16-8-1951ع هي من ڪهڙو نه ڀلائيندڙ آهي. پهاڙ جي
چوٽيءَ تان ڪيرائي ڪڏهين پٽ تي اڇلايو ڇڏي! سام
مونکي چوندو آهي ته ڪفر پاڻ تي وشواس نه رکڻ جو
نالو آهي. هي آشرم جو آدرش، هيءُ سندر خيال ستنتر
زندگيءَ جو، اُن مان منهنجو اعتبار نڪري وڃي ۽ هڪ
پل لاءِ به مان پنهنجي جيون جي آدرش کان باغي ٿيان
۽ پنهنجي سائينءَ کي ومک ٿيان، سا ڳالهه هينئر اڻ
ٿيڻي پيئي لڳي پر گذريل مهينن ۾ جڏهين چاليهه
ڏينهن جدا رهڻو پيو، تڏهين سام جي پرپٺ مون پاڻ کي
گهڻو نٻل ٿي سمجهيو؛ سندس خيالن ۽ سندس آشرم جي
آدرش ۾ ڄڻڪ اعتقاد ئي ڪونه ٿي ٻُڌو؛ سمجهان پيئي
ته هن جي ۽ منهنجي راه شايد نرالي هجي؛ ڇا لاءِ جو
هن کي پنهنجي ٻارن سان به منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ مون
کي اڪيلو هت رهڻو پوي ٿو. سندس موٽي اچڻ تي پڻ ان
باغيپڻي جو ڪجهه اثر اڃان مون تي هيو. هينئر مان
ڏسان ٿي ته اهو فقط دل جي ٻاهرين تهه تي هيو. پر
جڏهن انهيءَ اثر هيٺ اچان ته آءٌ جوش ۾ ڪڏهين سام
کي به ڪجهه چئي چُڪندي آهيان، جنهن لاءِ پوءِ
پڇتاءُ ڪندي آهيان؛ هو ڪجهه جواب ۾ پهريائين چئي،
پوءِ مون ۾ ڪروڌ ڏسي چپ ڪري ويهندو آهي. هن ڀيري
مون کيس چيو ته اهڙي وقت تي مون کي سزا ڏيندا
ڪريو.
سام وراڻيو: ”تون ان وقت هڪ اُٺ جي مثل وڏي وڏي پئي لڳندي آهين!
هيڏي ساري اُٺ جيڏي انسان کي ڪيئن سزا ڏجي!“
وڌيڪ چيائين: ”هي اگيان جي ڪڪر جون باقي ريکون آهن؛ پريم جو
چندرما آسمان ۾ ظاهر بيٺو آهي. سندس سيتلتا جو اثر
وڌندڙ آهي، تنهن ڪري انهيءَ پڇاڙيءَ جي ڪڪرين جو
ڀو ڪونه آهي.“
وري خبردار ڪري چيائين: ”پر اگيان يا نفس هڪ نانگ مثل آهي. هڪ
ڳوٺاڻو ڀرم آهي ته نانگ کي مئي پڄاڻان به پورب جي
هوا اٿاري سگهندي آهي. ساڳيءَ طرح نفس جي نانگ کي
ڪروڌ روپي واءُ سندس ٻڍاپي ۾ به ايتري طاقت وٺائي
سگهي ٿي جو ڪو ڏنگ هڻي وٺي. تنهن ڪري انهيءَ بلا
کان خبردار رهون! سندس زهر ڪڍڻ واري شيءِ ۽ اسان
جي دلين کي وڌيڪ ملائڻ واري شيءِ الله جو نالو
آهي. گهر ۾ ڀڄڻ ڀاو وڌيڪ ڪريو! رام نام اسان جي
دلين کي ملائي ڇڏيندو. ايشور جي قدمن ۾ قابو رهي
پوءِ اسين وڇڙي وري ڪونه سگهنداسين. ۽ اهي طوفان
اسان جي پريم جي جهوپڙيءَ کي ڊاهي ڪونه سگهندا!“
***
17-8-1951ع گهاڙ ڀر واري فقير وٽ وري صبح جو وياسين. سام کي
سندس آستان وڻندو آهي، ڇا لاءِ جو اتي پاڻي ۽
وڻراه جو سٺو نظارو آهي. وڻن جي ڇايا ٿڌي ۽ وڻندڙ
آهي ۽ منهنجي اسپتال جو در به ويجهو آهي. ان نموني
هو اچي منهنجي نزد ٿيندو آهي. ”اڄ صوفي صاحب به
سام سان گڏجي اتي آيو ۽ مان پنهنجي اسپتال مان
نڪري اچي ويٺس. سام صوفي صاحب جي ڏيٺ فقير سان
ڪرائي؛ توهين اسان وٽ اهڙا ماڻهو وٺي آيا جو اسان
سان حجت پيا هلن فقير صوفي صاحب جو به پورو آڌر نه
ڪيو ۽ سام سان پڻ ڪجهه اڇاتري نموني ڳالهائڻ لڳو؛
چوڻ لڳو ته اڳتي اهڙي ردي ماڻهو اسان وٽ نه آڻيندا
ڪريو! سام پنهنجي خيال ۾ ويٺو هو. جنهن ڪري فقير
جي ڳالهائڻ جو ڍنگ نه سمجهيائين يا سمجهي ڪري به
چپ ۾ رهيو. پر اوچتو صوفي صاحب فقير کي هڪل ڪري
چيو: ”خبر رک؛ توکان وڏا فقير اسان وٽ طالب آهن،
تڏهين به اسان خود ديوان ”سام“ جي صحبت ما گهڻو ڪي
پرائيندا آهيون. هو تو وٽ لنگهي آيو آهي محبت جي
لاءِ؛ تون وري ٿو ڪرين ابتيون ڳالهيون!“
سام چيو: ”انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏيو ۽ فقير کي چيائين ته ڪو
ڪلام يا ڀڄن ٻڌايو.“
فقير چيو هن وقت مون کان نه ٿو پڄي. پر انهيءَ ئي گهڙيءَ هڪڙو
ٻيو فقير اتان اچي لانگهائو ٿيو. صوفي صاحب چيو:
”طلب هُو ته مِل هوُ!“
فقير ڳائڻ وارو سٺو هيو. سام جو خيال هو ته ان ننڍڙي جهيڙي کي
راڳ سان ليپو ڏيئي ڇڏجي. ٿيو به ائين؛ فقير ويدانت
جا ڪي ٻول ۽ ڪي سنڌي صوفي جا ڪلام ٻڌايا. انهن جي
ميٺاج ۽ ڳوڙهي معنيٰ جي اثر هيٺ ويٺلن مان هڪڙي
چيو ته هيءَ سڀ سمجهه جي بازي آهي؛ جڏهي ڪو اهي
راڳ ۾ چيل ڳالهيون سمجهي، ته پتنگ ڇا آهي، آگ ڇا
آهي وغيره، وغيره.
سام کيس چيو: ”سمجهي ۽ وري پوءِ اها سمجهه خود وساري ڇڏي؛ نه ته
هيءَ پريم جي لاءِ عقل وڃائي ڇڏيندو.“
انهيءَ ماڻهو پڇيو: ”سو ڪيئن؟“
سام چيو: ”عقل يا سمجهه هڪ هٿيار آهي. ڪم پوري ٿئي پڄاڻان هٿيار
جي ڪهڙي گهرج آهي؟ ويچار خود من تي بار آهي. هن
سوڙهي پيچري ۾ هٿين خالي هلڻو آهي. عقل جو ٻوجهه
پڻ اڇلڻو آهي!“
سام ٿورو ماٺ ۾ ويهي جلد فقير کي نمسڪار ڪري کانئس موڪلايو.
فقير وٽان هلي پوءِ صوفي صاحب کان سام پڇيو ته ڇا
ڳالهه هئي. صوفي صاحب چيو: ”هو اوهان سان ’تون‘
’تون‘ ڪري پيو ڳالهائي؛ اها ڳالهه مونکي نه وڻي.
پاڻ کي وڏو ٿي ڄاتائين. کيس بسمي پڻ لائڻي هئي ته
ڪيتري سندس منزل آهي. (بسمي لائڻ جي معنيٰ: آزمائش
لاءِ غصو ڏيارڻ يا ڇيڙڻ).“
***
18-8-1951ع هن ٻڌر تي صوفي صاحب، ڊپٽي صاحب ٻيا ڪي دوست آيا،
صوفي صاحب چيو: ”اڄ مذهب جي وشيه تي
ڳالهائينداسين.“ مون وري به اعتراض اٿاريو ته ائين
مقرر وشيه تي ڳالهائڻ ۾ مزو هليو ٿو وڃي؛ ڇو نه
آزاد نموني ويٺا ڳالهايون!
سام چيو: ”ائين برابر آهي ته ان نموني هيءَ ڳالهه ٻولهه روح
رهاڻ جي بدران هڪ اسڪولي ورزش ٿي پوندي. من جي موج
وچان جيڪي نڪري ٿو، سو سچو خيال آهي؛ پر ڪوشش ڪري
هيڏانهن هوڏانهن جون ثابتيون ڏيئي؛ ڪنهن به ڳالهه
کي ثابت ڪرڻ، سو ايترو لاڀدايڪ نه آهي. حقيقت ڪري
محبت واري موج ۾ ئي گيان جي سمپورنتا آهي. تنهن
ڪري مذهب تي ڀل ڳالهايو پر ڪا حد وجهي نه ڇڏيو.“
صوفي صاحب سچي مذهب جي معنيٰ سمجهائيندي چيو؛ ”مذهبي معنيٰ
رستو؛ ۽ مرشد لفظ جي معنيٰ رُشد مان آهي؛ رُشد جي
معنيٰ هدايت آهي. سڀ کان سٺو، سڀ کان سٺي هدايت،
جنهن تي سڀ مذهب يڪراءِ آهن، سا آهي ڀلائي ڪرڻ، سچ
ڳالهائڻ، الله جي بندگي ڪرڻ وغيره.“
سام چيو: ”اهي اڃا به مذهب جا ٻاهريان پاسا آهن. اهي ڳالهيون
ڪريو جن مان مذهب خود پئدا ٿئي ٿو يعني گيان ۽
پريم واريون ڳالهيون، جيڪي مذهب جو بنياد آهن!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اهي توهين ٻڌايو!“
سام صوفي صاحب کان پڇيو: ”رستو ڇو ضروري آهي؟ ڪو رستو ڇا آهي؟ ۽
رستي جو مقصد يا منزل ڪهڙي آهي؟“
صوفي صاحب وراڻيو: ”رستو معنيٰ نيم، طريقو، مذهب ۾ نيم هئڻ
گهرجي.“
سام چيو: ”مان ته سمجهان ٿو اهي ٽيئي اکر سچي مذهب جي ابتڙ آهن:
’نيم‘، ’هئڻ‘، ’گهرجي‘. مذهب جڏهين ’نيم‘ جي صورت
وٺي ٿو تڏهين منجهانئس اصليت هلي وڃي ٿي ۽ ’هئڻ‘
آهي بيٺل پاڻي مثل، جنهن مان بد بوءِ شخصيت جي هڪ
پاسي ۽ مذهب جا جهيڙا ٻئي پاسي پئدا ٿين ٿا.
’گهرجي‘ اکر وري ڏيکاري ٿو مجبوري، جا وقتي ضرورت مان پئدا ٿئي
ٿي؛ اهي نيم وقتي ضرورت پوري ڪن ٿا؛ اسان جي قومي
يا پنگتي اوسٿا موجب اهي عارضي طور مقرر ٿيل آهن.
مگر مذهب ڪا نيم کان وڌيڪ اونهي شيءِ آهي. انهيءَ
جو اصل بنياد ڀڪتيءَ ۽ گيان جي کوج ۾ آهي.“
صوفي صاحب چيو: ”اسين ٻاهرين، سماجڪ مذهب جو ذڪر ڪريون ٿا.“
پوءِ هن انهيءَ وشيه تي گهڻو ڪجهه ٻڌايو، جنهن ۾ وڏن مذهبن جي
بنيادي اصولن جو ذڪر ڪيائين ۽ ڏيکاريائين ته منجهن
گهڻي ڀاڱي اتفاق آهي، جنهن ڪري انهن ڳالهين تي لڙڻ
بي سود آهي. اهو سڀني مذهبن جي مکيه عقيدن جو فقط
تتسار هو جنهن ڪري مان هت ڪونه ٿي ڏيان؛ سندس
گفتگوءَ جي وچ ۾ ڪجهه وڌيڪ سوال جواب هليو، جو مان
هيٺ مختصر نموني درج ڪيان ٿي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”هندو ڌرم هڪ قسم جو جهنگل آهي جنهن ۾ ڪو به
مقرر نيم يا رستو بتايل نه آهي.“
سام چيو: ”مان ان کي جهنگل نه پر ٻيلي جي مثل ڪري سمجهندو
آهيان. منجهس گهڻن قسمن جا ٻوٽا ۽ وڻ موجود آهن ۽
منجهس اٿاهه پيچرا پڻ آهن؛ اتي خيال جي گهڻائيءَ
سبب، جئن ٻيلي ۾ گهڻي وڻراهه سبب، ڪن کي مونجهارو
نظر اچي ٿو. مگر اها گهڻائي حقيقت ۾ خيال جي وسيعت
۽ شاهوڪاري ڏيکاري ٿي. تاهم ايترو قبول ڪرڻو پوي
ٿو ته هن ٻيلي ۾ ريت رسم جون ڪيتريون ’بي پاڙيون‘
(وليون جيڪي وڻ کي وڪوڙي ناس ڪري ڇڏينديون آهن)
پيدا ٿيون آهن جيڪي قيمتي وڻن کي نقصان پهچائي
رهيون آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”سوال آهي ته ان ٻيلي مان ٻاهر ڪئن نڪرجي؟ ايترن
رستن مان ڪهڙو رستو وٺجي؟“
سام کلي چيو: ”نڪرجي ڀلا ڇو؟ ٻيلو پاڻ ۾ ئي سمپورڻ آهي! منجهس
ڪاٺ، ڦل ڦول، ماکيون، ميوا وغيره سڀ موجود آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين به ڪي هلڻ چلڻ لاءِ رستا ته کپن؛ اهڙو
رستو هندو ڌرم ۾ لهڻ يا چونڊڻ مشڪل آهي. ايترو مان
اسلام لاءِ چوندس ته اسلام هڪڙو مقرر ٺهيل، سڌو ۽
صاف رستو آهي؛ ان ڪري اسلام جي پيغمبر کي آخرين
پيغمبر چيو اٿن ڇا لاءِ جو اڳي جيڪي پيغمبر آيا
آهن تن مان سمجهو ته هڪڙي چيو، ڀائي هن جهنگل جي
ٽن پاسن ڏانهن نه وڃو، باقي چوٿون پاسو سلامتيءَ
جو اٿو؛ وري ٻيو نئون رهبر آهيو، جنهن جهنگل گهمي
ائين ٺهرايو ته هي ڀاڱا خوفناڪ اٿو ۽ هي پاسا بي
خطر اٿو. پر اسلام جي پيغمبر يقين سان اچي چيو ته
هيءُ هڪڙوئي سڌو رستو توهان کي ٻاهر نڪرڻ جو ڏسيان
ٿو؛ انهيءَ رستي تي گهمو ۽ انهيءَ سان ئي ٻاهر
نڪرو.“
سام چيو: ”هڪ هندو ٿي ڪري توهان اسلام چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو آهي
۽ مان ڪنهنجي مذهبي خيال کي رد ڏيڻ ڪونه ٿو گهران.
پر ڪنهن به مذهب جي سمجهاڻي فقط اکري تشريحن تي
ختم نه آهي. اسلام جو بنياد به ٻين مذهبن وانگر
ايشوري ڀڪتي ۽ گيان جي کوج آهي. جئن صوفي ڌڻي بخش
صاحب چيو: تفاوت فقط ٻاهرين ڳالهين ۾ آهي جو قومن
جي پنگتي ۽ قومي اوسٿا سان واسطو رکن ٿيون؛ اوهان
انهن ٻاهرين ڳالهين تي گهڻو زور ڏيو ٿا، مگر صوفي
قرآن ۾ وڌيڪ اونهيون معنائون پڙهن ٿا. منهنجي
سمجهه ۾ ائين ڪين ٿو اچي ته ڪي به نيم يا اصول
سڀني ماڻهن لاءِ هميشہ لاءِ مقرر ڪري سگهجن ٿا.
جئن مون اڳئين ڀيري سمجهايو هو ته ڪرم ۽ ڪرم جو ڦل
از خود هڪ ٻئي مان پئدا ٿين ٿا ۽ هيڏي ساري
سرشٽيءَ ۾ قانون يا اصول اهڙا هئڻ گهرجن، جي اتي
جو اتي بجا اچن؛ تئن ڌرم جو سرشٽو پڻ انسان لاءِ
کليل ۽ خود بخود هلندڙ هئڻ گهرجي؛ در حقيقت ڌرم
جورستو هميشہ کليل آهي ۽ گيان جي کوجنا هميشہ جاري
آهي. ڌرم يا مذهب به انسان جي ذاتي گهرجن مان آهي
جهڙوڪ هوا، پاڻي، کاڌو وغيره. تنهن ڪري جئن انسان
اُنتي ڪري ٿو تئن ڌرم جو مارڳ وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڪشادو
نظر اچي ٿو؛ يعني ڪي مقرر عقيدا هميشہ لاءِ رهي
ڪونه ٿا سگهن. اونهي نظر سان ڏسبو ته زندگيءَ جو
آدرش يا ڌرم جو امنگ پاڻ منجهان ئي پيدا ٿيندڙ
آهي؛ چئن ڄڻن جي رهڻي ڪهڻي ساڳي هر صورت ۾ ڪٿي به
ڪانه آهي. پوءِ ڪئن اسين چئون ته اهي چار ئي
مسلمان آهن يا هندو يا ڪرستان؟ منهنجو مطلب هيءُ
آهي ته هر هڪ انسان کي پنهنجو ڌرم آهي. پوءِ ڪئن
ٿا اسين چئي سگهون ته جيڪي هزارين سال اڳ چيو ويو
آهي، تنهن تي سڀ انسان هلي سگهن ٿا؟ اسلام ۽ ٻڌ
ڌرم خود جدا جدا ملڪن ۾ جدا جدا رخ ورتو آهي. اهڙي
طرح ساڳي پنٿ جي ڪرستانن ۾ پڻ جدا جدا ملڪن ۾ فرق
نظر ايندا.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”چڱو، اسين مڃون ٿا ته هر انسان کي پنهنجو خيال
يا پنهنجو ڌرم آهي ۽ هر ڪنهن ۾ گيان جي کوج جو ٻج
سمايل آهي، پر اهو خيال يا ٻج ڪئن کلي؟ هر ڪو
ماڻهو پنهنجو مالهي يا رهبر ٿي سگهندو ڇا؟“
سام وراڻيو: ”هن ريت ٿي سگهي ٿو: هر ڪنهن انسان کي پنهنجي
اندروني ۽ بيروني حالات مان جيتري قدر ٿي سگهي
اوتري قدر واقف ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهين جڏهين ڪنهن قدم
کڻڻ جي گهرج ٿئي، تڏهين پنهنجي دل جو پهريائين
آواز پڇي، پوءِ ان موجب وک وڌائي؛ جيڪڏهين کيس ڪا
صلاح مصلحت ڪنهن رهبر کان پڇڻي پوي ته اها ڳالهه
به واقفيت وڌائڻ واري اصول ۾ اچي ٿي. پوءِ جي غلط
قدم کڻندو ته ضرور کيس رڪاوٽون ڏسڻ ۾ اينديون، جن
جي آزمودي کان پوءِ ئي سچ پچ هو انهن کان منهن
موڙيندو؛ ۽ جيتري قدر حالات مان وڌيڪ واقف ٿيندو
يعني وڌيڪ گيان پرائيندو اوتري قدر ان جو قدم ثابت
۽ صحيح ٿيندو ويندو. خيال کي چورڻ ۽ قدم وڌائڻ
وارو جذبو به ڪنهن نه ڪنهن پريم مان ئي پئدا ٿئي
ٿو. حق سان وڌيڪ پريم رکڻ مان وڌيڪ گيان پئدا ٿئي
ٿو. غلطيون کڻي ٿينديون به پر انهن کان موڙڻ لاءِ
قدرتي رڪاوٽون جهڙوڪ لوڪ لڄا، ڪو فائدي وارو نتيجو
۽ مونجهارو پيدا ٿيڻ، حياتيءَ ۾ ڪافي موجود آهن.
اهي پاڻهي مڙ جهڙ سيکاري آخر نئين دڳ هلائين ٿيون.
انسان کي ٻئي جي روحاني ڪمائي گهڻي ڪم نٿي اچي.
رهبر به حق جي طرف اشارو ڪري ٿو. پر پنهنجي محبت
ئي گهڻي ڀاڱي ڪم اچي ٿي. نه وري ڪو سيد يا ٻانڀڻ
ٿيڻ ۾ محبت جي گهرج گهٽ رهي ٿي. جيڪڏهين ڪو رهبر
هجي ته ان ۾ حرڪت نه آهي. پر جيون جي بازي پاڻ
کٽڻي آهي ۽ پاڻ اندر ئي کٽ هار جو فيصلو ٿيڻو آهي.
”جئن ڪرم ۽ ان جي ڦل جو سرشتو چيوسين ته خودبخود هلندڙ آهي، تئن
ڌرم جو سرشتو به اندروني ۽ خود بخود کُلندڙ آهي.
هتي ۽ هاڻي، حاضر سمجهه کپي؛ آواز ڌرم جو اتي جو
اتي اندر مان ملي ۽ نه ڪن ڌرم جي ڊڪشنرين يا لٿل
ڪتابن جي ڏسڻ کان پوءِ ملي؛ اهوئي سچو ۽ ڪارگر
طريقو زندگيءَ جو آهي. ڀلا ٻين جون ڏسيل ڳالهيون
ڪيترو ياد رهي سگهنديون! سِمرتيون، شريعت يا علم
اخلاق يا اصول هر ڪنهن مذهب جا خود پنڊت قاضي ۽ جج
به بر زبان ياد نٿا رکي سگهن! نه وري انهن جي
سمجهاڻين تي سڀ ودوان سهمت آهن. پوءِ عام ماڻهو
ڪئن وقت بوقت ڪنهن به مسئلي اٿڻ تي انهن جي پيروي
ڪري سگهندا؟ جڏهين هڪ هڪ اکر جي سمجهاڻيءَ تي
پادري، قاضي ۽ پنڊت ڪتابن جا مڏ لکي سگهن ٿا،
تڏهين اهڙو ڌرم يا مذهب جو طريقو ڪئن عام ماڻهن
لاءِ آسان ٿي سگهندو؟ اهڙو ويچار ڌرم بنسبت بلڪل
پراڻو ۽ اڻ پورو ثابت ٿيندو؛ هن زماني ۾ قسمين
قسمين ماڻهن جي گهرج پوري ڪري ڪين سگهندو. سچي ڌرم
جي سمجهاڻي انسان کي پنهنجي اونهي وجود مان ئي ملي
سگهي ٿي. اسلام خود، اسلام جي پيغمبر جي چوڻ موجب،
هڪ قدرتي مذهب آهي! ڪوبه مذهب قدرتي تڏهين ٿي سگهي
ٿو، جڏهين هن کان اڳ ذڪر ڪيل ريت موجب اهو انسان
جي اندر جو آواز بڻجي اچي ٿو يعني ايترو وسيع ٿئي
ٿو جو نه رڳو توهان جي چوڻ موجب هڪ باغ مثل گلن جو
ميڙ بڻجي؛ نه فقط هڪ ٻيلي مثل خيال جي شاهوڪاري
رکي، مگر ايترو ته وسيع ۽ وڏو ٿئي جو ان ۾ هر
انسان جي زندگي سمائجي وڃي!“
ڊپٽي صاحب ڪجهه قدر شامل راءِ ٿيو ۽ چيائين: ”ائين برابر آهي ته
لکيل اکر يا اصول مذهب جو سارو راز ڪونه ٿا
بتائين؛ مثلاً ڪتابن ۾ چيل آهي ته خداهي جهان
خلقيو؛ پر سو ثابت ڪرڻ ايترو اهنجو آهي جيترو
جاميٽريءَ ۾ سڌي ليڪ، جنهن تي سڄي جاميٽري بيٺل
آهي! هاڻي سڌي ليڪ واري خيال کي جاچيون؛ مان چوان
ٿو ته سڌي ليڪ ڪا ٿي نٿي سگهي! پهريائين ته ڪابه
ليڪ جنهن کي سڌي چئون ٿا، سا ڪنهن خُرد بينيءَ سان
ڏسبي ته وڪڙ وڪڙ ۽ ڀڳل ڏسڻ ۾ ايندي. ٻيو ته سڌي
ليڪ جي معنيٰ ڏسي ٿي وڃي ’ٿولهه کان سواءِ ڊيگهه‘
هاڻي، ٿولهه کان سواءِ ڊيگهه چئجي ٿي مگر خيال ۾
آڻي نٿي سگهجي ۽ نه ڪاپي تي اتاري سگهجي ٿي. پر
تنهن هوندي به منجهس اعتبار رکون ٿا!ساڳي طرح هيءُ
جهان خدا خلقيو، سا ڳالهه نه ڪنهن ڏٺي ۽ نه ڪو خاص
وقت جهان خلقڻ جو خيال ۾ رکي سگهون ٿا جنهن کان اڳ
۾ هي جهان ڪونه هو؛ پر تنهن هوندي به الله ۾
اعتبار رکون ٿا ۽ انهيءَ کي جهان جو خالق مڃون
ٿا.“
سام چيو: ”اکرن سان الله ڪنهن نه لهي سگهيو آهي. اکر جيترو راز
کولن ٿا اوتروئي ڇپائن ٿا. جيڪو وري ڪا ڳالهه ڄاڻي
ٿو، سو پوريءَ طرح ٻڌائي نٿو سگهي؛ جي عقل جون
ڳالهيون ڪن ٿا، تن ۾ شڪ پوي ٿو ته اهي پنهنجي
مطلوب سان شايد مليائي ڪونه آهن. ڇا لاءِ جو ٻڌڻ ۽
ٻڌائڻ ۾ ٻه گهرجن، بلڪ ٽي؛ يعني ٻڌائڻ ۾ ٻيائي
سمايل آهي ۽ اها خبر اڻ پوري آهي، جي سچو گيان
پائن ٿا، سي چپ ۾ ٿا رهن جو کين نه ضرورت ٻڌائڻ جي
رهي ٿي ۽ نه اها ضروري دوري پنهنجي پريتم کان اٿن
جنهن مان ٻڌائڻ جي ڀاونا پيدا ٿئي. جيڪي وڏا بياض
پڙهي ٻڌائن ٿا انهن کي اندر جي ڄاڻ اتم آهيئي
ڪانه. ڇا لاءِ جو اکرن ۾ پوريءَ ريت سمائجي نٿي
سگهي. پر احساس هڪ ڇُر يا ڇاپي مثل آهي؛ سمجهو ته
ڪنهن ماڻهوءَ جي صورت بيان ڪرڻي آهي؛ اکرن رستي
پٽيءَ تي لکجي ملي ٿو ته منهن جي ڊيگهه ڏهه انچ
اٿس؛ چؤڙائي اٺ انچ اٿس، اکيون اونهيون اٿس، رنگ
ڀورو اٿس وغيره وغيره. مگر اِهو اکري علم ان صورت
جو فقط اڌورو بيان آهي؛ فوٽي جي ڀيٽ ۾ بلڪل تڇ ۽
اڻ پوري آهي. احساس خيال جي فوٽي مثل آهي. احساس
جي رستي ڪابه ڳالهه خيال جي مٿان ائين ڇپجي وڃي
ٿي، جئن ڇُر جو ٺپو ڪپڙي تي. اسين سمجهون ٿا ته
فلاڻو ماڻهو هن رخ يا وڙ جو آهي، چڱو يا برو آهي؛
ان جو اسان کي احساس چٽو آهي، مگر ڪيتري به ڪوشش
ڪبي ته اها سچي صورت جيڪا اندر ۾ اسان جي اڳيان
صاف بيٺي آهي سا اکرن رستي ٻئي تائين بلڪل پنهنجي
اندازي موجب پڄائي نه سگهبي. وري جئن ڇاپي ۽ اکري
تصوير ۾ فرق آهي، تئن وري احساس ۽ ڳوڙهي هيڪڙائيءَ
واري گيان ۾ فرق آهي. ڇاپي ۾ اڃا صورت جي سچي رنگ
ٿولهه يا مائي، نرمائي وزن وغيره جي خبر نٿي پوي،
تئن احساس جي رستي خيال تي هڪ پاڇو پوي ٿو الله جي
ذات جي اڃا سموري خبر نٿي پوي؛ عقلي بيان کان
اندورني دايدار بهتر آهي. دايدار ڪرڻ کان وري محبت
يعني ميل ڪرڻ يا مطلوب ۾ سمائجي وڃڻ وڌيڪ آهي ۽
اهوئي سڀ کان اتم گيان جو رستو آهي.
”اهو آهي پريم جو گيان يعني معرفت؛ اهو گياني جنهن جي ڄاڻ پريم
منجهان پيدا ٿي آهي، سوئي سڄي خبر رکيٿو. انهيءَ
سڪ ۾ هو پنهنجي مطلوب جو رنگ ڌنگ خود پاڻ پائي ٿو
۽ انريت سچو ڀيد ڄاڻي ٿو؛ ڄاڻي نٿو پر خود پاڻ
اندر سمائي ٿو! پر ٻڌائڻ کان اها ڄاڻ ٻاهر آهي.
جئين هڪڙو مهاتما چوندو هو، لوڻ جي گڏي هلي سمنڊ
جي سئر تي؛ جي موٽي ته سمنڊ جو ڀيد ٻڌائي؛ پر جي
موٽندي ئي نه ته ٻڌائيندي ڇا؟ يعني لوڻ لوڻ ۾ ملي
ويندو! جڏهين آتما پنهنجو پرم روپ سڃاڻي ٿي، يعني
پرماتما سان هڪ ٿي وڃي ٿي، جڏهين بوند درياهه سان
ملي وڃي ٿي، تڏهين آنند کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو
رهي؛ پريم، گيان آنند هڪ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو
رهي؛ پريم، گيان آنند هڪ ٻئي ۾ سمائجي وڃن ٿا!“
صوفي صاحب شامل راءِ ٿيو ۽ چيائين: ”مذهبي مسئلو اهڙو ڳوڙهو
آهي، جو ڪي هزارن ۾ ٿورا سمجهن ٿا. ان ڪري ٻاون ۽
ملن کي ته حق ئي ڪونه آهي ته جو انهن ڳالهين بابت
ڪجهه به چون، جيڪي نه ڏٺيون اٿائون ۽ نه سمجهيون
اٿائون!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين خيال ڪبو ته ڪيتريون شيون آهن، جن بابت
پوري، خاطريءَ جهڙي ڄاڻ ڪانهي. تنهن هوندي به انهن
جو ذڪر ڪريون پيا ۽ انهن کي سچو ٿا سمجهو.“
سام چيو: ”هماليه جي چوٽي ايورسٽ تي ڪو پهچي ڪونه سگهيو آهي
(هيءَ ڳالهه ايورسٽ جي فتح کان اڳ جي آهي) تڏهين
به انجي هئڻ ۾ اعتبار رکون ٿا. پوءِ جي چئبو ته
چوٽيءَ تي وڃڻ واري کي ئي فقط اڌڪار آهي ته ان
بنسبت ڳالهائي ته اِها هڪ انساني گفتگو تي وڏي روڪ
ٿي پوندي؛ البت ائين برابر آهي ته چوٽيءَ تي پهچڻ
کان اڳ ۾ ان جي سچي ڄاڻ ڪانه رهندي ۽ پري کان ڏسڻ
واري جو علم اڌوروئي سمجهڻ گهرجي، پر ساڳئي وقت تي
اِهو به سمجهڻو آهي ته چوٽيءَ کي پهتل جي چوٽيءَ
تان ڳالهائيندو به کڻي، ته انجي ڳالهه بلڪل پوري
سمجهه ۾ نه ايندي. مطلب ته پنهنجي تجربي کان سواءِ
ٻيو سڀ علم فقط اشارن مثل آهي. پر تنهن هوندي به
اسين ڪيترن ڳالهين ۾ اعتبار رکون ٿا. ٻارن کي
ننڍيئي رام رام يا الله الله چوايون ٿا. اهي سمجهو
ته اشارا اٿن ته انهي پنڌ تي پاڻ ڳولا ڪن. ڪنهن کي
صفا انڌيريءَ ۾ ڇڏي ڏيڻ کان پنهنجي سمجهه موجب حق
جي طرف اشارو ڏيڻ چڱو آهي. ٻاوا ۽ مولوي به پنهنجي
جاءِ تي پنهنجو ڪم ڪن ٿا، جيتوڻيڪ هو فقط جا اشارا
ڏين ٿا.“
انهن لفظن ۾ گويا ذڪر ڪيل نقطه نگاهن جو سام ميل ڪري ڇڏيو!
***
19-8-1951ع هن ٻڌر جي ميٽنگ تي گوشت کائڻ يا نه کائڻ تي پڻ بحث
ڇڙيو؛ ڊپٽي صاحب چيو: ”مان ننڍپڻ کان گوشت ڪونه
کاوان؛ مان ماس کائڻ هڪ گناه سمجهندو آهيان.“
صوفي صاحب سام کان پڇيو: ”توهان جو ان جي باري ۾ ڇا رايو آهي؟“
سام وراڻيو: ”ان سوال کي وڏي اهميت ڪانه آهي. ڌرم گوگڙن ۽ بصرن
تائين محدود نه آهي ۽ نه ان جو آخري فيصلو بورچي
خاني جي ايوان ۾ ٿيڻو آهي.“
تنهن کان پوءِ سام پنهنجو هڪ آزمودو هن ريت سڻايو: ”مان ڪيترا
سال گوشت ۽ مڇي ڪين کائيندو هيس. ان اصول تي ايترو
پڪو هيس جو ولايت ۾ گهڻي مشڪلات محسوس ڪندي ۽ گهڻو
وقت مسافريءَ ۾ رهندي به، مون ماس مڇي يا چرٻي
وغيره اصل ڪونه ورتايو؛ هڪ هڪ ريسٽارنٽ يا گهر ۾
اول ڪيترو وقت انهن جي مالڪن کي سمجهائڻو پوندو
هو، جئن ڀُل ۾ چرٻي وغيره ڀاڄي ۾ ڪم نه آڻين. پوءِ
سر جڳديش چندر بوس جي کوجنا بابت پڙهيم ته ڀاڄين ۽
وڻن کي به جيءُ آهي ۽ انهن جا بنيادي اصول جيوت جا
پڻ ساڳيا آهن جهڙا جانورن جا؛ يعني ساهه هئڻ يا نه
هئڻ جي اصول تي فقط ويشنو پڻو بيهي ڪونه ٿي سگهيو.
تڏهين به فقط مڇي کائڻ شروع ڪيم ۽ گوشت کي اڻ
سهائيندڙ ۽ غليظ کاڌو ٺهرائي ان جو بهشڪار ٿي ڪيم؛
ڪيترن سالن کان پوءِ جڏهين ڪراچي ۾ اڪبر آشرم جو
ڪم ٻين کي سونپي پاڻ طيب ۾ زمينداري ڌنڌي تي آيس
تڏهين هڪ اڪبر آشرم جو ساٿي ڪراچيءَ مان مون سان
طيب ملڻ آيو؛ هو ڄائي ڄم کان ماس ڪونه کائيندو هو.
طيب ۾ جو مون کي نئين سر گوشت کائيندو ڏٺائين، ته
مون کان پڇيائين: توهين هي راڪسي کاڌو ڪين ٿا
ورتايو؟ مون کيس جواب ڏنو ته هتي ڀاڄين ۽ ميون جي
ايتري سهوليت ڪانه آهي جيتري ڪراچيءَ ۾ هئي؛ تنهن
کان سواءِ مون ڏٺو آهي ته مالي
(Economic)
نقطہ نگاهه کان ڇيلن ۽ گهيٽن جو گوشت بهشڪار ڪري
نٿو سگهجي. کيس ٻڌايم ته بروهي اسانجي زمينن ۾ هر
سال ڪجهه وقت لاءِ اچي ويهندا آهن؛ هنن کي وڏا ڌڻ
رڍڻ ۽ ٻڪرين جا هوندا آهن، جن جي چرائي (جنهن کي
پن چري چوندا آهن) روڪ پئسن ۾ ڪين ڏيندا آهن پر ان
جي عيوض ڇيلا وغيره ڏيندا آهن. منهنجي طيب اچڻ تي
جلد ئي هڪ بروهي پهرين قسط چار ڇيلا پن چريءَ جي
عيوض ڪاهي آيو. تن مان ٻه ڏنم ڪمدار جي سنڀال ۾ ۽
ٻه ڏنم اٺ واري کي تاتڻ لاءِ؛ جيستائين مان خيال
ڪريان ته انهن سان ڇا ڪجي، تيستائين هڪڙي کي آڦري
ٿي پيئي. ڪمدار اطلاع ڪيو ته ڇيلو حلال ڪجي ته واه
نه ته اجايو مري ويندو؛ جي توهان نه کائو ته اسين
حلال ڪريونس! لوڻ وغيره هڻڻ سان آڦري ڪان لٿس؛
جنهن ڪري اهو ڇيلو انهن ڪهي کاڌو، جيتوڻيڪ مون کين
ٻڌايو ته بيمار ڇيلي جي کائڻ مان نقصان ٿي سگهي
ٿو. ٿورن ڏينهن بعد ٻيو ڇيلو ڀت تان ڪري پيو، جنهن
جي ڄنگهه ڀڄي پيئي. ڇيلي جي ڄنگهه ڳنڍڻ ۽ سنڀال
ڪرڻ سو ڇيلي جي بهاءُ کان وڌيڪ کائي وڃي ها ۽
ڳنڍيل ڄنگهه سان هو تڳي به نه سگهي ها؛ يعني انسان
ذات تي بوجو ٿي پوي ها. تنهنڪري انکي کائڻ جي مون
اجازت ڏني. ٽئين ڇيلي کي اُٺ لت هنئين ۽ سندس
پاسريون ڀڃي وڌائين، سو به اٺ واري کي مفت ڏيڻو
پيو؛ ٻي صورت ۾ جلد مري وڃي ها. اهو حال انهن جي
موت ۽ زندگيءَ جو ڏسي منهنجي دل ۾ خيال پئدا ٿيو
ته آخر هي ڇيلا ڇا ڪندا؟ نه ڪري سگهن ماستري، نه
ڏئي سگهن هَرُ ڏاندان وانگر، نه منجهائن ٿئي کير
پئدا! باقي سوال رهيو واڌاري لاءِ کين سانُ ڪري ڪم
آڻڻ جو؛ پر اهڙي ڪم لاءِ ٽيهن يا چاليهن ٻڪرين جي
ڌڻ ۾ فقط هڪ نر ڪافي ٿيندو آهي. وڌيڪ ويچار ڪري
ڏٺم ته اهي بروهي جيستائين نَر ڇيلا وڪڻي، سندس
گوشت مان ڪجهه ڪين اپائيندا، تيستائين نه رڳو انهن
نرن جو پالڻ پر خود ٻڪري ذات جو دنيا ۾ رهڻ مالي
نقطہ نگاهه کان آسان ٿي ڪين سگهندو. جنهن ڪري يا
ته ٻڪري ۽ رڍ ذات صفا گم ٿي وڃي يا ته انسان ذات
کي ڇيلن مان به ڪا اپت ٿئي؛ هنن کي جيڪڏهين ڪنهن
ڪتب نه آڻبو ته هنن جي سڄي عمر جي کاڌي جو خرچ ڪير
ڪندو؟ تنهن کانسواءِ انهن جو واڌارو ايترو ٿيندو
جو انسان لاءِ هنن ڳوٺن ۾ نه کاڌو بچندو، نه جاءِ
رهڻ جي! پر جي توهين چئو ته کين جهنگلن ۾ ڦٽو ڪري
ڇڏجي ته اها ڳالهه وڌيڪ خراب آهي، ڇاڪاڻ جو نه فقط
کير مهانگو ٿي ويندو پر انهن کي پڻ گدڙ ۽ بگهڙ هڪ
ڏينهن ۾ ئي کائي چٽ ڪري ڇڏيندا تنهنڪري چوٿون ڇيلو
مون پاڻ کاڌو!
”اهي دليل منهنجي ڪراچيءَ واري دوست کي اهڙا ته دل سان لڳا، جو
هن سڄي عمر جو ويشنو پڻو ڇڏي مون سان اتي جو اتي
گوشت کاڌو. پر منهنجو اهو مطلب نه آهي اسانکي لاهي
پاهي گوشت تي آڌار رکڻ گهرجي؛ ڪيتري حالتن ۾ گوشت
صحت لاءِ خراب ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڌارمڪ اصول پڻ مان
مڃان ٿو ته انسان کي گهٽ ۾ گهٽ هنسا جو رخ اختيار
ڪرڻ گهرجي؛ خواه مخواه ڪنهن به جيوَ کي مارڻ يا
انجو ساهه وٺڻ نه گهرجي. مگر مٿين سببن ڪري گوشت
جو بهشڪار سڄي آدم لاءِ ضروري ٺهرائڻ سو ڪين ٿي
سگهندو. شايد ان ڪري ئي دنيا جي وڏن ڌرمن جي
پيغمبرن ۽ اوتارن مان ڪنهن ماس مڇيءَ جي بهشڪار تي
زور نه ڏنو آهي جو گيان جي درشٽيءَ سان هنن شايد
ڏٺو هجي ته سڀ ڪنهن انسان لاءِ گوشت واري ڇڏڻ سو
ڪو عملي قدم نه آهي تنهن ڪري ماس جو ورتاءُ هڪ
ضروري پاپ
(Necessary Evil)
ڪري سمجهڻ گهرجي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اهو خيال غلط آهي. مان ثابت ڪندس ته انهن ماس
مڇي جي برخلاف رستو ڏسيو آهي.“
سام وراڻيو: ”سو توهين شايد انهيءَ مان ثابت ڪندا ته انهن ديا
ڀاوَ يعني گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو اصول ڏسيو يا ماس
مڇيءَ کي تمسي کاڌو ٺهرايو آهي. مگر ماس کي تمسي
کاڌو ٺهرائڻ تنهن جي معنيٰ اها نه آهي ته سڄي
انسان ذات اهو ڇڏي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارا
اصول ڪن لاچاري حالتن ۾ حياتي وٺڻ جي برخلاف نه
آهي؛ ديا ڀاوَ جا گهڻا نمونا ٿي سگهن ٿا؛ ڪتابن ۾
لکيل آهي ته گوتم ٻڌ هڪ ڪڙميءَ جو مهمان ٿيو.
انهيءَ ڪڙميءَ گوتم جي لاءِ گهڻي پريم ۽ شرڌا سان
پنهنجي دستور موجب مڇي ۽ ماني تيار ڪري آندي؛ گوتم
ٻڌ ديا ڀاو وچان، هن جي دل نه دکائڻ جي خيال کان،
چون ٿا ته مڇلي سويڪار ڪئي! ساڳئي ديا ڀاوَ وچان
ڏسبو ته انسان ذات جو نه رڳو اٽڪل چوٿون حصو ماس
مڇي جي ورتاءَ بند ڪرڻ ڪري بيروزگار ٿي پوندو، پر
گهرو جانورن جي گهڻي ۽ اجائي واڌاري ڪري انسان جي
رهڻ جو معيار
(Standard)
پڻ گهٽجي ويندو؛ ان ڪري ڪوبه قوم جو سياڻو رهبر ان
تحريڪ کي ٽيڪ ڏيئي نه سگهندو.“
سام وڌيڪ چيو: ”ديا ڀاوَ سڀ کان اتم آهي پر هر حالت ۾ توهين
انسان ذات لاءِ هنسا بند ڪري نه سگهندا. پالن ۽
سنگهار ڪرڻ حقيقت ۾ هڪ شڪتيءَ جا ٻه روپ آهن؛ جيون
جي اصول جا ٻه پاسا آهن. هڪ کي اسين وشنو ٻئي کي
مهيش چئون ٿا. هڪ ديا ڀاوَ وارو آهي ٻيو ڏمر ڪندڙ
ديوتا آهي. پر اتپتيءَ لاءِ جيترو پالن ڪرڻ وارو
اصول ضروري آهي، اوتري ئي اهميت سنگهار ڪرڻ واري
شڪتي رکي ٿي. انهن ٻنهي اصولن مان فقط هڪڙي تي
زندگيءَ کي بيهارڻ، سو ڪچن فيلسوفن جو ڪم آهي.
ٻنهي کي ضرور تسليم ڪرڻو آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”پر انسان ڪير آهي جو پاڻ کي ان اتپتيءَ جو ذمه
وار سمجهي يا سنگهار ڪرڻ واري شڪتي ڪم آڻي؟“
سام چيو:”انسان خود ان قدرت جو جزو ۽ وارث آهي جنهن قدرت هيءُ
برهمنڊ بنايو آهي. انسان انهن اصولن کان ڌار رهي
نٿو سگهي، جيڪي قدرت برپا ڪيا آهن. ويچار ڪريو ته
ڇو شري ڪرشن پاڻ هنسڪ لڙايون ڪرايون؟ ڇو سردار
محمد (صلعم) جن لڙائيءَ جائز فرمائي؟ ڇو پرڀو يسوع
مسيح پنهنجي هٿن سان مڇيون ماڻهن کي کارايون؟
توهين جيڪي ڳالهيون ڪريو ٿا سي عملي نه آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”پر توهين پاڻ ته گهٽ ۾ گهٽ هنسا واري اصول ۾
اعتبار رکندڙ آهيو. پوءِ ڇو نه ٿا ميوا ڀاڄيون،
اناج وغيره کائي ان اصول تي هلو؟ قدرت کي جئن وڻي
تئن کاڌي جي اڻاٺ پيدا ڪري يا مرضن بيمارين ذريعي
پاڻهي سنگهار ڪرڻ واري شڪتيءَ کي پيئي ڪم آڻي؛ اهو
قدرت جو ڪم آهي ۽ نه اسانجو. اسين پنهنجي لاءِ گهٽ
۾ گهٽ هنسا وارو اصول اختيار ڪريون ته پوءِ ڇا
آهي؟ ڪا ضرورت ته ڪانه آهي جو هرو ڀرو هنسا ڪري
پيٽ پاليون؟“
سام چيو: ”گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو رستو سٺو آهي. مگر ماس، مڇي
تڏهين بهشڪار ڪري سگهبو، جڏهين ايتريون ڀاڄيون ۽
ميوا ڌرتيءَ تي پئدا ٿي سگهن جو سڀ ماڻهو آسانيءَ
سان اُهي هٿ ڪري سگهن. توهين چوندا ته ڇو نه انهن
جي وڌيڪ پئداوار ڪجي؟ شايد پئداوار ۾ ڪجهه واڌارو
ٿي به سگهي، مگر انسان ذات اڳ ۾ ڇا نه ڪيو آهي؟
ٽڪر جي اتاهين چوٽين ۽ اونهي ۾ اونهي غارن ۾، برن
۽ ٿرن تي، سمنڊ جي مٿان ۽ سمنڊ جي تري ۾، گرم ملڪن
۾ ۽ ٿڌن آرڪٽڪ ريجنس ۾ به روزگار جي لاءِ انسان
خوب ڳولا ڪئي آهي ۽ ان جي هٿ ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا
آهن؛ آباديون ڪيون آهن، جانور پاليا آهن، ڌاتو
کوٽيا آهن ۽ ٻيا سڀ نمونا جيڪي سائنس ۽ انساني هنر
کي معلوم هئا سي پيٽ پالڻ لاءِ اختيار ڪيا آهن.
تنهن هوندي به ڏڪر يعني کاڌي جي اڻاٺ کان انسان
آجو ٿي ڪين سگهيو آهي. مثال طور اڄ هندستان ۾ ڏڪر
جون حالتون موجود آهن. هاڻي انهن حالتن هوندي، جي
اسان مان ڪوبه هڪڙو اٿي گورنمنٽ کي چوي ته گوشت ۽
مڇي کائڻ بند ڪرايو ۽ جانورن کي مفت کاڌو
کارائيندا رهو ۽ ان لاءِ ڪافي ٻنيون سندن چراگاهه
ڪري رجهايو ته اها هڪ چريائيءَ جي ڳالهه نظر
ايندي؛ پر جي توهين چئو ته هن وقت تائين انسان ذات
کاڌي جي ڳولا پوري نه ڪئي آهي ۽ هن يا هن نموني
زرعي پيدائش وڌائي انسان پنهنجو گذارو ڪري سگهي ٿو
ته اها ڳالهه پڻ بي سود سمجهي ويندي ڇا لاءِ جو
واڌارو کڻي کاڌي جو ڪجهه ٿيندو پر هوڏانهن انسان
ذات به وڌندي رهي ٿي؛ ۽ جي اهو ويچار ڪريو ته ڪنهن
به جانور کي هٿ نه لائڻ ڪري ۽ انهن جي کاڌي لاءِ
گاه جي بندوبست رکڻ ڪري انسان جي ڪوشش جو ڪافي حصو
خرچ ٿي ويندو ته مسئلو ويتر اهنجو ٿي پوندو. دل ۾
ديا ڌاري به انسان پنهنجي جسماني ٻنڌنن کان آجو ٿي
نٿو سگهي ۽ ڪجهه قدر هنسا ڪرڻ کانسواءِ سندس تڳاءُ
ڪين ٿو ٿئي“
ڊپٽي صاحب چيو: ”سڀني جي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو؟ توهان وٺو پنهنجي
ڳالهه کي ته توهان جي گوشت نه کائڻ ڪري ڪيتري
سوڙهه کاڌي جي وڌندي؟ توهين ته گهٽ ۾ گهٽ ڀاڄيون،
ميوو وغيره خريد ڪري کائي سگهو ٿا.“
سام چيو: ”مان جيڪي به ڪريان، سو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن تي ٻيا
منهنجا ساٿي به هلي سگهن ۽ جيڪڏهن ٻيا ان رستي تي
هلن ته انهيءَ مان ڪو مشڪل مسئلو پيدا نه ٿئي. سچو
۽ عملي ڌرم اهو آهي؛ باقي پئسي جي زور سان يا ٻئي
ڪنهن ٻل سان جيڪڏهين مون ڪا خاص سهوليت ماڻي سگهي
يا پاپ کان هٿرادو ڇوٽڪارو پاتو، يا ڪو مهانگو
لباس ڌرم جو اختيار ڪري سگهيو ته ان ۾ منهنجي ڪا
به وڏائي ڪانه ٿيندي. مطلب هي آهي ته جو ماڻهو
ڪنهن به اصول تي هلڻ جي هام هڻي ٿو، سو پنهنجو
فرض، فرض ڄاڻي پنهنجي اصولن جي اهڙي چڪاس وٺي جو
سڀ ماڻهو ان جا پوئلڳ ٿي سگهن. اهو ڏسڻ ضروري نه
آهي ته سندس اصول زندگيءَ ۾ ڪا رڪاوٽ ته پيدا نه
ٿو ڪري؛ اهڙي چڪاس وٺڻ کان پوءِ ئي ڪنهن کي اڌڪار
آهي جو سڀن کي ان اصول تي هلڻ جي صلاح ڏي؛ باقي
اسان جي جاتيءَ ۾ ته جيڪو چار اکر ڀاشا جا سکي ٿو،
سو هڪدم ساڌو ٿي وڃي ٿو ۽ ماس مڇيءَ خلاف پرچار
شروع ڪري ٿو؛ ڄڻڪ اهو ڌرم جو آد ۽ انت ٿي چڪو!
مگر ائين نه آهي. هن سوال جو اقتصادي پاسو به ڏسڻو
آهي. ٻين کي صلاح ڏيڻ بدران توهين پاڻ به گهٽ ۾
گهٽ هڪ ڇيلو بنا مطلب جي پالي ڏيکاريو؛ اُن جو خرچ
سڄي عمر لاءِ برداشت ڪريو، يا نر ڇيلن مان ڪو ڪم
وٺي ڏيکاريو، جئن ٻين کي چئي سگهو ته ڇيلو ڪهڻ
ضروري نه آهي؛ جيستائين ڳالهه جا سڀ پاسا نه جاچيا
اٿو تيستائين قوم يا پاڻ لاءِ فقط ڪابه ڳالهه
ضروري ٺهرائڻ بنا مقصد ٿيندي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مان جيڪڏهن گوشت ورتائيندو آهيان ته وڏي نمرتا
ڀاو سان؛ دل ۾ ديا ڀاوَ رکي ڪري ئي ورتائيندو
آهيان. گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو اصول مان نرالن طريقن
سان عمل ۾ آڻيندو آهيان. ڪوشش ڪندو آهيان ته ڀاڄين
جا پن، ميوي جون ٻاهريون کلون وغيره ۽ کاڌي جهڙيون
ٻيون شيون اجايو زيان نه ٿين؛ کاڌي جي هڪ ذري به
زيان ٿيڻ تي مونکي دلي صدمو پهچندو آهي. تازو
هينئر بمبئيءَ ۾ چار هفتا کن هڪ دوست جو مهمان
ٿيس. هندستان ۾ کاڌي جي شين جي ڪجهه اڻاٺ آهي. مون
هڪ داڻو به سندس اَن جو پليٽ ۾ يا ٻي طرح زيان ڪين
ٿي ڪيو. هنن کي عجب لڳو ته پاڪستان ۾ کاڌي جي
گهڻائي هوندي به منهنجون عادتون اهڙيون گهٽ ۾ گهٽ
زيان واريون ڪيئن ٿيون!
”جيترو کاڌي جو زيان مون گهٽ ڪيو اوتروئي مان سمجهندو آهيان ته
ڌارين کاڌن يعني گوشت وغيره جي ورتاءَ بند ڪرڻ ۾
مون مدد ڪئي ۽ اوتري قدر دنيا ۾ هنسا ۽ مهانگائي
گهٽ ڪئي. گهر جو ڪو ڀاتي پاڻيءَ لپ نلڪي مان يا
ٿانو مان اجايو وڃائي ته به مونکي ارمان ٿيندو
آهي. ٻيا چوندا آهن ته پاڻي مفت جو آهي، توهين ڇو
ٿا چنتا ڪريو؟ مان کين چوندو آهيان ته مفت جو نه
آهي؛ پر انهيءَ تي انسان ذات جي پورهئي ۽ پگهر جي
لڳت ٿي آهي؛ جيڪڏهن ذرو به ان پورهئي جو گهٽبو
انسان جي هسڪ ٿيندو؛ پنهنجي پالنا لاءِ ٻئي هنڌ ڪم
ايندو ۽ اوتري قدر انسان گهٽ هنسڪ ٿيندو؛ پنهنجي
پالنا لاءِ جنگ، چوري وغيره پاپ جهڙا رستا پڻ گهٽ
اختيار ڪندو. گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو اصول اختيار ڪرڻ
سو اتم ڌرم جو مارڳ آهي. هي سڀ ڳالهيون پڻ ان ۾
اچي وڃن ٿيون.اسان ته ائين ئي پيا هلون. شايد ان
هوندي به پاپ جا ڀاڳي ٿيون! پر نمرتا ڀاوَ رکي
ضروري هنسا ڪرڻ سواهنسا جي اصول جي برخلاف نه ٿا
سمجهون. سڀ ڪنهن چيز جو ادب ڪرڻ يا ان جو پورو قدر
ڪرڻ، سو آدرشي انسان جو ڪم آهي پر ان ادب ڪندي به
بعضي وڏي آدرش لاءِ ڪنهن جي حياتي وٺڻي پوي ٿي.
شايد اهڙي ڪنهن خيال وچان ئي مهاتما گانڌي (جنهن
کي اهنسا جو اوتار مڃيو وڃي ٿو) پوک جي بچاؤ لاءِ
نقصانڪار جانورن کي مارڻ جائز ٺهرايو هو!“
ڊپٽي صاحب آخر ۾ چيو ته اهي خيال به ويچار جهڙا آهن. وڌيڪ وري
ڪنهن ٻئي موقعي تي ڳالهائينداسين.
*** |