”ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اردو وارن جي ذهن مان اردو ٻوليءَ
جي فوقيت وارو جنون اڃا ختم نه ٿيو آهي ۽ اهو
انهيءَ جنون جو ئي نتيجو آهي جو لساني هنگامن ۾
حصو وٺندڙ مقتولن کي ”شهيد“ جي لقب سان ياد ڪيو
وڃي ٿو.“
”هونئن اردو وارا محدود قوم پرستي واري تصور جي علي الاعلان
مخالفت ڪن ٿا ليڪن جڏهن سندن پنهنجو مفاد سامهون
اچي ٿو تڏهن انهيءَ مڪروهه تصور کي پنهنجي ايمان
جو جز بڻائي ٿا ڇڏين. آخر ٻوليءَ کي ايمان جي درجي
تي آڻي بيهارڻ واري فعل کي قوميت پرستيءَ کان
سواءِ ٻيو ڪهڙو نالو ڏيئي سگهجي ٿو؟..........“
ماضي ۾ حڪومت جي ڪن غلط قدمن ۽ فيصلن ۽ اردو پريس ۽ ڪن اردو
ڳالهائيندڙن پاران غيرهمدردانه بلڪه گهڻن موقعن تي
نقصان پهچائڻ واري روش، سنڌين ۾ احساس محرومي ۽
پنهنجي حقن جي حفاظت جي ضرورت پيدا ڪئي. سيد سردار
علي شاهه صاحب جي تجزئي موجب ته اردو زبان جي
فوقيت ۽ فضليت ان مقصد لاءِ ٿي مڙهي وئي ته جيئن
اقتصادي برتري ۽ نفعو حاصل ٿئي. مذهب اسلام يا
پاڪستان جي نظرئي کي خطري جو ڪو امڪان ڪونه هو
بلڪه اهي نعرا ان لاءِ ٿي هنيا ويا ته جيئن انهن
جي اوٽ ۾، ماڻهن کي مرعوب ڪري، پنهنجي مادي منفعت
واري مقصد جي حصول لاءِ سهولت پيدا ڪجي. وڏي ڳالهه
هيءَ هئي ته هنن لاءِ پاڪستان جو لفظ تڪرار سان
استعمال ڪرڻ ان ڪري به سولو هو جو هو ٻاهران آيا
هئا ۽ هتي جي مقامي ڳالهين سان ڪو لڳاءُ ۽ وابستگي
ڪونه هين ۽ نه هتي جي پراڻن مسئلن ۽ مطالبن سان
پنهنجائپ ۽ انهن لاءِ فڪر. انهن سببن ڪري به هنن
لاءِ مقامي مسئلو ڌارڻ يا ان جي حل جي اسان وانگر
ضرورت شدت، سان نه پئي محسوس ٿي. مقامي ماڻهن جي
انهن فطري تقاضائن ۽ حالتن کي به غلط ۽ خودغرضانه
طور استعمال ڪيو ويو ۽ مقامي مسئلن کي نه ڇيڙڻ ۽
”پاڪستان پاڪستان“ دهرائڻ ڪري پاڻ کي ”وسيع
القلب“، ”محب وطن“ ۽ ”سچو پاڪستاني“ ڪري پيش
ڪيائون ۽ هتي جي ماڻهن پاران مقامي مسئلن ۽ مطالبن
کڻڻ تي کين ”تنگ دل“، ”صوبائيت پسند“ ۽”مشڪوڪ حب
الوطني وارا افراد: قرار ڏنائون. انهن طعنن تنڪن ۽
الزامن سان اردو پريس ڀري پئي آهي. اسان ٻڌائي آيا
آهيون ته پاڪستان ٺهڻ سان، مقامي ماڻهن لاءِ
مايوسين منڍ ڪڍيو ۽ وقت گذرڻ سان انهن ۾ اضافو
ٿيندو ويو ۽ حل جي صورت نظر نه پئي آهي. نتيجي ۾
احساس محروميت پيدا ٿيو. سنڌي پريس انهن حالتن جي
ئي ترجماني ڪري سگهي ٿي. جنهن ڪري انهن مايوسين،
غم غصي وارين لکڻين جي صحافت ۾ عڪاسي ٿي. اسان اهو
به ٻڌايو آهي ته بدقسمتي سان، سنڌي پريس کي دفاعي
ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ جيئن دفاع ۾
ٿيندو آهي، ثبوتاً ۽ شهادتن سال آزارين ڪرڻ جي
ڪوشش ۾، مقامي رنگ ۽ لب لهجو اڀريو ڇو ته مسئلا جو
مقامي نوعيت جا هئا جواب ۾ حل نصيب ته نه ٿيو پر
الٽو تنگ دلي ۽ صوبائيت پرستيءَ جا طعنا مليا جنهن
اڃا ڌڪي اڳتي ڪيو. اتي
Agitative Journalism
وجود وٺندي آهي. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌي پريسن کي
جس آهي جو اهڙي جوش ۽ جولان پيدا ڪندڙ ماحول جي
وچ ۾ هوندي به ان درميانه روي ۽ متانٺ وارو رستو
نه ڇڏيو جيتوڻيڪ مقامي مسائل ۽ مايوسين جي
مونجهاري سندن طرز تحرير کي وڏن لوڏن ۾ وجهي ڇڏيو.
ثبوت طور، سنڌي اخبارن جي صفحن تي نظر وجهي سگهجي
ٿي ۽ ڏسي سگهجي ٿو ته رپورٽنگ ۾ قومي ۽ بين
الاقوامي اهيمت وارين خبرن جي بهترين نمائندگي ٿئي
ٿي ۽ ادارتي تبصرن ۾ ملڪي ۽ خارجي مسئلن ۽ معاملن
تي جهجهي انداز ۾ راءِ زني ڪئي وڃي ٿي ۽ نهايت
ڪارآمد مشورا آڇيا وڃن ٿا. سنڌي اخبارن، حالتن جي
تقاضا موجب، جيتوڻيڪ واجبي ۽ اهم مقامي مسئلن جي
حل جي تقاضا پئي ڪئي آهي، پر ساڳئي وقت، قومي ۽
ملڪي ليول جي مسائل کان به غافل نه رهيون آهن.
دراصل، مقامي مسئلن کي حل ڪرائڻ پٺيان به سندن
مقصد محروميت جي احساس جو خاتمو، قومي ڪمن ۾
اشتراڪ عمل ۽ حصيداري جي جذبي جي فوقيت آهي جنهن
سان ئي ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ قومي يڪجهتي جنم وٺي
سگهي ٿي. مطئمن ماڻهو ئي ڀروسي جي قابل هوندا آهن.
ايترو چئبو ته سنڌي پريس جو رويو قومي پريس خصوصاً
اردو پريس کان ان حد تائين ضرور مختلف رهيو آهي ته
ان جي نظر ۾ اصل مسئلا جن جي حل ڪرڻ جي اشد ضرورت
آهي، سي اقتصادي ۽ سياسي نوعيت جا آهن ۽ نه مذهبي
۽ نظرياتي. جيئن اردو اخبارن پئي زور ڏنو آهي. سنڌ
جي ان قسم جي سوچ جو نفسياتي پهلو اسان مختصراً
مٿي ٻڌايو ته هتي جي مسلمانن ۾ تصوف جو بيحد گهڻو
اثر هيو آهي جنهن ڪري هنن ۾ ”ڪل جي ڀلي“ واري سوچ
جو پهلو ۽ پاسو حاوي رهيو آهي. ٻي ڳالهه ته هتي
مذهبي ڇيڙڇاڙ ڪانه ٿي آهي ۽ مذهب جي نالي ۾
فرقيوارانه فساد ڪين ٿا آهن. نتيجي ۾ سنڌ ۾
فرقيواريت ۽ ڪٽرپڻي واري ذهنيت پيدا نه ٿي سگهي.
ٽيون سبب پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، سندن سامهون اڀريو
اهو افسوس سان بيان ڪرڻو پوي ٿو ته سنڌ جي مسلمانن
جي نظر ۾ هن نئين ملڪ ۾ خود اسلام ۽ نظرئي جي
حفاظت جا گهڻا نعرا هڻندڙ عملي طرح سان، اقتصادي
فائدن حاصل ڪرڻ ۾ خود کانئن به، وڌيڪ رڌل رهيا.
اهو ئي سبب آهي جو هتي جي مسلمانن کي خود اسلام جي
حفاظت وارن نعرن ۾ منافقت جي بوءِ اچڻ لڳي اهو
صحيح آهي ته سنڌ جي مسلمانن پاڪستان واري جدوجهد ۾
ڀرپور حصو ورتو پر حقيقت اها آهي ته سندن سامهون
اسلام نظرياتي سرمائي کي محفوظ ڪرڻ جون تقاضائون
گهٽ هيون ۽ اقتصادي مسئلن حل ڪرڻ جون زياده انهن
سڀني ڳالهين جي ڪري، سنڌ جي مسلمانن کي وري به
اصلوڪي سوچ ترجيح لائق نظر آئي ته ڪٽرپڻي کان
پرهيز ڪريو ۽ بنيادي مسئلن تي توجهه ڏيو. سنڌ جي
باب ۾ اچي بڻي ۽ شايد رب کي به اها وڻي ته سنڌ جا
مسلمان هندن جي اقتصادي لوٽ کسوٽ کان مجبور ٿي،
جغرافيائي وطن پرستي کان دور ڀڳا ۽ سنڌ کي بمبئي
کان علحدي ڪرائڻ ۽ پاڪستان جي جدوجهد ۾ شامل ٿيندي
اسلام جي وسيع قوميت ڏانهن رجوع ٿيا. ليڪن پاڪستان
ٺهڻ کانپوءِ، مذهب جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه هتي ٿيو ۽
جن بي انصافين کي روا رکيو ويو. ان کان متاثر ٿئي
خصوصاً هتي جو اهو نوجوان طبقو، اڳين وطن پرستي
ڏانهن مائل ٿيڻ لڳو، جيڪو اقتصادي طرح مايوسيءَ جو
شڪار ٿيو هو. اها هئي هڪ افسوسناڪ صورتحال جنهن
سان سنڌي پريس دوچار هئي ۽ جنهن کان پلو بچائيندي
به، اها نه بچي سگهي.
باب تيرهون
سنڌي پريس جي موجوده حالت ۽ ترقيءَ جا امڪان
سنڌي پريس جي ماضيءَ تي جڏهن غور ڪجي ٿو ته ۽ ان جي مسائل جي
گهڻائي ۽ وسائل جي ڪمي، ڏکن ڏاکڙن، ناسازگار ماحول
کي سامهون رکجي ٿو ۽ ان سان گڏ ان جي مجموعي
ڪارڪردگيءَ تي نظر ڪجي ٿي ته ان جي روشن مستقبل جا
صاف امڪان محسوس ڪجن ٿا. نهايت مايوس ڪندڙ ماحول ۾
به سنڌي اخبارن جو زنده رهڻ ۽ حالتن جو جرئتمندي
سان مقابلو ڪرڻ، ان جي محنت، جان جي طاقتور هجڻ جو
ثبوت آهي. جيستائين سنڌي پريس جي تحريري طرف تعلق
آهي ائين چوڻ ۾ ڪوبه تردد نه ٿا محسوس ڪريون ته
اها قومي اخبارن سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيهڻ جي
قابل آهي ۽ هن مرحلي تي پهچڻ تائين پاڻ ۾ علمي ۽
فني ميدان ۾ قابل اعتماد صلاحيت پيدا ڪري وئي آهي.
جدوجهد آزادي ۾ پاڪستان کانپوءِ جي حالات ۾ قلم
سنڀاليندي سنڌي پريس وڏي امتحان ۽ توَ مان لنگهي
آهي ۽ هاڻي پنهنجي پختگيءَ ۾ پچي راس ٿي آهي صحافت
جي هڪ بنيادي تقاضا اها به آهي ته ان ۾ مقصد سان
اسان جي سنڌي پريس انهن خوبين ۽ خاصيتن جو متعدد
باز مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ
کانپوءِ، جن صحافين سنڌي اخبارن کي سنڀاليو، انهن
۾ جناب خير محمد نظاماڻي صاحب جو نالو سرفهرست اچي
ٿو ڇاڪاڻ ته هن فاضل صحافي نادر نموني جي تحريرن
سان ادارتي صفحن کي سينگايو جيڪي سنڌي زبان داني
جا مثال مهيا ڪن ٿا ۽ دلائل جا درياء وهائي ڇڏين
ٿا. مون کي ياد آهي ته روزانه ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر
جي حيثيت ۾، غالباً چئن قسطن ۾، نظاماڻي صاحب
”سيٽو“ تي هڪ ادارتي نوٽ لکيو هو جنهن جي پڙهڻ
کانپوءِ، ان جي خالق يعني آمريڪا جي پاڪستان ۾
رهندڙ سفارتڪارن جي حيرت جي ڪابه جي ڪابه حد نه
رهي هئي ڇاڪاڻ ته سيٽو جي افاديت لاءِ فاضل ايڊيٽر
جيڪي دلائل ۽ شهادتون ڏنيون هيون سي هنن کي به
معلوم ڪين هيون. نظاماڻي صاحب جي پڇا ڪندي ٿي ڦريا
ڇو ته خيال هيو ته هن قسم جي ايڊيٽر ۽ اخبار جي
وڌيڪ همدردي حاصل ڪجي. پر مايوسي ٿين جو ڪنهن
مولوي نظاماڻي صاحب جي طبيعت جي ڄاڻوءَ ٻڌاين ته
هو ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ وارو نه اَٿوَ. پاڻ ان ڳالهه جو
خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن ايڊيٽر کي توهان
انهن پرڪارن ۽ اڻڄاڻائي جي خبر پئجي وئي ته ڪٿي
ٻيو ايڊيٽوريل توهان جي خلاف لکي توهان جا لاهه نه
ڪڍيو. ان کانپوءِ چپ ڪري وڃي ويهي رهيا. نظاماڻي
صاحب جي ٻي خوبي هيءَ هئي ته هو اصول جو پڪو ۽
پابند هو. ان باب ۾ هو مصلحت ڄاڻندو ئي ڪونه هو.
ان ڪري هوندو ٽاپين ۾ هو. ڪٿي به ٽڪاءُ ڪونه مليس
۽ نه وري کيس ان ڳالهه جي پرواهه ئي هوندي هئي.
مالڪ جي ناراضگيءَ تي بجاءِ ايلازون ڪرڻ جي،
ايلازن ڪرائڻ کان به اڳ ۾ ڇڏي ويندو هو. سنڌي
صحافتي قلم جو بادشاهه هو. جرئت سچ چوڻ جي وري
ايڏي جو مون کي هن وقت تائين ان جو مثال اردو پريس
۾ مليو ۽ نه انگريزي اخبارن ۾. مولوي نظاماڻي صاحب
جو هڪ اهڙو اداريو ان ڪري پيش ڪجي ٿو ته هن جي سچ
جي سوٽي وهائي ڪڍڻ جو تجربو توهان کي به ٿئي ۽ اها
حقيقت به نمايان ٿئي ته جنهن پريس ۾ اهڙا ايڊيٽر
رهي چڪا هجن سان ڪيئن فنا ٿي سگهي ٿي ۽ اها پريس
ڇو نه مستقبل ۾ ترقي ڪري! اداريو ملاحظه ڪريو جيڪو
طوالت جي ڀَوء کان چند اقتباسات تائين محدود رکيو
ويو آهي. ڳالهه هيئن هئي ته ان وقت جي وزيراعظم
مرحوم حسين شهيد سهروردي، ڪراچي جي جهانگير پارڪ ۾
هڪ تقرير ڪئي جنهن ۾، ڪراچيءَ جي ڪن اثر وارن
ماڻهن جي مطالبي جي نتيجي ۾ هن يقين ڏنو ته ڪراچي
جي مستقبل جو فيصلو ڪراچي جي ماڻهن جي راءِ مطابق
ڪيو ويندو. اهو هو موقعو، جنهن تي روزانه ”مهراڻ“،
19 مارچ 1975ع واري اشاعت ۾ مذڪور سچ جو سندرو ٻڌو
هو:
”..........جيڪڏهن ڪراچي ۾ استصواب راءِ ٿي سگهي ۽ ان جي نتيجي
۾ آئين ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي ته ٻين صوبن سان اها
جمهوريت پسندي ڇو نه لاڳو ڪئي وڃي ۽ مسٽر سهروردي
جي جمهوريت پسندي فقط ڪراچي تائين ڇو محدود ٿي وڃي
ٿي؟
”اسان پڇون ٿا ته نهايت وڏي واڪي پڇون ٿا ۽ ساري مغربي پاڪستان
جي عوام پاران پڇون ٿا ته جيڪڏهن مسٽر سهروردي وٽ
انهي تعريف جي جواز جو ڪو معقول دليل آهي ته پيش
ڪري.“
”جيڪڏهن مسٽر سهروردي ڪراچي جي ڳتيل ۽ گنجان آبادي جي جلسن ۽
جلوسن ۽ مظاهرن کان متاثر ٿي، ڪراچي جي ليڊري جي
پڳ ٻڌڻ گهري ٿو ته ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري ليڪن
کيس ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ڪراچي کي مغربي پاڪستان کان
الڳ ڪرائڻ جي نتيجي ۾ مغربي پاڪستان جي ساڍين ٽن
ڪروڙ باشندن ۾ کيس هڪ به پنهنجو معتقد نظر نه
ايندو. ڪراچيءَ کي مغربي پاڪستان کان آئيني ۽
انتظامي طرح ڌار ڪرڻ ون يونٽ جي لغويت جو دليل
ٿيندو ڇاڪاڻ ته هي ڳالهه سڀڪو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن
ڪراچي جي الڳ رهڻ ڪري مغربي پاڪستان جي اتحاد ۾
رخنو ڪونه ٿو پوي، ته پوءِ سابق صوبن جي وجود کي
اتحاد جي منافي ڇو قرار ڏنو ويو.“
”جيڪڏهن مغربي پاڪستان جا ٻيا علائقا پنهنجو الڳ وجود قائم رکڻ
گهرون ٿا ته انهي کي صوبائي تعصب سڏيو وڃي ٿو ليڪن
جيڪڏهن ڪراچي مان صوبائي تصعب جي باه دکي ٿي ته
اسان جو وزيراعظم انهي کي اجهائڻ بدران استصواب
راءِ جا دلاسا ڏيئي انهي کي ڀڙڪائڻ گهري ٿو.....“
فني طرح اڄوڪيون سنڌي اخبارون، ضروري سازوسامان سان زياده مسلح
آهن. کين اهڙا ڄاڻو ايڊيٽر ۽ ٻيا فيچر لکندڙ ميسر
آهن جيڪي وقت جي تقاضائن جي مدنظر نهايت دلچسپيءَ
واري معلومات ڪمال فن سان تحرير ڪري سگهن ٿا ۽
قارئين اخبار جي احساس تجس ۽ سندن مفاد مطابق مواد
واريون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. اسان اڳ ۾ به
ٻڌايو آهي ته گذريل ڏهاڪو کن سالن دوران روزانه
هلال پاڪستان سنڌي صحافت جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳائي
ڇڏيا آهن. هن وقت ته ان سان گڏ روزانه ”عبرت“،
روزانه ”آفتاب“ ۽ روزانه ”مهراڻ“ ۽ ”سنڌ نيوز“ پڻ
رنگين سپليمينٽ ڪڍن ٿيون ۽ تصويرن کي به زياده
سهڻي نموني پيش ڪري پڙهندڙن کي پنهنجو ڪري ويون
آهن. ان کان علاوه پڙهندڙن ۽ ٻين طبقن جهڙوڪ
شاگردن، مزدورن، ماهرن، استادن، عورتن ۽ ٻارن جي
خاص انفرادي ترجماني ڪرڻ ۽ سندن ضرورتن پورين ڪرڻ
لاءِ، سندن دلچپسيءَ جي ڏانءُ وارو مواد به مختلف
ڏينهن ۽ موقعن تي شايع ڪيو وڃي ٿو. هلال پاڪستان
خبرن ڇاپڻ م هڪ نئين ايجاد ڪئي. مثلاً ”سنڌ سماء“
جهڙي هيڊنگ کي بدلي، ان کي نئين شڪل ڏنائين ”سنڌ
سماء“ ظاهر آهي ته ان هيڊنگ ۾ وڌيڪ جاذبيت ۽
دلچسپيءَ جو سامان آهي ۽ واقعاتي لحاظ کان ڏٺو وڃي
ته زياده درست به آهي ڇوته اهي خبرون سنڌ ۽ سندس
عوام جي باري ۾ ته آهن. ان کانسواءِ، سنڌي صحافت
۾، پرنٽنگ جي جديد شڪلين ۽ حرفن ۽ لفظن جي مختلف
لکڻ جي طريقن ۽
(Caligraphy)
يعني خوش نويسي ۽ صورتخطي ۾ به زياده رونق آندي
آهي. ان سان گڏ خبرن جي تازگي قائم رکڻ لاءِ، سنڌي
اخبارن جا نمائندا تعلقه شهرن جي ليول تائين پکڙجي
ويا آهن جيڪي خبرن جون کيپون پيا موڪلين. هاڻي ته
گهڻو ڪري هر اخبار کي پنهنجا ذاتي ڦوٽو گرافر آهن
۽ متعدد اخبارن کي پنهنجا ڪارٽونسٽ به آهن جيڪي
اهم ۽ ذهن کي چڀندڙ واقعن ۽ وارداتن جي خوب عڪاسي
ڪري رهيا آهن.
(1)
هلال پاڪستان جي عبدالله ٿيٻي ته حد ڪري ڇڏي آهي.
بعض اوقات سندس ڪارٽونن جو معيار نهايت اعليٰ ٿئي
ٿو جنهن مان سندس ملڪي ۽ مقامي مسئلن ۽ تقاضائن
بابت ڄاڻ لکي ٿي. ڪارٽون ٺاهڻ هر ڪنهن جو ڪم نه
آهي. ان مان نهايت اختصار سان ۽ جاذبيت سان اڄڪلهه
جي مصروف انسان لاءِ ”خبريت“ جا خزانه کوليا وڃن
ٿا.
سنڌي اخبارن جو مکيه مسئلو مالي نوعيت جو آهي. ان جا مالي وسيلا
ايڏا وڏا ۽ ڪشادا نه آهن. موجوده زمانو گرانيءَ جي
لحاظ کان هنيانءُ ڏاريندڙ آهي. اخبارن جي تياري ۾،
ماڻهو ۽ مشين جي خدمتن جي معاوضي کان علاوه، ڪاغذ،
مختلف مسون ۽ ٻيو سامان به گهرجي ٿو جن جون قيمتون
جيئن پوءِ تيئن چڙهي رهيون آهن. ڪارڪن صحافين جي
معاوضي کي بهتر بڻايو پيو وڃي جنهن لاءِ حڪومت
Wage Board Award
ويهاريو آهي جيڪو مختلف مرحلن تي بهتر معاوضي جون
سفارشون ڪندو رهي ٿو. ظاهر آهي هو بار به اخبارن
کي ئي سهڻو پوي ٿو.
اخبارن جي پيدائش جا ٻه طريقا آهن، 1- هي ته اخبار جون گهڻي ۾
گهڻيون ڪاپيون خريدار وٺن ۽ پڙهن ۽ 2- اشتهار:
سرڪاري توڙي غير سرڪاري. اسان جون هن وقت 12
روزانه اخبارون نڪرن ٿيون جن جو ٽوٽل اندازاً
ڪاپيون اڌ لک وڃي بيهن ٿيون. ڏٺو ويندو ته سوا
ڪروڙ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ اهو تعداد ڪو همت افزا نه
آهي. هينئر سنڌين ۾ تعليم ڪافي وڌي چڪي آهي. اسان
جي پڙهندڙن ۾ رجحان اهو ڏٺو ويو آهي ته هو فيشن
طور يا احساس ڪمتري سبب، انگريزي ۽ اردو اخبارن کي
ترجيح ڏين ٿا ۽ ان لاءِ سبب وري اهو ڄاڻائيندا ته
سنڌي اخبارن ۾ معلوماتي مواد گهڻو نه ٿو ڇپجي،
حالانڪه ائين نه آهي، هينئر اسان جون مکيه روزانه
سنڌي اخبارون وڏي نيوز ايجنسي اي-پي-پي جي خبرن
جون خريدار آهن، اهي خبرون ساڳيون آهن جيڪي اردو
يا انگريزي اخبارن ڇپجن ٿيون. اردو اخبارن وانگر،
سنڌي اخبارن جا نمائيندا سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن جيڪي
اندروني ملڪ جون تازيون خبرون موڪلن ٿا. ضرورت آهي
ته ان اجائي احساس ۽ غلط فهمي کي ختم ڪيو وڃي ته
جيئن سنڌي اخبار جا خريدار ۽ پڙهندڙ وڌن.
جيستائين اشتهارن جي شعبي جو تعلق آهي، اها حقيقت آهي ته سرڪاري
توڙي غيرسرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جي اشتهارن جو
ڀاري حصو اردو ۽ انگريزي اخبارن کي ڏنو وڃي ٿو.
اشتهارن تقسيم ڪرڻ جو بنياد اخبار جي سرڪيوليشن
بيهاريو ويو آهي ۽ سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ وسائل
وافر گهرجن ته جيئن اخبار کي زياده پرڪشش بڻائي
سگهجي. بهرحال سنڌي اخبارون ان حق لاءِ به لڙي
رهيون آهن ۽ سندن دليلن ۾ ڪافي معقوليت آهي. سندن
چوڻ آهي ته سنڌي اخبارون صوبي جي ٻهراڙين تائين
پهچن ٿيون تنهنڪري حڪومت جي نقطئه نظر کي عوام
تائين پهچائڻ جو ڪم اهي اخبارون بهتر طريقي سان
ڏيئي سگهن ٿيون. ٻيو طرف ڳالهه جو اهو آهي ته عوام
جي صحيح جذبن، امنگن ۽ تقاضائن جي ترجماني به اهي
سنڌي اخبارون ڪري سگهن ٿيون. گويا حڪومت کي ماڻهن
جي مسئلن ۽ مطالبن کان به سنڌي اخبارون وڌيڪ باخبر
رکي سگهن ٿيون. ٽين ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي
اخبارون هر طبقي جا ماڻهو پڙهن ٿا خصوصاً شاگرد ۽
هاري ناري ۽ ڳوٺاڻا جن جو تعلق زياده تر زراعت ۽
هنرن سان آهي. لهاذا اهڙا اشتهار جن جو سنئون سڌو
واسطو زراعت، زرعي قرضن، ٻجن، نون پوکيءَ جي طريقن
۽ دوائن سان هجي، اهي ان طريقي تائين پهچائڻ لاءِ
سنڌي اخبارن کي ڏيڻ بهتر نتيجه خيز ثابت ٿيندا. ان
قسم جي دليل ۾ جان آهي. بهرحال حڪومت کي خود
علائقائي پريس جي ترقيءَ جو اونو آهي ۽ اها چاهي
ٿي ته انهن اخبارن کي اشتهارن ۾ سندن جائز حصو
ملي. جڏهن ان حصي ملڻ جي ضمانت ملندي ته پوءِ
يقيناً سنڌي اخبارن کي زياده اشتهار ملڻ لڳندا
جيڪي سندن مالي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت
ٿيندا.
|