سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 10

صفحو : 17

 

بخدمت ملا مبين عرشي

معرفت ايڊيٽر اخبار نوراسلام

ٽنڊومحمدخان

 

انهن ڏينهن ۾، مرحوم مولوي نظاماڻي، صاحب ڪنهن ڳالهه تان، روزانه ”الوحيد“ تي ناراض ٿي پيو جنهن جو روح روان مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. مولوي صاحب شيخ صاحب جو وڏو مداح ۽ متعرف به هو ليڪن پنهنجي اخبار ”نورالسلام“ (28 آڪٽوبر 1929) ۾ ان جي خبر ورتائين. ابتدائي جملا ملاحظه ڪريو:

 

”الوحيد جو انجڻ ڊرائيور خبر نه آحي ڪنهن جي گابن سان آهي. گارڊ (شيخ عبدالمجيد صاحب) ويچارو ته رات ڏينهن الوحيد ۽ قوم جي خدمت ۾ سرگردان باقي هيزم ڪش حضرات کي ته اهي فقط انجڻ کي باهه ڏيڻي، پوءِ جتان آيا اتان ڌوڪيندا ٿا وڃن، نه بريڪ ۾ هٿ نه اڳ پوءِ جي خبر. جيڪو منهن ۾ آيو تنهن جا آنڊا بڪيون ٻاهر. جيڪڏهن گهڻو وقت اها حالت رهي ته پوءِ خبر نه آهي اها انجڻ الاجي ڪيترا گاڏا گهلي سگهندي. ابن جانب ته خير ڪهڙي باغ جي موري مگر لاڙڪاڻي طرفا گشت ڪندي اسان جا هڪ شڪايت ٻڌڻ ۾ آئي سا اهڙي نه آهي جنهن کي پرده راز ۾ رکي ڇڏجي.“

 

جئين مٿي ٻڌايو ويو آهي، مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻيء بهترين ۽ قادرالڪلام شاعر به هو. سنجيدگي ۽ متانت سان ڀريل شعر و شاعري به ڪيائين ۽ مذاق ۽ مزاح يا هجو ۽ طنز طرح به مضمون لکيائين جيڪي ڏاڍو گهڻو پسند ڪيون وينديون هيون. ”مرغ فلڪ“ جي اجراء تي، ان ئي اخبار جي 15 مئي 1934ع واري اشاعت ۾ ”صحافت جو سينگار مرغ فلڪ“ جي عنوان تحت، مولوي صاحب هيٺين نظم تحرير ڪئي جنهن ۾ طنز سان گڏ اخبار جي مقصدن بابت به روشني پوي ٿي:

 

”وٺي روپ اخبار جو اڄ لٿو

هي مسٽر مزيدار مرغ فلڪ

عجب ناز انداز سان اوچتو

ٿيو اڄ نمودار مرغ فلڪ

پلڪ ۾ پڄي عرش تان عرش تي

عجب تيز رفتار مرغ فلڪ

ڪري خواب غلفت جي هر خفته کي

ڏئي ٻانگ بيدار مرغ فلڪ

ٿيل مست اهل بصيرت ٻڌي

گهر ٻار گفتار مرغ فلڪ

سخنور زماني جا سڀ ٿا چون

صحافت جو سينگار مرغ فلڪ

نه طوطي نه مينا نڪي عندليب

هي سڀني جو سردار مرغ فلڪ

دگر گود ۽ بي بدل دوست

پروبال و منقار مرغ فلڪ

جي مشتاق ملڪ ادب جو ته ڪر

سدا دل سان ديدار مرغ فلڪ

ٿين بي دريغ اهل معنيٰ سندا

خوشي مان خريدار مرغ فلڪ

وٺي ساليانه ٿو چڳي جي لاءِ

فقط چار ڪلدار مرغ فلڪ

نه ڪر خوف چندي جو نقصان جو

هي يار وفادار مرغ فلڪ

هي مرد مجاهد به فضل خدا

نه ٿيندو عزيزو اسان کان جدا.

هڪ هفتي وياج خور هندن ۽ آريه سماج جي دليرين کان تنگ ٿي، هي حملو ڪيائين ۽ مسلمانن کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين:

 

”مسلمانن جو پي خون ۽ مڇرجي پيا اڄ مهتا،

نه سمجهو اڄ اهي آهن اڳوڻا ساڳيا مهتا.

گدڙ مان شير بڻجي اڄ ويا گوبند ۽ گنگو،

هڻي گوهي هندو مان هي بنيا اڄ آريه مهتا.

هينئر هر فرد انهن جو مثال ڀيم ۽ ارجن،

سبب هي جو حڪومت ۾ مٿاهان ٿي ويا مهتا.

نٿو (1) جهڙا ته نخري باز ڪن تڏهن ٿا اڄ مستي

هرومل خوب هولي ۾ پئي پوڄائيا مهتا.

ڦتي ٻائي جون ڦينگون اڄ ڦليلي پار پهچي ويون،

دٻايا دوارڪا صاحب مڙئي هٽ واڻيا مهتا.

نه ڪڇ اي مسلم بيڪس بهادر قوم سان بلڪل،

وگر نه ديورت وانگي وسائيندي گهڻا گل ڦل.“

 

هاڻي وانگر، اڳي به، چونڊون وڏو چهچٽو ۽ سرگرمي پيدا ڪنديون هيون. ڪي مخالفت ۾ ته ڪي مواقفت ۾. تقريرون ۽ تحريرون لفظن ۽ آواز جي جاودگري سان عام خلق کي پنهنجي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۾ گجنديون ڇپنديون هيون. اهڙي طرح ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙن جي ذهني تعليم ۽ تربيت ٿيندي هئي جيتوڻيڪ اليڪشن جي حقيقي افاديت ۽ تعليم جي ناوافقيت سبب نفرتون به پيدا ٿينديون هيون. 1934ع جو زمانو هو سينٽرل اسيمبليءَ جي ٻن سيٽن لاءِ سنڌ مان 3 اميدوار مقابلي لاءِ بيٺا. اهي هئا سر عبدالله هارون مرحوم، شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم ۽ نبي بخش خان ڀٽو. ”عبدالله هارون“ اڳ ۾ ئي ميمبر رهندو آيو هو، تنهن ڪري سندس لڳ لاڳاپا، ورڪر ۽ ايجنٽ موجود هئا. شيخ عبدالمجيد صاحب جي هٿ ۾ هئي ”الوحيد“ اخبار، جا سنڌ جي مسلمانن جي تنها روزانه اخبار هئي ۽ خلافت تحريڪ جي ڏينهن کان وٺي هلندي ٿي آئي. ساري سنڌ جي ملسمانن مٿان ان اخبار جو اثر هو ۽ ان جا خاطر ۽ مددگار جن کي ”الوحيدي ٽولو“ سڏيو ويندو هو، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيا پيا هوندا هئا. ٽي چار مهينا ورڪ هليو، پنهنجي وس پڄندي ڪنهن به اميدوار ڪونه گهٽايو. آخر نبي بخش خان ڀٽو پهرين نمبر ۾ ۽ سر عبدالله هارون ٻئي نمبر ۾ ڪامياب آيو؛ شيخ عبدالمجيد صاحب هارايو.....“ (1)

”پير علي محمد راشدي صاحب جي چوڻ مطابق:“

”منهنجا ساڻس (يعني نبي بخش خان ڀٽي سان) تعلقات هئا، پاڙيچائيءَ جو سوال هوندو هو، جنهنڪري هر چونڊ، هر مقابلي ۽ معاملي ۾ سندس طرفان مون کي ئي انتظام ڪرڻو پئي پيو.....“ (2)

ليڪن ان وقت جي مشهور هجو ۽ طنز نگار ۽ صحافي مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻيءَ، ان سڄي معاملي کي ڪنهن ٻئي نظر سان ٿي ڏٺو. سڀني کي خبر آهي ته هو مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو وڏو معترف هو جنهن جون صلاحيتون ۽ خدمتون پنهنجي جاءِ تي ڪر کنيو بيٺيون هيون. انڪري نظاماڻي صاحب، جناب سنڌي صاحب کي ان مذڪوره سيٽ جو مستحق ٿي سمجهيو. چونڊن جو معاملو متو، گهماگهمي اُڏي. حريقن ۽ حمايتن جا ٽولا هر طرف پنهنجي دل گهرئي اميدوار لاءِ، سڄي سنڌ ۾ نڪري پيا. اهڙي اليڪشني ماحول ۾، مولوي صاحب مرحوم پنهنجي هفتيوار اخبار ”مرغ فلڪ“ جي 16 رجب 1353هه (مطابق 26 آڪٽوبر 1934ع) واري اشاعت ۾، هڪ نظم جوڙي ڇپي هئي. سندس اختيار ڪيل لب لهجي لاءِ، اسان معذرت جا خواهان آهيون پر سندس تحرير ۽ طنزيه انداز، روز بيان ۽ شاعرانه خوبيءَ ان کي لازوال بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪا حقيقت ان کي دهرائڻ تي، اسان کي مجبور ڪري رهي آهي. ان نظم جي عنوان هو: ”اسيمبليءَ جي نيلم پري ۽ هن جا عاشقان سرگردان.“

 

ڀلاڙي اسيمبليءَ جي نيلم پري

فدا توتي اڄ طاق نيلو فري،

زمين زلزلي ۾ ڏسان ستر مري

نظر تنهنجي ڪو جادو ساميري.

ڪيا جنهن وڏا وير حيران اڄ

لڳي خوف خاصي ڀڄان ڀڄ ڀڄ.

 

 

ڀٽي جهڙا ڀاڪر جا لائق لسوٽ

کڻي ساڻ سڃا ٻه ٽي رنگروٽ

هليا سيٽجي پائي رنگين سوٽ

وٺڻ ڪاڻ ووٽن جي سالم سپوٽ

رلي پيا رڻن ۾ اصل و وڪيل

ڪپيل نڪ موٽر وٺي في سبيل.

 

 

سڳورا اهي پير سادات سڀ

ڏني جن کي ڏاتار هي ڏات سڀ

جو سڻڀي ٽڪر تي پٽي وات سڀ

۽ گڏجي ٿا ڪن قوم کي گهات سڀ

هلن ٿا جٿو جوڙي ڏوهه ويهه ٽيهه.

لنگهي ليڪو بيٺا ڇڏي لڄ ليهه.

 

 

جمعدار سڀني جو ڇڙيا جسد

ميان مينڊڪو شاه ٽي انچ قد

ڪيا آڻي جنهن گڏ بکيا بي عدد

ڪرامات جا گند صاحب رشد

ڀري پيٽ کاڌائون ڀٽي جو ڀت

ويهي پوءِ ڪيائون ملي مشورت

 

 

جڏهن پيٽ ڀريو لڳو چست

جڪ  ٿي پوري تسليٰ لٿي سڀ اٽڪ

هليو پوءِ قبلن جو ڪاهي ڪٽڪ

ادائي ڪرڻ لاءِ حق نمڪ

وڃي ڪنڌ تي خلق جي ڪڙڪيا

وبا وانگي چوڦير پکڙي پيا

 

 

لکيا ڪن وري ويهي خط دعا

سڀن پنهنجي پوڄارين کي صفا

ته ڏيو ووٽ ڀٽي کي اي بابلا

جو مرد آهه بيحد صاحب سخا

ڏئي خوب ڏوڪڙ ٿو خيرات ۾

اسان سڀني پيرن جي پنچات ۾.

 

 

7- ڏسي حرڪتون ههڙيون حد ناروا

چئون اهڙي سونهري ٽولي کي ڇا

نه جنهن ۾ خلوص ۽ نه خوف خدا

ڏئي قوم کي شل خدا سمجهه ڪا

جو ثابت هلي سا سڌي راهه تي

رکي ڀروسو پنهنجي الله تي.“

 

پوئين دور ۾، دل جي ڳالهه هنڌائتي جاءِ تي هڻڻ لاءِ، سنڌ جي ممتاز سياسي اڳواڻ، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ به اخبارن جي اهڙي ڪالم جو سهارو ورتو ٿو ڏسجي جنهن ۾ روايتي سنجيدگيءَ کان هتي، هلڪي موڊ ۽ ”سنڌيون ٻڌائڻ“ جي ڪا راهه نڪرندي هجي. شيخ مرحوم جيڪو بنيادي طرح سنڌي معاشري جو سماجي سڌارڪ هو ۽ جيڪو هن علائقي جي غربت، جهالت، ستاءُ، ظلم جا گهاءُ نه ٿي ڏسي سگهيو ۽ ان ڪري هميشه ان ويچار ۾ هوندو هو ته ڪهڙي ريت هنن مسڪينن ۽ ڏتڙلين جي راهه نجات حاصل ڪجي ۽ کين روشنيءَ واري رستي سان لڳائجي هنن، سياست کان منهن موڙي واري زماني ۾، ”الوحيد“، ”سنڌ“، ”ڪاروان“ ۽ ”مهراڻ“ ۾ ”نعره مستانه“ جي عنوان هيٺ ڪيئي ڪالم لکيا جيڪي برجستائپ، سچ ۽ حق گوئي، دلي اخلاص، سادگي ۽ مائيدار عبارت سبب نهايت مقبول ٿيا. اهو پاڪستان کانپوءِ جو زمانو هو. خود شيخ صاحب مرحوم پنهنجي ڪالم بابت لکي ٿو:

”........ نعرهء مستانه لکڻ ڪم مست قلندر جي اختيار کان ٻاهر آهي. آءُ دل جو تابعدار آهيان ۽ دل منهنجي تابعدار نه آهي. ڪڏهن دل ۾ ايندو آهي ته خدا کي به سچ سڻائجي، پر پوءِ جڏهن منهنجي گناهن تي نظر پوندي آهي، تڏهن شرمساري کان ڪنڌ جهڪي پوندو آهي. تڏهن به حقيقت هوندي حقيقت تي پردو وجهڻ ناممڪن آهي.

 

”حقيقت هيءُ آهي ته ساري دنيا جي حڪومت شيطانن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي اٿس. شراب خورن، حرام خورن، رشوت خورن، سمگلرن، خوني جنگين جي تياري ڪندڙن جو راڄ آهي. جيڪڏهن خدا کي سچ چوان ٿو ته باغي ٿو ٿيان، جيڪڏهن سرڪار کي سچ ٿو چوان ته باغي ٿو ٿيان، دوستن کي سچ ٿو چوان ته ڏٺو ٿو ٿيان ۽ جيڪڏهن پاڻي سچ ٿو چوان ته شرمسار ٿو ٿيان. اهڙي حالت ۾ مُٺي به ماٺ ۽ مِٺي به ماٺ، ۽ هاڻ ته دل ايتري قدر مرده ٿي چڪي آهي جو زبان مان به آواز نڪرندي نه ٿو پر تنهن هوندي به جيڪي رازدار آهن سي نعرو نه ڏسي ڏوراپا ڏين ٿا. دوست جو ڏوراپو به محبت آهي ۽ اهو محبت جو مهڻو آهي. جي اسان کي ياد ڪن ٿا، تن جي ياد اسان کي به ستائي رهي آهي.“ (1)

 

ان ساڳئي ڪالم جي ابتدا ۾، شڪايت واري لهجي ۾ لکيو هئائين:

 

”تنهنجي جهان ۾ اونده لڳي پئي آهي. تنهنجي جهان ۾ انڌير آهي، انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو کيل آهي. نه داد نه فرياد، نه ڌڻي نه ڌوڻي، نه اوهي نه واهي، نه جان ۽ مال سلامت، نه انسانيت نه شرافت، هن انڌير جو ناٽڪ ڇو رچايو اٿئي. آخر هي کيل ڪڏهن ختم ڪندين؟ اشراف بک مري ۽ لڄ بک لڪائيندو رهي. ايماندار لڪندا وتن، ظالم ۽ بدڪار تاجن ۽ تختن جا مالڪ، ملڪن جا والي، توکي هي تماشو ڪهڙي طرح وڻي ٿو........“

شيخ صاحب جي ملڪ سان محبت ليڪن حالتن تي حيراني جي عڪاسي هن ڪالم مان ٿئي ٿي جو ”الوحيد“ 6 مارچ 1952ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيو هو:

 

”آءُ زندگي کان ۽ زندگي مون کان ڏور آهي، ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وڇوٽي آهي جنهن کي ڪهڙي طرح ڀرڻ گهرجي، ان جو پتو نه ٿو پوي. سارو جهان سجاڳ آهي. پر پنهنجي قوم ستل آهي. زندگي جي درياءَ ۾ طوفان پٺيان طوفان لڳي رهيا آهن. ڪنارو ناپيد آهي. قومن جا ناخدا پنهنجي جهازن کي بچائڻ جي فڪر ۾ آهن. پر منهنجي ڪمزور ڪشتي جا خلاصي نفسياتي اختلافن ۾ مبتلا آهن.“

 

”الوحيد، 26 آگسٽ 1952ع واري ڪالم ۾ هينئن رت رنائين:

 

”جنهن شخص جي قوم، بک ۽ بيمارين، جهالت انگريز بدڪارين، بداخلاقي ۽ بيڪاري ۾ ستل هجي. جنهن شخص جي قوم وٽ پيسي جي نه هجڻ سبب نه علمي ڪتاب هجي، نه لٽريچر ۽ ماهوار رسالو ۽ نه روزانه اخبارون هلائي سگهي ۽ پنهنجي مذهبي، اخلاقي ۽ مالي حالت سڌاري سگهي. سو پنهنجي شهري ۽ خانداني ضرورتن کان پنج ڀيرا وڌيڪ پاڻ وٽ دولت رکيو ويٺو آهي، ته پوءِ اهڙو شخص جيڪڏهن اسلامي لغت ۾ مسلمان آهي ۽ انساني لغت ۾ انسان آهي ته پوءِ دنيا ۾ ڪافر ڪافر آهن نه حيوان حيوان.“

 

اندازو لڳايو ته هن اظهار جي پويان ڪيڏو نه قومي درد پنهان آهي! نعره نمبر 5 ۾، مرحوم شيخ صاحب ”جهاد اڪبر“ جي عنوان تي هڪ فڪرانگيز ڪالم تحرير ڪيو جيڪو پڙهڻ ۽ هنڊائڻ وٽان آهي:

 

”اڄ اسلامي سياست جو ماهر ۽ مترجم اهو آهي جو اسلام جي الف کان به آگاه نه آهي. اڄ نمرود هي نادري حڪم جاري ڪيو آهي ته جو هن جي سياست نه قبول ڪندو سو اسلامي جماعت کان خارج ٿيندو. اهڙي زماني ۾ جهاد اڪبر توتي فرض آهي.

 

ٻڌ! آئون توکي ٻڌايان! ته جهاد اڪبر جي حقيقت ڇا آهي؟ ظالم سلطان کي حق ٻڌائڻ، هر فرعون کي منهن تي سچ چوڻ ۽ حق سچائي جو اعلان ڪرڻ دين حق جي تبليغ ڪرڻ، دنيا جي هر ملڪ ۾ وڃي خدا جي وحدت ۽ محبت جو پيغام ٻڌائڻ، پنهنجي پرائي سان انصاف ڪرڻ، خود پنهنجي نفس کان حساب وٺڻ، پنهنجي نفساني خواهش سان مقابلو ڪرڻ، پنهنجو غصو ماري ڇڏڻ، برائي جو بدلو نيڪي ڏيڻ، گناهن کان پرهيز ڪرڻ، هر محتاج جي مدد ڪرڻ، هر انسان سان محبت ۾ مروت سان پيش اچڻ“ ستم رسيدن جو ساٿ ڏيڻ، خلق خدا سان نيڪي ڪرڻ، سڀني جا حق ادا ڪرڻ، قرض ڏيڻ ۽ قرض معاف ڪرڻ، پراڻيون غلطيون معاف ڪرڻ، عجز ۽ نياز سان پيش اچڻ، مصبيت ۾ صبر ۽ راحت ۾ شڪر ادا ڪرڻ خنده پيشاني ۽ خوش اخلاقي ڏيکارڻ، ڪنهن به انسان کي نه ڏکوئڻ، هر ڪم وقت تي ڪرڻ ۽ هر شيءَ پنهنجي جاءِ تي رکڻ، تڪبر ۽ غرور کان پرهيز ڪرڻ، وڏي جي عزت ۽ ننڍن سان محبت رکڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، حلال جي ڪمائي ڪرڻ ۽ ان تي راضي رهڻ، خلق خدا کي فائدو پهچائڻ، حرام جي ڪمائي کي پرهيز ڪرڻ، ڪوڙ ۽ منافقي ڇڏي ڏيڻ، پنهنجا مذهبي فرض ادا ڪرڻ، نيت صاف رکڻ، پنهنجو جسم، پنهنجو گهر، پنهنجو محلو، پنهنجو شهر، پنهنجي ملڪ کي گند کان صاف رکڻ، خلق مان بک ۽ بيڪاري دور ڪرڻ، علم ۽ هنر سکڻ ۽ سيکارڻ نيڪ صلح وٺڻ ۽ نيڪ صلاح ڏيڻ، نرمي سان نصيحت ڏيڻ ۽ ٻڌڻ، خدا جي مخلوق ۾ نفرت ۽ حقارت نه ڦهلائڻ، هر انسان کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ“ سڀني قومن جي درويشن ۽ بزرگن جي عزت ڪرڻ، خدا جي مخلوق ۾ فساد نه جاڳائڻ، ڦرمار ۽ خون و قتل کان پرهيز ڪرڻ، چوطرف امن ۽ سلامتيءَ جي فضا پيدا ڪرڻ، پنهنجو بچاءَ ڪرڻ ۽ خلق جو بچاءَ ڪرڻ، ڪمزورن، بيوس، زالن، ٻارن ۽ ٻڍڙن جي هرحالت ۾ حفاظت ڪرڻ، اهو اٿئي جهاد اڪبر! اهو اٿئي وڏو جهاد! ائين تون ڪندين ته تنهنجو جاني دشمن تنهنجو جاني دوست ٿي پوندو. اهو اٿئي قرآني احڪام. اهي اٿئي خدا جا فرمان. اٿئي محمدي اخلاق.“

 

جناب علي احمد بروهي (سابق سيڪريٽري اطلاعات سنڌ) به پنهنجي زماني ۾ چڱو خاصو مزاحيه ڪالم نويس هو ۽ سندس طنز ۽ مزاح ۽ مذاق سان ڀريل لکڻيون روزانه ”قرباني ۽ منشور“ اخبار ۾ ڇپيون هيون. اهو پاڪستان ٺهڻ واري سال يعني 1947ع جي اردگرد وارو دور هو. اسان جي لکندڙن سان الميو اهو رهيو آهي ته هو پنهنجي لکڻين جو صحيح طرح رڪارڊ نه ٿا محفوظ ڪن ۽ بعد ۾ انهن جي حوالن حاصل ڪرڻ ۾ وڏيون دقتون پيش اچين ٿيون. بروهي صاحب سان به ساڳيو اسان جو روائتي غفلت وارو معاملو رهيو  آهي ته بروهي صاحب قلم کي خوب گسايو ۽ گهڻو ڪجهه لکيائين ۽ سندس لکڻين تي مزاحيه انداز هميشه حاوي رهيو- پوءِ اهو مزاحيه ڪالم هجي يا افسانوي ادب. ان مشترڪه خوبيءَ جي لڪ جو فائدو وٺندي، مان سندس اخباري مزاحيه ڪالم واري پورائي بروهي صاحب جي مزاحيه افسانوي ادب مان ڪري رهيو آهيان. بروهي صاحب جا اهڙا مزاحيه خاڪا ماهنامه نئين زندگيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن. انهن مان اقتباس ڏيئي، آئون سندس مزاحيه طرز تحرير جو نمونو پيش ڪندس ته جيئن پڙهندڙن کي بروهي صاحب جي لکنين متعلق ڄاڻ پوي.

”عثمان حجم جو ڏند ڪڍائڻ“ جي سري هيٺ، بروهي صاحب لکيو:

 

”روئڻ گهڻن ماڻهن جي عادت ٿيندي آهي. ٿوري گهڻي مصيبت درپيش ٿي ته ويٺا رنن جيان روڄ رواڙو ڪندا ۽ پار ڪڍندا. اسان جي پاڙي جو پريو مڙس ته ايتري قدر هريل آهي جو زڪام ٿيندس ته ويٺو وصيتون ڪندو ۽ سڀني کي سڏي پٽڙن جون پارتون ڪندو، ليڪن اسان جي دوست عثمان حجم جي فطرت ان جي بلڪل برعڪس آهي. سوئو اک ۾ هڻيس پر ڳوڙهو ڪين ڳڙندس. پر سندس زندگيءَ جو رڪارڊ رکيل آهي ته سموري عمر ۾ فقط ٻن موقعن تي روئندي ڏٺو ويو آهي. پهريون دفعو جڏهن سکر ۾ دهلي هوٽل ۾، ”سنگل سالنا“ تناول ڪندي ٻوڙ ۾ پيل گوگائي مرچن وڃي هنيانءَ ورتس ۽ اکين مان نير وهائيندي بنا بل ادا ڪرڻ جي، وٺي کڙين تي زور ڏنائين. ٻيو ڀيرو تازا کنڊ ڀڳڙا کائيندي اچي پيٽ ۾ سور پيس.“

بروهي صاحب مطابق، عدو ڏند ڪڍڻ جو ماهر هو ۽ ملاقات کانپوءِ هو ان ڪم لاءِ تيار ٿي ويو. لکي ٿو ته هن يقين ڏنو ته:

”جي دستگير ۾ ويساهه ڪرين ته ڀائو منهنجي لاءِ ڏند ڪڍڻ ايترو آسان آهي جو پير مان ڪنڊو نڪرندي به وڌيڪ ايذاءُ نه ايندو آهي.“ بروهي صاحب جي لکڻ مطابق: ”ائين چوندي عدو گهر وڃي ڳوڻي کڻي آيو جنهن ۾ سندس ڏندن ڪڍڻ جا مختصر اوزار جهڙوڪ ٻه وڏا چنبورا، هڪ واهولو، ٻه هٿوڙا ۽ هڪ وڏاڻ هئا. هٿيار رکي عدو ٻاهر وڃي پاڙي مان ڏهاڪو کن ٻيا ماڻهو وٺي آيو جي سندس نقطئه نظر ڏند ڪڍڻ جي آپريشن لاءِ ”چار“ ڪافي هئا. ٻين ماڻهن جي پهچڻ بعد عدوءَ اسان کي به انهن جي جمع ڪيل فوج ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ سموري لشڪر کي هڪ ڪمانڊر جيان لڙائي جو نقشو سمجهايو ۽ حڪم ڏيندو ويو.“

نقشي جي سمجهاڻي به ٻڌو:

 

”ٽي اوهين ۽ صابو تون، اوهين چار ڄڻا عثمان کي سمهاري سندس ٽنگون ۽ ٻانهون پختيون جهليو. ڪمال ۽ ڌنو توهين هيڏانهن ٿي سندس مٿي کي جهلي بيهو علو تون جمبور کڻي منهنجي پاسي ۾ بيهه. نهال او نهال! اڙي نال ڪيڏانهن مري ويو. چڱو ڇڏ نهال کي. اڙي حبو ۽ تاجو ٻئي مون کي ڇيڻيون ۽ ڪليون واري وٽيءَ تي هٿ ۾ ڏيندا وڃو. نيباهو تون وڃ حافظ جليل جي گهر ۽ منهنجا سلام ڏئيس ۽ چويس ته پنهنجو حمام دستو ڪلاڪ ٻن لاءِ ڏي متان منهنجا هٿوڙا ڪافي نه ٿين.......“

 

پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ، روزانه هلال پاڪستان جو حيدرآباد مان اجراء ٿيو ۽ شروع کان ئي عبدالڪريم سعدي جو هن اخبار سان لاڳاپو رهيو. بعد ۾ ته ڪجهه عرصي لاءِ ايڊيٽر به رهيو. سعدي صاحب پڻ ڪافي عرصو هن اخبار م مزاحيه ڪالم ”تفريحات“ لکندو رهيو ۽ ان مقصد لاءِ سندس اختيار ڪيل نالو ”حاجي بابا اصفهاني“ هوندو هو. اهو ڪالم چڱو پسند ڪيو ويندو هو. ان کانپوءِ روزانه ”مهراڻ“ جي ٻئي ايڊيٽر سيد سردار مشتاق علي شاهه، غالباً 1964ع ۾، ”ڀير تي ڏونڪو“ جو تفريحي انداز وارو ڪالم شروع ڪيو هو جو ڪيترائي سال لکندو رهيو ۽ پڙهندڙن جي تفريح ۽ معلومات جو ڪارڻ بڻيو رهيو.

 

سردار علي شاهه، غالبن 1964ع جي ابتدا کان ئي شروع ڪيو ٿو ڏسجي جنهن جا عنوان ڪيئي موضوع بڻبا هئا. سياسي، غيرسياسي، سماجي ۽ معلوماتي. انهن ڪالمن ۾ ڪامورن ۽ غلط سياستدانن تي چوٽون به هونديون هيون ۽ سندن غلط ڪمن، مڪارين ۽ ريش دوانين تان پردو کنيو ويندو هو ۽ مذاق ۽ مزاح ۾ اصلاح جو نشان پتو ڏنو ويندو هو. ان کان علاوه ننڍين ننڍين خبرن تي مختصر ٽوٽڪائي ۽ طنزانه جواب، تنقيد جي شڪل ۾ به ڏنا ويندا هئا. اسان اهڙو ”ڀير تي ڏونڪو“ مهراڻ جي 14 اپريل 1964ع واري اشاعت مان منتخب ڪيو آهي جيڪو حاضر آهي:

*”شير ڪشمير“ شيخ عبدالله آزاد ٿيو. (خبر)

-”شيخ سان گڏ ”شينهن“ به آزاد ٿيو آهي. الله رحم ڪري.

*      ”ڀارتي مسلمانن جي بي دخلي جي عدالتي جاچ بند ٿيڻ کپي.(خبر)

-       جيتري قدر بي دخلي جو سوال آهي ته اها بيدخلي ”هارين“ واري بي دخلي کان ٻه چار ڪوه اڳتي آهي. باقي جيستائين عدالتي جاچ جو سوال آهي ته اها جاچ ائين ٿيڻ گهرجي جو ڪنهن ”انڌي جون ريوڙيون“ پنهنجن کي نه ملن.

*      ”حق خود- اراديت“ جي سوال تي سوديبازي نه ٿيندي.(خبر)

-       بلڪل نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪشمير ڪا مارڪيٽ ٿوروئي آهي جو ”سوديبازي“ يعني سيڌي سامان جي خريدوفروخت ٿيندي.

*      ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ. ”بند.“ (خبر)

-       اميد ته انهي بند ۾ مٽي سان گڏ پيسا به شامل ڪيا ويندا ته جيئن زياده طاقتور ٿي سگهي، بلڪل ”ڪمربند“ وانگر.

*      پاڪستان ڀارت کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽن ڏانهن لاڙو رکيو آهي.(ٽلبوٽ)

-       آمريڪا جي هوندي ڀارت اڪيلو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، البته پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ توهان ڀارت ڏانهن ”لهي“ پيا آهيو.

*      عالمي تجارتي ڪانفرنس جي صدر صحافين کان معافي ورتي. (خبر)

-       اهي آهن صحافي! مگر هتي حالت هر آهي جو پوليس جمعدار به ”ڊنڊا لگائونگا“ جي ڌمڪي ڏاڍي چشڪي سان ڏيندو آهي.

*      بزاري حڪيمن جي پاڙ پٽڻ لاءِ بل. (خبر)

-       انهن جي پاڙ پٽي وڃي البته انهن کي بزارن مان لڏائي مارڪيٽن ۽ سبزي منڊين ۾ ورهايو وڃي.

*      ترقي ڪندڙ ملڪن سان روس جي رعايت. (خبر)

-       روس ۽ رعايت! ذرا خيال ڪجو. متان...............

*      ماڻهو سمنڊ ۾ ڪيترو وقت رهي سگهي ٿو، آمريڪا انهي باري ۾ تجربا ڪندي. (خبر)

-       سمنڊ بابت ته خبر ڪانهي؛ مگر درياءَ بابت اسان وٽ چوڻي آهي ته انهي ۾ داخل ٿيل ڪوبه ٽئين ڏينهن خير سان ائين مٿي نڪري ايندو جيئن ڪو ليڊر تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي لٺ بڻجي اچي بيهي. سمنڊ ۾ کڻي هڪ ڏينهن جو اضافو ٿيندو.

 

1957ع ۾ ”عبرت“ هفتيوار مان روزانه بڻجي پئي ۽ نئين انتظاميا تحت حيدرآباد مان آو و تاب سان جاري ٿي. ٿوري ئي عرصي ۾، ان اخبار ۾، نور عباسي ”واٽ ويندي“عنوان هيٺ، هڪ تفريحي ڪالم شروع ڪيو جو هن وقت تائين بناناغي جي اخبار جو سينگار بڻجي رهيو آهي ۽ شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. نموني طور 10 اپريل 1981ع واري ڪالم مان هڪ اقتباس ڏيون ٿا:

”هن کان اڳ ٻه ٽي ڀيرا لکي چڪا آهيون ۽ هن وقت به انهي ساڳئي مسئلي تي وري لکڻ جو مقصد اهو نه هو ته واندڪائي آهي، لکڻ لاءِ ٻيو ڪو مسئلو ڪونهي. پڙهندڙن جي مهرباني ۽ ڪاموراشاهيءَ جي دعا سان مسئلا گهڻا آهن ۽ وڌندا رهن ٿا، مگر اسان جيئن ته انهن معزز شهرين جي وچ ۾ رهون ٿا جن کي روزانو رات ماني کائڻ کانپوءِ سڄي رات ميونسپالٽين جا پاليل صحتمند مڇر کائيندا، انهن جو باقي بچيل رت چوسيندا رهن ٿا ۽ صبح ٿيڻ تي مڇر کاڌل حضرات مان ڪجهه اسان سان ملن ٿا، ملي فرياد ٿا ڪن ۽ فرمائن ٿا ته توهان مڇرن جي ظالمانه ڪاررواين خلاف آخر ڇو نه ٿا لکو؟ ڇا توهان کي اهي ڪونه ٿا کائين ۽ وري ڇا ڀلا مڇرن جا پاليندڙ توهان کي ڪجهه ڏين ٿا؟ آخر ڪهڙي مجبوري آهي جو توهان انسانن جو آرام ڦٽائيندڙن جي مقابلي لاءِ تيار نه آهيو. اهڙي طريقي روزانه يا وقت بوقت مڇرن جي ستايلن جون دانهون ٻڌجن ٿيون. هتي هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر ستايل ڳالهه ٻڌائڻ وقت هٿ جي اشاري سان منهن مبارڪ يا ٻانهن هٿن وغيره کي ڏيکاري ٻڌائيندو ته هي ڏسو رات ڏنگيو اٿن، ڳاڙها نشان ٿي پيا آهن.

 

”........بهرحال مڇرن جي ترقيءَ کان ڪوبه شهري انڪار نه ڪري سگهندو. انهن کي گذريل سياري جي سردي ماري نه سگهي ۽ هلندڙ اونهاري جي گرمي به ختم نه ڪري سگهندي. سج لهڻ کان پوءِ سڄي رات ۽ ويندي ملان جي ٻانگ تائين اها مخلوق پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهي ٿي.

 

”جيڪڏهن گهر ۾ بجلي ۽ بجلي وارو پنکو آهي ته اهو پنکو انهن مڇرن کي صرف هڪلڻ وارو ڪم ڏيئي سگهي ٿو باقي مارڻ لاءِ کين موت ئي ماري سگهي ته ماري، ميونپسل وارا، مليريا ويا آهن ته اهي سڀ خاموش نظر ايندا......... تنهن ڪري انهن جي وڌندڙ شماري کي ڏسندي اسان جي خيال موجب جيڪڏهن ڪوبه سرڪاري کاتو مڇرن جي خاتمي لاءِ ايماندري سان تحرڪ ۾ اچي ته اهو کاتو پنهنجو نالو  ظاهر ڪري ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين مڇرن مارڻ وارا ملازم انهن کي پالڻ وارن ڪمن سان چيا وڃن ٿا. تنهنڪري نئون کاتو کلڻ گهرجي. باقي جيڪڏهن سرڪار مجبور هجي ته پوءِ عوام کي سابق مسلم ليگ واري نموني تي مڇر مار ليگ تيار ڪرڻ جو مشورو ڏجي ٿو جيڪا خالص غير سياسي هجي.“

 

1972ع کان، نئين انتظام هيٺ شروع ٿيل، روزانه هلال پاڪستان جي سنڌي صحافت ۾ ٻيا ڪيترائي اضافا ڪيا، اتي، اسان کي ٻه مکيه مزاحيه ڪالم نويس امر جليل ۽ رشيد ڀٽيءَ جي شخصيتن ۾ ڏنا. هي ٻئي ليکڪ خصوصاً افسانه نويسيءَ ۾ پنهنجو مقام مڃرائي چڪا هئا ۽ سندن قلم اڳ ۾ ئي گهڻو اُڙهل هو. هنن ٻنهجي ليکڪن جي نمايان مشترڪه خصوصيت هيءَ رهي آهي ته پنهنجي سنڌي معاشري ۾ مروج يا نئين سر مٿو کڻندڙ سماجي براين جي بيخ ڪني جي مقصد لاءِ پنهنجي انفرادي تفريحي انداز تحرير سان انهن جي نشاندهي ڪندا آهن. ان کانپوءِ انهن جي مذموم ۽ قابل نفرت پهلن کي چٽو ڪري انهن جي خلاف هڪ قسم جي راءِ عامه ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. صحافت جي نقطئه نظر کان اها وڏي خدمت آهي. اسان هتي مثال طرح سندن هڪ هڪ اهڙو ليکه ڏينداسين ته جيئن پڙهندڙن کي ان باري ۾ اندازو ٿئي.

 

امير جليل جي اهڙي ڪالم جو عنوان هوندو هو ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ معلوم ٿيندو ته ان عنوان جي انتخاب پٺيان به ”پنهنجائپ“ وارو پهلو ڪر کنيو بٺيو آهي يعني لکندڙ چوڻ هي چاهي ٿو ته ”اسان ۽ توهان جا يعني ٻين لفظن ۾ پاڻ واري معاشري جا هي حال وڃي رهيا آهن.“ اهڙو هڪ مختصر ڪالم، هلال پاڪستان، 27 جون 1973ع جي اشاعت مان ڏيون ٿا ۽ اهو به ٻڌائڻ لائق آهي ته هي ڪالم روزانو لکيو ويندو هو ۽ ڀٽي صاحب جو ڪالم هفتيوار نوعيت جو هو.

”پوڙهي پنهنجي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌندي چيو: ڪجهه به ٿي پوي، مان شادي ضرور ڪندس.“ ڪنهن چيس ته ”تو پنج دفعا اڳ به شادي ڪئي آهي، تنهنڪري هينئر تنهنجو شادي لاءِ آتو ٿيڻ سمجهه ۾ نه ٿو اچي.“

”برابر پنج دفعا شادي ڪئي اٿم، ڪا اربع خطا ڪانه ڪئي اٿم،“ پوڙهي چيو- ”پر ڪنهن به دور ۾ هڪ مهل چئن کان وڌيڪ زالو گهر ۾ نه رکيون اٿم. اڄڪلهه منهنجي چوٿين زال گذري وئي آهي، تنهنڪري ڪجهه به ٿي پوي، مان شادي ضرور ڪندس.“

 ”پر تنهنجي ۽ ڇوڪريءَ جي عمر ۾ وڏو فرق آهي، سائين؟“ فرق جي ڳالهه نه ڪريو، ڇوڪريءَ جو پيءُ راضي آهي.“

 ”دماغ خراب ٿيو اٿئي جو اهڙي واهيات ڳالهه پيو ڪرين!“

 ”سائين شاديءَ لاءِ ڇوڪريءَ جو راضي ٿيڻ به ته ضروري آهي.“

        ”اسان جي معاشري ۾ ڇوڪريءَ کان شاديءَ متعلق معلومات ڪرڻ عيب سمجهيو ويندو آهي.“

        ”ڀلا، عمر جي ايڏي فرق بابت ڇا ٿو چوين؟“

”ڪو خاص فرق ڪونهي.“

”ڇا ڪو خاص فرق ڪونهي؟“

”بلڪل نه.“

”تون سٺ سالن جو آهين سائين.“

”سٺ سالن جو ٿيڻ ڏوهه آهي؟“

”ڏوهه ته نه آهي پر....................“

”پر ڇا؟“

”سٺ سالن جي عمر ۾ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪجهه ٺهي نه ٿي.“

”ڇو نه ٿي ٺهي!“ پوڙهي خصاب لڳل مڇ تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”مڙس ۽ گهوڙا پوڙها نه ٿيندا آهن.“

 ”ڪنهن پڇيس“ ”ڀلا، مڙس ۽ گهوڙي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ پوڙهي جواب نه ڏنو.

 ”جواب ڪنهن ٻئي ڏنو، چيائين ”گهوڙو گاهه جا ڪک کائيندو آهي ۽ پوڙهو گهوٽ حڪيمن جا ڪک کائيندو آهي.“

رشيد ڀٽيءَ جو ڪام، اسان روزانه هلال پاڪستان، 1- فيبروري 1975ع واري اشاري اشاعت مان نقل ڪيو آهي جنهن جا ڪي اقتباس حاضر آهن:

”ڪو زمانو هوندو هو جو سنڌ ۾ پيرن جو عروج ۽ دور چوٽ چڙهيل هوندو  هو. مرشد سائين سال ۾ ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا (ڇوجو سنڌ ۾ فصل ٿين ئي ٻه) سفر تي نڪرندو هو، کانئس پائلٽ طور هڪ ٻه ٽولا خليفن ۽ خاص مريدن جا اڳواٽ نڪرندا هئا ۽ سائين جي سفر کي سڦل ۽ سولو ۽ سک وارو بڻائڻ لاءِ وڃي خاص خاص اهم مريدن جي ڳوٺن ۾ چونڪيون هڻندا هئا ۽ ديرن تي ملان،  حجم، موچي ۽ لنگهي سان گڏ سائين لاءِ ٽويو ٻه آن ڪڍرائي رکندا هئا، رلهيون ميڙي رکندا هئا ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه مال متاع موجود ڪري رکندا هئا. پوءِ پير سائين ايندو هو. انگريز سرڪار آئي ته ان وري سنڌي سماج ۾ اهڙن ٻين پينو پيرن جو طبقو پيدا ڪيو جنهن کي ڪامورو ڪوٺيو ويندو هو. ضلعي آفيسر يا ان جي عهدي جو ڪو ڪامور سال ۾  هڪ ٻه دفعا گشت ۽ ڪچهرين تي نڪرندو هو. پڙها گهمي ويندا هئا، منادي ڦري ويندي هئي ۽ ڳوٺاڻن ويچارن تي اچي رسائي جي آفت ڪڙڪندي هئي. تپيدار جي ڪوٽوال کان وٺي مختيارڪار تائين، پيرن جي خليفن جيان، کڻي ڏورا کنجي، نڪري پوندا هئا ميدان تي. ايترو ڪجهه ميڙو چونڊو ڪري وٺندا هئا جو بقول ميان علي محمد شاهه راشدي، درڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، نه رڳو صاحب موصوف خوش ٿي ويندو هو پر ڪوٽوال ڪڙا ۽ ننڍدا ڪامورا ڪڙا به مينهن وسندي جو ثمر ٺاهي وٺندا هئا.“

 

ڀٽي صاحب جي خيال مطابق، ملڪ ۾ ڪجهه بيداري آئي ۽ پوءِ ان آزار کان عوام کي ڪجهه سک جي ساهه کڻڻ جو موقعو مليو. لکيائين: ”پر قدرت کي ڪڏهن ڪڏهن ڪا ٻي وڻندي آهي. سو ڪٿي ڪٿي اڃان به ڪي اهڙا آفيسر صاحبان جلوه افروز آهن جي پراڻي زماني ۾ پيري مريديءَ جون ڳالهيون پيا ياد ڏيارين ۽ زبان تي وريو وريو اهو اچيو وڃي ته ”اڃا ڪي آهين، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.“

 

”............اڳ سڄي ڊويزن جا ماڻهو ڪٿان ڪٿان ڪوهين ڪهي خيرپور ۾ انصاف يا پنهنجا تڪرار نبيرڻ لاءِ ايندا هئا. پر اڄ هر ضلعي ته ڇا پر تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ پهچي کين ٻڌو ۽ معاملو فيصل ڪيو وڃي ٿو. صاحب کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ تپيدار، سپروائيزر. وچ وار ۽ هڪ ٻه وڪيل وڃي، انسپيڪشن يا ڊاڪ بنگلي ۾ ڪئمپ هڻندا. عرضدار اڳ ۾ پهچي چڪا هوندا. ڳالهيون هلنديون، ٻڌا واپار ٿيندا، ريزڪي سودا ٿيندا. واڪ ڏبا، تاڙا لڳندا. مطلب ته رات رونق رهندي. ٻئي ڏينهن صبح جو صاحب ويندو. ساڻس گڏ هڪ ٻه نينگر به هوندا. سنڌ وارن پيرن فقيرن جي پراڻي عادت انوسار.

 

”جيستائين صاحب سنبري، نيرن پاڻي ڪري تيار ٿي ۽ ڪچهري ڪورٽ جو ڪاروبار شروع ڪري، تيستائين هلندا دنيا سڌا ڪاروبار. بنگلي جي ٻاهران ڄڻ سکر جي شاهي بازار لڳي ويندي، ڪو ڪپڙن جو ٿانءُ کنيو ايندو، ڪو بوٽن جا جوڙا کنيو ايندو، ڪنهن کي پاڪٽ هوندا ۽ ڪنهن کي پڙا ۽ دونا! درزي اچي ويندا. ماپون پيون ٿينديون. تپيدار مودي بڻيا بيٺا هوندا ۽ چاچا ماما به. ڪو پيو حساب ڪتاب چڪتو ڪندو ته ٻيو نينگر نماڻن کي خرچيون خيراتون ڏيندو. ويچارن جا گيدا ائين ٽٻ ٿي ويندا جيئن ڪو وقت اڳ شام جو آفيس کان موٽندي، سيٽليمينٽ ۽ ڪسٽوڊين وارن ڪلارڪن جا هوندا هئا. ڪلاڪ ڏيڍ ڪاروبار هلندو، پوءِ شروع ٿيندو ڪم ڪار ڪچهريءَ جو ۽ فيصلن ۽ نيبرڻ جو.

 

”.............صاحب جي ڪرسيءَ جي ٻنهي پاسي نينگر جوابدارن جيان بيٺا هوندا. ڀرسان ڪرسين تي تر جا وڏيرا ۽ کاتيدار جلوه نما هوندا، پهچ کان پري وڪيل وڏا بيٺا هوندا. پوءِ کڄندا فائيل.........اول ٿيندو اعلان ته ڇو نه قرآن تي راضي ناما ڪجن. ملڪيت جي تڪرار مان ڇا ٿو وري؟ ڪو ساڻ به کڻي ويو آهي ڇا؟ چاليهه پنجاهه مان هڪ ٻه ڌريون تيار ٿي وينديون. پوءِ ٿيندو انصاف جو ادارو مسجد شريف ڏانهن منتقل. ڪي ٺهندا، ڪي نه ٺهندا. جي ٺهيا ته مٺايون پيو ورهائبيون. سو اهڙي طرح اڌ ڏينهن چٽ! پوءِ هلندا باقي معاملا. فائيل کڄندو ته ڪو نينگر رڙ ڪندو، ”بابا بک لڳي آهي.“ وڪيل جي تقرير اڌ ۾. ڀڄ ڀڄان ٿي ويندي. بازار مان مٺائي اچي ويندي. نينگر کائيندا ته صاحب منهن ڪري چوندو ”ڇا ڪجي، انصاف جي بهتري لاءِ ٻارن جي تعليم ۽ صحت به تباهه ڪري ڇڏي اٿم.“ وڪيل وري تقرير شروع ڪندو، ساڻس سنگت تپيدار، نائڪ، ڪلارڪ، نينگر ۽ تر جا چڱا مڙس به ڪندا. مڇي مارڪيٽ وارو منظر هوندو. خبر نه پوندي ته ڪنهن ڪهڙي ڳالهه ڪئي ڪنهن ڪهڙي. آخر ميز تي مڪ هڻي، صاحب ماٺ ڪرائيندو ۽ گويا ٿيندو ته ”بس بس، هاڻي دعا گهرو!“ دعا گهري فيصلو اهو ئي ٻڌائبو جو صبح جو تپيدار اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. وري مٺايون اچي وينديون. منهن ڪوڙو ڪري هارايل ڌر جي وڪيل کي به ذرو وات ۾ وجهڻو پوندو. دعا خير گهري وري ٻيو فائيل کڻبو. وڪيل پيو ڳالهائيندو ته جي ڪنهن فقير اچي در تي سين هنئي ته صاحب پاڻ ڪرسيءَ تان لهي هن وقت وڃي کيسي مان روپيو ڪڍي فقير سائينءَ کي ڏئي ايندو. چوڌاري نظر ڪري چوندو ته ”بابا الله جي نانءُ تي ڏنو ٻنو آهي.“ نيٺ ان فائيل جو به ساڳئي نموني نيڪال ٿيندو. ٽيون فائيل کڄندو، ان تي هل هنگامو (ڇوجو ان کي تقرير يا دليل بازي ته چئي نه ٿو سگهجي) پيو هلندو ته ايتري ۾ اذان ايندي. صاحب ڪوٽ ڇنڊي اٿندو ”بابا! هن جهان جي ته ڪئيسين، اڳلي جهان جي به ڪمائي ڪجي.“ نماز کان موٽي هڪ ٻن فائيلن جو به اهڙي ريت اڇو يا ڪارو منهن ڪبو، جيئن جيئن جيڪا ڌر سمجهي، ۽ پوءِ ڪچهري برخواست وري صبح جو ٽپڙ ٻئي تعلقي ۾ ۽ ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه!“ 

 

”سو سائين منهنجا! اڃا به هن ڪلجڳ ۾ اهڙا ڪاپڙي پيا آهن جي نه رڳو الله جي نانءَ تي قربان ٿين ٿا، ٻئي جهان موچارا ۽ سوڀارا ٿا ڪن پر انصاف جي بهتريءَ لاءِ پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ صحت به تباه پيا ڪن ته سنڌ جي سنتن، پيرن، درويشن جيان در در وڃي، پيا فيض به ونڊي اچن.“

 

روزانه ”سنڌ نيوز“ جي اجراء سان، پنهنجو پراڻو ساٿي رحمت الله ابڙو ”مستانو سيوهاڻي“ ۽ ”مستاني جو ڪالم“ جي عجيب نالن سان، قلندر جي بستيءَ مان نڪري نروار ٿيو. هن پنهنجي ڪالم کي تفريحي رنگ ڏيئي، ماڻهن جي مسئلن کي خوب کنيو آهي ۽ پڙهندڙن ۾ چڱو مقبول آهي، ازانسواءِ ساڳي اخبار ۾، تازو مشتاق باگاڻيءَ ”ڳالهيون ڳنوارين جون“ واري عنوان هيٺ هڪ ڪالم لکڻ شروع ڪيو آهي جنهن ۾ ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ وسندڙ ماڻهن جي رسم و رواج، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت جون جهلڪيون چڱي انداز ۾ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.

 

راقم الحروف به جون 1960ع کان روزانه ”نواءِ سنڌ“ ڪراچي ۾ اهڙو هلڪي تفريح وارو هفتيوار ڪالم شروع ڪيو هو جنهن جو عنوان هوندو هو ”گامونءَ جا گفتا ابتا سبتا“. اهو ڪالم بعد ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ ۽ روزانه ”آفتاب“ حيدرآباد ۾ لکندو هوس، جيڪو بعد ۾، ڪن مصروفيتن ۽ تبادلن سبب جاري رکي نه سگهيس. هڪ اهڙي ڪالم (جيڪو ”نواءِ سنڌ“، مورخ 24 جولاءِ 1960ع ۾ ڇپيو هو) ان مان ٻه ٽي اقتباس ڏنا وڃن ٿا:

 

”ٽيو ڏينهن، صبح جو آفيس ويندي جيڪي مون ڏٺو، تنهن منهنجي واين ولڙين ڪرڻ سان گڏوگڏ، مون کي عام شڪايت جي سبب وارو سوال سمجهايو. ڏسان ته هڪڙو اسڪولي ڇوڪرو، منهن موڪرو، صاف ڪپڙن ۾ پهريل، رستي سان اسڪول جي طرف ڌوڪيندو پيو اچي. هٿ ۾ رٻڙي کينهوڙو اٿس جنهن کي ٽپا ڏياريندو ۽ جهپيندو پيو اچي ڄڻ ته راند جي ميدان ڏانهن وڃي رهيو هو. وري ان جي پٺيان ڏسان ته هڪڙو ماڻهو پراڻن ڪپڙن ۾ ملبوس (جيڪو نوڪر پئي لڳو) هن ڇوڪري جي ڪتابن جي بيگ کنيو سهڪندو پيو اچي. منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي...........جڏهن اکين سان ڏٺم ته طالب اڳيان هو ۽ مطلبو پٺيان يعني کٿابي خالي ٻانهون هڻندو پيو هلي ۽ سندس ڪتاب سندس پٺيان ٻئي ڪلهي تي. ته پوءِ ٻڌايو ته شاگرد جي ڪلهي تي ڪهڙي جوابداري ۽ اهڙي معمولي منظر ۾ به منهنجي لاءِ ڪيڏي نه وڏي معنيٰ      هئي. پوءِ ڀلا! اڃا عجب نه لڳي؟

 

”........... ويتر جو ڪتابن جو بار به ٻين جي ڪنڌ تي وڌو وڃي ٿو، پوءِ ته ٻارن ۾ رهيل کهيل ”علم جي اوساٽ“ به گم ٿيو وڃي. هو ڪتابن ۽ نوڪرن ۽ نوڪرن ۽ ڪتابن کي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم سمجهڻ تي مجبور آهن. هو علم حاصل ڪرڻ کي به ٻين دينوي ڌنڌن ۽ تجارتي مقصدن سمجهن ٿا. هن ۾ علم جي برتري ۽ اصلي اهميت جو احساس ڪونه ٿو پيد اڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اسڪولي ۽ ڪاليجي مشين مان هڪ ”پرزو“ ٿي نڪرن ٿا تڏهن وقت وڃائڻ ۾ پنهنجي ڪٽجي وڃڻ جو خطرو لاحق رهين ٿو. سرٽيفڪيٽ  وٺي، حاصل ڪيل ”علم“ جي معاوضي لاءِ پريشان نظر اچن ٿا، جنهن کي پڙهائي وارو وقت هڪ ”سيڙپ“ سمجهندا هئا. واپاري واڻئي وانگر، ”علم“ جي جنس جو اگهه پڇندا وتندا آهن ۽ سمورو وقت مٿن نفعي وارو اصول سوار رهي ٿو. گاموءَ کي خبر آهي ته جڏهن به ڪنهن قدر ۽ قيمتي شئي کي، جنس جي جاءِ تي آڻي بيهاريو ته ان ۾ نيڪيءَ وارو پهلو ۽ برڪت ختم ٿيو وڃي.

 

”پوءِ سوديبازي وارو جذبو پيدا ٿيو پوي جنهنڪري اهڙي ”علم“ سان ٻين کي فائدي جي ڪابه اميد نه ٿي رهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه اسان جي سامهون ”علم“ هوندي ”جهل“ آهي ۽ عالم جاهل آهن. علم فقط دنيا ۾ آسودي رهڻ جي وسيلي کي سڏيو پيو وڃي ۽ نه نيڪي عام ڪرڻ کي.

 

”اڳئين زماني ۾ ائين نه هو بلڪ ان جي ابتڙ هوندو هو. علم هڪ اهڙي دولت سمجهي ويندي هئي جنهن کي جيئن ورهائجي تيئن وڌي. علم حق جي تلاش جو ٻيو نالو هوندو هو ۽ ان ڪري ئي ان جي حاصلات لاءِ وڏي ۾ وڏي قرباني ڪرڻ تي آمادگي جو اظهار ڪيو ويندو هو علم هڪ عشق هو ۽ عالم عاشق. علم هڪ نيڪي هو جنهن جي حاصل کانپوءِ نيڪي ۽ اخلاقي اصولن جو ڦهلاءُ ٿيندو هو، ماڻهن ۾ ماڻهو پيدا ٿيندو هو، پنهنجي صحيح جوابدارين جو احساس پيدا ٿيندو هو. اهڙي ماحول ۾ محبت ۽ ميٺ جو دور دورو هوندو هو ۽ هڪٻئي لاءِ همدردي هئي..................خدمت ۽ قرباني علم جي ضروري پيداوار آهن. جڏهن خدمت ۽ قربانيءَ جا جذبا نه ملن تڏهن علم کي تجارت سمجهڻ گهرجي.............“


(1)  نٿو رام هڪ اهڙي اردو ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو جنهن ۾ پيغمبر پاڪ ۽ اسلام جي توهين ٿي هئي. مشهور ڪيس هليو هو ۽ کيس ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي قتل ڪيو ويو هو.

(1)  اهي ڏينهن اهي شينهن، پير علي محمد راشدي ص، 325- جلد پهريون.

(2)  ايضاً ص 362- جلد پهريون.

(1)  روزانه ”سنڌ“ 11- نومبر 1948ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org