”اسان اڄ پنهنجي صدا وري بلند ڪريون ٿا ۽ هر شخص
کي جو ملت جو درد، خلافت جو صدمو، زندگي جي خواهش
۽ حاصل ڪيل متاع جي بيڪار نه ٿي وڃڻ جو خواهشمند
آهي، تنهن کي اسان پنهنجي دل جي درد ۽ ڏک جي آواز
۾ دعوت ڏيون ٿا ته اهي مسلمانن جي مصيبت ۾ شريڪ ٿي
خلافت اسلاميه جي لاءِ تيار ٿين ته جو درد ۽ رنج
چاليهن ڪروڙن جي دلين ۾ آهي تنهن کي پنهنجي زبان ۽
قلم ۽ عمل سان ظاهر ڪن ۽ هر هڪ مسلمان خدا کي حاضر
ناظر ڄاڻي پاڻ کان وعدو وٺي ته مون کي خلافت
اسلاميه سان گڏ زندهه رهڻو آهي يا برباد ٿيڻو
آهي......
”جيڪڏهن توهان (سرڪار) اسلامي دنيا جي دوستي کان هٿ کڻڻ لاءِ
تيار آهيو، پوءِ بلاشڪ خلافت اسلاميه جي بربادي
پٺيان هٿ ڌوئي لڳو، پوءِ توهان بيشڪ اسان جي
اشتهارن کي ضبط ڪيو، پوءِ توهان بيشڪ اسان کي قيد
ڪريو! ڦاسي تي لٽڪايو. پر ياد ڪريو ته منهنجي
آزادي جي کنهوڙي کي جيتري قدر زور سان ڦٽو ڪيو
ويندو، اوتري قدر زور سان ٽپ ڇڏيندو. چشمي جو پاڻي
روڪجي وري اڇل لائيندو ۽ باهه کي وسائڻ لاءِ پاڻي
جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه تيل جي. دلين جو طوفان
ڪنهن قلم يا زبان ۾ بند نه آهي جنهن جي بند ڪرڻ
کانپوءِ آسمان صاف ٿي ويندو. جيڪڏهن مذهب ۽ مذهب
جي پيدا ڪيل زندگي ڪن زباني ۽ قلمن جي بند ڪرڻ
کانپوءِ نابود ٿي سگهي ٿي ته بهتر آهي ته ان جو
آزمودو به ڪري وٺو ۽ پوءِ نتيجي لاءِ پڻ منتظر
رهو.“
وري ظلم اهو هو جو انگريزن مسلمانن جي جوش کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ ترڪن
جي خلاف مڪي جي گورنر شريف حسين جي خلافت تي حق
پيدا ڪرڻ لاءِ جواز ڳولڻ جي سلسلي ۾، هڪ سازش تحت،
سنڌ ۾، ”امن سڀائن“ جي نالي ۾ هڪ ڍونگ رچايو ويو
هو. عالمن ۽ پيرن جو هڪ ٽولو سرڪاري سرپرستي هيٺ،
تيار ڪيو ويو جن جي اڳواڻي موري جو هڪ مولوي فيض
الڪريم ڪري رهيو هو.
(1)
هن مولوي صاحب کان ترڪ خلافت بابت فتويٰ جي شڪل ۾،
”تخفقيقته الخلافه“ جي نالي ۾ هڪ رسالو لکرايو
ويو، ڊيلي گزيٽ پريس ۾ ڇپرايو ويو ۽ بعد ۾ وڏي
پيماني تي ورهايو ويو.
(1)
ان جي جواب ۾ مرحوم مولانا امروٽي جي نظرداري هيٺ
”اظهار الڪرامته“ جي نالي سان، مرحوم مولانا دين
محمد وفائي هڪ لاجواب رد لکيو جيڪو لاڙڪاڻه واري
خلافت ڪانفرنس (فيبروري 1920ع) واري موقعي تي، عام
تقسيم ڪيو ويو.
(1)
ان کان علاوه حڪومتي ليول تي هڪ رسالو ”سچائي“
جاري ڪيو ويو جيڪو سرڪاري عملدارن ۽ چاپلوسن جي
طرفان گڏ ڪيل پيسن تي ڇپيو هو ۽ عام ڪيو ويندو هو
ته جئين سرڪاري سرپرستي واري نقطه نظر جي پٺڀرائي
ٿئي ۽ مسلمان گمراهه ٿين. مٿينءَ فتويٰ تي سنڌ جي
اٽڪل 95 ماڻهن دستخط ڪيا هئا جن ۾ پير شاهه مردان
شاهه پاڳارو ۽ راڻيپور جي جيلاني گادي جو ان وقت
وارو اڳواڻ پير محمد صالح شاهه شامل هئا.
(2)
انهن حالتن کان مايوس ٿي، مرحوم رئيس غلام محمد
خان ڀرڳڙيءَ ڪجهه عرصي لاءِ ملڪ ڇڏي وڃي، انگلينڊ
۾ ويهي رهيو هو.
(1)
ان وقت هفتيوار ”الحق“، ”الامين“،
(1)
”آفتاب“ ۽ ”مسلم“ اخبارون نڪري رهيون هيون ۽
پنهنجي وت آهر سڀ ڪجهه ڪري رهيون. پر ظاهر آهي ته
انهن ۾ اها شڪتي ۽ سگهه ڪٿي هئي جو سنڌ جي مسلمانن
۾ پيدا ٿيل هن جذباتي طوفان، نون اميدن ۽ امنگن جي
ڪماحقه ترجماني ڪري سگهن. مسلمانن جي جذبات کي
متجمع ۽ منظم ڪرڻ لاءِ تقريباً ساڳئي وقت، خلافت
ڪانفرنس حيدرآباد ۾ (جنوري 1920ع) ٿي ۽ پهرين
روزانه اخبار ”الوحيد“ جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيو جا
15 مارچ 1920ع کان نڪرڻ شروع ٿي. مقصد اهو هو ته
سنڌي مسلمانن جي ان نئين سوچ ۽ لوچ کي تعميري
لائين تي لڳائي ڪو ٺوس ڪم ڪيو وڃي. هنن ٻنهي ادارن
يعني خلافت تحريڪ ۽ الوحيد جو بنياد به، خوش
قسمتيءَ سان گهڻي ڀاڱي ساڳين قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن
وڌو.! مثلاً مرحوم مولانا تاج محمد امروٽي، مرحوم
مولانا دين محمد وفائي، مرحوم مولانا محمد صادق
کڏي وارو، مرحوم سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ مرحوم
شيخ عبدالمجيد سنڌي وغيره. هنن ٻنهي ادارن سنڌ جي
مسلمانن جي دلي امنگن مطابق سندن سياسي تربيت جو
انتظام ڪيو، سندن خيالن ۽ صلاحيتن کي منظم ڪري،
باقي ماڻهن کي جنجهوڙي خواب غلفت مان اٿاري، سنڌ
جي حقن واسطي، ايندڙ لڙاين لاءِ ذهني طور تيار
ڪيو. خلافت تحريڪ ۽ ”الوحيد“ اخبار هڪ ٻئي لاءِ
لازم ۽ ملزوم شيون ٿي اڀريون ۽ بعد ۾ جڏهن ظاهراً
خلافت تحريڪ ٿڌي ٿي، اخبار ان ٿڌاڻ کي ماٺو ڪرڻ نه
ڏنو ۽ ساڳين ويچارن ۽ نظرين کي مختلف شڪلين ۾ کڻي،
سنڌ جي مسلمانن جي هر جدوجهد ۾ ان جي روح کي زندهه
رکيو ۽ کين ڪاميابيءَ سان همڪنار پئي ڪيائين. سچي
ڳالهه ته اها آهي ته هنن ٻنهي ادارن جي مثالي محنت
۽ اخلاص سان هتي جي ماڻهن جي جا سياسي تربيت ڪئي
سا سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. پر ان ڪاميابيءَ
جو هڪ وڏو سبب هو. سبب هي هو ته سنڌ جا عام مسلمان
جيڪي، تعليمي طرح پوئتي هجڻ ڪري، سياسي سجاڳي کان
گهڻي ڀاڱي محروم هئا، سي ابتدا ۾ آل انڊيا ليول جي
نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جهڙين جماعتن کي سمجهڻ
کان قاصر هئا، عمل ته ٿيو پوءِ جي ڳالهه. پر ساڳئي
وقت سندن دين سان لڳاءُ اهڙو هو ته جو جيڪڏهن مذهب
جي رشتي سان کين ڪنهن ڳالهه يا نظرئي لاءِ اپيل
ڪئي ٿي وڃي، ته اها سندن سمجهه ۾ فوراً ٿي آئي. نه
رڳو ايترو پر ان لاءِ هو قرباني ڏيڻ تي به آماده
ٿي ٿي ويا ۽ ان مقصد جي حصول لاءِ ڪو ڏکيو ڏينهن
ڏسڻو پين ٿي ته ان کي به خنده پيشانيءَ سان
تڪيلفون سهي، نباهي ٿي ويا. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي
ته سنڌ جي مسلمان جي سياسي ککر ۾، ترڪن ۽ عربن جي
مسئلن هڪ کڙي جو ڪم ٿي ڪيو، جنهن جي لڳڻ سان هو
مڇرجي ٻاهر نڪري ٿي پيا. هڪ دفعو جڏهن هو مڇرجي
ٻاهر نڪري ٿي بيٺا، ته پوءِ کين ٻين سياسي مقصدن
جي حصول لاءِ، نون ڌڳن سان لڳائڻ ڏکيو ڪم نه هو.
شروع ۾ ته حالت هيءَ هئي جو سنڌ جي مسلمانن کي
پنهنجي مقامي مسئلن جو ايترو فڪر ڪونه هو جيترو
ترڪن ۽ عربن جي تڪليفن جو.
(1)
ان جو وڏو ڪارڻ هيءُ هو ته ترڪن ۽ عربن جي هر
تڪليف کين مڪو مدينو ٿي ياد ڏياريو جيڪي هر سال حج
ڪرڻ سبب، سندن ذهنن ۾ تازا ۽ روحاني مرڪز بڻيا
بيٺا هئا، جهڙي طرح انهن مقامات مقدس سان هر مخلص
مسلمان کي لڳاءُ هوندو آهي. مرحوم شيخ عبدالمجيد
سنڌي، سنڌ جي پنهنجي مسئلن ڏانهن عدم دلچسپي جي ان
حالت جو وڏ نڪته چين هو.
”الوحيد“ نه رڳو تحريڪ خلافت سان گڏ وجود ۾ آئي بلڪه ان جي
سنڀال ۽ سرپرستي جو ذمو به ان ئي تحريڪ جي فرائض ۾
شامل رهيو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هن قومي اخبار
کي هلائڻ واري به خلافت تحريڪ هئي جنهن جو روح
روان وري مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. اخبار جي
ڪمزور مالي حالت جو رودن روئيندي، شيخ صاحب مرحوم
هڪ ادارئي ۾ لکيو ته کيس اميد هئي ته هڪڙي ڏينهن
جي سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي خدمت جو جذبو ضرور
جاڳندو ۽ هو ”الوحيد“ جي خدمتن لاءِ ڪا عملي مدد
ضرور ڪندا.“ وڌيڪ چيائين:
”اڄ به اسان جي ڪاميٽي
(1)
اخبار
(2)
جي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ته انهن کي جيڪر اڄ ئي
خبر پئجي وڃي ته الوحيدکي کانسواءِ مسلم قوم جي
سنڌ ۾ ڪهڙي عزت وڃي بچندي. سنڌ ۾ هندو فقط 57 في
صدي آهن پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ۾ چئني روزاني
اخبارن ۽ انگريزي ۾ ٻن روزاني اخبارن تي انهن جو
پورو قبضو آهي. ڊيل گزيٽ اخبار تي به گهڻي قدر
انهن جو قبضو آهي انهن جون هفتيوار اخبارون ٽيهارو
کن ٿي وينديون هي ته فقط سنڌي ٻولي ۾ پر انگريزي ۾
باقاعده جاري آهن. پر مسلم قوم جنهن جي سنڌ ۾
آدمشماري 73 في صدي آهي ان جي روزانه اخبار فقط
الوحيد ۽ سا به فقط سنڌي ۾ ۽ ان جي حالت اها آهي
جو نه پنهنجي ايڊيٽرن کي مهينن جا مهينا پگهار
ڏيئي سگهي ٿي نه سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب کي
مسواڙ ڏيئي سگهي ٿي جنهن جي ڏيڻ جو وعده هلندڙ سال
جي جنوري مهيني کان وٺي مون ڪيو هو ۽ نه پنهنجا
صفحا وڌائي سگهي ٿي......“
(3)
ان زماني ۾، ”الوحيد“ ۽ ”خلافت“جا لفظ، ايترو ته تڪرار سان
ساڳين مقصدن ۽ مفهومن لاءِ استعمال ٿيندا هئا جا
عام ذهن ۾ اهي نالا هڪٻئي جا نعم البدل ۽ هم معنيٰ
تصور ڪيا وڃڻ لڳا. الوحيد ۽ خلافت جي حمايتن کي
وري ”الوحيدي“ ۽ ”خلافتي“ ٽولو ڪري ڪوٺيو وڃڻ لڳو.
ترڪن پاڻ خلافت جو بار ڦٽو ڪيو، تنهن کانپوءِ به
خلافت جو جذبو سنڌ ۾ برقرار رهيو ۽ 4 نومبر 1926ع
تي الوحيد جو لکيل، اسان کي هڪ اهڙو اداريو ملي ٿو
جنهن ۾ خلافت ڪميشن ٺاهڻ لاءِ رغبت پيدا ڪرڻ لاءِ،
سنڌ جي مسلمانن کي ٻڌايو ويو ته ڪنهن به شهر يا
ڳوٺ ۾ ٺاهيل خلافت ڪاميٽيءَ جي جز ڏيڻ تي کين
الوحيد اخبار مفت ڏني ويندي. اهو ان دور ۾ هڪ وڏو
انعام ۽ اڪرام هو.
خلافت تحريڪ جي اها لهر، سنڌ ۾ اندر جو سياسي شعور پيدا ڪري رهي
هئي، ان جو نوٽس ان وقت جي سنڌي اخبارن ورتو هو.
ان زماني جي اخبارن ۾ ڇپيل خبرن مان معلوم ٿئي ٿو
ته دور دراز علائقن ۾ جيڪي خطن ذريعي، پبلڪ
شڪايتون ۽ ڪامورن جي ڪڌن ڪمن بابت احوال ”الوحيد“
اخبار کي بنان ناغي ۽ هٻڪ جي لکي پيا موڪليندا
هئا. اهڙي طرح سان عام ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن
تان پردو به پيو کڄندو هو ۽ واسطيدار آفيسرن جي
زيادتين، ظلمن ۽ مذهبي فرائض ۾ غلفت ۽ بي پرواهي
کي بي نقاب ڪيو ويندو هو. جنهن ڪري ڪامورا شاهي جي
ڪجهه نه ڪجهه دل شڪني به ٿيندي هئي ۽ عوامي مسئلا
به زير غور ايندا رهندا هئا. ان دور ۾، جتي
غيرملڪي حڪومت جي سرڪاري ڪامورن جو دماغ طاقت ۽
اختيار جي نشي ۾ پر هوندو هو، اهو ڪو ٿورو فائدو
ڪونه هو. ”الوحيد“ ۽ خلافت ڪاميٽي طرفان هندن کي
به کتا جواب ملندا رهندا هئا ۽ هندو اخبارن جي به
پت وائکي ٿيندي هئي. ”الوحيد“ 17 جولاءِ 1959ع تي
پنهنجي ايڊيٽوريل جي عنوان طنز طور ”الوحيدي ۽
خلافتي مسلمانن کي جيل ۾ وجهو“ رکيو هو. ادارئي جي
ابتدا هنن جملن سان ٿيل آهي.
”اسان جا هندو دوست گهڻي وقت کان يڪ آواز ٿي پڪاري رهيا هئا ته
اهي الوحيدي ۽ اهي خلافتي زمين جي سطح تي نه ڇڏڻ
گهرجن ۽ هڪدم جيل اماڻايا وڃن. انهن صاحبن کي هاڻي
خوشي ٿيندي سندن سرڪار سندن آواز کي اونايو آهي ۽
الوحيدين ۽ خلافتين کي باندي ڪرڻ جي پٺيان پئي
آهي.....“
سنڌي پريس جي ذريعي سان اسان کي اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت
آل انڊيا ليول تي ٿيندڙ ڪارگذارين ۽ ڪارنامن ۾
نمايان حصو خلافت تحريڪ وارن اڳواڻن جو هو. اسان
ڏسون ٿا ته ان مٿاهين منزل تي، مسلمانن جي مختلف
جماعتن درميان توڙي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جيڪي
به مصالحانه ڪوششون ٿيون سي گهڻي ڀاڱي خلافت ۽ ان
جي ليڊرن جي اخلاص ۽ اعليٰ اڳواڻي جو نتيجو هيون.
ان دور جي چوٽيءَ جي اڳواڻن جهڙوڪ: مولانا
ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي
۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي
(1)
جو طره امتياز اهو ته هو مسلمانن جا صحيح هڏڏوکي ۽
آزادي جي راهه عملي طرح هموار ڪرڻ جي سلسلي ۾ هندن
۽ مسلمانن درميان ٺاهه ۽ اتحاد ڪرائڻ ۾ سڀني کان
آڳرا هئا. هنن اڳواڻن جون خصوصاً شيخ صاحب مرحوم
جون اهي ڪوششون ۽ ذهانت قابل داد آهن جن کي بروئي
ڪار آڻيندي، هن 1932ع دوران پهريائين مسلمانن جي
مختلف جماعتن درميان لکنو ڪانفرنس ۾ بعد ۾ الهه
آباد ۾ هندو مسلمانن جي وچ ۾ مصالحت ڪرائيندي
ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. الوحيد (2 نومبر 1932ع)
پنهنجي ادارئي جي نعم البدل طور مرحوم مولانا شوڪت
علي جا اها سمجهاڻي شايع ڪئي جا هن لکنو ۾ حاصل
ڪيل مسلم اتحاد متعلق ڏني هئي. مولانا مرحوم
فرمايو:
”لکنو ۾ اسان جو معاملو نهايت عمدگي سان طئي ٿي ويو آهي. شڪر
آهي جو اسان جي نيڪ نيتي جو هي نيڪ نتيجو نڪتو آهي
جو سڀ مسلمان هڪ ٿي ويا آهن. اڄ هر طرف کان
مبارڪباد جون تارون اچي رهيون آهن. جن ماڻهن
پهريان لکنو ڪانفرنس بابت شڪ شبها به ظاهر ڪيا ٿي
سي هاڻي الهه آباد ڪانفرنس بابت به ظاهر ڪري رهيا
آهن. مگر اسان کي پنهنجي سچي ارادي ۽ نيڪ نيت تي
ڀروسو آهي ۽ سڀ ڪنهن جو استاد آهي ۽ سڀ ڪجهه
سيکاري ٿو. ملڪ اتحاد لاءِ بلڪل بي تاب ۽ بي آرام
آهي.... الهه آباد ڪانفرنس ناڪامياب به کڻي ٿي ته
به اسان ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ نيڪ ڪم لاءِ قدم کڻي
چڪنداسين. ان سان گڏ اسان لاءِ هي ٿورو فائدو آهي
ته لکنو ۾ هڪ ٿي ويا آهيون؟ جنهن ڪري آئينده
مسلمانن جو تعميري ڪم نهايت سولائي سان ڪري
سگهنداسين..... اسان کي صلح لاءِ ملڪ جي موجوده
ناموافق حالتن مجبور ڪيو آهي. هر هڪ هندو مسلمان
گهري ٿو ته ملڪ مان فساد ۽ اختلاف دور ٿي وڃي ....
اهڙين حالتن ۾ اسان کي فڪر لڳل آهي ته پاڻ ۾ ٺاهه
ٿي وڃي ته مڙس جيل جي مصبيتن کان آزاد ٿين ۽ پاڻ ۾
صلح کان پوءِ انگريز به اسان جي طاقت کي سمجهي
ويندا. هي جو ملڪ ۾ ڪٿي بم اڇلايا وڃن ٿا ۽ ڪٿي
گولي هلائي وڃي ٿي. ڪٿي ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪيو
وڃي ٿو، اهي سڀ حالتون ٺاه کانپوءِ خود بخود ختم
ٿي وينديون. صلح ئي ملڪ جي هر هڪ مصبيت جو علاج
آهي. اسان جو خواه غريب نواز جي آستاني تي الله
تعاليٰ جي قيوم کان ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيڻ لاءِ
دعا گهري هئي، ان جي قبول پوڻ جا آثار نظر اچي
رهيا آهن.......
خواجه غريب نواز مان اشارو، آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ڏانهن آهي
جا ٿورا اڳ، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي جي زير
صدارت اجمير شريف ۾ منعقد ٿي هئي. ان موقعي تي،
شيخ صاحب چيو هو:
”هندستان جي گهڻن ڏاکڙن ۽ تڪليفن جو بنيادي ڪارڻ ذات پات آهي
جنهن جو اثر اڪثريت واري جماعت جي ذهنيت تي ويٺل
آهي ۽ انهي ڪري اڪثريت واري جماعت انصاف ۽
ڀائيچاري جا احساس وساري ڇڏيا آهن. اها قوم،
قوميت، برادري ۽ جمهوريت جي سڀني اعليٰ مقاصد کي
جن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ قائم ڪرڻ لاءِ موجوده دنيا
ڪوشش ڪري رهي آهي، تن جي انحرافي ڪري ٿي.......“
”گڏيل چونڊن جو ذڪر ڪندي، شيخ صاحب وضاحت ڪئي:
”جيتوڻيڪ اچي ذات پات جي ڇوت ڇات واري بيماري ۽ اقتصادي روڳ
لاءِ فرقيوارانه چنڊون ڪافي علاج ڪونه ٿيون آهن،
پر ان ذليل حرڪت ۽ ظلم جو صحيح علاج هي آهي ته ذات
پات جو فرق قطعاً ملڪ مان ڪڍيو وڃي ۽ اڳوڻا زراعتي
قرض جي 900 ڪروڙ جي حد کي پهچي چڪا آهن تن کي بلڪل
رد ڪيو وڃي...... جيستائين ذات پات کي سموري طرح
قانوناً ناجائز نه سمجهيو ويندو تيستائين سڄي ملڪ
کي هندو جاتي کي ذات پات جي نفاق کان بچائڻ جا
آثار نظر نه ٿا اچن بلڪه گڏيل چونڊون به بچائي نه
ٿيون سگهن ڇو جو گذريل ويهن سالن جو تجربو شاهد
آهي ته اهي چونڊون به ذات پات جي طريقي تي هلنديون
رهيون آهن. جيتوڻيڪ اڇوتن لاءِ مسلمانن پنهنجن
چوڏهن ڳالهين کي نقصان ۾ وڌو تنهن هوندي به
مسلمانن کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن مهاتما گانڌي جي جان
بچائڻ لاءِ هندو جاتي جون ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ڪو
دوستانه فيصلو ڪري وجهن. مگر جنهن حالت ۾ ساري ملڪ
اندر اسڪول جدا، هاسٽلون جدا، کوهه جدا، مساڻ جدا،
مندر جدا ۽ زبانون جدا آهن ته پوءِ جدا چونڊن جي
گهر ڪرڻ هرگز تعصب جهڙي ڳالهه نه آهي........
مارچ 1927ع ۾ گڏيل چونڊن کي قبول ڪرڻ جي آڇ مسلمانن ڪئي هئي ۽
هن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش پڻ ڪئي پر پوءِ ڏهن ڇڏي
ڏنائون جڏهن نهرو رپورٽ نه فقط اقليت وارن صوبن ۾
مسلمانن جي اثر کي بلڪل وڃائڻ گهريو بلڪه مسلمانن
جي اڪثريت وارن صوبن ۾ به کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ
جو ارادو ڏيکاريو ۽ تنهن ڪري خلافت پارٽي آل انڊيا
مسلم ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور ٿي..........“
(1)
لکنو ۾ مسلمانن جماعتن درميان ٺاهه ٿيو. ان کي عنوان هيٺ،
ادارئي ۾ راءِ زني ڪندي، روزانه ”الوحيد“ (19
آڪٽوبر 1932) واري اشاعت ۾ جوڳو نوٽس ورتو:
”هندستان جي مسلمانن ۾ جيڪو اختلاف ۽ تفرقه بازي پورن ڇهن سالن
کان هلندي آئي آهي، آخر ان جو لکنو مسلم ڪانگريس
۾، الحمدالله خاتمو ٿيو. تفصيلوار ٺاهه جو مسودو
جيڪو تارن جي ذريعي اسان تائين پهتو آهي، ان مان
صاف ظاهر ٿيو ته ٺاهه اهڙي پڪي بنياد تي قائم ٿيل
ڏسجي ٿو جنهن ڪري مسلمانن کي ڪنهن به خطري يا
نقصان جو ڪو انديشو ڪونه آهي. لکنو مان جيڪا مفصل
تار آئي آهي، تنهن ۾ صاف ڏيکاريل آهي ته مسلم
ڪانفرنس دهلي جي 14 شرطن مان 13 ته ساڳيا بحال
رکيا ويا آهن باقي فقط هڪ شرط يعني گڏيل چونڊن جي
سوال کي مهمل ڇڏيو ويو آهي.... هڪ سمجهدار ماڻهو
جنهن کي اسلامي هند جي سياسيات سان ٿوري به دلچسپي
هوندي، جو ماڻهو مسلمانن جي سياسي وطني سوال کي
پوري غور سان مطالعو ڪندو ايندو هوندو سو لکنو
ڪانفرنس جي نتيجي کي هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ
وڏي نعمت سمجهندو ڇاڪاڻ ته
(1)
ورهن کان وٺي جو مسلمانن ۾ سندن مطالبن تي هڪ
خوفناڪ اختلاف هلندو آيو ٿي، پهرين ته اهو دفع ٿي
ويو ۽ انهي ئي اختلاف جو ڪارڻ هو جو مسلمانن سان
نه ڪانگريس ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار هئي ۽ نه وري
وزيراعظم جي اعلان ۾ سندن مطالبن تي توجهه ڪيو
ويو.... هن اتحاد آڻڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مبارڪ جا
حقدار آهن خلافت جا ڪم ڪندڙ جن ۾ مولانا شوڪت علي
۽ سردار حاجي سليمان قاسم مٺا ازري مئجسٽريٽ
بمبئي- جناب حاجي شيخ عبدالمجيد زياده مستحق
آهي......
ٻئي طرف، ائين به هو ته ڪن سنڌي اخبارن ”خلافتين“ جي خوب خبر ٿي
ورتي ۽ خاص ڪري هفتيوار ”مسلمان“ اخبار خلافت
تحريڪ جي هلائيندڙن جي ڪارگذارين جي وڏي نڪته چيني
هئي. هن اخبار جو، ان سلسلي ۾، هڪ نهايت تنقيدي
مضمون پڙهڻ جي قابل آهي جنهن ۾ نڪته چيني ته آهي
پر ساڳئي وقت پنهنجائپ ۽ دلچسپيءَ وارو پهلو به
نمايان آهي. ان مقالي پڙهڻ سان اهو به معلوم ٿئي
ٿو ته ملسم پريس هروڀرو جذباتيت ۾ اچي يا هندن جي
مخالفت جي عذر تي، رڳو ان ڪري ڪنهن تحريڪ جي حمايت
ڪرڻ لاءِ آمده نه هئي ڇاڪاڻ ته اها مسلمانن جي هئي
اها حقيقت مسلم پريس جي آزادي ۽ بي ريائيءَ ثابت
ڪري ٿي ۽ هندن جي اخبار تي تنقيد تعميري بڻائي ٿي.
”مسلمان“ 29 اپريل 1929ع واري اشاعت ۾، سندس ”راز
و نياز“ ڪالم حاضر آهي:
”خالي آفت ڪاميٽي، ملامت
يا خلافت ڪاميٽي:
”ٿورن سالن جي ڳالهه آهي ته عالم اسلام جي مصيبتن ۽ اخوت اسلامي
جي طفيل خلافت ڪاميٽي قائم ٿي جنهن جو سنگ بنياد
ڪامل مذهبي روايتن تي رکيو ويو. مسلمانن ان جي
خزاني کي زر ۽ جواهر سان ڀري ڇڏيو. ان جون شاخون
هندستان جي هر شهر ۾ قائم ٿيون ۽ مسلمانن ۾ زندگي
۽ بيداريءَ جو هڪ سامان پيدا ٿي ويو.
”اول اول ته خلافت ڪاميٽي صرف بين الاقوامي اسلامي معاملات ۾
دخيل نظر آئي. ان کانپوءِ حڪومت جي دخل اندازي ۽
دٻاءَ کان متاثر ٿي هوءَ سياسيات ۾ دخل ڏيڻ لڳي.
هن حد تائين ته هن کي نقصان ڪونه پهتو. ليڪن
پنهنجي حيات جي آخري ايام ۾ ان جا اڪثر ڪارڪن اخوت
اسلام ۽ سياسيات سان گڏ دنيا جي اڪثر ڪمن ۾ هٿ
وجهڻ لڳا. تعليم تي قبضو ڪري هزارن مسلمانن جون
عمريون هنن تباهه ڪيون. ميونسپل معاملات ۾ ايتري
قدر دلچسپي ورتائون ته خلافت ڪاميٽيءَ ميمبري جو
پروانو جاري ڪندي هئي، پنهنجي مرضي موجب ميمبر
بڻائيندا هئا ۽ ان جي صله ۾ خوب روپيه ڪمايا ويا.
قابل ۽ ناقابل جو سوال اٿاريو ويو. صرف خيالات ۽
ايمان باللسان ڪافي سمجهيو ويو.
”خلافت ڪميٽي مسلمانن جي اها جماعت هئي جا اعلائـﻶ ڪلمته الحق ۽
خدمت اسلام ۾ پيش پيش هئي مگر افسوس ته مسلمانن جي
هي قابل قدر جماعت مسلمانن جي بدنصيبي جي طفيل،
چوري، تغلب، بدديانتي ۽ فرقه پرستي جي لعنت ۾
مبتلا ٿي وئي. هن جي ڪم ڪندڙن ۾ سي -آءِ- ڊي جا
نمائندا به موجود هئا. ان جي نمائندن ۾ قوم فروش
به هئا ۽ هن قوم جي مور ۽ وياج کائڻ وارا يهود به
هئا.
”خلافت ڪميٽي جي ڪارڪنن هر حيثيت کان مسلمانن جي هن نمائنده
جماعت جي اعتقاد کي نقصان پهچايو ۽ اڄ ان جا اهي
ڪارڪن جي آسمان ۽ زمين جا قلاباز ملائيندا هئا، هر
ڳالهه تي سينٽرل جيل جي ديوارين اندر ٽپ ڏيڻ لاءِ
تيار نظر اچن ٿا.
”اڪثر بزرگن جو خيال آهي ته اسين خلافت ڪميٽي جا دشمن آهيون مگر
هيءَ ڳالهه سراسر غلط آهي نه اسين خلافت ڪاميٽي جي
دلي خيرخواه آهيون ۽ فقط انهن ڪم ڪندڙن جي خلاف
آهيون جن جي بداعمالين جي طفيل مسلمانن جي ايڏي
عظيم الشان طاقت نيست نابود ٿي ويئي.“
مٿي ڏنل احوال مان، بخوبي معلوم ٿئي ٿو ته خلاف تحريڪ دوران
سنڌي پريس نهايت مفيد ۽ تعميري رول ادا ڪيو ۽
ماڻهن خصوصاً مسلمانن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪندي کين
هڪ مقصد ڏنو ۽ هڪ سمت ڏني. مسلمانن اهو جذبو ساهه
سان سانڍيو ۽ سماجي ۽ سياسي تربيت حاصل ڪندي،
ايندڙ مسئلن جي مقابلي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو.
|