سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 3

صفحو :4  

هي اهو دور هو جڏهن هندستان جي ليول تي، مسلمانن ۾ انگريزي نه ڄاڻڻ جي ڪميءَ جو احساس ٿيڻ لڳو هو ۽ باوجود ڪن ڪوتاهه نظر عالمن جي ڪفر وارين فتوائن جي، ڪل انڊين محمدن ائسوسيئيشن جو بنياد ان مقصد لاءِ پئجي چڪو هو ۽ علي ڳڙهه سوچ هلي چڪي هئي ته انگريز ۽ هندوءَ جي چالبازين ۽ چالاڪين کي سمجهڻ لاءِ، مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو وڃي. اهو انگريزي تعليم اختيار ڪرڻ کانسواءِ ممڪن نه هو. ان تحريڪ جو اثر سنڌ تي به پيو ۽ ان ارادي جي تتبع تي مرحوم حسن علي آفندي جي ڪوشش سان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو بنياد پيو. جنهن جي سهاري هيٺ، 1985ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جو بنياد پيو. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن قائم ڪرڻ ۾، صلاح مشوري ۽ بعد ۾ گهربل چندي جمع ڪرڻ وارين رٿائن ۾ مرحوم حسن علي آفندي سان، بئريسٽر سيد امير علي جو گهڻو ساٿ رهيو. ان ئي اداري جي اهتمام هيٺ، مٿئين مقصد کي عام ڪرڻ لاءِ، 1889ع ۾ ”معاون مجمع“ نالي هڪ هفتيوار سنڌي اخبار ڪڍي وئي، جنهن مسلمانن ۾ انگريزي تعليم جي ضرورت جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ سياسي بيداري جاڳائڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو. ان جي اوائلي ايڊيٽرن ۾ مولوي محمد عثمان نورنگزاده، مرحوم الله بخش ”اٻوجهه“ ۽ مرحوم شمس الدين ”بلبل“ شامل آهن. مولوي الله بخش ”اٻوجهه“ سنڌي زبان جو غالبن پهريون شاعر هو جنهن جا ويچار سنڌي قوميت جي رنگ ۽ وطني حب جي مظهر آهن. هن سنڌ ۾ مڙني رهندڙن جي خدمت ۽ قيادت جو سهڻو سبق ڏنو آهي ۽ مسلمانن توڙي هندن کي قلبي ۽ ذهني وسعت سان قومي ڪمن ۾ جنبي وڃڻ جي صلاح ڏني اٿس هيٺيان چند اشعار، مرحوم مولوي صاحب جي سندس سنڌ ساڻيهه سان سڪ ۽ محبت جي عڪاسي به ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت ايڪي ۽ اتحاد لاءِ اڀارين ٿا:

صلح سانت سان جي سڀئي گڏ گذاريو

انهيءَ ڳالهه ۾ جي سچي سمجهه ڌاريو

نمي ننگ وطني اوهين جي نهاريو

انهيءَ ڳالهه کي غور سان جي ويچاريو

ته ڪهڙو نه سک ٿي پوي سڀ ڪنهن کي

ٿئي سنڌ ڪشمير وطني ٻنهي کي

جي گڏجي سڀئي سنڌ جا زور لائن

گڏهه جا گتل گپ ڪتان سا ڇڏائن

گڏي زور سان زور پنهنجو وڌائن

هڻي مشڪلاتن کي ماري مڃائن

جو جيسين ڌرين جي ملي مٺ نه ٿيندي

ڪڏهن من گهروتي هڏهن هٿ نه ايندي.

مرحوم ”اٻوجهه“ 1901ع ۾ گذاري ويو. هن جو تعلق ميان والي ضلعي سان هو ۽ مشرقي ٻولين جو وڏو ڄاڻو هو. 1880ع ڌاري هو سنڌ ۾ سالٽ انسپيڪٽر ٿي آيو. ان کانپوءِ هن جي لائين بدلي ٿي ڏسجي ته 1889ع کان 1901ع تائين سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ فارسي پاڙهيندو رهيو. مولوي صاحب مدرسي جي باني مرحوم حسن علي آفندي جو ساٿي ٿي رهيو ۽ 1884ع ۾ جئن ئي ”مجمع محمدي“ قائم ٿي، هو ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. سنڌ زناني تعليم جي سوچ ۽ اون پهريان هن شخص ڏيکاري ۽ ڪراچي ۾ پهريون زنانه اسڪول مرحوم مولوي صاحب کوليو.

مرحوم شمس الدين ”بلبل“ وڏو اهل قلم، سنڌي زبان جي ڄاڻڻ ۾، انفراندي طرز تحرير جو تعارف ڪرائيندڙ، شاعر ۽ چوٽيءَ جو صحافي هو سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو خانبهادر حسن علي آفندي جو سچو ساٿي هو. بعد ۾ ”آفتاب سنڌ“ جي ذريعي هن سنڌ جي مسلمانن ۾سياسي سوجهه ٻوجهه پيدا ڪئي ۽ متعصب هندو صحافين ۽ انگريز عيسائي پادرين جا مدلل جواب ڏيئي، سندن پول پڌرا ڪيا.

1890ع ۾ ساڌو نولراءِ (1) ۽ ڏيارام گدومل گڏجي ”سنڌ سڌار“ ۽ ”سنڌ ٽائمز“ جي لائق ايڊيٽر ( جن اخبارن کي هو ڇڏي چڪو هو) ساڌو هيرانند (2)

 

جي تعاون سان، سنڌي زبان جي پهرين مخزن ”سرسوتي“ جي نالي سان جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ساڌو هيرانند بڻيو. هن رسالي سنڌي جي زبان جي، ادبي ميدان ۾ پهريون ڀيرو، وڏي خدمت (3) سرانجام ڏني. ”سرسوتي“ جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾، مسٽر خانچند پرتا براءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. اهو ساڳيو خانچند 1917ع ۾ اڪيڊمي اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال ٿيو ۽ ان عرصي دوران، هن ديوان ڏيارام ڄيٺمل (جنهن جي نالي پٺيان ڊي-جي- ڪاليج ڪراچي آهي) جي زندگي متعلق هڪ ڪتاب ڇپيو هو.

1895ع ڌاري، اخبار ”آفتاب سنڌ“ (1) ۽ هفتيوار (پترا) نڪتيون پهرين جو مالڪ سکر جو سيٺ حاجي احمد ميمڻ ۽ ايڊيٽر مرحوم شمس الدين ايڊيوڪيشنل ٽرانسليٽر هو ۽ ساڌو هيرانند جو وڏو ڀاءُ هو. (2) ”پترا“ (95-1898ع) ۾ شاهه، سامي، گل ۽ غير سنڌي شاعرن جهڙوڪ ڪبير، ميران ٻائي ۽ سعدي جي شعرن جون سمجهاڻيون ۽ زندگي بابت ضروري احوال ڇپبا هئا. (3) آفتاب اخبار ان وقت جي مسلمانن جي مزاج مطابق لکندي هئي ۽ مسلمانن ۾ سياسي حقن لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ڏنائين. هن اخبار بعد ۾، شمس الدين (بلبل) جي ئي زيرادارت ۾، ساڳئي وقت هندن جي (هندواسي) ۽ ٻين اخبارن ۽ مسلمانن جي (الامين) جو قلمي ميدان ۾ مقابلو ڪيو ۽ خصوصتن (هوم رول تحريڪ) واري زماني ۾ مسلمانن کي غلط روش اختيار ڪرڻ کان انتباهه ڪيو. آفتاب ۽ الحق اخبارن جي هڪ جهڙي پاليسي به رهي ۽  پڻ مختلف به. هنن ٻنهي اخبارن مسلمانن جي عملي ۽ سياسي تربيت ڪرڻ ٿي گهري ۽ ان لاءِ سرڪار وقت سان اڻبڻت جي پاليسي کان پرهيز ڪنديون هيون. ساڳئي وقت هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي آفتاب توڙي الحق خلاف هيون. هنن اخبارن جي راءِ هئي هندو تعليمي طرح مسلمانن کان گهڻو اڳتي هئا ۽ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ مورڳو مسلمانن کي نقصان هو ڇوته هنن درميان ذهني ليول تي وڏو فرق هو. ان لحاظ کان ڏٺو ويندو ته آفتاب تي خصوصتن علي ڳڙهه سوچ جو گهڻو ۽ گهرو اثر هو. سچ پڇ ته مرحوم (بلبل) جي قلمي قوت جي ڪري. آفتاب کي سنڌ جي سياست ۽ صحافت ۾ هڪ منفرد ۽ تاريخي رول ادا ڪرڻ جو شرف حاصل رهيو. سندس انهيءَ تاريخي تحريرن، سياسي سمجهه سان ڀريل صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو ئي نتيجو هو جو ڪيترن محققن ”بلبل“ کي مسلمانن جو منهن پاڪستان جي تشڪيل طرف موڙڻ جو سهرو ڏنو آهي (1) آفتاب سنڌ اڻ سڄاڻ سوچ جي آئيندار هئي. ان سلسلي ۾، پروفيسر رحمت فرخ لکي ٿو:

”سيٺ حاجي احمد مسلمانن ۾ اتحاد ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ فريئر روڊ سکر تي هڪ پريس قائم ڪئي ۽ 1895ع ۾ اخبار روزاني ”آفتاب“ سنڌ، جاري ڪئي ان جو ايڊيٽر مولوي شمس الدين ”بلبل“ مقرر ٿيو. هو مروج علمن کان واقف، نظم ۽ نثر تي قادر ۽ سياسي بصيرت جو مالڪ هو. سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ هن گهڻي ڪوشش ڪئي. سنڌ مدرسته السلام ڪراچي جي قيام ۾ حسن علي آفندي جو مددگار هو، 1907ع ۾ آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو جيڪو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو. ان ۾ هن ڪي اهم ٺهراءُ پاس ڪرايا.

1919ع ۾ هن جو انتقال ٿيو. (2)

”عيسائي پادرين لاءِ آفتاب سنڌ هڪ چئلينج هئي هن اخبار کي نڪتي اڃا ٻه هفتا ئي مس ٿيا هئا ته مسلمانن پادرين جي حربي کان هوشيار ٿي ويا ۽ پادرين کي هوريان هوريان جواب ڏيڻ لڳا. چنانچه هڪ مسلمان کي هڪ فوجدار هرداس مل ٿاڻي تي گهرائي هن کي ڌمڪي ڏني. جڏهن ان جي خبر ”بلبل“ سنڌ مرحوم شمس الدين کي پئي ته هن پنهنجي ڪالم ۾ هن فوجدار جي اهڙي خبر ورتي جو ويچاري جو ٻاهر نڪرڻ بند ٿي ويو.“ (1)

پروفيسر فرخ آبادي مطابق، هن اخبار ۾:

”آفتاب جي نالي لڳ هڪ کجيءَ جو وڻ ۽ هڪ چنڊ تاري جي ويجهو برطانوي تاج هو. ان جو مفهوم هي هو ته آفتاب هڪ اسلامي اخبار آهي ۽ انگريزن جي طرفدار ۽ وفادار هئي.“(2)

آفتاب ذريعي، مرحوم ”بلبل“ ان وقت اسلام جي خلاف ڪم ڪندڙ عيسيائين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون.

لڳ ڀڳ ساڳئي زماني ۾، ٻيون ڪيتريون ئي اهم هفتيوار اخبارون نڪتيون جن ۾ سکر جي ”ديش ڀڳت“ ويرمل بيگراج جي ”سنڌي“ لاڙڪاڻي مان ”خيرخواه“ ۽ حيدرآباد مان ”مسافر“ جاري ٿيون. ”خيرخواه“ ۽ ”مسافر“ جي ايڊيٽري جا فرائض به مرحوم ”بلبل“ سرانجام ڏنا. ”خيرخواه“ لاڙڪاڻي جو ته سڄا سارا چار سال ايڊيٽر ٿي رهيو. ”خيرخواه“ جي باري ۾ سنڌ جو ممتاز صحافي پير علي محمد راشدي لکي ٿو:

”خوشامندي پرچو هوندو هو، زياده تر ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جو تعريفون شايع ٿينديون رهنديون هيون. جنهن ڪري قومي تحريڪ شروع ٿيڻ بعد ان اخبار جو وقار قطعاً ختم ٿي ويو.“(3)

ان اخبار جي ڀيٽ ۾، لاڙڪاڻي جي ٻي اخبار ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ چڱو نالو ڪڍيو. راشدي صاحب جي راءِ مطابق، ان جو ايڊيٽر مسٽر ٽهلرام مولچند هو جيڪو پاڻ سنجيدي قسم جو ماڻهو هو.

” قد جو بندرو، بت جو ڀريل، پيٽ ٿورو ٻاهر نڪتل ۽ لباس شڌ کاڌيءَ جو. رستي گهمڻ نڪرندو هو ته سندس پاجامو پٽ تان هيٺ لڙڪندو رهندو هو. جنهن کي جهلڻ لاءِ سندس هٿ هميشه ابداڻي ۾ پيل هوندو. قميص ڊگهي پائيندو هو جنهن جو مٿيون کيسو ڪاغذن ۽ پينسلن سان ٽمٽار رهندو هو. پنهنجي پريس هوندي هيس گهاڙ واهه جي ڀر تي سيئو بزار جي پڄاڻيءَ وٽ.(1)

ويرومل بيگراج پنهنجي اخبار ”سنڌي“(2) ذريعي هندن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ اڳواڻيءَ جي ڏاڪڻ جا ڏاڪا ٽپندي آخر سنڌ هندو مهاسڀا جو صدر بڻيو. هونئن به سنڌ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ويرومل بيگراج اهم بهرو ورتو. وقت جي حاڪم انگريز خلاف خوب تيز لکندو هو جنهن جي پاداش ۾ ٻه دفعا قيد به ٿيو جنهن جو مجموعي معياد 5 سال هو. ”پر ڀائي پنهنجي اصولن تان نه هٽيو. آزاد هوندو هو ته هر ڇهين مهيني ڪونه ڪو مچ مچايو ويٺو هوندو هو.“ (3)هن اخبار ۽ ايڊيٽر قابل قدر قربانيون ڏنيون ۽ اخبار پاڪستان ٺهڻ تائين جاري رهي.(1) 

ويرومل بيگراج پنهنجي پٽ رامچند کي به اخبار لائين تي ڪيڙيو هو. جنهن ڪري پنهنجي وقت ۾، هن به چڱو پاڻ ملهايو. رامچند بعد ۾ شڪارپور مان نڪرندڙ روزاني اخبار ”قرباني“ جو ايڊيٽر ٿيو رهيو ۽ ٿورو عرصو ٿيو جو هو گذاري ويو.

1896ع ۾ ٻه مکيه اخبارون نڪتيون جن جا نالا هئا ”جوت“ ۽ ”پرڀات“، سرڳواسي لعل چند جڳتياڻي مطابق، ”پرڀات“ حقيقي معنيٰ ۾ عوام جو آواز، رهبر ۽ رکوالو هئي. ايڊيٽر جي بي باڪي ۽ صاف گوئي جو ڌاڪو سڄي سنڌ ۾ هر جاءِ تي ويهاريل هو. هو صاحب (ليکراج تلوڪ چند) ڪنهن کي به نه بخشيندو هو. (2)ٻئي اخبارون  هندن جي ڪوشش جو نتيجو هيون ۽ سندن ڪارڪردگي ادبي دنيا ۾ ناقابل فراموش آهي. هفتيوار ”پرڀات“ پروفيسر تارا چند گاجرا ۽ مسٽر ٻالچند گڏجي شڪارپور مان جاري ڪئي هئي. معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ هفتيوار چڱي خاصي مقبول اخبار هئي جنهن ۾ شهر جي مقامي خبرن کان علاوه، قومي ليول تي، ان وقت جي آل انڊيا ڪانگريس جون ڪارگذاريون، مصروفيتون ۽ اعلان پڻ شايع ٿيندا هئا. ساڳئي وقت، اڻويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾، ساڳئي پرڀات نالي سان سنڌي روزاني اخبار ليکراج تلوڪچند جاري ڪئي ٿي ڏسجي جنهن کي ماڻهو ڏاڍو چاهه سان پڙهندا هئا. پر ان اخبار ٿورو وقت جٽاءُ ڪيو ٿو ڏسجي.

پروفسير ملڪاڻيءَ موجب، ليکراج صاحب هڪ بي ڊپو ۽ همت ڀريو مهتمم هوندو هو ۽ پنگتي ۽ سرڪاري ۽ ميونسپل اوڻاين جي ڪڙي نڪته چيني ڪندو هو. پرڀات ۾ بعضي بعضي عمدا مضمون پڻ پوندا هئا. جن مان (ٻه جيون چرتر، ساڌو هيرانند ۽ (جسٽس تلنگ) سمپارڪ جي قلم مان نڪتل ليلارام پريمچند ۽ ڏيارام ميرچنداڻيءَ جي انتخاب (گلدستو) مان هٿ لڳا آهن.“ (1)

جوت جاري ڪندڙ مشهور مزاح نويس ۽ ٺيٺ عبارت جو مالڪ پرمانند ميوارام هو جو هندو ڌرم کي ڇڏي عيسائي ٿيو هو ۽ ان اخبار ذريعي سندس نئين مذهب جو مبلغ بڻيو هو.

پر ساڳئي وقت، هن رسالي سنڌي ادب جي بي بها خدمت ڪئي. جوت پنڌرنهن روزه هئي ۽ مهيني جي پهرين ۽ آخري ٻڌر (يعني اربع ڏينهن) ڇپبي هئي. اها اخبار 1942ع تائين زنده رهي ۽ ان مان بهترين مضامين جو انتخاب مختلف ڪتابن جي شڪلين ۾ بعد ۾ ڇپيو جهڙوڪ (گل ڦل) ۽ (دل بهار) وغيرهه. 1938ع ۾ پرمانند ميوارام جي وفات بعد، فادر ڪوٽواڻي هن رسالي جو ايڊيٽر بڻيو ۽ 1946ع ۾ (جوت) جو (سلور جوبلي) نمبر ڪڍيائين. انهيءَ کاپوءِ ستت ئي، رسالو بند ٿي ويو.(2) هنن رسالي جي ادبي خدمتن جو گڏيل ذڪر، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي سندس جڳ مشهور تصنيف (سنڌي نثر جي تاريخ) ۾ هن طرح ڪيو آهي.

”سنڌي ساهت ۾، نثر توڙي نظم جو تاليف ڪيل انتخاب هو (گلدستو) جو جالو زماني جي بزرگ سنڌي عالم ديوان ليلارام پريچمند، (سرسوتي)، اخبار تعليم ۽ (پرڀات) جي جهونن پرچن مان ڪن مصنفن جي مڪمل ڪتابن مان چونڊ ڪري 1907ع ۾ ڇپايو هو. ٽڙيل پکڙيل مضمونن کي هڪ هنڌ ڪتابي صورت ۾ آڻي، اڻاٺ ۾ پيل سنڌي نثر وڌائڻ جي اها اوائلي ڪوشش هئي.“

مٿي مرزا خاندان جو ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڪيئن ان جي چشم و چراغ مرزا مخلص علي ۽ سندس پٽن مرزا محمد شفيع، مرزا محمد صادق مفرح القلوب، (خورشيد)، اڪليل ۽ معين السلام اخبارون جاري ڪيون ۽ صحافت جي ميدان ۾ بيش بها خدمتون سرانجام ڏنيون. بلڪل ساڳئيءَ طرح سکر جي هڪ شيخ خاندان، ٿورو عرصو پوءِ، يعني 1899ع ڌاري(1) اڳئي ميدان ۾ ساڳئي اخلاص ۽ محنت سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون. مرحوم شيخ محمد سلميان سکر مان هفتيوار اخبار (الحق) جاري ڪئي جنهن ۾ مسلمان ڪامورن خصوصن مير محمد يعقوب خيرپور واري جو ساٿ ۽ تعاون ساڻس هو. هيءَ اخبار ڪجهه عرصو سکر مان نڪتي. 1901ع ۾ حيدرآباد ۾ آندي وئي ليڪن بعد ۾ 1907ع کان وري سکر مان نڪرڻ لڳي. هيءَ اخبار شروع ۾، سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ نڪرندي هئي. انگريزي حصي جي ادارت مسٽر علي محمد بئريسٽر جي حوالي هئي.

سنڌ جي ممتاز موءرخ ۽ عالم پير حسام الدين راشدي جي چوڻ مطابق:

”سنڌ ۾ مسلمانن جي سڀ کان پهرين قومي اخبار شيخ محمد سلميان واري ”الحق“ هئي جيڪا ابتدا ۾ حيدرآباد مان  انگريزي ۾ ۽ پوءِ سکر مان سنڌي ۾ نڪرندي هئي. انهيءَ اخبار کي پنهنجي جوانيءَ واري زماني ۾ وڏن وڏن ايڊيٽرن سان واسطو پيو. سر علي محمد دهلوي انهن مان هڪ هو. رئيس شمس الدين (بلبل) به ڪجهه وقت لاءِ ان جي سنڌي ايڊيشن جو ايڊيٽر رهي چڪو هو.“ (1)

ازانسواءِ مرحوم محمد هاشم ”مخلص ۽ مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“ به ان اخبار جي ايڊيٽري ڪئي. هن اخبار ۾ ان وقت جا معروف دانشور لکندا هئا. الحق (2) ۽ معاون اخبارن تي علي ڳڙهه جي سوچ جو اثر هو. ”مسلم پريس بينگال جي ورهاڱي جي فائدي ۾ راءِ ڏني هئي. ان وقت هندو پريس جو مسلم پريس خلاف سازش جي نتيجي ۾، ”الحق“ اخبار تي ڪيس ٿيو هو، جنهن ۾ هندو پريس جي سرپرستي ڪراچي جي مشهور وڪيل سيٺ هرچند راءِ وشنداس ڪئي..... اخبار جا ٽي دور رهيا. ڪيترا دفعا بند ٿي ۽ وري کلي.(3)

 شيخ محمد سليمان جي وفات تي، سندس لائق پٽن شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالحڪيم هڪ ٻئي پٺيان هن اخبار کي هلائڻ جا فرائض سرانجام ڏنا. مان سمجهان ٿو ته شيخ خاندان جي انهن بي بها خدمتن جو اعتراف اخبار الوحيد (4) 25 فيبروري 1931ع پنهنجي ادارتي نوٽ ۾ بهترين طريقي سا ڪيو آهي. ان کان بهتر اعتراف ٿي نه ٿو سگهي. ان اداري جي لکڻ جو ڪارڻ، شيخ عبدالعزيز جي گرفتاري جو سبب وري هي هو ته هو هڪ ننڍڙي رسالي ”دريوطن“ جو پرنٽر هو ۽ سرڪار ناصدار جي نظر ۾ هيءُ ڪتاب ”خطرناڪ“ هو. ان اداريه ۾، الوحيد شيخ سليمان جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ سندس خاندان کي هن نموني خراج تحسين پيش ڪيو:

”سکر جي اخبار ”الحق“ جنهن جو شيخ صاحب باني هو، تنهن پهريون دفعو سنڌ جي مسلمانن جي حق تلقين خلاف آواز اٿاريو..... جا اهڙي زماني ۾ مرحوم شيخ سليمان صاحب سکر مان جاري ڪئي جنهن زماني ۾ خود هندو ڀائرن جون به ڪي گهڻيون اخبارون ڪين هيون. مرحوم شيخ سلميان سنڌ ۾ مسلمانن جو هڪ سچو خدمتگار ۽ ليڊر هو. جنهن قطار ۾ سردار يعقوب خان وزير رياست خيرپور، مرحوم خانبهادر سيد الهندو شاهه ۽ اهڙا ٻيا سنڌ جا اڪابر ليڊر ليکيا وڃن ٿا، انهيءَ قطار ۾، مرحوم شيخ سليمان صاحب به ليکيو وڃي ٿو.

 

”مرحوم شيخ سلميان صاحب باني اخبار ”الحق“ اگرچ اخبار جو باني هو مگر سندس پدرانا نظرداري سڄو ڪم اخبار جو سندس فرزند شيخ عبدالعزيز صاحب ئي ڪندو رهندو هو ۽ پڇاڙي تائين جيسين اخبار ”الحق“ شيخ عبدالعزيز صاحب جي هٿ ۾ هئي تيسين خوب شان ۽ شوڪت سان هلندي رهي. شيخ عبدالعزيز صاحب ”الحق“ جي آزمودي کانپوءِ ايترقدر ته هڪ تجربيڪار اخبار نويس ۽ اخبار هلائيندڙ ثابت ٿيو جو سنڌ ۾ جيڪا به نئين اخبار جاري ٿيندي هئي ان کي ڪاميابيءَ سان جاري ڪرائڻ ۾ مدد جو وڏو هٿ شيخ عبدالعزيز صاحب جو ئي هو.

 

”اخبار الوحيد جا اڄڪلهه مسلمانن جي خدمت ڪري رهي آهي ان جو بنياد به شيخ عبدالعزيز جي هٿن ۾ ۽ همت ئي وڌو هو. شيخ صاحب هڪ سنڀال ۽ احتياط وارو اخبار نويس ليکيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هن تي ”الحق“ جي زماني ۾ گهڻا ڪيس ڪونه ٿيا هئا.

هن مذڪور جي ڪتاب ڇپائڻ سبب، شيخ عبدالعزيز کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو هو. شيخ صاحب ان وقت بواسير جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو. ”الوحيد“ اخبار پنهنجي مٿئين ايڊيٽوريل جي آخر ۾، سنڌ جي ڪمشنر کي اپيل ڪئي هئي ته کيس ڪم از ڪم بي ڪلاس جيل ڏنو وڃي.

انهيءَ ”الحق“ اخبار جا ڀاڳ نيارا چئجن جو کيس ڪجهه وقت لاءِ، پنهنجي وقت جا تمام وڏا نثر نگار ۽ شاعر محمد هاشم ”مخلص“ ۽ شمس الدين ”بلبل“ پاران ايڊيٽر نصيب ٿيا. هن اخبار جي لکڻين جو معيار، متافت ۽ عام مڃتا ان حقيقت مان ظاهر آهن ته ان وقت جون انگريزي اخبارون به هن جي ادارتي راءِ جو احترام ڪنديون هيون. مثال طور، اسان هيٺ، ان وقت جي مشهور انگريزي اخبار ”سنڌ جرنل“ جي 19 سيپٽمبر 1912ع جي هڪ اداريه مان حوالو ڏيون ٿا. (جيڪا اخبار مسلمانن جي خلاف ۽ معتصبانه روش سبب گهڻو بدنام هئي). ان کان اڳ، ”الحق“ سنڌ جي پوليس متعلق پنهنجي راءِ ڏني هئي ۽ سخت تنقيد ڪئي هئي. ”سنڌ جرنل“ لکيو:

“The other day, the “Al-Haq”, in an apparently wel-informed article, in its vernacular column, contrasted the work of the present police with that of the police of two or three decades ago and expressed the conviction based on the writer’s close observation and personal experience both of the past and present there had been a great deterioration as regards grit and self exertion. The police officers and subordinates of the eightees and ninetees did not much more than those of today, in regards to prevention, investigation and detection alike. The complaint set us a thinking and enquiring…… with these thoughts, we set about finding out if the present was really worse than the past and the result is a confirmation, on the whole, of what the “Al-Haq” wrote………”

ڪراچيءَ جي ”سناتن ڌرم سڀا“ پاران، 1901ع ۾،”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ نالي هڪ ماهوار رسالو نڪتو جنهن جو پهريون ايڊيٽر مهراج سوڀراج شرما (1) هو ۽ ان جي وفات کانپوءِ، مهراج تيجورام شرما ان جو ايڊيٽر 1947ع تائين رهيو. (2)هن رسالي ۾ ادبي قسم جو مواد ڇپيو هو ۽ ان کان علاوه، ان ۾ شعر و شاعري، صحت تي اهڙا مضمون شايع ڪيا ويندا هئا. جيڪي همعصر اخبارن ۽ رسالن تان ورتل هوندا هئا. ان ۾ ناول ۽ ناٽڪ به شايع ٿيندا هئا.  ساڳئي سال ۾ ”ڊي جي ڪاليج مسلمتي“ مخزن ڇهه ماهي شڪل ۾ جاري ڪئي وئي جا ساڌو ٿانورداس شروع ڪئي ۽ 1947ع تائين هلي. انهيءَ مخزن ۾، ان وقت جي انگريزيءَ ۾ سڀني لکندڙن ۽ شاعرن حصو ورتو. هن جا مکيه مضمون بعد ۾ گڏ ڪري شايع ڪرايا ويا.

1902ع ۾، سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران، حيدرآباد واري ٽريننگ ڪاليج فارمين جي نظرداريءَ هيٺ ”اخبار تعليم“ جي نالي سان هڪ معياري ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو ان وقت ڪاليج جو پرنسپل، ساڌو هيرانند جو وڏو ڀاءُ ديوان تاراچند شوقيرام هو جو خود تعيلمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ علم کي عام ڪرڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشان هو. ديوان بولچند هن مخزن جو خاص مهتمم هو. هن رسالي ۾، تعليم، ثقافت، اصلاح ۽ تاريخ تي اعليٰ مضمون پوندا هئا، پر ساڳئي وقت، ان ۾ شاگردن جي باري ۾ ۽ ٻين اهم تعيلمي واقعن بابت خبرنامو پڻ شايع ڪيو ويندو هو. ان جي پڙهڻ سان سڌ کان ٻاهر پڙهندڙ شاگردن جو ضروري احوال معلوم ٿي ويندو هو. هي مخرن 1970ع تائين جاري رهي. روزاني سنڌ نيوز جي اڳوڻي ايڊيٽر، شيخ عزيز مطابق:

”هي اخبار علم ۽ فن جي مواد جي لحاظ کان، ايتري قدر اڳتي هئي جو محمد صديق ”مسافر“ (ٽنڊي باگي وارو) جا ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي مضمون ماهانه قسطن ۾ ڇپبا هئا. عملي سائنس ۽ ٽيچنگ جي طريقن تي هيءُ رسالو تمام معياري لکيبو هو.“(1)

ان ساڳئي سال، سنڌ مدرسيءَ جي سهاري هيٺ، ”رسالا مدرسه“ جاري ٿيو، جنهن جي ايڊيٽرن ۾ مولوي الله بخش ”اٻوجهه“ ۽ مولوي عبدالرحيم شامل هئا. رسالي نظم توڙي نثر جي خدمت ڪئي.(2)

1904ع ڌاري سنڌ جي شعر و شاعريءَ ۽ صحافت ۾، مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ پنهنجو چڱو نالو وڄايو ۽ ٽکڙ مان هڪ ماهوار رسالي ”تحفته احباب“ جاري ڪندي، اخبار نويسي ۽ شاعري ۾ هڪ طويل جدوجهد جي هڪ لحاظ کان، آغاز ڪيو. 1905ع ۾، ڪراچي مان محمد اسماعيل سرهنديءَ ”اصلاح“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو، جيڪو ماهوار نڪرندو هو. 1909ع ۾ ”مخلص“ مرحوم ”جعفر زٽيٰ“ بعد ۾ ”ڪچڪول“ نالي ٻه ماهوار رسالا ڪڍيا. ”تحفئه احباب“رسالي ۾، ”مخلص“ صاحب جي هڪ مضمون جي پاداش ۾، مٿائنس بدناموسيءَ جو ڪيس ٿيو هو پاڻ گم ٿي ويو هو، جنهن مان جند، مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ ڇڏايس. ان روءِ پوش واري زماني ۾، محمد هاشم ”مخلص“ بس ڪري ڪونه ويٺو ۽ پنهنجي نياڻي ماستر عبدالرحيم ”شائق“ جي نالي ۾ ”جعفر زٽلي“ رسالو ڪڍيو هو. ”ڪچڪول“ رسالي جي به عجيب تاريخ آهي. هن رسالي ڪڍڻ کان اڳ ”مخلص“ مرحوم ڀرڳڙي صاحب جي ”الامين“ اخبار جو ايڊيٽر هو، پر سخت لکڻين سبب کيس هٽائي مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي آندو ويو هو. ان تبديلي تي ”مخلص“ مرحوم سخت تاءُ ۾ اچي ويو ۽ ان ڪاوڙ ۾ هن ”ڪچڪول“ رسالو جاري ڪيو. ان رسالي اندر مرحوم شيخ صاحب تي ڏاڍا تحريري حملا شروع ڪري ڏنائين هيءُ رسالو چند پرچن کان وڌيڪ نه هلي سگهيو، پر انهن اشاعتن ۾ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ جيڪي پڳس سو ڪيائين. هن ٻنهي رسالن ۾، مزاحيه ۽ ٽوڪ بازيءَ جي شعر و شاعري گهڻي ڀاڱي پوندي هئي.

1905ع ۾، هڪ هندو تولارام ٻالاڻيءَ، هڪ هفتيوار اخبار ”ماتا“ نالي سان ڪڍي. ائين ٿو لڳي ته بينگال جي ورهاڱي تي هن هندو اخبار نويسن کي گهڻو تاءُ آيو هو (جيئن ان وقت سڄي هندستان جي هندن ۾ هو) ۽ هن کلي طرح ۽ وڏي جرئت منديءَ سان ۽ قوميت پرستيءَ جي جذبن سان ٽمٽار فلسفي هيٺ، سويشي ۽ سوءراج هلچل ۾ بيباڪ بهرو ورتو. هڪ لحاظ کان، هيءَ اخبار سنڌ ۾، پهرين  سياسي اخبار ڪوٺي سگهجي ٿي، جا پنهنجي تيز مخالفانه انداز وارين لکڻين سبب، سڀني جي توجهه ۽ تحسين جو مرڪز بڻي. پروفيسر ملڪاڻي مطابق ٻالاڻي صاحب ”جوشائتي تحرير ۽ تقرير جو صاحب هو ۽ نازڪ خيال شاعر هو. ”هن جا ٻه مشهور مضمون ”حب وطن“ (1914ع) ۽ ”درياءَ جو درشن“ (1918) سهڻا ۽ دل  لڀائيندڙ ليک هئا. جيڪي پروفيسر لال سنگهه آجواڻيءَ جي انتخاب ۾، 1944ع ڌاري شامل ڪيا ويا هئا. ملڪاڻي صاحب وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”ويدانت جي وشيه (عنوان) تي جهونن ڪتابن مان تولارام ٻالاڻيءَ جي ”جيءَ اندر جنگ“ يا ”سکيا ساگر“ 1910ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ آتمڪ پٿ تي هلندڙ هڪ پانڌيئڙو جي سادي سودي ڳالهه آهي.“ (1)جئين مٿي ٻڌايو ويو آهي، ”ماتا“ اخبار جي پاليسي سرڪار سخت تنقيد واري هئي جنهن ڪري ظاهر آهي ته حڪومت وقت جي نازڪ طبيعت تي نهايت گران گذري ان ڪري اها حڪومت جي عتاب کان بچي نه سگهي ۽ ستت ئي بند ٿي ويئي، جنهن تي ٻالاڻي صاحب وري ”صدائي سنڌ“ (Voice of Sindh) هڪ ٻي اخبار جاري ڪئي، جيڪا ته هڪ پرچي کان اڳتي ٽپي نه سگهي.

1908ع واري سال کي اهو شرف حاصل آهي ته ان دوران پهرين روزاني سنڌي اخبار جو بنياد پيو ۽ خوش قسمتيءَ جي ڳالهه بلڪ عجيب اتفاق چئجي جو ان جو نالو ”سنڌ واسي“ (2) هو يعني سنڌي زبان ۾ روزانه سنڌي اخبار سنڌ سان صحيح معنيٰ ۾ نسبت سان نڪري نروار ٿي. ان جو ايڊيٽر سرڳواسي ڪنولسنگ هو ۽ 1929ع ڌاري اخبار جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هاسارام پمناڻي هو.(3) فيبروري 1909ع ۾، ”زميندار گزيٽ“ جي نالي سان هڪ ماهوار جرنل حيدرآباد مان نڪتو، جنهن جو ايڊيٽر حڪيم ڌرمسنگ ڏهلسنگ هوندو هو. هيءُ جنرل زميندارن ۽ ڌنڌن وارن جي مفاد جي حفاظت جو داعي هو ۽ 22 صفحن تي (انڊين ايڪانامسٽ)جي سائيز تي نڪرندو هو.

مارچ 1909ع واري شماري جي جهلڪ مان، هن جرنل جي دلچسپ ٻولي ثابت ٿئي ٿي ۽ ان وقت جي مسئلن تي به روشني پوي ٿي.

”.......... خسيس پٽيوالي ۽ سپاهي کان وٺي وڏن وڏن عملدارن تائين هر ڪنهن جي رسائي ويچاري زميندارکي ڪرڻي آهي! کنڊ پوندا ۽ بند ڀڄندا ته به زميندار گهبلو. جي گشت ۾ منزلون ٿينديون ته به زميندار رسائي ڪندا. هيڏانهن سرڪاري ڪامورن جي پٽ سٽ جو هي حال آهي ته هوڏانهن خانگي چندا چيرا به کڙا ٿيا بيٺا آهن. مدرسو هڪ طرف ته انجمن ۽ مجموعا ٻئي طرف وات ڦاڙيو بيٺا هوندا ۽ هرڪو پاڻ کي زميندار جو خيرخواه ۽ گهڻگهرو چوائي پير هٿ ڪوسا ڪندو. هيڏانهن هڪ زميندار، هوڏانهن هيترا واڳو پوءِ چئو ته هو ويچارو ڦريو ڪين بچيو؟ سو انهيءَ ڪري ويچارو زميندار ڪجهه آئي ويل لاءِ پاڇي رکڻ بدران ڏينهون ڏينهن ترين ڀرڪندو ۽ چٽيوار ڀري ڀري سقيم حالت کي رسندو!.........“

1910ع ۾دوان ٽيڪچند گوڪلاڻيءَ ”واپار سماچار“ نالي سان شڪارپور مان هڪ واپاري ڍنگ ۽ ڏانو جي اخبار جاري ڪئي جنهن ۾ تجارت متعلق خبرون ۽ مضمون پوندا هئا. ايترو آڳاٽو هڪ خاص واپاري نوعيت واري جرنل جو وجود، شڪارپور شهر جو تجارت سان لاڳاپو ۽ اڻ مٽ رابطو ثابت ڪري ٿو ۽ ان ذري گهٽ ڏند ڪٿائي لڳندڙ تجارتي طريقي جو اهڃاڻ فراهم ڪري ٿو ته اتي جا هندو واپاري گهڻو اوائلي زماني ۾ واپار سانگي ڏکڻ اوڀر وارن ملڪن، سريلنڪا، سينگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۽ اولهه ۾ عدن، بصري ۽ آفريقي ڪنارن تائين پهتا هئا. شڪارپور جي هندن جي واپار ۾ پراڻي دلچسپي جا داستان گهڻن کي معلوم آهن. سرڳواسي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي مطابق:

”ڪيپٽن ٽي پوسٽنس سنڌ بابت هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ ڪيتريون اکين ڏٺيون ڳالهيون ڏنيون اٿس. ان ۾ ڄاڻايو اٿس ته ڪچي ريشم جا قافلا قنڌار کان شڪارپور ۾ ايندا هئا. شڪارپوري اهو ريشم ڪتائي ۽ رنڱائي پوءِ سکر، روهڙي، سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ موڪليندا هئا. انهيءَ مان نه رڳو لونگيون، پرمشرو، گربيون ۽ ٻيا ريشمي ڪپڙا به ٺهندا هئا. ائين هندو هنرن کي همٿائيندڙا هئا ۽ کين به چڱو اوپراسو ٿيندو هو.

 

”سنڌ ۾ بخاري قناويز، گلبند،گلبهرا وغيرهه شڪارپورين چالو ڪيا. ڪوئيٽا، چمن ۽ قنڌار وغيرهه جي ميون جي واپار کي به پهريائين زور وٺايائون نه ته پٺاڻ پاڻيهي ميوي جي واپار کي هيترو زور وٺائي ڪين سگهن ها. هن وقت شڪارپوري مدراس، بمبئي ۽ ٻين هنڌ وڏي پيماني تي واپار پيا ڪن.“(1)

ان مضمون ۾، سنڌ ۾ آڳاٽي واپار متعلق ڪيترائي دلچسپ بيان ڪيا ويا آهنجن مان هڪ جو واسطو يورپ ۾ سنڌ جي مشهوري سان آهي.

لکي ٿو؛

 

”سنڌ جي مشهوريءَ جي ساک ڪري ڪي انگريزي لفظ به ڀرين ٿا. مثلن انگريزي لفظ (Sindon) اصل ۾ آهي سنڌي لفظ ”سنڌڻ“ معنيٰ سنڌ جي (ململ)، سنگيل اوڇڻ يا ويڙهڻ لاءِ ڪپڙو. انهي ساڳئي لفظ جو گريڪ (يوناني) ۽ لاتن (لاطيني) ٻوليءَ ۾ اچار آهي ”سنڊون“ ۽ معنيٰ اٿس سنگيل ململ (سنڌ جي ٺهيل) اڳي شايد هيءَ چوڻي عام هئي ته ”ململ ته سنڌڻ“ اسان جن واپارين اهو نالو بئبلونيا ۾ ڦهلايو پوءِ ٻين هنڌن ۾ عام ٿيو.

 

اهو سنڊڻ لفظ ملٽن هن ريت ڪم آندو آهي:

“Wore she not a voil of Sindon”

هتي ”سنڊن“ معنيٰ سنڌ جو ويٺل سنگيل ڌاڳو جنهن مان ڄاريون ٺاهي يوروپي زالون منهن تي وجهنديون هيون.

ٻيو انگريزي لفظ سينڊل (Sendal) آهي جو اصل ۾ سنڌي لفظ ”سينڌڙ“ معنيٰ سنڌ جو (سنگين ڌاڳو) نامور شاعر لانگ فيلو اهو لفظ هن ريت ڪم آندو آهي:

“Sails of silk and rops of Sendal such as gleam in antient lore.”

هن مان پڌرو آهي ته سنڌجي سنگيل وٽيل ڌاڳي مان اڳي ولايت ۾ ٻيڙين لاءِ پڳهه (رسا) ٺاهيندا هئا ۽ اهي رسا انهن شاماڻين ٻيڙين ۾ ڪم ايندا هئا جن جا ريشمي سڙهه هوندا هئا. مطلب ته سنڌ جو وٽيل سنگين ڌاڳو به يوروپي لوڪ هڪ شاهاڻي شئي ڪري ليکيندا هئا.(1)

مٿي ڏنل تجزيي مان چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته اهو عرصو سنڌي صحافت جو آڳاٽو دورو هو جنهن ۾ سنڌي اخبار نويسيءَ جي پڪي پڙهه پئجي چڪي هئي. ان لحاظ کان ان دور کي وڏي اهميت حاصل آهي ڇوته ان وقت ۾ اسان جي صحافت جي اڳتي کڄڻ واري عمارت کي صحيح سمت ۾ وڃڻ جو بنيادي ۽ ابتدائي ڪم ٿيو.


 


(1)  سرڳواسي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي مطابق، هي نولراءِ شوقيرام انهن چند سنڌي شاگردن مان هو جن استادن جي همٿائڻ تي مئٽرڪ جو امتحان بمبئي ۾ وڃي ڏنو هو. اهو سنڌ جو بمبئي سان الحاق جو اوائلي زمانو هو ۽ سنڌ ۾ مئٽرڪ ڏيڻ جو ڪو انتظام ڪونه هو. ٻيا اهڙا شاگرد ديوان ڏيارام ڄيٺمل، ديوان ڪوڏومل، چندن مل کلناڻي ۽ چوهڙ مل پنجابي هئا. ڀيرومل لکي ٿو. انهن مان فقط چوهڙمل پنجابي مئٽرڪ پاس ڪئي، ٻين ٽن ڄڻن ٻيهر بمبئي وڃي امتحان ڏيڻ جي همت نه ساري جو ننڍي جهاز جي لوڏن ۽ ڌوڏن اهڙو ته بيزار ۽ تنگ ڪيو هون جو وري بمئبي وڃڻ کان بان ڀري ڇڏياون......“ سنڌ جي هندن جي تاريخ ڀرومل مهرچند آڏواڻي.

(2)  ساڌو هيرانند ”سڌار پتريڪا“ نالي هڪ اخبار به جاري ڪئي هئي. ”سرسوتي ساهتيه“ نالي سان مولچند نارومل ڪراچي مان هڪ رسالو جاري ڪيو هو.

(3)  مخزن جنهن ليول جي خدمت ٿي ڪئي ان جو اندازو محمد هاشم ليکجاني جي ان خط مان ٿئي ٿو جيڪو هن ايڊيٽر ڏانهن لکيو هو. ان جي خط مان معلوم ٿئي ٿو ته هي مخزن مسلم گهرن ۾، شوق سان پڙهي ويندي هئي.

“I have been reading your journal called Saraswati, with great interest and a think it supplies a great want. In our household, It is great favourite. I generally make one of my youngsters read it aloud to the ladies of the house, and it is thus a source of great pleasure”…………Hiranand- The Soul of Sind………page…354-355

(1)                  آفتاب جي ايڊيٽر مقرر ٿيڻ تي، مرحوم ”بلبل“ جو خيرمقدم، مرحوم فتح محمد ”صغير“ سيوهاڻي هن طرح ڪيو هو؛

شمس دين بلبل جو هـﻶ شيرين مقال

هـﻶ ايڊيٽر آفتاب سنده کا،

پرچئه الحق هوا هـﻶ اور بهي،

کهدو يون سال تقرر هـﻶ صغير،

سنده مين شاعر هـﻶ عالي مرتبه

جلوه گرجس کا سخن هـﻶ همچومه

حضرت بلبل کي اب زيرنگه

روشن الحق آفتاب دين هـﻶ وه

 

(2)  هيءُ ساڳيو تاراچند شوقيرام هو جنهن 1900ع ڌاري شاهه جي رسالي جو پهريون ڇاپو آندو هو جا پنهنجي مٿي هڪ وڏي خدمت ليکي وڃي ٿي جيتوڻيڪ ان ۾ سرڪار وقت جو به عمل دخل هو. حيدرآباد شهر ۾ تاراچند اسپتال به هن شخص جي نيڪي ۽ ڳڻ ڳائي رهي آهي.

(3)  اهي پترا بعد ۾ (1939) ۾“ڪوڙو مل ساهتيه منڊل“ گڏ ڪري ”جيون ڦلهاري“جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ ڇپايا هئا.

(1)  مرحوم ”بلبل“ جي مرڻ کان ٿورو اڳ، سندس هي جملو اقتباس طور رڪارڊ تي محفوظ آهي. ”هندن جا بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪريو.“

(2)  ماهانه سرحد ڪراچي، شماره 4، نمبر- 1 مئي 1974ع مضمون بقلم پروفيسر رحمت فرخ آبادي بعنوان ”سکر جي هڪ قديم اخبار“ روزانه آفتاب سنڌ، ص- 11-شروع ۾ آفتاب روزانه هئي پر ستت ئي هفتيوار شڪل اختيار ڪيائين.

(1)  ماهنامه سرحد ڪراچي، شماره، 4 نمبر- 1 مئي 1974ع مضمون بقلم پروفسير رحمت فرخ آبادي صه 12.

(2)  ايضاً، ص- 12.

(3)  اهي ڏينهن اهي شينهن: پير علي محمد راشدي.

(1)  اهي ڏينهن اهي شينهن: پير علي محمد راشدي.

(2)  هفتيوار ”سنڌي“ 22 آگسٽ 1914ع واري ڪاپي نظر مان نڪتي معلوم ٿيو ته 8 صفحن تي شاندار نموني ۾ نڪرندي هئي. ان ڪاپيءَ جو نمبر 20 ۽ جلد 13 هوس. جنهن جي معنيٰ ته اها خبار 1901ع ڌاري جاي ٿي هوندي. ان تاريخ تي اخبار ۾ ڪراچيءَ جي K-G- Gralani Bros وارن جو عجيب اشتهار ڇپيل هو جنهن جو سرو ڏسڻ جهڙو هو. ”پراڻن ڪوئن جا خريدار ڪريو هيٺ نظر هڪوار“ ان هيٺان ڪوئن جو تفصيل ۽ انهن جي قسمن ۽ اگهن جو وچور ڏنل هو. ان ئي اشاعت مان ٻي هيءَ خبر ملي ته ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ قيصريه پريس  ۽ پريميئر پريس وارن هر روز تازين جنگي خبرن ڏيڻ لاءِ ”دي سنڌ ميل“ ۽ ”پرڀات بليٽن“ نالي ٻه اخبارون جاري ڪيون هيون.

(3)  اهي ڏينهن اهي شنيهن: پير علي محمد راشدي.

(1)  پروفيسر ملڪاڻي مطابق ويرومل بيگراج بڙودا جيل ۾، مهاتما گانڌيءَ جي سنگ ۾ ٽيپ ڪاٽيندي، رابيندر ناٿ ٽئگور جي ”ساڌنا“ جو ترجمو ڪيو هو، جو 1923ع ۾ ”ساڌنا پستڪ“ نالي سان ڇپايائين. هن ڪتاب جي سنڌي سٺي هئي پر بيهڪ جون نشانيون ڏنل ڪونه هيون.

(2)  سنڌي صحافت: ڪريم بخش خالد، 119-120.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي. پرڀات نالي سان بعد ۾، ليکراج ٿڌاڻي ڪراچي مان ۽ عبدالفتاح ابڙي نوابشاهه مان اخبارون جاري ڪيون.

 

(2)  رسالن تان مکيه مضمون ميڙي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرڻ سنڌي زبان جي واڌ لاءِ ڪارائتو ٿيو آهي. پروفيسر چيتن ماڙيوالا 1946ع دوران جوت، سنڌو ۽ هندو رسالن ۽ اخبارن مان مفيد مضامين چونڊي، تاريخي مضمون، جي نالي سان باتصوير ۽ خوبصورت نموني ۾ آندا هئا، جنهن تي کيس سنڌ صلاحڪار بورڊ پاران انعام به مليو هوس.

(1) ڪن جو خيال آهي ته اخبار الحق جي جاري ٿيڻ جو سال 1895ع آهي ۽ ڪن جي راءِ ۾ 1901ع آهي.

(1)  هو ڏوٿيهو ڏينهن: پير حسام الدين راشدي.

(2)  سنڌي صحافت: ڪريم بخش خالد ص-121.

(3)  الحق اخبار جي راجراءِ تي، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ان جي شروع ٿيڻ جي تاريخ هن ريت ٺاهي آهي:

(دوش اندر گوش هوشم از سروش آمديوند

اختر- عزو ئرف طالع شده در ملڪ سنده؛

بهر معاش فکر کردم هافتم گفتا بلي

شده شروع اخبار الحق هم بايام سعيد

رونق- تازه ازان اسلام داخواهد رسيد

رونق اسلام شده درسند ازالحق پديد.

 

(4)  خود روزانه ”الوحيد“ سان، شيخ عبدالعزيز جو واسطو، اخبار جي اجراءِ سان مئنيجر جي حيثيت سان ٿيو ٿو ڏسجي. ”الوحيد“ 4 جولاءِ 1920ع جي ادارئي مان معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم شيخ صاحب ان وقت هجرت ڪري افغانستان وڃي رهيو هو. ان ادارئي ذريعي مرحوم قاضي عبدالرحمان اعلان ڪندي لکيو ته..... جنهن صورت ۾ شيخ صاحب جن وڃڻ لاءِ بلڪل تيار آهن اهڙي حالت ۾ هن خاڪسار جناب فتح قوم سيٺ حاجي عبدالله هارون جي مالي امداد سان سموري پريس ۽ اخبار جي حق حقوق جناب شيخ صاحب کان خريد ڪري ورتا آهن ۽ آئينده پريس ۽ اخبار جو تعلق مون سان آهي....“ قاضي صاحب وڌيڪ لکيو ته ”... هن انتظام جي تبديلي ۽ ذميداري جو اخبار جي مقاصد تي اثر ڪونهي....“ ان مان اهو به ثابت ٿئي ٿو جيئن ته، شيخ صاحب کان اخبار جا حق حقوق خريد ڪيا ويا هئا، اخبار جو اصل ۽ پهريون مالڪ مرحوم شيخ عبدالعزيز هو.

 

(1)  مسٽر شرما بابت وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته هو ڪراچيءَ ۾ 1873ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ پاس ڪري مٿن اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. 1908ع ۾ ”پتر“ جو ايڊيٽر ٿيو هو.

(2)  مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي راءِ مطابق، مهراج تيجو ورما هو ۽ نه شرما.

(1)  عملي صحافت: شيخ عزيز.

(2)  پروفيسر ملڪاڻي جي راءِ ۾ هن رسالي جو اجراء 1904ع ۾ٿيو هو جنهن سالن جا سال مسلم لکندڙن جي خوب همت افزائي ڪئي.... ميان شمس الدين ”بلبل“ جو پوءِ ايڊيٽر ٿيو، سو پنهنجا مذاقي نظم ۽ مضمون هن مخزن ۾ شايع ڪندو هو.... بلبل صاحب سنڌي زبان ۾ ظريفاڻي ادب جو، پرمانند ميوارام وانگر باني هو.“ سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: ص 222- 223: پروفسير ملڪاڻي.

(2)  ”سنڌ واري“ نالي واريون ٻيون به اخبارون نڪتيون. جن مان هڪ وتڻمل ملڪاڻي ۽ ٻي کيچمند امرتراءِ حيدرآباد مان جاري ڪيون. ازانسواءِ هڪ هفتيوار ”سنڌ واسي“ ڄيٺمل پرسرام پڻ بعد ۾ ڪڍي.

(3)  اها ساڳي ”سنڌ واسي“ اخبار آهي جنهن بابت الوحيد 16 آڪٽوبر 1925ع واري اشاعت ۾ هيءَ خبر ڇپي آهي ته هن اخبار جي ايڊيٽر تي قلم 153 تحت پيل ڏنڊ جا 100 رپيا معاف ڪيا ويا هئا. هن تي الزام هو ته هن اسلام جي توهين ڪئي ۽ ٻن قومن درميان نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ممتاز صحافي حافظ خير محمد اوحدي جي راءِ ۾ ”سنڌ واسي“ جي اجراءِ جو سال 1914ع آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳتي هلي هيءَ اخبار ڪٽرپڻي ۾ ڪاهي پئي هئي ۽ مذهبي ڇيڙڇاڙ ۾ ملوث ٿي.

(1)  ”آڳاٽي زماني کان سنڌ جا ڀائيبند واپار ۾ اڳرا....“ ڀيرومل جو ليک هندستان 15 آگسٽ 1947ع.

 

(1)  آڳاٽي زماني کان سنڌ جا ڀائيبند واپار ۾ اڳرا ڀيرومل جو ليک هندستان 15 آگسٽ 1947ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org