سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 9

-8-1951ع منشي ڪم ڪرڻ تي ڪر ڪر ٿي ڪئي ته هي ڪم ڪريان، هي نه ڪريان؛ اسان جي ٻئي ڇوڪري سان ريس ٿي ڪيائين ۽ چيائين: ”هو پگهار به وڌيڪ ٿو وٺي ۽ ڪم به ٿورو ٿو ڪري؛ ائين ڀلا ڇو آهي؛ مون کان ڇا ۾ وڌيڪ آهي؟ اسان ٻاوا ماڻهو اچي ڪمن ۾ ڦاٿا آهيون!“

سام کيس چيو: ”اهڙو سوال سلطان محمود غزنوي کان سندس اميرن هڪ ڀيري پڇيو هو. چون ٿا ته بادشاه محمود غزنوي پنهنجي ٻانهي اياز تي عاشق هو؛ اياز رنگ جو ڪارو ۽ ڪوجهو هو؛ اميرن وزيرن گڏجي بادشاه کي عرض ڪيو ته جيئندا قبلا! اياز هڪ ٻانهو آهي؛ اسين وزير ۽ امراءَ آهيون؛ تڏهين به اياز جي ڳالهه اسان کان مٿي سمجهي وڃيٿي؛ اسان ۾ جيڪا گهٽتائي آهي ته ان کان اسانکي واقف ڪرڻ فرمايو! سلطان وراڻيو ته ان سوال جو جواب توهان کي وقت سر ملندو.

”ڪجهه عرصي پڄاڻان، جڏهن سڀني کان اها ڳالهه وسري ويئي، بادشاه حڪم ڏنو ته عام ماڻهن جي وندر لاءِ هڪ وڏي نمائش (Exhibition) شهر کان ٻاهر ٺهرائي وڃي، جنهن ۾ سڀ قسم جون بازاريون، هنر ۽ وندر جا گهر موجود هجن. پوءِ هڪ ڏينهن بادشاه شڪار تي نڪتو؛ سندس امير امراءُ به ساڻس گڏ هليا. انهن کي چيائين ته جڏهن ڪو جانور جهنگل مان نڪري ۽ مان ان جي ڪڍ پوان تڏهين توهان گهوڙا کڻي جهلجو؛ جئن گهڻي گوڙ ۾ شڪار ڀڄي نه وڃي؛ پر جي سج لٿي تائين مان نه موٽان ته پوءِ فڪر ڪجو.

 ”جئن هڪڙو جانور نڪتو تئن بادشاه گهوڙو سندس پٺيان لاتو. امير ۽ نوڪر بيهجي ويا؛ سج لهي ويو  پر بادشاه واپس نه آيو. پوءِ سڀ پيرو کڻي بادشاه جي ڳولا لاءِ نڪتا ۽ اچي ان نمائش واري اميدان تان لانگهائو ٿيا. ڀر سان اچڻ تي رنگين روشنيون ڏٺائون ۽ سريلا آواز ٻڌائون؛ صلاح ڪيائون ته هاڻي هت آيا به آهيون ته هيءَ نمائش اڳو پوءِ ڏسندا هلون. اُتي هر هڪ پنهنجي وندر ۾ لڳي ويو. ڪو کائڻ پئڻ ۾ ته ڪو ناچ گاني ۽ تماشي ڏسڻ ۾ وندرجي ويو؛ وقت گهڻو گذري ويو ۽ اچي صبح ٿيو؛ هوڏانهن اياز پنهنجي يار (بادشاه) جو پيرو کڻندي وڃي محلات ۾ پهتو؛ هن نمائش ڏي اک کڻي به نه ڏٺو! صبح جو جڏهين امير ۽ ٻيا نوڪر محلات ۾ آيا ته اياز کي بادشاه وٽ ڏسي ڏاڍو شڪي ٿيا. بادشاه کين چيو ته واهان جيڪو سوال پڇيو جو تنهن جوجواب اوهان کي اڄ ملي ويو.“

پوءِ سام منشي کي چيو: ”هو ڇوڪرو ٻارهن سالن جي ڄمار کان سر جي سٽي ڪري بيٺو آهي؛ اهنجا سهنجا وقت گڏ گذاريا اٿس؛ ان سان اسين ڪم جا ڪهڙا ليکا ڪريون؟ توکي به جيڪو ڪم نه وڻي سو نه ڪر؛ اسين پاڻ ڪنداسين.“

سام وڌيڪ چيو: ”هن اياز واريءَ ڳالهه مان فقير سٺو مطلب ڪڍندا آهن. جنهن خالق جي ڳولاءِ ۾ هت آيا آهيون ان کي ڇڏي سنسار جي بازار ۾ گهڻا ڀلي وڃن ٿا. مگر اياز سچا اهي آهن، جي زندگيءَ جي هر ڳليءَ ۾ سندس پيرو جاچن ٿا ۽ آخر وڃي ان محلات کي پهچن ٿا، جتي محبوب جو واسو آهي.“

ان ڳالهه کان پوءِ مون سام کي چيو: ”اياز جو لقب ته منلوءَ کي (مونکي) مليل آهي؛ هاڻي وري هن ڇوڪري کي اياز بڻايو اٿو ڇا؟“

سام چيو: ”اسين سڀ اياز ٿي وڃون ته چڱو نه!  تو ته اياز جي ريت اڳ ۾ ئي سکي ڇڏي آهي!“

***

 

 

اسان جي پراٿنا ۾ هڪ ڇوڪرو امر نالي ايندو آهي. ڪالهه هن پنهنجو ٺاهيل راڳ ڳائي ٻڌايو. سندس راڳ ۾ گهڻي اپٽار هئي؛ سٺا وڻندڙ رواجي ۽ ڀرمي خيالن سان گڏيل هئا. راڳ ڳائي پڇيائين: ”سائين! توهان کي وڻيو؟“

سام چيو: ”پراڻن ۾ يم راجا جي سونهن جي پرشنسار ٿيل آهي. ’شوم سندر‘ انهن ٻن اکرن ۾ ڳوڙهي معنيٰ رکيل آهي. اتپتيءَ جي اصول سان گڏوگڏ شوشڪتي يعني سنگهار ڪرڻ واري شڪتيءَ جي به ضرورت آهي. ان سنگهار ڪرڻ واريءَ شڪتيءَ کي ’سندم‘ چئي ڇو ٿو ساراهيو وڃي؟ سبب هيءُ آهي ته ان کان سواءِ هيءَ اتپتي وڌي وڌي جيڪر ڪني ۽ ڪوڙهي ٿي پوي؛ منجهس نه صفائي، نه خلاصگي نه آزادگي ۽ نڪا سونهن رهي؛ اسين سڀ جيو، پکي، حيوان ۽ انسان وغيره ڏٻرا ۽ بد زيبا ٿي پئون. پر اتپتيءَ جي مددگار سنگهار ڪرڻ واري شڪتي آهي جا سرشٽي کي صاف ۽ سندر بڻائي ٿي. ليکڪ يا شاعر لاءِ پڻ اهو ضروري آهي ته پينسل ۽ پني سان گڏ پاڻ وٽ اها سنگهار ڪرڻ واري قئنچي پڻ رکي! اُها سندس لکڻيءَ کي وڌيڪ سندر ۽ صاف بڻائيندي.“

***

 

 

2-8-1951ع اسانجي ننڍڙي منڊليءَ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي. ’منڊلي‘ به ڪا خاص مقرر ڪانه آهي. پر ٿورا ماڻهو مڙيوئي اچي سنگ ۾ گڏبا آهن. مان جڏهين بيمارن کي ٻين گهرن ۾ ڏسڻ ويندو آهيان يا ڪن ساهيڙين، واقف ڪارن سان ملڻ ويندي آهيان. تڏهين اهو خيال ايندو اٿم ته ماڻهو ڇو گهرن ۾ منجهيل ۽ بي مزي رهن ٿا؟ انهيءَ سوال جو جواب مان ٻين لاءِ ڏئي نٿي سگهان، مگر ايترو سمجهندي آهيان ته مونکي پنهنجي گهر ۾ سچو آنند آهي؛ هميشه ڇِڪ رهندي اٿم ته ٻاهران ڪم جلد لاهي؛ گهر موٽي وڃان. اڄ وري اهو خيال من ۾ پيدا ٿيو ۽ سام کان پڇيم: ”مون کي ڇو پنهن جي ننڍڙي گهر ۾ ايترو آنند ملي ٿو؟“

سام چيو: ”اهو آنند تنهنجي من ۾ سمايل آهي جو پاڻ ارپن ڪرڻ مان پيدا ٿئي ٿو. جيئن خوشبو واري هرڻ کي اها خبر نه پوندي آهي ته خوشبوءِ ڪٿان ٿي اچي جيتوڻيڪ اها سندس ناف ۾ لڪل رهندي آهي، تئن توکي به سڌ نه آهي ته اهو پريمانند تو ۾ ئي سمايل آهي.“

مون چيو: ”جي ائين هجي، يعني آنند منهنجي من ۾ سمايل هجي ته اهو جيڪر جتي ڪٿي مونکي معلوم ٿئي؛ خاص جو منهنجي گهر ۾ مونکي معلوم ٿئي ٿو، تنهن جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟“

سام مشڪي چيو: ”تنهنجو گهر هڪ ننڍڙي آشرم آهي. جتي ست سنگ جاري آهي اُتي آنند جو واسو آهي. هي ڳائڻ بجائڻ ۽ صبح و شام ڪٿا ڪرڻ تنهن مان ڀلا آند ڪيئن نه پراپت ٿيندو! حقيقت ۾ اهي نيم اسان جي آئينده واري آشرم جو بنياد آهن. آشرم ڪن پٿر جي ڀتين يا لوهه جي دروازن کي ڪين چئبو آهي، مگر انهيءَ آنند روپي روحاني زندگيءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڀڪتي، گيان ۽ شيوا سمايل هجن.“

3-8-1951ع اڄ اسان جو دوست صوفي صاحب جئن مٿي آيو ته سام کي چيائين: توهان جي ڏاڪڻ مان بدبوءِ ٿي اچي.“

پوءِ اچي منشي تي مٽيو ته اها غلاظت تو ڪئي آهي مان جڏهين اسپتال مان گهر موٽي آيس ته منشي مون کي روئي دانهن ڏني. چيائين: “ممي! ماستر صاحب (صوفي صاحب) پيو مونکي گهٽ وڌ ڳالهائي ته دادا (سام) ويٺو چپ ڪري ٻڌي؛ هنکي ڪجهه به نه چيائين! مون کي دادا جو ڏاڍو ڏک آهي!“

تڏهين مون منشي کي ٻڌايو ته اسين جڏهين طيب ۾ رهندا هئاسين تڏهن صوفي صاحب هڪ لڱا مون تي به اچي مٽيو؛ ڪوبه اڌڪار ڪونه آهي؛ هن مهل ئي ٽپڙ کڻي هليا وڃون ته چڱو! مون سام ڏانهن گهڻو نهاريو پر هن ڪجهه نه ڪڇيو؛ جڏهين صوفي صاحب پنهنجي گهر موٽي ويو، تڏهين مون کي سمجهايائين ته سندس چيو دل ۾ نه ڪر؛ پاڻ هل ته سندس گهر هلون ۽ سندس غلط فهمي دور ڪري اچون. پوءِ مون کي سندس گهر وٺي ويو. توکي به شايد ائين ئي چوندو ته صوفي صاحب کان معافي وٺ!.

 منشي عجب ۾ پئجي سام کان پڇيو: ”سائين، ائين ڀلا ڇو؟ ڳالهائي به صوفي صاحب ۽ وري گهر به انجي توهان وڃو!“

سام وراڻيو: ”اهي ويرو روڌ زماني وارا رکندا آهن؛ اسان فقيرن لاءِ نه آهن. صوفي صاحب برابر انوقت غلط خيال هيٺ هيو، مگر هڪ ته هو منهنجو جهونو دوست هو، ٻيو وري پنهنجي گهر ۾ آيو هو؛ پر وڏي ڳالهه سڀ کان اها هئي جو هو جوش ۾ هو ۽ جوش واري سان ليکو ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. غصي ۾ آيل انسان سان همدردي ڪرڻ کپي. مونکي خاص طور صوفي صاحب سان اهو ويڇو رکڻ نه ٿي وڻيو؛ منهنجي پريم مون کي مجبور ڪيو ته مان ئي وٽس وڃي سڀ ويڇا دور ڪري ڇڏيان ۽ ڪرائيسٽ جي لفظن ۾ ’سج جهيڙي تي لهڻ ڪين ڏيان. ان ڪري اسين وٽس وياسون ۽ نتيجو به اهڙو ئي سٺو نڪتو پنهنجي دوست کي هميشہ واري خوش خيال ۾ ڇڏيوسون ۽ اسان جي دلين مان به غير نڪري ويو؛ جلدئي هو پاڻ سان کي ...... چائڻ لڳو.“

سام چيو: اهڙو هڪ ٻيو مثال به ياد اچي ٿو جيتوڻيڪ انهي واقعي ۽ اڳين واقعي جي وچ ۾ ڪا خاص ڀيٽ ڪانه آهي ...... ... .... وقت ريلوي ٽرين ۾ ٻه انگريز ۽ هڪ هندستاني مليٽري آفيسر هڪ ڀيري گڏ ويٺا هئا. منهنجو سامان پورٽرجئن ئي گاڏيءَ ۾ رکيو ته انگريز آفيسرن مان هڪڙو جوش ۾ اچي ويو ۽ اڻ سڌي طرح مونکي گاريون ڏيڻ لڳو؛ ديسي آفيسر چپ ۾ رهيو؛ هن انگريز آفيسر ڪيترو وقت ويٺي خراب اکر ڪڍيا. مون اکيون بند ڪري ويٺي سندس مزيدار ٻوليون ٻڌيون. جڏهن ڪراچيءَ پهتاسين، تڏهن مون وڌي وڃي هنکي هٿ ڏنو ۽ سندس ’گارين‘ ۽ ’ڪرستاني هلت‘ لاءِ شڪر گذاري مڃي، هو اهڙو ته پشيمان ٿيو جو اکيون کڻي هيٺ ڪيائين؛ اهو ديسي آفيسر ڄڻ فخر وچان مون ڏانهن نهارڻ لڳو.“

سام منشي کي چيو: ”هن حالت ۾ شايد ڏوهه توڏانهن هجي ۽ گند ڏاڪڻ ۾ برابر توئي رکيو هجي. پر جي تون سچ پچ بي قصور آهين ته هيءَ ملامت ماٺ ۾ سهڻ، هڪ روحاني ورزش ڪري سمجهه!“

***

 

 

4-8-1951ع منشو اڄ اوچتو اچي مٽيو؛ ڪجهه مخوليءَ ۾ ته ڪجهه مجهولي ۾، سام کي چوڻ لڳو: ”سائين واهه جو فقير بڻيا آهيو! وڃون ٿا ته ڪنجون به پاڻ سان کنيو ٿا وڃون؛ هيڏانهن هوڏانهن پئسا اچن ته ريڙهي کڻي ٿا ٽجوڙ ۾ وجهو؛ توهان جو دوست صوفي صاحب به سڄو ڏينهن ٻارن ٻچن ۽ مينهن جي سنڀال ۾ غرق آهي. باقي ٻاون کان گهٽ ڪهڙي ڪئي اٿو، جن تي نڪته چيني ڪندا آهيو؟“

سام چيو: ”ڀائي سچ ٿو چوين! اها ڪا مخولي نه آهي ڪُنجون، کڻڻ انهن سان گڏ چنتائون رکڻ، سو حقيقت ۾ فقير جو ڪم نه آهي، پر مجبوريءَڙ طور ائين ڪرڻو پوي ٿو.

منشو اڃا به ڪين مڙيو ۽ چيائين: ”مجبوري ............ آهي! توهان فقط مال و متاع جو موهه ڇڏيو.“

سام چيس: ”تو وري وري پئي انهيءَ ڳالهه کي ....... آهي. تنهن ڪري ويهه ته اڄ توسان ڳالهيون ڪريون. پهرين ته چوڻ واري کي پاڻ پنهنجي ڳالهه عمل ۾ آڻڻ گهرجي،........؟“ منشي چيو: ”برابر!“

سام چيو: ”چڱو هاڻي ٻڌاءِ ته تو وٽ قميصون گهڻيون آهن؟“

منشي چيو: ”اَٺ، ڏهه آهن.“

سام چيو: ”انهن مان هڪڙي هن غريب پخاليءَ کي ٿا ڏيون!“ ۽ ٻي ڇوڪري کي چيائين ته منشي  جي پيتي کڻي اچو.

منشو پهريائين ته روئڻ جهڙو منهن ڪري پيو نهاري؛ آخر چئي ڏنائين: ”پنهنجا به ڪپڙا ڏيو ته مان به قميص ڏيندس.“

مون اتي کيس چيو: ”سام ٻه ٽي ڀيرا پنهنجا ڪپڙا سڀ ڏيئي ڇڏيا آهن. اهي ٿورا به مون زوريءَ بچايا هئا. ڏس متان اتي به هارائي ويهين!“

پوءِ سام منشي کي چيو: ”هاڻي ٻڌاءِ ته پئسا جيڪي اچن ٿا سي ڇا ڪريون؟ توکي ڏيون يا ٻين کي ونڊي وراهي ڏيون؟“

منشي چيو: ”آشرم جون ڳالهيون جو ڪندا آهيو؛ انهيءَ تي ڇو نه ٿا پئسا ڪتب آڻيو؟“

مون کيس چيو: ”اها ڳالهه به تنهنجي منظور آهي ۽ اسين به ان لاءِ ٿا گڏ ڪريون؛ باقي ٻڌاءِ ته هي ڪنجون اڳتي ڪير رکي.“

منشي چيو: ”برابر مان يا ٻيو ڪو هت سنڀالي ڪونه سگهندو؛ توهان به اسپتال جي ڪم ۾ قابو آهيو.“

سام کيس چيو: ”پوءِ باقي اسان تي ڪاوڙ ڇو ٿي ڪيءِ؟ ڀلا پنهنجي وڏي ٻائي کي به ائين چئي سگهندو هئين؟“

ان بعد هو سام جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو: ”سان توهان مان پيار مان مخولي ڪندو آهيان. مونکي سچ پچ ڪا شنڪا ڪانه آهي.“

سام کيس آخر ۾ چيو: ”هي ڪم ڪاريون جدا جدا وقتن تي ڪڏهن ننڍا، ڪڏهن وڏا، انسان کي مالڪ جي طرفان سپرد ٿين ٿا. انهن جي ننڍائي يا وڏائي جو خيال اسانکي رکڻو نه آهي. مگر هلڪا ۽ ڳرا ڪم سڀ ساڳئي پريم سان ڪرڻ جڳائن. شايد ننڍن ڪمن ۾ ايمانداري ۽ صفائي ڏيکارڻ وڌيڪ اهنجو ۽ اثرائتو ساڌن آهي، ڇا لاءِ جو انهن ۾ پبلڪ جي طرفان ڪا پٺڀرائي يا خوشامند ڪانه ٿي ٿئي ۽ انهن ننڍن ڪمن ۾ تِر تِر جي سنڀال پاڻ کي ڪرڻي ٿي پوي. هڪ گهر هجي. هڪ شهر هجي، هڪ آشرم يا هڪ ملڪ جي سنڀال سپرد ٿيل هجي، فقير کي نِر موهه تي هڪ ئي نموني پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به ڪم سان ايترو سيهه نه رکڻو آهي جو ان جي ڦل جي ترشنا هڪ حرص بڻجي پوي. نفس بادشاهن، قوم جي اڳواڻن، سنتن فقيرن يا گهرو زندگيءَ وارن جو ساڳيوئي دشمن آهي؛ انجي لڙائي ۾ سوڀ پڻ ساڳي خوشي بخشي ٿي، چاهي ڪهڙي به ميدان ۾ اُنسان لڙجي. راجا جنڪ جو مثال دنيا جي تواريخ ۾ پرسڌ آهي؛ راڄ ۽ گدي هن امانت ڪري سمجهيا؛ اسان کان هزار ڀيرا وڏا ڪاروبار ٿي هلايائين تڏهين به منجهس ممتا پيدا نه ٿي. مطلب ته انسان سان پنهنجوئي نفس وڙهي ٿو ۽ نه دنيا يا ڪپڙا يا ساز و سامان جي گهڻائي. انسان جي دل هڪ ٻيڙي مثل آهي؛ جي ٻيڙيءَ کي ٽنگ ٿيندو ته ٻڏندي، پر جي ممتا جو ٽنگ ٿيڻ ئي نه ڏبو ته درياهه جو پاڻي انکي ٻوڙي نه سگهندو.“

***

 

 

سام پنهنجي حياتي جا آزمودا ٻڌائيندي چيو: ”جڏهن مان هت هوندو آهيان، تڏهين گهرجي ڪم ۽ سڀني جي اٿڻ ويهڻ تي پوري نظرداري هوندي اٿم. پر جڏهين ٻاهر نڪرندو آهيان تڏهين هتان جي ڳالهين کان ايترو پري ٿي ويندو آهيان جو ڪي ڳالهيون ته صفا وسري وينديون اٿم. هتان جي ڪمن جي چنتا اصل ڪونه رهندي آهي. توهان کي انهن جي باري ۾ جو ڪجهه لکندو آهيان سو به ڪوشش سان ياد ايندو اٿم تازو بمبئي ۾ ڇا ٿيو جو اسانجي وچين ڇوڪري هيروءَ کي پوني اڪيلو موٽي وڃڻو پيو. ان وقت ٻيا سڀ ڀاتي بمبئي ۽ رهيل هئا. مون زور لاتو ته ساڻس ڪو گڏجي وڃي ڇاڪاڻ جو هو ننڍو آهي؛ اڪيلو گهر ۾ ڪيئن رهندو! تڏهين ٻين کي عجب لڳو ۽ پڇيائون ته اهو انتظار هتي ڏيکاريندا آهيو يا  پرپٺ به ٻارن جي ايتري اون رکندا آهيو؟ مون پاڻ ان ڳالهه تي کلي ڏنو؛ منهنجي هلت برابر عجب جهڙي هئي ڇا لاءِ جو سال ۾ هڪ يا ٻه مهينا مس ٿو ٻارن وٽ رهان؛ ان مهيني ڏيڍ ۾ ڪهڙي ٿو سندس ديکڀال ڪري سگهان! عام طرح ماڻهو جيڪو ائين چوي ته جتي ڏهه يارهن مهينا پنهنجي مرضي تي ٿا گذارين اتي گڏ وارو عرصو به ڀل، جئن وڻين پيا هلن. مگر اهو منهنجو سڀاو آهي ته جيڪو ڪم،: جنهن وقت، منهنجي سامهون هوندو آهي، انجي لاءِ مان سڀ اپاوَ وٺڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان، چاهي جو اها خاطري هجي ته ان سان منهنجو سڀاڻي کان وٺي ڪوبه واسطو ڪونه رهڻو آهي.“

ان باري ۾ هڪ انگريز آفيسر جو مثال پڻ سام ٻڌايو: ”هو ڪراچيءَ ۾ فقط ٽن هفتن لاءِ ٻئي مليٽري آفيسر جي جاءِ تي مقرر ٿي آيو؛ اها ڊيوٽي پوري ڪري، ٽن هفتن بعد ايندڙ جهاز تي هو واپس ولايت وڃڻو هيو؛ اهي ٽي هفته هو انهيءَ آفيسر جي بنگلي ۾ اچي رهيو جنهن جو شايد پورو واقف به نه هو. اسان کيس بنگلي جي باغ ۾ ڪم ڪندو ڏٺو؛ حقيق پاڙان ڪڍي نئين سر پيو ويهاري. منهنجي دوست کائنس پڇيو: گل ئي ڪونه هيءَ تڪليف ڇا لاءِ پيا وٺو؟ توهان جي وقت ۾ ته هي ٻوٽا ڪندا! هن آفيسر کلي چيو: منهنجي اها وضع آهي ته مان جتي رهان ڪوشش ڪري انهيءَ جاءِ کي اڳي کان ڪجهه وڌيڪ سندر بڻايان!“

***

 

 

6-8-1951ع منشو ڪڏهين ڪڏهين پنهنجي مستاني هلت سان اسانجي خيال کي چڱيءَ پر جاڳائيندو آهي. ڪالهه چيائين ته مونکي پاڻي ڀريندي شرم ٿو اچي؛ مان ٻائو ٿي هن شهر ۾ رهيو آهيان؛ مون تي ماڻهو کلن ٿا. ان ڪري مون منشي کان دلو وٺي، نل تان پاڻي ڀري پاڻ گهر آندو. سام کي ڄڻڪ هڪ پراڻو ساڌن ياد اچي ويو؛ اُهو به دلو کڻي، هيٺان ڀري خوشيءَ مان مٿي تي کڻي آيو. اسانجو مطلب منشي کي شرمائڻ جو نه هو، مگر هي اسانجو نشچو آهي ته هٿ جي ڪم کان عار نه ڪجي. اِهي ڪم نه فقط صحت لاءِ پر اسانجي آتمڪ اڌار لاءِ ضروري آهن.“

مونکي ياد ڪندي فخر پيو ٿئي ته طيب ۾ پنهنجي ۽ سام جي مهمان خاني جي ماني پاڻ ڪندي هيس. پريئر روم جي صفائي ۽ خاص ڪري سام جي ڪمري جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ پاڻ ڪرڻ وڻندو هيم. سام اڃا به چرچي ۾ چوندو آهي ته ڪموڊن (Commodes) صفا ڪرڻ جي ڪم ۾ هندستان ۽ پاڪستان اندر تو جهڙو هوشيار ڪو ورلو هوندو! هو پاڻ به اهڙن ڪمن ۾ هٿ ڳنڍائيندو آهي. صوفي صاحب ڳالهيون ڪندو آهي ته سام سان گڏ شهر جو گند گار ميڙي رستن جا رستا صاف ڪري ڇڏيندا هئاسين. اڄ مونکي اهو خيال ڪندي بيحد خوشي ٿي ٿئي ته اسين اڃا ساڳيا آهيون ۽ وري هڪ ڏينهن پنهنجي نئين آشرم ۾، هنن ڪمن کان آجا ٿي، اهڙا نيم تن ۽ من جي صفائي جا پوريءَ طرح اختيار ڪنداسين. منهنجي ته اهڙن ڪمن سان، جن کي ماڻهو نيچ سمجهن ٿا، خاص پريت ٿي ويئي آهي. اڄ منشي جا ڦريل خيال ڏسي مون سام جي جُتي به پاڻ صاف ڪئي.“

سام چيو: ”ائين به ٺيڪ ناهي؛ تون ڊاڪٽر آهين؛ جُتُين ۾ ڪئين جيوڙا ٿي سگهن ٿا، تون انهن کي هٿ نه لاءِ؛ جي منشو اهو ڪم پسند نه ٿو ڪري ته مان پاڻ تي هموار ٿو ڪريان.“

مون چيو: ”مونکي اها خاطري آهي ته هن مان ڪوبه نقصان نه ٿيندو؛ بلڪ منهنجي دل کي گهڻي راحت ملي ٿي.“

سام ڪجهه وقت ماٺ ۾ رهي چيو: ”عشق بادشاه آهي جو ڊاڪٽرن کان چمارن جا ڪم ٿو ڪرائي؛ پريم تي ڪوبه ٻنڌن ڪونه آهي!“

اتي منشو وڏي صدق ۾ اچي ويو ۽ خواه مخواه ڪَن ڪوشيون ڪرڻ لڳو. از خود ڳوڙها ڳاڙيندو ڪيتري دير تاءِ انهيءَ نموني سڪ جو ساڌن ڪندو رهيو!

***

 

 

7-8-1951ع اڄ صبح جو گرڌاري جئن رستي تان لنگهيو ته اتي هڪ ٽوڪرو ڏٺائين جو ڪنهن گاڏيءَ تان شايد ڪري پيو هو. اُهو کڻي گهر آيو؛ چيائين مالڪ ڪوبه نظر ڪونه آيو تنهن ڪري ٽوڪرو کڻي آيس. ٽوڪري کي هڪ ننڍڙو سوراخ هو جنهن مان ڏٺم ته منجهس کارڪون پيئون هيون. اڃا مون هڪڙي کارڪ کڻي کاڌي ٿي ته سام پري کان منع ڪئي؛ چيائين: ”پرائي شيءِ متان کائو! هيءَ پاڻ تي هڪ قسم جي جوابداري کنئين اٿو. هاڻي انهيءَ جو مالڪ ڳولڻو پوندو. ٿوري ملهه واري شيءِ ڏسي ائين نه چوڻ گهرجي ته ڪير ويٺو ڳولا ڪري؛ تنهن ڪري پاڻ ٿا کائي ڇڏيون! پرائو لک هجي يا ڪک، ان جي تڳائڻ جو ساڳيوئي پاپ آهي. پر جنهن صورت ۾ هيءَ شيءِ جلد ڪني ٿي سگهي ٿي، تنهن صورت ۾ شام تائين مالڪ کي ڏسو. پيدا نه ٿئي ته صبح  جو وڪرو ڪري اُهي پئسا ان مالڪ لاءِ رکي ڇڏيو يا ڪنهن ڌرمائو ڪم ۾ لايو.“

منشي چيو: ”ممي! جي هن ٽوڪري ۾ لک يا ڏيڍ جا نوٽ پيل هجن ها ته پوءِ به جيڪر موٽائي ڏيو ها؟“

مون کيس چيو: ”ڪنهن غريب جي ڪمائي تڳائڻ وشٽا کائڻ برابر آهي.“

گرڌاريءَ چيو: ”ڀلا جي ڪنهن غريب جي هڏ جي ڪمائي نه هجي ۽ ڪنهن لوڀي دنيادار جو مال هجي؟“

مون سام ڏانهن ڏٺو ۽ سندس رايو پڇيو؛ سام کلي چيو: ”اسان جي ملڪ ۾ اڃا ڪميونزم ڪونه آيو آهي! تنهنڪري ضرور مالڪ کي ئي موٽائي ڏيڻ گهرجي. ان شاهوڪار کان ڪنهن ڌرمي ڪم لاءِ پئسا وٺي سگهجن ٿا؛ مگر پراوا پئسا هڙپ ڪرڻ هر حالت ۾ پاپ آهي.“

منشي چيو: ”سائين ائين پئسو موٽائي ڏيڻ اهنجو آهي! چئجي ٿو پر جي سچ پچ پئسا هٿ اچن ته جيڪر توهين به چئو ته ٺهيو پنهنجي آشرم لاءِ رکي ٿا ڇڏيون!“

سام وراڻيو: ”پوءِ اها آشرم هڪ چورن جي پاٿاري ٿي پوندي. آشرم ۾ جيڪي رهندا، اهي به ته ڏسندا ته اسانجو گرو ڪٿان پيو ڌن آڻي! جنهن جي بنياد ۾ ڪچ ڀريل آهي، اُها عمارت جٽاءُ ڪيئن ڪندي؟“

تنهن بعد سام پنهنجي حياتيءَ جا ڪجهه تجربا ٻڌايا؛ چيائين: ”لک نه ته به هزارن جون رقمون پرائو حق سمجهي مون پاڻ در کڙڪائي وڃي بي گمان مالڪن کي پهچائي ڏنيون. جيتوڻيڪ ان وقت مونکي پئسي جي گهرج هئي. مونکي اهڙي گهرج گهڻا دفعا پيئي آهي، پر مالڪ اهڙو مهربان آهي جو انت گهڙيءَ اوچتو ڪو دروازو کولي ڇڏيندو آهي؛ پنهنجي گهرجن لاءِ انهيءَ داتار جي در تي وڃو؛ ٻي جي مال مان ڇا ورندو؟“

***

 

 

اڄ سام منشي کي روزانه ڪم بنسبت ڪي هدايتون ڏنيون مگر هن پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو ۽ اٽڪل ڪري اهڙو لِڪ رکي ويو، جئن ڪنهن کي خبر ئي نه پوي ته ڪهڙو ڪم رهيل آهي. سام هن کي گهڻو ڇينڀيو ۽ چيائينس ته ٻائو ٿي ڪري تون اهڙا ڪوڙ ڪرين، سا خراب ڳالهه آهي. منشي انڪري ماني ڪونه کاڌي. پوءِ سام اُٿي کيس ماني کارائي؛ ۽ کيس هن ريت سمجهايائين: ”هي ڇينڀڻ پڻ پيار جو هڪ نمونو ڪري سمجهه؛ قانون جي سختي نيم جي پڪائيءَ لاءِ آهي؛ گناه جو اندازو ننڍي يا وڏي ڪم سان لاڳاپو نه ٿو رکي، مگر خيال ۽ ارادي سان ڪيتريون ڳالهيون جيڪي عام طرح خسيس سمجهيون وڃن ٿيون، انهن مان انسان جي اندر جي وڌيڪ خبر پوندي آهي. وڏيون ڳالهيون انسان ساوڌان ٿي ڪندو آهي مگر ننڍڙين ڳالهين مان سندس سچو پچو سڀاو ظاهر ٿيو پوي؛ هي ننڍڙا ڪم جيڪي اسين سوچ ويچار بنا ڪريون ٿا سي اسانجي ڀاونا جا گويا چغل آهن. گناه ڀاونا جي تارازيءَ ۾ توربو آهي. انڪري ڪڏهن ڪڏهن قانون خود گناه معاف ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن گناه جي پٺيان ڀاونا بري نه هوندي آهي. تو انهن سنهين ڳالهين لڪائڻ ۾ بري ڀاونا رکي، تنهن ڪري اهو وڏو گناه آهي.“

***

 

 

طيب ۾، ڪارخاني جا نوڪر جيڪڏهن چوريون يا ڪي خطائون ڪندا هئا ته سام هروڀرو ايترو ناراض ڪونه ٿيندو هو. مگر جن کي هو ڪنهن نموني پنهنجو سمجهندو آهي انهن کان جيڪڏهين ٿوري به غلطي ٿي ويندي آهي ته هو گهڻو دکي ٿيندو آهي. ان ڪري منشي تي ڪاوڙ مڙيوئي پيئي ٿئيس جو منشي کي ٻارن وانگر ڀائيندو آهي. اڄ منشي هڪ ننڍڙي چوري ڪئي؛ پهريائين ته ڪونه باسيائين پر مون آتر سان کائنس پڇيو، پوءِ باسي ڏنائين؛ سام دک مان چيو: ”ڀائي! ڪوڙ زهر اٿو! ڪوڙ کي دل مان ڪڍو نه ته حياتي سڄي زهر ڪري ڇڏيندو! اهڙي نموني ڀلا آشرم ۾ ڪيئن هلنداسين؟“

مون سام جو دک سمجهيو؛ مونکي ڪجهه انتظار ٿي پيو. ٿوري دير بعد جڏهين گهمڻ نڪتاسين تڏهين مون سندس ٻانهن پڪڙي چيو: هي ”جيتامڙو“ ته گهٽ ۾ گهٽ آشرم ۾ ضرور هلندو! ڏک نه ڪريو!

سام کي اکين ۾ ان وقت ڳوڙها هئا ۽ چيائين: ”ٻه اسان؛ ٽيون رام اچي اسانجي آشرم ۾ ويهندو!“

***

 

 

9-8-1951ع ڪن دوستن اسان وٽ گڏ ٿيڻ لاءِ ٻڌر جو ڏينهن مقرر رکيو آهي. گذريل ٻڌر تي صوفي صاحب (مسٽر ڌڻي بخش) هڪ هندو ڊپوٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيا ٻه ڄڻا آيا.

مون صوفي صاحب کان پڇيو: ”هن نموني وقت مقرر ڪرڻ اوهانکي ٺيڪ لڳي ٿو؟“

صوفي صاحب وراڻيو: ”صوفيءَ جو سڀ ۾ سئر آهي؛ هي به هڪڙو صحبت جو نمونو آهي.“

مون پڇيو: ”جي صوفيءَ جو سڀ سئر آهي ته روح رهاڻ لاءِ وقت ۽ وشيءِ مقرر ڪرڻ جي صوفيءَ کي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇو نه جڏهين وڻيس تڏهين خيال جي ملڪ ۾ سئر ڪري؛ جڏهن دل گهريس تڏهين ٻولي؟“

سام چيو: ”هن ميٽنگين جو طريقو برابر مصنوعي پيو لڳي، پر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به وقت جون اهڙيون ئي پائيبنديون آهن. هي به هڪ ڪلاس ڪري سمجهون، پر سوال هي آهي ته اسان جي سڀاو وارن ماڻهن کي هن ڪلاس هلائڻ جي پائيندي رکڻ جڳائي يا نه؟ هينئر شروع ڪيو اٿو ته هلڻ ڏيوس جيستائين هلي سگهي، جنهن کي ڇڪ ٿئي سو هليو اچي؛ ان ۾ هروڀرو اسانجي خيال کي ڪا رنڊڪ ڪانه پوندي. خيال بادشاه آهي؛ جتي لهي اتي پنهنجو ديرو ڄمائي؛ تنهن  ڪري جي اسانجي دوستن کي هينئن سڻائو ٿو لڳي ته ائين ئي سهي! روز نه ته هفتي ۾ من هڪ ڀيرو درشن پيا ڪريون! هوڏانهن هو خيال به غلط نه آهي؛ وقت ۽ وشيه مقرر ڪرڻ سان اڪثر گفتگو مان تازگي نڪريو وڃي.“

***

 

 

هن ٻڌر واري ميٽگ تي صوفي صاحب هڪ وشيه بحث لاءِ چونڊي آيو هو. چيائين ته اڄ ان تي ڳالهائينداسون ته ’همه اوست‘ يا ’همه از اوست‘ وارو خيال سچو آهي؟ يعني سڀ الله آهي يا سڀ ڪجهه الله جي طرفان آهي، ٻنهي مان ڪهڙي ڳالهه پوري آهي؟

ڊپٽي صاحب جلد انهيءَ بحث ۾ لڳي ويا. مان به ڀرسان ويٺي هيس، مگر مونکي سڄو بحث تمام خشڪ ٿي لڳو. سام پنهنجي خيال کي مڃائي انهن سان شامل ٿي ويٺو ۽ جيڪي هنن چيو سو ڌيان سان ٻڌندو رهيو. ڊپٽي صاحب تمام عالماڻي ڍنگ ۾ بحث جاري رکيو ۽ ڪيترا دلچسپ پرماڻ ڏنائين، جيتوڻيڪ اهي خاص سندس خيال ڪونه هئا مگر ٻين فيلسوفن جي نظريه مطابق هئا. صوفي صاحب قرآن شريف جي ڪن آيتن جي اندروني معنيٰ ٻڌائي جا صوفياڻي خيال مطابق هئي. ڪلمه جي اکرن ”لا الہ الاالله“ جي ٻٽي معنيٰ ٻڌايائين: (1) الله کانسواءِ ٻيو ڪو الله ڪونه آهي؛ (2) الله جو ڪو ضد ڪونه آهي، يعني ان کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ ڪانه آهي؛ چيائين ته پوئين معنيٰ ويدانت ۽ صوفياڻي ’همه اوست‘واري خيال مطابق آهي.

ڊپٽي صاحب چيو: ”خود لا الله وارو خيال ئي غلط آهي ڇا لاءِ جو الله کانسواءِ جڏهين ڪجهه آهي ئي ڪونه ته اها شيءِ خيال ۾ ڪيئن آڻي سگهجي؟

پوءِ هڪ دوست جو مثال ٻڌايائين سندس ڇوڪري کي اسڪول جي ماستر چيو ته ڪوڙ نه ڳالهائڻ گهرجي؛ جڏهين ڇوڪري اها ڳالهه مائٽن سان ڪئي ۽ پڇيو ته بابا ڪوڙ ڇا کي چئبو آهي، تڏهين اهي اچي ماستر تي مٽيا؛ ماستر کي چيائون ته ڪوڙ جي خيال ئي ٻارن کي ڇو ٿو وجهين؟ ڇو نه ٿو چوين ته سچ ڳالهايو؟

تڏهين سام چيو: ”حقيقت ۾ اها به ساڳي ڳالهه آهي؛ ماستر جي ڳالهه کان نرالي ڪونه آهي. ائين چوڻ ته فقط سچ ڳالهاءِ، سا پڻ هڪ قسم جي حد وجهڻي آهي، يعني نا سچ (استيه) جي هجڻ ڏانهن اڻ سڌي طرح اشارو ڪرڻو آهي. هن مثال مان ظاهر آهي ته اکر ۽ خيال به ڪنهن حد تاءِ معنيٰ جي ملڪ اندر پهچي سگهن ٿا. جڏهين الله جي حقيقت سڄي معلوم ٿئي ٿي تڏهين اکرن ۾ بيان ڪرڻ جي طاقت ۽ نه ضرورت رهي ٿي. هن معلومات جي ثابتي فقط انهن عارفن جي خوشي ۽ موج منجهان ملي ٿي جيڪي اها حقيقت ڏسن پسن ٿا ۽ انهيءَ سان هڪ ٿي وڃن ٿا. اهڙي موج ماڻڻ واري کي ٻڌائڻ جي ضرورت ڪهڙي؟ جو سدائين آنند ۾ مگهن رهي ٿو، تنهن کي اُن آنند بيان ڪرڻ جي فرصت ڪٿي آهي؟ بکئي جي بک کاڌي کائڻ سان لهي ٿي ۽ نه ان جي ويچار ڪرڻ سان. عاشق محبوب جي محلات ۾ پهچي پوءِ ڇا لاءِ ويهٺو محلات جا ڀاڱا يا ڪمرا ڳڻي هيڏانهن هوڏانهن تيستاءِ پيو نهاريندو جيستائين محبوب جي ڪمري ۾ پير ڪونه پاتو اٿس هن جو مطلب پنهنجي محبوب سان آهي. هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ سو ڏيکاري ٿو ته اڃان محبوب جو مشاهدو ڪونه ٿيو آهي. هيڪڙائي حاصل ڪرڻ جي هڪ نشاني اها آهي ته هو ميلاپ جي آنند ۾ محو رهي. پوءِ ’مان اهو آهيان. يا ’مان انهيءَ منجهان آهيان‘، (هم اوست يا همه ازاوست)، انهيءَ ڳالهه جو ڪو تفاوت ئي نظر ڪونه ٿو اچي. ڇا لاءِ جو ’مان‘ خود رهي ئي ڪانه ٿي. وحدت جي ملڪ ۾ نه ’مان‘ نه ’تون‘ ئي رهي ٿي.“

***

 

 

ميٽنگ بعد، اٿڻ وقت صوفي صاحب چيو: ”ٻيا به ڪي ماڻهو هت اچڻ لاءِ خواهان آهن؛ ٻئي ڀيري انهن کي به آڻبو ۽ اهڙيءَ طرح ٻوٽو ٻوٽو گڏ ڪري انشا الله هت هڪڙو باغ بڻائبو!“

سام چيو: ”باغن کان جهنگ: بهتر اٿو. فقير ۽ شينهن ٻيلائي ٿيندا آهن. گهڻي جوڙ جڪ باغ ۾ ٻاهرين سونهن وڌائيندي پر ٻيلي واري اکٽ موج وڃائي ڇڏيندي. فقيرن کي ٻيلن کان وري بر بعضي وڌيڪ وڻندا آهن. ڏسجو متان گهڻن ماڻهن گڏ ڪرڻ سان هن تنهائيءَ جو مزو وڃائي ڇڏيو.“

ڊپٽي صاحب کلي چيو: ”توهين ته وري نيم ۽ ٻنڌن کان اصل ٻاهر آهيو!“

وڌيڪ چيائين: ”جمع جمع تي اسان وٽ به ست سنگ ٿيندو اٿو! اُتي به ڪڏهين هليا اچو!“

سام کيس چيو: ”اڳئين دفعي جڏهين اسين آيا هئاسون تڏهين اسان جي ڇوڪري پنهنجو ڀڄن ڳايو هو، جنهن ۾ سنسار ساگر وغيره هندڪار جا لفظ هئا؛ پر اُهو توهان کي ڪونه وڻيو ۽ توهان انکي ڳائڻ کان منع ڪئي هئي!“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين برابر آهي، ڇا ڪاڻ جو اسين فقط صوفياڻو يعني توحيد جا ڪلام ڳائيندا آهيون.“

سام چيو: ”ڀلا صوفين جو الله ڪو ٻيو آهي ڇا؟ ست سنگ ۾ ايتري پائيبندي رکڻ نه جڳائي. هندو، مسلمان ۽ صوفي سڀ الله جا آهن. ڀلي ڪير به اچن ۽ ڪيئن به ڀڪتي ڪن ۽ انهن تي ڪا روڪ نه وجهو!“

ڊپثي صاحب چيو: ”آهن سڀ الله جا پر اسين سڀني کي هڪ خاص دڳ سان وٺي هلڻ گهرون ٿا؛ ائين نه ته ڪو هيڏانهن جا خيال آڻي، ڪو هوڏانهن جا. ان نموني سنگ ۾ هيڪڙائي اچي ڪونه سگهندي.“

***

 

 

10-8-1951ع اڄ سام ۽ مان گهاڙ ڀر واري هندو فقير جي آستان وٽان لنگهياسين. مڪان جي ڀرسان مونکي پنهنجي اسپتال ۾ ڪم هو. منهنجي موٽڻ تائين سام فقير جي آستان تي ترسي پيو؛ منشو به ساڻس گڏ هيو. مان جڏهين موٽيس ته کانئن فقير بابت پڇا ڪيم. منشي چيو: ”فقير پاڻ ته مريضن سان اندر ويٺو هو؛ باقي سندس هڪڙو چيلو ويٺو هو جنهن سان ڪجهه گفتگو ٿيو. ان جو تتسار مون هن ريت معلوم ڪيو:

سام چيو: ”واهه ڀائي! فقير جو آستان ته ڪو آنند سان ڀريل آ! فقير پاڻ به اهو آنند محسوس ڪندو آهي يا نه؟ اسان ته کيس گهڻو ڪري دوائون وڪڻندو ڏسندا آهيون.“

چيلو: ”هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ آنند محسوس ڪري ٿو.“

سام: ”آنند محبت منجهان پيدا ٿئي ٿو؛ جي دوائون دل سان ڏيو ٿا ته سو به ٺيڪ آهي؛ ڀلا ٻيو هت ڇا ڇا ڪندا آهيو؟“

چيلو: ”واد وواد ۽ خيالن جي ڏي وٺ! صحبت ڪرڻ به فقير جو فرض آهي.“

سام: ”فرض نه پر فقير جي خود زندگي آهي؛ فرض ادائي ۽ سچي محبت جي وچ۾ هي تفاوت آهي ته فرض ادائي ۾ اڃا ڪجهه دوئيءَ جو ڀاو رهيٿو ۽ محبت هيڪڙائي واري خيال مان پيدا ٿئي ٿي؛ فرض ۾ احساس حيلي ۽ ڪشالي جو رهي ٿو يعني فرض ادائي ڪوشش سان ٿئي ٿي ۽ محبت وارو ڪم از خود بڻي ٿو. سچو آنند محبت منجهان حاصل ٿئي ٿو. جيڪي ڪريو سو محبت ڪارڻ ڪريو محبت سچ آهي ٻيو سڀ ڪچ آهي!“

***

 

 

11-8-1951ع منشي جو ذڪر هن ڊائريءَ ۾ مون وري وري ڪيو آهي. هن جو من اسٿر نه آهي. ڪڏهين چوي ته مونکي پگهار وغيره ڪانه کپي؛ مونکي پنهنجو ٻالڪو ڪري سمجهو! ڪڏهين وري چوي ته مونکي منشگيري جهڙو ڪم ڏيو پوءِ پگهار ڏيو يا نه ڏيو، جو نوڪراڻا ڪم مونکي نٿا وڻن.

اڄ وري چيائين ته مان سڀ ڪم، ٻهاري، باسڻ، رڌڻ، پچائڻ وغيره ڏيندس؛ پگهار به ڀري وٺندس.

اسان کي سندس ڳالهيون گهڻي وندرائينديون آهن. جڏهانڪر هو آيو آهي. ته روزانو هنجي اها ڪار هلي اچي. ڪڏهي سام ويهي پيار مان سمجهاڻي ڏيس ته چوي: ”بس؛ مون هينئر ئي سڀ ڪجهه تياڳ ڪيو؛ هاڻي ڪو دل ۾ شڪ شبهه ڪونه اٿم. اڳتي منهنجي گهٽ وڌائي ڪانه ٻڌندوَ؛ مونکي بلڪل پنهنجو ڪري سمجهو.“

پر وري پور پوندس ته ائين چوندو: ”حساب رکڻ ۾ ڪو هرج ڪونه آهي؛ آخر پگهار جو سرشتو سٺو آهي.“

اڄ جئن مان اسپتال کان موٽي آيس ته ڏٺم هو گهر جو ڪم ڪار ڇڏي، وهنجي سهنجي اکيون ٻوٽي ورانڊي ۾ ويٺو آهي. چيائين: ”ممي اڳتي نه پگهار وٺبي نه ڪي مقرر ڪم ئي ڪبا! باقي ائين سڪ ۾ توهان سان رهيو پيو آهيان.“

مون کيس چيو: ”تون هڪ برج تي نه آهين، ڇا لاءِ جو تنهنجو صدق پورو نه آهي. مان تيرهن سال توکان اڳ سام سائين وٽ آئي آهيان. هڪ منٽ ۾ اهو خيال ڪونه ڪيو هوندم ته ڪو مونکي وري جدا ٿيڻو آهي. اسان کي سام سائين جي پريم ۾ سڀ ڪجهه حاصل آهي. مان ته ائين ٿي سمجهان ڄڻڪ هڪ اٿاه سمنڊ ۾ مزي سان تڙڳي رهي آهيان. سام جو پريم اهو اٿاهه سمنڊ آهي! اسان لاءِ هت سدائين مزوئي مزو آهي. سڀ بار لاهي، مٿس رکون ته سنسار ساگر مان ضرور پار پونداسين تون ڪنهن وقت خوش آهين ته ڪنهن وقت رنج. ڇو نه ٿو پاڻ سان ويهي هڪواري فيصلو ڪرين ته حياتيءَ ۾ ڇا ڪرڻو اٿئي! وري ٻائو ٿيڻو اٿيئي يا هن سنگ ۾ رهڻو اٿئي؟“

منشي چيو: ”ممي! بس؛ وڌيڪ ڪجهه نه چؤ؛ مون اڄ کان وٺي نئين سر پاڻ دادا کي ارپڻ ڪيو ۽ وري ٻي ڪا ڳالهه ڪانه ٻڌندو.“

***

 

 

12-8-1951ع عجب جي ڳالهه اها آهي جو منشي چوويهن ڪلاڪن اندر وري ٻه ڀيرا ڦرتي کاڌي آهي؛ سندس حالتن تي کل به اچي ٿي ۽ ارمان به ٿئي ٿو. سام چيو: ”سندس خيال کي زور سان نه موڙيو؛ سندس من کي ٿر ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو؛ ڇڏي ڏيوس ته لوڏا لما کائي پاڻهي پڪو ٿيندو؛ حقيقت ۾ منشو انساني من جي جيئري صورت آهي. مايا ۾ من ائين ئي چئنچل رهيو ٿو. جيتر ٺوڪرون نه ٿو کائي تيتر گيان نٿو پرائي. انهن ٺوڪرن کائڻ لاءِ ئي ته سنسار جي رچنا رچيل آهي.“

***

 

 

گذريل ڏينهن ساڳيو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيا ڪي دوست آيا؛ صوفي صاحب ڪونه آيو. اسان جي هڪ مهمان ٻاون جو ذڪر ڇيڙيو ۽ چيائين: ”ٻاون ۽ ٽڪاڻن واري سنسٿا سڄي خراب آهي؛ مونکي جيڪي ٻاون جون خبرون آهن انهن موجب ته جيڪر کين ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏجي. نه رڳو پرائي ملڪيت ۽ پرائي کاڌي تي گذارو ڪن ٿا پر ٻين جي نياڻين ۽ استرين ۾ پڻ بري نظر رکن ٿا.“

ڊپٽي صاحب جواب ڏنو: ”پوءِ ڇو نه ٻي ڪا سٺي سنسٿا برپا ڪري ڏيکارجي؟ ٻئي جي ڪم تي ٽوڪبازي ڪرڻ جي بدران بهتر آهي ته پاڻ وڌيڪ سٺا ڪم ڪري ڏيکارجن. تنهن ڪري اهڙي سنسٿا جاري ڪريون جو اهي سنسٿائون، جن کي خراب سمجهون ٿا، سي پاڻهي بيهجي وڃن.“

 سام چيو: ”ائين ٺيڪ آهي، ڇا ڪاڻ ته ڪا به سنسٿا ڪنهن ذاتي گهرج کانسواءِ پيدا ڪونه ٿي ٿئي. ڪابه جماعت يا هلچل جا هستيءَ ۾ اچي ٿي، ان جي شروعات گهڻو ڪري سٺي هوندي آهي ۽ عوام جي پٺڀرائيءَ سان ٿيندي آهي. هر هڪ سنسٿا ڪا نه ڪا گهرج مذهبي، سياسي يا پنگتي پوري ڪري ٿي ۽ جيستائين اها گهرج غلط يا برابر نموني ۾ پوري ڪندي رهندي تيستائين انکي ڊاهڻ اهنجو آهي. انهيءَ کي ڊاهي تڏهين سگهبو جڏهين انجي بجاءِ ڪا عيوضي سنسٿا ان کان بهتر برپا ڪبي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”تنهن کان سواءِ ڏسجي ٿو ته اسانجو ڌرم، جنهن کي اسين هندو ڌرم چئون ٿا، سو ٻاون جي سنسٿا (Institution) کي وڏي ٽيڪ ڏئي ٿو! ٻاوا پنهنجي ڪُڪرمن جي بچاءَ لاءِ ڪونه ڪو مثال شاسترن مان ڳولي ڏئي سگهن ٿا؛ هو ائين چئي سگهن ٿا ته ڪرشن گوپين سان ناچ ڪندو هو؛ فلاڻي رشيءِ فلاڻي اپسرا سان ڀوڳ بلاس ڪيو؛ خود پانڊو، جي پنهنجي وقت ۾ هندو ڌرم جا اڳواڻ هئا، سي ئي جائز نموني پيءُ جي ٻج منجهان پيدا ٿيل ڪونه هئا؛ پوءِ انهن ٻاون کي اسين ڪهڙو ٿا ڏوهه ڏيئي سگهون؟“

سام وراڻيو: ”اِها ڌرمي تواريخ جي توهين غلط سمجهاڻي ڏيو ٿا. ائين برابر آهي ته هندستان جي جدا جدا ٽڪرن ۾ جدا جدا وقتن تي، ڀانتين ڀانتين پنٿ يا مارڳ پڌرا ٿيا آهن، پر اهي جدا جدا حالتن ۽ آتما جي جدا جدا اوستائن سان واسطو رکن ٿا. ان ڪري مان سمجهندو آهيان ته هندن جي خيالات يا فلسفه کي ڪو خاص مذهب ڪري چئي نٿو سگهجي. ان ۾ مذهبپڻو (Ism) آهي ئي ڪونه. هنن مختلف قسمن جي خيالن ۽ رستن کي وقت آهر جوڳو ڏسي تسليم پئي ڪيو آهي؛ هندن جي مذهبي خيالات يا فلسفه به ٻين دنيا جي وڏن مذهبن جي ابتڙ نه آهي؛ باقي سمجهڻ کانسواءِ اوتارن يا رشين جي تواريخ  مان ڪي مثال چونڊي، ان مان پنهنجو مان خيال ثابت ڪرڻ يا چوڻ ته سڀ ڪنهن کي اهڙي نيتي اختيار ڪرڻ جو حق آهي، سو ٺيڪ نه آهي. جدا جدا اوستا وارن انسانن لاءِ جدا جدا ڌرم جو رستو ٿي سگهي ٿو. مان ته انهيءَ خيال جو آهيان ته هر هڪ انسان کي پنهنجو پنهنجو ڌرم آهي؛ يعني جيترا انسان اوترا خيال يا مذهب ٿي سگهن ٿا؛ چڱائي جا هر هڪ شخص کي پنهنجي نظر ۾ چڱي لڳي ٿي؛ برائي يا پاپ اهو آهي، جو مون کي برو نظر اچي ٿو. پانڊون جي پنجن ڀائرن گڏجي هڪ شادي ڪئي ۽ سندن ماتا پنهنجي مڙس مان اولاد نه پائڻ ڪري ٻئي مان اولاد پاتي، اهو يا ٻيا اهڙا مثال ان وقت جي رسمن جي خلاف نه هئا. شري ڪرشن کي مريادا جو وروڌي سمجهڻ، ڇاڪاڻ جو هن گوپين سان راس ليلائون ٿي ڪيون، سا پڻ اونهي خيال واري نڪته چيني نه آهي. پهريائين اهو سمجهڻ کپي ته اهي کيل سندس ٻال اوستا ۾ ڪيل هئا؛ ٻيو  ته هن جي پدوي اوتارن جي هئي، جن ۾ نه رڳو پاپ جي اڇا نه هئي پر بديءَ کي مٽائڻ جي پڻ شڪتي هئي؛ ظاهري برائي هنن جي پاڇي پوڻ سان ڀلائي بڻجي ٿي پيئي. ازآنسواءِ انهن چرترن جون اندريون معنائون به آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته پوين وڌاءُ پڻ ڪيو هجي.“

هڪ دوست سوال اٿاريو: ”جدا جدا اوسٿا ۾ ڌرم جو رستو جدا جدا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مريادا يا مذهب جا اصول سڀني لاءِ هڪ جهڙائي هئڻ گهرجن.“

سام چيو: ”شمس تبريز جي ڳالهه ڪندا آهن ته جڏهين هو ملتان شهر ۾ آيو، اتان جي پيري کي اچي انتظار ٿيو ته هيڏو درويش هت رهندو ته اسان جي پيري مريدي چٽ ٿي ويندي؛ تنهنڪري هن کي بدنام ڪرڻ لاءِ پيرن صلاح ڪري شراب جي بوتل ۽ سوئر جو گوشت (جو اسلام ۾ حرام ٺهرايل آهي) کيس هڪ ڪڃريءَ سان ڏياري موڪليو؛ هو مطلب سمجهي ويو ۽ پيرن ڏي نياپو موڪليائين ته فقير درياهه آهن؛ جئن درياهه م گند گار پوڻ سان درياهه جو پاڻي ناپاڪ ٿي نٿو سگهي، تيئن فقيرن جا روح نيڪيءَ بديءَ جي اثر کان آجا رهن ٿا. مطلب ته ڪنهن اونچي آدرش لاءِ يا ڪنهن وڏي خيال وچان قانون ٽوڙڻ خود ثواب جي صورت وٺي سگهي ٿو. اسانجي تر جي هڪڙي فقير چون ٿا ته گئو، سوئر وغيره جو گوشت هڪ هنڊيءَ ۾ چاڙهائي پوءِ پنهنجي مريدن کي کائڻ جي دعوت ڏني. هو ان نموني انساني روح جي آزادي ۽ بلندي ثابت ڪري رهيو هو؛ ته سچو مذهب بورچي خاني تائين محدود نه آهي ۽ ڪنهن به ريت رسم جو ٽوڙڻ انسان جي آتما کي ناپاڪ بڻائي نه ٿو سگهي. پر اهڙا به انسان آهن جن لاءِ بصر کائڻ به وڏو پاپ آهي. هو به پنهنجي خيال تي بلڪل پڪا آهن. انهيءَ نموني جدا جدا انسانن لاءِ سندس خيال جي اوسٿا موجب جدا جدا ڌرم يا فرض ٿي سگهن ٿا.

ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين برابر آهي، مگر عام ماڻهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن قانون يا شريعت جي ضرورت آهي.“

سام چيو: ”جا ڳالهه ضروري آهي سا اوس عمل ۾ اچي ٿي ۽ اوتري ئي قدر اُها ضروري سمجهڻ گهرجي، جيتري قدر عمل ۾ اچي ٿي؛ يعني جيڪڏهن ڪو قانون عام طرح هلي ٿو ته سمجهڻ گهرجي اسان جي خيال جي اوسٿا لاءِ اهو ضروري آهي؛ پر جيڪڏهين ڪي باغي بڻي ان قانون جي آڏو اچن ٿا ته سمجهڻ گهرجي، اسان جي قانون ۾ ڪنهن تبديل جي گهرج آهي. جيڪڏهين اسان کي پنهنجي ضرورتن جي چڱيءَ طرح خبر هجي ۽ پنهنجي لڱائي چڱائي جي ڄاڻ پاڻ رکندڙ هجون، ته هوند شريعت، سمرتيون وغيره ضروري ڪين ٿين؛ جئين ان شخص کي ڦڪين جي گهرج ڪانه ٿي پوي جنهن کي پنهنجي غذا ۽ پيٽ جي ضرورت جي پوري ڄاڻ ٿي رهي.“

هن باري ۾ سام ڪي پنهنجا آزمودا ٻڌايا؛ چيائين: ”منهنجي پيٽ کي ته ڪڏهين ڪوڙين شين جي به طلب ٿيندي آهي؛ ڪڏهين ڪُئينائين (Quinine) جهڙي شيءِ به ڄڻڪ وڻي پيئي؛ ان وقت، جي ڪنهن سبب ڪري ڪئينائين نه وٺان ته مليريا ظاهر ٿيو پوي. جڏهين سٺي شيءِ ڏي گهڻو لاڙو ٿئيم تڏهين سمجهان ته آنڊي ۾ شايد ڪا آنڌ مانڌ آهي. گهڻو تيز ۽ چهرين شين کائڻ کانپوءِ مٺاڻ ڪجهه قدر آنڊي کي ٺاريندو آهي. هڪ لڱا باهه جي ڀرسان ويٺو هيس ته پير تي هڪ ڏڍ ۾ اچي، خارش ٿي؛ سمجهان پيو ته انکي ساڙڻ سان جيڪر راحت مليم. ازخود هڪ ٻرندڙ بنڊيءَ ڏانهن هٿ وڌي ويو،  جنهنجي جڳائڻ سان خارش هٽندي ويئي. وري انهيءَ جاءِ تي ڏڍ ڪانه ٿي اٿم. مونکي اڳ اها خبر ڪانه هئي ته ڊاڪٽر به ڏڍ کي ائسڊ (Acid) وغيره سان ساڙيندا آهن.

”جانورن کي ڏسو جيڪي گهڻو ڪري قدرت جي قانون پٽاندڙ رهن ٿا؛ کين اها هڪ ڏات مليل آهي ته هو فقط پنهنجي سڀاو سان ٺهڪندڙ کاڌو کائين؛ بيماريءَ جي وقت ۾ ڪهڙو به هر کائيندڙ کاڌو اڳيان رکون ته هر گز ڪين ورتائيندا جي نقصانڪار هوندو. مطلب هي آهي ته پنهنجي من جون ذاتي مرادون چڱيءَ طرح پوريون ڪبيون ته گناه ڪرڻ جو ڪوبه انديشو ڪونه رهندو. ڇا لاءِ جو قدرت جي قانون موجب هلت ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ سلامتيءَ جو رستو آهي؛ نه رڳو ايترو، پر قدرت جو قانون اڻٽر آهي! جو وقت اسين اُن کان ٽڙي يا منهن موڙي ٻئي پاسي لڙي وڃون ٿا، سو وقت، ۽ سا ڪوشش، ضايع آهي؛ آخر ڦري قدرت جي مارڳ اتي اچڻو پوي ٿو. تنهن ڪري گناهه فقط قدرت جي قانون کان انڪاري ٿيڻ ۾ آهي ثواب سنئين دڳ يعني قدرت جي قانون مطابق هلڻ ئي آهي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ان جو مطلب اهو آهي ڇا، ته ڪنهن جو خراب رستي ڏانهن لاڙو ٿئي يا ڪا خواهش جاڳي ته ڀل اوڏانهن هليو وڃي.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org