پنهنجي گذريل وقت جون ڪي ڳالهيون
ٻڌائيندي اڄ سام چيو: ”شاديءَ کان اڳ سمورو وقت
ڪتابن جي اڀياس ۽ دل گهرين ڪسرتن ۾ خرچ ٿيندو هو.
ان وقت هڪ ڇوڪرين جو ڪلاس سنڌي ۽ انگريزيءَ جي
پڙهائڻ لاءِ کوليو هيم ۽ ڳوٺ جي حويليءَ جون زالون
گهڻيون ست سنگ ۾ اينديون هيون. پر شاديءَ کان پوءِ
جلد اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. انهن کي اسانجي شادي ڪرڻ ۽
گرهست ۾ گهرڻ هڪ گهٽتائي ٿي لڳي، اگرچ اسانجي نيم
۽ ويچار ۾ ڪو ڦيرو ڪونه آيو هو. اُهي ست سنگ وارا
جلد ٽهي ويا ۽ ڇوڪرين جو ڪلاس به بند ٿي ويو، مگر
سنسار ۾ گهرڻ مون لاءِ فائدي وارو هو؛ ڇا لاءِ جو
سنسار جون ٺوڪرون کائي انسان گهڻو ڪجهه سکي ٿو.
حقيقت ڪري سنسار جو پهاڙ آهي ئي ان لاءِ ته انسان
جو من ان کان چوٽون کائي وڌيڪ نهٺو ۽ نرم بڻجي.
پهاڙ تان هڪ لڱا هڪ وڏو پٿر مون ڪرندو ڏٺو؛ جئن
ڪرندو، چوٽون کائيندو هيٺ لٿو تيئن ان جون نوڪدار
ڪنڊون ڀڄي پيون. مونکي خيال آيو ته اهڙا ڌڪن مٿان
ڌڪ کائي آخر صاف، ٻي ڪنڊيارو، گول ۽ لسو ٿي پوندو.
هي من انسان جو پڻ زندگيءَ جي دور ۾ گهرڻ کان اڳ
بجر مثل آهي. زندگيءَ جا طوفان آڻي ٿا انکي حقيقت
جي پهاڙ سان ٽڪرائن ۽ اُنجا پاسا اوسا ڀڃي، خوديءَ
جا خيال ٽوڙي، منجهائنس شوخي ۽ شيخي ڪڍي، کيس بي
ڪنڊيارو يعني خوديءَ ۽ آڪڙ کان آجو، لسو يعني سادو
۽ سرل سڀاوَ وارو، گول يعني سَم درسٽيءَ وارو ۽
صاف يعني وڪارن کان آجو ٿا بڻائن. لباس ساڌوپڻي جو
ننڍي عمر ۾ کڻي ڪنوڪارن کان ڪجهه بچاءُ ڏئي ٿو مگر
آخر نقصان ڪار ثابت ٿئي ٿو، ڇا ڪاڻ ته هن ضروري
گهَڙ گهُڙ جي دور(Process)
کان دور رکي سچي علم ۽ احساس کان محروم رکي ٿو.
گيان جي بجلي ٻن مختلف جزن
(Negative & Positive) جي گسڻ سان نڪري ٿي؛ زندگي براين سان ٺوڪرون کائي سچ
ثابت ڪري ٿي؛ سچ عمل ۾ اچڻ کان پوءِ ئي مڃتا جي
لائق بڻي ٿو. جيستائين عمل ۾ نٿو اچي تيستائين
گويا وجود ۾ نه آهي، يعني تيستائين ’سچ‘ سچ نه آهي
پر هڪ وهم يا خيالي بد بدو آهي. گيان جي وڻ جي
چوٽي جيتوڻيڪ آنند جي آسمان ۾ آهي، پاڙون سندس دک
۽ ڪشالي جي زمين ۾ کتل آهن. انسان جو من دکن جوئي
رس پي پاڻ۾ ميٺاج سمائي ٿو.
”زندگي هڪ عجيب اسڪول آهي. مان سمهجان ٿو، جيتوڻيڪ اڳين
نويڪلائي وندر ۽ سٺن نيمن ۾ ظاهري مزو هو، تڏهين
به هي ويهه يا پنجويهه سال سنساري زندگيءَ جا
اجايا ڪين ويا آهن.“
***
جرمنيءَ جي قيصر جي هڪ ڳالهه سام ٻڌائي، جا هن وشيه سان سنٻنڌ
رکي ٿي. دنيا جي پهرئين (1914 واري) لڙائي کان
پوءِ قيصر جڏهين پنهنجو تخت وڃائي پرديس ۾ وڃي
رهيو، تڏهن هنکي ڪوبه سياسي يا شاهي گهراڻي جو
درجو يا طاقت حاصل ڪونه هئي، مگر چون ٿا ته هو
پڇاڙيءَ تائين گهر ۾ اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ ماڻهن
سان ملڻ وغيره ۾ ساڳيوئي ڏيک ۽ شاهاڻو نمونو قائم
رکندو آيو؛ جڏهين مانيءَ واري يا ملاقات واري ڪمري
۾ ايندو هيو تڏهين اڳئين دستور موجب اردلي سندس
شاهي چوغي کي پٺيان کڻي هلندا هئا؛ يعني هن شاهي
ڇڏي، مگر شاهاڻو خيال نه ڇڏيو؛ هن کي اميد هئي ته
هڪ ڏينهن تخت تي ضرور موٽي هلبو. هو ته ڀلل نڪتو
مگر جيو آتما کي پنهنجي ستنترتا جي تخت يعني
پرماتما ڏانهن موٽڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي.
”ڪي صوفي نيم ۽ ورتيءَ کي فقط ٻاهريون ڏيک ويک ڪري سمجهندا آهن
پر بعضي ان ريت آتما پنهنجي اصليت قائم رکڻ جي
ڪوشش ڪري ٿي. ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي گهراڻي
جو شاهاڻو نمونو ڪنهن طرز طريقي رهڻ يا ڪپڙي جي
پهرڻ جي سان ڪجهه قدر قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽
پنهنجي وڏن جي ريت ڪين وساريندا آهن توڙي جو هو
مفلس ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح ڪي پسريل آتمائون آهن
جيڪي پنهنجي آدرشي جيون جو نمونو نيمن ۽ ٻاهرين
ڪريائن سان قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. انهن
سڀني کي ڏوهه ڏيڻ بدران شاباس ڏيڻ گهرجي، ڇا لاءِ
جو روپ روح جو ماڻ آهي؛ قانون جي مڃتا خود سٺي
جيون جي مرد پيدا ڪندڙ آهي؛ ساڌو پڻي جو ڏيک سچ جي
اپجڻ جي شروعات ٿي سگهي ٿو. انساني جيوت جا وڏي ۾
وڏا آدرش پهريائين لوڪن کي ٻٽاڪون سوداءِ يا چرچن
مثل نظر ايندا آهن، پر اهي سوداءِ سچ جا سلا بڻجيو
پون. مطلب ته روپ يا جسم روح کي پاڻ ڏانهن ڇڪ ڪري
ٿو؛ خالي نيم سچي آدرش من ۾ سمائڻ جي گويا هڪ دعوت
ڪري سمجهڻ گهرجي. ائين برابر آهي ته روح کي اها
طاقت آهي جو پنهنجي لاءِ نوان روپ ۽ جسم بڻائي،
مگر روپ يعني ماڻ به روح جي پرٽجڻ لاءِ هڪ موقع يا
سبب ٿي سگهي ٿو؛ نه رڳو ايترو پر مان سمجهندو
آهيان ته ڪا به آتما جي اِڇا صفا وئرٿ نه ٿي وڃي.
تنهن ڪري هن زندگيءَ ۾ آتما جيڪي رنگ ڍنگ اختيار
ڪري ٿي، سي سندس اندروني اِڇائون ڪري سمجهڻ گهرجن،
جي هڪ ڏينهن وڃي هن آلفريڊ کي پنهنجي منزل مقصود
يعني ستنترتا جي تخت تي پهچائينديون. فقط آلفريڊ
وانگر اسين پنهنجي تخت جي تمنا دل ۾ قائم رکون؛
تات پنهنجي آتما جي وطن کي ڪين وساريون.
”شري ڪرشن ۽ سکي راڌا جي هڪ ڳالهه آهي؛ شري ڪرشن جي وڇوڙي ۾
راڌا گهڻو ويا ڪل رهي ٿي؛ راڌا ڏينهن رات پيئي
ڪرشن لاءِ واٽون واجهائي؛ مگر سندس آس اڃا اگهائجي
نٿي؛ نيٺ راڌا نراس ٿي دک مان آلاپ ڪريٿي؛ سندس
سهيليون هن وٽ مڙي اچن ٿيون ۽ چون ٿيون، هي راڌا!
تون نراس نه ٿيءُ؛ پنهنجي پريم جي جوت جاڳرت رک؛
ياد جي وٽ ٻاريندي رهه ته هڪ ڏينهن ڪرشن تو وٽ
ضرور ايندو.“
سام وڌيڪ چيو: ”هن وڇوڙي جي بيابان ۾ آشا ئي آتما جو هڪ آڌار
آهي.“
***
هن خيال تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”اهنجيءَ سهنجيءَ ۾ پنهنجو
آدرش نه وسارڻ اها پاڻ سان وفاداري آهي. ڌير ٻڌي
وارا اِنسان لوڪ جي ٺٺوليءَ جو ڪو خيال ڪونه ڪندا
آهن، پنهنجي آدرش کي وسارڻ ڪم طاقتيءَ جي نشاني
آهي. جيوت اندر سڀ ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪ
ان لاءِ پورڻ پريم ۽ اعتقاد رکون.“
سوال اٿيو ته جيوت اندر سڀ ڪجهه ڀلا ڪيئن ٿو حاصل ٿي سگهي؟ ڇا
پورڻ اعتقاد رکي ڪوئي ساري جهان جون مالڪ به بڻي
سگهي ٿو؟
سام چيو: ”پورڻ اعتقاد فقط چڱن آدرشن ۾ ئي ٻجهي سگهي ٿو. برائي
حرص ۽ لالچ پورڻ چاهه پيدا ڪري نٿا سگهن.“
***
مون سام کان پڇيو ته مان جو ڪڏهين ڪڏهين باغي ٿي پوندي آهيان يا
ائين چئجي ته پنهنجن آدرشن ۾ اندروني اعتقاد هوندي
به ٻاهران نا اميديءَ جا خيال ڏيکاريندي آهيان ۽
سمجهندي آهيان ته اسانکي اُها آشرم واري زندگي
مشڪل نصيب ٿيندي؛ ان جو ڪارڻ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟“
سام چيو: ”ان جو ڪارڻ اهو آهي جو تو اڃا پنهنجو آدرش پوريءَ طرح
ڪين سمجهيو آهي. جڏهين پنهنجو مقصد چٽو ڏسبو تڏهين
ئي منجهس ايمان پيدا ٿيندو؛ يقين ڏسڻ سان ئي پيدا
ٿئي ٿو ۽ ان بعد وڌيڪ آزمائش جي ضرورت ڪانه ٿي
رهي. في الحال تون پيئي ٿي واجهائين. ڪنهن کان به
زوريءَ شنڪائون ڇڏائڻ ڪين گهرجن. وشواس پنهنجي
آزمودن مان پيدا ٿيندو آهي. جيئن ننڍڙو سلو هوريان
هوريان ڏانڊيءَ جي صورت وٺندو آهي ۽ نٻلو وڻ هوائن
جا لوڏا کائي کائي ان مان مضبوطي پرائيندو آهي،
تيئن انسان جو آدرش به آزمائش کان پوءِ ثابت ٿيندو
آهي؛ عمل ۽ خيال جا لوڏا کائي پوءِ پڪو ٿيندو
آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”ان شنڪا جو ٻيو به هڪ پهلو آهي؛ ڪجهه وقت اڳ مون
هڪ درشيه ڏٺو جنهن مان تون ڪو به مطلب ڪڍي سگهين
ٿي: ڏٺم ته هڪ ڪاري ڪوٺي آهي؛ انڌاريءَ ۾ ڪجهه چٽو
نظر نه ٿي آيو پر تمام گهور ڪري نهارڻ سان ڪوٺيءَ
جي وچ ۾ هڪ پنڊي ڏٺم جنهن ۾ هڪ ڪارو زهري نانگ
ويٺل هو؛ پوءِ خيال آيو ته اهو نفس آهي؛ اها پنڊي
سک جي سا مگري آهي. ڪاري ڪوٺي انسان جو من آهي ۽
اها طمع يا موهه جي اوندهه آهي جنهن جو اگياني من
۾ واسو آهي.
”نفس جو نانگ هميشه اسانجي من ۾ رهي ٿو. ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽
اهنڪار ان جون پنج منڍيون آهن. مگر ڇهون اوزار
انجو شڪ آهي جو هن عقل جزوي جي پيداش آهي. اهو
سندس ڏندن جو ڪم ڏي ٿو جنهن سان ڪاٽي پوءِ پنهنجو
زهر سمائي ٿو. لوڀ يا شخصي مطلب انسان کي نه هوندي
به منجهس ڪو لڪل موهه يا اهنڪار ٿي سگهي ٿو. شڪ
روح جو وڏي ۾ وڏو ويري آهي؛ اهو ئي هر شڪست جو
ڪارڻ ٿي سگهي ٿو؛ اهو خزان جي سڪائيندڙ هوا مثل
آهي. ان کان هن آس جي ٻوٽن کي بچائڻ گهرجي. مونکي
اميد آهي ته تنهنجي اها ’بغاوت‘ مٿاڇري آهي. پر جي
سچ پچ اُها پريم يا وشواس جي ڪوتاهيءَ مان پيدا
ٿئي ٿي ته هي اميد جون مکڙيون اسرڻ کان رهجي
وينديون. وشواس جي پاڻيءَ نه ملڻ سبب يا ترشنا جي
تاوَ سبب آدرش اُٻاٽجي ويندا آهن. آدرش جا گل شرڌا
روپي بهار ۾ ئي کلن ٿا. وشواس امنگ روپي گلن لاءِ
پاڻيءَ مثل آهي. شڪ اها سڪائيندڙ هوا آهي، جا دل
جي باغ ۾ ويراني آڻي ٿي ۽ اڪثر اها ڪنهن ارمان يا
خوديءَ واري خيال مان پيدا ٿيندي آهي.“
***
سام جيڪي چيو سو سچ آهي. مونکي ڪي شخصي ارمان هئا جي منهنجي من
کي لوڏي رهيا هئا. اهو طوفان ٿوري وقت لاءِ ايندو
آهي. سام چوندو آهي ته اهي ٻه ٽي ڏينهن تون
جيتامڙي مان ڦري اُٺ بڻجي پوندي آهين! آشرم بابت
سندس سمجهاڻيون ٻڌي مان ڀانيان ٿي ته هينئر منهنجو
ايمان ٻيڻو ٿي پيو آهي. جيستائين رستو صاف نه ٿي
ڏٺم، تيستائين اهڙي آدرش جي تڪميل اهنجي ٿي نظر
آئي. مان جنهن کي باغيپڻو چوندي آهي سو حقيقت ۾ ڪو
خيالي مت ڀيد ثابت نٿو ڪري؛ مگرجيئن سام ننڍ پڻ
کان انهيءَ هڪ خيال کي پڪڙي بيٺو آهي ۽ آشرم جو
برپا ٿيڻ بلڪل هڪ آسان ڳالهه سمجهندو آهي، تيئن
مونکي اهڙو مقصد آسان نه لڳندو آهي. پهريائين ته
مان کيس چوندي هيس؛ ’جڏهين نه گرهست آشرم جا ڏينهن
پورا ٿين!‘ مگر هينئر منهنجا شنڪا گهڻي ڀاڱي دور
ٿي ويئي آهي ۽ هنن ٻن ڏينهن جي خيالي ڏي وٺ
کانپوءِ مون ۾ نئون اتساهه پيدا ٿيو آهي؛ سمهجان
ٿي ته ايشور اسانتي ضرور ديا ڪندو ۽ اسان جو جيون
سڦلو بڻائيندو.
***
24-6- 1951ع مون سام کان پڇيو ته توهين هي عجيب غريب خيال بنا
ڪنهن تياري جي ڪنهن به وشيه تي ڪٿان آڻي ٿا گڏ
ڪريو؟ دل ۾ مان ائين سمجهندو آهيان ته جيئن ڪنهن
دور چشمي يا ڪنهن دور دنيا مان امرت جا لوٽا ڀري
ٿا اچو يا ته وري ڪو لڪل باغ ڪٿ لڌو اٿوَ جتان
طرحين طرحين گل چونڊي ٿا اچو! جڏهين اهڙيون
ڳالهيون مونکي ٻڌائيندا آهيو ته ڄڻ توهان سان گڏ
ڪال ۽ ديس جي ٻنڌنن کان آجي ٿي مان به هڪ نئين برج
تي وڃي پهچندي آهيان، جت نج خيال کان سواءِ ٻيو
ڪجهه نظر نه اچي! ۽ انهن خيالن سان منهنجي ڊائري
ڪهڙي نه سهڻي پيئي لڳي!
سام چيو: ”مونوٽ ڀلا ڪهڙا لڪل خزانا يا علم هوندا؟ سچائي سڀ کان
وڏو خزانو آهي. دل جي صفائيءَ ۾ خيالن جي اچ وڃ
آسان ٿئي ٿي. فقط دل کي صاف ڪري. من کي ميساري،
ڪنهن به وشيه تي نظر ڦيربي ته انجا سڀ پاسا ظاهر
ٿي پوندا. خيال تي ڪا حد نه وجهجي. نه ڪنهن خاص
طرز طريقي مذهب يا ٻين جي راين پٽاندر ان جي موڙ
سوڙ ڪجي. ان کي ڇڏي ڏجي ته آزاد هلي. پوءِ اهڙو ڪو
مسئلو مشڪل رهندو جو حل ڪري نه سگهجي.“
***
مون ڪن دوستن ۽ اديبن جي اڳيان وري ڊائريءَ جي ڳالهه ڇيڙي ۽
”صوفي“ صاحب کان خاص ڪري پڇيم: ”ادا! منهنجي
ڊائري سٺي آهي يا نه؟“
سام ان ڳالهه تي ڪجهه رنج ٿيو ۽ پوءِ ماني کائڻ وقت مونکي
چيائين: ”جڏهين ڪو نقاش
(Artist)
نقش چٽيندو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن خاص سهڻي روش يا رنگ
تي حد کان وڌيڪ زور ڏيندو آهي ته ان جي نزاڪت پاڻ
وڃائي ڇڏيندو آهي؛ جيئن ڪا سهڻي عورت حد کان وڌيڪ
سينگار ڪري، پاڻ زيورن سان جهنجهي ڇڏيندي آهي ته
بد زيبي پيئي لڳندي آهي، تيئن تون پنهنجي ڊائريءَ
ڏانهن گهڻو خيال ڇڪائي ان کي هڪ سستي چيز بڻائي ٿي
ڇڏين. حياتي خود هڪ هنر آهي، جنهن ۾ ڳالهائڻ
ٻولائڻ، کلڻ کائڻ، اٿڻ ويهڻ، سڀ وزن اندر سهڻو لڳي
ٿو. سچ تي وڌيڪ زور لائڻ سان بعضي سچ پڻ ڪوڙ بڻجي
پوي ٿو. نمرتا ۽ حليمائي سچ جو خاص ڍنگ ۽ اصول
آهي. تنهن ڪري پنهنجي ڊائريءَ جي وڏائي ڪرڻ يا ٻين
اهڙين ڳالهين جو بار بار ذڪر ڪرڻ مونکي جڙتو ۽ بي
جاءِ لڳندو آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”ڪجهه ڏينهن کان توکي ڊائري لکڻ جو گهڻو شوق ٿو
ڏسان. شوق ۽ حرص جي وچ۾ تفاوت سمجهڻ گهرجي. شوق
الاهي آهي ۽ حرص شيطاني. شوق دل من ۾ اجالو آڻي
ٿو، حرص انڌارو پيدا ڪري ٿو ۽ خود ذاتي مقصد کان
دور رکيٿو؛ تنهن ڪري ڪوشش ڪريون ته اهو شوق حرص
بڻجي نه پوي يعني منجهس ’مانپڻو‘ نه هجي. ڊائري
لکڻ ۾ ڪا برائي ڪانه آهي مگر هن مانپڻي کان هر حال
۾ پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ’مان‘ اکر ۾ ڪيڏي نه بدبوءِ
آهي! ٻن ٽن ڏينهن کان جيئن گهر ۾ هي ڊائريءَ جو
ذڪر هليو آهي تيئن مونکي لکڻ پڙهڻ کان ئي ڪراهت
اچي رهي آهي. اهو به سمجهان ٿو ته تون فقط پنهنجي
پريم ۽ شرڌا جي شاهدي ڏيئي رهي آهين پر ائين سمجهه
ته جيڪي آهي سو ايشور جو آ، ’مين کچهه ناهين مين
کچهه ناهين!‘.
26-6-1951ع مون سام کي چيو: ”اڪيلائيءَ ۾ مان تمام نٻل ٿي پوندي
آهيان؛ سمجهندي آهيان ته جلد بيمار ٿي پوندس.
اڪيلائيءَ جو گويا خوف ٿي پيو اٿم. گذريل 13سالن ۾
ان خوف کان آجي نه رهي آهيان. ان ڪري مان ان وقت
لاءِ واجهائي رهي آهيان جڏهن دنيا کان فارغ ٿي
ڪنهن آشرم ۾ هيمشه گڏ رهنداسون.“
سام چيو: ”اڪيلائي ابتدائي ۽ آخري حقيقت آهي؛ سنگت يا سچو ساٿ
هڪ آدرش آهي؛ تنهنڪري سنگ ۽ ساٿ هڪ چاهيندي به
اڪيلائي ۽ وڇوڙي لاءِ تيار رهڻو آهي. هن وقت جون
حالتون هندن جي لڏن پلاڻ کان پوءِ اڪيلائيءَ کي
شايد خاص ڀيانڪ بڻائينديون هجن. مگر انسان اچي به
اڪيلو ۽ وڃي به اڪيلو ٿو، اگرچ ڄم کان آخر تائين
کيس ساٿ جي ضرورت رهي ٿي. حياتيءَ ۾ جيڪي دک يا
سک اچن ٿا، سي سڀ ايشور جي پاسي کان موڪليل سمجهڻ
گهرجن؛ ان ڪري سڀ مشڪلاتون اسانکي مٺيون لڳڻ
گهرجن. مان ته ڪڏهين ڪڏهين آديم به اجايو سمجهندو
آهيان ۽ چوندوآهيان ته پاڻ پرڀوءَ جي وس ڪرڻ، سوئي
سڀ کان وڏو اديم آهي. ان کان وڌيڪ فائدي واري ڪوشش
انسان پنهنجي لاءِ ٻي ڪابه ڪري نٿو سگهي. جئن ڪو
ملاح حيلا ڪري ڪري آخر طوفان سان نه پڄي، ٻيڙيءَ
مان هٿ ڪڍي، پاڻ قدرت جي حوالي ڪري ڇڏي، تئن سنسار
جي آٽن سان نه پڄي اسانکي به سڀ ڪجهه الله تي رکڻ
گهرجي. پر جڏهين پاڻ ۾ ڪا توفيق اديم جي ڄاڻون
تڏهين به ائين سمجهڻ گهرجي ته اهو اديم خود قدرت
ٿي ڪرائي. اڪيلائي در اصل ڪا مشڪلات نه آهي. ضرور
ڪو ٻيو خوف يا انديشو انکي ستائيندڙ بڻائيندو
هوندو.“
مون چيو: ”ائين شايد هجي به؛ دک ۽ چنتائون مڙيوئي گڏجي پيا اچن.
هڪ انديشو ٻئي کي اٿاري ٿو.“
سام چيو: ”مون وٽ جڏهين مشڪلاتون ميڙ ڪري اينديون آهن. تڏهين
مان پاڻ کي چوندو آهيان ته هنن کي گڏي ايشور مون
وٽ موڪليو آهي؛ پوءِ آڏو انهن جي ڇو اچان؟ ڀل اهي
به پنهنجو مقصد پورو ڪري وڃن!
”ظاهر ۾ اها چريائي پيئي لڳي يا ڪي انهيءَ کي اديم جي گهٽتائي
سمجهندا هوندا؛ ماڻهو مونکي چوندا آهن ته توهين
ڪمن جي ڪوشش نٿا ڪريو؛ اجائي سستي ڇڏي ڏيو، وغيره!
پر مون ڏٺو آهي ته چنتا جي گهيرڻ وقت پاڻ ايشور جي
وس ڪرڻ ۾ ئي فائدو آهي.“
مون چيو: ”توهانجو شايد مطلب هي آهي ته ڪڏهن آديم ضروري آهي، سو
وقت ڪيئن سڃاڻجي؟“ سام چيو ان وقت کي پروڙڻ جي
هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته حيلو سڀ طرف کان اجايو پيو
نِظر ايندو؛ هٿرادو حيلو ڪبو ته جيڪو سو ڳالهه
ويندي خراب ٿيندي. جيڪي ٿيڻو هوندو سو پاڻ ان حيلي
سان رنڊجي پوندو، جنهن ڪري انت ۾ پاڻ وڌيڪ مشڪلات
پيدا ٿيندي. هيءُ ڪرم جو تياڳ نه آهي، پر پاڻ
ايشور جي وس ڪرڻ هڪ وڏي ۾ وڏي اديم آهي البت جڏهين
رستو صاف نظر اچي، تڏهين اُپاوَ کان منهن موڙڻ نه
گهرجي. سو اعلان به ايشور جي طرف کان سمجهڻ گهرجي.
”حقيقت ۾ مشڪلات کي ڪو وجود ڪونه آهي. اهو هڪ من جو ڀرم آهي يا
چئجي ته خيال جي تنگ نظر آهي؛ ان جو محسوس ڪرڻ ڦٽ
يا ڦرڙيءَ جي آزار محسوس ڪرڻ مثل آهي من ۾ ڪا ٿوري
گهڻي لڪل چاهنا سک جي يعني ڪا خود مطلبي رهيل آهي،
جنهن ڪري مشڪلات محسوس ڪجي ٿي. جئن ڦٽ يا ڦرڙي جو
درد ڪنهن روڳ مان پيدا ٿئي ٿو ۽ ڦٽ خود ڪا خرابت
نه آهي مگر ان روڳ جي نيڪال ڪرڻ جو هڪ رستو آهي،
تئن ظاهري مشڪلات پڻ مانسڪ نٻلائيءَ جو پورت ڪرڻ
جو هڪ موقعو آهي. نفس ئي دکي ٿيندو آهي.نج آتما تي
دک ۽ سک جو ڪو اثر ڪونه آهي.“
وڌيڪ سام چيو: ”جئن ننڍي اوسٿا وارو ٻالڪ فقط کير يا مٺا کاڌا
کائي سگهي ٿو ۽ وڏي اوسٿا ۾ ڪڙن کاڌن جهڙو ڪريلن ۽
ڏونرن وغيره مان به ماڻهوءَ کي مزو اچي ٿو، تيئن
تڪليفن کان ڊڄڻ، سا هڪ روحاني ٻالڪپڻ جي نشاني
آهي. عاشق ’زهر پياڪ‘ ان ڪري چئبا آهن جو حياتيءَ
زهر يعني دک ۽ پيڙائون هضم ڪيو وڃن. جيتوڻيڪ سنگ ۾
گڏ رهڻ جو آدرش سٺو آهي ۽ سچو سنگ حياتيءَ جي سڀني
سکن ۾ اتم آهي، تڏهين به آءٌ چوندس دک ۽ مشڪلاتن
کي پڻ حياتي اندر قدرت جي ترتيب موجب وڏي اهميت
مليل آهي. سک حياتيءَ جو مقصد يا ائين کڻي چئجي ته
ڦل آهي؛ دک انجو ذريعو ۽ طاقت رسائيندڙ پاڙ آهي.
”ڀلا جيڪڏهين خوشيءَ سان اُهو قبول نٿو ڪجي ته زوريءَ به قبول
ڪرڻو پوي ٿو. ڪنهن ته سبب ڪري قدرت کي ائين وڻيو
آهي جو دک کي حياتيءَ ۾ ايڏو وڏو ڀاڳ ڏنو اٿس! هي
شايد هڪ ڀرم نظر اچي، مگر مان ائين سمجهندو آهيان
ته جيڪڏهين تڪليف کان منهن موڙبو يا دک کي آڏو اچي
انکي ٽاري ڇڏبو ته هو موٽي پنهنجي مائٽن وٽ ويندو
۽ انهن کي گڏ ڪري وري وڏو ميڙ ٺاهي چڙهائي ڪندو!
جي هڪ گهٽيءَ کان ڀڄون ته ٻئي رستي کان اچي منهن
ڪڍندو؛ جي هڪ روپ سندس اگرو لڳي ته ٻيا ڀلائيندڙ
روپ اختيار ڪري ايندو! اهڙو ڪو انسان نه آهي جنهن
دک نه ڏٺو آهي. اسانکي اُن پرڀوءَ جو هميشه شڪر
گذار رهڻ گهرجي جنهن بار بار دکن جي لهرين ۽ ڪوڙن
سکن جي ڪُنن، ٻنهي کان ٽپائي پار پي ڪيو آهي.
منهنجو ته هي اعتقاد آهي ته هنن ظاهر جي مشڪلاتن،
ننڍڙن وڇوڙن ۽ تڪليفن ۾ به ڀلائي جو ٻج پوريل آهي.
ڪو به ٻج يا سلو تپش کان سواءِ نٿو اُسري. ڪيئن نه
پاڻ ٻيڻو ٽيڻو ڪري، يعني سوڙهو ٿي، وڪوڙجي ڌرتيءَ
جي دٻ مان سلو پهريائين منهن ڪڍي ٿو! ان ريت ڪوبه
ڀلائيءَ جو نتيجو تڪيلفن کان سواءِ نٿو پيدا ٿئي ۽
اڄ جا دک سڀاڻي جا سک ٿي پون ٿا. اسانکي هر حالت ۾
خالق جي ڪئيءَ تي راضي رهڻ گهرجي. هي سڀ ڪشٽ اسان
جي ڀلي لاءِ آهن؛ ائين به شايد هجي ته هو پنهنجي
ستاريءَ سان اسانجو حصو دکن جو اهڙيءَ طرح ننڍڙين
قسطين ۾ چڪائي رهيو آهي؛ ڇا لاءِ جو هر ڪنهن کي
اهو قرض آخر ادا ڪرڻو آهي!“
*** |