باب ڇهون
هندو پريس
هن کان اڳ، بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي اخبار نويسيءَ جي ابتدا
خالصتاً سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ نه ٿي هئي ۽ نه
وري صحافت جي ظهور ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي ڪي سياسي
مقاصد سامهون آيا. بلڪه ان جي مدعا ۽ مراد تعليمي
۽ سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ هئي ۽ ان ڪري ئي ان جي
ادائيگي جو ڍنگ ۽ رنگ تبليغي ۽ ترغيبي هو. اهڙو رخ
جنهن ۾ ”ڏجي نه ته ڏکوئجي به نه“ وارو اصول
ڪارفرما هو ۽ صلح ۽ اخلاق جي دامن کي ڪڏهن به نه
ڇڏڻو هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ان وقت، هندو
مسلمان درميان ڪنهن به قسم جي مذهبي منافرت يا
فرقيوارانا فساد جو اهڃاڻ ۽ امڪان نه ٿو ملي. بلڪل
صلح ۽ سانت سان، پنهنجي پنهنجي ميدان ۾، هندو
مسلمانن پئي ڪم ڪيو. ان قسم جي مڪتبه خيال وارن
هندو صحافين ۾، ساڌو هيرانند
(1)
ذري گهٽ مذهبي ”صلح ڪل“ واري نظرئي هيٺ نمايان
جڳهه والاري ٿو جيڪو ئي اتفاق سان پهريون هندو
صحافي ٿي اڀريو. 1884ع ۾، هن ”سنڌ سڌار“ اخبار جي
ايڊيٽري سنڀالي هئي جا انگريز سرڪار جي سنڀال مان
نڪري ”سنڌ سڀا“ نالي هڪ جماعت جي مالڪيءَ ۾ آئي
هئي. مسلمانن جي سنڌي صحافت، ان کان ڪجهه اڳ
(1860) ”مطلع خورشيد“ جي اجراء سان، وجود وٺي چڪي
هئي. ان دور ۾،
Aqitative Journalism
(غم ۽ غضي واري صحافت) جو ته ڪنهن جي دماغ ۾ تصور
به نه هوندو. ان قسم جي امن پسندي ۽ سڀني جي
خيرواري صحافت، سنڌي زبان ۾ اڻويهين صديءَ جي
پڄاڻيءَ تائين هلي.
ويهينءَ صديءَ جي ابتدا ڪجهه تبديليءَ سان دو چار ٿي ۽ ڪنهن حد
تائين ”غم ۽ غصي“ واري اخبار نويسيءَ جي شروعات
هندن طرفان ٿي ظاهر آهي ته ان جو ڪارڻ، مسلمانن جي
ڀيٽ ۾ هندن ۾، نسبتن زياده سماجي ۽ سياسي سجاڳي
هو. ”الا ڏاهي م، ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ وانگر، علم
۽ عقل ۾ اڳتي هئڻ سبب وقت جي سرڪار وٽ، مسلمانن
کان وڌيڪ، هندن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ڇو ته ڄاڻ
کي ڀاڻ ڪٿي ٿي وهڻ ڏئي؟
اسان مٿي عرض ڪري چڪا آهيون ته صحافت کي جلائيندڙ ۽ چمڪائيندڙ
سياسي ۽ سماجي فضا جي فراهمي ۽ فراواني آهي. جڏهن
سماجي ۽ سياسي حقن جي آگاهي ۽ حفاظت جو اونو پيدا
ٿيندو آهي تڏهن مفڪرن ۽ ليکڪن لاءِ گهڻ پاسايون
ڳالهيون ۽ بيشمار عنوان ۽ انهن جا زاويا اڳيان اچي
بيهندا آهن، لکندڙن لاءِ مواد ۽ اڪيچار مضمون
موجود ٿي پوندا آهن ۽ ان طرح هڪ روشنيءَ جو دور
نڪري هلندو آهي. صحافت ڇا آهي؟ انساني حقن جي
حفاظت جو فڪر ۽ خواهش تي ته اهڙا جذبا آهن جيڪي
باشعور ۽ فرض شناس ماڻهن کي قلمي قوت جي ڪهاڙي
ڏيئي، قهر ۽ ڪلور جي سماجي وڻن کي ڪپڻ ۽ ڪيرائڻ
لاءِ ميدان ميسر ڪندا آهن. اهو ئي پيشو صحافت جي
نالي سان موسوم آهي.
پهريون سياسي واقعو جنهن سنڌ جي سجاڳ هندن ۾ ذهني اٿل پٿل پيدا
ڪئي سو هو ويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾، بينگال
جو ورهاڱو. مسلمانن ان ورهاڱي جو مطالبو ڪيو هو
ڇاڪاڻ ته الڳ هئڻ جي حيثيت ۾ بينگالي مسلمانن کي
پنهنجي حقن جي حفاظت زياده ممڪن نظر پئي آئي تنهن
ڪري انهن ته انگريزن جي ان قدم جي آجيان ڪئي هئي.
پر سڄي هندستان جي هندن ۾، هن قدم خلاف، آنڌمانڌ
پيدا ٿي ۽ سنڌ جا هندو به ان سوچ ۽ عمل ۾ برابر جا
شريڪ هئا.
اهو عجيب قسم جو اتفاق چئجي جو سنڌ جا هندو، ان کان اڳ سماجي ۽
مذهبي ميدانن ۾ به، بنگالي هندن کان ذهني طرح
متاثر ٿيندا رهيا ۽ روحاني رهنمائي حاصل ڪندا رهيا
هئا. برهمو سماج، جنهن جو بنياد 1830ع ۾، رام موهن
راءِ وڌو هو، ان کي عام ڪرڻ ۽ مقبول بڻائڻ ۾
بينگال جي ٻن عالمن ديوندراناٿ ٽئگور ۽ ڪيشب
چندرسين جو وڏو هٿ هو جنهن ڪري شروع ۾ هندن جو اهو
عقيدو ڪلڪتي ۾ وڌيو ويجهيو. ان نئين مذهبي خيال
کان حيدرآباد جي عامل هندو خاندان جا ٻه ڀائر
ديوان نولراءِ
(1) ۽ ساڌو هيرانند بيحد متاثر ٿيا هئا. ديوان نولراءِ ته برهمو
سماج مندر جو بنياد حيدرآباد ۾ 1874ع ۾ رکيو ۽
مختلف مذهبن جي اڳواڻن کي هڪ پليٽفارم تي ڪٺي ڪرڻ
۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ويو. سندس ڀاءُ ساڌو
هيرانند وري بعد ۾، اهڙي ئي هڪ مندر جو ڪراچي ۾
قيام دوران، اتي بنياد رکيو ۽ ڪم ڪيو. هنن ٻنهي
مخلص ۽ سچار ڀائرن جي خدمت ۽ خيالن کان ڪيترائي
هندو متاثر ٿيا هئا ۽ ڪافي عرصو ان نئين مذهب جو
چرچو سنڌ ۾ رهيو. 1890ع ڌاري، خود ماهوار اخبار
”سرسوتي“
(2)
جي جاري ڪرڻ پٺيان، هندو برمو سماج جو پرچار ۽
خدمت خلق جا جذبا ڪافي هئا. ان کانسواءِ 1896ع ۾
اخبار ”جوت“ بنگال واري بابو بئزجي جي ڪوششن سان،
سنڌ ۾ مسيحي مذهب جي پرچار لاءِ جاري ٿي جنهن جي
ادارت جا فرائض، پرمانند ميوارام سرانجام ڏنا. ان
ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته هنن ٻنهي اخباري رسالن،
سنڌ ۾ علمي ۽ سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ڏني
هئي.
ان کانپوءِ 1906ع ڌاري، سياسي ميدان ۾ به، بينگال جي ورهاڱي
واري واقعي، سنڌ جي هندن ۾ وڏو جوش ۽ جذبو پيدا
ڪيو ۽ ڌار ئي راڄ جي مخالفت جو ٻج وڌو. انگريز
سرڪار جي ان قدم جي مخالفت جي اظهار لاءِ، سنڌ ۾
پهرين پوليٽيڪل پليٽفارم جي طور تي، هڪ جوشيلي
هندو نوجوان تولارام ٻالاڻي هفتيوار ”ماتا“
(1905ع) نالي هڪ اخبار جاري ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي
ميدان ۾ ڪاهي پيو. هڪ ٻئي پٺيان، ”سنڌ شيوڪ“، ”ديش
ماتا“ ۽ صدائي سنڌ
(Voice of Sindh)
اخبارون جاري ڪندو رهيو ۽ بي ڊپائيءَ سان لکندو
رهيو. ان جي سخت لکڻين سبب، سي- آءِ- ڊي وارا پيڇو
ڪرڻ لڳس ۽ ”صدائي سنڌ“ پرچي نڪرڻ سان ئي مٿس ڪيس
ڪرڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا. حالت اها اچي بيٺي جو
ڪوبه پريس وارو سندس اخبار ڇاپڻ لاءِ تيار نه ٿي
ٿيو. جنهن ڪري ڪيترو وقت ته هو اخبار پنهنجي هٿن
سان ليٿو تي ڪڍندو هو. ان کان اڳ ”خود حيدرآباد ۾
ئي ماڻهو کيس پاڻ وٽ رهائڻ ته ٺهيو پر ساڻس
ڳالهائڻ کان ئي پيا ڇرڪندا هئا. پر اندروني طرح
مٿس ڪيترا مشتاق هوندا هئا.“
(1) وقت جي ڪليڪٽر کي ائين ڪرڻ کان راءِ بهادر ديوان ڪوڙي مل
کلناڻيءَ پاران باز رکيو ورنه جيل پوڻ ۾ دير ڪانه
هئي. بهرحال حڪومت جي برداشت کان معاملو ٻاهر هو
تنهن ڪري هن جون اخبارون مختلف حڪمن هيٺ بند
ٿينديون رهيون. ٻالاڻي صاحب ان قسم جي دليري ۽
قربانيءَ سان، وقت جي حاڪمن سان ٽڪر کاڌو ۽ سنڌي
صحافت جي مدد سان، سياسي راءِ جي اظهار لاءِ ابتدا
ڪئي.
رڳو هڪ سال بعد يعني 1906ع ۾، سکر ۾ مسٽر ويرومل بيگراج هڪ
هفتيوار اخبار ”سنڌي“ نالي سان شروع ڪئي جيڪا شروع
۾ قومي خيالن جي پرچار لاءِ وقف هئي ليڪن بعد ۾
جڏهن مسٽر بيگراج ڪانگريس ڇڏي هندو مهاسڀا سان
وابسته ٿيو ته پوءِ اخبار جي پاليسي فرقيوارانه رخ
اختيار ڪيو هو. پير علي محمد راشديءَ مطابق ”جن
شخصن سڀ کان پهريان سنڌ اندر سجاڳي آندي، تن مان
هڪ ويرومل به هو. ”سنڌي“ اخبار ڪڍيائين جنهن جو
پاڻ سمپادڪ ٿيو. اها اخبار پاڪستان ٺهڻ تائين
زورشور سان هلندي رهي.......... سياسي ميدان اندر
”سنڌي“ ڪافي ڪم ڪيو. انگريزن خلاف باه ٻاري
ڇڏيائين. ٻه دفعا ويرومل کي جيل ڪاٽڻو پيو جنهن جو
مجموعي معيار پنج سال هو.
(2) ان
وچ ۾، 1908ع ۾ پهرين سنڌي روزانه اخبار ”سنڌ واسي“
جي نالي ۾ به هندو ايڊيٽر ڪنولسنگ جي زيرنگراني
نڪتي هئي. ان کانپوءِ ٽيون سنڌي هندو قومي خيالن
جي ڦهلاء جو حامي ۽ ڪوشان، جنهن اخبار نويسيءَ
ذريعي نمايان ڪم ڪيو ۽ ٻالاڻي صاحب جي ٻاريل شمع
جي روشني برقرار رکي، سو هو مهراج لوڪرام جنهن
1911ع ۾ ”سنڌڀاسڪر“ نالي اخبار ڪڍي، ستت ئي مسٽر
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ”هندواسي“ اخبار جاري ڪئي
ته ان جو پهريون پرنٽر به ساڳيو مهراج لوڪرام
بڻيو. 1914ع ڌاري، جڏهن مهاڀاري جنگ ڇڙي پئي ته هن
”هندو“ اخبار جاري ڪئي جنهن ۾، سنڌي صحافت ۾
پهريون دفعو، مٿي ڦريل سرڪاري ڪامورن خلاف دانهون
ڪوڪون ڇپجڻ لڳيون. آفيسر ڏمرجي پيا ۽ لوڪرام کان
پنج هزار رپين جي ضمانت گهري وئي. انهيءَ وقت،
حيدرآباد ۾، سٽي مئجسٽريٽ مهراج لوڪرام تي
بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو جنهن ۾ هن کي ٽي مهينا قيد
۽ پنج سو رپيا ڏنڊ پيو. سنڌي صحافت جي دنيا ۾،
پنهنجي خيالن جي دليرانه اظهار جي پاداش ۾، جيل
وڃڻ جو اهو شايد پهريون واقعو هو. ان کانپوءِ،
مهراج ماٺ ڪري ڪونه ويٺو. جيل مان ٻاهر آيو ته وري
هفتيوار ”هندو“ جاري ڪيائين جيڪا ٻن مهينن اندر
روزانه ڪئي وئي. ”نان ڪوآپريشن“ جي دور ۾، هندو
اخبار جي ايڊيٽرن خلاف سختي شرووع ٿي ۽ هڪ ٻئي
پٺيان گرفتار ٿيا. مهراج لوڪرام باوجود صلاحن ۽
منع
(1) جي،
اخبار کي چالو رکڻ ۽ پنهنجي نالي ظاهر ڪرڻ کان باز
نه آيو ۽ 1926ع ڌاري گرفتار ٿي، ڏيڍ سال لاءِ وري
جيل موڪليو ويو. ان کان اڳ 1925ع ۾ اخبار
”هندوجاتي“ ڪراچي مان ڪڍڻ لڳو ۽ 9 جولاءِ 1930ع تي
”هندو جاتي“ کان ضمانت گهري وئي جنهن کانپوءِ
اخبار بند ڪئي وئي. ان ئي سال ستياگره ڏينهن، ۾
مهراج لوڪرام کي ڏيڍ سال سزا ملي ۽ سندس پريس ۽
اخبارون سيل مهر ڪيون ويون. 1932ع ۾ وري لوڪرام کي
جيل ۾ وڌو ويو ۽ سندس سموري پريس اٽڪل ويهارو هزار
رپين جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي.
جون 1932ع ڌاري، لوڪرام جي پريس نيلام ڪئي وئي جيڪا مهاشيه
لعلچند آڏواڻي 15 هزار رپين ۾ خريد ڪئي ۽ ”سنڌ
هندو“ نالي هڪ اخبار ڪڍڻ لڳو. نالي مٽائڻ سان مقصد
ڌڪ پهچائڻ هو نه ته ساڳي جدوجهد جاري رهي ها. ”29
مئي 1933ع ۾ مهراج لوڪرام کي وري وري ستياگره ڪري،
جيل ۾ وڃڻو پيو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن هن جو ديهانت
ٿيو. پڇاڙي وقت به ديس جي ئي تات هيس ۽ آزادگي
لاءِ اڪير هئس.
(1) ازانسواءِ 1930ع ڌاري، مهاشيه شيوڪ موٽواڻي ستياگره بليٽن ڪڍڻ
ڪري ڇهه مهينا جيل موڪليو ويو.
ان وچ ۾، 1919ع ڌاري، صحافتي ميدان ۾، حق لاءِ آواز اٿارڻ ۽
آزادي جي اظهار لاءِ، جيڪو ٻيو صحافي قيد ڪيو ويو،
سو به اتفاق سان، هندو هو جيڪو سرڳواسي ڄيٺمل
پرسرام گلراجاڻي جي نالي سان معروف آهي. جيئن مٿي
ٻڌايو ويو آهي، رولٽ ايڪٽ تان، ملڪ ۾ کيچاتاڻي
پيدا ٿي پئي هئي ۽ دهليءَ ۾ فساد ٿيا جنهن تي
انگريزن سختي ڪئي. نتيجي ۾ ملڪ ۾ سخت تاءُ ٿيو ۽
عوام جي عام خواهشن مطابق، ڄيٺمل پرسرام پنهنجي
اخبار ”هندواسي“ ۾ ”ڪلالڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي“ جي
عنوان سان، هڪ زبردست مضمون لکيو. حڪومت کي ان مان
بغاوت جي بوءِ آئي ۽ ان الزام تحت ڄيٺمل پرسرام کي
ٻه سال جيل موڪليو ويو. ساڳيو ڄيٺمل پرسرام، ٻيو
دفعو، 1932ع ۾؛ ”سنڌ هيرالڊ“ اخبار ۾ ڪن ليکن ڇپڻ
ڪري، گرفتار ڪيو ويو. ان وچ ۾، هن صوفي صحافيءَ
علمي ۽ ادبي ميدان ۾ به بي بها خدمتون سرانجام
ڏنيون ۽ لڳاتار بي ڊپو ٿي ڪم ڪندو رهيو.
ان کانسواءِ 1920ع جي اسهڪار تحريڪ واري زماني ۾، هڪ ٻيو هندو
نوجوان، پنهنجي ناراضگي جي اظهار ڪرڻ لاءِ، صحافت
۾ اوچتو ٽپي پيو ۽ تعريف جو ڪم ڪيائين. ان وقت
”هندو“ اخبار جي ايڊيٽرن جي گرفتارين جي ڌم لڳي
پيئي هئي، مهاشيه وشنو شرما، مهاشيه جيرامدراس ۽
پروفيسر گهنشام جي گرفتارين کانپوءِ، ڊاڪٽر
چئوئٿرام ايڊيٽري لاءِ زمينداري سنڀالڻ ٿي گهري.
ان موقعي تي، ڊاڪٽر چوئٿرام سان وڙهي، مسٽر
ڪشنسنگهه آڏواڻي، جنهن 1915ع ۾ بمبئي جي ڪمرشل
ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي هئي، زوريءَ اخبار جو
ايڊيٽر بڻجي ويهي رهيو. اخبار جي اصلوڪي سخت رويي
واري پاليسي برقرار رکڻ جي پاداش ۾، سرڪار جي نظرن
۾ اچي ويو ۽ ڪيسن جي ڄار ۾ ڦاٿو. ان وچ ۾ هو بيمار
ٿي پيو. اهو واقعو حيدرآباد جو آهي. ڪشنسنگهه جي
صحت جي صحيح صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ، ڪليڪٽر جو هڪ
ڪلارڪ، هڪ ڏينهن اچي ساڻس مليو. ڪشسنگهه کي ڪي
پرون پئجي ويا هئا ته هو ان بيماريءَ مان ڪونه
بچندو. تنهن ڪري ڪلارڪ سان مخاطب ٿيندي، هن ٻڌايس
ته هن کي يقين ٿي چڪو آهي ته هو هن بنديخاني واري
دنيا مان ستت ئي آزاد دنيا ڏانهن روانو ٿيڻ وارو
آهي. جتي سندس ڪليڪٽر کي پهچ جي طاقت نه آهي. وهند
ئي ڪشنسنگهه راه رباني ورتي. اهڙو هو جذبو ۽ جوش
آزاديءِ جي حصول لاءِ، هٿ ۾ کنيل تحريڪ متعلق ان
زماني ۾. 1926ع ۾، ”هندو“ اخبار جو ايڊيٽر مسٽر
هيرانند ڪرمچند هو جنهن سمپادڪي لياقت جو چڱو خاصو
مظاهرو ڪيو هو ۽ اخباري حلقن ۾ مشهور ٿيو هو. هو
بعد ۾، مشهور اخبار ”هندستان“ جو ايڊيٽر ٿيو.
(1)
ان زمانيءَ ۾، هندو صحافين جي بي ڊپائي ۽ جرئتمنديءَ کي بزرگ
صحافي پير علي محمد راشدي تسليم ڪيو آهي ۽ ان روش
تي کين داد ڏنو آهي، لکي ٿو:
”گورن عملدارن جا دماغ ته، اصل کان ڦريل هوندا هئا پر ڪارن
ڪامورن جو رت به ٿوري گهڻي ڳالهه تي بگڙي ٿي ويو،
تنهن ڪري سندن وفادارن لاءِ لازم هو ته ”ڪتن به ۽
ڪنبن به“ وفاداريءَ جي والهانه وعدن ۽ قسميه
اقرارن ۽ ملغوف واجبي کان واجبيءَ معروضات کي به
زبان جي لحاظ کان، منڪرانه ۽ ملتجانيه بلڪ
گداگرانه لفظن ۾ ئي پيش ڪرڻو ٿي پيو. ورنه نازڪ
مزاج صاحب لوڪن جي ناراض ٿي وڃڻ جو خطرو هوندو هو.
البت اهي شرط لاڳو هئا فقط مسلمانن سان. هندن ۽
سندن اخبار نويسن ته انهن ڏينهن ۾ به انگريز جا
خوب پئي ٿي ڇوڏا لاٿا. حيدرآباد مان ”سنڌواسي“ ۽
”ڀارتواسي“ ۽ ڪراچي مان نيو ٽائمز اخبارون
نڪرنديون هيون. انهن اخبارن انگريزن خلاف ٻارڻ ٻار
ڏنو هو.“
(1)
هندو صحافين جا اهي ڪانارما ۽ قربانيون بيشڪ وزني
۽ تعريف جهڙا هئا. ان وقت ملڪي سياست به ڪجهه ان
قسم جي هئي جنهن ۾ قومي خيالن وارن اڳواڻن کي ٻين
تي فوقيت ۽ غبلو هو. سڀني سچائي ۽ اخلاص سان ائين
پئي سمجهيو ته هندو مسلمان، رڳو اتحاد ۽ باهمي
تعاون سان ئي، ڌاري حڪومت کان آزادي حاصل ڪري ٿي
سگهيا. سنڌ ۾ ملسمانن جا مکيه سياستدان مرحوم غلام
محمد ڀرڳڙي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي هئا جيڪي تنگ
نظري ۽ فرقيواريت کان ذهني طرح بلڪل آجا ۽ بالاتر
هئا. ڊاڪٽر ائني بسينت جي ”هوم رول تحريڪ“ به سنڌ
۾ زور وٺڻ لڳي هئي جنهن جي سياسي سوچ ۽ مرڪزي
حيثيت آئيني طرح آزادي حاصل ڪرڻ ۽ گڏجي گذارڻ جهڙن
ويچارن کي هئي. اهڙين ڳالهين سبب، گرم سوچ ۽ عمل
بدران، نرم چال کي زياده ٿي پسند ڪيو ويو. اهو ئي
ڪارڻ آهي جو اسان ان وقت اهڙا به مناظر ڏسون ٿا ته
”هندواسي“ اخبار ڄيٺمل پرسرام جاري ڪري ٿو ليڪن
پيسي ۽ تعاون جو هٿ ڀرڳڙي صاحب ڊگهيري ٿو ۽ جڏهن
محسوس ڪجي ٿو ته محمد هاشم ”مخلص“ قلم تي ڪنٽرول
وڃائڻ وارو آهي ته هڪدم سندس جاءِ تي ”الامين“
اخبار جو ايڊيٽر، شيخ عبدالمجيد سنڌي اچي وڃي ٿو
جو ان وچٿري واٽ وٺڻ جو قائل ۽ مائل آهي.
پر ٻئي طرف، سياست جي سمنڊ ۾، مخالفت جون موجون، آهستگي سان،
سطح تي نمودار ٿي رهيون هيون. ان ظاهراً خاموش فضا
۾، جنهن پتر تحريڪ ۽ طلاطم پيدا ڪيو هو سو هو
انگريزي حڪومت جو 1911ع وارو فيصلو جنهن تحت، هندن
جي وڌندڙ مخالفت اڳيان گوڏا کوڙيندي، بينگال جي
ورهاڱي کي ختم ڪندي، وري ساڳئي صوبي جي اڳين
صورتحال بيهاري هئي. ان جي نتيجي ۾ مسلمانن کي
پهريون دفعو اهو ڊپ ٿيڻ لڳو ته پنهنجي اڪثريت جي
زور تي، هندو سڀ ڪجهه ڪري گذرندا ۽ سندن اجائي
گهوڙا کان انگريز به متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه
سگهندا. لهٰذا ڪا اهڙي واٽ وٺجي جنهن ۾ مسلمان جو
مجموعي مفاد محفوظ رهي ۽ سندن جائز مطالبن ۽
تقاضائن جي تڪميل جو ڪو رستو نڪري.
1912ع ۾، بانڪپور ۾، آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾،
سنڌ مان مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سندس ساٿي سيٺ
هرچند راءِ وشنداس شامل ٿيا هئا. ان اجلاس ۾ ٻنهي
گڏجي رٿ ڏني هئي ته ڪانگريس جو ايندڙ اجلاس ڪراچي
۾ ڪوٺايو وڃي جا منظور ٿي هئي. ليڪن سنڌ جي هندن
جي هڪ طبقي جي ترجماني ڪندڙ انگريزي اخبار ”سنڌ
گزيٽ“ لاڳيتا مضمون لکي ان تي نارضگيءَ جو اظهار
ڪيو ۽ الزام هنيو ته جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان ڪانگريس
۾ ويا ته وڏو ظلم ٿي ويندو. بعد ۾ اهو اجلاس ڪراچي
۾ ته ٿيو پر هندن ۽ مسلمانن درميان تعاون جي فضا ۾
مڙئي شڪ شبها پيدا ٿيڻ لڳا. ان وچ ۾ هندو آريه
سماج ۽ ٻين ڪيترن هندن جي فرقن، مسلمانن کي شڌ ڪرڻ
۽ باقاعده تحريڪ تحت دين اسلام ۽ ان جي پيغمبر
خلاف بي بنياد الزام هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو
جنهن جو ردعمل ٿيو. مهاسڀائي ويچارن ۽ ڪڙيا ويا.
ڀرڳڙي صاحب جو سياسي ساٿي سيٺ هرچند راءِ وشنداس
جنهن لاءِ جناب جي- ايم- سيد لکيو آهي ته سنڌ
جدائي جو پهريون احساس هن ئي شخص 1908ع ۾، سکر
واري منعقد ٿيل سنڌ پراونشل ڪانفرنس ۾ اڀاريو هو ۽
جيڪو 1917ع تائين به ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏيون بيٺو
هو، سو به بعد ۾، هندن جي اڪثريت جي مرضي ۽ مخالفت
ڏسي، پويان پير ڪرڻ لڳو هو. اهي ۽ ٻيون اهڙيون
ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ وارداتون ۽ واقعا رونما ٿيا
هئا، جن جي ڪري، مرحوم ڀرڳڙي جهڙي هندو- مسلم
ايڪتا جي حامي سياستدان 1918ع ۾ مسلم ليگ سوچ سنڌ
۾ آندي ۽ هندن کان بيزار ٿي پيو. ان سلسلي ۾، شيخ
صاحب جي نظرداريءَ هيٺ نڪرندڙ ”الوحيد“ (4 جنوري
1924ع) جو سخت نڪته چيني ۽ ناراضگي وارو اداريه
اسان اڳ ۾ (ص- 144ع ڏيئي چڪا آهيون.
پر ان کان وڌيڪ اهم، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي اها تقرير آهي جا
هن هڪ اهڙي عام جلسي ۾ ڪئي هئي جو گهرايو ئي
حيدرآباد ۾ ان لاءِ ويو هو ته هندن جي تنگ نظرين ۽
مسلمانن خلاف سندن سازشن تي غور و خوض ڪيو وڃي. ان
قسم جي سياسي صورتحال، ان وقت جي صحافتي رول سمجهڻ
۾ مدد ڪندي. ان لاءِ ئي اسان اهڙي تقرير ڏيڻ تي
مجبور آهيون. ان جلسي جي ڪارروائي الوحيد 27
آڪٽوبر 1925ع ۾ شايع ٿي هئي. شيخ صاحب فرمايو:
”ڀائرو! اڄوڪو ڏينهن منهنجي واسطي غم ۽ ڏک جو ڏينهن آهي ڇاڪاڻ
ته آءُ اهڙي جلسي ۾ شريڪ ٿيو آهيان بلڪه ان جي
سڏائڻ ۾ مون حصو ورتو آهي جنهن مان گهڻن کي فرقي
بندي جي بوءِ ايندي. شڌي ۽ سنگهٺن تحريڪن کي جاري
ٿئي گهڻو ئي وقت گذري ويو آهي ۽ منهنجا هندو وطن
پرست دوست هڪٻئي پٺيان آئيندي جي تحريڪ ۾ شريڪ
ٿيندا ويا ۽ مسلمانن جي ظلمن جا ڪوڙا داستان بيان
ڪري پنهنجي هندو قوم کي تيار ڪرڻ لڳا ۽ مون اڃا
تائين ڪنهن به جلسي يا مضمون ۾ ڪڏهن به هندو قوم
جي خلاف ڪو لفظ زبان مان نه ڪڍيو آهي ته اڄ جيڪڏهن
مون کي ڪنهن هندو جي خلاف ڪجهه چوڻو آهي ته ان
لاءِ جوابدار ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ مسٽر جيرامداس ۽
انهن جا هم خيال هندو آهن ۽ نه عبدالمجيد. ڇا آئون
پڇان ٿو ته سنڌ ۾ ڪو اهڙو هندو موجود نه آهي جو
هندو اخبارن جو ٻوٿ بند ڪري انهن کي اسلام ۽
مسلمانن خلاف زهر ڦهلائڻ کان روڪي؟ مون کي معلوم
آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ”الوحيد“ ۽ ”مسلمان، اخبار وارا
به اهڙا مضمون لکن ٿا جي هندو اخبار وارن کي نه
ٿا وڻن. پر مون کي اهو به معلوم آهي ته ”الوحيد“ ۽
”مسلمان“ اخبار وارا ڪجهه لکن يا نه لکن پر تنهن
هوندي به اڪثر هندو اخبارون، اسلام ۽ پيغبر اسلام
۽ اسلامي تمدن ۽ تهذيب ۽ تاريخ بابت دل ڏکائيندڙ
مضمون لکنديون رهنديون آهن. آءُ ان ڳالهه واسطي
تيار آهيان ته ”الوحيد“ ۽ ”مسلمان“ کي هندن بابت
ڪنهن به اعتراض ڪرڻ کان روڪي سگهان پر مون کي پڪ
آهي ته جن سنگهي يارن جو اهو ئي مطلب آهي ته
هندستان وانگر سنڌ ۾ به هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾
دشمني پيدا ڪجي، سي هرگز پنهنجي هوڏ تان هيٺ نه
لهندا. چون ٿا ته مسلمان هندن جون زالون ڀڄائي وڃن
ٿا، ته مسلمانن هندن کي زبردستي مسلمان ڪن ٿا، پر
آءُ هندن ڀائرن کي عرض ڪريان ٿو ته توهان سوچيو ته
سهي ته اهي ڳالهيون قدر سچ آهن؟ ڪهڙو مطلب آهي
اهڙن سمورن ڪوڙن جو جي مسلمانن خلاف ڳالهايا وڃن
ٿا؟ اسان جي ڪن هندو ڀائرن ۽ هندو اخبارن سرڪار جي
اڳيان ويهي پنهنجا ڏک سور رنا آهن ته پوليس کاتي ۾
هندو قوم کي گهڻيون نوڪريون ملن ڇاڪاڻ ته مسلمان
عملدار انهن هندو ٻارن ۽ زالن کي ڳولي نه ٿا لهن
جن کي بدمعاش مسلمان ڀڄائي وڃن ٿا. مون کي ذاتي
علم اهو آهي ته اڄڪلهه ڳوٺن ۾ اها حالت آهي جو
هڪڙي مسلمان لاءِ ڪنهن مسلمان زال کي ڀڄائي وڃڻ
آسان آهي پر هڪڙي مسلمان لاءِ اهو تمام مشڪل آهي
جو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن هندو زال ڏانهن بدنگاهه سان
نهاري سگهي............ٻن سالن کان وٺي،
ايسوسيئٽيڊ پريس جا سنگهٺي ايجنٽ مسلمانن جي خلاف
ساري ملڪ ۾ زهر ڦهلائي رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڏاڍو ظلم
ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ايسوسيئيٽيڊ پريس جو ڦهلايل
زهر هندو جاتي جي خدمت لاءِ ڪافي نه هو جو هاڻي
وڌيڪ ويهه هزار رپيا گڏ ڪري ويا آهن ته ڪائونسلين
۾ به اهڙا ڪوڙا قصا مشهور ڪري مسلمانن کي خوامخواه
بدنام ڪيو وڃي. جو شخص هندستان کان ٻاهر رهندو
هوندو سو سمجهندو ته ويچارا سنڌ جا غريب هندو
مسلمان راڪيشين جا هٿان ڪسجي ۽ ميسجي رهيا آهن
تنهن ڪري غريبن لاچار ويهه هزار رپيا گڏ ڪيا آهن
ته پنهنجي جاتيءَ جا ڏک دور ڪن. ويچارن مسلمانن جي
شهرن ۾ اها حالت آهي جو مسلمان هندو محلا ٿي ويا
آهن ۽ اڃا به مسلمانن کي شهرن مان لوڌي گندي پاڻي
جي ڪيسن تي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي ته مرضن ۾
مبتلا ٿي نه فقط شهر ڇڏي وڃن پر دنيا مان ئي لڏي
وڃن، ۽ ڳوٺ ۾ غريبن جي اها حالت آهي جو ڳوٺاڻو
مسلمان پنهنجي بدن جي ڪپڙن جو به مالڪ نه آهي، هو
زميندارن، عملدارن ۽ واڻين جو شڪار آهن. اها آهي
سنڌ ۾ مسلمانن جي حالت پر تنهن هوندي به ساري ملڪ
۾ سنگهٺني يار اهو مشهور ڪري رهيا آهن ته هاءِ
هاءِ ويچارا هندو مسلمانن جي هٿان مارجي
ويا!.........“
خود مٿي ذڪر ڪيل ديش ڀڳت جي ويرومل متعلق، پير علي محمد راشدي
صاحب ٻڌائي ٿو ته هن جي لکڻين گهڻي نفرت پيدا ڪئي
۽ پوري سکر جي فضا خراب ڪئي هئي، لکي ٿو:
”ويرومل بيگراج جي ”سنڌي“ اخبار ته بنهه ليڪا لتاڙيو بيٺي هوندي
هئي. سندس فقط نگاهه موجب، هندو هر ڳالهه ۾ حق تي
۽ مسلمان هر معاملي ۾ ناحق تي هئا. محض موقعي جي
منتظر رهندي هئي. موقعو آيو ۽ ملسمانن کي لتاڙڻ
شروع ڪري ڏنائين. ويرومل هڪ موقعي تي هندو وڌوائن
(بيواه عورتن) جي رهائش گاهه لاءِ ”وڌوا گهر“
کولرايو خاص هندو محلي ۾ ۽ خاص هندو انتظام هيٺ،
مسلمانن کي ته فقط ان رستي مان گهمڻ جي اجازت به
ڪانه هئي. ڪجهه عرصي بعد خبر کلي ته ڪيترن وڌوائن
کي ”اميدواري“ ٿي هئي. هاڻي اها بلا ڪري ته ڪنهن
تي؟ ”سنڌي“ اخبار وڏين هيڊنگن سان مضمون شايع ڪيو،
جنهن جو هي جملو مون کان اڄ تائين نه وسريو آهي.
”ڪن دشٽ دراچارين مسلن ابهم ڪنيائن جو ڌرم ڀشٽ ڪري
ڇڏيو آهي.“ ابهم ڪنيائن جو ڌرم ڀرشٽ“ جنهن به ڪيو،
تنهن کي ڦٻيو، مار اچي پئي مسلمانن تي! اهي
هونديون هيون ڪرامتون ان اخبار جون.
”پڇاڙي وارن ڏينهن ۾، مسٽر آرتمل پنجابيءَ جاڳڻ (تعلقه شڪارپور)
جي هڪ تيز طبع هندو نوجوان ڪهي اچي سکر ۾ پنهنجا
آستا کوليا. ”هندو ليگ گزيٽ“ نالي سان هفتيوار
اخبار ڪڍيائين. هيستائين جيڪا ڪسر ”سنڌي“ اخبار
ڇڏي هئي، سا ”هندو ليگ گزيٽ“ اچي پوري ڪئي. اخباري
لحاظ سان، اسان جا جبرا مقابلا لڳا پيا هوندا هئا،
پر ذاتي طرح مون سان دوستيءَ جو تعلق پڇاڙيءَ
تائين قائم رکيو آيو. کيس خاص انتظار هوندو هو ته
مان سندس مضمونن جا جواب لکان ڇوته انڪري هندن ۾
سندس اخبار جي وقعت وڌڻ جو امڪان هو جنهن به هندو
پرچي جي خلاف مسلمان اخبارن شڪايت ڪئي ۽ لکي، تنهن
کي ڪٽر قسم جا هندو پنهنجي جاتيءَ لاءِ وڏي وٿ
سمجهي، مٿي تي کڻي بيهي رهندا هئا. هندو اخبارن ۾
چٽاڀيٽي هن ڳالهه تي لڳي پئي هوندي هئي ته منجهائن
ڪهڙو پرچو ٿو مسلمانن تي وڌيڪ حملو ڪري ۽ ڪهڙي
پرچي خلاف مسلمان اخبارون ٿيون هاءِ گهوڙا ڪن.
”حقيقت کي ڏسبو ته هئي فقط ڪن هندن جي سمجهه جي غلطي. انهن
طريقن اختيار ڪرڻ سان، هندو مسلم اختلاف جي باهه
دکيائون، تنهن جي پهرين خوراڪ خود پاڻ ٿي ويا. پر
اوائلي مستيءَ جي ڏينهن ۾ کين ڪير سمجهائي ۽ ڪير
باز آڻي ٿي سگهيو؟ انڌ جي گهوڙي تي سوار هئا.
پنهنجي غريباڻي نموني ته مون کين گهڻو سمجهايو پر
نه سمجهيا. مضمون لکيم ته گاريون ڏنائون، ڪتاب
لکيم ته انهن کي سرڪار هٿان ضبط
ڪرايائون............“
(1)
ان وچ ۾، ڪيترائي سياسي مسئلا پيدا ٿيا جن ۾ سنڌ جي بمبئي کان
علحدگي واري سوال کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ان ۽
ٻين سوالن هندو- مسلم اتحاد کي ٽوڙي وڌو ۽ ٻنهي
طبقن کي الڳ الڳ دڳ وٺرايو. وسوسا ۽ ويڇا وڌندا
ويا ۽ سنڌ جي جدائي واري مسئلي تي هندو مسلمان
هڪٻئي جا مدمقابل بڻجي بيٺا. شروع ۾ جيڪي هندو
سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام پاران مسلمانن سان ساٿ ڏيندا
رهيا، سي به بعد ۾ جڏهن فرقيوارانا سوچ ۽ ذهنيت
زور ورتو ته وچٿري واٽ ڇڏي خاموش ٿي ويٺا ۽ هندن
جي سياست ۽ صحافت ڪٽرپڻي وارن هندن جي هٿن ۾ هلندي
وئي. ائين کڻي چئجي ته ان زماني ۾، باوجود ان جي
جو ”هندو“ ۽ ”قرباني“ (1932) اخبارون ظاهراً
ڪانگريسي قومي ويچارن جون دعويدار هيون پر عملاً
انهن اخبارن تي به ”سنسار سماچار“ ۽ ”هندوجاتي“
(1) وانگر، هندو مهاسڀائي جي ”ڪيسري“ اخبار ته حد ڪري ڇڏي. انهن ٽن
اخبارن هندو- مسلم نفاق ڦهلائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي.
1936ع ۾ جڏهن سنڌجو پرڳڻو الڳ وجود ۾ آيو تڏهن ۽
تنهن کانپوءِ ته هندو- مسلم ڇڪتان اڃا به وڌي.
الوحيد اخبار (21 آڪٽوبر 1932ع) هندن جي ان مسلمان مار رخ جي
خلاف ”سنڌ جي هندن جي مهاسڀائي من ورتي“ جي سري
واري ادارتي نوٽ ۾ سخت شڪايت ڪئي. ان کان لاڙڪاڻي
۾ هندو- مسلم فساد ٿي چڪو هو جنهن ۾ بي گناهه
مسلمانن کي ڪيترن ڪيسن ۾ رڳو ان ڪري ڦاسايو ويو هو
ته لاڙڪاڻي جي مسلمان قومي ورڪرن کي فوجي داري
مقدس ذريعي پيڙهي ڇڏجي ته جيئن ”منجهائن ڪنهن کي
هندن جي مقابلي ۾ ڪنهن به سلسلي ۾ آواز اٿارڻ جي
جرئت ڪانه ٿئي ۽ لاڙڪاڻي شهر تي عملي طرح هندن جو
راڄ قائم ٿئي. اها هڪ اهڙي افسوسناڪ ذهنيت هئي
جنهن جا نتيجا اڳتي هلي بيحد خطرناڪ نڪرڻا
هئا.......“
(1) بهرحال مٿئين تاريخ جي الوحيد لکيو ته:
”لاڙڪاڻي جي فساد جي ابتدا هندن ڪئي جو مسلمانن جون بيگناهه
زالون ۽ ٻچا چورايائون............. هندو سٽي
مئجسٽريٽ لاڙڪاڻه شهر جي حڪومت جون واڳون پنهنجي
هٿن ۾ جهلي غريب مسلمانن لاءِ چوءطرف باهه وڇائي
ڇڏي جنهن تي هو پورو هڪ سال ليٽندا ۽ ڦٿڪندا
رهيا.........اهڙي حالت ۾ ائين چوڻ ته هندو ظالم
آهن ۽ سنڌ جدا جي حالت ۾ مارجي ويندا ڪيتري قدر
انصاف ۽ انسانيت جي مطابق آهي.
خير وڏي جنگ ۽ جدوجهد کان پوءِ، سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ليڪن سنڌ
جي سياسي حالات تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته
بجاءِ ان جي جو نين حقيقن کي دل سان تسليم ڪري،
سياسي چال کي نئين رخ سان هلڻ ڏنو وڃي ها، سنڌ جي
هندن، ڪانگريسي توڙي مهاسڀائي ڪٽرپڻي وارا، پنهنجي
غير منتقي روش ۽ اڃا به سخت ٿيندا ويا بلڪه ڪن
حالتن ۾ منتقمانه سياست بازيءَ تي لهي آيا. ڄڻ ته
هن اهو فيصلو ڪيو هجي ته هاڻي سنڌ جي سياسي
زندگيءَ ۾ ٺاپر ۽ استقلال پيدا نه ڪرڻ ڏيو، اڪثريت
کي پنهنجي مرضي ۽ ضرورتن مطابق هڪ ڏينهن به هلڻ نه
ڏجي. سنڌي هندو پريس انهن خيالن ۽ موقف لاءِ کلي
طرح ڪم ڪيو.
سنڌ جي سياست ۾ هندن جي غلط ۽ تنگ نظريءَ جون شڪايتون هونئن ته
گهڻن ڪيون آهن. پر محترم جي-ايم- سيد جيڪو مسلمان
اڳواڻن ۾ هروڀرو فرقيواريت ۾ ڦاٿل نه هو، ان به
هندن جي هٺ ڌرمي ۽ تعصب جي شڪايت ڪئي آهي. آڪٽوبر
1938ع وارو زمانو آهي جڏهن قائداعظم رحه، هندستان
جي ڪيترن ممتاز اڳواڻن سان گڏجي، سنڌ ۾ تقويت
وٺرائجي، جناب سيد جو چوڻ آهي:
”انهيءَ واسطي جناح صاحب، سر سڪندر ۽ مولوي فضل الحق جي
موجودگيءَ ۾ هڪ ميٽنگ گڏ ٿي جنهن ۾ خانبهادر الله
بخش، پير الاهي بخش، سر غلام حسين، مير بنده علي
خان، حاجي سر عبدالله هارون ۽ آءُ به حاضر هئاسون.
اتي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڀني سنڌين انجام
ڪيو ۽ اهڙي ٺهراءُ جو مسودو تيار ٿيو جنهن تي الله
بخس ۽ پير الاهي بخش سميت سڀني صحيحون ڪيون مگر
بعد ۾ ڪانگريس ۽ آزاد هندو گروهه جي زور پوڻ تي
خانبهادر الله بخش ۽ پير الاهي بخش پنهنجي وعدي
تان ڦري ويا. اهڙيءَ طرح مسلمانن جو ٿيندڙ اتحاد
خانبهادر الله بخش طرفان وزيراعظم لاءِ نئين سر
چونڊ نه ڪرائڻ ۽ مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي جي
تشڪيل کان اڳ کيس وڏو وزير مڃڻ جي شرط وجهڻ تي ٽٽي
پيو. انهيءَ طرح سان خانبهادر وري به ڪانگريس ۽
آزاد گروه جي مدد وڌيڪ ڀروسي جهڙو سمجهي مسلم ليگ
۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪانگريس ۽ آزاد هندو
گروه جي تنگ خياليءَ ڪري فرقيوار اختلاف جو بنياد
پيو. مسلم ليگ ڪانفرنس جي موقعي تي هندو اخبارن ان
جي مخالفت ۾ سخت پروپيگنڊه ڪئي. ان جي ڪري مسلم
عوام تي اهو اثر ويٺو ته ڪانگريس وارا عوام جي ڀلي
لاءِ نه پاڻ ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا ۽ نه وزارت کي ڪرڻ
ڏيڻ ٿا ۽ جيڪڏهن مسلمان منظم ٿي ڪجهه ڪرڻ ٿا چاهين
ته ان جي مخالفت ٿا ڪن.“
ان ساڳئي حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي، جناب پير علي محمد راشدي
ٻڌائي ٿو ته:
”هندن ۽ ڪانگريس مان آخريءَ طرح نااميد ٿي، واسطيدار مسلمان ڪم
ڪندڙن، جن جو اڳواڻ جي-ايم- سيد هو، پهريون دفعو
مسلم ليگ ڏانهن رخ رکيو. هيلتائين سنڌ اندر مسلم
ليگ جو ڪو نانءُ نشان ڪونه هو، حالانڪه هندستان جي
ٻين حصن ۾، اڳ ۾ ئي، 1925ع کان وٺي، ان تحريڪ جو
نئون ۽ آخري دور شروع ٿي چڪو هو.
(1)
ظاهر آهي ته مسلمانن ۽ هندن جي انهن سياسي اختلاف سبب ۽ سندن
درميان پيدا ٿيل خلا جا اثرات سنڌي پريس تي به
پوڻا هئا، جيڪا نمائنده وانگر، ماڻهن جي احساسن ۽
خواهشن پٽاندڙ پنهنجي پاليسي واضغ ڪندي رهي آهي.
اسان وٽ هندو ۽ مسلمانن جو ويڇو ايترو ته وڌي
ويڪرو ٿيو جو ڪجهه عرصي کانپوءِ، ڪا ڳالهه سندن
درميان مشترڪه نه رهي ۽ هر طبقي جا مفاد ٻئي طبقي
جي مفاد کان علحده ٿي بيٺا. اهو ئي سبب آهي جو
سنڌي اخبارون هندو ۽ مسلم پريس جي خانن ۾ تقسيم ٿي
ويون.
هاڻي اهو ته ٿيو مختصر احوال سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ هندو پريس جي
مواد ۽ لکڻين جي باري ۾ ليڪن جيتري قدر اخبار جي
پيشوارانه ۽ فني حيثيت جو تعلق آهي، ته ان سلسلي ۾
هن چوڻ ۾ ڪو مبالغو نه آهي ته، مسلمان اخبارن جي
ڀيٽ ۾، هندو پريس حاوي ۽ ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان
بهتر رهي، خصوصاً الوحيد جي اجراء يعني 1920ع
تائين ان کانپوءِ به مجموعي طرح، هندو اخبارون
تعداد ۽ معيار ۾ بهتر پوزيشن ۾ هيون. بيهڪ سٽا، ۽
تصويري اهتمام جي روءِ کان، مسلمانن جون اخبارون
ساڻن برميچي ڪين ٿي سگهيون. صفحا به زياده ته
رنگين تصويرون به ڏينديون هيون. ڪن اخبارن ۾ به هڪ
اهڙو صفحو هوندو هو جنهن ۾ ”هفتي جون مکيه
شخصيتون“ جي عنوان تحت، اهم ماڻهن جون تصويرون
ڇاپيون وينديون هيون. 1935ع ۾ روزانه ”هندو“
اخبار، هندو ڪانگريس جوبلي نمبر شايع ڪيو هو جو
ڏسڻ وٽان هو ۽ وري 15 آگسٽ 1947ع تي سندس آزادي
نمبر 58 صفحن تي مشتمل هو ۽ ڪيترائي نهايت
معلوماتي مضمون ڏنل هئا ۽ ٻيو رکڻ جهڙو مواد ڇپيو
ويو هو. اهڙي طرح شڪارپو مان شروع ڪيل روزانه
”قرباني“، ”سنسار سماچار“ ۽ ”هندوجاتي“ يا بعد ۾
نڪتل ”هندو سنسار“ نهايت ئي سهڻي نموني شايع
ٿينديون هيون. منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن ڪا گهٽائي هين
ته اها هئي هندن لکندڙن جي نامڪمل سنڌي زبان داني.
زبان جي لفظن جو غلط لهجو ته هندن ۾ عاسم هوندو هو
پر سنسڪرت جي وارث هجڻ واري دعويٰ سبب ۽ ان کي
هروڀرو استعمال ڪرڻ جي شوق سندن اهو حال ڪيو هو جو
مروج عربي ۽ فارسي جا الفاظ اڪثر ڪري استعمال ۾ نه
آڻڻ ڪري، غلط اچاريندا ۽ لکندا هئا. ڳالهائڻ ۾ ته
وري به اهڙو نقص لڪي ويندو هو پر لکت ۾ ظاهر ٿي
پوندا هئا. ان سلسلي ۾ ته سندن ان تنگ نظري جو
مثال به پيش ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ هنن مان ڪيترن
ڏسڻن وائسڻن عربي اکر ڇڏي باقي حرفن کي سڀني صوتي
ضرورتن کي ادا ڪرڻ لاءِ ڇڪي تاڻي ٿي ڪم آندو. سچ
پچ ته سندن ان قدم ته هندن جي پت وائلي ڪري وڌي
هئي ۽ جيڪا هلت ڪجهه عرصي کان پوءِ ڇڏڻ کانسواءِ
ٻيو چارو به ڪونه هين. ان بحث کي جيڪو ڪافي
دلچسپيءَ وارو آهي، ڪٿي ٻئي هنڌ مفصل طرح ڏنو ويو
آهي.
هندو پريس جي باري ۾ بزرگ صحافي ۽ اڳوڻي سياستدان پير علي محمد
راشدي جي راءِ کي يقينن وزن هئڻ گهرجي ڇو ته هو
پاڻ هلندڙ صديءَ جي چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ
سياسي ويڙهه جي وچ ۾ ويٺو هو ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ ته
خود ذاتي طرح ڌر بڻيل هو. هڪ ملاقات ۾ هندن جو
سنڌي صحافت جي ترقي ۾ ڪهڙو رول رهيو، جهڙي سوال
پڇڻ تي پير صاحب ڪجهه هن قسم جي خيال جو اظهار
ڪيو:
”يقيناً سنڌي صحافت کي هندن ترقي وٺرائي. پهريان مسلمانن جي ڪا
اهڙي اهم اخبار ڪانه هوندي هئي سواءِ ”الامين“ ۽
”الحق“ جي جيڪي پڻ ٿوري عرصي اندر تنزل ۾ اچي
ويون. ”الامين“ نه رڳو بند ٿي وئي ۽ ”الحق“ نالي
ماتر اشتهارن خاطر 1925ع تائين ٽلڪندي رهي. ان وچ
۾ سکر مان ”آفتاب سنڌ“ به نڪتي پر اهي سڀ هفتيوار
پرچا هئا. 1920ع ۾ الوحيد نڪتي جا روزانه اخبار
هئي ۽ چڱو ڀڙڪو کاڌائين ان کانپوءِ 1923ع ۾”سنڌ
زميندار“ نڪتي پر اها هفتي ۾ ٻه دفعا شايع ٿيندي
هئي. 1923ع ڌاري ”ستاره سنڌ“ سکر مان جاري ٿي جيڪا
1938ع ۾ بند ٿي وئي. اها هئي ڪل مسلم صحافت. ان جي
مقابلي ۾، ٽيڪنيڪل لحاظ کان يا ڪوالٽي جي لحاظ
کان، هندو اخبارون گهڻيون مٿي هيون. نالي واريون
اخبارون هي هيون: ”سنڌ سڌار“، ”سنڌواسي“،
”هندواسي“،”ڀارتواسي“، ”هندو“،
”ماترڀومي“، ”سنڌي“ ۽ آخر ۾سڀ کان اعليٰ ۽ زوردار ۽ صحيح معنيٰ
۾ فرسٽ ڪلاس اخبار ”سنسار سماچار“ هئي. فني لحاظ
کان يعني مواد جي گهڻائي ۽ دلچسپيءَ جي خيال کان،
انهن اخبارن جو معيار مسلمان اخبارن جي مقابلي ۾
گهڻو ارفع ۽ اعليٰ هو. اهي آل-سنڌ اخبارون هيون ۽
ضلعن مان به هندن جون هفتيوار اخبارون نڪرنديون
هيون. مثلاً؛ ”ميرپورخاص گزيٽ“، ”فرنٽيئر گزيٽ“،
”لاڙڪاڻه گزيٽ“، ”خيرخواه“، ”لاڙڪاڻي“ ”سچائي“
(ڪراچي)، ”هندو گزيٽ“ (سکر)، ”ڌرم وير (سکر)، ۽
”سنسار چڪر“ (سکر). انهن اخبارن جو به هندو جنتا
تي چڱو اثر هوندو هو. انهن جي مقابلي ۾، مسلمانن
جون هفتيوار اخبارون هي هيون؛ ”الحقيقت“
(لاڙڪاڻه )، ”عالمگير“ (لاڙڪاڻه)،
”مسلمانن“ (ميرپورخاص)، ”نوراسلام“ (ماتلي )، ”الحنيف“
(شڪارپور)، ”اتحاد“ (جيڪب آباد) ۽ ”تنظيم“
(نوشهروفيروز) ”سنڌ آبزرور“ ۽ ”نيو ٽائمز“ انگريزي
اخبارون هيون ۽ انگريزن جي ”ڊيلي گزيٽ“ هئي. هندو
اخبارن جا اصول هي هئا: پهريون هندستان جي آزادي،
ٻيو هندن جي ترقي ۽ تنظيم ۽ اڻ سڌيءَ طرح مسلمانن
کي زير ڪرڻ، ٽيون عربي جو اثر زائل ڪري سندن سمجهه
۾ آيل سنسڪرت جو اثر وجهڻ وغيره. ”سنسار سماچار“
جو مالڪ اڳ ۾ پوسٽ آفيس جو نوڪر هو. مني آرڊرن
کائي وڃڻ جو الزام هوس جنهن جو قبولدار ٿي ٽيپ
ڪاٽيائين پر پئسا هضم ڪري ويو. انهن پئسن مان اها
اخبار جاري ڪيائين. وڏو متصب هو ۽ هندن هٿون هٿ
کنيس. سندس اخبار جي اها حالت هئي جو ان زماني ۾،
هاڻوڪي اردو جنگ اخبار واري سائيز تي نڪرندي هئي.
ڏهڪار وڏا پيدا ڪيائين. ڪيئن نه ڪري ڇو ته ڀلا 16
صفحن تي پئي نڪري. ڪا مذاق ڪانه هئي. 1922ع کان
کلي ڪٽرپڻي جو دور شروع ٿيو، ان کان اڳ لڪل نمونو
هو. هندو سنگهٺن ۽ شڌي ۽ مهاسڀا، اهي ٽي هيون هندن
جون تنظيمون جن ڪم ٿي ڪيو. 1929ع کانپوءِ سنڌ
جدائي وارو مسئلو هن ۾ کنيو ويو پر هندن سخت
مخالفت ڪئي. 1936ع ۾ سنڌ جدا ته ٿي پر مسلمانن کي
سنڌ جدائي جي فائدن کي هٿ ڪيو. مسلمانن وري ٿورو
پوءِ منزل گاهه وارو معاملو مچايو.........“
|