باب پنجون
ٻيو دور
(اخبارن، رسالن ۽ تحريرن جي تاريخ)
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، هيءُ دور 1911ع کان شروع ٿئي ٿو ۽
پاڪستان ٺهڻ سان پڄاڻي ڪري ٿو. هيءَ عرصو هر لحاظ
کان، نهايت اهم ۽ هنگامه خيز دور آهي جنهن ۾
بيشمار علمي، سماجي، مذهبي ۽ سياسي تحريڪون اٿيون
۽ هليون جن پنهنجا اونها ۽ وسيع نقش ۽ نشان ڇڏيا ۽
ماضيءَ ۾ ٿيل سماجي ۽ علمي ڪمن جو نتيجو نروار ٿيڻ
لڳو هو. ظاهر آهي ته هيءَ گهما گهمي ڪا اوچتو اڌمو
کائي نه نڪتي هئي. ان سجاڳيءَ ۾ ڄاڻ جو ميوو
ماضيءَ ۾ پوکيل فصل جو هاڻي اچي پڙ پيو هو، جيڪو
ظاهراً غيرتعصب حالت واري ٻنيءَ ۾ خالص علمي ۽
سماجي سوچ جي ٻج وجهڻ سان پڇي راس ٿيو هو. سياسي
رسالن ۽ اخبارن جي ابتدا ٿي چڪي هئي ۽ سڀ کان وڏي
ڳالهه ته 1908ع ۾ پهرين سنڌي روزاني ”سنڌواسي“ جي
نالي سان پنهنجي وجود جو ڏنوڪو وڄايو هو. پهرين
ڏهاڪي ۾ بينگال جو ورهاڱو ٿيو ۽ بعد ۾ هندن جي
واويلا ٿي، مسلمانن جي مخالفت جي باوجود، ان کي
وري ڳنڍيو ويو هو. 1906ع ۾ ڊاڪا شهر ۾، برصغير جي
ڪن مخلص مسلمان اڳواڻن، الڳ مسلمانن جي سوچ جي
نمائندگي ڪندي، ”آل انڊيا مسلم ليگ“ نالي هڪ سياسي
جماعت جو پايو وڌو هو ۽ ڪانگريس زور شور سان،
هندو-مسلم ايڪتا لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو هو. هندستان
ٻن رهندڙ ٻن اهم فرقن يعني هندو ۽ مسلمانن گڏجي
توڙي ڌار ڌار پنهنجي پنهنجي قوم کي سياسي سوچ
ويچار ڏيڻ لاءِ ته سندن تعليم طرف توجهه ڪرڻ جو ڪم
ڪامل اخلاص سان، هٿ ۾ کنيو هو.
ظاهر آهي ته ان سموري جدوجهد جو عوام کي آگاهي وارو مرڪزي ڪردار
ان وقت جي پريس کي ادا ڪرڻو هو جنهن بهرحال اهو
ذمو پنهنجي ڪلهن تي کنيو هو. لکيل پڙهيل ۽ قومي
درد رکندڙ ماڻهن کي پريس جي طاقت ۽ اثر جو احساس
ٿيڻ لڳو هو. هر طرف ماهوار، هفتيوار ۽ روزاني
اخبارن ۽ رسالن جي جاري ٿيڻ جون خبرون گشت ڪري
رهيون هيون ۽ قلمي زور آزمائي ٿيڻ لڳي هئي. ان
لحاذ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته ان دور
جي اخبارن نه رڳو تاريخ سان رول ادا ڪيو پر پنهنجي
بقا ۽ واڌاري لاءِ به واهه جون وکون وڌايون.
ماضيءَ ۾ نڪتل اخبارن ۽ مخزنن مان چڱو خاصو تجربو
حاصل ٿي چڪو هو ۽ ان جي روشني ۾ آئيند يجو پروگرام
مرتب ٿيڻ ۾ نسبتاً آساني ٿي رهي هئي. 1914ع ۾
پهرين مهاڀاري جنگ ڇڙي چڪي هئي ۽ ان بعد انگريزن
پاران مسلمانن جي مرڪزي ترڪي خلافت لاءِ مخالفانه
رويو اختيار ڪرڻ تي، هتي چڱو خاصو چوٻول متو هو ۽
ترڪن جي مدد ۾ اٿڻ سان، مسلمانن جي مقامي آزاديءَ
لاءِ به سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جون اميدون ۽ آسرا
هئا. جنهن ڪري مسلمانن تحريڪ خلافت جي نالي ۾
پنهنجي سياسي شورش جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ طرح گويا
وقت جي حاڪمن انگيزن خلاف هڪ سياسي پليٽفارم هموار
ٿي پيو هو جنهن ۾ ايڏو زور ۽ اثر هو جو باوجود
بنيادي طرح مذهبي ۽ بين الاقوامي هجڻ جي، خلافت
تحريڪ ۾ هندو به حمايت ڪرڻ لڳا يا ڪرڻ تي مجبور
هئا. ان سلسلي ۾، مهاتما گانڌيءَ جي ادا ڪيل ڪردار
کان هرڪو واقف آهي.
ان دور جي اخبار ۾ مکيه رسالن ۽ مخزنن جو مختصر احوال هنن ايندڙ
صفحن تي ڏيڻ مقصود آهي.
1911ع ۾ مهرام لوڪرام قومي ويچارن ڦهلائڻ لاءِ ”سنڌڀاسڪر“ نالي
هڪ اخبار جاري ڪئي. 1912ع ۾، خوشيرام موٽومل
هيراننداڻيءَ، حيدرآباد مان، هڪ ”ماهوار ناولس
اخبار“ ڪڍي هئي. جيڪا نولن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ
مقصود هئي. هن ۾ 40 صفحن تي مشتمل ناول يا ناول جي
قسط ۽ باقي ويهارو کن صفحن تي اڳ شايع ٿيل مواد
ڏنو ويندو هو، هن اخبار ڏاڍي دلچسپي پيدا ڪئي ۽ هن
جي اجراء سان سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي ناولن جو اضافو
ٿيو. ساڳئي شهر حيدرآباد 1913ع ۾، مسٽر ڪندن مل
ڏيپچند شوداساڻيءَ ”آنند“ نالي هڪ ماهوار رسالو
جاري ڪيو، رسالي جي عجيب پاليسي هوندي هئي. سال جي
آخر ۾ پڙهندڙن کي هڪ ڪتاب مفت، ڀيٽ طور، ڏنو ويندو
هو. اهڙا ڪتاب، 1913ع ۾ پارس ڀاڳ، 1914ع ۾ ڀڳوت
مالا (ڀاڱو پهريون) ۽ 1915ع ۾ ڀڳوت مالا (ڀاڱو
ٻيو) نڪتا.
1913ع ۾ ئي، جولاءِ جي مهيني ۾، مسٽر ڄيٺانند ٿڌومل واسواڻي هڪ
رسالو ”ماهوار ناول“ جي نالي ۾ ڪڍيو هو.
ساڳئي سال، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ هڪ ماهوار مذهبي
رسالو ڪڍيو جنهن جو نالو ”الاسلام هو ۽ ادارت
اعزازي طرح مرحوم محمد صالح ڀٽيءَ سنڀالي.(1)
1914ع ۾، ميرپورخاص گزيٽ
(2)
هڪ هفتيوار اخبار ميرپورخاص
مان جاري ٿي جنهن جو مالڪ ۽ ايڊيٽر گرڏنومل ٽهل
سنگ هو. مسٽر گرونمل ڏينمل اها خبار پنهنجي ادارت
۾ 1921ع تائين هلائي جنهن کانپوءِ، ٿوري عرصي لاءِ
(1921 کان 1923ع تائين) ان جو ايڊيٽر مرحوم محمد
هاشم ”مخلص“ به ٿيو هو. نڪرڻ وقت هت هن اخبار قومي
ويچارن جي هام هنئي هئي پر پوءِ هندو آريه سماج جي
آرگن ٿي پئي. هن ۾ اسلام ۽ ان جي پيغمبرﷺ جي خلاف
زهر افشاني ٿيڻ لڳي جنهن ڪري سندس روش جي خلاف ان
وقت جا مسلمان ايڊيٽر جهڙوڪ محمد هاشم ”مخلص“ ۽
حڪيم نور محمد نظاماڻي زبردست مقابلا ڪرڻ نڪتا
هئا. بعض اوقات، قومي خيالن کي ترجيح ڏيڻ واري
پاليسيءَ جي باوجود روزاني الوحيد ان ذهنيت جي
برملا مذمت ڪندي هئي. اها اخبار 1947ع تائين جاري
رهي.
1915ع ۾، حڪيم ڌنراج مل شڪارپور مان، هڪ ماهوار رسالو ”سک جو
سنيهو“ جاري ڪيو. ان کان اڳ، هن ڪامياب حڪيم ٻيا
به ڪيترائي رسالا جهڙوڪ ”حقيقت“، ”گهر جو حڪيم“ ۽
”طلسم حڪمت“ به ڪڍيا هئا.
ساڳئي سال ۾، مرحوم دين محمد وفائي، راڻيپور مان ”صحفيه قادريه“
جي نالي سان رسالو جاري ڪيو جنهن جو اصل مقصد
قاديانين کي جواب ڏيڻ هو ۽ مذهب اسلام جي سمجهاڻي
ڏيڻ هو. ان ئي زماني ۾ لاڙڪاڻي مان، هفتيوار
”الحقيقت“ جاري ٿي جنهن جي ادارت مرحوم غلام سرور
قادري ڪندو هو. معروف بزرگ صحافي، پير علي محمد
راشدي مطابق، ان زماني ۾ خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس جي
گڏيل ڪوششن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ حڪومت جي حمايت ۾،
مرحوم سر شاهنواز ڀٽو، خان بهادر غلام محمد خان
اسراڻ ۽ خانبهادر حاجي امير علي لاهوري تيار ڪيا
ويا جن اها هفتيوار جاري ڪئي.
(1)
ازانسواءِ ساڳئي 1914ع ۾، حيدرآباد مان، لعل چند امرڏنيمل جي
برپا ڪيل ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ پاران ماهوار رسالو
نڪرڻ لڳو ۽ ڏهن پندرهن سالن کانپوءِ ڪراچي جي اين
ايڇ پنجابي نالي ڪتب فروش هن رسالي جي اشاعت هٿ ۾
کنئي. ڪن جو خيال آهي ته هيءَ رسالو، سنڌي ادب جي
سمورن ادبي ماهوار سالن ۾ آڳاٽو آهي. جنهن سنڌي
ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. هن رسالي ڪيترن ئي
ڪهاڻين، ڊرامن ۽ مضمونن ۽ شعرن جا ڪتاب شايع ڪيا.
ان جو پهريون ايڊيٽر ڄيٺمل پرسرام هو. ساڳئي سال،
هن سوسائٽيءَ جي سهاري ماهوار رسالو ”سچو سک“ جاري
ٿيو. 1923ع ۾ ان جو ايڊيٽر مرحوم مرزا قليچ بيگ
هو. ساڳئي سال، ماستر وتڻمل ملڪاڻيءَ ”سنڌ واسي“
اخبار جاري ڪئي جا هفتيوار هئي.
1916ع ڌاري، حيدرآباد مان، ”هندو“
(1)
نالي هڪ هفتيوار سنڌي اخبار
جاري ٿي، جيڪا ترقي ڪندي، سهه روزه، دو روزه ۽ بعد
۾ روزاني بڻجي پئي ۽ 1934ع کانپوءِ ڪراچيءَ مان
نڪرڻ لڳي. ”هندو“ اخبار ڪڍڻ وارو ساڳيو مهراج
لوڪرام هو جنهن 1911ع ۾ ”سنڌڀاسڪر“ اخبار ڪڍي هئي
۽ ستت ئي جيل موڪليو ويو هو. اها ساڳئي اخبار،
پاڪستان کان سال اڳ يعني 1946ع ۾ ڦري روزاني
”هندستان“ ٿي جيڪا اڃا تائين زنده آهي ۽ بمبئي مان
نڪري رهي آهي. ان باري ۾ بزرگ صحافي حافظ خير محمد
اوحدي لکي ٿو:
”هند“ ظاهر ۾ ته سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪاميٽي جي سرڪاري ترجمان
هئي، مگر فرقه پرستي ۽ مسلم دشمنيءَ ۾ سنڌ جي
مهاسڀائي اخبارن کان به اڳري هوندي هئي. سنڌ جا
هندو ليڊر سنڌ جي مسلمانن جي خلاف انهيءَ اخبار جي
آفيس ۾ ويهي سازشون ڪندا هئا. سنڌ اسيمبليءَ جي
اجلاس جي موقعي تي ڪانگريس اسيمبلي پارٽي ۽ هندو
انڊپينڊنٽ پارٽي جا ميمبر آڌي آڌي رات تائين اتي
گڏبا ۽ مسلم وزارتن جي خلاف مشورا ڪندا هئا ۽
جيڪڏهن سڀاڻي تي اسيمبليءَ جي اڳيان مفاد سان تعلق
رکندڙ ڪو بل پيش ٿيڻو هوندو هو، ته ان جي اهم ترين
فقرن ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اهڙيون ترميمون تيار ڪندا
هئا، جن سان اهو بل غيرمفيد ۽ بي اثر بڻجي پوندو
هو.“
(2)
جناب حافظ اوحدي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته هن اخبار جو ايڊيٽر ته
هيرانند ڪرمچند
(1)
هوندو هو مگر ان جا ايڊيٽوريل
نوٽ گهڻو ڪري، سندس زال لکندي هئي.
(2) بهرحال اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي تسليم شده آهي ته
”هندو“
(3)
اخبار کي وڏي اهميت حاصل هئي ۽
اها ان مان به ظاهر آهي ته هن جي مالڪن ۽ ايڊيٽرن
وڏا سور سٺا جن ۾ جيرامداس ۽ ڊاڪٽر چوئٿرام جهڙا
ڪانگريسي اڳواڻ شامل هئا. مسٽر جيرامداس ڪجهه وقت
ڀارت واسيءَ جو به ايڊيٽر رهيو هو ۽ 1928ع ڌاري
”انگريزي هندستان ٽائمز“ جي به ايڊيٽري ڪيائين.
اخبار جي اهميت ۽ افاديت جي اهڃاڻ ڏيڻ لاءِ، اسان
هتي ان وقت جي چوٽيءَ جي ڪانگريسي ليڊر ۽ بعد ۾
هندستان جي گورنر جنرل راجگوپال آچاريه جو اهو
پيغام نقل ڪريون ٿا جيڪو هن اخبار جي مذڪور
ڪانگريسي جوبلي نمبر جي موقعي تي ڏنو هو. ان پرچي
۾ پيغام ڏيندڙن ۾ جواهر لال نهرو، راجندر پرشاد،
سياش چند بوس ۽ فرانس جو مشهور ليکڪ رومين رولنڊ
شامل هئا. پيغام جا الفاظ هي آهن:
”هندو“ جا 9 سمپادڪ 1931ع ۾ هڪٻئي پٺيان ترنگ جو تيرٿ ڪرڻ ويا.
1930ع ۾ 3 سمپادڪ جيل ۾ ويا ۽ سڄي پريس ضبط ٿي.
ساڳئي ريت 1937ع ۾ سمپادڪ ۽ مئنيجر گرفتار ٿيا ۽
پريس جي ضبطي ٿي. انهيءَ اتهاس تي ”هندو“ جي
بانيڪارن کي ناز هئڻ گهرجي ۽ کين گولڊن جوبلي نمبر
ڪڍڻ جو هرڪو حق آهي. سچ پچ ته ”هندو“ جو آئينده
ڪانگريس سان ڳنڍيل آهي.“
مٿي ٻڌايو ويو آهي ته 1931ع وارو سال ”هندو“ اخبار لاءِ مشڪل
ترين دور وارو وقت هو، ڇوته ان هڪ سال اندر ان جا
9 ايڊيٽر ۽ مئنيجر گرفتار ڪيا ويا هئا ۽ جيل
اماڻيا ويا هئا. پر ان ئي سال (26 مارچ 1921ع) جو
هڪ اهڙو اداريه ان اخبار جو اسان کي هٿ آيو آهي،
جيڪو مختصر هجڻ جي باوجود سچ گوئي ۽ بي ڊپائي جو
هڪ نمونو فراهم ڪري ٿو، ادارتي نوٽ جو عنوان آهي:
”آئي سڱن کي پر ڪن به ڪپائي وئي.“
ملاحظه ڪريو:
هندستان جي حالت سڌارڻ لاءِ يا سخت قاعدن ۾ ڦيرگهير ڪري نرم ڪرڻ
ڪاڻ، جڏهن تڏهن هندستان ۾ ڪميٽيون يا ڪميشنون پئي
ويٺيون آهن ته گهڻو ڪري هر بگاسو لوڪ به تماشو پئي
ٿيو آهي! سخت قاعدن کي نرم ڪرڻ بدران، اٽلندو وڌيڪ
سخت پئي ڪيو ويو آهي. حالت سڌارڻ بدران وڌيڪ بگاڙي
پئي وئي آهي. روات ڪميشن جو ڦل ڪارا رولٽ جا قاعدا
ٺهيا، ايسٽر ڪميٽي، جا مراد ئي انهيءَ سان ويٺي
هئي ته هندواسين کي وڌيڪ جنگي کاتي ۾ حق ڏجن، تنهن
جي رپورٽ حق ڏيڻ بدران هندواسين کان حق ڦري ورتا
آهن. ٻين به ڪيترن ڪميشنن جي اپٽار ڪجي، ”ليني کا
دينا پڙا“.........
”ڪائونسلن ۾ ميمبر سي وڌيا آهن پر ڍيڍڪو ڪم اسان جن ميمبرن کان
ڪرايو ٿو وڃي. مسٽر داس سچ چيو آهي ته انهن نون
سڌارن کان اڳي گهڻي قدر انگريز ڏوهاري هئا، پر هنن
سڌارن بعد، سختي ۽ ظلم جا ڏوهاري انگريز به آهن پر
هندواسي به ڀاڱي آهن. هندواسين کي پاپ جو ڀاڱي ڪري
انگريز وڌيڪ وقت ڄاڻ ٿا چاهين!“
هن اخبار جي سچ گوئي ان مان به ظاهر آهي ته جڏهن اهڙو موقعو
مليس ٿي ته هن هندن کي به ڪونه ٿي بخشيو هڪ دفعي
هندو لالچي دڪاندارن نفعي لاءِ شراب جي گتن جي
نيلام ۾ حصو ورتو هو. بس پوءِ ته ”هندو“ سخت تاءُ
۾ اچي وئي ۽ پنهنجي 12 مارچ 1921ع جي اشاعت ۾
ادارتي نوٽ لکيائين جنهن جو عنوان هو: ”ڪلالن جا
ڪرتوت- سنڌ جو شان وڃايائون.“
”سڄي هندستان ۾ هلچل هلي رهي آهي ته شراب جا گتا ڪوبه نيلام ۾
نه وٺي. ڪيترن شهرن ته مثال به ٿي ڏيکاريو. خود
اسان جي سنڌ ۾ ميرپورخاص ۽ ٺٽي به پنهنجو منهن مٿي
ڪيو پر اسان کي ظاهر ڪندي ڏک ٿو ٿئي ته حيدرآباد،
ڪراچي، سکر ۽ شڪارپور جي ماڻهن پنهنجي لوڀ ۽ لالچ
وچان سنڌ جو شان وڃائي گتن تي وڃي واڪ ڏنا. ڏک
اٿئون چاهي انهيءَ ڪري جو ٻيڻا ٽيڻا اگهه ڏيئي پت
انهن گتي وارن کوهي ۽ شريف هندن مان ڦري ڪلال ٿيا
آهن. انهن ڪلاڪن جي ڪرتوتن اڄ سنڌ جو ڪنڌ هيٺ ڪيو
آهي.“
ان ئي سال، حيدرآباد مان، ”ڪيسري“ نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري
ڪئي وئي جنهن جو ايڊيٽر سوامي گووندانند هو. جنهن
ڪٽر هندن جي نمائندگي ڪندي، مروج عربي رسم الخط
کان پرهيز ڪئي ۽ ديوناگريءَ لپيءَ ۾ ڪم هلائڻ جي
ڪوشش ڪئي. مٿا مونا هڻي هڪ سال تائين ته ان اخبار
کي هلايائون پر پوءِ نيٺ مجبورن عربي رسم الخط ۾
ڪڍڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ هفتي ۾ ٻه دفعا نڪرڻ
لڳي. شايد بعد ۾ روزاني به ٿي هئي، ڇوته الوحيد جي
21 جون 1927ع واري اشاعت مان پتو پوي ٿو ته ڪيسري
اخبار، جا روزانه هئي، تنهن هفتيوار ٿيڻ جو اعلان
ڪيو آهي.
ساڳئي 1912ع ۾، هڪ ٻي اهم هفتيوار اخبار ”الامين“
(1) جي نالي سان ساڳئي شهر حيدرآباد مان، مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي
جاري ڪئي. هن جي خصوصيت هيءَ هئي ته هونئن سڄي
اخبار سنڌي زبان ۾ هئي پروچ تي ٻن صفحن تي انگريزي
زبان استعمال ٿيل هوندي هئي. غالباً مقصد اهو هوس
ته وقت جي حڪومت سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ سڌي طرح
مخاطب ٿجي ۽ مسئلا ۽ معاملا گوش گذار ڪجن. اخبار
12 صفحن تي مشتمل هوندي هئي ۽ زوردار قلمي قوت جو
مظاهرو ڪندي هئي. ان جو وڏو سبب اهو هو ته ان جو
مالڪ مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي هڪ آزاد خيال
۽ قومي خيالن وارو اڳواڻ هو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ
هندن سان اتحاد ڪرڻ جو قائل هو. هن جي پاليسي هندن
سان گڏجي سوراج حاصل ڪرڻ واري ۽ علي ڳڙهه مڪتبه
فڪر جي سوچ جي خلاف هئي. انهن ڳالهين سبب،
”الامين“ ۽ ”الحق“ ۽ ”آفتاب سنڌ“ جو ٽڪر اڻ ٽر هو.
هڪ ٻئي تي سخت تنقيدون ڪيائيون ۽ آخر ۾ مرحوم
ڀرڳڙي ۽ مرحوم ”بلبل“ ته گهڻو پري وڃي پيا هئا.
سندن وچ ۾ مرحوم الهندي شاهه ٺاهه ڪرايو هو. شروع
۾ ”الامين“ جو ايڊيٽر مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ هو
جنهن کي ٿوري ئي عرصي اندر هٽائي، مرحوم شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ کي آندو ويو جيڪو ميانه روي ۽
ٿڌي دماغ جو مالڪ هو. مرحوم ”مخلص“ جو قلم ايڏو ته
قهري هو جو ڪيترن کي هڻي سٽي رکندو هو. مٿي ٻڌايو
ويو آهي ته ”مخلص“ ان ڳالهه تان ڪاوڙجي شيخ صاحب
جو مخالف ٿي پيو ۽ بعد ۾ جڏهن به موقعو ملندو هوس،
ته هن تي سخت ڇوهه ڇنڊيندو رهيو. سندس ان ئي
مخالفت سبب، ان وقت جو ٻيو ”مخلص“ جو جيسي ۽ مٽ سٽ
اخبار نويس، شاعر ۽ طنز نگار مولوي نور محمد
نظاماڻي، سندس سخت مخالف ٿي پيو هو. نوٽ ڪرڻ جي
قابل هيءَ ڳالهه آهي ته هيءَ اخبار پنهنجي صحافتي
جوابدارين ۽ فرضن کان بخوبي آگاهه هئي ۽ موقعي ملڻ
تي هن ان جو مظاهرو ڪيو. ”الامين“ جي اهڙي
ذميداريءَ جي نموني طور، اسان سندس هڪ اداريو ڏيڻ
چاهيون ٿا جيڪو هن 10 آگسٽ 1917ع تن قلم بند ڪيو
هو. اداريه ملاحظه ڪريو:
”اخبارن جي وجود هئڻ گهرجي يانه“
اخبارون هڪ طرف ملڪي سماچار جو آئينو آهن ته ٻئي طرف مظلومن جي
فريادن جو جام جم آهن. جنهن مان هر ڪنهن قسم جو
احوال روشن ٿو ٿئي.
غير ملڪن ۾ اخبارن جي جيڪا وقعت ۽ دسترس آهي ان کي ڏسي بيساخته
اخبارن کي پبلڪ جي دلي جذبات جو پورو ترجمان چئي
سگهجي ٿو. هنن ۾ جيڪي تحرير ٿو ٿئي سو بالا آفيسرن
جي بارگاهه محلا ۾ هڪدم رسائي ڪري ٿو. برعڪس ان جي
اسان جون سنڌي اخبارون گلو ڦاڙي فريادن تي فرياد
ڪري رهيون آهن ته ائين ڪڏهن به نه ٻڌو ويو آهي ته
هن ڪي هن دانهن لاءِ پڇا ڳاڇا ٿي. هاڻي جڏهن پبلڪ
جي فريادن جو ذريعو اخبار کانسواءِ ٻيو ڪو زياده
ڪارگر نه آهي ته اهي فرياد يا مظالمن جيڪي اخبارن
۾ شايع ٿين ٿا سي وسوارن جي ڌيان تي اچن ٿا يا نه
جيڪڏهن اچن ٿا ۽ هنن کي نظر ۾ ٿو آڻجي ته پوءِ
اخبارن جي عدم يا وجود ۾ڪوبه تفاوت نه، چئبو.
اختياري وارن کي اڳ پٽڻ گهرجي ۽ پبلڪ جي فريادن جي
تفتيش ڪرڻ گهرجي ته هو واقعي ستم رسيده آهن يا
نه.“
ڪراچيءَ مان، 1916ع ۾، مهراج هرومل پريمچند شرما هڪ وڏي سائيز
وارو دلچسپ ماهوار رسالو ”سنسار چڪر“ جي نالي سان
ناولن شايع ڪرڻ لاءِ جاري ڪيو هو. رسالو هر مهيني
جي 15 تاريخ تي بناناغي جي نڪرندو هو. رسالي
بهترين ليکڪن کي انعام به ڏنو ويندو هو ۽ ان کي
ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ برما، سلون، جپان، آمريڪا،
آفريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ سنڌي هندو گهرائي پڙهندا
هئا جيڪي واپار سانگي ٻاهر رهندا هئا.
ساڳئي، ”شڪارپور مان“، ”شيوڪ“ نالي هڪ هفتيوار اخبار رامچند
ويرومل ڀوراڻي ۽ ديوان شيوارام ڦيرواڻي گڏيل ايٽري
۾ جاري ٿي ۽ 1922ع تائين هلي. هن ۾ تعليمي ۽
معلوماتي مضامين پوندا هئا.
1917ع ۾، ماڻهن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ، ساڳئي مرحوم
ڀرڳڙي هڪ ٻي اخبار ”هندواسي“ جي اجراء ۾ امداد ۽
تعاون ڪيو جا اصل ۾ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
جاري ڪئي هئي جا شروع ۾ روزاني هئي ۽ پوءِ هفتيوار
بڻي. هنن ٻنهي اخبارن (يعني الامين ۽ هندواسي) هوم
رول تحريڪ ۽ هندو مسلم قومن جي اتحاد سان آزادي
حاصل واري راه ۽ ويچار جي زبردست پروپيگنڊه ڪئي، ۽
زودار نموني ۾ پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو. ان ئي
اخبار جو نالو بعد ۾ بدلائي ڀارتواسي(1) رکيو ويو ڇاڪاڻ ته ڄيٺمل جيل وڃي چڪو هو ۽ اخبار جي بند
ٿيڻ جو ڊپ هو. ان وڌيڪ پچائڻ لاءِ سندس نالو
بدلايو ويو هو ورنه طرز تحرير ۽ ڍنگ ساڳيو هوس.
ساڳئي سال، پنڊت ايس طوطارام هڪ اخبار ”سنڌ سماچار“ جي نالي ان
جاري ڪئي جيڪا ڪانگريس
(1)
پارٽيءَ جي ترجمان هئي 1919ع ۾ هن اخبار وڏي قرباني ڏني يعني
سيتاگره جي فائدي ۾ ڪيئي مضمون لکيا جنهن ڪري سندس
ايڊيٽر کان هڪ هزار رپين جي ضمانت طلبي وئي. 1917ع
۾ ئي، نومبر مهيني کان، ”سنڌ شيوڪ سڀا“ پاران
”ناري ڌرم“ نالي ۾ عورتن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ هڪ
ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو هو جيڪو هندي رسم الخط
۾ ڇپبو هو.(2)
ان ساڳئي سال هڪ ٻيو ماهوار
رسالو ”سوکڙي“ نڪتو هو جنهن جو جاري ڪندڙ مسٽر جي-
ايس- نندواڻي هو. هن رسالي ذريعي تصوف جو ذڪر
ٿيندو هو ۽ ان جي افاديت سمجهائڻ لاءِ ڪافي ڪجهه
لکيو ۽ ڇپيو ويندو هو.
1917ع واري سال کي اهو شرف حاصل آهي ته ان ٽين روزانه سنڌي
اخبار ”سوراج“ جو اجراء شڪارپور شهر مان ٿيو جو ان
زماني سنڌ جي سکين ستابن وڏن واپاري هندن جو مسڪن
هو. اخبار جو ايڊيٽر بلديو تاراچند گاجرا هو. هيءَ
اخبار شام جو نڪرندي هئي ۽ آل انڊيا ڪانگريس جي
ترجمان هئي. ماڻهن ۾ گهڻو مقبول هئي. هيءَ اخبار
1947ع جي آخر تائين قائم رهي، اهڙيءَ طرح ان وقت
تائين ٽي روزانيون اخبارون، ”سنڌواسي“، ”هندواسي“
۽ ”سوراج“ نڪري نروار ٿيون هيون.
ساڳئي سال، مولانا دين محمد وفائي ماهوار رسالو ”الڪاشف“
(3) ٺلاه شريف مان جاري ڪيو جو تبليغ لاءِ وقف هو، حيدرآباد
مان، هڪ ماهوار رسالو ”پريم پتر“
(4) جي نالي ۾، مهاراج سوامي هيمراج چداڪاشيءَ جي ياد ۾
ڪڍيو هو. رسالو اڪثر ڪري ٻارهن تيرهن صفحن تي
مشتمل هو ۽ هن ۾ نثر توڙي نظم ٻئي پوندا هئا. ان
جو گهڻو ڀاڱي مواد تصوف ۽ ويدانت جي باري ۾ هوندو
هو ۽ مسٽر جڳت راءِ ايسرداس هن رسالي جي مئنيجمينٽ
جو اعزازي سيڪريٽري ۾ هلائيندڙ هو.
ان ساڳئي سال، ”سک ٽرئڪٽ“ نالي هڪ ماهوار مذهبي رسالو حيدرآباد
مان ”سک ينگ مين ائسوسيئيشن“ پاران جاري ٿيو هو.
هن ٽرئڪٽ ذريعي، سنڌي ٻوليءَ ۾، ”سک ڌرم جو ادب“
ترجمو ٿيو ۽ لکيو ويو.
ازانسواءِ، ڪراچي مان ماهوار شڪل ۾ هڪ ٻيو رسالو ساڳئي نالي سان
(ليڪن 1926ع ۾) جاري ٿيو هو. هن سوسائٽي جو اعزازي
سيڪريٽري لالچند، ڪي، آر هوندو هو. هن ماهوار
رسالي پڻ سنڌي ٻوليءَ کي سک مذهب جو ڪافي ادب ڏنو.
ان کان علاوه، ان ساڳئي سال، پروفسير هاسارام پمناڻي
(1) روهڙي مان ”ست سنگ ولاس“ نالي هڪ ماهوار پتر ڪڍندو هو.
انهيءَ پتر کي 1919ع کان وٺي ”ڌرم درشن“ جي نالي
سان ڪڍيائين. هن رسالي ۾ ڌرمي سکيا بابت آکياڻيون
۽ مضمون ڇپجندا هئا. مختلف ڌرم شاسترن جا ترجما
شايع ڪيا ويندا هئا. هن رسالي لاءِ ڪراچيءَ جي سنڌ
آبروز راءِ ڏني هئي ته ”هي رسالو سون ۾ تورڻ جهڙو
آهي“ هي ساڳيو پمناڻي صاحب 1929ع ڌاري ”سنڌواسي“
اخبار جو مالڪ ۽ مهتمم هو.
هن ئي سال دوران، آگسٽ مهيني ۾، هفتيوار جنگي اخبار، سنڌي زبان
۾، حڪومت پاران جاري ڪئي ٿي ڏسجي جنهن جو مقصد
ماڻهن کي ان وقت هلندڙ جنگ جي باري ۾ واقفيت ڏيڻ
هو. اخبار جي سري تي
“The Sind War Journal, Published by the
Pubilcity Committee.” ان هفتيوار اخبار جي 25 سيپٽمبر 1918ع جي ڪاپي دستياب آهي بلڪه
سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٽنگيل آهي جنهن جي پهرين
صفحي تي خبرون ۽ چٽڪا“ واري ڪالم ۾ هيٺيون اعلان
ڇپيل آهي، جيڪو دلچسپي سان گڏوگڏ معلوماتي پڻ آهي؛
توهان به پڙهو:
”سنڌي جنگي اخبار“ جي ڇپائڻ جي مراد نه رڳو اها آهي ته سنڌ جي
ماڻهن کي ۽ خصوصاً اهي ماڻهو جي هميشه اخبارون نه
ٿا پڙهن تن کي هن مهاڀاري جنگ بنسبت سڄي ۽ صحيح
خبرچار ۽ حقيقت ملي سگهي. پر ان جي اها به مراد
آهي ته سنڌ جي پرڳڻي ۾ جيڪي خبرون ۽ واقعا جن جو
لاڳاپو لڙائي سان آهي ۽ ٻيون حالتون جي لڙائي کان
پيدا ٿين ٿيون تن جو پوري طرح بيان لکي پڌرو ڪجي.
تنهن ڪري اخبار جا مهتمم گهڻو خوش ٿيندا جيڪڏهن
انهن کي سنڌ جي سڀني ضلعن جي عملدارن ۽ ٻين
غيرعملدارن وٽان چپن جون لائق ۽ مزردار ۽ وڻندڙ
خبرون ۽ حقيقت پڌري ڪرڻ لاءِ ملنديون ۽ تنهن
کانسواءِ سنڌي جنگي اخبار کي ڪارائتو ڪرڻ لاءِ
جيڪڏهن ڪوبه صلاح مصلحت جون رٿون موڪليندو ته انهن
تي به جوڳو ويچار ۽ غور ڪيو ويندو. لڙائيءَ جي
مضمونن تي خاص تحريرون ۽ آرٽيڪلون گهڻي خوشيءَ سان
وٺڻ ۾ اينديون. مگر هيءَ اخبار اهڙي قسم جي آهي
جنهن مان ڇپيندڙن کي ڪو لاڀ يا فائدو حاصل ڪونه
ڪرڻو آهي تنهن ڪري اهڙا مضمون جيڪي قبول ڪيا ويندا
تن لاءِ ڪو پيسو يا اجورو ڏيڻ ۾ نه ايندو. اخبار
لاءِ جيڪي مضمون موڪليا وڃن سي ايڊيٽر کي هر هڪ
جمعي جي صبح تائين پهچڻ گهرجي جئن اهي ان کانپوءِ
ايندڙ اخبار ۾ درج ڪري سگهجن.“
هن عبارت مان ائي ٿو لڳي ته انگريزيءَ تان ترجمو ڪيل آهي. شايد
اهو مواد انگريزي ٻولي ۾ مهيا ڪري ڏنو ويو هو جتان
ترجمو ڪري سنڌي هفتيوار جو پيٽ ڀريو ويو هو.
1919ع ۾ ماهوار رسالو ”الحافظ“ حيدرآباد مان، حافظ حيات شاهه
صاحب جاري ڪيو جيڪو ڪراچيءَ مان ليٿو پريس ۾ ڇپيو
هو.
هڪ دفعي مرحوم مولانا شوڪت علي چيو هو ته ”الوحيد“(1) جي معنيٰ سنڌ ۽ سنڌ معنيٰ ”الوحيد“.
اهو چوڻ سو في صد صحيح هو ڇوته ان وقت سنڌ ۾ 73 سيڪڙو مسلمان
رهندا هئا ۽ مڙني مسلمانن جي روزانه اخبار فقط
”الوحيد“ هئي.
”مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي چيو“!
”سنڌ جا مسلمانو! سنڌ ۽ توهان جي هندو ڀائرن جي آدمشماري 27
سيڪڙو آهي ۽ انهن جون انگريزي، سنڌي ۽ گجراتي ڏهه
روزانيون اخبارون آهن. مسلمانن جي آدمشماري 73
سيڪڙو آهي پر مسلم قوم جي روزاني اخبار فقط
”الوحيد“ آهي ڇا مسلمانن جي قومي غيرت اها ڳالهه
برداشت ڪندي ته انهي اخبار کي به بند ڪيو وڃي؟ ۽
انهيءَ سوال جو جواب عمل سان ڏيڻ گهرجي ۽ نه زبان
سان.“
اها اپيل شيخ صاحب مرحوم 15 فيبروريءَ 1935ع تي، سنڌ جي مسلمانن
کي ڪئي هئي جڏهن ”الوحيد“ کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا
پيا هئا ۽ مالي ڪمزوري سبب اخبار جي ختم ٿيڻ جو
خطرو هو. بهرحال اهڙيون گهائيندڙ گهڙيون به
”الوحيد“ گذاري وڃي مٿي چڙهي ڇوته سنڌ جا مسلمان
ان جي افاديت جا قائل ٿي چڪا هئا ۽ ڏسي رهيا هئا
ته ”الوحيد“ سندن سچي ۽ صحيح ترجماني ڪرڻ جو حق
ادا ڪيو هو. پوءِ ڇو نه شاعر چوندو ته:
”آه مسلم لئه نسيم روح پرور الوحيد،
گلشن اسلام جو آهي گل تر الوحيد.
ٿو ڪري هڪدم مشام معطر الوحيد،
شڪل ڪاغذ جي مگر قند مڪرر الوحيد.
دين جي تلوار جو آه جوهر الوحيد،
آه جادو جو اثر ان ڪاغذي تصوير ۾،
سامري جو سحران جي شوخئي تحرير ۾،
يا ته بجليءَ جو تماشو تنهن سندي تقرير ۾،
فيض ان جو آه پهتل هر جوان وير ۾،
معنيٰ و مضمون ۾ چون شير شڪر الوحيد.
قابل تعريف ان جو آه ايڊيٽر ٿيو،
ڪاغذي ميدان ۾ ان جو قلم خنجر ٿيو،
قطع جنهن کان دشمنان دين جو ڏس سر ٿيو.
ان جي همت کان سڄو ميدان آهي سر ٿيو،
ڄڻڪ پيدا سنڌ ۾ ٿيو آه صفدر الوحيد.
ان ۾ نڪرن نت نوان احوال ٿا اسلام جا،
تذڪرا تڪرن جا ۽ انڪار روم و شام جا،
ٿيا تماشا تنهن ۾ آهن واه جم جي جام جا،
هي ترافا ٿا ٻڌون اڄ پڻ نيلي فام جا،
ڄڻ ڪراچي ۾ ڏسون ٿا هفت ڪشور الوحيد.
ان جي خدمت جي سبب جيلن اندر سڀ چار ويا،
همت مردان سان خوش ٿي اڳيان سرڪار ويا،
قلمز طوفان مان نڪري سرار يار ويا،
ڄڻڪ ناناڻن جي گهر ۾ لئه ضرور ڪار ويا،
ٿيو مجسم جيل آهي سارو دفتر الوحيد.
ڪانه ٿي واجب اوهان تي ڀائرو تن جي مدد،
هڪ مسلمان جي اها جلدي ڪريو ٻن جي مدد،
خلد ۾ ويندا اهي جي دل سان ڪن تن جي مدد،
ٿيو اوهين تن جي مدد مولا ڪري جن جي مدد
ٿو چوي ”مخلص“ اٿو نفعو سراسر الوحيد.(1)
سنڌ جي مسلمانن جي اها پهرين روزانه اخبار ”الوحيد“
(2)15 مارچ 1920ع تي جاري ٿي جنهن جو خود نالو، مسلمانن جي مرڪزي
ترڪي خلافت جي خليفي يا سلطان وحيدالدين جي اسم
گرامي سان منسوب ڪري تحريڪ خلافت جي جوش ۽ ولولي
کي زنده ڪيو ويو. تحريڪ خلافت جي ترجمان جي حيثيت
سان ۽ سنڌ جي مسلمانن جي دل جي ڌڙڪن ۽ آواز جي
نمائنده حيثيت سان، الوحيد هڪ اخبار نه پر هڪ
اداريءَ ۽ هڪ تحريڪ وانگر اٿي ۽ مصروف عمل رهي،
وڌي ۽ ويجهي. ان وقت هفتيوار ”الحق“ هئي جيڪا
پنهنجي لحاظ کان گهڻو ڪجهه ڪري رهي هئي پر ان جي
پاليسي ڪجهه ٻئي قسم جي هئي. يعني اها ان پوزيشن ۾
نه هئي جو خلافت جي سوال تي انگريزن جي ريشه
دوانين ۽ سازشن کي، سنڌ جي مسلمانن جي جذبن مطابق
نندي ۽ رهنمائي ڪري. خلافت جي زوال تي سنڌ ۾
چوڌاري سخت مايوسي ۽ روڄ لاڙو، جوش جذبو هو. ان
سڄي صورتحال جي صحيح نمائندگي ڪرڻ لاءِ اخبار جي
ضرورت هئي جا ”الوحيد“ پوري ڪئي.
اخبار جي شروع ڪرڻ ۾ مکيه طرح مرحوم شيخ عبدالعزيز ۽ مرحوم شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ مرحوم سر عبدالله هارون جون گڏيل
ڪوششون هيون. ٻن جو ذهن ته ٽئين جو پيسو. ليڪن
1922ع ڌاري مرحوم هارون، شيخ صاحب کي پنهنجي لفظن
۾، ”........ الوحيد پريس کي صوبه کان پاڻ کي آجو
ڪيو.“
(1)
نڪرڻ شرط، اخبار شيخ عبدالعزيز
(فرزند شيخ محمد سليمان الحق وارو) جي نظرداريءَ ۾
ڏني وئي ليڪن ٻن مهينن جي قليل عرصي کان پوءِ
مرحوم قاضي عبدالرحمان (جو نئون بي. اي پاس ڪري
آيو هو) جي حوالي ڪئي وئي. ابتدائي ايام ۾، الوحيد
جي تحريري مددگارن ۾ مرحوم مولوي حڪيم شمس الدين
به شامل آهي جيڪو انهن ڏينهن ۾ مجلس خلافت جو جنرل
سيڪريٽري هو ۽ ڪراچيءَ ۾ مطب هلائيندو هو.
ازانسواءِ ادارتي عملي ۾ مرحوم مولانا دين محمد
وفائي کي به شامل ڪيو ويو هو جيڪو سنڌ مان سڀ
سانگا لاهي، ان مقصد لاءِ ڪراچي ۾ اچي رهيو هو.
جيتوڻيڪ ظاهرن 1924ع ڌاري خلافت جو سوال ترڪن پاڻ ختم ڪري ڇڏيو
هو ۽ سنڌ ۾ ان مسئلي تي پيدا ٿيل تنظيم ۽ طاقت
پنهنجي جاءِ تي بحال هئي جنهن کي زندهه رکڻ ۽ ٻين
سياسي ۽ سماجي مسئلن حل ڪرڻ لاءِ ان طاقت مان
استفاده ڪرڻ جو ڪم اخبار ”الوحيد“ پنهنجي ذمي
کنيو. ”الوحيد“ ڇا لکيو مرحوم شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ لکيو جيڪو هن نئين تحريڪ جو روح روان هو ۽
بي مثال سياسي ۽ صحافتي خوبين ۽ خصوصيتن جو مالڪ
هو. سندس قيادت ۾، هن اخبار سنڌ جي مسلمانن جي
عملي، اصلاحي، سماجي، سياسي ۽ ديني رهنمائي ڪئي.
سنجوڳي شيخن کي ارتداد کان بچائڻ جو سوال هجي، شڌي
۽ سنگهٺن تحريڪن جو مقابلي ڪرڻ جو مسئلو هجي ۽ سنڌ
کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو هجي يا بعد ۾
پاڪستان ٺهڻ ڪوششن جو واسطو هجي. ”الوحيد“ سنڌ جي
مسلمانن جي احساسن ۽ گهرجن مطابق پنهنجو صحافتي
ڪردار ادا ڪيو.
انهن بي لوث ۽ مخلصانه خدمتن جو ئي نتيجو هو جو هتي جا مسلمان
”الوحيد“ جي لکئي کي پٿر تي ليڪو تصور ڪندا هئا ۽
جي هر وقت هڙون ۽ وڙون امڪاني مدد ڪندا رهندا هئا.
ممتاز صحافي حافظ خير محمد اوحدي لکي ٿو ته:
”سنڌ جي سياسي ۽ صحافتي افق تي ڪي اهڙا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏي وئي،
جن کي اسين وسارڻ چاهيون، ته به آسانيءَ سان وساري
نه سگهنداسون ۽ جيستائين ”الوحيد“ جي نالي جو تعلق
آهي، اهو سندس ظاهري اهڃاڻن جي مٽجي وڃڻ جي
باوجود، سنڌ جي آسمان صحافت تي هميشه چمڪندو
رهندو.“
(1)
ممتاز موءرخ ۽ عالم جناب پير حسام الدين راشدي کي ٿو: ”......
الغرض الوحيد، ستت ئي ايڏي مقبول ٿي وئي جو سنڌ
اندر قومي سجاڳيءَ جي زبردست لهر اٿاري ڇڏيائين.
سڄي نبيري نڇيڙي سندس حصي ۾ اچي ويئي. الوحيد جو
لکيو سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڄڻ الهام ٿي پيو. ڪنهن
کي چون چران جي مجال نه هئي، هرڪو پيو ان لکڻيءَ
ڏانهن تڪيندو هو. الوحيد جي احاطي ۽ دائري کان
ٻاهر جيڪا شئي هئي، سا بلڪل باطل ۽ غيرمستند يعني
قطعي مجهول ۽ صفا نامعقول. انگريز ششدر ٿي ويا ۽
سنڌ ۾ انگريزن پرستن جون ٿالهيون ابتيون ٿي ويون،
۽ ديڳڙا اونڌا ٿي ويا ۽ ڏويون ٽنگجي ويون.“
(1)
”الاسلام“
نالي سان هڪ رسالو امدا سلطان واري به جاري
ڪيو هو.
مرحوم
شفيع احمد علوي جي خيال ۾، اخبار جي اجراء جو
سال 1912ع آهي.
اهي
ڏينهن اهي شينهن“، پير علي محمد راشدي، ص-
481.
مسٽر
پرڀداس برهماچاريءَ جو چوڻ آهي ته ”هندو“ جي
جاري ٿيڻ جو سال 1914ع آهي ۽ نه 1916ع، جيئن
حافظ اوحدي جو خيال آهي. (هندو ڪانگريس جوبلي
نمبر- 28 ڊسمبر 1935ع) پر ”هندو“ جي 31 1927ع
جي اداريه مان معلوم ٿئي ٿو ته مهراج لوڪرام
شرما هيءَ اخبار 17 نومبر 1916ع تي جاري ڪئي
هئي. اول ناگري اکرن ۾، پوءِ سنڌي ۾. 17 ڊسمبر
1917ع کان ناگري اکرن مان ڦيرائي عربي رسم
الخط ۾ ڪڍي وئي. ان جي ايڊيٽرن ۾، ڄيٺانند،
جهمٽ مل، لکا سنگ ۽ وشنونئنارام شرما شامل
آهن.
”مهراڻ
تي مجلس“ سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ، حافظ خير
محمد اوحدي ص، 9.
ساڳئي
هيرانند ڪرمچند ڪراچيءَ مان ”ڪرانتي“ نالي هڪ
اخبار به جاري ڪئي هئي.
اهميت
ان ڳالهه مان به ظاهر آهي ته سندس ساڳي اشاعت
۾ ڪيترن ئي مختلف عنوانن تي ادارتي نوٽ لکيا
ويندا هئا. مثال طور 2 فيبروري 1922ع واري
اشاعت ۾ هيٺئين پنجن عنوانن تي اداريه لکيل
هئا: 1- مهاتما جي گرفتاري ٿئي ته پوءِ؟ 2-
ڌيان تي: سنڌي ساهت جي ترقي. 3- ميونسپل جون
چونڊون. 4- ٿنڀا ۽ ٿوڻا ۽ 5- زمين تي دوزخ.
”هندو“ اخبار جي هڪ ننڍڙي خبر الوحيد 12 آگسٽ
1922ع واري اشاعت ۾ نقل ٿيل هٿ آئي آهي، جيڪا
هيٺ ان ڪري ڏيون ٿا ته هڪ ته ان اخبار جي
جرئتمندانه پاليسي جو پتو پوي ۽ ٻيو الوحيد
طرفان ان خبر کي دوباره ڇپڻ سان اهو ثبوت مهيا
ٿئي ٿو ته باوجود باهمي مخالفت ۽ اختلافات جي،
قومي خيالن ۾ ڪيئن نه ان زماني جون اخبارون
متفق ۽ متحد هيون، خبر هن ريت آهي:
”روهڙي مان هڪ 15 ورهين جو هڪ ڇوڪر ٿو لکي ته
مان حج جي ميلي (وار مبارڪ) تان جيئن پنهنجي
گهر ٿي ويس تيئن پوليس وارن کي چيم ته جاءِ
ڏيو ته گهر وڃان. پر انهن ناڪار ڪئي. منهنجي
گانڌي ٽوپي لاهي مون کي سخت مار ڏنائون. مان
ڊاڪٽر وٽ ويس پر هن چيو ته مئجسٽريٽ جي موڪل
کانسواءِ توکي سرٽيفڪيٽ نه ٿو ڏئي سگهان.
پوليس وارن جا نمبر 361 ۽ 384 هئا.“
”الامين“
جي نالي جي مٿان هي شعر سينگاريل هوندو هو:
فضل خدا سان جاري ٿي اخبار الامين
ٿي قوم جي معين مددگار الامين.
اخبار جي زوردار ۽ مزيدار لکڻي جي نموني طور،
سندس 7 سيپٽمبر 1917ع واري ادارتي نوٽ جو هڪ
ٽڪرو ڏيون ٿا پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين:
”....... ملڪ جي ناقدرداني، سامان جي گراني،
مفت خورن جي مهرباني، پريس ايڪٽ جي سخت جاني
اهي جمله اهڙيون سخت صعوبتون آهن جنهن کان
ڪابه اخبار جاري ڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻ تمام
محال آهي...... الامين اخبار جي پاليسي مرنجان
مرنج، هن
ذري
گهٽ ساڳئي وقت هڪ اخبار ”القاسم“ جي نالي سان،
سيد محبوب علي شاهه ڪنڌڪوٽ مان ڪڍي هئي.
خود
”ڪانگريس“ نالي سان ناڪرداس سکر مان هڪ اخبار
جاري ڪئي هئي.
See,
Daily Gazette of Karachi, dt May 22, 1919
page 5
پريم
”پريم چارڪ“ ۽ ”پريم پرڪاش“ جهڙن نالن سان به
رسالا جاري ٿيا هئا، جن جا ايڊيٽر ڀروڄراج واڌ
واڻي ۽ گرمک سنگهه حيدرآباد جا هئا.
لاشڪ
اهو ساڳيو پنماڻي آهي جنهن جي باري ۾، بزرگ
صحافي پير علي محمد راشديءَ، سکر واري
منزلگاهه جي مسجد بابت ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس
دوران ٿيل واقعي تي روشني وڌي آهي. راشدي
صاحب جي پنهنجن لفظن ۾ ٻڌو:
”هڪ ڏينهن هندن طرفان مسٽر پمناڻي شاهد بڻجي
آيو. هو صاحب روهڙيءَ جو رهاڪوهو ۽ سکر ضلعي
مان سنڌي اسيمبليءَ جو چونڊيل ميمبر هو. ڏاڍو
تيز طبيعت هو ۽ مسلمانن تي حد کان زياده ناراض
رهندو هو. پنهنجي شاعريءَ جي دوران، پير صاحب
ڀرچونڊي شريف جي باري ۾ ڪجهه ناشائسته ڳالهيون
به ڪري ويو. سندس بيان پورو ٿيو ته مون ڪورٽ
کي عرض ڪيو ته مسٽر پمناڻيءَ جو بيان اخبارن ۾
ڇپجڻ کان روڪيو وڃي، ورنه موجوده اشتعال جي
حالت ۾ ممڪن آهي ته سندس جان خطري ۾ پئجي وڃي.
بيان اخبارن ۾ نه ڇاپن، پر ان زماني ۾ هندو
اخبار نويسن جي سوار تي ڪجهه عجيب هئي، ڪهڙيءَ
به چڱي نيت سان کين ڪنهن حرڪت کان ڪرڻ کان
روڪيو ويندو هو ته هو زور ڏئي اها حرڪت ڪندا
هئا، ان خيال سان ته روڪڻ جو سبب مسلمانن کي
فائدو پهچائڻ لاءِ هڪ بهانو هوندو، تنهن ڪري
ان بندش کي ضرور ٽوڙجي. ٻئي ڏينهن مسٽر
پمناڻيءَ جو بيان، وڏين سرخين هيٺ سمورين هندو
اخبارن ۾ پڇجي ويو. ٽئين ڏينهن مسٽر پمناڻيءَ
روهڙي ريلوي اسٽيشن تان لهي جيئن پيدل شهر
ڏانهن وڃي رهيو هو، تيئن رستي ۾ ڪي شاهينگ کيس
پستول هڻي خون ڪري پاڻ غائب ٿي ويا. وڏو
هنگامو ٿي ويو. هندن جون اکيون رت ڇڏڻ لڳيون.
اسان جي ٽربيونل اڳيان هندو وڪيل وڏيءَ شد مد
سان شڪايت ڪئي ته: ٽيون ڏينهن مسٽر راشديءَ هن
کليل ڪورٽ اڳيان دڙڪو ڏنو هو ته مسٽر پمناڻيءَ
کي قتل ڪيو ويندو، سو ان دڙڪي تي ڪالهه عمل ٿي
چڪو ۽ مسٽر پمناڻيءَ کي ڪالهه ”شهيد“ ڪيو ويو
آهي. ڪورٽ اها ڳالهه رڪارڊ تي رکي. مسٽر راشدي
پمناڻيءَ جي خون جي منصوبي جو آٿر
(Author)
آهي.“
جج صاحب گهنڊڀائي ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين:
مسٽر راشدي توهان جي خيرخواهي ڪئي، جڏهن هن
اوهان ۽ ڪورٽ کي مشورو ڏنو هو ته پمناڻي جو
اشتعال انگيز بيان اخبارن ۾ اچڻ نه گهرجي.
مسٽر راشديءَ جي ڊگهي نظر هئي ۽ کيس وقت جي
نزاڪتن جو صحيح اندازو هو. جيڪي ماڻهو خون
ڪرائڻ جا منصوبا بڻائيندا آهن، سي هاءِ ڪورٽ
جي جج اڳيان دڙڪا نه ڏيندا آهن. هندن تنهن
هوندي به خون جي منصوبي جو ڪيس بڻايو ۽ مون کي
به جوابدار ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وريو ڪجهه
ڪونه. پاڻ ان ڪوشش ڪري اصل خونين کي ڳولهڻ ۽
هٿ ڪرڻ ۾ پيچيدگيون پيدا ٿي پيون ۽ پمناڻيءَ
جو خون لڙهي ويو.
”الوحيد“
1 جنوري 1933ع واري اشاعت ۾ لکيو آهي
ته............. ڪنهن کي سڌ هئي ته هڪ روزانه
اخبار ۽ نج قومي خيالات جي اخبار سنڌ جهڙي
بدمذاق ۽ بي شوق ملڪ ۾ ايترا ڏينهن زنده رهي
سگهندي خاص طرح ان حالت ۾ جو نه کيس ڪنهن قومي
سرمائي جي ۽ نه وري سرڪار جي نوٽيسن جي ۽ نه
وري لوڪلبورڊن جي نوٽن جي........“
هي
چند شعر آهن ان منظوم اپيل جا مرحوم ”مخلص“ 4
سيپٽمبر 1924ع تي لکي ۽ الوحيد 21 سيپٽمبر
1924ع ۾ ڇپيا شعر اهي الوحيد سنڌ ۾ آزاد نمبر
ڇپيا.
روزانه
”الوحيد“ جي پهرين ڪاپيءَ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي
ساڄي پاسي ڏسي سگهجي ٿي.
”الوحيد“
پريس ۽ اخبار جي مستقبل، بقا ۽ بهتري جو
مسئلو: شيخ عبدالمجيد سنڌي، الوحيد، 15
فيبروري، 1935ع.
مهراڻ
جي مجلس: سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ، حافظ خير
محمد اوحدي- ص- 10.
”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“، پير حسام الدين راشدي، ص-
131.
|