سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 12

صفحو : 17

 

ء: سنڌي زبان

ٻي ڳالهه جنهن هن صوبي جي ماڻهن ذهني طرح پاڻ کي مجروح پئي محسوس ڪيو سا آهي زبان، جنهن کي عام احساس ۽ جذبن مطابق، سنڌي پريس خوب پئي کنيو آهي. ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته جن علائقن ۾ پاڪستان ٺهيو هو، اتي بينگالي ۽ سنڌي ئي اهڙيون ٻه زبانون هيون جيڪي نه رڳو ترقي يافته، قديم ۽ ادبي خزاني سان مالامال هيون پر مضبوط ۽ منظم پريس جون مالڪ هيون. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته پاڪستان جون اصلوڪيون ترقي يافته بينگالي ۽ سنڌي زبانون هيون جيتوڻيڪ پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻوليون به پنهنجي جاءِ تي هيون ليڪن اهي ڳالهائڻ ۾ ڪتب ٿي آيون ۽ تعليمي ۽ تربيتي ذريعن لاءِ استعمال نه ٿينديون هيون. (1) انهن کان علاوه، هندستان کان لڏي آيل ڀائرن سان گڏ ٽين زبان اردو آئي جيڪا پڻ ترقي يافته هئي. شايد بينگالي ۽ سنڌي زبانن جو ترقي يافته هجڻ ئي اڳتي هلي سندن راه ۾ روڙا ۽ رنڊڪون ثابت ٿيو ۽ اکين ۾ اچي ويو. اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ثقافت ۽ تهذيب جو ٻوليءَ جي قدامت ۽ شاهوڪاريءَ سان گهرو تعلق رهيو آهي. اهو سبب آهي جو پاڪستان ۾، زبانن جي زور تي، بينگال ۽ سنڌ ئي ٻه اهڙا صوبا هئا جن ثقافت ۽ تهذيب جي معاملي ۾ سختيءَ سان assert پيش ڪيو. وري اتفاق اهڙو ٿيو جو گهڻي ۾ گهڻا اردو ڳالهائيندڙ انهن ٻن علائقن ۾ منتقل ٿي آيا. سنڌ ۾ اها صورتحال اڃا به وڌيڪ سنگين ان ڪري بڻجي پئي آهي جو آدمشماري جي في سيڪڙو جي لحاظ کان گهڻي ۾ گهڻا اردو ڳالهائيندڙ هتي آيا ۽ انهن مان به وڏو اٽالو سنڌ جي صوبائي گادي يعني ڪراچيءَ ۾ اچي وارد ٿيو. ستت ئي ڪراچيءَ جو سنڌ کان ڇنڻ وارو واقعو، نون آيل ڀائرن جي وجود جي ڌاڪي ڄمائڻ لاءِ وڏو واقعو ثابت ٿيو هو. بينگال سان جيڪو وهيو واپريو، سو سڀني کي معلوم آهي. ان جو ورجاءُ هن مضمون جي مقصد کان ٻاهر آهي.

 

هتي مختصراً انهن واقعن جو ذڪر مقصود آهي جن سنڌي زبان کي نه رڳو سندس حيثيت مطابق درجو نه ڏنو پر هيسائي هيٺائون ڪري بيهارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.

 

53- 1954ع دوران، جڏهن مشرقي پاڪستان جي باشندن پنهنجي زبان کي قومي ليول وٺي ڏيڻ ذري گهٽ مڃرائي وڌي، تڏهن مغربي پاڪستان جي اردو اخبارن اردو زبان کي، اولهه وارن سڀني صوبن پاران مڃيل قرار ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي حالانڪه سنڌ ۾ صورتحال مختلف هئي ۽ هن صوبي جا رهاڪو سنڌي زبان کي به قومي ليول تي آڻڻ جا مطالبا ڪري رهيا هئا. ان مهم ۾ روزانه ”الوحيد“ پيش پيش هئي، جنهن تي، 24 اپريل 1945ع تي، حملو ڪيو ويو. ان کان علاوه اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي ته سنڌ وارن جو متحد مطالبو اهو آهي ته اردو کي قومي ليول تي قبوليو وڃي. اردو پريس جي ان نامناسب روش جو نوٽيس سڄي سنڌي پريس ورتو ”الوحيد“ پڻ 25 اپريل 1954ع واري اشاعت ۾، ادارتي طرح ان حالت تي راءِ زني ڪندي حڪومت وقت کي حقيقت پسند ٿيڻ جو مشورو ڏنو. الوحيد جو اهو اداريو پڙهڻ جهڙو آهي:

 

”هن وقت ملڪ ۾ خاص ڪري ڪراچي جي شهر ۾ جتي اردو جي حامين جي اڪثريت  آهي، اردو جي حامين ۽ سندن اخبارن طرفان نه فقط اشتعال انگيزيءَ ۽ غنڊه گردي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي پر ساڳئي وقت انهن طرفان حقيقتن کي لڪائڻ ۽ ان جي بدران ڪوڙي ۽ بلڪل غلط معلومات پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي اڳيان پيش ڪرڻ جي جنهن شرمناڪ نموني ڪوشش ڪئي پئي وڃي تنهن دنيا ۾ اشتعال انگيزي، ڪوڙ، مڪر، فريب، غنڊه گردي ۽ ڍونگ جو رڪارد ٽوڙي ڇڏيو آهي. انهن طرفان اها سموري ڪوشش محض ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت تائين اها ڳالهه پهچڻ نه ڏين ته پاڪستان جي سرڪاري زبان جو شرف اردو ۽ فقط اردو (جا ڀارت جي ڪن صوبن جي ٻولي آهي کي ڏيڻ جي مخالفت بنگالين کانسواءِ ٻين به ڪن پاڪستانين طرفان ٿي رهي آهي جن ۾ سنڌي ماڻهو به شامل آهن. هو نه فقط ان حقيقت کي ڇپائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا  آهن بلڪ ان جي برعڪس هو اخبارن ۾ ڪيتريون اهڙيون بلڪل غلط ۽ ڪوڙيون خبرون گهڙي شايع ڪري رهيا آهن جن جي پڙهڻ سان اها غلط فهمي پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ جا ماڻهو سؤ سيڪڙو ان مطالبي جي حمايت ڪن ٿا ته پاڪستان جي سرڪاري زبان جو شرف اردو ۽ فقط اردو کي ڏنو وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌ اسميبليءَ جي هڪ ميمبر حافظ مبارڪ علي شاهه جنهن کي حيدرآباد جي مهاجرن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجو نمائيندو چونڊي موڪليو آهي تنهن جو ڪلهوڪي مهاجر اخبارن ۾ شايع ٿيل ان بيان سڀ کان اول غور طلب آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”سنڌ جو هر باشندو محض اردو جو حامي آهي“ اسان پڇون ٿا ته سنڌ جي ماڻهن پاران ڳالهائيندڙ هيءَ هستي ڪهڙي؟ ڇا حافظ صاحب جي دماغ ۾ ڪٿي اهو جنون نه ويهي رهيو آهي ته سنڌ جا مهاجر جيڪو آواز بلند ڪن سو سموري سنڌ ۽ ان جي هر باشندي جو آهي. جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ هو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي ۽ کيس پوري طرح معلوم آهي ته هڪ هڪ سنڌي، اردو سان گڏ ٻين به پاڪستان جي صوبائي ٻولين کي اهو ساڳيو شرف ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي جو ڀارت مان آيل مهاجرن جي مادري ٻولي کي ڏنو وڃي.

 

ٻئي طرف اڄ وري ڪراچي مان شايع ٿيندڙ مهاجر اخبارن پهرئين صفحي تي بلڪل وڏين سرخين سان اهي خبرون شايع ڪيون آهن ته ”حيدرآباد جي مهاجرن ۽ سنڌين متفق طور تي محض اردو کي سرڪاري زبان بڻائڻ جو مطالبو ڪندي ڪلهه شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪئي ۽ مظاهرا ڪيا.“ حيدرآباد جي شهرين جو قدرتاً، سنڌ جي ان قومي سوال تي اهو ساڳيو رويو هوندو ۽ آهي جو سنڌ جي ٻين حصن جي باشندن جو آهي. اسان سمجهون ٿا ته ان ڪوڙ کي ظاهر ڪرڻ جو ان کان بهتر ٻيو ڪوبه طريقو نه آهي ته اسان حيدرآباد سنڌ جي مشهور سنڌي اخبار ”ڪاروان“ جو مسئلي زبان متعلق لکيل ايڊيٽوريل نوٽ پنهنجي قارئين ڪرام اڳيان پيش ڪريون.

 

(اهو نوٽ اڄوڪي الوحيد ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ مڪمل طور تي شايع ٿيل آهي)

 

ان کانپوءِ اسان ڪراچي جي انهن مهاجرن ۽ سندن اخبارن جي هڪ ٻئي چالاڪي ڏانهن سنڌي عوام جو توجهه ڇڪايون ٿا. سنڌي کي به سرڪاري زبان جي درجي ڏيڻ توڙي ڪراچيءَ کي وري سنڌ سان ملائڻ جي مطالبي بابت ڪراچي جي سنڌي جماعتن طرفان وقت بوقت بحال ڪيل ٺهراءُ ۽ انهن جي جلسن جون ڪارروايون توڙي انهن جي ليڊرن جا بيان ڪيتري وقت کان، وقت بوقت انهن اخبارن ڏانهن موڪليا پئي ويا آهن پر اڄ ڏينهن تائين هڪ دفعو به انهن اخبارن اهڙي ڪنهن به ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ کان لهرائڻ جي پئي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهو ڏيکارجي ته ڪراچي جو هڪ هڪ باشندو ڪراچي کي سنڌ سان ملائڻ ۽ سنڌ کي سرڪاري زبان بڻائڻ جو مخالف آهي. ائين هرگز نه آهي ته انهن اخبارن کي اها خبر ئي ڪانهي ته سنڌ جي عوام ۽ ڪراچي جي غير مهاجر عوام جو رجحان ڪهڙي طرف آهي. هو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ۽ سوچي سمجهي تجاهل عارفانه کان ڪم وٺي رهيا آهن. هڪ طرف انهن جون ڪوششون ته ٻئي طرف سندن طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪيل غنڊه گردي کي پرامن هڙتال سڏڻ، ڪراچيءَ جي شاگردن کي زوري امتحان هال مان اٿارڻ يا مهاجر پروفيسرن ۽ پرنسپالن طرفان انهن کي طويل انتظار بعد به پيپر ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ پوءِ اخبارن طرفان اهي خبرون هلائڻ ته هڙتال ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شاگردن امتحانن ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙيون سموريون حرڪتون اسان کي سنڌ سرڪار کان اها مطالبو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ واسطي ڪافي آهن ته اهڙين سمورين اخبارن جي سنڌ ۾ داخلا تي فورن بندش وڌي وڃي جي اردو کي سرڪري زبان بڻائڻ جي مطالبي مڃائڻ واسطي اشتعال ڏيارڻ، فتنه کڙا ڪرڻ ۽ غنڊه گردي کي همٿائڻ ۽ اهڙي طرح ملڪ جي مفاد کي ڇيهي رسائڻ ۾ ڪوبه شرم محسوس نه ٿيون ڪن. اسان جي سڌ جي عوام کي به پرزور اپيل آهي ته هو انهن فتنه خيز ۽ سنڌي دشمن اخبارن جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪن ۽ سنڌ سرڪار کان پرزور مطالبو ڪن ته سنڌ ۾ انهن جي داخلا تي فوراً بندش عائد ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ کي فتني ۽ فساد جي باهه ۾ وڪوڙڻ لاءِ هنن طرفان جيڪا ناجائز ڪوشش ٿي رهي آهي سا ڪامياب نه ٿي سگهي. ساڳئي وقت اسان جو پاڪستان سرڪار کي به زوردار مشورو آهي ته اها مهاجرن جي مظاهرن ۽ اشتعال انگيزيءَ کان هيسجي تدبر ۽ دورانديشي جو دامن نه ڇڏي ۽ هنن بي لغام اخبارن کي فوراً ٻنجو ڏئي.“

 

سنڌي زبان ۾ ايڏي وڏي پريس هئي جنهن ۾ 5 روزانه اخبارون ۽ متعدد هفتيوار هيون. ان پريس مقامي مسئلن ۽ قومي ۽ بين الاقوامي معاملن ۽ عنوانن تي لکيو ٿي ۽ پنهنجو نقطئه نظر ظاهر ٿي ڪيو مگر نئين مرڪزي حڪومت ان جي مدعا ۽ مطالبن کي صحيح معنيٰ ۾ ڄاڻڻ جي ضرورت ئي نه ٿي محسوس ڪئي جيتوڻيڪ عام طرح سڄي قومي پريس سان انصاف ڀريو برتاءُ نه پئي ٿيو. پر سنڌي نقطئه نظر، دانهن ۽ شڪايتن ڄاڻن جي ضرورت انڪري هئي جو اٿندي ئي ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح ناراضگي ۽ مايوسي پيدا ڪئي وئي. اخبارن ان تي خوب ڇوه ڇنڊيا ۽ مرڪز کي ڄڻ ته ان مخالفت جي پرواه ئي ڪانه هئي. ون يونٽ زوري مڙهيو ويو، سنڌي پريس سخت مخالفت ڪئي پر ان جو ڪو نوٽيس نه ورتو ويو. مرڪزي حڪومت جي ان ”تجاهل عارفانه“ ۽ بي توجهي جي ڪري ئي، روزانه ”مهراڻ، چئن قسطن ۾ (30 ڊسمبر 1956ع کان 2 جنوري 1957ع تائين) هڪ اهم اداريو لکيو هو جنهن ۾ حڪومت جي ان روش جي خوب خبر ورتي هئائين. سنڌي پريس بابت حڪومت جي ”بي حسي“ تي نڪته چيني ڪندي لکيائين ته:

 

”مثلاً سنڌي زبان جنهن کي پنجاهه لکن کان وڌيڪ پاڪستاني ڳالهائين ٿا تنهن ۾ تمام نڪرندڙ اخبارات جي ترجمي لاءِ مرڪزي انفرميشن کاتي ۾ فقط هڪ ٽرانسليٽر آهي.(1)

”ڇا اها اسان جي حڪومت، حڪومت جي انفرميشن کاتي جي سنڌي پريس ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ عوام سان ناانصافي ناهي؟

”فقط هڪ ٽرانسليٽر ڪهڙي طرح تمام سنڌي اخبارن جا ترجما ڪري سگهي ٿو ۽ مرڪزي حڪومت ڪهڙي ريت سنڌي اخبارات ۽ سنڌي عوام جي خيالات رجحانات ۽ راين کان پوري طرح واقف ٿي سگهي ٿي. ”اهڙي طرح جيڪي ڪارآمد مشورا ۽ مفيد رايا سنڌي پريس طرفان پيش ٿين ٿا تن کان ڪهڙي طرح حڪومت فائدو حاصل ڪري سگهي؟...............“

 

سنڌي زبان جي خلاف پهريون هاڃيڪار قدم، مرڪزي حڪومت طرفان، ان وقت جي صدر ايوب خان، جي حڪومت ۾، 1961ع ۾ تعليمي ڪميشن پاران رپورٽ جي شڪل ۾ کنيو ويو جنهن تحت انگريز سرڪار جي دور ۾ صوبائي سرڪاري ٻوليءَ ۽ ڪاليج تائين ذريع تعليم واري زبان سنڌيءَ کي ڇهين ڪلاس جي پڙهائي واري ليول تي گهٽي ۽ گهائي آندو ويو. ان فيصلي خلاف سڄي سنڌ اٿلي پئي- استاد، شاگرد، اديب، عالم ۽ شاعر مڙوئي نڪري ميدان تي آيا ۽ حڪومت جي ان روش کي سخت ننديو ويو. هميشه وانگر، سنڌي پريس، ان موقعي تي پڻ، هڪ قسم جي مهم هلائي ۽ عوام کي هن خطرناڪ پاليسيءَ جي نتيجن کان آگاهه ڪيو. اختصار خاطر، اسان هتي فقط روزانه ”مهراڻ“ 31 آڪٽوبر 1962ع جو هڪ اداريو ڏيون ٿا جيڪو صحافتي جرئت ۽ حقائق پيش ڪرڻ جي سچائي جو مظهر آهي.

 

”سنڌ جا باشندا پاڪستان جا وفادار شهري آهن. کين پاڪستان ۾ زنده رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو اهڙو ئي حق  آهي جهڙوڪ ٻين شهرين کي. جيڪڏهن سندن زبان کي ههڙيءَ طرح فنا ڪيو ويو ته پوءِ آخر سنڌ جا باشندا ڪهڙي ريت زنده رهي ۽ ترقي ڪري سگهندا سنڌ جي علائقائي حدن کي اڳ ۾ ئي ختم ڪيو ويو آهي، سنڌ جي سياسي قوت کي الڳ ۾ ئي پائمال ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي اقتصادي تباهي جا سامان اڳ ۾ ئي مهيا ڪيا ويا آهن. هينئر جيڪڏهن سنڌي زبان کي به ختم ڪيو ويو ته ان مان مطلب اهو ئي ڪڍيو ويندو ته سنڌ جي زندگي جي آخري سهاري کي به ختم ڪيو ٿو وڃي.

 

”اسان حڪومت جي ڪارپردازن کان پڇون ٿا ته آخر اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو هڪ علائقي کي ڪمزور سمجهي ان کي پيڙهيو ۽ نپوڙيو وڃي؟ آخر سنڌ اوهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ ڇا سنڌ پهريون صوبو نه هو جنهن پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو؟ ڇا سنڌ اهو علائقو نه آهي، جنهن هڪ سال تائين مرڪزي حڪومت جا اخراجات برداشت ڪيا؟ ڇا سنڌ اهو علائقو نه آهي جنهن مهاجرن کي ڇهن مهينن تائين پنهنجن گهرن ۾ رهايو؟ ڇا اهڙي حالت ۾ اهو مناسب آهي ته سنڌ جي احسانن کي وساريو وڃي ۽ هٿان سنڌ سان ِڪيس ڪيا وڃن؟

 

”........اسان پاڪستان جي حاڪمن کي چئلينج ٿا ڪريون ته جيڪڏهن کين سنڌ جون تقاضائون غلط ۽ نامناسب ٿيون نظر اچن ته هو انهن جو حجت ۽ دليل سان جواب ڏين. اسان به سنڌ جي تقاضائن کي حجتن ۽ دليلن سان پيش ڪيو آهي جن جو جواب حجت ۽ دليل سان ڏنو وڃي ۽ نه ڏنڊي سان ۽ زور سان جيئن سنڌي زبان جي باري ۾ ڏنو ويو آهي.

 

”اسان کين اهو به چئلينج ڏيون ٿا ته هو سنڌي زبان جي سوال کي عدالت جي اڳيان پيش ڪن يا بين الاقوامي تعليمي ماهرن جي اڳيان آڻين يا وري ڪنهن ثالث جي حوالي ڪن ته پتو پئجي وڃي ته سنڌ جي تقاضا صحيح آهي يا حاڪمن جا نادري احڪام درست..........“

 

ان کان اڳ، 15 مارچ 1962ع تي، ساڳي روزانه ”مهراڻ“، هڪ ادارئي ذريعي، جناب اي- ڪي بروهي جي سنڌي زبان بابت هڪ ريمارڪ تي هڪ تصبرو ڪيو هو. بروهي صاحب حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ يوم لطيف تي ڳالهائيندي چيو هو ته ”سنڌي زبان ۾ ايتري قوت آهي جو هوءَ هر مشڪلات جو مقابلو ڪري زنده رهي سگهي ٿي........... انگريزي کانپوءِ هيءَ زبان ئي هر لحاظ کان مڪمل آهي........“ اخبار لکيو ته:

 

”بروهي صاحب اگرچه تقرير ۾ فقط سنڌي زبان جي اهميت کي بيان ڪيو آهي ليڪن سندس تاثرات جو رويه سخن حڪومت جي ڪارپردازن ڏانهن ئي سمجهڻ گهرجي جن جي غلط انديشي ۽ سرد مهري سبب سنڌي زبان کي نقصان پهچي رهيو آهي. اختياري وارن کي دراصل مسٽر بروهي جي مشين اظهار خيال جو اثر وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي دامن ۾ منهن وجهي سوچڻ گهرجي ته آيا هنن سنڌي زبان سان ڪيتري قدر انصاف ڪيو آهي.

 

”اسان جا اختياري وارا هن حقيقت کي وقت بوقت قبول ڪندا رهيا آهن ته علائقائي زبانن کي ترقي ڏيارڻ ضروري آهي ليڪن سنڌي زبان کي ته سندس اڳ تسليم ڪيل درجي کان به ڪيرائڻ جو سامان مهيا ڪيو ويو آهي.

 

”درحقيقت سنڌي زبان جي اهميت کي گهٽائڻ جي نوبت جن اسباب جي بنا تي آئي آهي تن مان هڪڙو هي به آهي جو اختياري وارن جي نظر ۾ هيءَ زبان فقط غسل خانه يا خواب گاهه جي زبان آهي. حالانڪه حقيقت ان جي بلڪل برعڪس آهي ۽ مسٽر بروهيءَ جو مٿيون اظهار ان جي لاءِ حجت جي حيثيت رکي ٿو. ٻيو سبب هي تصور ڪجي ٿو ته اختياري وارا هن غلط فهمي ۾ مبتلا آهن ته مختلف زبانن جي مساويانه حيثيت انتشار جو سبب بڻجي سگهي ٿي. حالانڪه حقيقت کي ڏٺو ويندو ته اها لساني امتياز واري پاليسي ئي آهي جيڪا بي اتفاقي جو ٻڄ ڇٽي سگهي ٿي ۽ نه علائقائي زبانن کي حق پلئه وجهڻ واري پاليسي. پوئين حالت ۾ هٿان زبانن جي حاڪميت ۽ محڪوميت جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو جنهن ڪري ڪابه رنجش باقي نه ٿي رهي.“

اهو ته ٿيو حڪومت جو رويو جنهن تي ردعمل طور، سنڌي عوام ۾ غم غصو پيدا ٿيو پر جنهن ڳالهه تي حيرت ۽ افسوس آهي سا آهي اهڙن موقعن تي اردو پريس جي پاران سنڌي پريس خلاف روش ۽ واويلا ۽ تنگ دليءَ جو طعنو ۽ اسلام ۽ پاڪستان جي نظرئي کي خطري جون رڙيون، سنڌي چوڻي مطابق، ”اڀي ڳئون، ٿر گابا پر رڙ اها ته ڌائي وياڙي ڌائي ويا.“ مسلمانن جي وچ ۾، اسلام کي خطرو ڇو هئڻ گهرجي. پر اهڙا نعرا وقت بوقت هنيا ويا.

جڏهن ون يونٽ ٽٽو ۽ صوبن کي ساڳئي حيثيت ملي تڏهن سنڌ ۾ به سنڌي زبان کي پنهنجي اصلوڪي مقام تي بيهارڻ جا مطالبا ٿيا. سنڌ جي ڪيترن ادارن پنهنجي استعمال لاءِ سنڌي زبان کي واپس آندو جنهن تي اردو پرست حلقن وڏو طوفان کڙو ڪيو، سنڌي زبان جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا، جلوس نڪتا ۽ هڙتالون ٿيون. 15 جنوري 1971ع کان، سنڌي زبان جي خلاف هڪ مهم هلائڻ جو آغاز ڪيو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي پريس اردو وارن جي ان روش خلاف ردعمل طور ڪافي لکيو. روزانه مهراڻ اخبار 17 جنوري 1971ع کان 21 جنوري تائين، اردو وارن جي ان خبر جو نوٽس ورتو هو. اخبار اردو پرست حلقن جي نعرن جو پوسٽ مارٽم به ڪيو هو.

اخبار لکيو ته:

”.......هوڏانهن ڪراچي جي اردو پريس جو وڏو حصو انهي مهم کي تقويت پهچائي رهيو آهي. اڪثر اخبارون زبان جي مسئلي کي اهڙي رنگ ۾ پيش ڪري رهيون آهن جو ڄڻ ته آسمان ڪري رهيو آهي. انهي مهم کي مذڪور طبقو انهن ساڳين نعرن ذريعي ٽيڪ ڏيئي رهيو آهي، جيڪي اردو کي واحد قومي زبان بڻائڻ جي مهم هلائڻ وقت هنيا ٿي ويا يعني ”پاڪستان ۽ اردو هڪ شيءِ جا ٻه نالا آهن“ ۽ اردو اسلام جي زبان آهي وغيره.“

 

ان قسم جي روش مان، اسان کي معلوم ٿيو ته ڪي حلقا ”ويچاري،“ زبان کي مسلمان ۽ ڪافر به سمجهندا آهن جيتوڻيڪ اسان مقامي ماڻهو ان تصور کي ويجهو اچڻ لاءِ به تيار نه آهيون. اسان ته زبان کي هڪ جغرافيائي خطي ۾ رهندڙ ماڻهن جي اظهار جو ذريعو سمجهندا آيا آهيون پوءِ اهي مسلمان هجن يا هندو، پارسي هجن يا ڪرستان. عربي زبان ۾ خدا جو ڪلام به لٿو هو ۽ ساڳئي وقت اها مسلمانن، ڪافرن ۽ مشرڪن ۽ يهودين به ڳالهائڻ ۾ استعمال پئي ڪئي. اسان جي نون آيل ڀائرن نه رڳو اردو کي اسلامي زبان قرار ڏيارڻ جا وس ڪيا مگر اڪثريت وارن مسلمانن يعني بنگالين جي ٻوليءَ کي ”هندڪي زبان“ چوڻ ۾ به دير نه ڪيائون. سنڌي زبان جو  ته رسم الخط عربي هو پر تڏهن به اسان ان کي مسلمانڪي منجيءَ تي ڪونه وهاريو.

ٻيو اهڙو ئي اهم مسئلو جيڪو زبان سان لاڳاپيل آهي ۽ سنڌي پريس لاءِ هميشه بحث جو موضوع بڻيو رهيو سو هو ”فوقيت“ وارو سوال. سنڌي اخبارن ان سوال تي گهڻو قلم هلايو آهي بلڪه ان کي هلائڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ڇو ته هن صوبي جي ماڻهن کي پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي طعنا تنڪا هنيا ويا، تنگ نظريي ۽ سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني قوميت ۽ اسلام سان ٽڪر تصور ڪيو ويو. حالانڪه حقيقتاً اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي. مصبيت هيءَ آهي ته ”قوميت“ “ قوم“ ۽ ”ملت“ جو مفهوم گهڻن ڪونه سمجهيو آهي ۽ رڳو اونده ۾ پيون لٺيون هنيون وڃن. خير اهو وڏو عنوان آهي جيڪو موجوده مضمون کان مٿڀرو ۽ ٻاهر آهي. خود ”قوميت“ ۽ قوم، تي سنڌي اخبارن بيحد گهڻو لکيو آهي. هتي طوالت جي ڊاپي کان، ڪنهن به سنڌي اخبار جو حوالو ڪونه ڏنو ويندو. ڳولڻ وارن کي اهو اسان جي اخبارن ۾ وافر انداز ۾ ملي سگهي ٿو. هتي رڳو اهو ٻڌايو ويندو ته سنڌي اخبارن جو، ان سلسلي ۾، مختصراً ڪهڙو موقف رهيو. سنڌي اخبارن جا دليل هن قسم جا رهيا آهن ته جغرافيائي طرح، هر صوبي ۾ رهندڙ هڪ جدا قوميت هئا، جدا زبان ۽ ثقافت رکيائون ٿي. پاڪستان جي ملڪي ليول تي اسان هتي جا باشندا پاڪستاني  آهيون. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ سڀني صوبن کي زوري سلهاڙي ”ون يونٽ“ جهڙي ”مڙهيل برادري“ کي ڀڃي وري صوبن کي بحال نه ڪيو وڃي ها. صوبن جي بحاليءَ مان به اهائي مراد آهي ته صوبائي ليول تي، اتي جي ماڻهن جو اهو حق قبول ڪيو وڃي ته مقامي ڳاڻ ڳڻيا افراد ”قوميت“ جي هن معنيٰ پٺيان ڪي نقصانڪار ارادا رکندا هجن، ليڪن حيثيت هيءَ آهي ته سنڌ ۾ مجموعي طرح هن قسم جي تعريف کي پاڪستان يا اسلام جي انحرافي يا مدمقابل ڪونه ٿو سمجهيو وڃي ۽ نه ان پٺيان ڪا باغيانه شرارت پوشيده آهي. هن صوبي ۾ ته فقط ”قوم“ هڪ ذات ۽ هڪ قبيلي لاءِ پڻ استعمال ٿيندو رهيو آهي. ان قسم جي اظهار کي اخبارن ۾ به معيوب نه ڪيو ويندو آهي. مثلاً جون 1975ع دوران، حيدرآباد ۾ جمالين جو هڪ ميڙ ٿيو هو جنهن کي ان وقت جي وفاقي وزير ”جمالي قوم“ ڪري پڪاريو هو ۽ 5 آگسٽ 1975ع جي هلال پاڪستان ۾ هڪ هيڊ لائين جو عنوان هو: ”ناريخا قوم جو چڱو مڙس جناب ڪمال الدين قتل ٿيو.........“ اهي نالا ۽ ذاتيون سڃاڻپ لاءِ ضروري آهن ۽ ان ڪري ئي اسلام ان جي اجازت ڏني آهي جيڪا فطري تقاضا آهي.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتي هن ملڪ ۾ هر شيءِ مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان کي افاديت جي محبت طور ماڻهن سان قبوليت جو درجو وٺي اڀرڻ جو ڪو موقعو فراهم نه ڪيو ويو. بلڪه ماڻهن جي مطالبي کي اتي ئي دٻيل رهڻ ڏنو ويو جنهن ڪري ئي ڪيترا مسئلا فطري طور اڃا سوڌو حل ٿي نه سگهيا آهن. هي جملو معترضه وچ ۾ اچي ويو. هيٺين ليول تي ”قوميت“ ۽ مٿين ليول تي ”قوم“ جا تصور متضادم نه آهن ۽ انهن جو مثال هڪ ڳوٺ ۾ چيو ويندو ته توهان ڳوٺ جي ”ڀلائي“ خاطر پاڻ کي سيد، ٽالپر، جمالي ۽ جتوئي ڪوٺائڻ بند ڪريو. بلڪه عملاً ٿي ائين رهيو آهي ته اهي ماڻهو انهن ذاتين سان سڏجڻ جي باوجود، ڳوٺ يا شهر جي نسبت سان ان ڳوٺ يا شهر سان تعلق وارا تصور ڪيا وڃن ٿا. ڳوٺ ۾ مختلف ذاتين وارن ماڻهن جي گهرن جو مثال ملڪي ليول تي شهرن ۽ صوبن وانگر آهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته خود ڳوٺ سان، اتي جي باشندن جي محبت ۽ اونو ان ڪري آهي جو ان ۾ سندن ٻارن ۽ غيرتن سان ڀريل گهر آهن. خدانخواسته جيڪڏهن ڳوٺ کي ٻوڏ جو خطرو درپيش آيو ته ڳوٺ ۾ رهندڙ مڙئي ماڻهو، بنان ذات جي تفريق جي، ان جي بچاءُ يا چوڌاري بند ٻڌڻ ۾ هڪجهڙا سچا ٿي لڳي ويندا آهن ۽ اهو ان ڪري هوندو آهي جو هر هڪ کي پنهنجي گهر بچائڻ جو اونو هوندو آهي. ڳوٺ جي اجتماعي بچاءُ جو ڪارڻ انفرادي سرن ۽ گهرن جي سلامتي بڻبي آهي. بس ٻڌيءَ ۽ سلامتيءَ جو اهو مفاد ڪافي هوندو آهي. اتي ائين ڪونه چيو ويندو آهي ته پهريائين پنهنجي انفرادي حيثيتن تي خاتمي جو اعلان ڪيو نه ته ڳوٺ ٻڏي ويندو. ڳوٺ جي ٻڏڻ جو هڪڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو ۽ اهو هي آهي ته ظاهراً هرڪو پيو ڳوٺ جي چوڌاري بند ٻڌڻ جون رڙيون ڪري پر عملاً رازداريءَ ۾ پنهنجي پنهنجي گهر جي حفاظت ڪري اهو حرص ۽ هوس هاڃيڪار ٿيندا آهن. تنهنڪري ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته اهو حرص ۽ هوس پيدا نه ٿين. ان جي بيخ ڪني هڪ منصفانه معاشري ۾ ئي ٿي سگهي ٿي.

اهڙين فطري تقاضائن جو دليريءَ سان تحفظ ڪندي، سنڌي پريس قومي اتحاد، ڀائيچاري ۽ استحڪام جي افاديت ۽ ضرورت تي، مدلل طرح، ئي لکيو آهي جنهن لاءِ رڪارڊ شاهد آهي.

اردو پريس جي روش

 ڄڻ ته حڪومت جي ليول تي جيڪي ڪجهه سنڌ صوبي جي باب ۾ بڻيو هو، سو ڪافي نه هو. جيڪي باقي بچيو هو تنهن جي ڪسر اردو پريس اچي پوري ڪئي. حقيقت هي آهي ته ماضيءَ جي هنن واقعن ۽ وارداتن بيان ڪرڻ سان دل دکي ٿئي ٿي ۽ شرم اچي ٿو ليڪن اهڙيون تلخ ۽ اهم حقيقتون آهن جن جي سچائي اها تقاضا ڪري ٿي ته رڪارڊ کي درست رکڻ لاءِ انهن کي هٿ ڪيو وڃي. ان کان وڌيڪ، اسان لاءِ مجبوري هيءَ آهي ته خود اسان جي عنوان سان انصاف نه ٿو ٿئي جيڪڏهن اسان اهو ٻڌايون ته سنڌي پريس مقامي مسئلن ۽ مطالبن کي کنيو بيٺي آهي ۽ تنگ دلي جي طعنن تنڪن جو شڪار رهي آهي ۽ سندس بيانن تي بي توجهي جو مظاهرو ٿيندو رهيوآهي ليڪن اهو نه بيان ڪريون ته ٻئي طرف خصوصن اردو پريس ۾ هن خطي بابت ڇا پئي وهيو واپريو جنهن جو اهو ڪنهن حد تائين ردعمل به هو. تنهن ڪري اسان کي معاف ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪي اڻ وڻندڙ ڳالهيون به لکي وجهون.

سنڌ بابت اردو پريس جي روش جهڙي ٿلهي ليکي واري عنوان کي ٽن ننڍن بابن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو:

سنڌ جي مسئلن سان غلفت

سنڌ جي مقامي مطالبن ۽ تقاضائن جي مخالفت

اردو پرستي

ان حقيقت جو اندازو ان کي ئي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ رونما ٿيندڙ واقعن ۽ وارداتن جي اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ رپورٽنگ ۽ انهن تي راءِ زني ڪهڙي ٿيندي رهي آهي، جيڪو ٻنهي پريسن جو ڊگهي عرصي تائين مطالعو ڪندو رهيو هوندو، دراصل هي بذات خود هڪ وڏو ۽ دلچسپ اڀياس آهي جنهن جي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ وڏو وقت ۽ اٿاهه آزادي گهرجي. اهي ڳالهيون اسان جي موجوده عنوان جي دائري کان به ٻاهر  آهي. هتي رڳو سرسري اشارتاً اهڃاڻ ڏيئي، پنهنجي مضمون جي پيچري کي صاف ڪري، پار پوڻ جي ڪوشش مقصود آهي. اخبارن جا رڪارڊ محفوظ آهن توهان ڏسندو ته سنڌ جي مسئلن ۽ مطالبن، مونجهارن ۽ تقاضائن تي رڳو سنڌي اخبارون آواز اٿارينديون رهيون آهن. اردو پريس انهن سان مجرمانه غفلت ڏيکاري آهي. سنڌ جي اندرين علائقن ۾، ٻوڏون اچن، ڳوٺ ٻڏن، ماڻهو مرن، مال لڙهي وڃن، انهن جي کرن ۽ ٻارين، واهڻن ۽ وسندين کي ڀلي باهيون لڳن، ليڪن اردو اخبارن جي مٿي تان جون نه چرندي. باقي ڪراچي جي ڪنهن حصي ۾ شل نه ڪجهه ٿئي، آسمان مٿي تي کڄي ويندو. نقصان جا انگ اکر ڇاپيا ويندا ۽ واهر ۽ مدد لاءِ اپيلون شايع ٿي وينديون. جي ڪنهن واسطيدار ماڻهوءَ کان يا سرڪاري آفيسر کان سرزمين تي پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ته سمجهو ته ان جي شامت آئي. سنڌ ۾ اندر ٿيل ويل جي خبر جي ڇپي ته ڪنهن ڪنڊ پاسي جي حقدار بڻي هوندي. ۽ وري ڳالهه جو ٻيو پاسو به ڏسو. سنڌ جي باري ۾ اهڙيون خبرون اهميت، وت ۽ وزن کان ٻاهر ٿي ڇپيون ويون جن ۾ ڪنهن مقامي مسئلن کي ڪنهن مقامي تحريڪ، ڪنهن جماعت، ڪنهن ٽولي، ڪنهن حڪومت جي ”مخالف“ يا ”نڪته چين“ پاران اٿاريو ويو هوندو، جنهن ۾ افواهي اختيار ڪرڻ جي گنجائش هوندي يا جنهن کي (Sensationalism) جو رنگ ڏيڻ يا حيرت پيدا ڪرڻ ممڪن هوندو. سنڌ جي معاملات سان اردو پريس پاران غيرواسطيداري ۽ هر حالت ۾ ”هڪ سر واري مسجد“ الڳ اڏڻ جي بهترين عڪاسي اهو واقعو ڪري ٿو جنهن ۾، 1974ع ڌاري، روزانه ”آفتاب“ جي هڪ نمائندي کي هڪ صوبيدار ماري ڪٽي بي واجبي طرح جيل ۾ وڌو هو جنهن تي سڄي سنڌي پريس احتجاج بڻجي اٿي هئي ليڪن اردو اخبارن ان کي درگذر ڪيو هو. سابق گورنر سنڌ الحاج رسول بخش ٽالپر واقعو ڪراچي يونيورسٽي ۾ پيش آيو هو ۽ ساڳئي واردات هڪ سابق وزير عبدالحفيظ پيرزادي سان سنڌ يونيورسٽي ۾ لڳ ڀڳ ساڳئي عرصي ۾ ٿي هئي. هاڻي انهن ٻنهي واقعن جي اردو رپورٽنگ ڏسي پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهو ٿا. سنڌ اندر شاگردن جي ننڍڙن واقعن ۽ اڻ وڻندڙ وارداتن کي ( جن ۾ ڪا نعريبازي ٿيل هجي) اردو اخبارون مبالغه آميز انداز ۾ شايع ڪنديون رهيون آهن جن مان حڪومت ۽ ٻين صوبن جي عوام کي هن صوبي متعلق غلط تاثر ملندو رهيو آهي. اهو اردو پريس جي ان قسم جي روش جو نتيجو هو جو 1974ع جي آخر ڌاري هفتيوار سنڌي ”برسات“ رسالي، ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي لکيو هو ته:

 

”............۽ هتي (ڪراچي) جي پريس کي ڪراچيءَ کان علاوه، سنڌ جي ٻين شهرواسين سان به انصاف وارو رويو اختيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي ته جيئن حڪومت کي فقط اها خبر نه پوي ته صرف ڪراچيءَ وارا مسئلن ۾ مبتلا آهن باقي سنڌ ۾ سڀ خيريت آهي.

”ڪراچيءَ جون ڪجهه اخبارون جيڪي وڏي مهارت سان ڪراچي صوبي ۽ شهري حڪومت لاءِ مهم هلائي رهيون آهن، انهن کي سنڌي عوام جا مسئلا ۽ انهن جون خبرون مناسب طور شايع ڪرڻ ۾ خبر نه آهي ته ڪهڙو اعتراض آهي؟

”اسين پڇون ٿا ته ڇا انهن اخبارن کي سنڌي عوام خريد نه ٿو ڪري؟ ضرورت  آهي ته اهي اخبارون سنڌي عوام ۽ ڪراچيءَ سان گڏ، سنڌ جي ٻين شهرن جون خبرون شايع ڪرڻ ۾ انصاف وارو رويو اختيار ڪن.“

سنڌ ۾ ٽي اهم واقعا ٿيا جهڙوڪ ون يونٽ، سنڌي زبان کي ڪيرائي ڇهين ڪلاس تي بيهارڻ ۽ ايوب خان جي چونڊن وقت سنڌي زبان ۾ ووٽرن جي لسٽن کي به شايع ڪرڻ جو مطالبو- انهن موقعن تي سنڌ جا عوام ۽ سنڌي اخبارون مجسمئه احتجاج بڻجي بيٺا. ليڪن اردو پريس (جيڪا گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ئي وسيل هئي) نه رڳو هنن واجبي مطالبن جي پٺڀرائي ڪانه ڪئي بلڪه سخت مخالفت ڪئي. اها روش، سنڌ جي ماڻهن جي نظر ۾ نهايت دکدائڪ هئي ڇوته سندن مذڪوره مطالبا ڪنهن به طرح اردو تي اثرانداز نه ٿي ٿيا. (1)

19 ڊسمبر 1960ع واري اشاعت ۾، روزانه ”مهراڻ، اردو ”نواءِ وقت“ جي هڪ ادارئي تي اعتراض ڪندي، لکيو ته:

”........ان بعد سنڌ جي اندر سياسي انتشار پيدا ڪرڻ ۾ مرڪزي حڪومت غير سنڌي پريس ۽ مهاجر ليڊرن پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ۽ آخرڪار، هڪ منظم سازش جي پيش نظر ۽ ڏنڊي جي زور سان مغربي پاڪستان جو هڪ صوبو قائم ڪيو ويو محض هن ارادي سان ته سنڌ جي زمينن ۽ ملازمتن، تجارت ۽ صنعت تي پوري طرح قبضو ڪيو وڃي........گذشته دور جا رڪارڊ شاهد آهن ته ڪڏهن به ڪنهن غير سنڌي پريس يا اڳواڻ سنڌين سان ڪا همدردي ڪانه ڪئي بلڪه ان جي برعڪس سنڌين کي ذليل ڪرڻ ۾ا ڳيان پويان جا زور لڳايا.

”........اسان کي غيرسنڌي اخبارن جي انهيءَ روش تي سخت افسوس ٿي رهيو آهي، هو سنڌ جي ڪنهن به جائز تقاضا جي خبر کي ڪڏهن به جاءِ ڪونه ٿيون ڏين، سا به سندن بدمعاشانه روش جو ثبوت آهي. ليڪن سنڌين ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. پر اها ڪٿان جي شرافت آهي جو ڪجهه نه ڏيڻ سان گڏوگڏ ڏکايو به وڃي؟............“

نومبر 1980ع جي شروع ۾، ڪراچيءَ جي صحافين جي هڪ گروپ کي، سنڌ جي اندروني علائقن جو دورو ڪرايو ويو جنهن دوران هو حيدرآباد ۾، ميئر جناب سيد وصي مظهر ندوي سان به مليا. ڳالهين دوران، ندوي صاحب، صحافين سان ”شڪايت ڪئي ته ڪراچيءَ جون اخبارون اندروني سنڌ بابت نه ٿيون لکن ۽ هو صرف ڪراچيءَ کي ئي سنڌ سمجهن ٿيون.“ (1)

 

اردو اخبارن جي غفلت ۽ بي توجهي ان حقيقت مان وڌيڪ لکي ٿي ته 33 سالن گذرڻ کانپوءِ به سنڌ جي تاريخي مقامات ۽ شهرن جي نالن کي غلط لکيو وڃي ٿو. (2) موهن جي دڙ يا موئن جي ماڙي کان سڄي دنيا واقف ٿي چڪي آهي. ليڪن اردو اخبارون ان جي صحيح تلفظ ۽ هجي ڪرڻ کان اڃا تائين قاصر آهن. روزانه ”جنگ“ 24 آگسٽ 1980ع واري اشاعت ۾ ”موئن جو ڏارو“ ۽ ”موئن جو ڏرو“ لکيو آهي حالانڪه اردو زبان ۾ اکر ”د“ موجود آهي. ساڳئي حالت روزانه ”نواءِ وقت“ شهر صوڀي ديري سان ڪئي آهي. ”صوبهو ديرو“ جي بدران ”صوبهو ڏيرو“ تحرير ڪيائين. جڏهن ٺري ميرواهه کي صحيح طرح لکي سگهيائين ته خبر نه آهي ڇو ساڳئي صفحي تي ”ٺاروشاهه“ کي ”ٿاروشاهه“ ڪري ڇڏيائين. ان ئي صفحي تي دادو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جناب فقير محمد ڏهر کي ”ڏاهر“ ڪري لکيائين. حقيقت هيءَ آهي ته پوئين دور ۾ وڃي، لاڙڪاڻي جو نالو اردو پريس ۾ صحيح ٿيو هو ورنه هميشه ”لڙکانه“ لکيو ويندو هو. هي ته چند مثال آهن جيڪي اختصار لاءِ ڏنا ويا آهن. جاچڻ تي معلوم ٿيندو ته اهڙا سنڌي نالا ۽ اهڃاڻ اردو پريس ۾ اڃا تائين غلط لکيا وڃن ٿا.

 

ليڪن ايترو ضرور مڃبو ته ٿوري وقت کان حالتن ۾ ڦيرو آيو آهي ۽ هاڻي اردو اخبارن ۾ سنڌ صوبي جون خبرون چڱيون ڇپجڻ لڳيون آهن ۽ پاڻ ۾ چٽاڀيٽيءَ سبب سنڌ ۽ بلوچستان بابت ڪي اخبارون هفتيوار سپلمينٽ به ڪڍن ٿيون ليڪن ڏسڻو اهو آهي ته اهو رويو ڪيستائين رهي ٿو. ليڪن ان فياضانه دور ۾ ننڍن صوبن کي اردو پريس بابت پوءِ به اطمينان ڪونه ٿيو آهي، تازو ”جسارت“ 19 اپريل 1981ع واري اشاعت ۾ ”بلوچستان جي صحافت“ جي عنوان تحت مسٽر رشيد بيگ جو هڪ مضمون شايع ڪيو آهي جنهن ۾ ليکڪ سيد فصيح اقبال ايڊيٽر ”زمانه“ جو حوالو ڏيندي لکيو ته قومي اخبارن جو رويو بلوچستان جي خبرن جي باري ۾ درست نه آهي. هن، فصيح اقبال ڏانهن هي جملا منسوب ڪيا.“

 

قومي اخبارن نه ته باضابطه نامه نگار مقرر ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ نه ان مسئلي جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهيو. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته ملڪ جي ٻين حصن جي عوام جي سامهون صحيح حقائق ۽ حالات نه اچڻ ڪري بلوچستان جي باري ۾ ڪيتريون ئي غلط فهميون جنم وٺنديون رهن ٿيون. بلوچستان جي اندروني علائقن ۾ باضابطه نامه نگار نه هجڻ جي باعث بعض اوقات ائين به ٿيو آهي ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ بلوچستان جي باري ۾ محض ٻڌل سڌل ڳالهه کي ياد خود ساخته خبرون ٺاهي شايع ڪيون ويون...........“

 

اها هڪ قدرتي ڳالهه آهي ته، گهڻي ڀاڱي، مقامي ماڻهن جا مسئلا ۽ مطالبا مقامي نوعيت جا آهن ۽ کين پنهنجي تاريخي ورثي ۽ مقامات سان لڳاءُ، پيار ۽ پنهنجي روايتي ۽ ماضي جي سورمن سان ۽ اڳواڻن لاءِ عزت ۽ احترام آهي. دراصل اهي مقامات، اهي سورما ۽ اهي اڳواڻ هينئر پاڪستان جا مقامات پاڪستان جا سورما ۽ ان جا اڳواڻ چئبا ڇو ته جغرافيائي ۽ تاريخي طور تي سنڌ پاڪستان ۾ آهي. سنڌ صوبي کي ۽ اتي جي عوام کي ڪي تاريخي مقامات آهن، سورما آهن ۽ اڳواڻ آهن جيڪي روانا ٿيا کين ورثي ۾ مليا آهن. هنن کي انهن سان محبت ۽ انهن جو احترام ۽ لڳاءُ آهي. نون آيل ڀائرن کي هتي جي هر شيءِ اوپري لڳي. تاريخي مقامات سان لڳاءُ ۽ محبت ڪانه هئي. تاريخي مقامات ته آڻي نه ٿي سگهيا ليڪن پنهنجي ماضيءَ جي اڳواڻن ۽ سورمن جا تصورات آندائون جنهن تي ڪنهن کي اعتراض ڪونه ٿيو. پر افسوس جو مقام اهي، جو سنڌ جي ماڻهن جي انهن فطري تقاضائن ۽ مقامي مسئلن ۽ مطالبن کي ”صوبائيت پسندي“، ”تنگ دلي“ ويندي ”غير اسلامي“ تصورات سان تعبير ڪيو ويو. اسان هتي فقط هڪ واقعي تي اعتبار ڪنداسين جنهن ۾ ”روزانه حريت“ ۽ ”هلال پاڪستان“ هڪ ٻئي کي جواب ڏنا هئا. اهو واقعو غالباً 1975ع جي شروع جو آهي. روزانه ”حريت“ ۾،  نصابي ڪتابن تي تبصري جي اوٽ ۾، الزام هنيو ويو ته سنڌ جي رهنمائن جهڙوڪ مرحوم الله بخش سومري ۽ حيدر بخش جتوئي جو تعارف ڪرائيندي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارا، ”سنڌوديش“ جي پروپئگنڊا ڪرائي رهيا آهن ۽ پاڪستاني قوميت تي وار ڪري رهيا آهن وغيره. هن مضمون سنڌ ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. درسي ڪتابن تي تنقيد يافته انگريزيءَ جي عنوان هيٺ، هلال پاڪستان جي ايڊيٽر سراج الحق هڪ مدلل جواب ڏنو. هن لکيو ته:

 

”هن (يعني حريت واري نامه نگار، ڪمالي صاحب) ستين ڪتاب مان انهن سبقن تي اعتراض ڪيو آهي جيڪي سنڌ متعلق يا سنڌ جي سورمن متعلق آهن. سندس پهريون اعتراض، ٻاگهل ٻائي واري سبق تي آهي. هن سبق تي اعتراض ڪري، ڪمالي صاحب حد درجي جي تنگ نظري ۽ بداخلاقي جو ثبوت ڏنو آهي، سنڌ ۾، دودي چنيسر جو داستان حب الوطني جو پڻ مثال آهي اها ئي ڳالهه شايد ڪمالي صاحب کي ڏاڍي ڏکي لڳي آهي ته سنڌ جو هڪڙو حڪران دودو ۽ سندس ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جي اها جرئت جو ”دهليءَ جو حڪمران“ علاوءالدين خلجي جي اڳرائي جو مقابلو ڪري.....“

اڳتي لکي ٿو:

”ٽيون سبق حيدر بخش جتوئي، ڪمالي صاحب کي ڏکيو لڳو آهي ته حيدر بخش ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ جيڪو حصو ورتو، ان جو ذڪر ڇو ڪيو ويو آهي ۽ کيس اها ڳالهه به ڏکي لڳي ته حيدر بخش جتوئي ڪارڪنن کي وصيت ڪئي ته سنڌ جي خدمت ڪندا رهو. ون يونٽ پاڪستان جي قومي يڪجهتيءَ کي جيڪو نقصان پهچايو، ان ڳالهه کي نه ڪمالي صاحب سمجهي سگهي ٿو ۽ نه ئي هو ان ڳالهه جو احساس برداشت ڪرڻ لاءِ تيار  آهي ته حيدر بخش ڪارڪنن کي سنڌ جي خدمت جي وصيت ڪئي. سنڌ جي خدمت، هن جي نظر ۾، ”سنڌيت جي عملبرداري“ آهي ڪمالي صاحب اها ڳالهه ته ڪنهن به طرح پنهنجي اٺ دماغ ۾ ويهارڻ لاءِ تيار نه آهي ته سنڌ جي خدمت، پاڪستان جي خدمت آهي. ننڍيون وفاداريون وڏيون وفادارين جي تابع آهن ۽ سنڌ سان محبت منجهان ئي پاڪستان جي محبت وڌي سگهي ٿي.“

 

اسان جي ملڪ کي خصوصاً صوبي کي ”اردوپرستي“ ۾ پوندڙن- ڳالهائيندڙن هجن يا پريس هجي- گهڻو ئي نقصان وڌو آهي ۽ ذهني طرح نفرت پيدا ڪئي آهي. اسان هن حقيقت کي پڌرو ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي شخصيت ڏانهن رجوع ٿيون ٿا جنهن کي ”پڪو اسلام پسند“ ۽ ساڄي ڌر سان هلندڙ تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪو سنڌي صحافت وارن حلقن ۾ نهايت معروف آهي ۽ جنهن اڳئين دور ۾ قربانيون ڏنيون هيون. اسان جي مراد جناب سيد سردار علي شاهه، مدير روزانه ”مهراڻ“ سان آهي. محترم شاه صاحب به اردو پرستي جي نڪته چيني ڪرڻ کان نه رهيو ۽ هن هڪ مضمون بعنوان ”شهداءِ اردو جي ايجاد“ تحرير ڪيو هو جيڪو ”رهبر ڊائجسٽ“ (سيپٽمبر 1974ع) ۾ ڇيپو هو، مضمون نه هو پر هڪ چتاءُ هو جو ملڪ جي خيرخواه، مهاجرن جي ان طبقي کي ڏنو هو جيڪو اردو سان جنون تائين محبت سبب پنهنجي زبان کي نقصان پهچائي رهيو هو ۽ ان سان گڏ ملڪ کي ڪنهن اوڙاهه ڏانهن گهلي رهيو هو. اهو چتاءُ 1974ع ۾ ڏنو ويو ليڪن اندازو لڳايو ته ان وقت تائين گذري ويل عرصي دوران ڪيڏو نقصان ٿي سگهيو هوندو، ان مضمون جا چند اقتباس ڏجن ٿا.

 

”بدقسمتي جي ڳالهه هيءَ آهي ته اردو پرستن پنهنجي ٻوليءَ کي خدا ۽ رسول ۽ دين جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڪير هجي جو اردو خلاف هڪ لفظ به ڳالهائي سگهي؟ يڪدم ان کي نظرئي پاڪستان ۽ اسلام جو دشمن سڏيو ويندو ۽ هڪ وڏو طوفان کڙو ڪيو ويندو......... درحقيقت اهو اردو جي اهل زبان جو پنهنجي زبان سان جنون جي حد تائين محبت بلڪ پرستش جو ئي نتيجو آهي جو اسان جي ملڪ ۾ زبان جي سوال تان وقت بوقت ڪشيدگيون رونما ٿينديون ۽ خونريزيون ٿينديون رهيون آهن. بلڪه منهنجي خيال ۾ مشرقي پاڪستان جي علحدگيءَ ۾ جن عوامل پختو ڪردار ادا ڪيو تن ۾ اردو جي اهل زبان جي اردو پرستي واري روش کي عمل دخل رهيو.

 

”مون کي ياد آهي ته جڏهن مسٽر محمد علي بوگرا جي ٺاهيل 1954ع واري آئين جو مسودو ظاهر ٿيو ته اردو پرستن ۽ اردو پريس قومي زبان جي سوال تي وڏو طوفان کڙو ڪري ڏنو. آئين ۾ اردو سان گڏ بنگالي زبان کي به قومي زبان قرار ڏنو ويو هو. جنهن کي اردو وارن، اسلام ۽ پاڪستان خلاف هڪ سنگين جرم قرار ڏنو ۽ ڪراچي جي هڪ اردو اخبار جنهن کي سابق صدر ايوب خان ”صحافت جي رنڊي“ سڏيندو هو، وري آئين جي انهيءَ فقري کي ”پاڪستان جي پٺيءَ ۾ ڇري هڻڻ“ جو فعل سڏيو هو. وري مشرقي پاڪستان ۾ بنگاليءَ کي قومي زبان بڻائڻ جي مهم هلي ته اردو وارن ان کي ملڪ دشمني، بغاوت ۽ غداري سڏڻ شروع ڪيو. اهڙي ريت هنن ملڪ جي ٻن حصن جي وچ ۾ لساني نفرت کي پکيڙي ڇڏيو جنهن اڳتي هلي جيڪو رنگ لاتو تنهن کان ڪوبه بي خبر نه آهي. هيڏانهن سنڌ جي اندر به سنڌي زبان کي سنڌ مان بي دخل ڪرڻ لاءِ اردو پرستن وسئون ڪين گهٽايو. جڏهن ايوب واري آئين ۾، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو ۽ اهل سنڌ ان جي خلاف احتجاج ڪيو ته اردو پرستن ۽ اردو پريس پنهنجي پوري قوت سان اهل سنڌ جي مخالفت ڪئي. ون يونٽ جي تشڪيل جي حمايت به اردو وارن ان ڪري ڪئي جو ان ۾ مغربي پاڪستان جي واحد قومي زبان اردوءَ کي تسليم ڪيو ويو هو. اردو وارن ابتدائي تعليم ۾، سنڌي جي حيثيت پامال ڪرڻ سنڌي ٻولي کي ذريع تعليم ۽ ذريعه امتحان کان محروم ڪرڻ ۽ اليڪشن جي لسٽن مان سنڌي ٻوليءَ کي بي دخل ڪرڻ وغيره جي سمورن معاملن ۾ اردو پرستيءَ جو ثبوت پيش ڪري سگهجي ٿو........“

 

لالو کيت جي چوراهي وٽ، مدفون ماڻهن متعلق راءِ ڏيندي، شاهه صاحب لکي ٿو:

”.........ليڪن هنگاما ڪندڙ ۽ ڪنهن مادي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ جان ڏيندڙ کي ڪنهن به حالت ۾، شهيد سڏي ڪونه سگهبو. لساني ڇڪتاڻ درحقيقت هڪ سياسي عمل هو. زبان کي هڪ ذريعو سمجهيو وڃي ٿو سياسي ۽ اقتصادي برتري حاصل ڪرڻ جو. 7 ڪروڙ بينگالين جي زبان کي قومي زبان واري حيثيت نه ڏيارڻ جو مقصد به بينگال تي سياسي اقتصادي فوقيت قائم رکڻ هو. اهڙي ريت سنڌي زبان کي سندس مليل حيثيت کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش به انهيءَ برتري واري تصور جي پيداوار هئي........“

سنڌين طرفان اردو کي قبول ڪرڻ ۽ اردو وران جي سنڌي زبان سان بي رخي ڄاڻائيندي، سيد سردار علي شاهه صاحب لکي ٿو:


(1)  هن وقت به حالت هيءَ آهي ته پنجاب ۾ هڪ پنجابي/ سرائڪي هفتيوار، چار ماهوار ۽ هڪ ٽماهي رسالو آهي، سرحد ۾ هڪ پشتو هفتيوار، هڪ ماهوار اخبار آهي ۽ بلوچستان ۾ ٻه بلوچي هفتيوار ۽ ٻه ماهوار رسالا آهن. ٻئي طرف سنڌ صوبي ۾ ٻارهن روزانه سنڌي اخبارون، ٻه هفتي ۾ ٻه دفعا نڪرندڙ، 46 هفتيوار، 13 ماهوار ۽ هڪ ٽماهي رسالا آهن (ڏسو پاڪستان پريس ڊئريڪٽري- تيار ڪيل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، حڪومت پاڪستان، 1980ع) گورنمينٽ گزيٽ نوٽيفڪيشن مطابق، 1947ع تائين، سنڌي اخبارن جي پوزيشن هن ريت هئي:

روزانه                         ----------- 11

هفتيوار                       -----------53

 هفتي ۾ ٻه دفعا نڪرندڙ ------------- 1

 ماهوار              --------------------  6

ازانسواءِ، جنهن ڳالهه سنڌي اخبارن جي ترقيءَ ۾ هٿي ڏني آهي ۽ ڇپائي کي سولو سهڻو بڻايو آهي سا آهي سنڌي لاءِ ٽائيپ ڇاپي جو سرشتو، جيڪا سهوليت اردو اخبارن کي هن وقت تائين ميسر نه ٿي سگهي آهي. اندازو لڳايو ته اها سهوليت ڪن سنڌي اخبارن کي 1900ع کان به اڳ نصيب هئي. سنڌي ٽائيپ ۾ پهريون ڪتاب ٽرمپ صاحب لنڊن مان 1858ع ۾ ڇپرايو هو ۽ هفتيوار ”سنڌ سڌار“ سنڌي ٽائيپ ۾، سنڌ سرڪار جي ڪراچي، 1869ع ۾ قائم ٿيل پريس مان 1882ع کان ڇپجڻ شروع ٿي هئي.

سنڌي پريس اسان جي ملڪ ۾، هڪ وسيع خطي يعني سنڌ صوبي ۾ رابطي جو ڪم ڏنو آهي. حڪومت جي نقطئه نظرکي تشهير ۽ عوام تائين پهچ، سنڌي اخبارن ذريعي، نهايت مؤثر نموني ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي عوام جي تڪليفن، مسئلن ۽ مطالبن بابت خبرون ۽ ردعمل سنڌي اخبارن ۾ ڇپجي سرڪار وقت جي ڌيان تي آندا وڃن ٿا. ٻي اهم ڳالهه جنهن کي گهڻن ماڻهن محسوس نه ڪيو آهي سا هيءَ آهي ته پاڪستان ۾ صحيح معنيٰ ۾ علائقائي رول به ادا ڪري رهي آهي. اهو ان ڪري جو پنجاب جي پنجابي ۾، سرحد جي پشتو ۾ ۽ بلوچستان جي بلوچي ۾ ڪا پريس ڪانه آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تائين پنجاب جي ٻن ڪروڙ آدمشماري ۾ فقط هڪ پنجابي اخبار ”رويداس جيڪرا“ (Ravidas Jaikara) نڪرندي هئي. ان جي برعڪس سنڌ صوبي ۾ اتي جي مقامي زبان سنڌي زبان ئي مضبوط پريس جي ٻولي آهي. ان حقيقت جو صحيح نوٽس نه ورتو ويو آهي ۽ نه ئي ان نمايان خدمت مطابق ان کي ضروري سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن.

 

(1)  اهو هڪ ٽرانسليٽر مان هيس، پنهنجي سنڌي پريس کان علاوه روزانه ”هندستان“ ۽ هفتيوار ”هندواسي“ بمبئي کان ايندڙ به ڏسندو هوس ۽ هڪ قسم جو اختصار پيش ڪندو هوس، جنهن تي غور ڪرڻ کان وڌيڪ گوڙ ڪندا هئا.

(1)  ان سلسلي ۾، ”مهراڻ“ (17 جنوري کان 21 جنوري 1971ع) جي ادارتي نوٽن مان هڪ اقتباس ڏسو:

”جڏهن ون يونٽ ٺهي رهيو هو تڏهن به مهاجر حضرات کي ”ون يونٽ“ جي حامين خوب استعمال ڪيو هو. مهاجر پريس پنهنجي پوري قوت سان ”ون يونٽ“ جي تشڪيل جي حمايت ڪئي ۽ مهاجر ليڊرن ”ون يونٽ“ واري اسڪيم جي تائيد ڪري سنڌ کي نقصان پهچايو. مهاجر حضرات کي اها خوش فهمي هئي ته ”ون يونٽ“ جي ٺهڻ کانپوءِ هو سڄي پاڪستان تي نه، تڏهن به ”ون يونٽ“ تي پنهنجي زبان ذريعي راڄ ڪندا رهندا، ليڪن سندن اهي خوش فهميون نتيجي خيز ثابت ٿي ڪونه سگهيون. ”ون يونٽ“ ۾ اهل سنڌ کي ته بي پناه نقصان پهتو ليڪن مهاجر حضرات کي به ڪو خاص فائدو ڪونه پهتو بلڪه ”ون يونٽ“ جي انتظام ۾ سمورو فائدو اهل پنجاب ئي حاصل ڪندو رهيو ۽ ”انڌي ڀونڊي ۾ خوش“ جي مصداق مهاجر حضرات صرف ٿالهي چٽ واري پوزيشن ۾ رهيا. انهيءَ هوندي به هو ”ون يونٽ“ کي ٽوڙائڻ واري مهم ۾ سنڌين جي تحريڪ ۾ شامل ڪونه ٿيا ۽ محض ان خيال کان ته ”دشمن جي دانگي ڀڳي ڪار“ آهي، هو سنڌين جي ”ون يونٽ“ ٽوڙ تحريڪ جي مخالفت ڪندا رهيا......“

 

مهراڻ مطابق، ”........ون يونٽ جي دور حڪومت ۾ سنڌي زبان کي صفحهء هستيءَ تان ميسارڻ لاءِ سموريون ڪوششون صرف ڪيون ويون. انهيءَ سفارش ۾ ون يونٽ سرڪار حاڪمانه اخبارات کان ڪم ورتو ۽ مهاجر حضرات پروپئگنڊا ذريعي حصيدار بڻيا رهيا.

 

اخبار لکيو ته ان صورتحال سنڌ ۾ وڏو هيجان پيدا ڪيو ۽ غيرمتوقع پيدا ٿيل ڳالهين مان ”سنڌين ۾ سنڌيت جو جذبو پيدا ٿيو جتان علائقائي قوميت کي فروغ مليو. انهيءَ جذبي جو لازمي نتيجو نڪرڻو هو ته سنڌي پاڻ کي الڳ قوم تصور ڪن. انهن جذبات جي پيداوار لاءِ ذميوار ماڻهو حضرات ۽ ون يونٽ سرڪار هئي جن جي سازش سان سنڌي زبان جي اهميت ۽ حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي........“

(1)  ان ميٽنگ جي تصوير ۽ جناب ندوي صاحب جي شڪايت 12 نومبر 1980ع جي روزانه عبرت ۾ درج آهي.

(2)  يا وري انهن جي ڄاڻ نه ٿي سگهي آهي جيڪا ڳالهه خود عدم دلچسپي جي دلالت ڪري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org