باب يارهون
ٽيون دور
(اخبارن، رسالن ۽ مخزنن جي تاريخ)
اسان جي رٿابنديءَ هيٺ، پاڪستان ٺهڻ سان، سنڌي صحافت جو جو ٽيون
دور ۽ آخري دور شروع ٿئي ٿو جيڪو اخبار نويسيءَ
جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ تصور ڪيو وڃي ٿو. اهو ان
لحاظ کان جو خصوصاً هن شعبي ۾، هندو ڇانيل هئا
جيڪ سنڌي توڙي انگريزي صحافت ۾، مسلمانن جي ڀيٽ ۾
گهڻو اڳتي وڃي چڪا هئا. هنن وٽ انگريزي زبان ۾،
”ڪراچي ڊيلي“، ”سنڌ گزيٽ“ ۽ ”سنڌ آبزرور“ اخبارون
هيون ۽ سنڌيءَ ۾ روزانه اخبارون ”هندستان“، ”سنسار
سماچار“، ”هندو سنسار“ ۽ ”قرباني“
(1)
پنهنجي ماڻهن جي آواز کي ” اڀاريو بيٺيون هيون.
مسلمانن جي ميدان ۾، رڳو هڪ روزانه اخبار ”الوحيد“
هئي جنهن يقينن پنهنجو پاڻ چڱو ملهايو هو ۽ مخالفت
جا زوردار جواب پئي ڏنا پر وري به اڪيلي اخبار هئي
۽ هن جي سامهون ست روزانه اخبارون هيون جيڪي ڌوڙيو
لايون بيٺيون هيون جيتوڻيڪ اخبار ”اصلاح“ به
پنهنجي رنگ ڪم پئي ڪيو.
بهرحال نئين سياسي فضا ڦيرائڻ جي سلسلي ۾، سنڌ صوبي اندر،
”الوحيد“ زبردست ڪم ڪيو. ان کان ڪير به انڪار نه
ٿو ڪري سگهي. 1940ع ۾ لاهور ۾ پاڪستان ٺهراءِ پاس
ٿيو جنهن کان پوءِ سڄي هندستان ۾ سياسي سرگرمي هڪ
نئين مرحلي ۾ داخل ٿي هئي، پر هتي سنڌ ۾ اهڙي قسم
جو ٺهراءُ 1938ع ۾ پاس ٿيو هو جنهن جو محرڪ مرحوم
شيخ عبدالمجيد سنڌي هو ۽ هن جي پاس ٿيڻ سان، هن
صوبي ۾، مسلم ليگ جي ترجمان جي حيثيت ۾، ”الوحيد“
پنهنجو پروپئگنڊائي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو
۽ نئون پيغام گهر گهر پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ جي
مسلمانن کي نئين سياسي هوا جو رخ ڏيکاريو. سڄي
هدستان جي مسلمانن يڪ آواز ٿي پنهنجي لاءِ الڳ وطن
پاڪستان جي نالي ۾، گهر ڪئي، جدوجهد ڪئي ۽ 14 آگسٽ
1947ع تي پاڪستان وجود ورتو. هر طرف واڌايون وري
ويون ۽ خوشيون ٿيون ۽ مختلف صوبن کان مسلمان وڏي
پيماني تي هتي اچڻ لڳا.
ليڪن خالص زبان جي نقطئه نگاه کان ڏٺو وڃي ۽ خاص علمي ۽ ادبي
زاويي کان سوچيو وڃي ته نئين صورتحال هڪ وڏو واقعو
رونما ٿي رهيو هو، خصوصاً ان حالت ۾ جو سنڌي ادب ۽
صحافت جي خادمن ۽ غالب اڪثريت هندن جي هئي. ان
حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته
خود انگ اکر ۽ حقائق ڳالهائيندا ته تعليم جي ميدان
۾ هندو سنڌ جي مسلمانن کان گهڻي ترقي ڪي چڪا هئا.
واپار وڙي ۾ ته سندن بلڪل هڪ هٽي هئي، ان سلسلي ۾،
مون کي هڪ ننڍڙو واقعو ٿو ياد اچي جيڪو منهنجي
ننڍڙي ڳوٺ ۾، منهنجي ننڍپڻ واري زماني ۾، بلڪل
اکين اڳيان، واڻين جي وڃڻ وقت ٿيو هو. پاڪستان ٺهي
چڪو هو ۽ هتان وارا هندو لڏپلاڻ ۾ لڳا پيا هئا.
مون واري ننڍي ڳوٺ ۾ اٺ سئو کن آدم رهندو هو جن
مان ذري گهٽ ٽيون حصو هندو هئا، پر مڪان ۽ هٽ سڀئي
هندن جا هئا. هندو ته موڪلائي، روئي رڙي روانا ٿيا
پر اسان جي ڳوٺ وارن مسلمانن جو حال ڏسڻ وٽان هو.
۽ اهو نتيجو سڄو اقتصادي نوعيت جو هو جنهن جو تعلق
پيٽ سان هو. سڄي ڳوٺ جا ڪڙمي ڪاسبي، کيتي ۽
ڪنڀارڪي وغيره ڪندا هئا پر جيئن سنڌي چوڻ آهي ته
”ان جو منهن جنڊ ڏانهن“، تيئن سڀئي مسلمان پنهنجي
روز مره جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄو سال، هندن
جي هٽن جا محتاج هوندا هئا. اتان روڪڙ تي نه ته
رکت ٿي، پيا کڻندا کائيندا هئا. ائين به نه هو ته
ڪو هندو مفت ۾ کارائيندا هين، بلڪ قرض ۽ سوبه ڳاٽي
ڀڳي وياج وارو. فصل پچندو هو ۽ ٻاريون کڄنديون
هيون ته واڻين سان ڏئي وٺي سنئون ٿبو هو. ڪجهه قرض
۾ ڏبو هو ۽ ڪجهه ان کائڻ لاءِ گهر کڻي اچبو هو. ڀر
سڄو سال ڪو ڪم رڪبو ڪونه هو. ميٽ تيل کان وٺي ڪپڙي
لٽي تائين، سڄو سيڌو سامان هٽن تان سولائي سان
ملندو هو ۽ هندو هر وقت حاضر هوندا هئا. ڄڻ ته هٽ
هٿ هندن جي هئا پر هئا حوالي مسلمانن جي. سيڌو
پاڌو ٻار ٻچو خريد ڪيون پيو گهر ۾ آڻيندو هو ۽ ان
نموني زندگيءَ جو چرخو پيو هلندو هو. هاڻي جو
اوچتو هندو هلڻ لڳا ۽ هٽ دڪان بند ٿي رهيا هئا، ته
ڳوٺ جي مسلمانن جي حياتيءَ ۾ ڄڻ ته هڪ وڏو خال
پيدا ٿي رهيو هو ۽ هرڪو ان کي ڏسي پئي جهڄيو ۽
جُهريو. ڳوٺ جي ان مايوس ڪن ماحول ۾، هڪ مسلمان
هاري ته بلڪل پنهنجو حوصلو وڃائي ويٺو ۽ چرين جيان
وڦلندي چئي رهيو هو ته ”هاڻي ڇا ٿيندو؟“، ”هاڻي ڇا
ٿيندو؟“ جا آهن ته ٽي لفظ ليڪن سنڌ جي خصوصاً
ٻهراڙين ۾ ان وقت ڦرندڙ ۽ اچانڪ اڀرندڙ اقتصادي
تاريخ جو ملهه ڪٿي ۽ لٿي پٿي گهڻو ڪجهه ٻڌائي رهيا
هئا.
ذري گهٽ ساڳي بلڪه زياده سنگين حالت ته سنڌي زبان جي مسئلي جي
باري ۾ هئي. اديبن ۽ صحافين جو هڪ وڏو اٽالو،
صحافتي تجربي ۽ پرنٽنگ پريس جي ڄاڻ سان مسلح، وڃي
چڪو هو يا وڃي رهيو هو ۽ پاڻ وٽ مسلمانن ۽ ته ڪي
ڳاڻ ڳڻيا اهڙا ماڻهو هئا جيڪي اهي ڳريون ذميواريون
سنڀالي سگهيا ٿي. ان ويچارڪي ۽ ننڌڻڪائپ ۾ اضافو
وري سياسي سازشن، صلاحن، سوچن ۽ سوديبازين ڪيو هو.
خود اسان جا پنهنجا ماڻهو اقتدار جي ڪرسي هٿ ڪرڻ
لاءِ ”جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ“ واري ڪهاوت تي هلڻ لاءِ
منتظر ۽ آتا هئا.
(1)
علم و ادب ۾ صحافت جي ميدان ۾ ۽ سنڌي زبان جي مالڪيءَ واري باب
۾ جيڪو ان وقت خال ٿيو هو ان جي احساس جي اظهار
لاءِ اسان ان وقت جي سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي
ترجماني ڪندڙ هڪ ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جي هڪ
اداريه ڏيڻ تي اڪتفا ڪريون ٿا. ان رسالي پنهنجي
اپريل 1949ع واري پرچي ۾ ”الوداع اي منهنجي مٺڙي
سنڌڙي الوداع“ جي سري هيٺ اِجهو هيءُ رُنو هو:
”توکي سنسڪرت ڄڻيو، عربي آغوش ۾ ورتو، پارسي جي پينگهي ۾ پرت
سان پلين، اڃا تون ڦوهه جواني ۾ مس آئي آهين ته
اسان کان موڪلائڻ جا سعيا ۽ سانباها ڪري رهي
آهين.“
”چوندا آهن ته زبان کي پيري ڪانه ايندي آهي ۽ جيئن پوءِ تيئن
(ترقي ڪندي) جوان ٿيندي ويندي آهي. مگر هاءِ
تنهنجي جواني کي (صورتخطيءَ جي جنم کي) 100 ورهيه
به نه گذريا آهن ته تون اسان مان آسرا اميدون لاهي
پاڻ ٻيلي عدم آباد ڏانهن انتقال جون تياريون ڪري
رهي آهين. جن توکي ڄڻيو (هندو) ۽ جن توکي پاليو
(مسلمان) جڏهن گڏ هوندا هئا تڏهن توکي سينگارڻ ۽
سنوارڻ ۽ تنهنجي ترقي ۽ اوج تي رسائڻ لاءِ هر ڪنهن
ادبي ميدان ۾ پيش پيش هوندا هئا ۽ پاڻ ۾ پيا
جڳهڙندا هئا. مگر هاءِ اڄ جڏهن ميدان ۾ ”هڪ طرف“
هليو ويو تڏهن ٻيو طرف پنهنجو بار ۽ ان سان گڏ ڇڏي
ويل جو بار پنهنجي ضعيف گردن تي کڻڻ کان ڪيٻائي
رهيو آهي. ٻانهن ڊگهي ڪري هٿ ميدان ۾ گهڻو ئي کليل
رکي ٿو مگر ٻئي طرف هٿ ڪونه آهي جو تاڙي وڃي. انهي
ڪري اي منهنجي سنڌڙي مٺڙي تون شايد پاڻ کي بي
يارومددگار سمجهي اسان کان موڪلائي رهي آهين.
تنهنجو به ڏوهه ڪونه آهي. وسوارن جي سرد مهري آهي
۽ تو ڏانهن پورو توجهه ڪونهي. وڏن شهرن جي اسڪولن
مان توکي نيڪالي ڏئي رهيا آهن. سنڌ مسلم ليگ جي
اصولن ۾ تنهنجي لاءِ جڳهه ڪانه آهي. تنهنجي
خدمتگارن گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو ته توکي به سنڌ مسلم
ليگ جي ڪانفرنس جي اسٽيج تي ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهڻ جي
اجازت ملي، مگر اردو جي دلدارن جو ايڏو ته هجوم هو
جو توکي پير رکڻ جي به جاءِ نه ملي سگهي. ٻيو ته
ڇڏيو پر تنهنجي پوڄارين هن سال ادبي ڪانفرنس به
ڪانه ڪري سگهي، تنهنڪري بيشڪ تنهنجو ڏوهه ڪونه آهي
جو تون وڃي رهي آهين. خبر نه آهي ته پنجن ورهين
کانپوءِ تنهنجي شباهت الائي ڪهڙي وڃي رهندي. سنڌ
جي سنڌي به ساڳي نه رهندي ۽ سنڌ کي ڇڏي ويل سنڌين
جي سنڌي به ساڳئي نه رهندي. ترقي يافته ٻولين جي
وچ ۾ ۽ انهن جي اثر هيٺ موجوده سنڌيءَ جو الائي ڇا
صورتحال رهندو. هاڻي ته شاهه جو رسالو، سوامي جا
سلوڪ ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب دل سان پڙهي رهيا آهيون جو
موجوده سنڌي فقط ڪتابن ۾ رهجي ويندي بشرطيڪ اهي
ڪتاب به ڪنهن سينٽرل لئبريري جي ذريعي هٿيڪا ڪرڻ ۾
آيا ته!!! ٻي صورت ۾ اهي زماني جي دست برد جو شڪار
ٿي عالم وجود کان عالم معدود ڏانهن راهي ٿي ويندا.
جنهن سان اسان جي قوميت کي ايڏو صدمو پهچندو
جنهنجي تلافي صدين تائين به ٿي نه سگهندي.“
پوءِ جيئن، سنڌ جي ٻهراڙين ۾، ”چور ٻلهاڙي“ راند جي پڇاڙيءَ ۾،
باقي بچيل هارايل ۽ هيسيل همراهه پنهنجي وجود
لاءِ، مُڙهيءَ کي مضبوط ڪري، آخري داوَ لاءِ
”ڇڪتائي“ واري ڪاه ڪندا آهن، تهڙيءَ طرح سنڌي زبان
جي خيرخواهن وٺي وڏي واڪي اپيلون ڪيون ۽ پنهنجي
ٻوليءَ جا بچاءُ لاءِ هٿ پير هنيا. انهن هٿن پيرن
هڻڻ ۽ آخري داوء جي دوا هنن اديبن اها تجويز ڪئي
ته..............
”سنڌ جي شهر شهر ۾، اسان کي سنڌي ادبي سوسائٽيون قائم ڪرڻ گهرجن
۽ انهن جو الحاق مرڪز هئڻ گهرجي. انهن سوسائٽين کي
هر جمع رات هڪ عام جلسو ڪوٺائڻ گهرجي. مهيني جي
چئن جلسن جي ورڇ هن طرح ڪجي: پهرين سنڌي زبان ۾
ڪنهن موضوع تي تقريرون. ٻيو جلسو ”شاه ڪلاس“، جنهن
۾ شاهه صاحب جو بيت ڪوبه اڳ ۾ ڏنل هجي ان تي
سمجهاڻيون. ٽيون سوامي جا سلوڪ، انهن جو مطلب ۽
معنيٰ، چوٿون جلسو سنڌي قومي مشاعرو جنهن ۾ (”اديب
سنڌ“ وانگر) مبتدي ۽ سيکڙاٽ شاعرن کي همٿائڻ ته هو
جيئن شوق سان شعر سکن ۽ ان ۾ ترقي ڪن...........“(1)
ان کانپوءِ ان تي عمل شروع ٿيو. سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي ٺهي
جنهن جو سرپرست ۽ صدر سنڌ جو مايئه ناز اديب، عالم
۽ محقق، مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائودپوٽو پاڻ ٿيو.
(1)
مٿي درج ڪيل اپيل ڪنهن اهڙي عالم ۽ اديب جي نه آهي جنهن لاءِ
چئي سگهجي ته ڪو هندو- نواز يا ڪو ”جيئي سنڌي“
(2)
يا دين اسلام ۾ ضعيف الاعتقاد ماڻهو هو. اها اپيل
ڪندڙ مرحوم غلام محمد ”نظامي“ آهي جيڪو سنڌ جي
ممتاز شاعرن ۾ شامل هئڻ سان گڏوگڏ، مسلماني جوش
جذبي کان مشهور آهي. 1934ع دوران، جڏهن اسلام خلاف
لکندڙ هڪ هندو نٿورام کي مليل موت جي سزا خلاف
ڪراچي ۾ جڊيشنل ڪمشنر جي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو هو،
ته ان وقت کيس هلندڙ ڪورٽ ۾ اندر هڪ مسلمان قيوم
پٺاڻ جوش ۾ اچي خون ڪري وڌو هو. قيوم پٺاڻ کي بعد
۾ موت جي سزا ملي ۽ ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ، مسلمانن جي
ردعمل کان بچائڻ لاءِ، سرڪار وقت، هن کي راتو واهه
وڃي، دفنائي ڇڏيو. ان واقعي جي خبر پوڻ تي، ٻئي
ڏينهن مسلمان اٿيا ۽ ان کي قبر مان ڪڍي، جنازي جي
نماز پڙهيائون ۽ جلوس ڪڍيائون. ان جلوس تي حڪومت
گوليون هلايون جنهن ۾ ڪيترائي مسملان شهيد ٿيا
هئا. ان واقعي کي منظوم ڪندي، مرحوم ”نظامي“ هن
نموني جوش ايماني ڏيکاريو هو. چند شعر عرض آهن:
”اڻويهين تاريخ مارچ جي ڪراچي ۾ قيامت هئي،
نمونو درد وارو هو حقيقت ۾ قيامت هئي.
سويرو صبح جو پهتي خبر هيءَ هر نمازيءَ کي،
ته گذريل رات جو ڦاسي ملي آه نمازيءَ کي.
سندس لڪ ۾ کڻي لاشو لياريءَ ڏي ويا آهن،
ڪري مدفون مرقد ۾ سڀئي واپس ٿيا آهن.
ٻڌي هيءَ ڳالهه تبرتناڪ پوري سڀ دڪان هليا،
سڀئي غازيءَ جي مرقد ڏانهن اٿي پيرو جوان هليا.
چيو ڪنهن هي شهيد قوم و ملڪ جو مزار آهي،
رسول الله جو سپهه اهو ئي جانثار آهي.
اتي پرجوش ڪي مؤمن گهڙي گهمسان ۾ آيا،
ڪڍي مرقد منجهان لاشو کڻي ميدان ۾ آيا.
زبان تي ڪلمئه توحيد ۽ الله اڪبر هو،
بنان هٿيار جي سارو خدا وارن جو لشڪر هو.
ڪڇڻ توڙي لڇڻ آ جرم گريا اڄ غلامن کي،
چئون پنهنجي مقدر کي پٽيون پنهنجي نصيبن کي.
ڪڏهن هي آه مظلومن جي آخر رنگ لائيندي،
مسلمانن مٿان آفت غلاميءَ جي پري ٿيندي.“
انهن آهن رنگ لاٿو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي، مسلمانن مٿان غلامي جي
آفت به لٿي پر سنڌي زبان جي معاملي ۾ حالتون ڪي
زياده اطمينان بخش نه هيون. اهو هو ڳالهه جو هڪ
طرف ۽ هڪ ٺوس حقيقت. پر ان کان ڪير انڪار نه ٿو
ڪري سگهي، ته آزاديءَ سان، سنڌ جي مسلمانن ۾
مجموعي طرح، نئون جذبو ۽ ولولو پيدا ٿيو هو.
خصوصاً پڙهيل طبقي ۾ نوان امنگه ۽ نيون اُميدون
اٿيون هيون جن جي روشنيءَ ۾ ماڻهن ۾ اڳتي وڌڻ جو
عزم هو. صحافت جي ميدان ۾ به، نين حالتن ۽ نين
تقاضائن تحت، نوان مقصد کڻي، سنڌي مسلمان صحافي
اڳتي وڌيا ۽ ان جو ثبوت بيشمار نين اخبارن ۽ رسالن
جو نڪرڻ آهي. ائين ضرور هو ته اخبارون ۽ رسالا
جاري ٿيندا رهيا جن مان ڪيترائي ناسازگار ماحول
سبب ختم به ٿيندا رهيا. اهو سلسلو هلندو رهيو.
1947ع ۾ ئي، حيدرآباد مان، هڪ هفتيوار اخبار ”نياز زمانه“ نڪتي
جنهن جي اداره تحرير مرزا فيض علي خان جي سنڀال ۾
هئي ۽ مدير مسئول منشي محمد اسماعيل هو.
مرڪزي سرڪار جي ليول تي، ڪراچيءَ مان 1947ع ۾، پندرهن روزه
اطلاعتي بليٽن ”نئين زندگي“ اردو-سنڌي ۾ جاري ڪيو
ويو جنهن ۾ هندستان کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مهاجرن
جي انگن اکرن ۽ آباد ڪرڻ متعلق خبرون ڇپيون هيون.
1950ع ڌاري اهو رسالو مڪمل طرح سنڌي ادبي نوعيت جو
بڻجي پيو جيتوڻيڪ حڪومت جي ڪارڪردگي جي پبلسٽي به
ٿيندي هئي. هن رسالي جي خصوصيت هيءَ هئي ته ان ۾
تصويرون ڇپبيون هيون، چڱي قسم جو مواد پوندو هو ۽
تنهن هوندي به قيمت واجبي هيس. هن رسالي جو روح
روان بزرگ اديب ۽ عالم جناب عبدالواحد سنڌي هو
جنهن پنهنجو رت پگهر ڏئي هن رسالي کي واقعي ”نئين
زندگي“ بڻايو. هيءُ رسالو اڃا سوڌو حيدرآباد مان
نڪرندو رهي ٿو ۽ ان جو موجوده ايڊيٽر نوجوان اديب
جناب عبدالجبار ”عابد“ لغاري آهي. ان کان اڳ،
سنڌي صاحب جي رٽائرڊ ٿيڻ تي، رسالي کي ڪجهه وقت
لاءِ، معروف شاعر جناب شمشيرالحيدري، ايڊيٽر جا
فرائض سرانجام ڏنا. ان رسالي جي خوش بختي چئجي جو
ان کي هن وقت جوائنٽ ايڊيٽر جي شڪل ۾ ڪهنو شاعر ۽
اديب جناب شعبان ”بخت“ مليو آهي.
1948ع دوران، هالا مان ماهوار فرودس ڪراچي مان، ماهوار ”اهل
قلم“ ۽ آگسٽ مهيني ۾ سنڌ سرڪار پاران هفته روزه
”اطلاعات سنڌ“ جاري ٿيا. ”فردوس“ جو سرپرست مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ هو ۽ اعزازي ايڊيٽر مرحوم
محبوب علي چنه ۽ سليم هالائي هئا. ”اهل قلم“ جو
ايڊيٽر غلام محمد ساقي سجاولي هو ۽ ”اطلاعات سنڌ“
جو نگران ڊائريڪٽر اطلاعات سنڌ پراڻو صحافي مرحوم
قاضي عبدالرحمان هو ۽ ايڊيٽر علاءالدين سمون هو.
1949ع ۾ خير محمد نظاماڻي جي ايٽڊرشپ تحت، مرحوم
قاضي محمد اڪبر جي سرپرستيءَ ۾ روزانه اخبار
”غازي“ نڪتي. ان کان علاوه، فيبروري 1950ع کان
ڪراچي مان ماهوار ”عام راءِ“، مئي 1950ع کان
حيدرآباد مان ماهوار ”مبلغ“ ۽ پويون ادبي ۽
معلوماتي نوعيت جا هئا ۽ وچون تبليغي قسم جو هو.
ماهوار ”مبلغ“ دراصل هفتيوار ”الفاروق“ جو جانشين
هو. ”الفاروق“ حيدرآباد مان ڇپبيو هو ۽ نصرپور مان
نڪرندو هو. ان جو ايڊيٽر ساڳيو مولانا عبدالحق
رباني هو جيڪو بعد ۾ ”مبلغ“ جي ادارت سنڀاليندو
هو.
(1)
ماهوار ”عام راءِ“ جو مدير مسئول قاضي فيض محمد ۽
مدير معاون محترم سيد سردار علي شاهه جيڪو هن وقت
حيدرآباد مان روزانه ”مهراڻ“ ڪچي رهيو آهي. رسالو
ظاهراً ادبي ڍنگ جو هو پر ان ۾ حالات سنڌ ۽ بين
الاقوامي دلچسپي جون خبرون ۽ ڳالهيون به ڇبيون
هيون. ڪراچي مان هڪ ٻيو ماهوار رسالو ”آفتاب“ جاري
ٿيو هو جنهنجو ايڊيٽر لعل محمد ”لعل“ بي- اي هو.
19 جنوري 1952ع تي ڪراچيءَ مان روزانه ”نواءِ وقت“
اخبار جاري ٿي. مرحوم محمد ايوب کهڙو اخبار جو
مالڪ هو ۽ پراڻو صحافي مرحوم مولوي عبدالغفور
سيتائي ان جو ايڊيٽر ٿيو.
ازانسواءِ، 1953ع ۾ لاڙڪاڻي مان هڪ ماهوار ”بوستان“ جي نالي فدا
حسين قادريءَ ڪڍيو هو. سنڌ ۾ ان زماني ۾، ڪيترائي
ڪتابي سلسلا جاري ٿي چڪا هئا جن ۾ سنڌ ۽ عوام جي
مسئلن ۽ مطالبن جو چڱي طرح ذڪر ٿيندو هو. ”سجاڳي
پبليڪشن“ ”پيغام“، ”اڳتي قدم“ وغيره ان قسم جا
سلسلا هئا.
1954ع ۾ روزانه ۽ هفتيوار اخبارن ۽ رسالن جي حالت ڪجهه هن قسم
جي هئي ته ڪراچي مان ”الوحيد،“ ”نواءِ سنڌ“ ۽
”نئين سنڌ“ (اپريل 1953ع ۾ جي- ايم- سيد شروع
ڪئي.) نڪرنديون هيون ۽ حيدرآباد مان ”هلال
پاڪستان“ ۽ ”ڪاروان“ ڇپبيون هيون. ”ڪاروان“ اخبار
جناب نجم الدين سريوال جي هئي ۽ ان جو ايڊيٽر
مولوي خير محمد نظاماڻي هو. بعد ۾ سيد سردار علي
شاهه ۽ شيخ علي محمد پڻ ايڊيٽر رهيا. هنن اخبارن
جي چڱي اشاعت هوندي هئي. ”نئين سنڌ“ جو پهريون
ايڊيٽر صوڀو گيانچنداڻي هو ۽ بعد ۾ عباسي صاحب به
رهيو. هنن اخبارن جا عيد نمبر ۽ لطيف نمبر سٺا
هوندا هئا. ان سان ”الوحيد“، ”نواءِ سنڌ“ ۽
”ڪاروان“ جا عيد نمبر ڏسڻ جهڙا هئا. هفتيوار
اخبارن ۾ مکيه هيٺيون هيون:
آزاد، حريت، جدوجهد، هاري حقدار، عبرت، وطن، الهلال، المينار،
آواز
(1)
اصلاح، روشني، سنڌ زميندار، پيغام سنڌ، سحر،
تنظيم، الحنيف، الحق، مجاهد، صداقت، ستاره، صبح
سنڌ، مظلوم، سنڌ مسلم، الحقيقت، انصاف، پاڪستان،
انقلاب، هاري، دادو گزيٽ، الفقراء، همدرد، سچائي ۽
اعلان.
ازانسواءِ ان زماني ۾، ادبي رسالن جو نقشو ڪجهه هن طرح هو:
رسالي جو نالو ايڊيٽر جو نالو
نئين زندگي مولوي عبدالواحد سنڌي
فردوس سليم هالائي (2)
بادل جان محمد نوناري
روح ادب محمد خان غني
گلستان مقبول احمد ڀٽي
مرتضيٰ محمد بچل ڀٽي
گل ڦل (ٻارن لاءِ) مشتاق احمد
آئينه ” ”
مبلغ (مذهبي) مولانا عبدالحق رباني
اخبار تعليم تعليم کاتو
(مرحوم ڊاڪٽر غلام حسين جعفري)
نئين کيتي نواب حاجي جان علي خان
ان کانسواءِ، ”رهنما“ نوابشاه مان، ”آشيان راه“ سکر مان، ”ڳوٺ
سڌار“ ڪراچي مان، ”جذبات“ شڪارپور مان، ”تقاضا“
سکر مان، ”ادا“ نوابشاه مان ”گلدستو“ خيرپور مان،
”شاگرد“ ڪراچي مان، ۽ ”منزل“ دادو مان نڪري رهيا
هئا.
1955ع دوران ڪراچي مان روزانه مهراڻ جو اجراء ٿيو. مالڪي سيرومل
جي ۽ ادارت ڪنهن مشق صحافي مولوي خير محمد نظاماڻي
جي هئي. ٿوري عرصي اندر اخبار پير پاڳاري صاحب
خريد ڪئي جيڪا اڃا تائين ان جي سرپرستيءَ ۾ نڪرندي
رهي ٿي. 1956ع ۾، ٽنڊي محمد خان مان ماهوار
”روشني“ جاري ٿي جنهن جي ايڊيٽرشپ هاڻوڪي سنڌ جي
عالم اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا کي سونپي
وئي هئي. ”روشني“ ”اسماعيليه قوم جي ترجماني ڪندڙ
۽ ادبي اخبار“ هئي ۽ چڱو هلي. 1957ع ۾، حيدرآباد
۾، هفتيوار ”عبرت“ قاضي برادران خريد ڪري، روزانه
بڻائي، جا هن وقت سڀني روزانه سنڌي اخبارن ۾ وڌيڪ
مقبول ۽ زياده اشاعت واري اخبار آهي.
(1)
قاضي عبدالمجيد ”عابد“ مالڪ ۽ چيف ايڊيٽر اٿس ۽
جناب خير محمد کوکر ان جو ايڊيٽر آهي. ان سال
روزانه ”الوحيد“ بند ٿي وئي ۽ ان کان اڳ ”نئين
سنڌ“ بند ٿي وئي. ان زماني ۾ ون يونٽ ٺاهڻ ۽ هلائڻ
لاءِ سرڪار وقت نهايت مخير آئيني قدم کنيا ۽ سنڌي
اخبارن جي مخالفت کي ڪچليو. جن نه مڃيو، تن کي بند
ڪيو ويو. ان زماني ۾، روزانه ”ڪاروان“ جو ايڊيٽر
حافظ خير محمد اوحدي هو ۽ هلال پاڪستان جي ادارت
منشي عبدالشڪور جي حوالي هئي، ميرپورخاص مان
هفتيوار ”خادم وطن“ نڪرڻ لڳي هئي جيڪا بعد ۾
حيدرآباد مان روزانه جي شڪل ۾ نروار ٿي هئي. پوري
ملڪي پريس لاءِ هر طرح ۽ سنڌي پريس لاءِ خاص طرح،
ٻوسٽ اڃا وڌي هئي ۽ 1958ع ۾ جنرل محمد ايوب خان
ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو. هن کانپوءِ ته سنڌي پريس
لاءِ سختيون ۽ سور گهڻا وڌيا، ايتري قدر جو لفظ
”سنڌ“ اچارڻ گناهه تصور ٿيڻ لڳو. روزانه ”نواءِ
سنڌ“ ”مهراڻ“ ۽ ”عبرت“ جي لوح مان سنڌ جو نقشو حذف
ڪرايو ويو ته جيئن جدا سنڌ صوبي جو خيال ذهنن مان
نڪري وڃي. ڪيترا چتاءُ مليا ۽ روزانه ”عبرت“ اخبار
جا اهي پرچا ضبط ڪيا ويا جن ۾ هاري اڳواڻ مرحوم
حيدر بخش جتوئي جو ”سنڌ ۽ وطن جو سرشتو“ عنوان تحت
قسطوار مضمون ڇپيو هو. ڪيتريون پراڻيون هفتيوار
اخبارون سرڪاري سختين سبب، بند ٿينديون ويون، ۽
بعد ۾ ڪن نين جنم ورتو. روزانه ”نواءِ سنڌ“ ۽
”مهراڻ“ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿي آيون. ڪراچي
تي اردو ۽ انگريزي اخبارون ڇانئجي ويون. اهڙي طرح
سنڌي پريس جو مرڪز گويا حيدرآباد بڻجي ويو، جتان
بعد ۾، (1969) ڌاري هلال پاڪستان نئين سياسي
پارٽي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرڻ
لڳي. ”الوحيد“ آخري دفعو، جماعت اسلامي جي سنڀال
هيٺ وري وجود ۾ آئي، ليڪن اهو ٿوري عرصي وارو بقاء
هو. اهو ملڪ ڀر ۾ عام چونڊن جو دورو هو ۽ خوب
گهماگهمي متي. ان وقت ”الوحيد“ جا ايڊيٽر مولوي
خير محمد نظاماڻي ۽ پروفيسر ڪريم بخش هڪ ٻئي پٺيان
ٿيا ۽ قلم جو خوب جوهر ڏيکاريائون. ليڪن سنڌ ۾
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مقاصد ۽ پروگرام جي
تشهير ڪرڻ ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ ڪمال ڪري ڇڏيو.
ان وقت اخبار جو ايڊيٽر پراڻو ۽ تجربيڪار صحافي
شيخ علي محمد هو. هن پارٽيءَ جي ان ڏکئي مرحلي تي،
اخبار ذريعي، ان کي ماڻهن ۾ مقبول بڻائڻ جو گهڻي
ڀاڱي سهرو شيخ صاحب تي هو، جنهن رات ڏينهن هڪ ڪري
ڏنو هو. بعد ۾ ڪن سببن ڪري کيس هٽايو ويو ۽ سراج
الحق ميمڻ
(1)
کي آندو ويو. ان زماني ۾ ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ۽
حيدرآباد (بعد ۾ ٿوري عرصي لاءِ سکر ۾ پڻ) ٻنهي
شهرن مان نڪرندي هئي. حيدرآباد واري اشاعت لاءِ
مشهور شاعر ”زيب“ عاقلي ايڊيٽر رهيو، بعد ۾، ”هلال
پاڪستان“ فقط ڪراچي مان نڪرڻ لڳي جتان هاڻي به
نڪري رهي آهي. ان وچ ۾، روزانه ”مهراڻ“ بند ٿي وئي
۽ ان جي ايڊيٽر سيد سردار علي شاهه کي ٻه دفعا جيل
اماڻيو ويو. صحافت جي آزاديءَ لاءِ، شاهه صاحب ان
زماني ۾ قابل تعريف قربانيون ڏنيون. اهڙي طرح
”مهراڻ“ خاموش ٿي وئي، ”ڪاروان“ ختم ٿي وئي پر
”خادم وطن“ نه هلي سگهي.
(2)
جيڪڏهن سنڌي پريس جي انهن مايوسين جي اونده ۾ ڪو
نئون شعاع نظر آيو ته اهو روزانه ”آفتاب“ جو هو،
جا 1974ع ۾ حيدرآباد مان شيخ علي محمد جي ادارت ۽
نظرداري هيٺ نڪتي. مالي مسئلن جي باوجود، اها خبار
ترقي ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو وجود مڃرايو ويٺي آهي.
ان وچ ۾، روزانه ”عبرت“ به نڪرندي رهي. 1976ع ۾
قاضي عبدالمجيد ”عابد“ هڪ ٻي اخبار روزانه ”سنڌ
نيوز“ جو اضافو ڪيو جيڪا بعد ۾ مرحوم قاضي محمد
اڪبر جي سنڀال ۾ آئي ۽ شيخ عزيز جي ادارت ۾ جاري
رهي. بعد ۾، قاضي اسلم اڪبر پنهنجي والد مرحوم جي
جڳهه ورتي ۽ شيخ عزيز جي جاءِ تي سنڌي زبان جو
ليکڪ مدد علي سنڌي ايڊيٽر بڻيو. ان کان علاوه
روزانه ”سنڌ ٽائمز،“ سنڌ جي بزرگ ليکڪ ۽ صحافي
محمد عثمان ڏيپلائي جي سنڀال هيٺ نڪرڻ لڳي جنهن جو
تازو انتقال ٿيو.
جولاءِ 1977ع واري سياسي تبديليءَ کانپوءِ، روزانه ”هلال
پاڪستان“ ڪجهه عرصي لاءِ بند ٿي هئي ليڪن بعد ۾
نئين تنظيم هيٺ نڪرڻ لڳي. اخبار جي ايڊيٽرشپ به
تڪڙو تڪڙو هٿ بدلايا. پهريائين جناب محمد هاشم
ميمڻ آيو. ان کانپوءِ مرحوم شيخ عبدالرحيم ايڊيٽر
بڻيو ۽ هاڻي سردار محمد قريشي سنڀالي رهيو آهي.
ساڳئي وقت، حيدرآباد مان پراڻي روزانه ”مهراڻ“
ٻيهر جيئري ٿي ۽ سندس پراڻي قربانيون ڏيندڙ ايڊيٽر
سيد سردار علي شاهه جي ادارت ۾ نڪري رهي آهي.
ان وچ ۾، اپر سنڌ مان روزانه سنڌي اخبارون جهڙوڪ سکر مان ”نواءِ
انقلاب“ ۽ ”نجات“ جيڪب آباد مان ”سارنگ“ ۽ ”اتحاد“
۽ تازو شڪارپور مان هفتيوار ”ناظم“ روزانه بڻجي
نڪتيون. اهي اخبارون پنهنجي وت آهر سنڌ جي مٿيئن
علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جون اخباري ضرورتون پوريون
ڪرڻ ۽ سندن آواز جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن پر
اشتهارن جي ڪمي، خبر رسان ايجنسين جي سهولتن جي
عدم موجودگي ۽ ٻيا مالي مسئلا درپيش آهن جيڪي سندن
راهن ۾ رنڊڪون بڻجي کين اسرڻ نه ٿيون ڏين. بهرحال
جتي ڪوشش ۽ خواهش گڏجي ڪم ڪنديون اتي حل جون واٽون
ضرور ظاهر ٿينديون ۽ اهي اخبارون گهربل ترقي ڪري
سگهنديون.
موجوده وقت ۾، هيٺيون سنڌي روزانه، هفتيوار ۽ ماهوار اخبارون،
رسالا ۽ مخزنون نڪري رهيون آهن:
اخبار جو نالو اشاعت جي جاءِ ايڊيٽر جو نالو
1- هلال پاڪستان ڪراچي سردار محمد قريشي
2- عبرت حيدرآباد چيف ايڊيٽر قاضي
عبدالمجيد ”عابد“
3- آفتاب حيدرآباد شيخ علي محمد
4- مهراڻ حيدرآباد سيد سردار علي
شاهه
5- سنڌ نيوز حيدرآباد چيف ايڊيٽر قاضي
اسلم
اڪبر، ايڊيٽر مدد علي سنڌي
6- سنڌ ٽائمز حيدرآباد محمد عثمان
ڏيپلائي
(جنهن جو تازو انتقال ٿيو)
7- خادم وطن حيدرآباد غلام محمد کوکر
8- نواءِ انقلاب سکر انعام الرحمان
9- سارنگ جيڪب آباد ممتاز علي مڱريو
(بعد
۾ عبدالله دائود پوٽو)
10- ناظم شڪارپور اعجاز علي ميمڻ
11- نجات سکر مخدوم محمد رفيق
12- اتحاد جيڪب آباد سڪندر ناز سرڪي
(هفتيوار)
1- ڪچهري حيدرآباد گل محمد ڪنڀر
2- پنجتن ” عبدالعالي قلباڻي
3- نجم سحر ” محمد علي حسان
4- تنظيم جمالي ” لطف الله جمالي
5- الفقراء سانگهڙ فقير محمد رحيم
مهر
(تازو شهيد ڪيو ويو)
6- مجاهد شهدادپور محمد اشرف
7- سرتاج ميرپورخاص سيد غلام رسول شاهه
8- همدرد ميرپورخاص حاجي محمود
دهالائي
9- محافظ سنڌ دادو دادن خان ڀنڊ
10- آواز سنڌ دادو حافظ احسن چنو
11- دادو گزيٽ ” غلام رسول ناريجو
12- قلندر “ علي گوهر ٻٽ
13- شهباز دادو محمد توفيق صديقي
14- روشن طب “ حڪيم رحمت الله آخوند
15- گل ڦل (ماهوار) حيدرآباد انور هالائي
16- رهبر “ “ “ زاهد لغاري
17- ساڻيهه “ محمد عثمان
ڏيپلائي
(جيڪو تازو گذاري ويو)
18- سنڌي ڊائجسٽ “ جي-ايڇ- حيدري
19- اديون ” ڪراچي عمرالدين
”بيدار“
20- تحريڪ “ حيدرآباد سيد عالم شاهه (في
الحال
بند آهي)
21- الرحيم “ مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي
22- مهراڻ (ٽماهي) “ (مولانا قاسمي، ڊاڪٽر غلام
علي الانه)
23- شمشير سنڌ (هفتيوار) سکر حڪيم عطا محمد
24- المينار “ عبدالسعيد ڀٽي
25- سنڌ “ برڪت علي آزاد
26- ذوالفقار گهوٽڪي اظهر گيلاني
27- شريعت (ماهوار) سکر مولوي عبدالوهاب چاچڙ
شڪارپور ضلعو
28- نيو سنڌ علاوء الدين نيازي
29- جمهوريت نياز رجباڻي
30- شهباز مشتاق احمد ابڙو
31- تنظيم غلام رسول جوڻيجو
خيرپور ضلعو
32- فتح اسلام محمد خان شيخ
33- جاويد محرم علي
34- پڙاڏو غلام مصطفيٰ شاهه
35- آزادي نظير احمد قاضي
36- مظلوم حسين بخش ٽالپر
نوابشاهه ضلعو
37- جهاد محمد وارث بلوچ
38- پرڀات عبدالفتاح ابڙو
39- صبح صادق محمد صالح ”عاجز“
جيڪب آباد ضلعو
40- صداقت ارشاد احمد شيخ
41- مجاهد عبدالله دائودپوٽو
42- نواءِ سنڌ ممتاز مڱريو
43- ڪاشتگار محمد اڪبر مرزا
44- نوجوان بالم بروهي
45- البرق عبدالرزاق قريشي
46- سنڌ سجاڳ امداد علي اوڍو
47- مساوات الياس پرويز
48- الحبيب سيد قطب شاهه
49- آواز مظهر علي شاهه
50- فرياد بهار خان مري
51- صفدر مرشد جيلاني
لاڙڪاڻو ضلعو
52- پاڪستان محمد خان شيخ
53- انصاف سيد جمال الدين بخاري
54- منصور محمد نواز عباسي
55- عوام سنڌ محمد اسلم وڳڻ
56- اذان نواز علي بلوچ
57- مرتضيٰ علي حسن ڌاريجو
58- هاري اعتبار علي بلوچ
ڪراچي
59- آزاد علي نواز وفائي
60- نئين زندگي عابد لغاري
61- سائنس (هاڻي حيدرآباد ۾
يونيورسٽي آف سنڌ)
62- سنڌي ادب (حيدرآباد) سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ.
63- پيغام (ڪراچي) (ڪريم بخش خالد ايڊيٽر
ڇپائيندڙ حڪومت سنڌ)
64- آئينو (حيدرآباد) سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ.
اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته هندن ۽ مسلمانن درميان، سنڌي رسم
الخط، نون يا پراڻن يا عربي فارسي يا سنسڪرت اصليت
وارن لفظن هجڻ يا نه هجڻ تي گرما گرم بحث، سنڌي
پريس ۾ ٿيا هئا ۽ ڪافي عرصي تائين اهي اختلافات ۽
رنجشون رهيون. پر ڏٺو ويندو ته آخر انهن جڳهڙن ۾
ٺاپر اچي وئي ۽ 1940ع کانپوءِ ته ٻنهي ڌرين جي
عالمن ان بحث کي فضول ڄاتو ۽ ان کانپوءِ ان معاملي
۾ ڪا مداخلت نه ڪئي ۽ سنڌي زبان کي سندس فطري هڪ
وتي وهڻ ڏنو ويو. پاڪستان ٺهڻ تائين، زبان جي
معاملي ۾، ”جئين آهي تئين رهڻ ڏيوس“ واري اصول تي
ٻئي طرف ڪاربند رهيا، نئين ملڪ ٺهڻ سان سنڌي هندو
لڏڻ لڳا ۽ نوان ماڻهو اردو زبان کڻي هتي پهتا.
جنهن هر معاشري جي ارتقائي ۽ عارضي مرحلي ۾ ٿيندو آهي، تيئن
اسان وٽ به ٿيو. ابتدائي دور ۾، اردو زبان پنهنجي
”افضيلت“ ڏيکارڻ لاءِ، سنڌي زبان جي حدن ۾ لانگها
به ڪيا ۽ اهڙي طرح سنڌي اخباري ٻوليءَ ۾ خصوصاً،
اردوءَ جا ڪيترائي اڻ ٺهندڙ ڳورا ۽ ناموزون لفط،
داخل ٿيا، جنهن ڪري ڊاهه ڊوهه ٿي. پر وقت گذرڻ
سان، اڳتي هلي، لٿي پٿي اسان کي فائدو ٿيو ڇو ته
اهڙين اوپرن لفظن کي اختيار ڪرڻ يا رد ڪرڻ لاءِ
ڇنڊڇاڻ ٿي ۽ انتخاب ٿيو. ان کانپوءِ وڃي اردو لفظن
جي اوپرائپ ختم ٿي ۽ اسان واري سانچي ۽ گهاڙ ۾
ٺهيا. ظاهر آهي ته ان ڏي وٺ اسان جي ٻوليءَ کي نون
لفظن جو ڪجهه ذخيرو ڏنو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان وڌيڪ
خوشحال ٿي. ان کان علاوه، ٻيو فائدو هيءُ به ٿيو
ته اردو زبان سان چيٽاڀيٽيءَ ۾ اچڻ سبب، سنڌي زبان
کي پنهنجي انفرادي ۽ اصلوڪي حيثيت ۽ خصوصيت ڏيکارڻ
جو به احساس ٿيو ۽ ڪن تحقيقي ذهن وارن صحافين ۽
ٻين شعوري توڙي لاشعوري طور تي ڪيترائي ٺيٺ اصطلاح
۽ لفظ ڳوليا ۽ ڪيترائي ٻيا نوان لفظ، نين معنائن ۽
مضمونن کي سمجهائڻ لاءِ، گهڙيا ۽ ٺاهيا. اهڙا
اصلوڪا ۽ ٺيٺ لفظ ساڳيا ئي موجود هئا پر استعمال ۾
نه آڻڻ سبب، زبان مان ئي ذري گهٽ خارج ٿي ويا هئا.
نوان لفظ ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان ٺهي راس ٿيا هئا.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها حقيقت ۽ تجسس، ڳولا ۽ محنت
رواجي حالتن ۾ ڪونه ٿئي ها. اهو ممڪن ئي تڏهن ٿيو
ڇاڪاڻ جو اردوء سان چٽاڀيٽي ۾ اچڻو پئجي ويو هو.
بهرحال اها ڳالهه زبان جي معاملي ۾ خوش آئينده
هئي. ان ڪوشش سان ڪيترائي نوان لفظ ميدان ۾ آيا ۽
سنڌي زبان ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. مثال طور ”خود-ڪفيل“
جي جڳهه تي ”پاڻ- ڀرو“ اچي ويو ۽ استحصال جي جاءِ
تي ”پر-ماريت“ وغيره. اهي لفظ اهڙا آهن جي ٺيٺ هئڻ
جي باوجود، معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان نهايت
موزون، سهل ۽ ٺهڪندڙ آهن. ان سلسلي ۾، روزانه
”هلال پاڪستان، خصوصاً گذريل حڪومت واري دور ۾،
سرن کي نيون شڪليون ۽ نوان زاويا ڏنا. هونئن ته
عام طرح، سڀني سنڌي روزانه اخبارن جو رول قابل
تعريف رهيو آهي.
اهو حال ته رهيو زبان جي بگڙڻ ۽ بحال ٿيڻ جي باري ۾. پر ان کان
علاوه ٻيو خاص شعبو جنهن ۾ سنڌي صحافت يقيناً ترقي
ڪئي، سو آهي اردو سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب، رپورٽنگ،
فيچر سروس ۽ گيٽ- اپ، اخباري صنعت جي ٻين فني
لوازمات ۽ تبديلين وارن شعبن ۾. اها ترقي ان
تيزيءَ سان، پنهنجي الڳ ۽ انفرادي نموني ۾، شايد
نه ٿئي ها. اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته وسيلن جي
فراواني ۽ ڪجهه اسان کان وڌيڪ تجربي سبب،
(1)
اردو پريس، سنڌي پريس جي ڀيٽ ۾ يقناً اڳتي هئي. پر
مذڪوره چٽاڀيٽي جي ڪري، اسان جي ايڊيٽرن ۽ رپورٽرن
کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي ۽ سنڌي صحافت کي تيزتر اڳتي
وڌڻ ۾، ان طرح هٿي ملي وئي. خوش قسمتي سان، هينئر
حالت اها آهي ته اسان جي سنڌي پريس گهڻي ترقي حاصل
ڪري چڪي آهي ۽ ان جي شهادت ۽ ثبوت طور، اسان سنڌي
روزانه اخبارن جا هر هفتي رنگين ۽ مختلف شعبن سان
تعلق رکندڙ ايڊيشن پيش ڪري سگهون ٿا. گويا سنڌي
اخبارون هن وقت اردو اخبارن سان برميچي سگهن ٿيون.
سنڌي اخبار نويسي ۽ صنعت ۾ روزانه هلال پاڪستان،
بهترين ۽ اعليٰ معيار قائم ڪري چڪي آهي.
تازو روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا چند
قسطوار مضامين ڇپيا جن ۾ هن صاحب سنڌي اخبارن،
رسالن ۽ مخزنن جي لسٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مون کي
ائين آئڙي ٿو ته ڪي نالا اهڙا آهن جيڪي منهنجي ذڪر
بيان ۾ شايد شامل نه ٿي سگهيا هجن، جيئن ته انهن
جو تعلق، منهنجي تجويز ڪيل ٽنهي دورن سان آهي،
تنهنڪري هتي آخر ۾، سندس ئي رٿا موجب، ڏيان ٿو ۽
ٿورو پڻ مڃان ٿو.
الف
آدرش عابد زبيري حيدرآباد
آزادي رامچند موٽواڻي لاڙڪاڻه
آزادي قاضي نظير احمد حيدرآباد
آفتاب محمد سهراب لاڙڪاڻه
آفتاب غلام حسين منگي لاڙڪاڻه
آفتاب مرحوم غلام محمد گرامي حيدرآباد
اخبار وطن ڪريم بخش نظاماڻي ڪراچي
اسان جي منزل محمد سليمان دادو
اظهار محمد مٺل دادو
اظهار محمد انور شاهي دادو
اعلان حق ڪامريڊ نذير حسين بدين
افلاطون اظهر گيلاني سکر
البشريٰ امير احمد حيدرآباد
البرق عبدالرزاق جيڪب آباد
الخير عبدالواحد سکر
الزمان حاجي علي محمد هالا
العباس علي محمد عباسي لاڙڪاڻه
الحبيب سيد قطب شاهه ۽ حبيب شاهه جيڪب آباد
ب
بادل عمرالدين بيدار حيدرآباد
بيوپار دولترام ڪراچي
ت
تاج پاڪستان عمر بلوچ ٽنڊوالهيار
ترجمان غلام محمد گرامي ميرپورخاص
تعمير معمار سنڌي ڪراچي
تندرستيءَ جو گهر آسومل سکر
ٽ
ٽرانسپورٽ گزيٽ انعام الحق ميمڻ حيدرآباد
ٽنڊوآدم گزيٽ ڪوڙومل ٽنڊوآدم
ٽنڊوالهيار گزيٽ ڀڳوانداس ٽنڊوالهيار
ٺٽه گزيٽ غلام حيدر ڪوٽڙي ٺٽو
پ
پاسبان شيخ عبدالعزيز حيدرآباد
پبلڪ پڪار سونا خان بلوچ ڪنڌڪوٽ
پرتاب دوار ڪاداس حيدرآباد
پرجا سماچار آتمارام لعلواڻي سکر
پرواز شيخ عبدالستار ميرپورخاص
پرک سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
پروڙ مظفر حسين شاه حيدرآباد
پڙاڏو شاهنواز حيدري خيرپور
” غلام مصطفيٰ شاهه پير ڳوٺ
پڪار محمد هاشم نواب شاه
پورهيت قمبر ۽ شڪارپور
پنجتني لعل محمد چنه حيدرآباد
ج
جاويد اقبال ترين وغيره حيدرآباد
جاويد قمر حيدري حيدرآباد
جذبات محمد يوسف وغيره شڪارپور
جئه ڀارت هوتچند آسناڻي ميرپورخاص
جئه هند ڪشن گرناڻي نوابشاه
حزب الله مولوي عبدالوهاب وغيره بدين
حقيقت اسلام قاضي عبدالرزاق وغيره ڪراچي
خوبصورت بلا ڀڳوانداس راگهاڻي ٽنڊوالهيار
ڌ
ڌرم اپڪار ڪشن ڀاٽيا شڪارپور
ڌرم پرڪاش تلسيداس شڪارپور
(1)
ڌرم درشن هاسارام روهڙي
ڊ
ڊيلي سنڌ نيوز ٽهلرام پنجواڻي وغيره حيدرآباد
ذ
ذوالفقار اظهر بيگماني گهوٽڪي
” ” ڪراچي
س
سيتاگره بليٽن ڀوڄراج پارواڻي ڪراچي
ستيه سماچار رامچند بچاڻي ٽنڊوالهيار
ستواديه تارا چند گاجرا شڪارپور
سجاڳي نرسيمل سکر
سچائي مهر چند دادو
” محمد مٺل دادو
سچ ڊائجسٽ غلام محمد لغاري ميرپورخاص
سخنور حبيب الله فڪري ڪراچي
سدا بهار پارومل ڪيولراماڻي ڪراچي
سکر گزيٽ بيک چند سکر
سلور اسڪرين مينگهراج وليجا حيدرآباد
سنڌ پنچات ڊاڪٽر گوندارام لاڙڪاڻه
سنڌ ٽربيون منگهارام لالچند لاڙڪاڻه
سنڌ جديد قاضي فيض محمد نوابشاه
سنيهو ڊائجسٽ مرحوم سردار علي شاهه حيدرآباد
سورج پرڪاش حڪيم لکي سنگهه شڪارپور
سيف الاسلام سيد مهتاب علي ٽنڊوباگو
ش
شاعر غلام محمد گرامي
شاهين نظر محمد شڪارپور
شرافت حاجي خان رند ٽنڊوالهيار
شمشير
الاسلام حافظ فضل احمد دادو
ص
صوفي ؟- لاڙڪاڻه
ط
طالب الموليٰ جمع خان غريب سيتا
ع
عالمگير اظهر گيلاني سکر
عدالت فيروز کرل لاڙڪاڻه
عرفان لطيف غلام محمد گرامي حيدرآباد
غ
غازي محمد علي هاشمي
غازي مخدوم غلام محمد ٽنڊو ولي
محمد حيدرآباد
غازي محمد صديق وغيره حيدرآباد
غازي سيد غلام رسول شاهه ميرپورخاص
غالب حاجي محمود هالائي ميرپورخاص
ف
فتح ليلارام ماکيجاڻي حيدرآباد
فرياد ڪوڙو خان ڪنڌڪوٽ
فرياد مزدور فقيرو سوچي لاڙڪاڻه
فيض سنڌ مولوي عبدالغفار صابري گمبٽ
فيض ” ” دادو
ڦ
ڦولستان ٻالڪن جي ٻاري نوابشاه
” بهاري لعل ڪراچي
” ڄيٺانند لعلواڻي حيدرآباد
ق
قلندر سرائي علي گوهر دادو
ڪ
ڪچهري مرحوم ٻيڙو فقير وغيره حيدرآباد
ڪرم وير سچانند نوابشاهه
ڪنيا هندو سوشل رفارم ائسوسيئيشن حيدرآباد
ڪوٽڙي گزيٽ پريتمداس آڏواڻي ڪوٽڙي
ڪوثر اختر هالائي هالا
ل
لاڙ گزيٽ محمد صديق مسافر
لطيف سيد مهدي لاڙڪاڻه
م
ماتا ديپچند نوشهروفيروز
ماتر ڀومي ڪانگريس پارٽي ڪراچي
ماروئڙا لال قادر حدرآباد
مارئي عبدالغفور ميمڻ
مخزن المزارعته بهادر خان کوسو جيڪب آباد
مزدور ماستر دستگير لاڙڪاڻه
مسافر شير سنگهه حيدرآباد
مسلم ايڊووڪيٽ قاضي عبدالرحمان ڪراچي
مطالئه حق مولانا صاحبداد سلطان ڪوٽ
مظهر ايس. آر. علي حيدرآباد
ميراث غلام علي الانه ٽنڊو محمد خان
ن
ناخدا شيخ عبدالرحيم وغيره ڪراچي
نشان راه محمد عظيم مهر سکر
نقاش عبدالخالق آزاد لاڙڪاڻه
نوجوان اياز قادري لاڙڪاڻه
نيا سنسار شيوانند سيوڪرام نوابشاه
و
وحدت غلام احمد نظامي ڪراچي
وزارت خير محمد نظاماڻي حيدرآباد
وطن مقبول احمد حيدرآباد
وطن خدمتگار ڊاڪٽر گوبندرام لاڙڪاڻه
هه
هردل عزيز حڪيم دوست محمد نئون ديرو
هلال عبدالڪريم سعدي ٽنڊوالهيار
هلال سنڌ حسين بخش وغيره حيدرآباد
” ص- م- بلوچ ڪراچي
هلچل ڪامريڊ لکانو حيدرآباد
هندستان ايم- آر- سائينداساڻي حيدرآباد.
”ڌرم
وير“ سکر مان ڀائي امرداس ڪڍندو هو.
|