سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 4

صفحو : 7 

”اهي حقيقتون ظاهر ڪندي به اسان کي ته شرم پيو اچي. اسين ڪابه راءِ زني ڪرڻ نه ٿا گهرون. ٿرپارڪر ضلعي جي زميندار ائسوسيئيشن کي ايترو عرض ڪنداسين ته اوهان غلفت ۽ سستي ڇڏي هڪدم گڏ ٿي ڪو پڪو فيصلو ڪيو ته آخر اوهان کي پريس ۽ اخبار قائم رکڻي آهي يا نه ۽ جي هائو ته ان لاءِ آئنده جي سنڀال ۽ نظرندازي وغيره جو ڪو پڪو ۽ پورو انتظام ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي انهن ڳالهين جو پورو آزمودو نه آهي ته ڪنهن تجربيڪار مسلمان ڀاءُ کان صلاح وٺو.......“

1925ع جو اهو دور هو جڏهن هندو ليڊرن ۽ اخبارن اهي مطالبا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا ته مسلمانن کي ميونسپل جي عهدن تان هٽايو وڃي ۽ ساڳئي وقت اخبارن ۽ هندو عالمن پاران اهي ڪوششون به ٿي رهيون هيون ته سنڌي زبان مان مروج عربي ۽ فارسي الفاظ ڪڍي انهن جي جڳهه تي سنسڪرت ٻوليءَ جا پراڻا لفظ استعمال ٿيڻ گهرجن وغيرهه. انهن بحثن چڱو چوٻول پيدا ڪيو هو ۽ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪافي ڪشيدگي پيدا ڪئي هئي، مرحوم ”مخلص“ جي اها خصوصيت هئي جو پهرين هندن جي حملن ۽ غلط ڳالهين ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن سان زيادتي جهڙن واقعن ۽ خبرن ٻڌڻ کانپوءِ، پاڻ تان ذري گهٽ ڪنٽرول وڃائي وهندو هو ۽ اسلامي غيرت ۽ حميت وچان ڪجهه نه ڪجهه منظوم ڪري اندر جي باهه هلڪي ڪندو هو. سو جڏهن هندن جا اهي اڻ ٺهندڙ ۽ ناجائز مطالبا ٻڌا تڏهن هڪدم سنڌي مسلمانن کي مخاطب ٿيندي للڪاريائين:

 

”اسين سڀ خواب غلفت ۾ وڃائي وقت ويٺاسين،

اکيون کولي ڏسو ٿي قوم اڄ هشيار هندن جي،

ٽڪر کائي مسلمانن جا سي موٽا متارا ٿيا،

ڌڻين سان واهه جي آهي رهي اڄ ڪار هندن جي.

اسان پاڙيسري سمجهي ڪئي ساڻن مروت ٿي،

عيوض ان جي برائي آه ٿي نروار هندن جي.

وڏي واڪي چون ٿا سي ته اي مسلو هتان نڪرو،

اچي پوندي رڳو، مسلن تي مار هندن جي.

مسلمانو ڏسو جاچي ته حالت آه ڪهڙي ٿي،

حڪومت سڀ هندن جي سڄي سرڪار هندن جي.

مسلمانن کي ٺوڪر سان ڪڍن ميونسپل مان سي،

صفا اهڙو ڪري اظهار ٿي اخبار هندن جي.

ڪريو همت اٿو يارو ته سڀ مشڪل ٿين آسان،

ڪندي ڇا مسلمان کي قوم پاپڙ خوار هندن جي.

 

مرحوم ”مخلص“ اسلام جي نشاط ثاني ڏسڻ جو خواهان هو ۽ ان وقت ترڪن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ظلمن تي ذهني طرح ڏاڍو پريشان رهيو. هو هميشه عربن جي تعريف جا ڍڪ ڀريندو هو ۽ افغانستان جي شاهه امان الله سان ته دلي عقيدت هيس. خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ ان پاداش ۾ جيل جي ياترا به ڪري چڪو هو جيئن سندس ڪيترن شعرن مان عيان آهي.

 

مرحوم”مخلص“ هڪ وڏو قادرالڪلام شاعر هو ۽ في البديهه به شعر چئي ويندو هو. بهترين ۽ موقعي جي مناسبت سان، شعر چوڻ سبب، ان زماني ۾، هو اڪثر مسلم ڪانفرنسن ۾ توجهه جو مرڪز بڻجي پوندو هو ۽ حاضرين کي هڪدم گرمائي وجهندو هو. دراصل، اهو سندس سماجي ۽ سياسي شعور هو جنهنجي تحت، ”مخلص“ مرحوم، هڪ هنڌ نه ويهي سگهندو هو ۽ بيشمار تنظيمن ۽ تحريڪن سان وابسته رهڻ سبب نهايت تيز زندگي گذاريائين. ان جي نتيجي ۾، محفلن ۽ مجلسن جو مور ته بڻيو رهيو پر سندس صحت تي برو اثر پيو. شاعريءَ تي ايڏو ملڪو هوس جو، حافظ اوحدي صاحب جي راءِ مطابق، جيڪڏهن هو سموري مسلمان اخبار کي منظوم نموني شايع ڪرڻ چاهي ها ته اهو ڪم آسانيءَ سان ۽ بخوبي سرانجام ڏئي سگهي ها. ”مخلص“ مرحوم سڄي زندگي، ڌارين جي حڪومت خلاف ۽ آزادي ۽ حريت لاءِ لڙندو رهيو ۽ ان راهه تي هلڻ سبب وڏيون سختيون ۽ سور سٺائين. دراصل، پنهنجي تلخص جي لفظي معنيٰ مطابق، عظيم مقصدن مان هو نهايت مخلص رهيو ۽ ايثار ۽ قربانيءَ جا وڏا ۽ قابل تعليم سبق پوين لاءِ ڇڏي ويو.

”مسلمان“ اخبار ۽ ”الامين“ اخبار جا چند ادارتي اقتباسات هيٺ ان لاءِ ڏيڻ ضروري ٿا سمجهون ته پڙهندڙن کي مرحوم ”مخلص“ جي اخبار نويسيءَ ۾صحيح مقام مقرر ڪرڻ ۾ آسانيءَ ۽ رهنمائي ٿئي. هو هڪ بيباڪ مقصد سان سچو ۽ مدلل تحرير جو صاحب هو. ”الامين“ 9 نومبر 1917ع ۾، هڪ اداريه ذريعي سنڌ محمد ائسوسيئيشن وارن جي کري خبر ورتائين. جنهن جو عنوان هو ”حضور وائسراءِ صاحب بهادر جي تشريف آوري-سنڌ محمد ائسوسيئيشن جي ائڊريس- چور نه سهي چاڪي سهي- بهت شور سنتي تهـﻶ پهلومين دل کا- قطره خون کا نه نکلا.“ ان اداريه جا چند جملا ناظرين جي ملاحظي لاءِ هيٺ ڏجن ٿا.

 

”حضور وائسراءِ بهادر جي تشريف آوريءَ تي جا ائڊريس سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جي ڪارڪردن نهايت سرگرميءَ ۽ اولي العزمي سان تيار ڪئي هئي ۽ جنهن ۾ ملڪي تمنائن ۽ آرزوئن جو خون ڪري پنهنجي قلبي مسترن جي آبياري ڪئي وئي هئي ان تي 35 مردن جون صحيحون پيل هيون. ۽ ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته جيڪڏهن اهي مرد ميدان ۾ به مرد ٿي بيهندا ته پهاڙن کي به پاڻي ڪري وجهندا مگر جڏهن ائڊريس جي ڏيڻ جو وقت ڀرجي آيو ته ان وقت ايڪهين جو عدد (جو ٻڌي کان ٻاهر پنهنجو شگون ٿو ظاهر ڪري) حاضر باقي غله غائب- خبر نه ٿي پوي ته ههڙي باعزت موقعي کان جو هنن پاڻ کي غيرحاضر رکيو ان جي معنيٰ ڇا آهي. بظاهر ته ائين ٿو معلوم ٿئي ته شاهانه رعب ۽ ديدار اڳيان جو وڃي پاڻ کي صم بکم (گنگو ۽ ٻوڙو) ثابت ڪن سو مناسب نظر نه آين تنهن ڪري هو پاڻ غير حاضر رهيا ۽ هنن جي جاءِ ڀرڻ لاءِ جيڪي ايرا غيرا نٿو خيرا ڀرتي ڪيائون تن مان ڪي ته ائسوسيئيشن جا ميمبر نه هئا.

 

”ڪراچي جهڙي شهر ۾ جتي ڪيترا مسلمان شاهي واپاري نامور بئريسٽر موجود آهن تن مان ڪوبه مکيه ماڻهو ائڊريس سان شامل نه هو. خبر نه ٿي پوي ته اهڙا چيده چيده ۽ معزز ماڻهون ڇو انهيءَ ائڊريس واري وفد کان علحده رهيا.“

 

مسلمانن جي بي حسي ۽ ساڳين سنڌ محمدن ائسويئيشن وارن جي هلت کي، مسلمانن اخبار جي 16 جولاءِ 1928ع واري اداريي ۾، تنقيد جو نشانو بڻايائين. 7 جولاءِ 1928ع تي ڪراچي، سنڌ جي هڪ پوليٽيڪل ڪانفرنس جو ميڙ ٿيو هو جنهن ۾ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن وارن شرڪت ڪرڻ کان پرهيز ڪئي هئي. ان تي مرحوم ”مخلص“ اچي مٽيو هو. لکيائين:

 

”مسلمانن جي هن مردگي ۽ بيحسيءَ تي جيڪڏهن 40 ڏينهن برابر رات ڏينهن ويهي مرثيه خواني ڪجي تڏهن به اهو ڏک دل تان نه لهندو.... جنهن قوم کي پنهنجي بربادي پنهنجي تباهي جو فقط احساس پيدا ڪونه ٿو ٿئي اها قوم اسلام لاءِ هڪ سخت بدنما داغ آهي، ان جو جلد ميٽجي وڃڻ بلڪل ضروري آهي.“

 

سنڌ محمد ائسوسيئيشن وارن وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ان دليل تي سخت ناراض ٿيو هو ته ان ڪانفرنس کي ڪوٺائيندڙ خلافتي هئا ۽ ان ۾ هنن جي ضمير جي برخلاف باردولي ۽ سائمن ڪميشن جي مقاطع جو سوال هو تنهن ڪري هنن اهڙي جلسي ۾ پنهنجي شموليت پنهنجي لاءِ نقصانڪار سمجهي، ٻاهر رهيا هئا، لکيائين:

 

”......... جي قدرتي اصول کان منحرف آهن ۽ باردوليءَ جي درد کان هو متاثر نه ٿا ٿين ته متان مائي باپ سرڪار ناراض ٿي پئي ته پوءِ اها مائي باپ ۽ مائي باپ جو ناخلف اولاد جيئري ئي زمين ۾ مدفون ٿي وڃي ته بهتر آهي..... جيڪڏهن خلافتين جي سڏايل ڪانفرنس ۾ ليڊرانِ قوم پنهنجي شموليت کي پنهنجي عزت جي برادي جي هم پله سمجهن ٿا ته پوءِ هو پاڻ ميدان ۾ اچي اهو ڪم ڪري ڏيکارين جو دنيا جا مدبر ۽ ليڊر ڪري ڏيکارين ٿا. هو جلد پنهنجو جسلو سڏائين جنهن ۾ سنڌ جي زميندارن کي آڻي ڪٺو ڪن ته پوءِ اسين به هنن کي بي ميار سمجهون مگر جيسين هو ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي تيسين هنن کي دنيا ۾ رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي.

5- سرڳواسي پرمانند ميوارام

پرمانند ميوارام جي پيدائش ۽ پالنا جي باري ۾، ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته هو حيدرآباد جي هڪ هندو گهراڻي ۾ 1865ع ۾ ڄائو هو. وڌيڪ اهو به پتو پيو آهي ته هن جي تعليم ساڳي شهر ۾، شڪارپور ۽ ڪراچي ۾ ٿي. 1882ع ۾، کيس ”ماريپور سالٽ ورڪس“ ۾ نوڪري ملي. ان نوڪريءَ کيس سکر ۽ ڏيپلي جهڙن دور دراز شهرن تائين پهچايو. ٽن سالن کانپوءِ، پرمانند ماستري شروع ڪئي ۽ پهرين نوڪري ڇڏي 1887ع ۾ ”ليکراج ۽ کيمچند اسڪول“ ۽ 1888ع ۾ ”يونين اڪيڊمي ۾ استاد مقرر ٿيو. وري اتان ڇڏي ”ڊسٽرڪٽ هاءِ ڪورٽ“ حيدرآباد ۾ ملازمت ورتائين. 1894ع ۾ اها به ڇڏيائين ۽ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ وري استاد ٿيو جتي 1897ع تائين رهيو. ان وچ ۾آڪٽوبر 1896ع تي، پرمانند هڪ پندرنهن روزه اخبار ”جوت“ جي نالي سان جاري ڪئي جيڪا منهنجي راءِ ۾، ساڳئي وقت هڪ مخرن به هئي.اها اخبار هر مهيني جي پهرئين ۽ آخر ٻڌر ڏينهن يعني اربع تي نڪرندي هئي جنهن جو بنيادي مقصد عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ هو. پرمانند پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو ۽ سندس نالو ”فيلڪس“ رکيو ويو هو. هن جي حيرت ۾ وجهندڙ پختي ارادي ۽ مقصد سان سچائي جو ثبوت ان حقيقت مان ملي ٿو ته پرمانند سڄا سارا 42 سال هي اخبار بنان ناغي جي هلائي ۽ 1938ع ۾ وفات ڪيائين.

ان کانپوءِ، اخبار کي جاري رکڻ جو بار سندس شاگرد ۽ هم مذهب فادراين- ايف ڪوئواني، پنهنجي ڪلهن تي کنيو. هن صاحب اهو ذمو بخوبي نڀايو ۽ 1946ع ۾ پنجاهه سالن پوري ٿيڻ تي، سلور جوبلي ملهائڻ تي ”جوت“ جو بهترين نمبر ڪڍيو، جنهن ۾ ان وقت جي چوٽيءَ جي هندو ليکڪن جا مضمون ڇپيا هئا ۽ خود پرمانند جي ادبي ۽ علمي حيثيت تي روشني وڌي وئي هئي.

جيتوڻيڪ ”جوت“ بنيادي طرح، هڪ اخبار ڏانوَ جي هڪ مخزن هئي جنهن حيثيت ۾، سنڌي صحافت کي زور وٺائڻ ۾ ان جو اهم ڪردار رهيو، پر جيڪا ڳالهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي سا هيءُ آهي ته هن جو نمايان رول مذهبي، اخلاقي، تعليمي ۽ پنگتي علم عام ڪرڻ ۾ ادا ڪيل ٿو ڏسجي ۽ ادب کي اڳتي ڪرن ۽ مضمون نويسيءَ کي ترقي وٺائڻ ۾ بيحد ڪوشان رهي. ”جوت“ هلائيندڙ ۽ ايڊيٽر سرڳواسي پرمانند ميوارام هڪ محنتي ۽ محقق قسم جو ماڻهو هو جيڪو بنان ڪنهن مذهبي تعصب ۽ تنگ نظريءَ جي، سنڌي ادب جي ان شروع واري دور ۾، بي لوث خدمت ڪئي. معلوماتي مضامين لکڻ جو ته کيس ڏاڍو ڍنگ هو ۽ سندس سنڌي عبارت، نج، ٺوس ۽ پائيدار هجڻ سان گڏوگڏ دلچسپ ۽ گهڻي ڀاڱي مزاحيه انداز واري ٻولي آهي جو پڙهندڙ هيڪر شروع ڪرڻ کانپوءِ ان کي پوري ڪرڻ کان اڳ، وچ ۾ ڇڏڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو. سچ پچ ته جڏهن ”جوت“ ۾ سندس قلمي ڪاوشن کي اهو ڏسي (جنهن جو مظهر ”گل ڦل“ ڪتاب ۾ اسان جي سامهون آهي) ته اهو ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته پرمانند ميوارام کي ڪيترن ئي عنوانن جي لکڻ تي عبور حاصل هو. معمولي ۽ غير اهم واقعي کي به نهايت دلچسي ۽ شاعرانه خيالي سان ڀري پيش ڪرڻ جو استاد هو. زبان داني، رواني ۽ بي با بياني جي صلاحيت واريون صفتون، سندس هر لکڻيءَ مان پيون بکنديون آهن. هندو عالم سرڳواسي ڀيرول مهرچند آڏواڻي ته سندس مضمون نويسيءَ کان ايترو ته متاثر ٿيو جو کيس ”سنڌ جو ايڊيسن“ سڏيندو هو. (1)

پرمانند، ميوارام ”سنڌي انگريزي لغت“ ۽ ”انگريزي-سنڌي لغت“ جهڙيون محنت طلب تصنيفون به اسان کي ڏنيون. ازانسواءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي تحقيق موجب، سنڌي ۾ پهرين اصولڪي آکاڻي يا ڪهاڻي جو خالق به هي پرمانند ميوارام هو جنهن جو عنوان هو ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو.“

دراصل، ”جوت“ اسان جي تجويز ڪيل ٻنهي دورن تي ڇانيل آهي. تاريخي طرح ۽ اهميت جي لحاظ کان- يعني 1910ع تي ختم ٿيندڙ دور ۾ ابتدائي 14 سالن جو عرصو اچي وڃي ٿو ۽ باقي 32 سالن جو ڀاري عرصو، ٻئي دور تي مشتمل آهي. ان حقيقت جي مدنظر، ”جوت“ جو تفصيلي جائزو خصوصاً ان جون بي مثال ادبي خدمتون ٻئي دور جي تجزئي وقت سامهون رکنداسين.

هتي ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪريون ٿا ته ”جوت“ جي مضامين جي افاديت سبب، ٻن موقعن تي، ان جي انتخاب کي شايع ڪيو ويو. هڪ جو نالو ”گل ڦل“ هو جيڪو ”جوت“ جي ايڊيٽر خود پرمانند پاڻ ٻن ڀاڱن ۾، 10 نومبر 1925ع ۽ 24 ڊسمبر 1935ع تي شايع ڪيو هو. جن کي گڏ ڪري هڪ ڪتاب جي شڪل ۾، سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ ڇپايو هو. ٻيو انتخاب وري ”جوت“ ۾ ڇپيل ناصحانه ۽ ٽوٽڪائي مواد مان ”سنڌ جو وينائيل ڪوآپريٽو سوسائٽي“ وارن چئن ڀاڱن ۾، ”دلبهار“ جي نالي هيٺ شايع ڪرايو هو.

”گل ڦل“ جي پهرين ڀاڱي جو ديباچو لکندي، مصمونن جي افاديت تي خود مصنف هن طرح روشني وڌي هئي:

”....... تنهن لاءِ ڪن دوستن جي صلاح ٿي ته، خاص ڪري پروفيسر ايڇ- ايم گربخشاڻي جي ته ”جوت“ ۾ ٽيهارو ورهين کان جي طرح طرح جا مضمون پئي پيا آهن. ڇا اخلاقي ڇا تعليمي، ڇا تواريخي، ڇا سائنس جا، ڇا جيتن، پکين ۽ جانورن جا بيان، ڇا ڊٺلن جهونن شهرن جا احوال، ڇا سورمن ۽ نيڪ مردن ۽ زالن جا چرتر، ڇا جهنگ جا شيل شڪار، ڇا ڏند ڪٿائون ۽ عمديون نصيحت ڀريون ڪهاڻيون ۽ نقل، جي چونڊي هڪ ڪتاب ڇپائجي.

”سو اهڙو مضمون ڪڍي هن رسالي ۾ ڇپايا ويا آهن. اميد آهي ته سنڌيءَ جي پيار وارن توڙي وديار ٿين کي هيءُ رسالو ڪمائتو ٿيندو.“

”گل ڦل“جي اشاعتن تي 29 نومبر 1925ع واري ڀارتواسي اخبار ۾، هڪ اديب لعل چند امر ڏني مل تبصرو ڪندي، لکيو:

”مسٽر پرمانند ميوارام عبارت جي باري ۾ اٽڪل شٽڪل مان ڄاڻي ئي ڪونه. انهيءَ ڏس ۾ مرچ مصالحه ٻرڪڻ کان پاڻ سدائين دور رهيو آهي، سڀاوي جيئن اچيس تئن لکندو وڃي. نڪا کيس اون رهي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ کي ”شڌ“ ڪريان ان کي دين جي گهوڙي تي چاڙهي مسلمان بڻايان! سندس ويچارن سان اڳلو ڪٿي ڪٿي کڻي ساڻس مخالفت رکي به پر عبارت سندس اهڙي سليس ۽ پڪي آهي جو خود وروڌي به سندس انصاف مڃيندا آهن.“

 

پرمانند ميوارام جي لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو جو سندس ”جهنگ جو شئل شڪار“ ۽ ”سارنگي ساوڻ لايا“ وارن بياني مضمونن مان ورتل آهي جيڪو حيدرآباد مان وهندڙ ڦليلي واهه جي زماني ۾ ٻڌايو ويو آهي. لکي ٿو:

 

”اڀ ۾ ڪڪر، هوا فرحتي، سملو لڳي ويو هو. شام جو ڪاري ڦردي ڏانهن ويس ٽرڻ مڙڻ، موءج به موءج هجي، وسرڻ جي آهي. هوءَ ڦليلي سا ته ڏس ته هٻئر، هٻئر، هٻئر! تڪڙي تڪڙي وهندي ڪرندي پئي وئي. لڙ، لهرون، لس، ليٽ! وه تکا، وه کرا! اصل مائي ڪنهن جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي، چئي، ڏسو ڪين ٿا چرڪ ٿي وئي اٿم، هاري پيا سارينم. منهنجو ڏوهه آهي ئي ڪونه، چئو درياءَ کي، مستاني درياءَ کي ججڪين کاڌي درياءَ کي، تار خشڪيون اٿس. نه نه، ههڙي بي ادبي! ڪن پريمين جيان موءج اٿس! ڪڏهن سراوندو، ڪڏهن انگل آرا پيو ڪري، ڪڏهن ته اٿليو ٻوڙٻوڙان ڪيو ڇڏي، ڪن کي سائو، ڪن کي سڃو ڪري، اهو ته سندس مرڪ آهي. اها ته سندس بڇڙي غظا آهي، نه ته سنڌ جي ماڻهن سان اهڙا پار هلڻ کپنس ئي ڪين. جيئن ڪا استري پتيءَ کي ڇڏي پر پٺيان ڊوڙي تيئن سنڌي ماڻهو خدا کي به پاسي رکي، اول درياءَ لعل منائين ۽ منجهس اکا وجهن ۽ گونگهيون ٽٻيون ڏين مطلب ته پير ڪري ٿا پوڄينس، پوءِ سندس اهڙا افعال! مون کان نه پڇن ته اڳتي ڇڏي ڏينس، نهارينس به نه. ماڳهين، جيئن ڪين منجهان ڪي ڪيو اٿس، تنهن سائينءَ کي ساراهين، ٽاريءَ کي ڇڏي ٿڙ کي وٺن، ته ڏسو ته ڪيئن نه مستي ڇڏي سڌو ٿو ٿئي؛ ٽڪ مان ور لهي ويندس. پر آءُ هي زناني وات چوان ڇا پيئي! مئو ماريو ٻڌندو ته کامندو. منهنجو نالو نه وٺڄو! آءُ وري به سندس ٻوٽي آهيان، سندس شاخ آهيان، سندس ٻچڙي آهيان. رئس نه هجي ته گوني ته ٺهي، خود ڦليلي به ڪانه ٻڌو ها، هاڻي پنهنجي موڪلاڻي اٿو. ”زميندار نه پڪار ڪن.“ هوڏانهن سير ٿي ٿيس، هيڏانهن بڪواس ڪري وڌائين.“ (1)

.

”دلبهار“ انتخاب ۾ هڪ ڪهاڻيءَ مان هڪ ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو جنهن مان پرمانند جي پختي عبارت ۽ طنزيه انداز ڪرکنيو بيٺا آهن:

”ڪي زال مرد پاڻ ۾ ٺهندا ئي ڪين هئا. ”چانڊيا مگسي“ هوندا هئا. مرد ڌاري ڪتو ته زال ڌاري ٻلي. وري عجب ڪهڙو جو ٻلي ڪتو به پاڻ ۾ نه ٺهن! ٻارهو ئي چٽاڀيٽي لڳي پئي هوندي هين. هڪڙي ڀيري رات جو ڏاڍو اچي مينهن ڇٽڪيو. ڪتو ويڙهجي سيڙهجي ٻاهر ڍير ٿي پئجي رهيو هو، سو پسي ڀت ٿي پيو هو. باقي ٻلي سان مزن ۾هئي. چلهه وٽ ڪوسي ستي پئي هئي. ڪنهن مهل جاڳي ته ڇا ڏسي ته ڪتو ٻاهر پيو آهي. تڏهن مسخري ڪري چوڻ لڳس:

”مينهن وٺو ڪتو ٿيڙس برو حال

آءُ ٿي مزا ماڻيان جئن راجا سنڌي زال. (1)

 

سرڳواسي پرمانند ميوارام جي علمي خدمتن جو دائرو نهايت وسيع هو ۽ اخبار هلائڻ، ان ۾ مختلف موضوعات تي لکڻ ۽ ڇپڻ کان علاوه هن صاحب سٺن ڪتابن جا ترجما به ڪيا ۽ طبع زاد ڪتاب لکيا. ”1923ع ۾، پرمانند ميوارام، مشهور عيسائي اخلاقي مقالو Akempis جو لکيل Imitition of Christ ”ڪسرت جي پيروي“ نالي ترجمو ڪيو هو، جو سندس نبار، سپڪ ۽ موزون سنڌيءَ جو شاندار مثال آهي ۽ پڻ ترجمو ڪرڻ جي فن جو نمونو آهي. 1934ع ۾ پرمانند صاحب ”اپائڻهار جي هستي“ ڪوڙي مل منڊل پاران ڇپايو هو، جنهن ۾ ايشور جي هستيءَ بابت دليل ڏنا هئا.“ (2)

 

6- تولارام مينگهراج ٻالاڻي:

 

جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سرڳواسي تولارام ٻالاڻيءَ کي اهو شرف حاصل هو ته صحيح معنيٰ ۾ سياسي اخبار ”هند ماتا“ نالي هن جاري ڪئي هئي. اجراء جو سال 1905ع آهي ۽ سخت تنقيد ۽ تاءَ وارن لکڻين سبب، گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي. هن اخبار بند ٿيڻ تي ”صدائـﻶ سنڌ“ (Voice of Sindh) جي نالي سان ٻي اخبار شروع ڪيائين جنهن ۾ پڻ ساڳئي جوش ۽ دليريءَ جو مظاهرو ڪيائين جنهن ڪري شايد پهرين پرچي نڪرڻ سان ئي بندش جا حڪم ٿي ويا. ٻالاڻي صاحب سچ پڇ ته کيرون لهڻيون جڏهن اسان ڏسون ٿا ته هن غيرمعمولي جوش ۽ جذبي تحت، ايترو اوائلي دور ۾، صحافت جي بنيادي اصول يعني حق گوئيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ حالتن ۽ واقعن جو ڀرپور نوٽيس ورتو ۽ کليءَ طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن فرض ادائگي ۾ ٻالاڻي صاحب نتيجن جي ڪا پرواهه ڪانه ڪئي.

 

ساڳيءَ وقت، ايترو به معلوم ٿئي ٿو ته تولارام ٻالاڻي ويدانت سان ورونهن ڪندڙ هو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيترن ئي عنوانن تي مشق قلم ڪيائين. ازانسواءِ پاڻ هڪ جوشيلو شاعر به هو ۽ سندس تخلص ”عاجز“ هو. (1) افسوس هو اهڙي گهڻ پاسائتي ليکڪ ۽ شاعر جي زندگيءَ متعلق، معقول معلومات نه ملي سگهي آهي. سندس شاعريءَ بابت هڪ مضمون ۾ پروفيسر تارا چند گاجرا لکيو ته ”هو ڪوتا ٺاهڻ ۽ چوڻ ۾ اوچ ڪوٽيءَ تي رسيل هو- ڄڻڪ ڳالهائيندوئي ڪوتا ۾ هو.......“ (2)

 

بهرحال، ٻالاڻي صاحب جي ٻن مکيه مضمونن جو پتو پيو آهي، سو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي تصنيف ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي ورق گرداني ڪرڻ سان. پروفيسر جي راءِ مطابق، ٻالاڻي صاحب جو ”درياءِ جو درشن“ ليک 1918ع ۾ شايع ٿيو هو جنهن جي ٻولي ”فلسفياڻي خيال سان گڏ جهوني قافيه دار نثر جو عمدو نمونو هو ۽ ثابت ٿو ڪري ته سنڌي ٻولي قافين ۾ ڪيتري مالدار آهي.“ حوالي طور هيٺيون اقتباس حاضر آهي:

 

”درياهه انسان کي درياه دليءَ جي ڀيٽا ڏيئي ڪيئن نه هن جي چت من کي سوکم زبان سان سمجهائي ٿو: ڏس تنهنجو حاطو منهنجي حاطي کان به وڏو آهي، تنهنجو ڪنارو منهنجي ڪناري کان به ڪنارو ڪندڙ آهي. تنهنجو پيٽ اونهو ۽ بي پايان آهي، تنهنجو شان اعليٰ ۽ بي ڪران آهي، تنهنجي ڀيٽ تي ساگر به ڦڙيءَ سمان آهي، تنهنجي پاسي ڪنڊ ۾ پربت به پٿر جي ذري جيان آهي، تنهنجي پيٽ تي سڄو سنسار به خيال جي صورت ۾ ڦوٽي ۾ لهر وانگيان آهي، تنهنجي ڀيٽ ۾ قدرت جو ڪل سامان آهي. ايتري اوچي شان هوندي به تنهنجو سلسلو وري به سرير جي اندران آهي. پنهنجي شان کي پاڻ وساري سرير جي سٻند ۽ ٻنڌن جي ڇڪ گهل ۾ سرگردان آهين، ڪجهه منهنجي حال تي به خيال روپ نگاه ڪر، ۽ پنهنجي ۽ منهنجي حالتن کي ويچار جي ساهميءَ ۾ ڌر. مان باصورت درياه پنهنجي بي تعلقيءَ ۾ برقرار آهيان، ۽ تون بي صورت درياه جي تعلقيءَ کان بيزار آهين. مان باصورت درياه نه ڪنهن جو دشمن ۽ نه ڪنهن جو يار آهيان، تون بي صورت درياه ڪنهن جو دشمن ۽ ڪنهن جو دلدار آهين. مان باصورت درياه ڪنارن سان سٻند رکندي به ڪنارن کان ڌار آهيان. تون بي صورت درياه سرير جي سٻند کان رهت رهڻ ڇڏي سرير جي قيد ۾ ذليل ۽ خوار آهين. ذرا ويچار کي وچ ۾ وهار ۽ پنهنجا آچار سوڌا بڻاءِ. ائين ممتا جو سرمو پنهنجي اکين ۾ پائي سهدرشتيءَ جو سک پاءِ ۽ پورن آنند ۾ سماءِ.“

 

28 ڊسمبر 1935ع تي، ”هندو“ اخبار جو ڪانگريس جوبلي نمبر شايع ٿيو هو جنهن ۾ تولارام ٻالاڻي متعلق هڪ مضمون لکيو ويو هو ان جو عنوان هو ”سنڌ ۾ قومي ويچار پهرئين ڪنهن ڦهلايان“. ان مضمون جو ليکڪ پرڀداس برهمچاري آهي جنهن مان اها خبر ملي ٿي ته تولارام جي پيءُ جو نالو مينگهراج هو ۽ هو اصل نوشهري فيروز جو ويٺل هو ۽ 1884ع ۾ ڏياري واري ڏينهن پيدا ٿيو هو.

 

ان انڪشاف مطابق، تولارام ٻالاڻي، ننڍي کان آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون. بنگال جي 1906ع واري ورهاڱي واري واقعي کان گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ سياسي طرح ملڪي ميدان ۾ ڪاهي پيو هو. برهمچاري صاحب لکي ٿو:

 

”هن ان ورهاڱي ۽ لالالجپتراءِ جي ديش نيڪاليءَ وقت سنڌ ۾ جيڪا سجاڳي آڻڻ لاءِ جا نفشاني ڪئي سا آئينده وقت ۾ سونهري اکرن ۾ لکي ويندي هئي. هو ان وقت به ستاويهه ورهيه اڳ جڏهن اخبار نويسن لاءِ موجوده وقت کان گهڻو ڪٺن سمو هو، تڏهن هن اخبار نويسيءَ ۾ عجيب آزادگي جي راند کيلي ڏيکاري هئي. تڏهن ”سنڌ شيوڪ“ ”ديش ماتا“، ”صدائي سنڌ“ (Voice of Sindh) (انگريزي ۽ سنڌي گڏيل) اخبارون جاري ڪيون هئائين.

 

”صدائـﻶ سنڌ“ جي پهرين پرچي نڪرڻ سان ئي اتس ڪيس ڪرڻ جا سانباها ٿي ويا هئا پر ڪن راءِ بهادر ديوان ڪوڙي مل کلناڻي پاران ان وقت جي ڪليڪٽر کي ائين ڪرڻ کان باز آندو هو. سندس لکيت جو ڇا تاثير هو. سندس بي ڊپي لکڻيءَ ڪري ڪوبه پريس وارو سندس اخبار ڇپڻ ڪين قبوليندو هو، جنهن ڪري ڪيترو وقت اخبار پنهنجي هٿن سان ليٿو تي ڪڍندو هو. سي آءِ ڊي، سدائين سندس پٺيان هوندي هئي. سندس ڳالهائڻ ۾ عجيب جادو هوندو هو......... هن جيڪا ملڪي گيتن جي چوپڙي ”ملڪ مداح“ پڌري ڪئي هئي، سا سرڪار ضبط ڪري ڇڏي هئي......... هو ائين چوندو هو ته بکئي هندستان اڳيان ڌرمي اپديش ڪرڻ عام کي وڌيڪ دکي ڪرڻو آهي. ”عاجز“ جي تخلص سان سندس ڪيترا ڪتاب ”سک ساگر“، ”نينهن جي جنگ سان مينهن جي جنگ“، ”گل بهار“، ”گيان گيت“، ”گيان گلزاري“ وغيره آهن. پڇاڙي جا ڪي سال لاڙڪاڻي جي سوامي ڌرمداس جي سنگ ۾ گذاريائين. 1913ع جي جون مهيني ۾ لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه ۾ اشنان ڪندي گم ٿي ويو. ”ان وقت 29 سالن جو نوجوان هو.“

7- ”ديش ڀڳت“ ويرو مل بيگراج

ويرومل بيگراج جنهن کي پروفيسر منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ ”ديش ڀڳت“ جو درجو ڏنو آهي، ان واقعي صحافت ۽ سياست ۾، سنڌ جي حد تائين نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سکر مان، 1901ع ڌاري، هڪ هفتيوار اخبار ”سنڌي“ نالي سان جاري ڪئي جيڪا سندس ئي پريس ۾ ڇپبي هئي. ان اخبار کي نمايان حيثيت ان ڪري حاصل ٿي جو اها اوائلي سياسي نوعيت جي اخبارن ۾ شامل آهي. جنهن جي خدمت جو سلسلو سڄا سارا چاليهه سال رهيو. ان عرصي ۾ ظاهر آهي، هن هفتيوار سنڌ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ نهايت اهم رول ادا ڪيو ۽ تحريري دنيا ۾ خدمت جي خوبيءَ کي مقبول بڻايو. ان ڪري ئي، سنڌ جي هڪ ٻئي ممتاز ۽ بزرگ صحافي جناب پير علي محمد راشديءَ کيس سنڌ ۾ پهرين سياسي سجاڳي آڻيندڙن ۾ شامل ڪيو آهي.

شروع ۾، ويرومل بيگراج ڪانگريسي خيالن جو محنتي ورڪر ۽ جوشيلو جوان هو ۽ صحافت به انهن خيالن جي ترويج ۽ مقبوليت لاءِ استعمال ڪيائين پر بعد ۾، جڏهن ڪٽرپڻي واري سياست زور ورتو، تڏهن هو ڪانگريسيءَ مان ڦري مهاسڀائي ٿي ويو. ۽ مهاسڀائي به اهڙو پڪو ۽ پختو جو سنڌ هندو مهاسڀا جو صدر بڻجي ويٺو.

جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، هن اخبار ذريعي، مسٽر ويرومل بيگراج، انگريزن جي خلاف گهڻو ڪم ڪيو ۽ سخت تنقيد وارين لکڻين جي پاداش ۾، ٻه دفعا جيل ويو جنهن جو مجموعي معياد پنج سال هو. بڙودا جيل ۾ويرومل ان وقت هو جڏهن اتي مهاتما گانڌي به قيد ڪاٽي رهيو هو. ان عرصي دوران، هن رابندرناٿ ٽئگور جي ”ساڌنا“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو جيڪو 1923ع ۾”ساڌنا پستڪ“ جي نالي سان ڇپايائين. راشدي صاحب مطابق، ڀائي ويرومل پنهنجي اصولن تان ڪڏهن به ڪين هٽيو ۽ جڏهن آزاد هوندو هو ته ”هر ڇهين مهيني ڪونه ڪو مچ مچايو ويٺو هوندو هو.“

پر ڳالهه جو ٻيو پاسو به آهي. اڳتي هلي ويرومل جي سياست ۽ صحافت ۾ فرقيواريت جو فرق آيو. ان تبديليءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ، اسان پير علي محمد راشديءَ جي وضاحت کي سند طور پيش ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿا سگهون:

”مسٽر ويرومل جي پرچار ٿوري ئي عرصي اندر، هڻي وڃي هنڌ ڪيو. سکر جي فضا اهڙي خراب ٿي وئي جو ان کانپوءِ جيڪي به هندو مسلم فساد ٿيا سي سکر ۾ ئي ٿيا. 29- 1930ع ۾روهڙي ڊويزن اندر هندو مسلم مارا ماري ٿي. سال اڌ بعد خود سکر شهر اندر ان قسم جا واقعا ٿيا. جيئن پوءِ تيئن ڪشيدگي وڌندي وئي ۽ آخر 1940ع ۾منزلگاهه مسجد واري سوال تي سکر شهر ۽ پسگردائيءَ ۾ ايتري قدر خونريزي ٿي جو الامان والحفيظ! سوين ماڻهو مارجي ويا. تقريبن ٻن ڪروڙ رپين جي جائيداد سڙي خاڪ ٿي ويئي، ۽ ڪيس مقدما، جيل جون سزائون ۽ ڦاسيون ان اپراند.

”سکر جي واقعات سنڌ جي سياست تي مستقل اثر ڇڏيو. انهن ڏينهن کانپوءِ، هندو مسلم ميلاپ ناممڪن ٿي پيو. مسلمان مسلم ليگ ۾ گهڙي پيا ۽ پاڪستان جي حصول لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنائون. ٿورن سالن بعد پاڪستان قائم ٿيو ۽ هندن کي مورڳو سنڌ مان لڏڻو پيو. مسٽر ويرومل پاڻ ان هوندي به پاڪستان مان ڪونه ويو. البت سندس سياست ختم ٿي چڪي هئي. حياتيءَ جا باقي ڏينهن خاموشيءَ سان ساڳئيءَ سکر ۾ گذاريندي، چالاڻو ڪيائين.“

”ذاتي طرح چڱي سڀا، جو صاحب هو. ڳالهائڻ جو نمونو وڻندڙ ۽ سنجيدو هوس. دل ڪجهه به هجيس پر سڏيندو هر ڪنهن کي ”منهنجا پيارا ڀاءُ“. هٿ جي ٺهيل کدر جا ڪپڙا پهريندو هو. ڌوتي، قميص ۽ گانڌي ٽوپي. ڳالهائڻ ۽ لکڻ ٻنهي ۾ اثر هوس. ڌاريءَ حڪومت اڳيان ڪڏهن به سيس نه نوايائين. پنهنجي هندو جاتيءَ جي شيوا جو عشق هوس. پر عشق ۾ توازن هجڻ لازمي آهي. اهو توازن سرڳواسيءَ جي طبيعت ۾ ڪونه هو، تنهن ڪري سنڌ مان پنهنجي جاتيءَ ۽ خود پنهنجو تڏو ڪڍرائي ويهي رهيو. گهڻيءَ حد تائين سندس قسمت جو قصور هو. ايترن خدمتن ۽ قربانين هوندي، خود سندس پنهنجي حياتيءَ به سندس در ڪونه ڪيو. سکر شهر ۾ هندن جي اڪثريت هوندي به هو هڪ دفعو به ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊجي نه سگهيو. بمبئي ڪائونسل ۾ ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾، هندن جي پاران، ڀنگي ۽ مينگهواڙ به بطور ميمبر جي  چونڊجي ويا، مگر ويرومل کي اهو معمولي اعزاز به حاصل ٿي نه سگهيو. جڏهن به اميدوار بيٺو، ناڪامياب ئي رهيو.

 

”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، بخت نه ڏيندي ونڊي.“ (1)

الوحيد اخبار جي وساطت سان، ويرومل جي اخبار ”سنڌي“ (2)

جو هڪ حوالو مليو آهي جنهن جو واسطو 1932ع جي آڪٽوبر جي ڪنهن اشاعت سان آهي ۽ بمبئي کان علحدگيءَ بابت آهي. اهو اقتباس، هفتيوار ”سنڌي“ اخبار جي لکڻيءَ جي نموني طور هيٺ ڏئي رهيا آهيون.

”ان (يعني الله آباد ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس دوران سنڌ جي جدائيءَ واري مسئلي جو حل تجويز ڪيو ويو هو، ان ڏانهن اشارو آهي) تي احتجاج ڪرڻ لاءِ سکر جي ساڌ ٻيلي جي مهنت صاحب زير صدارت هڪ جلسو ٿيو جنهن ۾ 5 هزارن کان به وڌيڪ هندو شريڪ ٿيا جن صاف چيو ته سنڌ کي بمبيءَ کان الڳ نه ڪرڻ ڏينداسين ڇوته مسلمانن جي وعدن تي کين ڪو ڀروسو ڪونه رهيو آهي.“

 

جن جهونن صحافين جو ذڪر مٿي ٿي چڪو، انهن کان علاوه نستاً بعد جي دور ۾ چند اهڙا غيرمعمولي صحافي به ٿي گذريا آهن جن پڻ سنڌي صحافت جي اهم ۽ تعميراتي مرحلن ۽ منزلن تي، پنهنجي انفرادي اهليت ۽ تعريف لائق ڪوششن سان اخبار نويسيءَ جي چمن جي آبياري ڪئي. اهڙين اهم صحافتي شخصيتن جي زندگيءَ ۽ خدمتن بابت مختصر احوال ڏيڻ پڻ ضروري ٿا سمجهون ڇو ته، اسان جي راءِ ۾، انهن جو ذڪر نه ڪرڻ سنڌي صحافت جي ڪهاڻيءَ کي اڌورو ڇڏڻ جي مترادف ٿيندو. سنڌي اخبار نويسيءَ جي ان منزل وارن صحافين ۾ مکيه طرح مرحوم حڪيم مولوي نور محمد نظاماڻي، سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي ۽ اڃا حال حياتن ۾ پير علي محمد راشدي، مولوي عبدالغفور سيتائي، خير محمد نظاماڻي ۽ حافظ خير محمد اوحدي اچي وڃن ٿا. ليڪن حال حيات (خدا کين خوش ۽ سلامت رکي) جو اشارتن ذڪر ٿيندو، باقي مرحومن جو احوال ڏيندڙ صفحن جي زينت بڻايون ٿا.

 

8- مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي

”نور حق نروار ٿيو بجلي ڪري باطل مٿي.“

مرحوم حڪيم مولوي نور محمد نظاماڻيءَ به نثري ۽ منظوم صحافت جو وارو خوب وڄايو ۽ ان ميدان ۾ مزاح ۽ طنز واريون اهي ذري گهٽ ساڳيون خصوصيتون ۽ جولان ڏيکاريا جيڪي اسان کي مرحوم ”بلبل“ ۽ مرحوم ”مخلص“ ۾ ملن ٿا. مرحوم ”مخلص“ جو ته آخري زندگيءَ ۾ همعصر هجڻ جو رتبو ماڻيائين ۽ هن سان وڏيون چوٽون به کاڌائين.

مرحوم نظاماڻيءَ جي فرزند جناب نور احمد نظاماڻيءَ کان معلوم ٿيو آهي ته سندس والد محترم جو انتقال 24 نومبر 1934ع تي ٿيو جڏهن سندس عمر 52 سال هئي. جنهن جي معنيٰ ته هن جي ولادت 1882ع ڌاري ٿي هوندي. مرحوم مولوي نظاماڻي صاحب جو حيدرآباد ضلعي ٽنڊي سومري جهڙي ننڍڙي شهر ۾ جنم ٿيو ۽ سندس والد مرحوم جو نالو محمد علي خان نظاماڻي هو. ننڍپڻ ۾ سنڌي ۽ فارسي تعليم ورتائين ۽ مٽيارين جي ماستر محمد حسن وٽ سنڌي فائنل تائين پڙهيو ابتدا کان ئي پڙهڻ ۽ لکڻ جو بيحد شوق هوس ۽ ان اونهي اڀياس جو ئي نتيجو هو جو هن ۾ غيررواجي قسم جي قلمي قوت پيدا ٿي پيئي. پر صحافت کان اڳ، پنهنجي شهر جي نورالهديٰ ديني مدرسي ۾، مرحوم مولوي صاحب درس تدريس جو ڪم ڪندو هو ۽ ان دوران عربي استطاعت به پيدا ڪري وڌائين. اعتقادن مرحوم مولوي صاحب هڪ وڏو موحد هو ۽ بدعتي مولوين ۽ پيرن جو سخت مخالف هو. ساڳئي وقت، ان دور ۾ هندو آريه سماج جي تبليغ ۽ اسلام خلاف الزامن جا جواب به ڏيندو هو. هڪ توڪلي مڙس هو ۽ سادگي ۽ اخلاص واري زندگي گذاريندو هو. هن جي قلمي جوش جولان ايمان مدليل عبارت جو ثبوت سندس اخبارن جي صفحن تي جا بجاءِ پکڙيل آهن.

مرحوم نظاماڻيءَ جي صحافتي زندگي 1924ع کان، ٽنڊي الهيار مان هفتيوار ”نورالسلام“ جي اجراء سان شروع ٿئي ٿي ۽ ڏهه سال وڏي ڀڀڪي سان هلي 1934ع ۾ پوري ٿئي ٿي. انهيءَ وچ ۾، 1924ع کان 1929ع تائين ”نورالسلام“ 1 جون 1933ع 13 فيبروري 1934ع تائين ۽ 15 مئي 1934 کان کان 24 نومبر 1934ع تائين ”مرغ فلڪ“ هلايائين. ”نوراسلام“ آخر ۾ ڪجهه وقت ٽنڊي محمد خان مان به نڪتي ۽ ”طيراًابابيل“ ۽ ”مرغ فلڪ“ حيدرآباد مان نڪرنديون هيون. سندس سڄي عرصي جي صحافت تي، مذهبي رنگ نمايان طرح چڙهيل رهيو آهي. طرز تحرير تبليغي ۽ اصلاحي انداز ۾، وقتي سنجيده، وقتي طنزيه ۽ ٽوڪ چڙ واري ۽ ڪڏهن ڪڏهن گلا ۽ گارين جي گفتن سان گاڏڙ. ليڪن عبارت اهڙي مائيدار ۽ پختي ۽ الفاظ جو انتخاب ايڏو اديبانه، جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ برداشت ۽ هضم ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو پوي. مخاطب ٿيڻ جو ڍنگ ۽ رنگ مالويانه ۽ ارادو ۽ فارسي اصطلاحن سان مزين پر مزيدار ۽ دلچسپي پيدا ڪندو خشڪي کان خالي.

ممتاز موءرخ جناب پير حسام الدين راشدي مطابق، ”ذرا زود رنج ۽ مولويانه طبيعت جو ماڻهو قداور، ڇڙڪ بت ۽ دم ڪشيءَ جو ٽونڪارو مخلص ۽ مولوي نظاماڻي هجو نويسيءَ جا سنڌ ۾ موجد ۽ بنيادي ڀڙ هئا. اخبار اندر مزاح نويسيءَ جي ابتدا انهن ڪئي. مطلب ته نظم خواه نثر ۾ هنن جي طفيل، سنڌي ادب جي اها صنف آسمان تي پهتي. مخلص ۽ نظاماڻيءَ جي لکڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تلخي به اچي ويندي هئي ليڪن بلبل مرحوم جي نظم ۾ نج طنز ۽ مزاح ٿيندو هو.“ (1)

انهن ڳالهين ۽ خاصيتن سبب، مرحوم نظاماڻيءَ جي اخبارن کي شوق سان پڙهيو ويندو ۽ ان لاءِ واجهايو ويندو هو. سندس فرزند جي چوڻ مطابق انهن اخبارن جي اشاعت هزار کن هوندي هئي جيڪا ان زماني جي لحاظ کان يقينن وڏي آهي. سندس وڏو پٽ مرحوم عبدالهادي، ان ڪم ۾ مولوي صاحب جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. اخبار کي وڌيڪ توجهه قابل بڻائڻ لاءِ هو ”طيراً ابابيل“ ۾ خصوصن، هٿ سان ڪارٽون ٺاهي وهندو هو جيڪو مضمون جي موقعي ۽ مناسبت سببان، زياده ڪشش ۽ اثر پيدا ڪندا هئا. سندس تخلص ”اختر“ هو. (2)

 مرحوم نظاماڻيءَ جي تبليغي طرز تحرير جو اندازو ۽ مقصد جي نشاندهي ان نظم مان ئي ٿئي ٿي جيڪا دعا جي شڪل ۾، ”نوراسلام“ جي هن پرچي جي پهرئين صحفي تي هن طرح سينگاريل هوندي هئي.

”نور حق نروار ٿيو بجلي ڪري باطل مٿي،

دهشت دم ٽوڙ پئي اڄ دشمن جي دل مٿي،

نور تنهنجي يا محمد مات ڪيو ظلمات کي،

صد هزار رحمتون توهادي ڪامل مٿي.

ڪشتي امت لڏي ٿي لهرين ۾ يا رسول،

نا خدا ٿي نوح جيئن پهچاءِ سا ساحل مٿي.

منهنجي دست ناتوان ۾ اهڙي همت ڪر عطا،

برق سوزان ٿي ڪري اسلام جي قاتل مٿي.

صحافت کان علاوه، مرحوم نظاماڻيءَ سنڌ جي تاريخ لکي جا ڇپائي وئي ۽ نصاب ۾ پڙهائي ويندي هئي. ان کان علاوه، مرحوم مولوي صاحب ٽيپو سلطان جي تاريخ نهايت وڻندڙ پيرايي ۾ لکي تيار ڪئي هئي جيڪا مسودي جي حالت ۾ سندس گهر ۾ ڪيترائي ڏينهن پيئي رهي. مالي وسائل نه هئڻ سبب اهو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو. پر ان کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه هي ٿي جو قيمتي تحقيق وارو مسودو رکئي اڏيهيءَ جو کاڄ ٿي ويو.

ان هوندي به، مولوي صاحب جو مکيه مشغلو صحافت هو جنهن ۾ هن پنهنجي سموري قلمي قوت استعمال ڪئي. ”طيراً ابابيل“ ۾ مقالئه مزاج پرسي“ واري ڪالم ذريعي مخالفن جي خبر وٺندو هو ۽ مٿانئن وڄ وانگر ڪرندو ۽ ڪڙڪندو هو. ساڳئي مقصد لاءِ وري ”نوراسلام“ ۾ ”تماشائي گل و خار“ مستقل ڪالم پوندو هو. مولوي صاحب جي قلم جي شهسواري اهڙي موقعي تي ڏسڻ جهڙي هوندي هئي. پنهنجي پهرين اخبار ”نوراسلام“ ذريعي، مرحوم نظاماڻيءَ سنڌ جي مسلمانن جي مختلف ميدانن ۾ وڏي رهبري ڪئي ۽ سندس لکڻين مان هم مذهب ماڻهن جي حالت زار تي دل دکڻ ۽ خيرخواهيءَ جون جهلڪيون نمايان طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. آريه سماج هندن، سنڌي مسلمانن جي برين عادتن ۽ بدعتن جهڙوڪ هندن کان قرض کڻڻ ۽ ڏاندن ۽ ڪڪڙن (1) جون گويون ڪرڻ شادين غمين جي موقعي تي اجائي اصراف، سرڪاري ڪامورن جي رشوتن ۽ ارهه زوراين، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي بي توجهين ۽ پيرن پاران منجهيل مريدن کي ڏن ذريعي ڏهڻ خلاف، مولوي صاحب خاص جهاد ڪيو ۽ انهن خير جي ڪمن ڪندي، ڪيترائي اثررسوخ وارا ماڻهو پنهنجا مخالف بڻايا، پر کيس ان مخالفت جي ان ڪري پرواهه نه هوندي هئي جو هو اها جنگ بي لوث ۽ مخلصانه انداز ۾ لڙهي رهيو هو ۽ کيس ذاتي طرح ان ۾ ڪا مالي منفعت جي لالچ ڪانه هئي. شايد ان ڪري ئي سندس لکڻيءَ ۾ وڏو اثر پيدا ٿي پيو هو.

”نوراسلام“ جي 7 جولاءِ 1929ع واري اشاعت ۾ ”مقروض مسلمانن جي افسوسناڪ حالت“ جهڙي عنوان تي لکندي مولوي صاحب گهڻو ڪجهه رنو پٽيول حق حلال جي ڪمائي ۽ قرض جي نقصانن ۾ اڌار جي وضاحت ڪندي لکيائين:

”..... اکين سان ڏسجي پيو ته قرض جي سببان ڪيترا مسلمان نيست و نابود ٿي ويا. جيڪڏهن هو قرض کڻي اجايا خرچ نه ڪن ها ته اهڙا تباهه ۽ برباد نه ٿين ها، خدا جو قسم منهنجي خون ۾ هڪ سخت جنبش پيدا ٿئي ٿي جڏهن ڏسان ٿو ته هڪ واڻيون بندي بغل ۾ وجهي مقروض مسلمانن جي پٺيان قرض جي تقاضا ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ گهمندو ٿو ڦري. چڱا چڱا سفيد پوش، سيد، پير، بلوچ وڏيرا جن جا ڪنڌ ديني ۽ مذهبي عظمت جي اڳيان بلڪل نه ٿا جهڪن اهي شاهوڪارن جي اڳيان قرض جي خوف کان پري کان بندگي عرض ٿا ڪن. سيٺ صاحب قرضدار مسلمانن جي دروازي تي وڃي ٿو ۽ انهن کي اکيون ڏيکاري دعوائن جي ڌمڪي ڏئي ٿو ۽ جيڪي به ممڪن نظر اچيس ٿو سو ڳالهائي وڃي ٿو پار چڙهي. مقروض ويچارو هٿ ٻڌي مهلت گهري ٿو، نياز ۽ عاجزي ڪري ٿو، پيرين پوي ٿو. ڇا هي ٻڏڻ مرڻ جهڙي ڳالهه نه آهي جو هڪ پرستار توحيد کي بت پرستن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو پوي؟

 

مسلمانن کي گهرجي ته جيترو ٿي سگهي اوترو قرض کڻڻ کان بچن مگر سو تڏهن ٿيندو جڏهن هو پنهنجي تمام مصارف کي موافق شريعت جي ڪم آڻين ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪن ۽ پيسن وڃائڻ جي بدلي پيسا ڪمائڻ سکن. يقين سمجهيو ته توهان تيسين ڪڏهن به دنيا ۾ خوشيءَ جو منهن نه ٿا ڏسي سگهو جيسين قرض جو پهاڙ توهان جي سيني ۾ دل ۽ دماغ کي دٻايو پيو آهي ۽ توهان جي دل ۾ مسرت ۽ اطمينان جي هڪ ننڍي کان ننڍي لهر به پيدا ٿي نه ٿي سگهي، جيسين توهان ان مصيبت ۾ گرفتار آهيو. سچي خوشي تڏهن پيدا ٿي سگهي ٿي جڏهن توهان پنهنجي جذبات ۽ خواهشات تي پورو قبضو رکي پنهنجي ڪمايل دولت جو صحيح استعمال ڪرڻ سکو. توهان جي زندگي جو اصول هجڻ گهرجي ته ”آءُ خدا جي سڀني ٻانهن جي خدمت لاءِ پيدا ٿيو آهيان، توهان ۾ اها خوبي پيدا ٿي ويندي، انهي ڏينهن اوهان حقيقي ۽ سچي مسرت جي راز کان واقف ٿي ويندا......“

 

ساڳي ”نور اسلام“ ۾، 30 جون 1929ع تي، مسلمان ۽ سياست“ (1) جي عنوان تي، مرحوم مولوي نظاماڻي صاحب هڪ حقيقت افروز اداريو لکيو. خود اداريه ڳالهائي ٿو ته مولوي صاحب کي حقيقت حال جي ڪيڏي ڄاڻ ۽ گهرو مطالعو هوس:

”....... سچ پڇو ته اسين جو هيتري قدر اڄ ڀٽڪي ۽ برباد ٿي رهيا آهيون تنهن جو سبب فقط هي آهي جو اسان صحيح حقيقت کي وساري ڇڏيو آهي. اها حقيقت هيءَ آهي ته اڄوڪي سياست ۾ انصاف جو وجود آهي ئي ڪونه. جي ماڻهو برٽش گورنمينٽ يا هندن ۾ عدل جي توقع رکن ٿا سي هڪ شديد ترين سياسي مغالطي ۾ مبتلا آهن. انگريزن ۾ هيءَ اميد رکڻ ته هو مسلمانن سان انصاف جو برتاءِ ڪندا ۽ برٽش گورنمينٽ سندن جائز حقوق جي حفاظت ڪندي رهندي، هڪ خيال موهوم آهي. جيڪڏهن هڪڙي قوم ٻي قوم جي جذبه انصاف تي تڪيو لڳائي ويهي رهندي ته ابدالابار تائين هن کي سياسي حقوق هرگز حاصل ٿي نه ٿا سگهن. سياسي حقوق حاصل ڪرڻ جو ذريعو قوت ۽ خاص قوت آهي. اهي حقوق فقط هڪ طاقتور قوم حاصل ڪري سگهي ٿي. قومي ڪمزوري کان زياده سياست ۾ ڪوبه گناهه نه آهي. ڪنهن به طاقتور قوم اڃا تائين ڪنهن ڪمزور قوم کي سياسي حقوق نه ڏنا آهن.........“

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته مرحوم ”مخلص“ ۽ مرحوم نظاماڻيءَ جي باهمي جنگ جوئي تي ان وقت الوحيد اخبار افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ ٻنهي کي صلح ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ گارگند کان پرهيز ڪرڻ تي زور ڀريو هو. غالباً ان تحريري مشوري جي ردعمل ۾، مولوي نظاماڻي صاحب ”نور اسلام“ 4 آگسٽ 1929ع واري اشاعت ۾ هن طرح مختصر جواب ڏنو هو:

 

”بهرحال الوحيد وارا خواه ٻي دنيا جيڪڏهن سندس (يعني مخلص مرحوم) اڳيان سجود ڪري ته ڀلي ڪري. سندس قدم چمي ته منهنجون اکيون ٿڌيون مگر مون پنهنجي دل ۾ مستقل ارادو ڪيو آهي ته جيستائين هي پير مرد راه راست تي نه ايندو، تيسين سندس هر ناجائز حرڪت جو تارو بود اهڙي طرح اڊيڙيندو رهندس جو ڌاڳو نه ملي ڌاڳي کي.“

مرحوم مولوي جي فرزند جي چوڻ مطابق، آخر ۾، ٻنهي درميان ٺاهه، الوحيد جي ايڊيٽر مرحوم الله بخش ٽالپر ڪرايو هو. نظاماڻي جي قلمي حملن کان گهٻرائجي ۽ آخر عاجز ٿي، ”مخلص“ ٽالپر صاحب کي ٻڌايو هو ته ”هاڻي منهنجو قلم ڀڄي پيو آهي“ يعني مان پنهنجي ڪمزوري مڃيان ٿو. ليڪن ان رنجش جو اظهار نظاماڻي صاحب، مرحوم ”مخلص“ جي موت تي افسوس ڪندي به ڪري ويٺو جيتوڻيڪ هن جي تعريف جا به ڍڪ ڀريائين. ”طيراً ابابيل“ 12 فيبروري 1934ع تي ادارئي ۾ لکيائين:

 

”خدا واحد ڄاڻي ٿو ته منهنجي لاءِ هيءَ خبر انتهائي غم و اندوهه جو باعث آهي جو اڄ اسان کان ميدان صحافت جو اهڙو شير برين جدا ٿي ويو جنهن جو اسم گرامي محمد هاشم مگر عام طرح هو پنهنجي تخلص يعني ”مخلص“ جي نالي سان ساري سنڌ جي اندر انهيءَ بي نظير شهرت جو مالڪ هو جو اڄ تائين شاعرانه حيثيت ۾ سنڌ جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نصيب نه ٿي آهي. هو اگرچ منهنجو حريف بلڪ اهڙو سخت مخالف هو جو پڇاڙيءَ ۾ به مون تي ڏيڍ سو روپيه ڏنڊ جي چٽي وجهي ويو. مگر انهيءَ مخالفت جي ڪري هن جي قابليت جو اعتراف نه ڪرڻ هڪڙي قسم جي سخت حماقت ۽ حد درجي جي اخلاقي غلطي آهي.“


(1)  سنڌي نثر جي تاريخ، پروفيسر ملڪاڻي، ص- 242

ان حقيقت جي وضاحت ڪندي پروفيسر آجواڻي ٻڌائي ٿو ته ”انگريزي جي شائقين کي صلاح ڏني ويندي آهي ته جي سليس، سهڻي انگريزي سکڻي هجيو جنهن ۾ وڌاءُ ڏيکاءُ نه هجي پر شائستگي ۽ نزاڪت، ته به ٻوليءَ مان پيون بکن، ته ايڊين جا ليک مطالع ڪريو. سنڌيءَ جي شائقن کي جي صلاح ڏجي ته ”جوت“ جو اڀياسڪري، مسٽر پرمانند جي سنڌيءَ جي پيروي ڪريو ته بلڪل ٺيڪ ٿيندو.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفسير ملڪاڻي. ص 238- 239

(1)  سڌي نثر جي تاريخ: پروفسير ملڪاڻي، ص- 35.

 

(2)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي، ص- 231.

(1)  ”عاجز جا آلاپ“ نالي هڪ ننڍڙو ڪتاب، سندس ڪن شعرن کي ڪٺو ڪري ڇپيو ويو هو جيڪو ڪم پرڀداس برهمچاريءَ سرانجام ڏنو هو.

(2)  ”عاجز جا آلاپ“ ٻالاڻي جي شعرن جو مجموعو: گڏ ڪيل پرڀداس برهمچاري، ص- 2 هن جي ڪلام جو نمونو هڪ بيت جي شڪل ۾ هيٺ ڏجي ٿو جنهن جو سرو ”سچي اميري“ آهي.

”فڪر فقيري اکر ٻئي ابتا، دانهن درد دوست جي ڪيهي دلگيري، سڄڻ کنئين سر تي ولهن وزيري، عاجز اميري بي خود کمين ٿو خيال کان.

(1)  اهي ڏينهن اهي شينهن: پير علي محمد راشدي، ص- 142.

(2)   ”سنڌي“ هفتيوار جو بعد ۾ مسٽر لکميچند ٽيئون مل روپچنداڻي ”لاهوتي“ به ايڊيٽر ٿي رهيو هو. هي وڏو اخبار نويس آهي ڇوته ان کان علاوه هفتيوار ”ڌرم وير“ ۽ روزاني ”ستار سماچار“ ۽ ”سنڌ هند واسيءَ“ کي به ايڊٽ ڪيائين.

(1)  هو ڏوٿي هو ڏينهن، پير حسسام الدين راشدي.

(2)  طيراً ابابيل“ (1 جون 1933ع) جي پاليسي واضح ڪندي مرحوم نظاماڻي لکيو؛ ”هي اخبار تبليغ اسلام ۽ غريب قوم جي حامي ۽ قوم جي سچي خدمتگارن جي خدمت گذاريءَ لاءِ وقف رهندي. تنهن ڪري ان جو ميدان به گهڻو ڪري غريبن ۽ قوم جي سچن خادمن سان وابسته سمجهڻ گهرجي.......

(1)  ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪڪڙن ويڙهائڻ جو شوق مولوي صاحب مرحوم جي ڳوٺ مان ڪونه ويو. اتفاق سان، جنهن ڏينهن مان سندس فرزند سان ملاقات ڪرڻ ويو هوس، ان ڏينهن به ٽنڊي سومري جا متعدد ماڻهو پنهنجا ڪارائتا ڪم سيڙائي، ڪڪڙن جي ويڙهائڻ ۽ شرطن لاءِ ٽنڊي محمد خان ويل هئا.

(1)  ساڄي پاسي ڏنل ”طيراًبابيل“ جو اداريو به پڙهڻ وٽان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org