ب: سياست
سياسي ميدان ۾، هونئن ته، شروع کان معلوم ۽ معروف انڊين نيشنل
ڪانگريس (1885) ۽ ملسم ليگ (1906) جههڙيون آل
انڊيا ليول جون جماعتون ئي هيون، پر جن تحڪرين سنڌ
۾ زوردار سياسي اثر پيدا ڪيو ۽ ماڻهن ۾ ٿرٿلو
مچايو، سي هيون تحريڪ خلافت ۽ بمبئي کان سنڌ صوبي
جي علحدگي واري هلچل. خلافت حريڪ ته ابتدا ۾ هڪ
ديني فرضن جي ادائگي جي اهڃاڻ طور ٿي اڀري ۽ انتها
سنڌ جي مسلمانن جي نتيجه خيز سياسي تربيت تي ڪيو.
هن تحريڪ سنڌ ۾ ته انوکو مذهبي جوش و خروش ۽ ولولو
پيدا ڪيو. جنهن جا انفرادي اعمال رڳو هن صوبي کي
ٿي سونهيا ۽ عجيب اظهار کي شئي نصيب ٿيا. اهو هن
تحريڪ جي تربيت جو ئي ڪرشمون هو جو سنڌ جي مسلمانن
پنهنجي مستقل مزاجي ۽ اورچائي جو مظاهرو ڪندي،
ٿورو عرصو پوءِ، بمبئي کان سنڌ جي علحدگي جي صورت
۾، پهرين سياسي جنگ کٽي. باريڪ ۽ گهرو تجزيو ۽
تحقيق ثابت ڪن ٿا ته سنڌ جي علحدگي دراصل پاڪستان
جي الڳ وجود لاءِ ميدان هموار ڪيو ڇاڪاڻ ته
مسلمانن جي الڳ انفرادي تشخص جو عملي پهلو نمايان
۽ نروار ان مارڪي ڪيو هو ۽ هندن جي مخالفت شاهه
ڀٽائي رحه جي ”نير منهنجي نينهن“ وارو ڪم ڪندي،
ورهاڱي لاءِ ٿيندڙ ويڙهه ۾ امڪاني ڪاميابيءَ کي
”اجاري او ڪيو“ هو.
جيتوڻيڪ ظاهراً ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پارٽين الڳ الڳ ڪم ٿي ڪيو،
پر ڏٺو ويندو ته الڳ ڀڳ 1930ع تائين، هنن ٻنهي
جماعتن تي غلبو قوم پرستن جو زياده هو ۽ انفرادي
سياسي پليٽ فارم تان به ملڪي آزادي ۽ سياسي حقن جي
حفاظت واري باب ۾ تقريبن ساڳئي موقف جو اظهار
ٿيندو رهيو، جيتوڻيڪ ان وچ ۾ ڪٽرپڻي ۽ فرقيواريت
به مٿو کڻڻ شروع ڪيو هو.
اسان اڳ به چئي آيا آهيون ته سنڌ ۾ هندو، مسلمانن کان سياسي طرح
وڌيڪ بيدار هئا جن کان اها توقع ڪرڻ جائز ۽ معقول
هئي ته هو زياده سياسي سوجهه ٻوجهه، برداشت، تعاون
۽ رواداريءَ جو مظاهرو ڪيو. پر افسوس ان چوڻو ٿو
پوي ته نه رڳو ائين نه ٿيو بلڪه ان جي برعڪس هندن،
مسلمانن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ ضد، وڏائي ۽ اره زواري ۽
نفرت جي فضا پيد اڪئي. ان قسم جي ماحول 1922ع کان
ئي منهن ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. جڏهن خلافت تحريڪ ۽
عدم تعاون جو اتحاد ٽٽي پيو هو ۽ اهي تحڪريون
ناڪام ٿيڻ لڳيون هيون. بزرگ سياستدان پير علي محمد
راشدي، سنڌ ۾ هندو-مسلم نفرت ۽ نفاق جو تجزيو هن
طرح ڪيو آهي:
”.......سنڌ جي هندن جو اهو گروپ، جنهن 1920ع وارن سڌارن ڪري
نئين سر سياست تي قبضو ڪرڻ پئي گهريو سو هندستان
جي انهن تحريڪ
(1)
مان هڪ نه هڪ سان شامل ٿي ويو. اهي سڀ پڙهيل لکيل
ماڻهو هئا. دنيا جي مختلف تحريڪ جي تاريخ پڙهي چڪا
هئا. هنن کي نظر آيو ته ڪنهن به تحريڪ کي تيزيءَ
سان ماڻهن ۾ ڦهلائڻ لاءِ ضروري ٿئي ٿو ته ڪنهن ڌر
سان دشمني پيدا ڪجي، جنهن جو ڀوت بڇائي، پنهنجن
ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ نفرت جي بنياد تي انهن کي منظم
ڪري، مقابلي لاءِ ميدان ۾ آڻجي ۽ ان جي اڳواڻي
ٻه پاڻ ڪجي. پوءِ پنج ئي آڱريون گيهه ۾.
”چنانچه سنڌي هندو ان نسخي تي عمل ڪندي، ڀوت جي طور
مسلمانن کي پيش ڪيو ۽ انهن جي خلاف هندن نفرتن جو
ٻج پوکڻ شروع ڪيو. ان خرابي جا خاص مرڪز به بڻيا:
لاڙڪاڻو ۽ سکر جتان پيش قدمي شروع ٿي ۽ ان جي
تائيد ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان نڪرندڙ
هندو اخبارون ڪرڻ لڳيون ۽ باقي سنڌ جي هندن ۾ زهر
ڦهلائڻ لڳيون.
”لازم هو ته هندن جي سياست جو اهو نئون لاڙو ڏسي مسلمانن جا به
ڪن کڙا ٿين. هنن ۾ به اهو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته
هندن جي ان ايجيٽيشن ڪري سندن حقن تي حملو ٿيڻو
آهي. مثلاً کيس سرڪاري نوڪرين مان پورو حصو ڪونه
ملندو ۽ اقتصادي معاشي نظام ۾ اهڙيون ڦيريون
گهيريون ڪرايون وينديون جو سنڌ ۾ واپار ته اڳ ۾
ساري جو سارو هندن وٽ آهي، پر هينئر مسلمانن جون
زمينون به هندو وياج خورن جي قبضي ۾ هليون
وينديون. ان کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه هيءَ هئي ته
اوچتو ئي اوچتو هندن ۾ ڏاڍي مغروري پيدا ٿي وئي
هئي ۽ هو مسلمانن کي وحشي ۽ ذليل سمجهڻ لڳا هئا.
عام طرح هندن پاڻ کي باقي سنڌ جي معاشري کان ڪاٽي
هڪ علحده ۽ نستباً اعليٰ ۽ ارفع
(Exclusive and Superior Society)
سوسائٽي طور رهڻ ۽ اڳتي وڌڻ شروع ڪري ڏنو هو، جنهن
نئين رجحان سندن بهترين گهڻگهرن مسلمانن کي به
گهڻو سخت ڏکويو ٿي. اڻ خرابيءَ ۾ جيڪڏهن اڃا ڪا
گهٽتائي رهجي ٿي وئي ته اها هندو اخبارن، هندو
سرڪاري ڪامورن ۽ هندو لٽريچر لکندڙن پوري پئي ڪئي.
مثلاً ڪن دريده دهن هندو قلمڪارن اهڙيون چوپوڙيون
به ڇپائي مسلمانن ۾ پئي ورهايو جن ۾ حضور پاڪ ﷺ جي
ذات گرمي تي سخت بيهودا حملا ڪيا هئا.
راشدي صاحب جي ان موقف جي تائيد ۾، اسان کي ٻين ذريعن خصوصاً ان
وقت جي اخبارن مان ڪافي شهادت ملي آهي. سڀني کان
وڏيڪ زوني ثبت ته اهو آهي ته الهه آباد ۾
هندو-مسلم اتحاد ڪانفرنس ۾، سنڌ جي هندن جي
نمائندگي ڪرڻ لاءِ ان وقت جي مشهور ڪٽر ۽ تنگ نظر
هندو اڳواڻن مکي گوبندرام، مسٽر ڇٻلاڻي ۽ لعلل چند
وڪيل موڪليا ويا ۽ نه ڊاڪٽر چوئٿرام، مسٽر
جيرامداس ڄيٺمل پرسرام پاران جيڪي امن آسٽي ۽
ڀائيچاري جي ڳالهين کي ترجيح ڏيندا هئا. اهو هڪڙو
واقعو ئي هيءَ حقيقت ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته
هندن ۾ معتدل، وچولي ۽ ڪانگريسي خالن وارن اڳواڻن
جو ڪو اثر نه رهيو هو ۽ نمائندگي لاءِ ڪٽر
مهاسڀائي زياده ڀروسي جوڳا تصور ٿي ڪيا ويا. انهن
حالتن جو سنڌي مسلم پرستي تي گهڻو اثر پيو. روزانه
”الوحيد“ (8 نومبر 1923ع) پنهنجي ادارئي ”سنڌي
هندن جي وطن دشمني“ جي عنوان هيٺ لکيو ته الهه
آباد هندو ملسم اتحاد ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ لاءِ
سڄي ملڪ ۾ دعائون گهريون ٿيون وڃن مگر ”افسوس فقط
هي آهي ته انهيءَ اتحاد جي آڏو بينگال يا پنجاب جو
سوال ڪونه آهي جن کي مشڪل کان مشڪل سمجهيو وڃي ٿو
پر قومن جي اتحاد واري لاش کي دفن ڪفن جو ڪارڻ سنڌ
جا هندو بڻيا آهن جن کي پنهنجي وطن عزيز سان هڪ
ڪوڏيءَ جيتري به محبت نه آهي، جن جي قوميت فقط هن
دائري ۾ محدود آهي ته ننڍپڻ ۾ قسم کڻي ڇڏجي ته جتي
ڄٽ
(1)
ملي ان کي مختلف حيلن سان اٿي ڦري فقير بڻائجي.
سنڌ جي هندن جون واڳون مهاسڀائي وطن فروشن جي هٿن
۾ آهن.“
ان وقت هندو سنڌي پريس سڀ کان وڌيڪ جنهو مسئلي کي، مسلمانن سان
مصالحت نه ڪرڻ لاءِ عذر ٿي بڻايو سو هيءَ هو ته
مسلمانن تي ڪو ڀرسو نه رهيو آهي ڇو ته هو گڏيل
چونڊن واري آڇ کان ڦري ويا آهن. ”الوحيد“ ان جو
جواب هيءُ ڏنو ته 1916ع ۾ لکنو شهر ۾ هندن ۽
مسلمانن گڏجي جدا چونڊ واري اصول کي قبول ڪيو هو ۽
ان کانپوءِ ئي خود هنن جي طرفان سنڌ جي جدائي جي
گهر ٿي هئي. جڏهن ان وقت هندن جو اهو موقف هو ته
هاڻي هنن ڇو بولاٽي کاڌي هئي. حقيقت هيءَ آهي ته
مارچ 1928ع ۾ سنڌ پيڪٽ ذريعي مسلمانن گڏيل چونڊن
وري اصول کي قبول ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، ليڪن هندن نه
مڃيو. 1928ع ۾ نهرو رپورٽ جي ظاهر ٿيڻ تي مسلمانن
انڪري پٺتي هٽيا جو ان رپورٽ نه رڳو اقيلت وارن
صوبن ۾ مسلمانن جي اثر کي وڃائڻ ٿي گهريو بلڪه
مسلمانن جي اڪثريت وارن صوبن ۾ به کين اقليت ۾
تبديل ڪرڻ جا سانباها رٿيل هئا. ان ڪري خلافت
پارٽي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ تي مجبور
ٿي پئي. آل انڊيا خلافت ڪانفرنس اجمير ۾ 1932ع ۾
مرحوم شيخ صاحب وري اها آڇ ڪئي ته مسلمان گڏيل
چونڊ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن بشرطيڪ آدمشماري
جي بنياد تي قانوني طرح مسلمانن جي اڪثريت کي
هندوجاتي قبول ڪري. هندن وري ٽال مٽول ڪئي.(1)
سر محمد شفيع گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي ان آڇ
کي دهرايو مگر هندن ۽ سکن نه مڃي. جون 1931ع ۾ سنڌ
جي هندن کي سنڌ ۾ گڏيل چونڊ جي آڇ ڪئي وئي پر ان
هوندي به هنن سنڌ جي جدا ٿيڻ جي خلاف خازش بند نه
ڪئي. 1932ع ڌاري، سنڌ جي مسلمانن لاءِ مجبوري هيءَ
هئي ته ان وقت آل انڊيا ليول تي مسلمانن جو مطالبو
جدا چونڊ واري نظرئي لاءِ هو. مطلب ته سنڌ جي هندن
تعميري رخ اختيار ڪرڻ کان هميشه پئي لهرايو ۽ اهو
سندن کٽراڳ هلندو آيو. ان وچ ۾ هندو اخبار
هرتيليءَ تي ٿنڀ بڻائڻ ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي اجائي
واويلا پاليسي تي ڪاربند رهيون جنهن ڳالهه
فرقيواري نفاق ۽ نفرت کي وڌايو.
مطلب ته مشترڪه مسئلن جهڙوڪ هندو- مسلم اتحاد ۽ عمومي ڀلائي
وارن سياسي نظرين ۽ اصولن جي باري ۾ به، هندو
سياست ۽ صحافت جو رويو معقول ۽ حقيقت پسندانه نه
رهيو هو. افسوس سان چوڻو ٿو ته پوي ته هندو سنڌي
پريس ڪوتاهه نظريءَ جو مظاهرو ٿي ڪيو ۽ ارادي سان
غير ارادي طرح اهڙي فضا ٺاهن ۾ مدد ڏني جنهن ٻنهي
طبقن ۾ بغض پيدا ڪيو. ايندڙ صفحن ۾، اسان خلافت
تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ۽ مکيه سياسي
جماعتن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو جائزو وٺنداسين ۽
ڏسنداسين ته سنڌي پريس تي ان جو ڪهڙو اثر پيو ۽
خود سنڌي پريس، سنڌ جي سياست جي منهن موڙڻ ۾ ڪهڙو
حصو ورتو.
خلاف تحريڪ
سچ پچ ته خلافت تحريڪ هڪ اهڙي جدوجهد هئي جا سنڌي صحافت جي اهم
عنوان ضور، ان جي صفحن جو پهريون سينگار ۽ سونهن
بڻي ۽ سنڌ جي مسلمانن کي، سندن تاريخ ۾، پهريون
دفعو، هڪ جنگ جوٽن ۽ قربانيون ڏيڻ جو ڍنگ ڏنو.
سنڌي زبان جي اخبارن پهريون ڀيرو پنهنجو رول ڀرپور
انداز ۾ ادا ڪيو ۽ ان وقت جي حالتن جي حيران ڪيل ۽
منجهيل مسلمانن کي هڪ وڏي مقصد جي واٽ ڏيکاري.
سنڌ جي سمورين سياسي تحريڪن ۾، خلافت واري جدوجهد ئي هڪ
اهڙو مسئلو هو جنهن تي سنڌي زبان جي مسلم توڙي
هندو پريس جو، سوء فيصدي نه ته به گهڻي ڀاڱي اتحاد
۽ تعاون رهيو جنهن حقيقت سنڌ جي ماڻهن تي ديرپا
تعميري اثر ڇڏيو. ٻيون وڏيون تحريڪون جهڙوڪ بمبئي
کان سنڌ جي علحدگي ۽ پاڪستان لاءِ جدوجهد اهڙي
نوعيت جون ٿي پيون هيون جو سنڌي پريس ۽ هندو مفاد
جي مدنظر تقسيم ٿي پئي هئي. خلافت تحريڪ کان اڳ
توڙي بعد ۾، اهڙو اهم مسئلو، همه گيري ۽ وسعت
وارو، ڪڏهن به کڙو ڪونه ٿيو جنهن تي سنڌي پريس
مڪمل طرح متحد ۽ هم خيال رهي هجي. ان مان سنڌي
پريس جي ان دور جي اهميت ۽ هميه گير ڪردار جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي هڪ وقت جي پريزيڊنٽ ۽ ملڪي ليول جي
سڄاڻ ۽ پبلڪ اڳواڻ، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي چيو
هو ته اسان مسلمانن خلافت تحريڪ ۾ وڏيون قربانيون
ڏنيون. پيسن جي لحاظ کان توڙي تڪليفن ۽ جانين جي
خيال کان.“....... اسان جي قربانين جو فائدو ترڪن
کي مليو. ان جو احوال ڪو پڇڻ گهري ٿو ته لارڊ ڪرزن
کان سندس قبر مان وڃي پڇي. اهو سچ آهي ته ترڪن جي
فتح رپئي مان 15 آنه حصو غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا جي
تلوار جو آهي پر هڪ آنو بيشڪ اسان جو آهي. ان ۾ شڪ
ڪونهي ته خلافت تحريڪ ۾ اسان جي قوم سڀني کان وڌيڪ
قربانيون ڏينون آهن. 80 في صدي ماڻهو اسان جا جيلن
۾ ويا آهن ۽ جي ڦاسيءَ تي لٽڪايا ويا آهن تن ۾ 99
فيصد حصو اسان جو آهي. اسان جي ڪيترن ماڻهن
نوڪريون ڇڏيون. جيڪڏهن هندن هڪ ڪروڙ رپيه گڏ ڪيا
ته اسان به هڪ ڪروڙ کان گهٽ گڏ نه ڪيو..... پر ان
قربانين کانسواءِ، هندستان جي مسلمانن ۾ پنهنجي
قومي هستي ۽ پنهنجي قومي حقن جي حفاظت اهڙو احساس
پيدا ٿي نه سگهي ها ته هن وقت پيدا ٿي چڪو آهي.
آءُ هر هڪ مسلمان کي دعوت ڏيندس ته اڃا به اها
خلافت ڪاميٽي آهي جا مسلم ۽ اسلام، قوم جي عزت ۽
هستي کي قائم رکڻ لاءِ هر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار
آهي.......(1)
هونئن ته بلقان جي جنگ واري واقعي کان وٺي، هندستان جي مسلمانن
کي ترڪن جي لاءِ همدردي هئي ۽ انگريزن خلاف نفرت،
غم ۽ غصي جي شدت اچي وئي هئي، جنهن ترڪن جي سياسي
طاقت تي وار ڪيو هو ۽ مسلمانن جي سياسي اجتماعي
سياسي اداري خلافت کي پاش پاش ڪري ڇڏيو هو. ظاهراً
ته ترڪ سلطنت جو نالو هو پر مختلف ملڪن جي مسلمانن
لاءِ، ان جي پٺيان خلافت جهڙي مرڪزي ديني طاقت جو
نظريو ڪارفرما هو ۽ ان مان وڏيون وابستگيون هيون.
خصوصاً هندستان جي مسلمانن ترڪن کي ڪمزور نه ٿي
ڏسڻ چاهيو ڇاڪاڻ ته کين انهن سان اها اميد به
وابسته هئي ته خود کين هندستان ۾ آزادي ڏيارڻ ۽
برطانوي راڄ جي خاتمي لاءِ طاقتور عثمانيه خلافت
وڏو ڀرجهلو ثابت ٿيندي. هندستان اندر، ان زماني ۾،
آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو جوش ۽ ولولو پيدا ٿي چڪو
هو. ويتر جو اتحادين، عراق، شام ۽ ٻين مقامات
مقدمه تي قبضو ڄمايو هو تنهن ته مسلمانن کي سخت
ڪاوڙ ۽ تاءُ ۾ آندو هو. سڄي هندستان جي مسلمانن جي
خواهش هئي ته ڪنهن طرح سان ترڪي کي ان حالت کان
نجات ڏيارجي ته هر ممڪن مالي امداد پهچائجي ۽ واپس
اڳين پوزيشن بحال ڪرائجي. مسلمانن ۽ سندن اخبارن
کانسواءِ، خود هندن ۽ سندن پريس ان لهر ۾ لڙهندي،
ان زماني ۾، ترڪن سان ٿيل زيادتيءَ تي همدردانه
روش اختيار ڪئي هئي. روزانه سنڌي اخبار ”هندو“ (17
مارچ 1922ع) ”انگريز ۽ ترڪي“ جي عنوان هيٺ هڪ
اداريو لکيو هو جو هڪ اقتباس هيٺ ڏيون ٿا:
”سرڪار پاران هميشه ائين پئي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ترڪي هاڻي ڄاڻي
ٻجهي بناسبب، انگريزن جي برخلاف جنگ ۾ ٽپي پئي
تنهن ڪري ساڻس خاص رعايتي عهدنامو به ڇو ڪرڻ ۾ اچي
۽ ڇو نه ٻين دشمنن وانگر کانئس به ڏنڊ وٺجي ۽ ملڪ
ڦرجن؟ درحقيقت ترڪي لاچار جنگ ۾ گهڙي هئي ۽
انگريزن ۽ فرينچن کيس اهڙو تنگ ڪيو جو پنهنجي
بچاءُ لاءِ جرمني جي پاسي ٿيڻو پيس.“
سنڌ ۾ ته ان جوش ايمانيءَ جو مظاهرو هندستان جي مسلمانن جي سڀني
علائقن کان وڌيڪ نمايان هو. بلڪه سنڌ جي مسلمانن
لاءِ ايمان جي امتحان جو وقت هو. دراصل ”ايمان جي
امتحان ۽ اسلام جي ثابت جو وقت“ جهڙي عنوان تي،
اداريه لکندي، ان وقت جي صحيح صورتحال جي نوٽيس
وٺن ۽ سنڌ جي مسلمانن جي دامن جي ترجماني ڪرڻ جو
حق ”الامين“ ادا ڪيو هو. اهو ولوله انگيز ويچارن
وارو رقت سان ڀريل مضمون پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو:
”خلافت اسلاميه جي مٽجي وڃڻ جي خطري کان اها ڪهڙي ايماندار دل
آهي جا درد کان بي تاب ۽ بي قرار نه آهي؟ ڪهڙو اهو
مسلمان آهي جنهن جو قلب آه و زاري کان خالي آهي؟
دنيا جا اها ڪهڙي قوم آهي جنهن تي گذريل ٿورن سالن
جي اندر ايتريون مصيبتون نازل ٿيون آهن جيتريون
مسلم قوم تي ٿيون آهن؟ ۽ انهن مصيبتن هوندي به اها
ڪهڙي قوم آهي جا غفلت ۽ سرشار ۽ لڳولڳ گناهن ۾ غرق
رهي آهي؟ اسان جي عمل کان ڪوبه اهڙو ڪم رهجي ڪونه
ويو آهي جنهن کان اسان پنهنجي دين جي بربادي لاءِ
پورو حصو نه ورتو هجي. اسان پنهنجو خون ۽ خزانو
خرچ ڪيو ۽ نتيجو اهو ٿيو جو اسان پنهنجي رسول
مقبول ﷺ جي جانشين کي ذليل ۽ خوار ڪيو ۽ هن کي
ڪامل شڪست ڏيڻ ۾ اسان هن جي سپاهين کي گولين جو
نشانو بڻايو.
(1)
لائڊ جارج تازو قبول ڪيو آهي ته هندستان جي لشڪر
کانسواءِ ترڪي کي فتح نه ڪري سگهجي ها. اسان جون
پاڪ جايون کسجي رسول جي دشمنن جي قبضي هيٺ ٿيون
آهن جن پاڪ شهرن جي عظمت ۽ عزت قائم رکڻ لاءِ
هزارين اصحابن ۽ لکين قلم گلوئن 13 هين صديءَ
تائين پنهنجون جانيون قربان ڪيون تن ساڳين پاڪ
شهرن جي عظمت ڊاهڻ ۾ اسان اڄوڪن مسلمانن پنهنجي
جان ۽ مال قربان ڪرڻ ۾ ڪونه گهٽايو. ڇا انهن سڀني
ڪمن ڪرڻ کانپوءِ يا انهن تي چشم پوشي ڪرڻ کانپوءِ،
اسان کي پنهنجي ڪافر ۽ مردود ۽ منافق هجڻ ۾ ڪو شڪ
هجڻ گهرجي؟ ڇا اسان تي انهن سڀني گناهن جي ثابت ٿي
وڃڻ کانپوءِ، اسان رسول ﷺ جي سامهون پاڻ کي بي
ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين؟ ڇا حشر ۾ اسان
آخري پيغمبر سردار ڪونين جي امت سڏائڻ جي دعويٰ
ڪنداسين؟ ڇا رسول ڪريم ﷺاسان جهڙن ڏانهن نهارڻ
پسند ڪندا؟ ڇا پاڻ سڳورا اسان جي شفاعت ڪندا؟ ڇا
اسان جهڙن نالائقن تي خدا پنهنجو رحم ڪندو؟
اسان جا گناه بي شمار آهن ۽ اسان جون نالائقيون بي حد آهن.
مسلمان سڏائڻ پنهنجي ماڳ، پر اسان ته انساني قطار
کان به پري آهيون. پنهنجي برادري لاءِ اسان هند ۽
سنڌ جي مسلمانن کان جيڪي ٿي سگهيو سو ڪيوسين. اسان
مسلمانن جن پنهنجي جاني ۽ مالي طاقت سان خلافت
اسلاميه جي بربادي ۾ مدد ڪئي سي خلافت اسلاميه جي
حفاظت لاءِ 30 يا 40 لک رپيا بچائي سگهون ٿا يا
نه؟
خدا جي رحمت کان مايوس ٿي وڃڻ اسان جي مذهب ۾ حرام آهي. اسان کي
هاڻي پاڻ کان پڪو وعدو وٺڻ گهرجي ته اڄ کانپوءِ
اسان جي جان ۽ اسان جو مال خدا ۽ خدا جي رسول ﷺ جي
حڪمن جي خلاف خرچ نه ٿيندو. اهو وعدو پاڻ کان وٺي
اسان مان هڪ، هڪ کي خلافت بيت المال لاءِ چندو گڏ
ڪرڻ گهرجي سڀ کان اول اها مالي مدد اسان تي فرض
آهي. هن کانسواءِ دنيا جو ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي ۽ نه
ٿيڻو آهي. اها ئي آهي طلب جا في الحال اسان جي
ديني رهبرن ۽ پوليٽيڪل ليڊرن اسان کان ڪئي آهي.
جيڪڏهن انهن جي موجوده طلب تي عمل ڪرڻ ۾ اسان ڪا
ڪوتاهي ڪئي ته اسين روز قيامت ۾ شرمسار ۽ گهنگار
رهنداسين. اسان مان جي مالدار آهن سي خود به ڪار
خير ۾ ڏين ۽ ٻين کان وٺي ڏين. اسان مان جي مالدار
نه آهن سي ٻين کان چندو گڏ ڪري سگهن ٿا. اهو ئي هر
مسلمان تي فرض آهي. ”وما علينا الالبلاغ.“
(1)
بعد ۾، مهاجرن جي لڏپلاڻ جي سلسلي ۾، هجرت ڪندڙن جو پهريون
قافلو
(2)
بذريعي ٽرين، افغانستان ڏانهن، سنڌ مان لاڙڪاڻي جي
هڪ جوشيلي جوان مرحوم جان محمد جوڻيجي جي
سرڪردگيءَ ۾، لاڙڪاڻي مان ئي روانو ٿيو هو.
(1)
انگريز سان عدم تعاون ۽ ترڪ موالات جو نظريو ۽
نعرو سنڌ جي هڪ جيد عالم ۽ آزادي پرواني، مرحوم
مولانا شاهه ابوالحسن تاج محمود امروٽيءَ ڏنو هو.
ريشمي رومال تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ جهڙوڪ مولانا
عبيدالله سنڌي مرحوم ۽ شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي ۽
ٻيا ڪيترائي سنڌ جي سرزمين جا سپوت ۽ سچا هئا.
(1)
سچ پچ ته ترڪي خلافت جي زوال تي، سنڌ ۾ نسورو روڄ
راڙو هو ۽ هن کي ماتم هو. ان زماني ۾ سنڌ ۾ جنسي
باه ٻريل هئي. جنگ جي خاتمي تي، سنڌ جي مسلمانن،
ان ڪري جشن فتح ۾ حصي وٺڻ کان انڪار ڪيو جو
انگريزن ۽ ٻين طاقتن خلاف جو مسئلو حل نه ڪيو هو ۽
ترڪن ۽ مسلمانن جي مرڪزيت ختم ڪئي هئي. هر هنڌ
جلسا جلوس هئا. خليفي جي حق ۾ دعائون گهريون ويون،
هٽ تاڙ ٿي ڪئي وئي روزا رکيا ٿي ويا ۽ مطالبن جا
ٺهراءُ پاس ٿي ٿيا. سرڪار جي مخالفت هئي، زبان بند
هئي ۽ سياسي ٻوسٽ هئي. ان صورتحال جي نقشي چٽن ۽
سڀ کان وڌيڪ، حڪومت وقت کي جرئت سان نندڻ ۽ بيباڪي
سان چئلينج ڏيڻ جو حق ”الامين“ بجا آندو هو. ان سڀ
ڪجهه ڄاڻڻ لاءِ هيٺ ڏنل ادارو پڙهڻ جي تڪليف ڪرڻي
پوندي جنهن سان ”الامين“ 29 مارچ 1920ع تي، پنهنجي
صفحن کي سينگاريو هو:
”حيدرآباد شهر جي خوش قسمت شهر ۾ زبان بندي جو نوٽس فقط ڇهن ڄڻن
جي نصيب ۾ لکيل هو. پير سيد محبوب شاهه، ڊاڪٽر شيخ
نور محمد، سيٺ امين الدين، حاجي شاهه بخش، سيٺ
حاجي احمد ۽ شيخ عبدالمجيد. قريب سڳائي معنيٰ جو
اشتهار ڪراچي شهر جي سڀني باشندن سان ٻن مهينن
لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. سکر، دادو ۽ مٽياري جي ڪن
ماڻهن کي به ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مٿان ساڳيو عنايت
نامون عطا ٿيو آهي. پر لاڙڪاڻي جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ
سڀني کان زور آهي، جئين ته جلسن جا ٺهراءِ به هن
جي منظوري کانسواءِ وائسراءِ هند کي موڪليا ويا
آهن. اها آهي اجازت جا ماڻهن کي پنهنجي جذبات جي
اظهار ڪرڻ واسطي ڏني وڃي ٿي. تسلي ۽ تسڪين کان ته
اسان کي محروم رکيو وڃي ٿو. خوشي ته اسان جي نصيب
۾ لکيل ڪانهي پر هاڻي روئڻ کان به روڪيو وڃي ٿو.
”سنڌ کان ٻاهر الهه آباد ۾ مسٽر حميد احمد تي خلافت بابت تقريرن
ڏيڻ ڪري قانوني ڪارروائي هلي رهي آهي ۽ رنگون جي
سرڪار اسان جهڙو شرف رنگون جي 48 بزرگن کي بخشيو
آهي. هوڏانهن ڪلڪتي ۾ خلافت آفيس جي تلاشي ورتي
وئي آهي ۽ اردو ۽ بنگالي زبان ۾ ڇپيل اٺن ٺهرائن
کي ضبط ڪيو ويو آهي. هيڏانهن سنڌ جي سرڪار ڪلڪته
مان موڪليل وڏن اشتهارن ۽ ڪراچي مان آنربل مسٽر
غلام محمد خان ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون جي دستخط
مان نڪتل ميٽنگ جي نوٽيس کي ضبط ڪيو ويو آهي. اسان
جي آفيس ۾ به سي آءِ ڊي جو سب انسپيڪٽر آيو ۽
ميدان اشتهار وٺي رمندو رهيو. سرڪاري نوڪرن کي
تاڪيد ڪيو ويو ته خبردار متان يوم خلافت تي پنهنجي
ملازمت کان غير حاضر رهيا آهيو ۽ جلسن ۾ شريڪ ٿيا
آهيون.
”اهي سڀ واقعا صاف طرح ڏيکاري رهيا آهن ته خلافت جي متعلق سرڪار
هاڻي ڪهڙو رخ اختيار ڪندي ۽ لطف ته اهو آهي، جذبات
جي انهن لتاڙيندڙ طريقن اختيار ڪرڻ هوندي به
معمولي يورپي عملدار کان وٺي هند سرڪار ۽ وزير هند
تاءِ سڀني جي اها فتويٰ آهي ته اسان کي مسلمانن جي
مذهبي جذبات سان همدردي آهي! جيڪڏهن اها همدردي
آهي ته بيشڪ اها عجيب همدردي آهي ۽ انهي همدردي
آهي جو مثال اهو آهي ته جو هڪ زخميل وفادار سپاهي
جنگ جي ميدان ۾ مرهم لاءِ پوڪاريندو هجي ۽ بهادر
طبيعت ان جي زخمن جو علاج ته نه ڪري پر هن جي ٻوٿ
تي پٽي ٻڌي پنهنجي زبان مبارڪ سان چوي ته مون کي
توسان همدردي آهي. زخميل ۽ قريب الموت سپاهي جي
مالي ۽ جاني قرباني جو اهو ڪافي بدلو نه آهي ڇا؟
ڇا مسلم قوم جي به ساڳئي حالت آهي يا نه؟
اسان کي ٻڌايو ويندو ته اسان جو گناهه ڪهڙو آهي؟ پر سچ ته اهو
آهي ته منهنجي حق ۽ آزادي جي ٻن ڏوهن جي موجودگيءَ
کانپوءِ ٻئي ڪنهن گناهه پڇڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
”تايخ جي زبان ڪوبه بند نه ٿو ڪري سگهي ۽ تاريخ جو سبق سيکاري
ٿو سو فقط هڪڙي ئي قسم جو آهي. دنيا ۾ گهڻيئي
حقيقتون آهن جو انسان ڄاڻندو آهي ۽ انهن تي يقين
رکڻ لاءِ مجبور ٿيندو آهي، تنهن هوندي به انهن جون
صدائون ٻڌڻ پسند نه ڪندو آهي ۽ گهرندو آهي ته
ماڻهن جي زبان مان نه نڪرن. پر وقت ايندو آهي جڏهن
هو ٻڌڻ تي مجبور ٿيندو آهي ۽ زبان مان نڪتل صدائون
نه بلڪه واقعات جي موجودگي ۽ ڪثرت سان پيدا ٿيل
طاقتون هن جي ڪنن کي کولي بجلي جي ڪڙڪاٽ ۽ بادل جو
گجگوڙ وانگر سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏينديون آهن.......
|