڌي آئيويٽا ٺاهجي ۽ مروج سنڌي ”الف- بي“
مان ساڳئي اچار وارا اکر جهڙو ”ا ع، ته طه، ث س ص،
ح هه، ذ ز ظه ض ۽ ق ڪ“ هٽائي هڪ اکر ڪم آڻجي. ان
نئين رٿابنديءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ هن صاحب، تجربي کي
ڪامياب ڪرڻ جي ارادي سان، ”ڪيسري“ اخبار جاري ڪئي
جا ٿوري عرصي اندر، ناڪام وڃڻ کانپوءِ، بند ٿي
وئي. سال 1924ع ۾، مهراج ريواچند جي تحريڪ سان،
ڀيرومل ڪنيا پتري پاٺشالا ڪراچي ۾ اهڙا ڪتاب
ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپائي ٻارن کي پاڙهيا ويا پر جلد
بند ڪرڻا پين ڇوته ڪاميابي نظر نه آين. هاڻي هنن
ڳالهين ۾ ظاهرن تي زبان کي سهل بڻائڻ جو منطق ۽
ميٺاڄ هو پر دراصل مقصد وري به ڪٽرپڻي جي پيدائش
هو ۽ ِاهو اُهو هو ته ڪنهن طرح عربي اکرن کان جند
ڇڏائجي جنهن کان هندو عام طرح گهڻو ٽهندا هئا.
آڳاٽا اخبار نويس ۽ سندن قلمي ڪاوش
جنهن آڳاٽي دور جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ان جا معروف اخبار نويس
مرحوم شمس العلماءُ مرزا غلام علي، مرحوم رئيس شمس
الدين ”بلبل“، مرحوم مرزا صادق علي، سرڳواسي ساڌو
هيرانند، سرڳواسي پرمانند ميوارام، مرحوم شيخ محمد
سليمان، سرڳواسي تولا رام ٻالاڻي، سرڳواسي ويرومل
بيگراج ۽ مرحوم محمد هاشم مخلص هئا. جيتوڻيڪ
”بلبل“، ٻالاڻي، بيگراج ۽ مخلص جو تعلق ٻئي دور جي
مختلف ميعادن سان به رهيو. انهن مڙني قلم ڪارن کي
سندن اخبار نويسيءَ جي ان ابتدائي ناسازگار ماحول
۾ نمايان ڪم ڪرڻ جو شرف حاصل آهي ۽ صحافت جي بانين
واري حيثيت حاصل آهي. افسوس البت ان ڳالهه جو آهي
ته اسان جي پنهنجي غفلت ۽ عدم دلچسپيءَ سبب، اسان
جي ماضيءَ واري صحافت جو مڪمل رڪارڊ محفوظ نه رهيو
آهي ۽ مرحوم مخلص علي، مرحوم صادق علي، ساڌو
هيرانند ۽ تولارام ٻالاڻيءَ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ
”مطلع خورشيد“، ”مفرح القلوب“، ”مجمع مدرسه“
”سرسوتي“، ”سنڌ سڌار“، ”ماتا“ ۽ ”صدائي سنڌ“ جي
سواءِ چند ڪاپين جي ٻيو ڪل قيمتي رڪارڊ ۽ فائيل
اسان کي دستياب نه آهن. نتيجي ۾ تحقيق ڪندڙن لاءِ
ناممڪن نه ته به ڏکيو ضرور ٿي پيو آهي ته هو انهن
مشهور ۽ معروف بانين جي قلمي ڪاوشن ۽ تحريرن جو
مفصل جائزو وٺن، صحيح اندازو لڳائين ۽ انهن جي
لکڻين جا مختلف نمونا جهجهي انداز ۾ ڏئي،
فراوانيءَ سان نتيجا اخذ ڪن.
ازانسواءِ، سنڌي صحافت جي هندن واري حصي جاچڻ، پرکڻ ۽ موجوده
تحقيقن ۾ شامل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي عملي
دشواريون رڪاوٽ بڻيون آهن. سنڌ مان لڏپلاڻ وقت،
گهڻو رڪارڊ ته خردبرد ٿي ويو ۽ ڪجهه ڪم جون شيون
هندو پاڻ سان کڻي ويا، جنهن ڪري ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو
آهي ته اسان ان تحقيق جي تقاضا پوري ڪندي، سند طور
ضروري حوالا ڏئي سگهون، هندو اخبار نويسن جي محبت
ڀري محنت جو تخمينو لڳائي سگهون ۽ تبصرو ۽ تنقيد
ڪري سندن سمورين ڪارگذارين کي ظاهر ڪري سگهون.
بلاشڪ اڳوڻن هندو اخبار نويسن جو سنڌي صحافت ۾
نمايان ڪردار رهيو آهي. ان حقيقت جي اعتراف ڪندي،
اسان لاءِ مسئلو اهو آهي ته مواد جي عدم دستيابي ۽
اڻ ملت سبب، شايد اسان ساڻن (خاص ڪري اوائلي دور
جي هندو صحافين سان) پورو انصاف نه ڪري سگهون.
اسان کي ان تي سخت افسوس آهي. اسان کي جيڪو ڪجهه
ملي سگهيو آهي، اسان ان کي فراخدليءَ سان جاچيو،
پرکيو ۽ شامل ڪيو آهي. ڪوشش اها ڪئي وئي آهي ته ان
کوٽ ۽ لاچاري جو، ممڪن حد تائين، ازالو ڪيو وڃي.
هن کانپوءِ ايندڙ صفحن تي، مذڪور اخبار نويسين جي
زندگين جا احوال ۽ ڪي لکڻين جا نمونا پيش ڪيا
ويندا.
مرزا مخلص علي
مرحوم شمس العلماء مرزا مخلص علي کي فارسي ۽ سنڌي صحافت ۾ اهم
ترين حيثيت حاصل آهي خصوصاً ان الفاظ کان ته انهن
ٻنهي زبانن ۾ اخبار نويسي جو بنياد هن شخص وڌو. سر
ائڊريو وينگيٽ جي مٿي ڏنل خط (ص 397) مان اهو
چڱيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته ”مرحوم شمس العلماء مرزا
مخلص علي اسان جي ملڪ ۾ فارسي ۽ سنڌي صحافت جو ابو
۽ باني آهي. سندس اخبار”مفرح القلوب“ کي دنيا ۾
پهرين اخبار چيو ويو آهي، جنهن مان ثابت آهي ته
خود ايران ۾ ڇپائيءَ ۽ اخبار جو بندوبست به پوءِ
ٿيو. ”مطلع خورشيد“، ان کان پنج سال پوءِ، 1860ع ۾
شايع ٿي جا دنيا ۾ پهرين سنڌي اخبار سڏي سگهجي ٿي.
ان کانپوءِ ٻيون اخبارون شايع ٿيون.“
(1)
مرزا مرحوم جا وڏا علوي سادات مان هئا ۽ 1801ع ڌاري، هن خاندان
جو پهريون عالم ۽ فاضل شخص مرزا سلطان محمود، دهلي
۾ آيو. ان دور ۾، ايران مان ڪيترائي اثنا عشريه
شيعا عالم ۽ فاضل ان ڪري نڪتا هئا جو انهن لاءِ
وڏيون سختيون ٿي رهيون هيون. ڪجهه عرصي کانپوءِ،
دهلي ڇڏي، مرزا سلطان محمود ملتان ۾ سڪونت اختيار
ڪئي. نهايت عابد ۽ زاهد انسان هو ۽ پنهنجي حلقي ۾
وڏو اثر پيداڪيائين ۽ آخر اتي ئي وفات ڪري ويو جتي
مدفون آهن. سندس وڏو فرزند مرحوم شمس العلماء مرزا
مخلص علي هو، جنهن 1854ع ۾ فارسي ”مفرح القلوب“ ۽
1860ع ۾ فارسي- سنڌي ”مطلع خورشيد“ اخبارون جاري
ڪيون جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. هن عالم ۽ فاضل
1877ع ۾ شڪارپور ۾ وفات ڪئي جتي سندس آخري آرام
گاهه آهي. مرحوم غلام محمد گرامي مطابق ”تڪمله
مقالات، الشعراء“ جي مولف مخدوم ابراهيم خليل
ٺٽويءَ سندس دفن ٿيڻ جي جڳهه ڪراچي لکي آهي جا غلط
آهي.
مرزا مخلص علي جي پٽن به چڱو پاڻ ملهايو ۽ صحافت جي ميدان ۾ ۽
پڻ تعليمي طرح سنڌي ۽ فارسي زبان جي وڏي خدمت ڪئي.
مرزا مرحوم کي چار پٽ هئا. (1) مرزا محمد شفيع
(وفات 1884ع) جنهن پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ
”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ اخبارون خوب
سنڀاليون. ان سان گڏوگڏ هو ايران سرڪار پاران هتي
قونصل ۾ هو، جيئن ترڪيءَ پاران مرحوم حسن علي
آفندي قونصل ٿي رهيو هو. (2)ـ مرزا محمد شفيع جو
ننڍو ڀاءُ (شمس العلماء مرزا مخلص علي جو چوٿون
پٽ) پروفيسر مرزا محمد جعفري ڊي- جي سنڌ ڪاليج
ڪراچي ۾ عربي ۽ فارسي جو پهريون پروفيسر 1887ع
۾مقرر ٿيو. ان سان گڏ هو بمبئي يونيورسٽي جو فيلو
۽ ايم اي جو ممتحن هوندو هو. پاڻ شمس العلماء مرزا
حيرت ۽ شمس العلماء هوشنگ دستور (پارسي) جو دوست ۽
همعصر هو. اهو مرزا صاحب ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع
خورشيد“ جو 1904ع تائين ايڊيٽر رهيو ۽ 1912ع ۾
وفات ڪيائين. هن خاندان جي علمي خدمتن جو ٻيو
سلسلو مرزا محمد صادق سان شروع ٿئي ٿو. اهو بزرگ
مرزا مخلص علي جو ٽيون نمبر پٽ هو. کيس شهنشاهه
ايران طرفان ”مقرب خاقان“ جو قلب مليو هو. پاڻ به
ايران جو قونصل هو ۽ ان سان گڏ سنڌ، پنجاب ۽
بلوچستان لاءِ خصوصي سفير هو.“
(1)
خود صحافت جي ميدان ۾، مرزا محمد صادق وڏيون خدمتون سرانجام
ڏنيون. هن ٻه اخبارون ”اڪليل“ فارسي (1870ع کان
1875ع تائين) ۽ ”معين الاسلام“ سنڌي (1880ع کان
1885ع تائين) ڪراچيءَ مان جاري ڪيون ۽ هلايون.
مرزا مخلص علي جي چوٿين پٽ جو نالو مرزا محمد مقيم هو جنهن
1910ع ۾ وفات ڪئي. هو مرزا قليچ بيگ مرحوم سان گڏ
پڙهيو هو ۽ ريلوي جي محڪمي ۾ اڪائونٽنٽ ٿي رهيو
هو.
رئيس شمس الدين ”بلبل“
”هندن جا بجڪا ڌار ڪيو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪيو.“
جنگ آزادي واري سال يعني 1857ع ۾، دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۾ جنم
وٺندڙ، مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ هڪ درو رس
نگاهه رکندڙ سياسي مفڪر جيان، مٿيون اظهار، مرڻ
کان ٿوريون گهڙيون اڳ ڪيو هو ۽ سندن وفات 13
سيپٽمبر 1919ع تي ٿي هئي.
سندس آخري ايام واري دور کي جڏهن اسين ڏسون ٿا ته (جنهن ۾
هندستان جون مکيه سياسي پارٽيون ڪانگريس ۽ مسلم
ليگ هڪٻئي کي گهڻو ويجهو اچي چڪيون هيون ۽ هوم رول
تحريڪ به زورن تي هئي) هن قسم جي راءِ عبرت ۾
وجهندڙ سياسي صلاح جي حيثيت ۾ اکين اڳيان اڀري ٿي
۽ بعد جي حالات ۾ رونما ٿيندڙ ڳالهيون ان کي عجيب
اڻ گسندڙ اڳڪٿي ثابت ڪن ٿيون. اڪثر ماڻهن جي اها
راءِ آهي ته تاريخي طرح ڏٺو وڃي، ته پاڪستان جي
شڪل ۾، جدائيءَ جي جانب، اهو پهريون چٽو اعلان
تصور ڪرڻ گهرجي. جنهن جو مشورو مرحوم ”بلبل“ ايڏو
صاف لفظن ۾ جرئت سان مرڻ مهل ڏنو. سچ پچ ته هن
جملي جا لفظ ڪيڏا نه توريل تڪيل ۽ ڪيڏا نه معنيٰ
خير آهن!
اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ ويجهو سٻنڌ
آهي ۽ سياست مناسب موقعا ۽ وارڌاتون مهيا ڪري،
”صحافت جي تلوار“ کي تيز ڪندي آهي ۽ چمڪ ۽ جلا
بخشيندي آهي. پر جڏهن سياسي سوجهه ٻوجهه وارو
ماڻهو صحافت جي ميدان ۾ لهي پوي ته اهو ڪهڙي پائي
۾ بلنديءَ جو قلم ڪار بڻجي سگهي ٿو، ان جو اندازو
لڳائڻ مشڪل نه آهي. اها ئي خوبي ۽ خصوصيت مرحوم
شمس الدين ”بلبل“ ۾ هئي جنهن هن کي پنهن جي صحافتي
پيشي جو بي مثال ۽ منفرد مقام حاصل ڪرايو ۽ هن
قلمي قوت سان مخالفن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو.
منهنجي خيال ۾، ان ساڳئي خصوصيت جو ڪرشمو اسان
ويجهڙائيءَ ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جناب علي
محمد راشديءَ جي شخصيتن ۾ ڏسي چڪا آهيون. لطف جي
ڳالهه اها آهي ته ”بلبل“ جي عظمت جو اعتراف، ساڳئي
زمري ۾ ايندڙ راشدي صاحب هن طرح ڪيو آهي ته مرحوم
شمس الدين ”بلبل“ ”سنڌ اندر اخبار نويسيءَ ۾
لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو.“ سندس همعصر صحافي ۽ شاعر
مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ وري هن طرح داد ڏنو:
”بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص
هو جنهن صحافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ هو ئي هڪ
صحافي هو جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري
ڪئي ۽ موجوده سليس ۽ پر اثر رنگين مضمون نويسيءَ
جو سڪو ڄمايو.“
اسان جي محترم ۽ بزرگ صحافي جناب حافظ خير محمد اوحديءَ جو چوڻ
آهي ته صحافيءَ لاءِ اديب هجڻ ضروري آهي جيتوڻيڪ
اديب لاءِ صحافي هجڻ غير ضروري. ان حساب سان به
ڏٺو وڃي ته مرحوم ”بلبل“ هڪ اعليٰ قسم جو اديب،
انشاپرداز، پنهنجي منفرد تحرير جو مالڪ ۽ ان سان
گڏ بي مثل شاعر به هو ۽ شاعر به اهڙو جيڪو مزاح ۽
طنز کي به شاعري ۾ نباهي سگهيو ٿي.
ننڍپڻ ۾ مرحوم ”بلبل“ ان وقت جي مروج عام تعليم سنڌي فارسي ۽
عربيءَ ۾ حاصل ڪئي پر طبيعت جو ذهين ۽ ذڪي شاگرد
هو. پنهنجي ليکي هن گهڻو ڪجهه اڀياس ڪيو ۽ پرايو.
1872ع ۾، ڪجهه وقت لاءِ، انجنيري کاتي ۾، داروغي
جهڙي ننڍڙي حيثيت ۾ نوڪري ڪيائين پر اها طبيعت جي
آزاديءَ سان نه آئڙيس ۽ جلد ئي ڇڏي ڏنائين. ليڪن
ڇڏيائين ڪيئن جو اهڙي قدم تي اڻ سڌي طرح آماده به
انجنيري کاتي جي هڪ انگريز انجنيئر هن نموني ڪيس
جو سندس خدا داد قوتن ۽ ذڪي ذهن کان متاثر ٿي کيس
شاهه نامه فردوسي تحفي طور ڏنائين.
بس ٿوري ئي وقت ۾ ”بلبل“ مرحوم کي پنهنجي اردگرد جون حالتون ۽
ماحول ننڍڙو ۽ ساهه کي گهٽيندڙ محسوس ٿيڻ لڳو ۽
اهڙيءَ طرح هو ميهڙ مان نڪري ڪراچيءَ ۾ 1889ع ڌاري
پهتو. بقول سندس فرزند مرحوم ضياءَالدين ضيا، ”سنڌ
جي سر سيد، مرحوم خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي
جوهر شناس نگاهه، مرحوم ”بلبل“ کي سڃاڻي ورتو ۽
کيس پنهنجي سياسي، عملي ۽ تعليمي تحريڪ کي زور
وٺائڻ لاءِ پنهنجو دوست رفيق ۽ معاون ۽ دست راست
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.“ خود مرحوم آفنديءَ هڪ دفعو چيو
هو ته: ”مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان، ميهڙ جهڙي
شهر ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟“
ڪراچيءَ جي کليل فضا ۾، رهي ڪري، مرحوم ”بلبل“ شعور جي وسيع
ميدان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هر ننڍي وڏي ڪم ۾،
مرحوم حسن علي آفندي سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
مرحوم کي پنهنجي جوهر ڏيکارڻ جو پهريون موقعو تڏهن
مليو جڏهن پونا ڪميشن ۾ سنڌ جي زرعي مسئلن متعلق
حاصل ٿيڻ تي، کيس مرحوم حسن علي آفنديءَ لاءِ
حقائق گڏ ڪرڻا پيا. سنڌ جي زمينن، هارين ۽
زميندارن ۽ سندن حالات جي باري ۾، هن شخص، انگ اکر
جمع ڪرڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو هو ۽ نتيجي ۾ مرحوم
آفندي جي شاهديءَ کان متاثر ٿيندي، پونا ڪميشن سنڌ
سان دکن ائگريڪلچر رليف ايڪٽ لاڳو ڪيو. جنهن مان
مسلمانن کي گهڻو فائدو ٿيو ۽ هنن پنهنجون زميني
ملڪيتون بچايون، بلڪه ان جو فائدو اڄ تائين سنڌ ۾
ورتو پيو وڃي. سنڌ صوبي جي ٻئي مجموعي جز جو ڪم،
مرحوم ”بلبل“ وقف علي اولاوءلا جهڙي مفيد قانون
پاس ڪرائڻ جو هو جنهن سلسلي ۾، پنهنجي ملڪيت وقف
ڪري بهترين مثال قائم ڪيائين.
دراصل، مرحوم ”بلبل“ کي عملي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ اهو درد ذميدار
هو جو کيس سنڌي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽
تعيلمي طرح پٺتي رهجي وڃڻ واري حقيقت مان پيدا ٿيو
هو. ان زماني ۾، مسلمانن جي حالت واقعي افسوسناڪ
هئي. هر طرح ۽ هر طرف هندو ڇانيل ۽ اثرانداز هئا،
جهڙا واپار ۾ تهڙا نوڪرين ۾. هندو اقليت ۾ هئڻ جي
باوجود، تعليمي ترقيءَ سبب، هر هنڌ پنهنجي ڳالهه
مڃائڻ واري پوزيشن ۾ هئا ۽ پنهنجي مفادن کي محفوظ
رکڻ لاءِ بعض اوقات ته زيادتين ۽ ارهه زوراين تي
به لهي ٿي آيا. مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ کين
پنهنجي حقن جي حفاظت جي هنر ڄاڻڻ لاءِ، هو مرحوم
حسن علي آفندي سان اچي شريڪ ٿيو هو.
پهريائين ته مرحوم ”بلبل“ ان قسم جا مضامين لکڻ شروع ڪيا جيڪي
پر اثر ۽ اپيل ڪندڙ نوع سبب، مختلف رسالن ۽ اخبارن
وڏي جوش ۽ شوق سان ڇپيا ۽ پڙهيا ويندا هئا. ستت ئي
کيس سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي واري ماهوار رسالي
”مجمع مدرسه“ جي ايڊيٽري سونپي وئي جيڪا هن کان
اڳ، مشهور تصنيف ”تنويرالايمان“ جو مصنف ۽ فقهه جو
استاد، مرحوم مولوي ميان محمد عثمان نورنگ زادو
ڪڍندو هو. اتان ”بلبل“ مرحوم جي صحافتي ميدان ۾
عملاً گهڙڻ جي ابتدا ٿئي ٿي. ان رسالي ذريعي،
مرحوم ”بلبل“ انهن تنقيد ڪندڙن کي به اثرائتا جواب
ڏنا جيڪي لاعملي سبب، مرحوم آفندي جي پروگرام تي
غلط نڪته چيني ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح ان پروگرام
لاءِ مددگار ماحول هموار ٿيندو ويو ۽ مسلمان
انگريزي ۽ ٻين علوم سکڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻ لڳا. هن
کي سندس جرئتمندانا ۽ حقيقت پسندانه لکڻين سڄي سنڌ
۾ مقبول ڪيو ۽ ”بلبل“ مرحوم کي اکين ۾ جايون ملڻ
لڳيون. هن کي هڪٻئي پٺيان، ڪيترن ئي رسالن ۽
اخبارن جون ايڊيٽريون آڇيون ويون ۽ متعدد اخبارن
کي سندس سهڻين صلاحن ۽ هدايتن جي ضرورت محسوس ٿي.
مرحوم ”بلبل“ کي ”ڪراچي گزيٽ“، هفتيوار ”خير
خواه“، لاڙڪاڻه، هفتيوار ”مسافر“ حيدرآباد، آفتاب
سکر ۽ الحق سکر (جنهن سان ڪنهن مرحلي تي چڱي خاص
ڏي وٺ به ٿي هئي) جي ايڊيٽر ئي رهڻ جو شرف حاصل
آهي. ”آفتاب سنڌ“ سکر جو ته مرڻ گهڙيءَ تائين
ايڊيٽر رهيو. ايڏين مصروفيتن جي باوجود به مرحوم
شمس الدين ”بلبل“ ڪمال جي شعر و شاعري، تعليمي
ڪانفرنس ۾ دلچسپي، مختلف ٺهراءُ تيار ڪرڻ ۽ تقريرن
۾ بيحد مشغول رهيو. ساڳئي وقت، مسلمان ٻارن لاءِ
نصاب تيار ڪرڻ، مفيد پمفليٽ لکڻ، شايع ڪرڻ ۽ تقسيم
ڪرڻ جو ڪم به گهڻي ڀاڱي، سندس حصي ۾ رهيو. سندس ان
سلسلي ۾ ڪيل ڪوشش جو پتو مرحوم ”بلبل“ جي ڪتاب
”مسلمان ۽ تعليم“ مان پوي ٿو جو پاڻ لکي مسلمانن ۾
مفت ورهايائين. 1907ع ۾، ڪراچي ۾، آل انڊيا محمدن
ايجوڪيشنل ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن جو روح روان مرحوم
”بلبل“ ٿو نظر اچي، جنهن ۾ سنڌي مسلمانن لاءِ هڪ
ٺهراءُ پاس ڪرايائين ۽ فارسي زبان ۾ بهترين تقرير
ڪري، هندستان جي ڪيترن آيل عالمن فاضلن (جن ۾ نواب
وقار الملڪ ۽ مشهور شاعر حالي به شامل آهي) کان
داد ورتائين. سنڌي زبان سان گڏ هن فارسي ۾ شعر و
شاعري ڪئي آهي. پنهنجي ڳوٺ ميهڙ ۾ هڪ مدرسو قائم
ڪيائين جيڪو بعد ۾ سرڪار هاءِ اسڪول بڻايو ۽
وڌايو.
اسلامي همت ۽ غيرت ڪيتري قدر مرحوم ”بلبل“ ۾ هئي، ان جو اندازو
ان واقعي مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو جيڪو مارچ
1913ع ۾، ترڪي جي مدد لاءِ، ”انجمن هلال احمر“ جي
وفد پاران ميهڙ آمد جي شڪل ۾ رونما ٿيو هو. ان
موقعي تي تقرير ڪندي، مرحوم ”بلبل“ في البديهه نظم
پڙهي هئي، جنهن جون نهايت اپيل ڪندڙ ۽ دل کي لڳندڙ
ٻه سٽون هن طرح هيون.
”هنن جي خيرمقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي،
اجها هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر اجهي هي سر.“
وڌيڪ چيائين:
”ڀلي آيا ڀلي اي سرگروه قوم دين پرور
مجاهد في سبيل الله فائز في هلال احمر
اوهان جي خاص خدمت آ خدمت جي راهه ۾ ورنه
ڪٿي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا ڪٿي، هي بر.“
مرحوم شمس الدين ”بلبل“ هڪ قادر الڪلام شاعر هو، پنهنجي انفرادي
طرز تحرير جو مالڪ هو، بهترين مقرر ۽ عالم اديب
هو. ليڪن جنهن ڳالهه کيس مقبوليت جي معراج پهچايو
سو هئي سندس ظريفانه مذاق ۽ مزاحيه روش جنهن جو
کليل ۽ دلبندي اظهار هن پنهنجي نثر ۽ نظم ۾ پرڪشش
۽ پرانداز ۾ جرئت سان ڪيو. ان فن کي جنهن نموني،
هن ترقي ڏياري ۽ نباهيو، اهو مرحوم ”بلبل“ جو ئي
ڪم هو ٻئي جي وس کان ڳالهه ٻاهر هئي. هن مزاحيه ۽
طنزيه انداز ۾، ان وقت جي معاشري ۾، مروج غلط
ڳالهين، بدعتن ۽ ڪمزورين کي ظاهر ڪيو ۽ هڪ دور رس
نگاهه رکندڙ رهنما وانگر مرحوم ”بلبل“ عام ماڻهن
کي صحيح رستي جي نشاندهي ڪري ڏني. هن هڪ طرف، مغرب
جي انڌي تقليد تي حملو ڪيو ۽ ٻئي طرف، مشرقيت جي
نالي ۾ اختيار ڪيل بدعتن ۽ بدڪارين جي بيخ ڪئي ۽
انهن کان پرهيز ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ان سلسلي ۾، هن
غلط قسم جي ملن مولوين، وڏيرن ۽ واڻين ۽ مختلف
ماڻهن جا خوب ڇوڏا لاٿا آهن. بدعتي پيرن جي خلاف
به خوب ڇوهه ڇنڊيائين. خود آفتاب اخبار ۾ به بدعتي
پيرن جي خلاف وقت بوقت مضمون پڌرا ڪندو رهندو هو.
مختلف مضوعات تي اٽڪل ست ننڍڙا ڪتاب لکيائين جيڪي
1896ع کان وٺي 1915ع تائين لکيل سندس ڀوڳ ۽ طنز
سان ڀريل مواد تي مشتمل آهن، جن کي ”مزاحيات“ جي
هڪ نالي هيٺ بعد ۾ ڇپيو ويو. سندس شعر و شاعريءَ
تي ”ديوان بلبل“ شايع ٿيل آهي. ليڪن سندس سياست ۽
صحافت جو بهترين ۽ لازوال انڪشاف ۽ اظهار، مرحوم
شمس الدين ”بلبل“ جي تصنيف ”جام جم“ ۾ ٿئي ٿو.
ائين کڻي چئجي ته سندس سياسي ۽ صحافتي تجربي جو
نڇوڙ ”جام جم“ ۾ نروار ٿئي ٿو. دراصل ”جام جم“ ۾
آيل مواد ”آفتاب سنڌ“ اخبار ۾، 1918ع ڌاري، ڇپيل
ادارين جو مجموعو آهي جڏهن ”هوم رول تحريڪ“ زورن
تي هئي ۽ ان جي تيز وهڪري ۾ ڪيترائي هندستان جا
ناليوارا اڳواڻ وهي ويا هئا. اهو اهو زمانو هو
جڏهن هندن ۽ مسلمانن جون ٻه مکيه سياسي جماعتون
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪٻئي کي گهڻو قريب اچي چڪيون
هيون. ۽ ڪيترن ئي مسئلن ۽ مطالبن تي متفق ۽ متحد
ٿي ويون هيون. ائني بسيت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ۽
سندس شخصيت جي اثر هيٺ، ”هوم رول تحريڪ“ سنڌ ۾
پنهنجا پير کاپيا ۽ ان ڪم ۾ هتي جي ڪيترائي قومي
خيالن وارا ليڊر جهڙوڪ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي،
وڏو بهرو وٺي رهيا هئا. سنڌ ۾ ان وقت مسلمانن جي
آزاد خيال جي ترجماني ”سنڌ محمدن ائسوسئيشن“ ڪري
رهي هئي جنهن جو مکيه دليل هو ته تعليم گهٽ هجڻ
سبب، سياسي حقن جو حصول، سنڌي مسلمانن کي ڪو خاص
فائدو ڪونه ڏيندو. تنهن ڪري هندن سان گڏجي آزاديءَ
جا حق وٺڻ ٿيندو. انگريزن جي اره زوراين مان نڪري
هندن جي ٻوهي ۾ اچڻ جيڪا صورتحال نسبتاً وڌيڪ
خطرناڪ هئي ڇو ته انگريز ته وري به هڪ ڏينهن وڃڻ
وارا هئا پر هتي هميشه رهندڙ هندن مان جند آزاد
ڪرائي ذري گهٽ ناممڪن ٿي پوندو. لهاذا اها آزادي
جي ڪوشش ۽ حقن جي گهر ڏاڍي مهانگي پوندي. انهن
ويچارن کي ورجائڻ ۽ مسلمانن کي هندن جي ڪوڙڪيءَ ۾
ڦاسڻ کان، وڏي واڪي انتباه ڏيندڙن ۾ مرحوم”بلبل“
ممتاز حيثيت والاري ٿو. پر گهڻائي وري به انهن
اڳواڻن جي هئي ۽ اڪثريت اهڙين اخبارن جي هئي جيڪي
”هوم رول“ جي تائيد ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. انهن سڀني
جو مقابلو ڪرڻ ان دور ۾، جڏهن اخبار بيني ٿورا
مسلمان ڪندا هئا ۽ هندن ۾ سجاڳي زياده هئي، اهو هڪ
نهايت ڪٺن ڪم هو. ليڪن اهو ئي ڪم مرحوم ”بلبل“
پارو دلير ۽ بي باڪ لکندڙ هٿ ۾ کڻي سگهيو ٿي. ان
حالت تي افسوس جو اظهار خود ”بلبل“ هن طرح ڪيو
آهي:
”هندن جون ٻه چار روزانيون اخبارون، ٻه ٽي باءِ ويڪلي ۽ ڪيئي
هفتيوار آهن، تن سان گڏ چوپڙين جو ٺڪاءُ پيو پوي.
هيڏانهن هڪ انڌو ٻيو منڊو، الامين مخالفن جي چنبي
۾ ۽ انهن سان هم راءِ. الحق به نيمي درون، نيمي
برون، بلڪه ان جا خيال به ساڳيا آهن، باقي هڪ
اخبار ڇا پٽيندي ۽ ڇا روئيندي؟ هڪ هٿ سان تاڙي نه
وڄندي آهي. جيڪي قوم جا سربراهه انهن ڳالهين جا
مخالف به آهن، سي به خواب خرگوش ۾ تسل، يا ڀائين
ته مسلمان، سائو گاهه آهن، سو ڀلي پيا ڪپجن. اوهين
سائي جا ساوا رهندا. خبر ناهي ته اهو سندن خيال
ڪيتري قدر مفيد آهي. يا ته رضا تي راضي آهن ته
جيئن خدا کي وڻندو، تئن ڪندو. مگر خداوند ڪريم هٿ
پير، زبان، طاقت، قوت، دولت به ڪنهن ڪم لاءِ ته
ڏني آهي، جن کان دين ۽ دنيا جو ڪم وٺون. پر اسين
ته پاڻ کي ٻنهي ڪمن کان عاري ۽ ڪورو ٿا ڏسون، الا
ماشاءَالله!
”ان بابت آفتاب ۾ جيڪو مٿو هنيو آهي ۽ هيترن سارن مسلمانن کي
سوال جواب ڪيا آهن، سو به ناظرين تي روشن آهن. ٽن
مهينن کان اها ڌوڻ لڳي اچي پر هڪ نيٺ هڪ آهي،
ڪيترين بلائن کي پڄندو......(1)
ان وقت هندن سان هم خيالي رکندڙ مسلمان ليڊرن جهڙوڪ آل نبي ۽
حسن امام جي دليلن ۽ تقريرن جا جواب، هڪ چوڙيءَ ۾،
مرحوم ”بلبل“ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا، اهي پڙهڻ وٽان
آهن، لکي ٿو:
”تناسب اعداد 30 في صدي تي خوشي ڏيکاري اٿس، سا به ٿي ساري
هندستان جي آدمشماريءَ تي. باقي سنڌ ۾ ته انهيءَ
تعداد سان، مسلمانن جي ٽنگ کڄي پوندي! ليڪن ٻين
هنڌن تي هينئر 30 جي بجاءِ 40 في صدي آهي، سا اڃا
ڏهه به گهٽائي ٿو. افسوس ته اهو آهي جو اسان جا
وڏا مغز مسلمان يا ته ڪجهه نه ڪن، ڪن ته حد کان
زياده يا بي نمڪي يا شورا شوري! وڌيڪ افسوس ته اهو
به جو هندن پيشوائي گويا اڄڪلهه اسان جي اهي ئي
امام آهن. ڪو مروتي پوڄا ۾ ديوي بينستي مائيءَ جا
چرن ٿو چمي، ان کي گلن جا هار ٿو پهرائي، ڪو
پنهنجي جلسي جي آغاز ”بندي ماترم“ جي بسم الله سان
ٿو ڪري. اسان جو عالي دماغ، آنربل حسن امام ته يا
حسين ڪري ڇڏي!
ڇا؟ چئي ته ڪلڪتي مان ڦيرائي جي ڪانگريس صوبي بهار ۾ ڪن، ته
يڪدم 30 هزار رپيا نقدان ديويءَ جي ٻل چاڙهيندو.
اهڙو ڪو غضب! جو امام مهديءَ جي نزول تي به هوند
ڪو مومن مسلمان ايڏي قرباني نه ڪري. مسلمانن جي
احتجاجن ۽ مفلسيءَ جا هو حال، اسان جي امامن جا هو
ٽوپا! ”ڪاٿي چور سڃا، ڪاٿي ڍور سڃا“! اسان وٽ ان
جي ٽين پتي هجي ته به هوند ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو
ڌام ڌوم سان جلسو ڪري گذرون.
”غرض ته مون چرئي کرئي، پنهنجي ناقص عقل موجب ڏاڍو ان تي مٿو
هنيو آهي. جيڪڏهن سبز باغ مان هڪ ٽاري سائي، يا ڪو
گل ٻوٽو ڏسڻ ۾ اچي ها ته منهنجو نالو اڳي ئي
”بلبل“ آهي، هوند جهٽ پٽ ٽپ ڏيئي ٻک وجهانس ها.
مگر خزان ئي خزان، خار ئي خار نظر اچن ٿا، تنهن
ڪري منهنجو عرض آهي ته هن بابت مون ۽ آفتاب جي خاص
ڏاڍو گهڻو لکيو آهي ته اسين في الحال ۽ باالفعل
هوم رول جي لائق آهيون ۽ نه ان کي خراب ٿا چئون ۽
نه گهرندڙن کي........(1)
”هوم رول“ جي مخالفت جا ڪارڻ ڳڻائيندي، مرحوم شمس الدين ”بلبل“
راءِ زني هن طرح ڪئي آهي.:
سنڌ
جي مسلمانن پهريون سياسي جهٽڪو 1911ع ۾
هڪ واقعي کان پوءِ محسوس ڪيو اهو واقعو اهو هو
ته هندن جي زوربار ڪري، ان وقت جي وائسراءِ
لارڊ ڪرزن، 1905ع ۾ انگريز سرڪار جي قائم ڪيل
صوبي مشرقي بنگال، ڇهن سالن جي عرصي گذرڻ بعد،
ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. مسلمانن جي گهر تي، ان
نئين قائم ڪيل صوبي جي مخالفت شروع ۾ ته ڪٽر ۽
فرقيوارانا ذهنيت رکندڙ هندن پئي ڪئي پر بعد ۾
ڪانگريسي ليڊر به ساڻس شامل ٿيا هئا. مخالفت
جو سبب فقط اهو هو ته ان نئين صوبي ۾ مسلم
اڪثريت اچي ٿي وئي جيڪا ڳالهه هندن کي نه ٿي
وڻي. هندن جي اهڙي روش جي مظاهري کان پوءِ
مسلمانن جي دلين ۾ پهريون دفعو، سندن نيتن
بابت شڪ شبها جاڳيا هئا.
اها
ائسوسيشن دراصل سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه
تحريڪ جي هڪ شاخ هئي پر هڪ ڳالهه ۾ ان کان
مختلف به هئي. مختلف ۽ انفرادي نوعيت واري
ڳالهه هيءَ هئي ته سر سيد جي تحريڪ اڳتي هلي
زمانه سازيءَ ۾ پئجي وئي ۽ ان شغل ۾ مذهبي
تضائن جو به گهڻو خيال نه ڪيو، ٻئي طرف اسان
وٽ حسن علي آفندي واري تحريڪ، مسلمانن جي
مشترڪه مذهبي ضرورتن ۽ تشخص جو لحاظ بهرحال
رکيو، جنهن ڪري گهڻو اڳتي گهلجي نه وئي.
سنڌي
ليٿو گراف: مهراڻ سماهي، جلد 13- نمبر 1: از
قلم مرحوم غلام محمد گرامي. ص 74.
سنڌي
ليٿو گراف: مهراڻ سماهي جلد 13- نمبر-1- ص 174
بقلم مرحوم غلام محمد گرامي.
”جام
جم“ شمس الدين ”بلبل“ ص 84.
|