سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 49

تنهن کان پوءِ جيڪي پنج مهينا اسپتال جي مٿان پنهن جي گهر ۾ گذريا، سو وقت به عجيب آزمودن جو هيو. مون کي بيمار ڏسي ڪيترا اڳيان وفادار اسپتال جا نوڪر، دايون ۽ ڪي ٻيا دوست پڻ منهن موڙ ڪرڻ لڳا. اها هڪ خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو ڪي ٿورا اڃا به هئا، جن ۾ سچائي هئي؛ جن سرڪاري ملازمن سان خاص طور مون ڪي ڀلايون ڪيون هيون سي ته بنهه بي وفا ٿي پيا! ڪم سڄو گهر جا ملازم ۽ سام پاڻ تي کڻي بيٺا. ميونسپالٽيءَ جا ڪي ڪلارڪ ۽ ننڍا آفيسر پڻ برخلاف ٿي پيا. نوڪرن جي ڪوارٽر ۾ پندرهن سال هن اسپتال جي شروعات کان اسان جو مال بيهندو هيو، جنهن لاءِ آفيسرن پاڻ منهه ٺهرائي ڏنو هو، اسان جي مال کي ان مان تڙي ڇڏيائون ۽ جيڪي ملازم ڪجهه وفادار هئا، انهن کي به ڪنهن نموني نوان آفيسر تنگ ڪرڻ لڳا. اڃا ته ڪن کي آسرو هيو ته مان شايد خوش ٿيان ۽ وري نوڪريءَ تي چڙهان؛ ورنه اڃا وڌيڪ تڪليفون پئدا ٿين ها. منهنجي رٽائرڊ ٿيڻ جو وقت به اچي ويجهو پيو هو رواجي طرح 17 اپريل تي مون کي رٽاير ٿيڻو هو. مگر منهنجي Extension جي سفارش مٿي ويل هئي ۽ اسان کي آسرو هيو ته اها ضرور منظور ٿيندي. پر اسان کي پنهن جي مجبورين ۾ قابو ڏسي منهنجي Extension جي خلاف ڪن دشمنن ڪوڙيون تارون ڪرايون، آخر نتيجو اهو نڪتو جو رٽاير ٿيڻ واري تاريخ کان فقط هڪ ڏينهن اڳ ۾ آرڊر اچي نڪتا ته Extension ڪونه ڏجي.

مان جو ويهن سالن کان وڌيڪ هن پوسٽ تي رهي هيس، ته انهن سالن ۾ اسان جا خانگي سامان به گهڻا اچي گهر ۾ گڏ ٿيا هئا. مان اڃا گهمڻ جهڙي نه هيس ۽ سام به سڄو وقت منهنجي سنڀال ۾ قابو هيو. اهي سامان ضرور اڳ ۾ ڪڍڻا هئا. هيڏانهن مليل حڪم موجب لڏجي لاءِ سانباهو ڪرڻو هيو. پنهن جي فرنيچر کٽن وغيره کان سواءِ اٽڪل ٻه سؤ کن ٻيا ننگ ۽ کوکا ڀريل سامان جا جاءِ مان نڪتا. اُنهن کي هوريان هوريان بند ڪرڻ ۽ ٺاهي تيار ڪرڻ ، اهو ڪم سام ۽ گهر جي ڇوڪرن جي مٿان اچي پيو جو قريباً ٻه ميهنا ساندهه هليو. پهريائين ته جاءِ ۾ رهڻ جي فقط اجازت هڪ مهينو ملي؛ پوءِ آهستي آهستي وري درخواستن ڪرڻ تي ٽي چار هفتا وڌائي ڏنائون. هوڏانهن نئين جاءِ جي ڳولا پڻ ڪرڻي پئي.

مون هن ڦٽل اسپتال کي محنت ڪري وڏي عروج تي پهچايو هيو. چئن يا پنجن روزاني مريضن کان وڌي ٽن سو کان مٿي روزانه بيمارن جون داخلائون منهنجي وقت ۾ پئي ٿيون. اسان کي يقين هو ته گهٽ ۾ گهٽ اسپتال جي بهبوديءَ لاءِ، واسطيدار آفيسر چاهيندا ته مان وڌيڪ رهان. پر هنن پنهنجي هڪ نئين پاس ڪيل مهاجر ڇوڪري کڻي منهنجي جاءِ تي رکي.

ايشور جا عجيب رنگ آهن؛ ڪڏهن ته منهنجي مقرريءَ جي وقت کان ڪيترا سال ڪليڪٽر، ڪمشنر، وزير ۽ انهن جون زالون اچي همٿائينديون هيون ڏٺم ته ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ ننڍا وڏا آفيسر سڀ اوچتو برخلاف ٿي پيا ۽ پنهنجي گهر ۾، پنهنجي اڏيل يعني ڪماليت تي پهچايل اسپتال ۾، مان ئي خود ڌاري ٿي پيس! مون کي ان ڪري لاڙڪاڻي مان نفرت اچي ويئي. سام کي چيم ته هن شهر مان مون کي ڪيڏانهن به ٻاهر وٺي هل. جلد ئي هڪ دوست قمبر ۾ هڪ بنگلي جي مسواڙ تي ملڻ جي آڇ آندي؛ اسان به هڪدم اها قبول ڪئي. سام منهنجي ٽنگ جي ايڪسرسائيز ڪرائڻ ۾ ڪڏهن  به ڪونه گٿو هو؛ ڌڻيءَ  جي مهر سان اسپتال ڇڏي قمبر لڏي اچڻ وقت پڇاڙيءَ جي ڏينهن يعني 28 مئي 1970ع تي مان هوريان هوريان پير کڻي گهمڻ شروع ڪيو. اسپتال جي مٿان هڪ وڏو بنگلو اسان جي مرضيءَ موجب ٺهرايو ويو هو. اسان به ان کي پندرنهن سال بلڪل سٺو رکيو ۽ نه رڳو پڌرن ۾ گلزاري ڪئيسين پر صوفين جي ست سنگ جا ميلا پڻ لڳرائيندا هئاسين. اهي سهڻا باغ پنهنجي هٿن سا ڊاهڻا پيا ۽ اهي محفلون ۽ ميلا لڏڻ کان اڳ ۾ ئي ڪجهه مهينا بند ڪرائڻا پيا. سڀ شيءِ جي آد به آهي ۽ انت به آهي. انهيءَ جاءِ تا اڪبر آشرم جا ڪتاب به شايع ٿيندا هئا. اڄ يعني هن ليک لکڻ وقت اها هڪ ويرانو بڻجي ويئي آهي. نه وري پنهنجي سامانن جي  ڪا خبر آهي ته ڪهڙا ڪٿي رکجي ويا آهن! اهي يڪتارا، باجا، ساز جن جا آواز هوائن ۾ گونجندا هئا سي به خبر نه آهي ته ڪهڙن کوکن ۾ بند ٿي ويا. پاڻ سان فقط مختصر سامان کڻي قمبر پهتاسين. ائين پيو لڳي ڄڻ ٻيو هڪڙو دور زندگيءَ جو وري ختم ٿي ويو ۽ خبر نه آهي ته ايشور کي اڳتي ڇا وڻي هن ويراني مان ڪا نئين آشرم يا ڪا نئين زندگي اڏي سگهجي يا نه .

”اُس کي گٽ مت اوهي جاني.“

***

 

 

رٽاير ٿيڻ کان پوءِ جي واقعات بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ مان پنهنجي رسوئي ڇوڪري کي هڪ ٻار جي ڄمڻ بابت ٿورو لکڻ گهران ٿي. جن ڏينهن ۾ سام جون تڪليفون شروع ٿيون تن ڏينهن ۾ هندستان وڃڻ کان ٿورو اڳ، 26 ڊسمبر 1968ع  تي انهيءَ جو جنم ٿيو. سندس ناليءَ لاءِ مون ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ سام کي چيو ته توهان نالو رکوس. سام سندس نالو ’وينا‘ رکيو، جنهن جو مطلب آهي بنسي، جيستائين سام اتي هيو تيستائين ڇوڪريءَ جو رنگ اڃا سانورو ٿي لڳو. پوءِ آهستي آهستي هن جو رنگ کليو ۽ هوءَ هڪ وڻندڙ ٻار ٿي پيئي ۽ سام جي هندستان وڃڻ کان پوءِ منهنجي هڪ چڱي وندر ٿي پيئي. نه فقط ڇوڪريءَ جي ڄمڻ کان پوءِ سام جو ٻاهر وڃڻ ٿيو، پر هڪ مهمان، اسان جي گهر ۾ ٽڪيل، جنهن مون کي پنهنجي ڌيءَ ڪري سڏيو هو ۽ مان ان کي پنهن جي ماتا ڪري سڏيو هو، تنهن جي ڄنگهه جو اسان وٽ فرئڪچر ٿي پيو. ماڻهو چوندا هئا ته ڇوڪريءَ جو اچڻ ڳورو ثابت ٿيو! پر مان کيس هميشہ پيار مان چوندي هيس، ته تون سدوري ثابت ٿجانءِ ۽ سڀني کي چوندي هيس ته هن ويچاري نياڻيءَ جو ڪهڙو قصور؟“

سام ائين چوندو هو ته پيار کي پنهنجون اکيون آهن. جنهن شيءِ ۾ جيڪي ڏسي سو انهيءَ ۾ اتپن ٿي سگهي ٿو. جيئن گهنگهڻي مٽيءَ جي گهر ۾ پوريل ڪيئن جي مٿان ڀون ڀون ڪري انهن کي پاڻ جهڙو بڻائي ڇڏي ٿي، تيئن گهڻي پيار ڪرڻ سان اسان ڪنهن به ٻار کي پاڻ جهڙو بڻائي سگهون ٿا؛ ان ۾ اهي گڻ سمائي سگهون ٿا، جيڪي اسان کي وڻندڙ آهن، گويا اسان پيار ڪرڻ سان ان کي ڪجهه قدر پاڻ جهڙو بڻائي سگهون ٿا. سام وڌيڪ چيو ته اهو ڪو وهم ڪو نه آهي؛ جيتوڻيڪ هن نئين ڄاول ٻار جا ماءُ پيءُ اڻپڙهيل آهن ۽ منجهن ڪي خاص وڏيون وصفون موجود ڪونه آهن، تڏهن به هن ڇوڪريءَ کي يا ٻئي ڪنهن به ٻار کي هي سنگ نصيب ٿيندو ته ضرور انهيءَ ۾ ڪي وڏا گڻ پئدا ٿيندا. ڇا لاءِ جو آتما رت، پونءِ ۽ رڳن جو ٺهيل رانديڪو نه آهي پر هڪ آزاد چيز آهي، جا ڪنهن به چوٽيءَ تي پهچي سگهي ٿي. ازانسواءِ شاسترن ۾ چيل آهي ته آتمان پنهنجي اڇا موجب جنم وٺي ٿي.

***

 

 

سام هڪ ڀيري چيو ته اڳي ڊائريءَ ۾ چئي آيا آهيون ته تنهن جي سنساري تمنائن کي مون نپوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته جيئن سنساري يعني گهرو دائرن کان تنهنجو پيار نڪري ٻين وڏن دائرن ۾ کيڏ ڪري. انهيءَ جي ڀيٽ اسان هڪ ول جي نچوڙڻ سان ڪئي هئي، جنهن جي چوٽين کي ٿورو نچوڙي ڇڏبو آهي ته جيئن اجاين پنن جي بدران وڌيڪ ڪرائتا ڦل پئدا ڪري. مگر وڌيڪ ڪارائتن ۽ وڌيڪ مٺن ڦلن پئدا ڪرڻ جو موقعو مان توکي ڏيئي ڪونه سگهيو آهيان. يعني اسان جي حياتيءَ جو چڱو ڀاڱو اڃا به سنساري ڪمن ۾ گذري رهيو آهي. ان ڪري تون به پنهنجي ذاتي تمنا اهڙن ميون پئدا ڪرڻ جي پوري ڪري نه سگهي آهين. مون کي اميد هئي ته اها آشرم اسين جلد اڏي سگهنداسين جنهن ۾ تنهنجو ماتاپڻو ۽ تنهنجو ڊاڪٽري علم سُون هزارن ٻالڪن جي پالنا ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهندو.هن وقت جون حالتون انهيءَ آدرش جي ويجهڙائيءَ کان ويتر اسان کي دور ڇڪي آيون آهن. تنهنجو گهڻن ٻارن تي پيار قدرتي آهي، تنهن ڪري جڏهن ڪنهن ٻار تي تنهنجو خاص پيار ڏسندو آهيان ته منهنجي دل به ان ڏانهن ڇڪجي ويندي آهي ۽ اهو پڻ خيال ٿيندو آهي ته توکي انهيءَ پيار مان پورو مزو تڏهن ملندو جڏهين منهنجو به مٿس پيار ٿيندو. ان نموني مان خود پنهن جي پيار جي دائري وڌائڻ سان گڏ پنهنجو هڪ فرض به پورو ڪندو آهيان.

***

 

 

سام وڌيڪ چيو: ”جڏهين جڏهين انسان پاڻ کان وڌ ڪنهن کي پيار ڪري ٿو يعني پنهنجو سک، سهنج، ننڊ ۽ آرام ڦٽائي ٻئي جو خيال ڪري ٿو، تڏهين ائين سمجهڻ گهرجي ته گويا آتما هن جسم تي فتح پاتي آهي، پوءِ کڻي اهو پيار ماتا پتا يا ڀاءُ ڀيڻ جي موهه جي صورت وٺي اچي.

”پيار کي موهه چئي اسان ان جي اهميت يا پاڪائي گهٽائي نه ٿا سگهون. ڪهڙي به ادنيٰ انسان جو پيار آخر پيار آهي ۽ پاڪ آهي. تاهم ايترو سمجهڻ کپي ته هڪ پيار جانورن وارو چئجي يا عام رواجي انسانن وارو ۽ ٻيو دياوانن ست پرشن وارو ٿئي ٿو. جانورن وارو پيار اهو چئجي جو فقط پنهنجي ٻچڙن جي سنڀال خاطر آهي؛ ٻين جي ٻچن کي به وقت تي اهي نقصان پهچائي سگهن ٿا. رواجي منشين وارو پيار اهو چئجي جو گهرو دائري تائين محدود هجي. گهڻا منشيه، گهڻو ڪري عمر ڀر تائين، فقط پنهنجي ٻارن لاءِ پيار رکن ٿا. اهي جانورن وانگر ٻين جي ٻارن کي نقصان پهچائي پنهنجي ٻارن کي سک يا سهولتون ميسر ڪري ڪونه ٿا ڏين، تڏهن به ايترو ضرور ڪن ٿا جو ٻين کي صفا وساري پنهنيجي ڄڻيل ٻارن جي گهرجن پوري ڪرڻ جو اول خيال رکن ٿا. ٽيون پيار جيڪو دياوان پرش سڀ ڪنهن لاءِ رکن ٿا، اهو به رُکو پيار نه آهي؛ ان ۾ جيتوڻيڪ بي واجبي گهرجون ڪنهن جون اهي پوريون نه ٿا ڪن. تڏهين به هنن جو پيار ڪافي گهاٽو رهي ٿو. ان پيار ۾ سچو مزو دل ۽ من کي حاصل ٿئي ٿو. اهو اُتمڪ پيار مان چاهيان ٿو ته تو ڀل گهڻن ٻارن سان رک؛ ڀل ايترو ئي يا انهيءَ کان وڌيڪ به پاڻ وساري ٻين جي ٻارن جي شيوا ڪندي رهه، مگر رواجي ماءُ پيءُ واري تنگ دلي من ۾ پئدا ٿيڻ نه ڏجي. اهو ئي تنهن جي آتمڪ شڪتيءَ جو ڪافي ثبوت آهي جو تون بنا ڄڻڻ وڻڻ جي گهڻن ٻارن کي ايترو پنهنجو ڪري سگهي آهين. رواجي طرح تو ۾ اهو اگياني موهه پيدا ٿيڻ نه گهرجي، مگر انسان ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ارمانن جي دنيا ۾ ڀلائي پنهنجي سچي هستي وساري ويهي ٿو. تنهنجي سچي يعني روحاني ماتا پڻي جو ڪيترن ڇوڪرن کي مدد ڪري پالي وڏي ڪرڻ ۾ ڪافي ثبوت ملي ٿو. اها سچي روحانيت جي هڪ نشاني آهي ۽ آءٌ به انجو سلام ڪريان ٿو.“

مون سام کان پڇيو: ”ارمانن جي دنيا ۾ انسان ڪيئن ٿو ڀلي وڃي؟“

سام چيو: ”اهو سمجهڻ تمام سوکو آهي؛ مثال طور مون کي هڪڙو دوست ڪراچيءَ ۾ چوندو هيو ته تون ڪينئن به ڪري مئٽرڪ پاس ڪري ڇڏ! جيتوڻيڪ انهيءَ وقت مان پنهن جا انگريزي ڪتاب شايع ڪندو هيس ۽ هن کي معلوم هيو ته مئٽرڪ يا خود ايم اي وارن کان انگريزيءَ ۾ وڌيڪ هوشيار هيس؛ تڏهن به ان جي ايتري ڀون ڀون ڪرڻ ڪري شايد ڪو ارمان من ۾ ويهجي ويو ۽ ياد اٿم ته ڪي اهڙا خواب ڏسندو هيس، جن ۾ لحظي لاءِ نانِ مئٽرڪ ڪيوليٽ رهڻ جو ارمان رهندو هيو. پر ننڊ مان جاڳڻ بعد پاڻ تي کلي ويهندو هيس ته هي هڪڙو ارمان سپني ۾ منهنجي مٿان اچي غالب پيو! ان ريت ڪيترا سال انهيءَ کان اڳ هڪ ڀيري (Pelamanism) نالي هڪ ڪورس ڪتابن جو گهرائي امتحان جا پيپر ڀري ڪلڪتي موڪليا هيم، جو (Pelamanism) وارن ائڊورٽائز ڪيو هو ته اسان جي ڊگري مئٽرڪيوليشن پاس ڪرڻ جي برابر ٿيندي. پر مون جلدئي محسوس ڪو ته هيءَ ٻاراڻي راند ويٺو ڪريان. اهڙيءَ طرح ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي دل ۾ به اهڙو ارمان ڪن ماڻهن پيدا ڪيو هجي ته تو پنهنجو ٻار ڪونه ڄڻيو آهي! پر آتمڪ اڀياس وارن لاءِ اها هڪ مورکائي آهي ۽ ان ڪري ڪي مورک انسان ڀلجي ٻين ٻارن کي Adopt ڪري يعني گود ۾ وٺي تنگ دليءَ واري ماتا پتا جي موهه ۾ پنهنجو سچو پيار وڃائي وجهن ٿا. ائين نه ته ڪو مون تو ۾ اها تنگ دلي ڏٺي آهي؛ مگر پنهنجي ساٿيءَ کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ضروري آهي.“

مون سام جي هدايت سمجهي. در حقيقت منهنجي سام کان سواءِ خود پنهنجي مائٽن سان به ايتري لگن ڪانه آهي؛ ايتري قدر جو خود سام ئي انهن ڏانهن فرض پوري ڪرڻ جي ياد ڏياريندو آهي!

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org