سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 4

صفحو : 6 

 

”قياس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ اسين مسلمان 80 سيڪڙو آباد آهيون ۽ هندستان ۾ وري سڀ مسلمان 20 سيڪڙو مس ٿيندا. جيڪڏهن ڪانگريس ۽ ليگ جي ٺهراءَ موجب، فقط اسانکي بمبئي سان گڏ، ٽين پتي ميمبرن جي ملي ته به اسان کي ڪس، نه ته هينئر جن صوبن ۾، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ٺهراءُ ڪري، 30 في صدي عدد ڏنو آهي، اتي سرڪار 40 فيصد حق ڏئي ٿي. تنهن کانسواءِ، خود حڪومت جو اصل اصول ۽ مکيه فائدو آهي عملدارين ۽ نوڪرين ۾. پوءِ جيڪڏهن تعليم ۽ امتحانن جي لياقتن تي نوڪريون ۽ عهدا ٿيا ته به اسان لاءِ نقصان! اوهان خيال ڪري ڏسندو ته وڏا عهدا يا عزتون نيٺ ته تعليم ۽ لياقت تي ورهائبا. پوءِ اوهان اهڙو اندازو ڪيو آهي ته ته سنڌ ۾ ڪيترا مسلمان گريجوئيٽ آهن. مون ليکو ڪيو آهي ته بئريسٽرن سان ملائي هر هڪ ضلعي ۾ چئن کان ڇهن تائين مس مسلمان لڀندا جي جملي 20- 30 آهن.........مگر جن ڀائرن جو هي حال آهي جو هاڻي ئي اڃا ڪنهن لائق مسلمان کي قسمت سان ڪا جاءِ ملي ٿي، ته هندو اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا پئجي ٿي وڃي، پوءِ جي کين هوم رول مليو ته اسان کي ڏوين سان نه ڏنڀيندا؟ (1)

 

مرحوم ”بلبل“ جي اهڙي خيال ۽ سوچ جي صحت، صاف ثابت هئي. هندن جي عام هلت واقعي انهن اهڃاڻن ڏانهن کليل اشارو پئي ڪيو ته کين سياسي آزادي ۽ ملڪ ۾ اندرو سوراج اهڙا گهرجن جنهن ۾ هندو جاتي جا انفرادي مفاد محفوظ رهن ۽ جنهن ۾ مسلمان وڌيڪ ننڌڻڪا ۽ ڪمزور رهن.

ان صورتحال جي تائيد، مرحوم ”بلبل“ جي سياسي مخالف مسلمانن ۽ سندن اخبار به بعد ۾ ڪئي. سڀني کي معلوم آهي ته ابتدا واري زماني ۾، روزانه ”الوحيد“ اخبار باوجود ان جي جو خلافت تحريڪ جهڙي خالص مسلمانن جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو بيٺي هئي، هندستان جي اندروني سياسي ليول تي هندو مسلم ٺاهه ۽ اتحاد جي دعويدار هئي. ان اخبار فرقيوارانا ڇيڙڇاڙ کان نه رڳو پاسو پئي ڪيو بلڪه ڇيڙڇاڙ ڪندڙن جي دل شڪني به پئي ڪئي. اهڙيءَ اخبار به اڳتي هلي، مجبورن اهو مڃيو ته هندن جي سياسي چال مسلمانن جي سراسر خلاف آهي ۽ هو ڀروسي جهڙا نه آهن اهڙي احساس جو اظهار سندس 6 ڊسمبر 1924ع واري ادارئي مان صاف نظر اچي ٿو: اخبار لکيو:

”جڏهانڪر حيدرآباد ۾ سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن تڏهانڪر تعصبي هندن ۽ سندن ڪن اخبارن جي آرام ۾ اچي خلل پيو آهي ۽ سندن مضمونن مان صاف پيو معلوم ٿئي ته هنن کي اها ڳالهه پسند ڪانه آهي ته مسلمان پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي قوم جي تعليم جي ترقيءَ جو خيال ڪن. اهڙي تعصبي هندو اخبارن کي ڀلا مسلمانن جو اهڙو ڪم ڪيئن وڻندو؟ هنن جي ته اصل کان اها مرضي هئي ته مسلمانن کي غفلت جي ننڊ ۾ ستل ڇڏي پاڻ وڃي ”هندو سڀائون“ ٺاهين ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ”هندو جاتي“ جي ترقي ڪندا رهن. ڪنهن کان به اها ڳالهه ڳجهي نه آهي ته سنڌ ۾ جڏهن مسلمانن پنهنجون اسلامي جماعتون (مثلاً سنڌ محمد ائسوسيئيشن، سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس ۽ سنڌ مسلم ليگ) ڇڏي جوق در جوق ڪانگريس ڪميٽين ۽ خلافت ڪميٽين جهڙين قومي جماعتن ۾ وڃي شريڪ ٿيڻ لڳا جي جماعتون سنڌ هندو ۽ مسلمانن جون گڏيل جماعتون هيون. وڏا وڏا سنڌي هندو ڪانگريسي اڳواڻ مسلمانن کي ڇڏي وڃي هندو سڀا ۽ شڌي سڀا برپا ڪري جداگانه پنهنجي هندوجاتي جو رڳو ڪم ڪرڻ لڳا ۽ قطع تعلقات جي تحريڪ (جا ان وقت زندهه هئي) کي خيرآباد چئي وڃي موالاتي ۽ سرڪاري ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳا. اسان سندن اهڙي ڪاروائي تي ڪو تعجب ڪونه ڪيو ڇو ته اسين اڳي ئي ائين سمجهي ويٺا آهيون ته سرڪار جي مخالفت هندو جاتي گهڻو وقت ڪري ڪين سگهندي. هنن کي سوراج رڳو اهو گهرجي جنهن ۾ سندن ڪن ڀائرن کي ڪي وڏا عهدا ۽ وڏا پگهار ملي سگهن ۽ پنڊت مدن موهن مالويه ۽ سوامي شرڌانند جي تجويزن مطابق هندستان جا ست ڪروڙ مسلمان پنهنجو مذهب ڇڏي هندو ٿي وڃن.........“

اها حقيقت آهي ته وقت گذرڻ سان ان قسم جو احساس مسلمانن ۾ وڌندو ويو ليڪن ايترو اڳ ان کي سهي ڪري وٺڻ ۽ مسلمانن کي وارننگ ڏيئي هندن کان ڀڄي پري ٿي بيهڻ جي تلقين ڪرڻ جهڙو ڪم مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جهڙو دورانديش ماڻهو ئي ڪري سگهيو ٿي.

ساڌو هيرانند شوقيرام

سرڳواسي ساڌو هيرانند، حيدرآباد جي عامل هندو (آڏواڻي) سکئي ستابي گهراڻي ۾، 23 مارچ 1863ع تي، ديوان شوقيرام جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي، سندس سنڀال ۽ پالنا جو بار سندس وڏي ڀاءُ ديوان نولراءِ تي پيو، جيڪو ڏاڍو محنتي، ايماندار ۽ مذهبي ماڻهو هو. ان جي عادتن ۽ خصلتن جو گهڻو ۽ گهرو اثر ساڌو هيرانند تي به پيو ۽ سندس ئي خواهش مطابق، 1879ع ۾، بي- اي ڪرڻ لاءِ ڏورانهين شهر ڪلڪتي ڏانهن اسهيو. ڪلڪتي ۾ قيام دوران، ساڌو هيرانند اتي جي برهمو ڌرم(1) وارن جي اثر ۾ اچي ويو جيڪو مذهبي طريقو پاڻ به اختيار ڪيائين.

بي- اي پاس ڪري، 1884ع جي شروع ۾، ساڌو هيرانند وطن واپس وريو. ان زماني ۾، بي-اي پاس سنڌي نوجوان ڪي ڳاڻ ڳڻيا هوندا هئا ۽ ساڌوءَ ته وڏو ڪمال اهو به ڪيو هو جو ڪلڪتي کان گريجوئيٽ ٿي موٽيو هو. تنهن ڪري مڙوئي هن جي واکاڻ هر ڪنهن جي وات ۾ هئي. سندس دل جو ڪاڍو ۽ ذهني لاڙو ماڻهن جي عام ڀلائي ۽ سماجي سڌارن جهڙن ڪمن طرف گهڻو هو ۽ دنياداري ۽ دولت ميڙڻ جي لالچ کان هو بلڪل آجو هو. بهرحال، هن کي، سنڌ ۾ اچڻ شرط، سندن ذهني لاڙن موافق سنڌ سڀا پاران، ”سنڌ ٽائمز“ (1) (انگريزي) ۽ ”سنڌ سڌار“ (سنڌي) اخبارن جي ايڊيٽري اچي ويئي. هن ان کي قبول ڪيو ۽ ان سلسلي ۾، کيس ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو، جتي سندس ماهوار پگهار 175 رپيا مقرر ڪئي ويئي. اهي اخبارون هفتي ۾ 2 دفعا نڪرنديون هيون. اهڙي نموني سان ڏٺو وڃي ته ساڌو هيرانند کي، سنڌ ۾، انگريزي ۽ سنڌي صحافت ۾ اوائلي بانين ۾ شمار ٿيڻ جو شرف حاصل آهي جيڪا ذميواري هن 1884ع کان 1887ع تائين خير خوبيءَ سان نباهي. ”سنڌ گزيٽيئر“ جي لکڻ موجب، ”سنڌ سڌار“ سنڌيءَ جي پهرين اخبار آهي جا سنڌ جي تعليم کاتي پاران ڪراچي مان، نڪرندي هئي ۽ 1884ع ۾ هڪ خانگي اداري ”سنڌ سڀا“ جي حوالي ڪئي وئي جنهن پڻ ڳچ عرصي تائين هلايس. (1)

سرڳواسي ڏيارام گدومل(جناب پي-ڪي- شهاڻي جو ڏاڏو) جي زندگيءَ تي، بينگال جي ناجندراناٿ گپتا، انگريزي ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو جنهن ۾ سنڌ جي هن مخير ۽ مٺي ماڻهو جي زندگي ۽ ڪارنامن تي روشني وڌي هئائين. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائمز“جي هلائڻ لاءِ، ساڌو هيرانند گپتا صاحب کي دعوت ڏئي ڪراچي گهرايو هو ۽ پنهنجي 175 رپيا ماهوار پگهار مان هڪ سوء رپيه هن کي آڇيو هئائين. گپتا ڪراچي آيو ۽ ساڌوءَ سان گڏ، انگريزي اخبار جي ايڊيٽريءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي.

”سنڌ ٽائمز“ متعلق گپتا ٻڌائي ٿو ته:

 

”ان اخبار جا مالڪ دراصل ٻه پارسي (2) واپاري هئا. ايڊيٽوريل ڪنٽرول سنڌ سڀا جي هڪ ڪميٽيءَ جي هٿن ۾ هو. سنڌ سڀا کي هندن، مسلمانن، پارسين ۽ عيسائين جي صحيح نمائنده حيثيت حاصل هئي ۽ سڄي سنڌ جي عام راءِ جي عڪاسي ڪندي هئي.  سيٺ آتمرام پريتم داس سڀا جو پهريون صدر هو جيڪو انگريزي ڪونه ڄاڻندو هو پر بحيثيت ڪراچيءَ جي مکيءَ جي، وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو......“(3)

ناجندار ناٿ گپتا اسان کي ٻڌائي ٿو ته سرڳواسي ڏيارام گدومل ان وقت سنڌ ٽائمز ۾ مکيه مضمون لکندو هو. سندس لکڻين جا عنوان سنڌ ۽ مقامي مسئلن جي باري ۾ هوندا هئا. (1)

 

بهرحال ٻنهي اخبارن کي، (2) چار سال هلائي، ساڌو هيرانند(3) 1887ع ۾، ڪراچي ڇڏي پنهنجي اباڻي شهر حيدرآباد آيو ۽ اچڻ سان پنهنجي ذاتي دلچسپي مطابق، عورتن جي سماجي خدمت ۾ لڳي ويو. 1986ع دوران، حيدرآباد ۾ ٿوري عرصي لاءِ رهي، هن ميڊيڪل اسڪول ۾ بنيادي اڀياس ڪري ورتو هو. تنهن ڪري کيس داين جا ڪلاس شروع ڪرڻ ۽ ان ميدان ۾ عورتن جي خدمت ڪرڻ گهڻي ۾ تڪليف ڪانه ٿي. حيدرآباد ليڊي ڊفرن زناني اسپتال جي کلڻ تي، ان جو اعزازي سيڪريٽري بڻيو ۽ 1892ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ وبا ڦهلي، تڏهن ساڌو هيرانند آفت ۽ آزار ۾ آيل عوام جي دل سان خدمت ڪئي.

حيدرآباد واري عرصي ۾ ئي، عورتن جي خدمت ۽ سڌاري واري ساڳئي جذبي هيٺ، ساڌو هيرانند، ”سرسوتي“ (1) نالي سان، هڪ مخزن ڪڍي جنهن کي سنڌي زبان جي پهرين رسالي يا مخزن هجڻ جو شرف حاصل آهي. هندو ديو مالا ۾، سرسوتي لفظ جي معنيٰ علم ۽ موسيقي جي ديوي آهي ۽ اهڙي طرح الاهي علم ۽ ڄاڻ جي هر معنيٰ تصور ڪئي ويندي آهي. 1880ع ۾، ساڌو هيرانند حيدرآباد ۾، پنهنجي مخير عزيزن ۽ دوستن جي تعاون ۽ مدد سان، يونين اڪيڊمي، جهڙي مشهور پبلڪ اسڪولجو بنيادو وڌو. سڌار سڀا جي سماجي ۽ تعليمي مقصدن مطابق، ساڌو هيرانند مٿئين رسالي کي جاري ڪيو. مقصد اهو هوس ته عورتن ۾ تعليم ۽ سماجي سجاڳي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن گهرو زندگي روشن ٿئي. انهن خيالن تحت، اهو رسالو سنڌي ۽ گرمکي رسم الخطن ۾ڪڍيو ويو ته جيئن گهڻو پڙهيل عورتن سان گڏوگڏ (جيڪي عربي- سنڌي رسم الخط ۾ پڙهيون هيون) ٿوري علميت وارين زالن (جيڪي ڌرمي سکيا هيٺ فقط گرمکي جي ڄاڻ رکن پيون) جي به رهنمائي ۽ راهگيري ٿئي. ”سرسوتي“ وسيلي ساڌو هيرانند، سنڌي اخبارن نويسيءَ سان گڏوگڏ وڏي ادبي خدمت سرانجام ڏني. اسان ڏيارام گدومل جي معرفت اڳ ۾ ئي ٻڌي آيا آهيون ته سنڌي صحافت جي استعمال ٿيندڙ لفظ ”خاطو“ ساڌو هيرانند جي کوج جو نتيجو آهي. 1891ع ۾ هن سر والٽر جو ”عيسائي جهاد“ وارو مشهور تاريخي ناول (Talisman) (طلسم) نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، هن رسالي ۾ قسطوار ڇپايائين جيڪو گهڻو بعد ۾ (1927) ڀيرومل آڏواڻي هن طرح مڪمل ترجمو ڪري ڇپايو. پروفيسر ملڪاڻيءَ موجب، ان مخزن تان ساڌو هيرانند جا سکيا دائڪ لطيفا ۽ مثالي ڪهاڻيون گهڻو پوءِ ڪٺيون ڪري، ساڳئي ڀيرومل آڏواڻي ”هيري جون ڪڻيون“ عنوان سان ڪتابي شڪل ۾ ڇپايون ازانسواءِ، هن مخزن ۾، ساڌو هيرانند کان علاوه، ديوان ڏيارام، بولچندڪوڏومل ۽ ٻين برک عالمن جامضمون ۽ ڪهاڻيون به پونديون هيون. هن رسالي واقعي مثالي خدمت سڄا سارا 40 ورهيه سرانجام ڏني. اهڙي سڀ جي ڀلي گهرندڙ ۽ دل ۾ درد رکندڙ سڌارڪ سان عمر وفا نه ڪئي ۽ ڦوهه جوانيءَ جي 30 سالن ۾لاڏاڻو ڪيو.

 

پر ساڌو هيرانند جي شخصيت ڪيڏي نه گهڻ- پاسائين هئي جو ايتري مختصر حياتيءَ ۾ به عمل ۽ خدمت جا قابل تقليد مثال ۽ اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏي ويو. اهو سندس ذاتي خوبين ۽ خصلتن جو ئي نتيجو هو جو ”سرسوتي“ مخزن، ان وقت جي ضرورتن کي مدنظر رکندي، تعليمي، پنگتي ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور صحافتي ڪردار ادا ڪيو. ان جو زور سماجي ۽ تعليمي مقصدن جي حصول تي ۽ عورتن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ تي زياده هو.

 

هن رسالي جي ٻي خوبي هيءَ هئي ته هن مذهبي ڇيڙڇاڙ کان هميشه پاسو پئي ڪيو ۽ فرقيوارانا ذهنيت کان گهڻي ڀاڱي آزاد رهيو جيڪا ڳالهه لکندڙن ۽ هلائيندڙن جي وسعت نظري جي نشاندهي ڪري ٿي. افسوس جو هن رسالي جي شروع واريون ڪاپيون دستياب نه آهن پر جاري ٿيڻ کان 5 سال پوءِ کان بعد جو مواد ڪٿي ڪٿي ملي ٿو. جيتوڻيڪ ساڌو هيرانند فقط 3 سال رسالي جي ادارت ڪئي (ڇوته هو 893ع ۾ گذاري ويو) مگر ظاهر آهي ته 1895ع ۽ ان جي لڳ ڀڳ جي زماني وارين ”سرسوتي“ جي لکڻين ۾ به هن دور رس اثرات رکندڙ ماڻهوءَ جي قلم جي تقليد ۽ پوئيواري واري پاليسي نظر اچڻ گهرجي. مارچ 1893ع جي اشاعت ۾، هن رسالي جي جرئتمندانه پاليسي هيٺئين خبر مان بکي ٿي. حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ ان وقت جي ٿيل تقرير جو حوالو ڏيندي، سرسوتي جي خبر جو هي اقتباس گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو:

 

”وائسراءِ 25 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻي ٿو سو بلڪل گهڻو آهي. ان کي گهٽائي پندرهن هزار ڪرڻ گهرجي ۽ هندستان ۾ ٽيهتر هزار انگريز سپاهه جو اصل کپ ڪونهي، پنجاهه هزار بلڪل گهڻو ٿيندو.“

خبرن جو مزاحيانه ۽ چاشني وارو انداز ملاحظه ڪريو. نومبر 1894ع جي پرچي ۾ ڏياري جهڙي وڏي ڏڻ تي ٿيل چوريءَ جو بيان هن طرح ٿيل آهي:

”جهوني ٽپال وٽ هڪ سکر ماڻهوءَ رات جو ٽجوڙي کولي رپيا ٿي پوڄيا، سمهڻ مهل صفحي جا در ۽ ٽجوڙي جو طاق پٽي ڇڏيائين ته لڇمي ديوي کي گهر اندر اچڻ ۽ ٽجوڙي کي ڌن سان ڀرڻ ۾ سهولت ٿئي. پر صبح جو اٿي ڏسي ته ٽجوڙي خالي ٿي رکي هئي ۽ منجهانئس زيور هزارن جا گم ٿي ويا. شايد لڇمي ماتا جي دل مڻين کي ڏسي سرڪي وئي هوندي سو مڻيا پائي گهر گهر ڇمڪندي هوندي!“

وهمن جي وسوڙيل ۽ علمي افاديت کان محروم ماڻهن جي افعالن ۽ عقيدن تي، جنوري 1895ع واري اشاعت ۾ ڪهڙو نه عمدو ۽ حقيقت افروز تصبرو ڪيائين.

”جيڪا تعليم اسان کي ملي ٿي سا رڳي مٿاڇري آهي ۽ سچ پچ اسان جي دلين ۾ ان جو اثر پيدا ڪونه ٿو ٿئي. انهيءَ ڪري، ا سان جي خانگي هلت چلت ۾ سڌارو ڪونه ٿيو آهي. اسان کي ڪيترا دفعا ڏسڻ ۾ آيو آهي ته گهڻا ماڻهو اڄ تائين جهاڙن ۽ سڳڙن ۽ تعويذن ۾ ويساهه رکن ٿا. ڀلا چوري ٿي وئي ته ڍارو ڪئين ٻڌائي سگهندو ته ڪير چور آهي؟ يا ڪٿي مال رکيل آهي؟ امتحان ۾ پاس ٿيڻ لاءِ تعويذ يا رکيا ڪهڙي مدد ڪندي؟ پٽ جي سڌارڻ لاءِ ٻانڀڻ جي گڏوءَ جو جل ڇا ڪندو؟ ويم جي خلاصي لاءِ جنتر لکيل ٿالهيءَ جو درشن ڪهڙي سهائتا ڪندو؟ پر اهي ۽ ٻيون انيڪ ڳالهيون روزمره پيون سڏجن ۽ ٻڌجن ۽ مڪريلن جي اچي وري آهي. جيڪڏهن جاهل ماڻهو يا زالون اهڙن مرڪلين جي ڦندن ۾وڃي ڦاسن ته جيڪر عجب نه ٿئي پر اسان جا پڙهيل ۽ آزمودگار ماڻهو به جاهليءَ جي پر ۾ غلطان رهن سان ڳالهه وڌيڪ ارمان جي آهي.

4- محمد هاشم ”مخلص“

عجيب اتفاق چئجي جو مخالفن سان ساڳئي سختي ۽ شاعرانا ۽ طنزيه صحافت ذريعي مقابلن ڪرڻ وارو ٻيو اهل قلم مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ جي روپ ۾ به، رئيس شمس الدين ”بلبل“ جو گهڻي ڀاڱي همعصر ٿي رهيو. شاعري ۽ صحافت جي ميدانن ۾ هنن ٻنهي موجوده صديءَ جي پهرين ٽن ڏهاڪن تي قلمي قوت جي روءِ کان حڪمراني ڪئي. مرحوم ”مخلص“ ته مرحوم ”بلبل“ کانپوءِ به 14 سال ميدان ۾ مثل رهيو. وري ٻئي بهترين شاعر هئا، ليڪن ايترو فرق ضرور آهي ته اول الذڪر هجوم ڏانهن زياده مائل جنهن ڪري دشمن به چڱائي پيدا ڪيائين ۽ پويون مزاح سان مزين سخن گوئي سبب، معترف ۽ مداح به گهڻي تعداد ۾ پيدا ڪري سگهيو. ٻنهي درميان ٻيو نمايان فرق هيءُ آهي ته مسلمانن جي مفاد کي هڪجهڙو محبوب رکندي به، ٻئي شاعر ۽ صحافي سياسي طرح مخالف ڪئمپن ۾ شامل رهيا مرحوم ”بلبل“ وانگر ”مخلص“ به، سڄي زندگي، مسلمانن جي بهتري، شان و شوڪت ۽ سياسي بلندي لاءِ دعاگو ۽ ڪوشان رهيو. پوءِ اهو مسئلو هندستان جي مسلمانن جي حقن جو هجي يا ترڪن، عربن ۽ افغانن خلاف اغيار جي زيادتين جو. مرحوم ”مخلص“ پنهنجي تقرير، تحرير ۽ شعري قوت کي دشمن خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو.

محمد هاشم ”مخلص“ 1860ع ۾ (مرحوم ”بلبل“ کان فقط ٽي ورهيه پوءِ) شعر و سخن کان مشهور شهر ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو، جتان جي عالمن ۽ فاضلن سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. سندس والد مرحوم مشهور نابينه شاعر حافظ حامد هو، جنهن شاعريءَ جي ميدان ۾ وڏو نالو ۽ ناموس ٺاهيو هو ۽ پنهنجي فن جو استاد مڃيو ويندو هو، ان لحاظ کان ”مخلص“ وڏو بخت آور هو. کيس علم ۽ شعر جي فضليت خانداني طرح ڄڻ ورثي ۾ ملي هئي پر هن پنهنجي محنت ۽ مشقت سان پنهنجي لاءِ انفرادي حيثيت حاصل ڪئي. ”پدرم سلطان بود“ وارو معاملو ڪونه هو، بلڪه هو به ۽ نه به هو، هو ان طرح ته سندس والد بزرگوار شعر و سخن جو واقعي بادشاهه هو ۽ ڪونه هو ان لحاظ کان ته ”مخلص“ پنهنجي ذاتي اهليت جي بنا تي بيٺل هو ۽ نه وڏن جي ناموس ۽ نالي جي آڌار تي.

مرحوم ”مخلص“ جي شروعاتي 35 سال کن عمر جي باري ۾ گهڻو پتو نه ٿو پوي ته شعر و شاعريءَ کانسواءِ سندس ٻيو ڪهڙو شغل هو. پر سندس صحافتي رجحان جي پهرين خبر اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي آخري سالن دوران پوي ٿي جڏهن اسان کي مرحوم جي انهن مضمونن جي ڄاڻ ٿئي ٿي جيڪي ”آفتاب سنڌ“ سکر ۽ ”خيرخواه“ لاڙڪاڻه ۾ ڇپيا. هفتيوار ”خيرخواه“ جو ته ڪجهه عرصو ايڊيٽر به ٿي رهيو. 1910ع جي ارگرد نڪتل اخبار ”الحق“ جي ايڊيٽر ٿيڻ سان گويا مخلص مرحوم پنهنجي صحافيانه زندگيءَ جي ابتدا ڪئي. سندس ظرافتي ۽ هجويانه خاصيتن جي خبر انهن مضمونن مان پوي ٿي جيڪي هن رسالا ”تحفته احباب“ ۾ ڇپايا. هيءُ رسالو ٽکڙ مان 1904ع ۾ جاري ٿيو هو جيڪو مرحوم سيد حاجي اسدالله شاهه ڪڍيو هو ۽ پاڻ ان جو ايڊيٽر هو، هو بس مضمون ڇپجڻ سان باهه ٻري وئي ۽ ٿورن ئي پرچن نڪرڻ تي ڪن ماڻهن هن تي ڪيس ڪرڻ جو تياريون ڪيون. خطرو ڦاسڻ جو هو تنهن ڪري ”مخلص“ مرحوم وڃي جوڌپور کان نڪتو. ان روءِ پوشيءَ ۾، مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي جو گهڻو ساٿ ۽ تعاون رهيس. اُتي به بس ڪري ڪونه ويٺو. اردو شاعري ڪندو رهيو ۽ پنهنجو نالو ظاهرن قاضي ناصر علي رکيائين. ٻه سال کن رولن ۾ گذاري، مرحوم ”مخلص“ ڀرڳڙين جي ڀروسي، جيمس آباد ۾ رهڻ لڳو ۽ 1906ع ۾ ٽکڙ (1) ۾ جاري ٿيل رسالي ”بهار اخلاق“ ۾ ناصر علي جي نالي سان شعر موڪليندو رهيو. ان بندش واري وقت ۾ ”جعفر زٽلي“ نالي ۾ ٻيو هڪ رسالو جاري ڪيائين جيڪو ظاهرن سندس ڀائٽي ماستر عبدالرحيم ”شائق“ جي نالي ۾ هوندو هو: ساڳئيءَ وقت مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي تي رسالي ”الاسلام“ ۾ به مرحوم مخلص ”پنهنجا اشعار موڪليندو رهيو جيڪي برابر ڇپبا رهيا. رسالي ”جعفر زٽلي“ گهڻو جٽاءِ ڪونه ڪيو ۽ وهندئي بند ٿي ويو.

اهو اهو زمانو هو جڏهن ائين بسينت جي تحريڪ ”هوم رول“کي سنڌ ۾ پير کوڙڻ جو موقعو مليو هو، ۽ مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي جهڙا قومي اڳواڻ به سرڳواسي ڄيٺميل پرسرام جهڙا صوفي منش، ان جي اثر هيٺ اچي چڪا هئا. ان نئين تحريڪ کي هن علائقي ۾ مقبول عام بڻائڻ لاءِ مرحوم ڀرڳڙي اخبار ”الامين“ جاري ڪئي جنهن جي ادارت مرحوم ”مخلص“ کي سونپيائين. ”الامين“ جو اجراء 1916ع ۾ ٿيو هو. نون خيالن کي سنڌي ماڻهن ۾ عام ڪرڻ ۽ ”هوم رول“ جي نظرئي کي تقويت ڏيڻ ۽ دوستن ۾ گروپ بنديءِ سبب، مرحوم ”مخلص“ کي ايڊيٽري تان هٽڻو پيو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم، جيڪو ان وقت ڀرڳڙي صاحب جو سياسي صلاحڪار هو، ايڊيٽر ٿيو. غالبن ان زماني ۾، ”مخلص“ ۽ ”بلبل“درميان صحافتي نوڪ جهوڪ ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته آخرالذڪر ”آفتاب“ ۾ ” هوم رول“ وارن خصوصن ڀرڳڙي صاحب جي خوب خبر وٺند هو. جواب ۾ مرحوم ”مخلص“ به ”الامين“ جي ذريعي ”بلبل“ تي ڇوهه ڇنڊيندو هو.

”الامين“ مان نڪرڻ بعد، محمد هاشم ”مخلص“ سخت تاءِ ۾ اچي ويو ۽ غصي لاهڻ لاءِ هڪ رسالو ”ڪشڪول“جي نالي سان ڪڍيائين، جنهن ۾ پڙهندڙن کي ٻڌايائين ته هو ”چغلخورن“ جي سازشن جو شڪار ٿيو هو. ان رسالي ۾ ”مخلص“ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي تي وڏا قلمي حملا ڪيا ۽ گهٽ وڌ لکيو، سندس لکڻي اهڙي قهر جي هوندي هئي ۽ هن جا شعرا اهڙا پختا ۽ دلچسپ ٺاهيندو هو جو ٿوري عرصي اندر رسالو ”ڪشڪول“ بيحد مقبول ٿي ويو ۽ ماڻهو رونشي ڪوڏيا پئسا کنيو ان رسالي کي پيا ڳوليندا هئا ته مزو وٺي کلن. هي رسالو چئن پنجن پرچن کان وڌيڪ نه هلي سگهيو.

ميرپورخاص مان، ٿرپارڪر زميندار ائسوسيئيشن وارن 1924ع ۾ ”مسلمان“ هفتيوار اخبار جاري ڪئي جنهن جي ادارت ”مخلص“ مرحوم کي ڏني وئي مرحوم جي صحافت ۾ نڪتل نالي جو پورو فائدو ”مسلمان“ اخبار کي مليو ڇو ته ٿورن ڏينهن ۾ ان جي مقبوليت عروج تي پهچي ويئي. اخبار 12 کان 16 صفحن تي نڪرندي هئي جنهن جو ٻاهريون ۽ اندر ڪم از ڪم ٻه صفحا ”مخلص“ جي تازي ۽ موقعي جي مناسب واري شعر سان سينگاريل هوندا هئا. ان کان اڳ، 1923ع ڌاري، مرحوم ”مخلص“ ميرپورخاص گزيٽ جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو جنهن جي مالڪ ۽ بعد ۾ ايڊيٽر گرڏنيمل سان خوب چوٽون کاڌائين ”مسلمان“ اخبار جي ادارت مرحوم ”مخلص“ پڇاڙي تائين هلائي ۽ آخر 1 فيبروري 1934ع تي ميرپورخاص ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيائين.

مرحوم ”مخلص“ پنهنجي صحافت جي ايام ڪاري ۾ هڪ سخت گر ۽ زودرنج ماڻهو هئڻ سبب ڪنهن کي به ڪونه بخشيندو هو ۽ ڪيترن چڱن ڀلن ۽ عزت وارن تي پنهنجي طنز ۽ هج واري شعر جي انداز سان حملا ڪيا ۽ ڪيترن کي مجروح ڪيو جنهن جو ٿورو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. پر گهڻي ۾ گهڻا اهڙا واقعا سندس ”مسلمان“ جي دور ادارت دوران ٿيا. نتيجي ۾ هرڪو کانئس ڪو پيو کائيندو هو ۽ دعاگو هوندو هو ته ”مخلص“ کانئس مڙي لنگهي ۽ سندس پٽڪو سلامت رهي. اهڙين سخت لکڻين سبب ڪيترائي مٿس بدناموسيءَ جا ڪيس ٿيا ۽ گهڻا ماڻهو سندس خلاف ٿي پيا. آخر ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي ويس (1) ٻيا ته ٻيا پر مرحوم سيوهاڻيءَ جهڙي سڀ جو خير گهرندڙ انسان کي به نه ڇڏيائين جنهن مجبور ٿي مٿس ڪيس ڪيو هو. سندس قلمي قهر جو شڪار چڱا ڀلا زميندار ۽ ڪامورا ڪڙا به ٿيا. انهن چڱن مڙسن ۾ وڏيرو فقير محمد، وڏيرو عاقل پلي، قاضي نور احمد عمرڪوٽي، مير شير محمد ٽنڊي ڄام وارو ۽ ٻيراڻيءَ وارو نواب ڄام ڪانڀو خان به شامل هئا. 1932ع ڌاري، محمد هاشم مستوئي بلوچ، ميرپورخاص مان هڪ اخبار ”رهمنائي بلوچ“ جاري ڪئي هئي جيڪا بعد ۾ ”رهنمائي“ ۽ ”سنڌ مسلم“ جهڙن نالن ۾ نواب شاهه مان نڪرندي هئي. ”مخلص“ صاحب جي ان بلوچ سان به سخت اڻبڻت ٿي پئي هئي ۽ ان کي به خوب لتاڙيائين. آخبر جوابي ڪيسن جي نتيجي ۾، مرحوم ”مخلص“ ٻه ڀيرا ٿوري ٿوري وقفي لاءِ جيل ۾ به پيو. (1) پر سڀ کان وڌيڪ ۽ پيريءَ جي زماني ۾”مخلص“ مرحوم، حڪيم مولوي نور محمد نظاماڻي مرحوم سان اچي اٽڪيو. اها ويڙهه ان ڪري به معيوب ٿي لڳي جو ٻئي حضرات آريه سماج هندن جي برخلاف، اسلامي جذبي ۽ اخلاص سان لڙيا هئا ۽ مذهب جي مخالفن سان وڏيون قلمي جنگيون ڪيائيون ڪماز ڪم، ان ميدان ۽ مقصد ۾، ٻنهي درميان هڪجهڙائي ۽ مماثلت هئي مگر ان هوندي به هڪٻئي کي ڪين ڇڏيائون. ان باري ۾ هڪ عجيب قصو مشهور آهي. چون ٿا ته مرحوم”مخلص“ ۽ مرحوم ”بلبل“ ٻئي ان وقت جي خيرپور جي والي مير علي نواز ”ناز“ جا مداح هئا ۽ سندس ثنا ۾ وڏيون وڏيون نظمون لکندا هئا. (1) اها خبر مرحوم نظاماڻيءَ کي به پئجي ويئي جيڪو پاڻ به سٺو شاعر هو. تعريفي نظم پيش ڪرڻ تي، مير صاحب، نظاماڻي مرحوم کي توقع مطابق نه نوازيو. بس مولوي صاحب ڪاوڙجي پيو ۽ مير سان گڏ ”مخلص“ کي به رهڙيائين جيڪو ان فن ۾ اڳي ئي ڀڙ هو. ٻي روايت آهي ته مير صاحب جي اجائي خوشامند تي، مولوي نظاماڻيءَ ”مخلص“ تي چٿر ڪئي هئي. بهرحال ڪئين به هجي، ”مخلص“ به پٺتي پوڻ وارو ڪونه هو. هن صاحب به حملا شروع ڪري ڏنا ۽ جوابي حملا ٻڌا. (2) آخر تنگ ٿي، مرحوم ”مخلص“، مرحوم نظاماڻيءَ تي، جيڪب آباد ۾ وڃي ڪيس ڪيو. هونئن ته ”مخلص“ گهڻن جون وايون بتال ڪيون هيون ۽ ڪيترن کي ٽوٽا چٻايا هئا پر ”نيٺ اهو ئي مخلص، نور محمد جي هٿان، جو پڻ هن وانگر، ئي طنزنگاري هجوگو هو. شڪست ياب ٿيو. مخلص مرحوم آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس جي موقعي تي ميرپورخاص کان هلي، جيڪب آباد پهتو ۽ نور محمد جي خلاف بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيائين. دنيائي صحافت ۾ ڪنهن اخبار نويس جو پنهنجي حريف اخبار نويس جي خلاف بدناموسيءَ جو ڪيس ڪرڻ، فريادي جي شڪست جو دليل سمجهيو ويندو آهي.“(1) پير علي محمد راشديءَ مطابق ”محمد هاشم ”مخلص“ مرحوم پنهنجي اخبار ”مسلمان“ ۾ ڪڏهن ڪڏهن کڙڪو ڪندو هو ته ڏانهس دعوت هلي ويندي هئي. شيخ صاحب (شيخ محمد قادر، وزير مير علي نواز خان ٽالپر، خيرپور ميرس) جو اصول هو ته منهن ڏني ڳالهه ٽٽي ته ان کي ڊگهو ٿيڻ ڇو ڏجي.“(2)

ممتاز بزرگ صحافي حافظ خير محمد اوحدي کي دعويٰ آهي ته هن ”مخلص“ مرحوم سان گڏ ”مسلمان“ اخبار ۾ ڪم ڪيو هو  جنهن ڪري کيس ويجهو وڃي ڏسڻ جو موقعو مليو هو. هو لکي ٿو ته مرحوم ”مخلص“ جي ٻئي هڪ صحافي ”ميرپورخاص گزيٽ“ جي ايڊيٽر گرڏنيمل سان به چڱي ويڙهه هلي. ”مان 1933ع جي شروع ۾ جڏهن ميرپورخاص ويس، ته ڏٺم ته قلمي دشمن شخصي دوست هئا. مون ڪيترائي دفعا مخلص مرحوم ۽ گرڏنيمل کي دل گهرين دوستن وانگر ملندو ۽ هڪٻئي سان رهاڻيون ڪندي ڏٺو.“ (3)

مرحوم”مخلص“ ۽ مرحوم نظاماڻي جي باهمي حملن بابت شڪايت ڪندي، الوحيد 8 آڪٽوبر 1929ع پنهنجي اداريه ۾ لکيو:

”هن وقت سنڌ جا ٻه اهل قلم ۽ باڪمل ايڊيٽر، نظم ۽ نثر جا مالڪ يعني قاضي محمد هاشم صاحب ”مخلص“ ۽ مولوي حڪيم نور محمد نظاماڻي جي پنهنجي پنهنجي اخبارن ۾ اهڙي نموني ۾ جنگ زرگري جاري آهي جنهن کي طوفان بدتهذيبي چئجي ته بلڪل درست آهي. صورتحال هي اچي بيٺي آهي جو هي ٻيء بزرگ هڪ ٻئي تي نظم ۽ نثر ۾ تهمتن ۽ الزامن ۽ نهايت فحش گارين جا وڏا ڦڙا وسائي رهيا آهن. هنن ٻنهي اهل قلم ۽ اهل علم جو اختلاف ڇو ٿيو آهي، ڪهڙي سياسي علمي مسئلي تي اختلاف آهي جنهن تي نه ٿا ٺهن، ان تي بار بار غور ڪيو ويو آهي، مگر هن وقت تائين ڪوبه اهڙو مسئلو معلوم ڪونه ٿئي ٿو.......“

ان کان اڳ لکيائين:

”وڌيڪ افسوس جي هيءَ ڳالهه آهي ته جڏهن ٻن اخبار نويسن جي وچ ۾ ڪو اختلافي مسئلو به نه هجي، پوءِ وٺي هڪٻئي تي نهايت ناجائز حملا ڪري ڌارين کي مسلمانن جي موجوده تهذيب تي خنده زخني جو موقعو ڏنو وڃي.“

سنڌي زبان جي هڪ ممتاز اديب ۽ عالم محترم محمد اسماعيل عرساڻي به مرحوم ”مخلص“ جي سخت گير ۽ توهين آميز لکڻيءَ جي شڪايت ڪئي آهي: پنهنجي تصنيف ”چار مقالا“ ۾ عرساڻي صاحب لکيو آهي ته:

”مخلص جي مضمونن ۾ جيتوڻيڪ مزاح ۽ طنز جو پهلو ضرور آهي ليڪن ان تي گلا ۽ هجو جو رنگ به چڙهيل آهي. سندس انداز بيان تلخ لهجي ۽ سخت ڪلاميءَ وارو آهي. سندس مضمونن ۾،نه صرف وقت جي سياستدانن، زميندارن، پيرن ۽ مشهور هستين تي ٽوڪبازي ۽ نشتر زني ڪيل آهي بلڪ سندس همعصر صحافين جهڙوڪ شمس الدين ”بلبل“ ۽ نور اسلام جي ايڊيٽر مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ وقت جي ٻين اعليٰ هندو مسلم اديبن ۽ صحافين تي به چٿر ڪئي وئي آهي ۽ سندن مذاق اڏائي وئي آهي.“

محترم ڪريم خالد جي خيال ۾:

”مخلص جي مضمونن ۾ فحش ۽ عريان زبان استعمال ڪيل آهي، جن ۾ شرافت ۽ اخلاق کي سرعام ننگو ڪيو ويو آهي. اهي مضمون حد درجي جا فحش آهن پر انهن جي رواني، لفظن جي سٽا ۽ انتخاب، نون جملن جي ترڪيب ۽ محاورن جي ايجاد سببان اهي تحريرون خالص ادبي حيثيت رکين ٿيون.“

معروف سنڌي رسالي ”سنڌ“، مرحوم”مخلص“ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي لکيو هو:

”ٿورا ڏينهن ٿيندا ته مسلمان اخبار جي ايڊيٽر ميان محمد هاشم ”مخلص“ جو موت ٿيو. هن جي موت سان سنڌ هڪ سٺو ليکڪ ۽ شاعر وڃايو آهي. هن کي ٻوليءَ مٿان زبردست قبضو هوندو هو. هن جيڪي به مضمون لکيا يا شعر چيا سي ڪنهن نه ڪنهن تي نقطه چيني هوندي هئي. جيڪا کيس شعر چوڻ جي ڏات مليل هئي سا جيڪڏهن سٺي دڳ لائي ها ته سندس يادگيري سنڌي ساهت ۾ هميشه لاءِ امر رهي ها. پر هينئر مرڻ بعد اهڙي تصنيف ڪانه ڇڏي اٿس جا گهڻو زنده رهي.

ان هوندي به هو ڪيترو وقت سنڌ ۾ ياد رهندو. اسان جي مرحوم جي پوين سان پوري همدردي آهي. شال ايشور سندس روح کي شانتي بخشيندو.(1)

لڳي ائين ٿو ته مرحوم (2) ”مخلص“ پنهنجي اخبار جي عملي سان به ڪونه ٺهندو هو ۽ اهڙيءَ طرح هن جي اخبار جي اندرون، خانه ۾ وڏو ممڻ متل هوندو هو. اهڙو هڪڙو واقعو، الوحيد جي ذريعي، اسان کي معلوم ٿيو آهي. اخبار پنهنجي 28 اپريل 1926ع واري اشاعت ۾، ميرپورخاص جي ”مسلمان“ اخبار جي حالت تي راءِ زني ڪندي، ان جي بند ٿيڻ تي غم جو اظهار ڪيو. ان وقت ”مخلص“ مرحوم ڪجهه عرصي لاءِ اخبار جو مئنيجر هو ۽ محمد اسماعيل ڀرڳڙي اخبار جو ايڊيٽر هو. الوحيد جي اداريه مطابق ڪنهن مضمون جي شايع ٿيڻ تي ٻنهي درميان اختلاف پيدا ٿي پيا. محمد اسماعيل ڀرڳڙي ڪليڪٽر وٽ وڃي، پنهنجو ڏنل ڊڪلئريشن ڪڍرائي آيو ”جنهن ڪري ميان محمد هاشم مخلص ڪاوڙ ۾ اچي اخبار سڄي ردي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي، پريس جي ملازمن کي پگهار ڏئي، سڄو ڪارخانو ڪلف جي هيٺ بند ڪري هليو ويو.“ ”الوحيد“ لکيو:


(1)  ”جام جم“: شمس الدين ”بلبل“ ص- 94- 95.

(1)  برهمو سماج جو بنياد راءِ موهن راءِ 1830ع ۾ رکيو، جنهن کي بعد ۾ ڪيشب چندرسين، ڪلڪتي ۾ سڌاريو ۽ وڌايو. سنڌ ۾ ان مذهبي سوچ کي ديوان نولراءِ شوقيرام آندو ۽ ايترو مشهور ڪيو جو 1874ع ۾، حيدرآباد ۾، موجوده سول اسپتال لڳ، برهمو مندر ٺهرايائين جتي مختلف مذهبن جي لبرل ويچارن وارا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ بنا مذهبي ڪٽرپڻي ۽ ڇيڙڇاڙ جي بنيادي مشترڪ اصولن جو پرچار ڪندا هئا. بعد ۾ هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ هيرانند کي ساڳئي تعليم جي اڀياس لاءِ ڪلڪتي موڪليائين.

(1) That this Sindh Sabba chose Hiranand as its nominee and the editor of its organ, “The Sindh Times,” must have been due entirely to the efforts of his friend and biographer, Dayaram. He it was who, himself handicapped owing to his being in Government Service, wanted somebody to work wholeheartedly and independently, like a missionary, for the promotion of pulic sprit and provincial solidarity. And while the friends and well-whisers of Hiranand wanted him to take to some Government job, it was Mr. Dayaram who started the young Sindhi Brahomo on his Karachi career. Not content merely with starting Hiranand in his new career, the helped him more than anybody else in his journalistic work. A versatile scholar, a facile and prolific writer, Mr. Dayaram found time after his office hours to write editorials and paragraphs for the biweekly, arrange discussion groups of prominent people in his own Bungalow, where he had brought Hiranand to live with him, and smooth matters so that Hiranand found himself in a congenial at-mosphere……” Hiranand- The Soul of Sindh- an addition by T.K. Koar, Page 285-86

(1)  پهرين سنڌي مخزن: مرحوم مير شفيع احمد علوي- مهراڻ جا موتي ص 205

(2)  هڪڙي جو نالو مسٽر اين-اين پوچاجي هو ۽ ٻئي جو نالو مسٽر دورابجي هو.

(3)   ڏيارام گدومل: از ناجندرا ناٿ گپتا- ص 2 ۽ 3.

(1)   “The only copy of the Sindh Times that we have found is dated Friday’ July 11, 1884. It has two leading articles, one on “The Khoja succession on Bill” and the other on “The oldest Native Government Official in the Province,”- Munshi Rewachand Lalvani,- both articles bearing the stam of Dayaram Gidumals Penmanship…………”Addition by Mr. T.K- Koar to Hiranand The Soul of Sind by Dayaram Gidumal page 286.

 

(2)  انگريزي سنڌي ٽائيمز ناجندرا ناٿ گپتا جي حوالي ڪيائين ۽ سنڌي ”سنڌ سڌار“ مسٽر هيرانند کيمچند کي ڏنائين.

(3)  As a Journalist, Hirannad was some times misled by ill-informed correspondents but he never consciously worte a single word that was untrue or suggestive of total or partial untruth. He never shirked his responsibility, and his contributors and informants knew full well that rather than betray them or his clients, the poor, he would readily go to Jail himself. He was anxious to find out what was being done by low-paid official underlings in rural Parts, and he secured regular correspondents for the Sind Sudhar who brought to light various acts of oppression. The very word khatu now used in Sindhi to denote a newspaper correspondent is his invention. He induced Moti (his brother) to send him letters from Calcultta for the Sindhi journal and his own articies in it were characterized by marked originality, and inclisiveness combined with moderation. Hiranand- The Soul of Sind, by Dayaram Gidumal, Page 196.

(1)  “In November, 1890, “the Saraswati”, a monthly magazine, priced at Re. 1 per year, came into existence. The Hindu Socail Reform Associtation was the proprietor, and Hiranand, the editor. The Association started another monthly, priced at annas 12 per year, the Sudhar patrika and Navalrai (Hiranad’s eldest brother) was practicallynits editor Both were educational magazines, but the Saraswati was in the Arabic Sindhi character, and the Sudhar partrika in Gurumukhi. The latter was specially intended for women…………” Hiranand- The Soul of Sind, Dayaram Gidumal, Page 353- 54.

(1)  ٽکڙ مان مرحوم مخلص ”انشا“ جي نالي سان پڻ هڪ رسالو ڪڍيو هو.

(1) پر اهو معلوم ڪري حيرت ٿي لڳي ته اهڙين ڌمڪين جي شڪايت ”مخلص“ مرحوم کي به ٿي پئي هئي، ”مسلمان“ 22 نومبر 1926ع جي ادارئي ۾ هن صاحب انهن ڌمڪين جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي کيس مسٽر هندرسن ”ان وقت ٿرپارڪر جو ڪليڪٽر) جي اچڻ تي کيس ڏنيون ويون هيون ته اخبار ڇڏي وڃي ۽ ”نيم نان صحت جان“ جي اصول تي غريباڻي زندگي گذاري. ان جو جواب ڏيندي ”مخلص مرحوم لکيو ته:

 

”....... اسين پنهنجي دوستن کي چتائڻ ٿا گهرون جيڪي پريت وارن اهي گپوڙا اڏائي رهيا آهن تن جا اصل مراد هيءَ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ”مسلمان“ اخبار جو خاتمو ٿئي. ان جي خاتمي جو آسان طريقو هيءُ آهي ته مخلص کي مسٽر هنڊرسن جو خوف ڏيارجي ته هو رفو چڪر ٿي وڃي ته بس مسلمان قبرستان ۾. ”مسلمان“ مخلص جي اختيار هيٺ نه آهي بلڪ ان جي هلائڻ واري هستي اها طاقتور آهي جو عليٰ کل شيءُ قدير آهي. جيڪڏهن مخلص ويو ته ٻيو ڪو مفلس پيدا ٿيندو جو هن کي زنده رکندو ايندو.“

(1)  ڌمڪين جي باب ۾، هڪ ٻيو واقعو بيان ڪرڻ غيرمناسب نه ٿيندو. ”مخلص“ مرحوم انهن ”مسلمان“ اخبار پرهندڙن کي به، پنهنجي مخصوص پيرائي ۾، ڌمڪي ڏني جنهن وقت تي اخبار جي خريداريءَ جا پئسا نه ٿي پڄايا. 30 جولاءِ 1928ع واري ”مسلمان“ ۾ مرحوم، ”پڙهو ته ضرور پوءِ ڏٺو ويندو“ جي عنوان هيٺ لکيائين ”......لاچار جهڙي اٽر ڪري“ مسٽر به اهڙي ڪري ڏيکاري جي مقولي تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا دير نه ڪنداسين پوءِ ته آهيان ملا مبين جي ڪڪڙ جون ٻانگون، حافظ ڪرڙ جي دکيءَ جون ڳالهيون ۽ پڇاڙيءَ ۾ڪنڊي ڪوهستاني جا ڏنڊا- ڏسجي ته مفت خوار ڏاڍا نه ٿا ٿين يا ڪي ٻيا.“

(1)  مير صاحب خود چڱو شاعر هو ۽ هن اردو ۾ ”گلدسته ناز“ ۽ سنڌي ۾ خلوت عشق“نالي ڪلام جا ڪتاب ڇڏيا. ان کان علاوه، هن عمر خيام جي رباعين جو سنڌي ترجمو ڪيو ۽ ان کي ”ميڪده ناز“ نالو ڏنائين. مشهور قصي ”ليلا مجنون“ کي به سنڌي نظم جو لباس پهرايائين. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اهي ٻئي ڪتاب ڇپرائي عام ڪيائين.

(2)   محترم نور احمد نظاماڻي (فرزند مرحوم نور محمد نظاماڻي) جو چوڻ آهي ته ان ويڙهه جو اصل ڪارڻ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌ خلاف ”مخلص“ مرحوم جو لکڻ هو. مرحوم نظاماڻي شيخ جو وڏو معترف هو ۽ ان کي به نه بخشڻ تي، هو بعد ۾ ”مخلص“ خلاف صفه آرا ٿي بيٺو بعد ۾ مرحوم الله بخش ٽالپر ايڊيٽر الوحيد، ٻنهي جو ٺاهه ڪرايو هو، هن وضاحت ۾ ڪافي وزن محسوس ٿئي ٿو.

(1)  ”مهراڻ تي مجلس“- ص 14- بقلم حافظ خير محمد اوحدي

(2)  اهي ڏينهن اهي شنيهن پير علي محمد راشدي- ص- 52

خود علي محمد راشديءَ کي ”مخلص“ مرحوم خلاف شڪايت ٿي هئي. الوحيد 16 آڪٽوبر 1929ع جي الوحيد واري اشاعت ۾، ان جو ذڪر آهي جڏهن پير صاحب ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر ۽ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو سيڪريٽري هو. الوحيد ۾، ڇپيل ان نوٽيس مطابق، بعض اخبارن (مسلمان، هندو ۽ هندوجاتي قبال ذڪر آهن) سندس خلاف ڪوڙا الزام هنيا آهن ۽ ليک پڌرا ڪيا آهن. راشدي صاحب کين وارننگ ڏني هئي ته 18 آڪٽوبر تاءِ انهن سڀني خلاف فوجداري ۽ سول مقدمو داخل ڪري رهيو هو. پر کين وقعو ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن هو چاهين ته ان کان اڳ کانئس غيرمشروط معافي وٺي سگهيا ٿي پوءِ ڇا ٿيو، ان جي خبر پئجي نه سگهي.

(3)  ”مهراڻ تي مجلس“ بقلم حافظ خير محمد اوحدي-ص- 15.

(1)  سنڌو، فيبروري 1934ع.

(2)  مرحوم”مخلص“ مرحوم ”وفائي“ جو وڏو معترف هو. ڪنهن مولوي صاحب وڃي مولانا ”وفائي“ کي ٻڌايو ته ”مخلص“ توهان جي خلاف ڳالهائي رهيو هو. ان تي ”وفائي“ کي ڏک ٿيو. اها خبر ڪنهن طرح ”مخلص“ کي پئجي وئي. ان تي ڪاوڙجي ”مخلص“ ”مسلمان“ 29 نومبر 1926ع ۾ ”مخلص“ ۽ وفائي جي وچ ۾ نفاق پکيڙڻ. لعنته الله علي المنافقين جهڙي سري هيٺ لکيو: ”اي ظالمن ۽ منافقن کي سزا ڏيڻ وارا خدا تون هن ملعون، مردود ۽ بي پير مولوي کي ڪو ذيابيطس جو مرض ڏي جو ههڙيون فتنه پردازيون ڪري رهيو آهي. مخلص ۾ سڀ ڪجهه عيب آهن ليڪن بنا سبب هو ڪنهن تي حملي ڪرڻ وارو نه آهي ۽ هاڻي هو حملو ڪري سو به وفائي تي بنا سبب جي، اهو کوڙو ته لڳي ئي نه ٿو.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org