سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 43

12-3-1964ع ٻه ٽي ڏينهن ٿيا ته اسين ڪراچيءَ کان موٽي رهيا هئاسون. سام، مان ۽ هڪ اسان جو ڇوڪرو گڏ هواسين؛ ساڳيءَ گاڏيءَ ۾ ڪوٽڙيءَ کان گرامي صاحب اچي ويٺو. اڳ هڪ ٻئي سان ڏيٺ ڪانه ٿي هئي جيتوڻيڪ هڪ ٻئي جي ادبي ڪم مان ڪجهه قدر واقف هئاسين. گرامي صاحب سنڌ جي مشهور رسالي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر آهي اسان کي هرو ڀرو اها اميد ڪانه هئي ته هو ايتري قدر اسان جي ڪم مان واقف هوندو! پر هن صاحب اسان کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو جو نه فقط سام جي غزلن جو بيان ڪرڻ لڳو مگر منهنجي ڊائريءَ ۾ ڪيتريون ڳالهيون بيان ڪيل چٽيءَ طرح ياد هيس. چيائين ته مون پنهنجي آفيس واري پٽيوالي کي چئي ڇڏيو آهي ته ٻي ڪابه شيءِ ميز تان هيڏي هوڏي ٿي وڃي ته حرڪت نه آهي پر ڪنهن به صورت ۾ ”رهاڻ“ رسالو جنهن ۾ اسان جي ڊائري ۽ ”ديوان سام“ شايع ٿيندا آهن، هميشہ ميز تي منهنجي سامهون رهي.“

حال احوال پڇندي جڏهن معلوم ڪيائين ته اسين ڪراچيءَ زمين جي ڪم سان ويل هئاسون تڏهين هو تعجب ۾ اچي چوڻ لڳو ”توهين سام صاحب کي زماني جا ڪم ڏسي وڏو جرم ڪريو ٿا. هن کي ڇڏي ڏيو ته ويٺو اسان لاءِ غزل لکي وندر پيدا ڪري ۽ دعائون گهري. زماني جي ڪمن کان کيس بلڪل فارغ ڪري ڇڏيو!“ مون کي سندس اکر ٻڌي بيحد خوشي ٿي، خاص ان ڪري جو ڏٺم ته اسان جو ڇوڪرو جيڪو اسان سان هيو ۽ جنهن جو من آشرم جي مشغولين سان پوريءَ طرح ڪين لڳندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڃان، وڃان پيو ڪندو آهي، سوبه صدق ۾ اچي ويو. اُن ڳالهه ۾ فخر وٺڻ لڳو ته اسان جي دادا سائينءَ جو ٻاهر ڪيترو قدر آهي. سچ چيو اٿن ته گهر جو پير چلهه جو مارنگ. جيتري قدر منهنجو واسطو آهي، مون ته گويا پنهنجا ئي خيال گرامي صاحب جي واتان ٻڌا!

***

 

 

13-4-1964ع گذريل رات هڪ هندو فقير سيوهڻ جو سام سائينءَ سان ملڻ آيو. ساڻس ڳالهائيندي جهوڪ جي مشهور فقير نصير جو ذڪر نڪتو. سام چيو: ”فقير نصير وڏو گياني هو. اڻپڙهيل هو مگر اهڙو سندس اکرن ۾ تاثير هو جو وڏا پروفيسر ۽ پرنسيپال، ڪامورا ڪراچيءَ ۾ اچي سندس اڳيان ويهندا هئا ۽ سندس گيان جا نڪتا ٻڌندا هئا.“

ان هندو فقير ٻڌايو ته هينئر سندس مقبره تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ سام کان پڇيائين ته اوهان ڪڏهن جهوڪ شريف جي ميلي تي آيا آهيو؟

سام چيو: ”اسين گهڻو ڪري ميلن تي ڪونه ويندا آهيون، نه درگاهن ڏسڻ جو خاص شوق آهي، جيتوڻيڪ اُتي به صوفيءَ جو سئر آهي. ڪڏهن موج پئي ته سئر تي نڪربو آهي. درحقيقت سئر سڄو سال پاڻ ۾ سمايل آهي ۽ پنهنجي صورت ئي ٿا هر جاءِ پسون. جيئن آرسيءَ ۾ منهن ڏسڻ سان پاڻ کي خوشي ٿيندي آهي، تيئن وحدانيت وارو به ڪثرت جي آرسيءَ ۾ پنهنجو ئي منهن ڏسي خوش ٿئي ٿو. هيءَ هڪ ئي ليلا آهي؛ ڪڏهن سيوهڻ شريف ڪڏهن  ڪنڊڙي شريف ڪڏهن درازين ڪڏهن گنگا ۽ ڪاشي ته ڪڏهن مڪي مديني وڃي ٿو پاڻ پسي؛ اها سندس خوشي آهي. ورنه ضرورت ڪجهه ڪانه اٿس جو ڪيڏانهن وڃي؛ پنهنجي سيني ۾ سڀ ڪجهه سمايل آهي.“

***

 

 

11-5-1964ع گذريل رات اسان جي گهر جي اڳيان اڳواٽ ئي محرم جو ماتم ٿي رهيو هو. سام اوڏانهن ڌيان ڇڪائي چيو: ”هي به عبادت جو نمونو اٿوَ. اهڙيءَ طرح ٻين مذهبن ۾ به اهڙا نمونا عبادت جا آهن جن ۾ هٿ پير هلائڻا پون ۽ جوش جنون هجي؛ مثال طور هندو فرقي ۾ نانگ جي پوڄا ڪندڙ مون ڏٺا آهن جي جوش مان هڪلون ڏيئي ۽ هٿن جا اشارا ڪري نانگ جي مورتيءَ کي گويا جاڳائيندا آهن! اهڙيءَ طرح يهودي جيرو سلم ۾ رودن واري ڀت Wailing Wall تي وڃي روئڻ جا مظاهرا ڪندا آهن پر جڏهن گيان جي درشٽيءَ وڌي ٿي هٿ پير هلائڻ يا عبادت ۾ ڪنڌ ڌوڻ ۽ جوش يا جنون جا مظاهرا ڪرڻ ضروري نه ٿو سمجهجي؛ تنهن کان پوءِ آهن جپ تپ ذڪر وغيره. اڃا اڳ ڀرو هلي عابد ڏسي ٿو ته ڪنهن زباني ذڪر يا چپ تپ وغيره جي پڻ ضرورت نه آهي ۽ پوءِ ماٺ ميٺ ۾ اندر جو اندر ۾ خيال يا نقش جي ٽيڪ وٺي ’عبادت‘ ڪري ٿو. مگر اڃا به اڳتي هلي آخر تصور جي ٽيڪ به ڇڏي ٿو ڏي. ’اوهم‘ ’سوهم‘ يا ذڪر ذاتيءَ جا طريقا اختيار ڪري ٿو. آخر ائين ٿو سمجهجي ته الله سان ڪا به اٽڪل هلي ڪا نه ٿي سگهي. محبت واري هيڪڙائيءَ مان اها وجداني حاصل ٿئي ٿي، جنهن ۾ اٿڻ ويهڻ، کائڻ، جا طريقا خود عبادت ٿي پون ٿا، يعني هرڪار ۽ هر خيال ۾ الله کي اثبات ڪري ٿو. هن منزل جا ماڻهو به سڀني مذهبن ۾ ملن ٿا.“

***

 

 

28-5-1964ع ڪالهه (؟) جواهري لعل جو مرتيو هندستاني وقت موجب 2 بجي ڌاري ٿيو، صبح جو چانهه پيئڻ کان پوءِ سام پنهنجي ليکي گهر ۾ ۽ مان پنهنجي ليکي اسپتال ۾ ڪو اثر محسوس ڪري رهيا هئاسين، جيتوڻيڪ اهڙي خبر اڃا ڪونه ملي هئي. گهڻي وقت کان پوءِ ريڊين تي خبر پئي ته پنڊت نهرو بيمار آهي. هيمشہ ڪنهن جي بيماريءَ جو ٻڌي ايترو اثر ڪونه ٿيندو آهي ڇا لاءِ جو بيماري پيئي انسان کي ٿئي پر هن ڀيري الاجي ڇو اندر ۾ اهو خيال هيو ته ڪا ڳوري ڳالهه آهي. 1 بجي ڌاري مٿي چڙهيس ۽ پاڻ به دعا گهريم ۽ سام کي به چيم ته دعا ڪر ته هي انساني آزاديءَ جو نيتا زنده رهي. پر سام جي واتان اکر دعا جو ڪونه نڪتو. مون کيس چيو ته هن ڀيري شايد حالت ڳري آهي جو توهان کان دعا جو اکر به ڪونه ٿو نڪري. سام چيو برابر اهڙو ڪو اثر صبح کان وٺي دل من تي رهي ٿو. ڪجهه دير بعد ريڊين تي سندس مرتيوءَ جي خبر آئي، مگر اسين ته ڄڻ اڳ ۾ ئي اهو خيال ڪري رهيا هئاسين. سام چيو ته وڏن آتمائن جي اچڻ وڃڻ جو اثر ڪڏهين ڪڏهين ائين پئجي ويندو آهي توڻي جو اسين انهن سان هم خيالي نه هجون.

تنهن کان پوءِ ارٿيءَ سان جيڪو سرگس نڪتو ان جي ڪارروائيءَ جو احوال ريڊين تي ٻڌوسين. هوڏانهن دکدائڪ مرتيو، هوڏانهن شاهاڻون شان شوڪت جو نظارو! ان جو ويچار ڪندي سام چيو: ”ڏسو هي موت ۽ حياتيءَ جي گويا پاڻ ۾ لڙائي آهي. موت ڌڪ هڻي هڪ وڏو ڪونڌر ڪيرائي وڌو پر حياتيءَ ان مان زندگيءَ ۽ روحانيت جو مصالح بڻايو! هي هڪ حياتيءَ جو عجيب نظارو چئجي يا موت جي مٿان فتح چئجي!“

مون چيو: ”اها ڳالهه کولي ٻڌايو.“ سام چيو: هڪ پاسي جيئن ريڊئي تي ٻڌءِ، غم جا بادل ڇائنجي ويا آهن، پر ٻئي پاسي نظر ڪر ته حياتي انهن مان پريم ۽ گيان جون بوندون برسائي رهي آهي؛ لکين ڪروڙين دليون پريم سان آباد ڪري رهي آهي! ماڻهو جيڪي ارٿيءَ سان گڏ وڃن ٿا انهن جي دلين ۾ سچ ۽ شيوا! جي آدرش لاءِ ڏس ته اڄ ڪيڏي نه محبت وڌيل آهي. ڪن ارادا ڪيا هوندا ته اسين به جواهر بڻباسين، يا ان جي راهه وٺنداسين. وري ٻي عجيب ڳالهه ڏس ته اسان جي پاڪستان گورنمنٽ ۽ ٻين ڪيترين مخالف راين پارٽين، ارادن، جمايتن ڪيڏي نه فراخ دليءَ سان همدردي ظاهر ڪئي آهي! هوڏانهن وري ملڪ مٿان سندس خاڪ جي ڇٽڻ جو اعلان يعني ان جو ذرو ذرو پنهنجي ملڪ ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم اچي سو به ڏيکاري ٿو ته نه فقط جيئري انسان ذات جي خدمت بعد پر مئي پڄاڻان خود ان جي مٽيءَ سان موت روحانيت جو اتساه جاڳائي سگهي ٿو.“

***

 

 

29-8-1964ع اڄ ٿڌڙي آهي. پهريون خيال ڪرشن جي جنم جو ئي من ۾ اچي ٿو. سام جي اڄوڪي هڪ متر ڏانهن لکيل خط مان هيٺيون ٻه ٽي سٽون ترجمو ڪريان ٿي: ”سچ پچ هن زندگيءَ جو مزو پوري ريت تڏهن حاصل ٿئي ٿو جڏهن حياتي ايشور جي هڪ ليلا سمجهي انهيءَ ۾ پنهنجو پارٽ پوريءَ طرح ادا ڪجي ٿو. ڪرشن اسان جي دلين ۾ وري وري نئين سر جنم وٺي ٿو، جتي سندس مرلي اڃان ڀي پريم ڀريون لاتيون سڻائي ٿي؛ چوي ٿي اي انسان اُٿ! سندس پريم جي آلاپ ٻڌ! منجهس ئي سارو مٺاس جيون جو سمايل آهي.“

اڄوڪي ڏينهن مون به وري نئون ارادو ڪيو آهي ته مان به ان ليلا ۾ پنهنجو پارٽ دلو جان سان ادا ڪندس. پنهنجي ٻين آدرشن ۾ هي به هڪ ڪم مون پاڻ تي هموار ڪيو آهي ته هن ”جيتامڙي جيَ ڊائريءَ“ وسيلي سام جو ۽ هن صوفي ست سنگ جو سنيهو جيترو ٿي سگهندو دور دور پهچائيندي رهندس. ٽي مهينا سڄا سارا هن ڊائريءَ کي ڇڏي ٿي ويا جو ڏيکاري ٿو ته مان ڪيتري قدر وري وري سست ٿي پوان ٿي؛ پر انهن ٽن مهينن مان ڏيڍ مهينو ته سام خود ٻاهر رهيو هو. انهيءَ موقع بنسبت به ٿورو احوال هت ڏيڻ واجب نظر اچي ٿو. وڃڻ کان اڳ سام چيو هو ته تون پئسي ڪمائڻ يا ٻئي ڪنهن ڳالهه جو خيال نه ڪر؛ جيڪڏهن توکي به پنهنجن مائٽن وٽ هندستان هلڻوآهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ هل. مون سان گڏجي مسافري ڪر، جو اڪيلائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين کي گهڻيون دشواريون پيش اچن ٿيون؛ حالتن ڦرندي ويرم ئي ڪانه ٿي ٿئي؛ وري وري ڏٺو اٿئون ته ڄڻ وچ ۾ درياهه وهي ٿا وڃن؛ ڪڏهين ڪٿي پوسٽل اسٽرائيڪ آهي ته ڪڏهين خطن جي اچ وڃ ئي بند آهي؛ ڪڏهن ليٽون ٿيون نڪرن ۽ ڪڏهن ٻيا سبب ٿا بڻن. جنهن ڪري هڪ ٻئي جو احوال ڪو نه ٿو ملي. نه وري هڪ ٻئي کي اهنجي سهنجيءَ ۾ جيڪر پهچي سگهجي. مون کي هي انديشا سام جا هروڀرو اهڙا نظر نه آيا  جو انهن جي ڪري تڪڙي تياري ڪري ساڻس گڏ گهمڻ هلان؛ مگر جلد ئي حالتون اهڙيون بڻيون جو ڪراچيءَ ۾ پوسٽل اسٽرائيڪ (Strike) ٿيو، هوڏانهن سام کي بمبيءَ ۾ ٽپال ملڻ جي پوري سهولت ڪانه هئي جنهن ڪري ٻنهي طرفان ڪيتري انتظاري پيدا ٿي وئي. منهنجو لکيل خط ٻارنهن يا تيرهن ڏينهن بعد مس پيو سام کي پهچي. نه مان هن جي پروگرام مان واقف، نه هن کي خاطري پيئي ٿئي ته دل چوي پئي اجايو ٿو دهليءَ وڃين؛ اول سرلا پهچي وڃي ته پوءِ هتان نڪرجي. پر ٽڪيٽ جو ريزرويشن اٺ ڏينهن اڳ ۾ ڪرڻو ٿي پيو. چاليهن ڏينهن جي ڪوشش بعد مس مس دهليءَ جو ويزا وٺي هو منهنجي پروگرام واري ڏينهن دهليءَ پهتو. اتي پهچڻ کان اڳ، سندس چوڻ موجب، کي سهڪڙو درشيه ڏسڻ ۾ آيو جنهن ۾ ڏٺائين ته گاڏي دهليءَ پهتي ۽ دهليءَ ۾ گول چڪر هڻي وري اڳتي رواني ٿي ويئي! هتي نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته جنهن گاڏيءَ ۾ سام پهتو اهائي ساڳي گاڏي دليءَ مان نئين سر امر تسر کان لاهور ايندي آهي. مون کي لاهور کان پوليس ۽ پاسپورٽ وارن واپس ڪري ڇڏيو هو جو نئون قانون نڪتل هو ته پاڪستان مان No Objection جو سرٽيفڪيٽ وٺي پوءِ نڪرڻ گهرجي. اُهي ٻٽي ڏينهن مان هن طرف پريشانيءَ ۾ ته سام هن طرف انتظاريءَ ۾ هيو. ڄڻ ته سچ پچ سندس خيال وارو درياهه اسان جي وچ مان وهي ويو. آخر تارون ٽيليفون Trunk Call وغيره ڪري هڪ ٻئي سان ڳالهايوسين ۽ سام انهيءَ گاڏيءَ ۾ Reservation وٺي ٻئي ڏينهن لاهور طرف کان موٽيو. پوءِ سندس ڏٺل درشيه جي کيس ياد آئي جو دهليءَ ۾ پهچڻ کان اڳ ڏٺو هئائين؛ هيڏانهن مون کي سندس اڳ چيل لفظن جي ياد آئي. ان ڪري مون ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته اڳتي اهڙي چوڪ ڪانه ڪندس ۽ پنهنجي عقل تي نه ڀاڙيندس!

***

 

 

30-8-1964ع اڄ ڪالهه چون ٿا ته کوجنا هلي رهي آهي ته انترگيان Telepathy جي زريعي ڪنهن دور ديس ڪيئن يقيني طور سنيها پهچائجن. اهو سوال به ويچار ۾ آهي ته چنڊ تي چڙهڻ کان پوءِ انترگيان جي شڪتي (Telepathy) ڪارگر ٿيندي يا نه.ا هڙن سنيهن پهچائڻ لاءِ اڳي مون هن ڊائريءَ ۾ سر آليور لاج جي آزمودن جو ذڪر ڪيو آهي. سام ان بابت هينئن چيو: ”ٽيليپٿي Telepathy ۽ ڪليئر واينس Clairvoyance  جون طاقتون روحاني طاقتون آهن جن جو علم ۽ عقل سان ڪو واسطو ڪونه آهي. ائين به هروڀرو نه آهي ته ڪو آهي پرماتما سان پهتل شخصن کي ئي حاصل ٿي سگهن ٿيون؛ مگر ائين ضرور آهي ته جن ۾ ستوگڻ وڌيڪ رهي ٿو انهن ۾ اهي طاقتون سهنجائيءَ سان ظاهر ٿين ٿيون. خيال جو گهوڙو (اڄڪلهه ان کي خيال جي بجلي چوڻ گهرجي) سڀ کان تيز آهي. اِنسان ان طرف توجهه گهٽ ڏئي ٿو ورنه ستي گڻ وارا اڳ ۾ گهڻو ڏسي پسي سگهن ٿا. ستي گڻ وارن جي هڪ نشاني اها آهي جو هو دک سک کي هڪ ڪري سمجهن ٿا ۽ ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي خيال کان ٿڙن نه ٿا.“

انهن جي آزمودن ٻڌندي مون کي به تازا مثال ياد آيا جي مون سام کي ٻڌايا ۽ انهن بابت وڌيڪ سمجهاڻي کانئس طلب ڪيم.

سام چيو: ”جڏهن توجهه ڪنهن خاص ڳالهه ڏانهن گهڻو ٿيندو آهي تڏهن گويا هي وجود سارو خيال ۽ احساس سميت، سوچ ويچار جي صورت وٺي انهيءَ شيءِ جي ڳولها ۾ ڄڻڪ پاڻ کان ٻاهر نڪري ويندو آهي ۽ انهيءَ کِن ۾ ائين سمجهندو آهي ته اهي شيون ئي فقط ضروري آهن جنهن ڪري ٻين حقيقتن کان پري ٿي وڃي ٿو. خيال ان وقت گهٻرايل رهي ٿو، پر جڏهن من وري شانت ٿئي ٿو تڏهن اُهي سڀ شيون پوري انداز ۾ نظر اچن ٿيون ۽ خاص طلب واري ڳالهه پڻ سچي روپ ۾ اکين اڳيان اڀري اچي ٿي.“

اڄ ڇا ٿيو جو سام جي ٻن جوڙن چمپلن مان هڪ جوڙو ٽٽي پيو. ٻئي جوڙي جي ڳولها ڪئي وئي پر ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. اسان جي پٽيوالي جنهن جي هٿان اها گم ٿي، ان به ڳولا ڪئي. مگر جلد ئي سام ڳولها بند ڪئي ۽ ان پٽيوالي کي به چيائين ته مان سمجهان ٿو اها شيءِ هت ڪانه آهي؛ تو ڪنهن موچيءَ کي ته ڪا نه ڏني آهي؟ وڃي پڇا ڪر! پٽيوالو چوڻ لڳو ته مون کي ڪونه ٿو سجهي ته ڪنهن موچيءَ کي ڏني اٿم. اهو موچي اسان جي رستي تي ويٺو هو جتان هر روز اهو پٽيوالو گهڻائي ڀيرا ڏينهن ۾ ايندو ويندو آهي. سام جڏهن کيس گهر مان ان موچيءَ ڏانهن روانو ڪيو تڏهن موچيءَ به پري کان هن ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين ته چمپل اڃا نه کڻندين ڇا؟ هاڻي انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪريو ته ڇو اوچتو انهيءَ موچي پٽيوالي کي سڏ ڪري چمپل لاءِ چيو، عين انهيءَ وقت جڏهن هو پاڻ چمپل جي پڇا ڪرڻ ٿي ويو؟ سام چيو: ”ان مان انومان ڪجي ٿو ته اسان جي خيال وڃي ان موچيءَ جي خيال کي جاڳايو، نه ته ان جي بي ايماني هجي يا ويسر هجي ته اُها حالت بلڪل ساڳيءَ گهڙيءَ ايڏيءَ مدت کان پوءِ ڪيئن ٿي اوچتو ختم ٿئي!“

ٻيو مثال ڪجهه عرصو اڳ جو آهي جڏهن هڪ نوڪرياڻي سام جي رلهي ٺاهيندي، ڪي ڪپڙي جا ٽڪر گم ڪيا هئا. مون ضد گهڻو ڪيو ته اُهي ٽڪرا انهيءَ رلهيءَ ۾ وڌل هوندا ۽ ان نوڪرياڻيءَ پڻ يقين ڏياريو ته سندس ڌي ئي اهو ڪم ڪندي آهي؛ ڪنهن ڪجهه تڳايو ڪو نه آهي. انهيءَ نوڪرياڻيءَ جي جاءِ جي سام يا مون کي ڪا خبر ڪانه هئي. پر سام جو خيال سنجها جي پريئر کان پوءِ وري اوچتو انهيءَ ڳالهه ڏي وريو ۽ ان نوڪرياڻيءَ کي چيائين ته مائي تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين! تنهنجي گهر ۾ اوڀر واري ڀت کان جيڪو جارو آهي انهيءَ لڳ قرآن شريف جي هيٺان ئي هيٺان اُهي ٽڪرا پيا آهن جي ڌيڻي ٻارن لاءِ ڪڍي رکيا آهن!

انهيءَ مائي کي گويا ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ وڃي ڪپڙي جا ٽڪر کڻي آئي. تصديق ڏنائين ته برابر ساڳيءَ جاءِ تي رکيل هئا. سام نه جارو اڳ ڏٺو هو، نه وري اسين ان جاءِ ۾ اندر ڪڏهين ويا هئاسين.

انهيءَ واقعي جي سام سمجهاڻي ڏيندي چيو: ”ان وقت عقل ويچار يا دليل بازي ڪم ڪونه ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪو خيال ڪنهن شيءِ ۾ وڃي اٽڪي ٿو ته ان سان هڪ قسم جي وجودي هيڪڙائي پيدا ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته پنهنجو وجود خود انهيءَ شيءِ ۾ يا ماڻهوءَ ۾ وڃي واسو ڪندو آهي ۽ اها شيءِ يا ماڻهو اکين آڏو ٿي بيهندو آهي. هي تجربا Clairvoyance ۽ Telepathy جي حد اندر اچن ٿا پر انهن جو آتمڪ اڀياس سان ڪو واسطو ڪونه آهي.“

ڀلا هيءَ ڳالهه جا مان هيٺ بيان ڪريان ٿي، سا يڪوجوديءَ منجهان پيدا ٿيندڙ ڪنهن طاقت جي هڪ ڪرامت چئجي يا انهيءَ يڪوجوديءَ واري احساس مان فقط اڳواٽ ايندڙ هڪ اعلان چئجي، سو فيصلو مان پڙهندڙن تي رکان ٿي.

ٿورا ڏينهن اڳ سخت گرميءَ سبب مون کي مونجهه ٿيڻ لڳي؛ مان پريشان ٿي سام کي چوڻ لڳيس ته هوا کول! هن چيو پنهنجي وقت تي پاڻهي کلندي. مگر منهنجي بيقراري وڌنڌي رهي ۽ مان سام کي ساڳيائي اکر چوندي رهيس: هوا کول نه ته بچڻ مشڪل آهي! ان وقت اسان جو دوست پير رانجهن ۽ پنهنجي ٽولي وارا فقير پڻ ويٺل هئا. پير رانجهن چيو اڄ هوا جو کلڻ مشڪل آهي جو آسمان ۾ ڪڪر آهن؛ ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن سانده اها حالت رهي آهي، مگر هوا جو هڪ جهلڪو به ڪٿان ڪونه ٿو اچي! هوڏانهن مڇر به خوب پٽڻ لڳا. مون بلڪل ٻاڏائي طلب ڪئي ته هي رام! هوا کول نه ته ماڻهو مري ويندا! منهنجي پريشاني ڏسي سام جو سارو وجود جنبش ۾ اچي ويو؛ منهنجو هٿ وٺي چيائين: ”چڱو دلجاءِ ڪر؛ پريشان نه ٿيءُ، هوا کلي ٿي! مان چپ رهيس. تڏهن ٻيو دفعو چيائين ڌيرج ڪر، هوا ضرور کلندي! انهيءِ ئي منٽ اندر وڻ چرڻ لڳا ۽ ٿڌي هير ذري گهٽ طوفاني صورت وٺي اچي ڏکڻ اوڀر کان لٿي. اسان سڀ ويسوري ۾ پئجي وياسون. سام چيو: ”سڀ تت آتما ۾ سمايل آهن ۽ آتما پرماتما ۾ سمايل آهي. درحقيقت ڪا شيءِ ڪنهن کان جدا نه آهي؛ انسان جيڪڏهن يڪوجوديءَ سان طلب ڪري ته اُها ضرور پوري ٿئي ٿي. مگر اها يڪوجودي خيال جي پنهنجي غرضن وارين طلبن ۾ پيدا ٿي ڪونه ٿي سگهي؛ پر اُپڪار لاءِ يا پريم وچان جيڪڏهن اها يڪوجودي خيال جي پيدا ٿئي ٿي ته ان جي اڳيان ڪا به رنڊڪ نه ٿي اچي. هيءَ ڪا ڪرامت ڪانه آهي مگر سمجهو ته خيال خيال کي، چت چت کي وڃي جاڳايو، جنهن جي ’حڪم‘ ۾ سڀ عناصر رهن ٿا.“

مان به ڪي ڪرامتون هت بيان ڪري ڪونه رهي آهيان، مگر اسان جو گهر هڪ خيال جي لئباريٽري آهي؛ اڄ ڪالهه جڏهن وڏن سرڪارين جا جنگي کاتا به اهڙين کوجنائن ۾ لڳل آهن تڏهن هي ماجرائون بيان ڪيل ڪنهن وهم، پوڄا جي خيال يا انڌ شرڌا مان پيدا ٿيندڙ ڳالهيون ڪري سمجهڻ نه گهرجن؛ پر صاف سچا واقعا انسان جي خيال جي طاقت جا ڪري سمجهڻ گهرجن. مون اُهي هت پيش ڪيا آهن ان لاءِ جو اهڙين ڳالهين کان اڄ ڪلهه انسان جو خيال ڦريل آهي ۽ پيٽ جي پوڄا ۾ انسان پنهنجي سچين طاقتن کان وڇڙيل آهي. اڄ ڪالهه اسين حرص جي حيرانيءَ ۾ اُهي طاقتون پنهنجون وڃائي ويٺا آهيون. هنن تازن مثالن پيش اچڻ ڪري ئي منهنجو خيال اُن ڳالهه ڏانهن وڃي رهيو آهي ته ڪجهه وقت کان ڊائري ڇڏي ڏيڻ ڪري مان ڪيترا خزانا خيال جا وڃائي رهي آهيان!

***

 

 

سوامي رام ڪرشن پرمهنس جي حياتيءَ مان ٿوريون سٽون مون سام کي پڙهي ٻڌايون. سام چيو: ”سري رام ڪرشن جي ڪهڙي نه سندر حياتي هئي! سڄو ڏينهن ايشور جي وارتا ۽ رام نام جي ڌن پيئي هلندي هئي. هن سنسار ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي؛ جيڪو جيڪا شيءِ دل سان چاهي ٿو سائي آخر ڳولهي لهي ٿو. ڪو پيٽ پالنا ڪو ڌنڌي جي انتظاري ۾ ڪو شعر و شاعريءَ ۾ ته ڪو رام نام جي گيان ۾ وقت گذاري ٿو. پنهنجي هڪ ڳالهه ياد ايندي آهي جا تو گرن جي ڪتابن مان پڙهي ٻڌائي هئي، ته پرشاد جو ٿالهه جڏهن کليو تڏهن صدق وارن کي پرشايد ٿي نظر آيو ۽ پا کنڊي جيڪي درٻار ۾ ويٺا هئا، انهن کي ساڳيوئي پرشاد اپوتر ماس ٿي نظر آيو. اهڙءَ طرح هي سنسنار ۽ جي جيوت سڄو ايشور جو پرشاد آهي؛ هر ڪو پنهنجي چاهنا جي موجن مان مٺاس ماڻي ٿو!“

ڪالهه اسان جو پٽيوالو ڪجهه اڍنگي نموني هلت ڪرڻو لڳو جنهن ڪري کيس ڪڍي ڇڏيوسين. هو سام کي پنهنجو ’مرشد سائين‘ ڪري سڏيندو آهي ۽ سام کيس چڱيون سمجهاڻيون ڏيندو آهي. گهر حالتن مان ناراض ٿي هڪ ڀيري سنبريو هو ته يا پاڻ ماريندس، يا ڪو گهر جو ڀاتي ماريندس. کيس اولاد ڪانه آهي؛ سام جي سمجهائڻ تي باز آيو ۽ انجام ڪيائين ته فقيرن سان ورونهن ڪري پاڻ وندرائيندس ۽ وري اهڙا خون خواريءَ جهڙا خيال دل تي نه آڻيندس. ڪالهه کيس اڍنگي هلت ڪرڻ کان پوءِ وري پڇتاءُ ٿيو جنهن ڪري پاڻهي موٽي اچي سام کي ڀاڪر پائي سندس پيرن ۾ ڪري ڳچ دير تائين روئڻ لڳو.

سام کيس هيءَ سمجهاڻي ڏني: ”اهو ڀاؤ ۽ اهي خيال پڪا ڪر. جڏهن پارو باهن ۾ ساڙي پڪو ڪبو آهي تڏهن اُن سان ڪيميا ڪندا آهن ۽ پوءِ ئي دوا ۾ ڪم ايندو آهي. سٺا خيال گويا روح جي ڪيميا آهن. اسان جو من ڦرڻو گهرڻو آهي. وري وري ڌڏي لڏي ٿو وڃي ۽ دڳ مان ڪدڳ هليو ٿو وڃي. هر جرم جو داغ پڇتاءُ سان ڌوپي وڃي ٿو. مگر ائين چئي دل کي دلاسو ڏيئي ويهي رهڻ نه گهرجي. ڪوشش ڪجي ته اهو سٺو ڀاو هميشہ قائم رهي. اِتي ئي حياتيءَ جي جيت هار جو فيصلو آهي.“

***

 

 

3-10-1964ع سام جڏهن دهليءَ کان واپس آيو تڏهن دهليءَ ۾ پنهنجي ٻارن ۽ منهنجي ڀيڻ کي ائين چئي آيو ته مان سمجهان ٿو ڪجهه مڙيوئي لاڙڪاڻي ۾ ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري مون کي ترت واپس وڃڻو آهي. ان وقت شايد سبب اسان جي هاڻوڪن تڪليفن جا جڙي رهيا هئا. هڪ طوفان آسمان ۾ ڄڻڪ وڌي رهيو هو، جو نظر کان اڃا لڪل هو. هڪ ضدي ۽ تعصب سان ڀريل ڪاموري جي اڳواٽ رٿيل برن ارادن جو اهو هڪ طوفان هيو. ڏسجي ٿو ته اهو پنهنجي ساٿين سنگتين جي صلاح سان پڪو ارادو ڪري ويٺو هو ته پنهنجي هڪ عزيز ڇوڪريءَ جا ڊاڪٽريءَ جو امتحان تازو پاس ڪري آئي آهي، سا ڪيئن به ڪري منهنجي جاءِ تي آڻي. ان لاءَ هن عجيب و غريب طريقن سان ويهي گهاٽ گهڙيا ۽ گهڻيون مشڪلاتون منهنجي راهه ۾ وڌائين، جهڙوڪ مونسان وفادار ملازمن جي بدلي ڪرائڻ، ڪن کي نوڪريءَ مان ئي ڪڍائي ڇڏڻ ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيا لچا ماڻهو رکائڻ جن کي ڏاهه مليل هئي ته منهنجي چوڻ ۾ ڪين هلن، مگر جاسوس ٿي رهن؛ ۽ گهر ۾ عام طور مڙدن جو اچڻ ان لاءِ بند ڪرڻ ته جيئن خود سام جي اچ وڃ تي بندش پوي توڻي جو مڙدن لاءِ جدا لنگهه ٻئي پاسي کان هيو. سندس مطلب اهو هوته اسين جاءِ خالي ڪري وڃون. انهن قدمن جو نتيجو اهو نڪتو جو پندرهن ڏينهن گرڌاري ۽ سام گهر ۾ ويهي رهيا ۽ ٻاهرين ماڻهن سان ملاقات گهڻو ڪري کڙڪين تان بيهي  ڪندا هئاسين؛ ڀاڄي ڀتي ٽوڪريءَ ۾ وجهي رسي ٻڌي انهيءَ سان مٿي ڇڪي وٺندا هئاسون. اسان جو هڪ غريب ڪرستان ساٿي J. W. Stewart جو پنجويهن سالن کان سام جو مهمان ٿي رهيو آهي اُهو بيماريءَ وقت پڻ بنا علاج جي بند رهيو. آخر جڏهن در کولڻ جي بدران زوريءَ هن کي گهر مان ڪڍائي سول اسپتال ۾ موڪليو ويو، تڏهن ويچارو ٻن ٽن ٽينهن اندر ئي اُتي مري ويو. پر برائي سندن انهيءَ تائين محدود ڪونه هئي؛ هنن جون اهي به رٿون هيون ته اسان جو سامان سڙو اوچتو جاءِ مان ڪڍرايو وڃي. ٻيون پڻ اهڙيون غنڊاگرديءَ جون خبرون پيو ملن. مان انهيءَ وقت ٻن سببن جي ڪري گهٻرايل هيس:

پهريون خيال اهو هيم ته سام جي صحت تي متان ڪو اثر پوي. جيتوڻيڪ هن ائين ٿي چيو ته هي سٺو موقعو مليو آهي جو اسين ’چاليهو‘ رکنداسين، يعني چاليهه 40 ڏينهن گوشي نشين ٿي رهنداسين! سام ائين به چيو ته هن وقت پاڻ کي ٻاهر نڪرڻ جو خيال به ڪو نه ٿو رهي، ڇا لاءِ جو هن نموني دل جي تار پنهنجي سائينءَ سان ڳنڍي رهي ٿي؛ ڪشٽ ۾ سندس پريم جو نرالو مزو ملي ٿو. ٻيو مون کي اهو خيال هيو ته اسين هت ٿورائيءَ ۾ آهيون؛ هو ضدي ماڻهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. سندس ملازم جڏهين مسٽر اسٽوئرٽ کي زوريءَ کڻڻ آيا تڏهن سندن رخ سٺو نظر نه آيو. پر سام جي خيال کي ڪو به لوڏو ڪونه هو؛ چيائين ته نوڪريءَ جي پرواهه نه آهي، پر هن نموني بز دل ٿي ڀڄي وڃڻ ٺيڪ نه آهي! اڃا تائين اهو طوفان هلي رهيو آهي ۽ دوست ۽ دشمن جي پريکشيا ٿي رهي آهي. جن ملازمن ۽ ٻين کي اسان سان گڏ تڪليف آئي آهي سي به ائين پيا چون ته هي الله جي آزمائش نه آهي مگر اسان جي صدق جي آزمائش آهي؛ هو پنهنجي ڀڳتن کي يعني سچ جي راهه وارن کي ضرور مدد ڪندو آهي، ۽ ضرور ڪا واهه کوليندو، پر اسان جي صدق جي اڄ پريکشيا آهي ته آپدا جي وقت اسين منجس ڪيترو اعتقاد رکون ٿا.

اسان جو ڇوڪرو جيڪو گهڻو ڪري پئسي يا کاڌي پيتي جي ڳالهه تان پيو رنج ٿيندو آهي، تنهن هي سڄو مهينو گهڻي ڀاڱي صبر ۾ گذاريو آهي، نه فقط ايترو پر ڪم اڳي کان ٻيڻو اچي مٿس پرٽيو آهي، جو هو خوشيءَ سان پيو ڪري. اسان جي ملازمن جي بدلين ڪري ۽ نئين ڪنهن ماڻهوءَ نه ملڻ ڪري ۽ موهن جي پنهنجي ڌنڌي لاءِ تياريءَ ۾ مشغول رهڻ سبب ٻئي ڇوڪري کي گهر ۽ باغ جي ڪمن وغيره ۾ ڪوبه مدد ڪري نه  سگهيو آهي. هڪ ڀيرو شاديءَ نه ڪرائڻ جي ڳالهه تي به رنج ظاهر ڪيائين پر اُن وقت سام چيو: ”هن آزمائش جي وقت اهي ڳالهيون ڪيتريون نه هلڪيون ۽ بي سود پيون لڳن!

ائين ان ڳالهه جو گفتگو ئي بند ٿي ويو. سام چيو: ”ڏسو دک ڪيڏو نه حسين آهي، جو ڪچا خيال سڀني کان ڀلائي ٿو ڇڏي. هي ڇوڪرا نه فقط پر اسين سڀ پنهنجي اصلي روپ ۾ آيا آهيون؛ ۽ هن ڪاموري جي سختيءَ ڪري پئدا ٿيل ڪشٽ ۾ سچي ايڪتا حاصل ڪري پريم جو نرالو مزو ماڻي رهيا آهيون.“

***

 

 

25-10-1964ع  گذريل مهيني کن جي تڪليفن جو اڳ ۾ ذڪر ڪيل آهي. انهيءَ عرصي ۾ سام به پسند نه ڪندو هو ته ٻاهر نڪران جيتوڻيڪ مون کي سندس صحت جي انتظاري رهندي هئي ۽ کيس چوندي هيس ته هن نوڪريءَ کان استيفا کڻي ڏجي؛ ائين توهان جي صحت متان خراب ٿي پوي؛ ٻاهر نڪرڻ ضروري آهي! مگر سام چوندو هيو ته هن ڪشٽ واري وقت هڪ جاءِ ويهڻ سان نرالي يڪوجوديءَ حاصل ٿئي ٿي. آتما جي تار گويا پرماتما سان ڳنڍيل رهي ٿي؛ ٻاهر نڪرڻ ۾ پاڻ کي به مزو ڪونه ٿو اچي. انهيءَ وقت ۾ اسان جو جهونو دوست ڊپٽي صاحب جنهن جو ذڪر اڳ هن ڊائريءَ ۾ آيل آهي، سو خاص موڪل وٺي اسان وٽ اچڻ وڃڻ لڳو. هڪ ڀيري مون کي چيائين ته هيءَ توهان جي پريکشيا آهي؛ جي سچ تي آهيو ته ڪڪر پاڻهي هٽي ويندا. سام چيو ته اها ڳالهه بلڪل سچي آهي.

***

 

 

25-11-1964ع اڄ اهي طوفان گهڻي ڀاڱي دور ٿي ويا آهن. اسان جي پريکشيا پوري ٿي، مگر اهو ساڳيو ڪامورو اڃا اتي آهي. ٻڌجي ٿو ته کائنس پنهنجي هلت بنسبت ڪا پڇا ڳاڇا ٿي رهي آهي ۽ حال في الحال ته پنهنجي ابتن ارادن ۾ فتحيابيءَ جي اميد ڪانه اٿس. بند ڪرايل در وغيره وزير جي تار تي کولايا ويا ۽ هينئر اسان جي اچ وڃ تي ڪا روڪ ڪانهي. تڪليف ٿي، مگر ٻيو اسان جو ڪجهه به ڪين ويو. گهر ۾ ايڪتا جو ڀاو وڌيل آهي ۽ دوستن واقفڪارن ۾ يا عام ماڻهن ۾ جيڪو ذڪر اسان جي باري ۾ هلي پيو تنهن مان ظاهر آهي ته هنن جي همدردي اسان سان آهي. اهو ڪافي فائدو آهي! شل هي آزمودا اسان سڀني جو سچ جي راهه ۾ اعتماد وڌائن!

***

 

 

5-12-1964ع  سام هندستان جي پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏني آهي؛ انهيءَ ۾ ڪي مشڪلاتون ٿي پيون آهن. گرڌاريءَ سام جو اُن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ چيائين شايد اوهان کي پاسپورٽ جو ملڻ اهنجو ٿي پوي ۽ فلاڻي ديوان وانگر آخر هي ملڪ ڇڏڻو پويو.

سام چيو: ”ائين ڇو ٿيندو؟ اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“

گرڌاريءَ چيو: ”ڏوهه ثواب جو ته سوال ئي ڪون آهي، پر ڪا دشمني ٿي سگهي ٿي.“

سام کلي چيو: ”اسان جو ڪو به دشمن ڪونه آهي. پر جي اهڙو ناحق ڪنهن ڪيو ته ضرور حق جي ذات کي غصو ايندو. ان ريت فقير کي بند ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به چڱائي ڪانه رسندي. زمانا ڦري وڃن، نظام ڦري وڃن پر حق جا قانون هميشہ اڻ ٽر آهن. فقير بند ٿيندا آهن ته ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ، ورنه انهن کي ڪير به بند ڪري نه سگهندو آهي.“

گرڌاريءَ پنهنجي ڪنڌ ڌوڻ سان گويا شڪ ظاهر ڪيو، ڄڻ ته هن جو اعتقاد اهڙيءَ ڳالهه ۾ ٻجهي نه سگهيو ته هڪ حق پرست ماڻهوءَ جي ڪري ڪو قدرت جوش ۾ اچي سگهي ٿي تڏهين سام کيس بادشاه غلام محمد ڪلهوڙي جي آکاڻي ٻڌائي جا هيئن آهي: چون ٿا ته سندس پڙوسي دوست هڪ راجا جي ملڪ ۾ هميشہ ڏڪر رهندو هيو، توڙي جو ان راجا جي ملڪ ۾ پاڻي گهڻو هوندو هو، راجا هڪ درويش کي قاصد ڪري موڪليو ته تون منهنجي دوست کان هن ڳالهه جو سبب پڇي اچ ته توهان جي ملڪ ۾ هميشہ سڪر آهي ۽ اسان وٽ هميشہ ڏڪر آهي، ان جو راز ڪهڙو آهي؟ بادشاهه غلام محمد نياپو ٻڌندي ئي حڪم ڏنو ته هن گستاخي فقير کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. چون ٿا ته ان فقير جي رنج يا ڪمهريءَ ڪري ان باغ جو اهو وڻ سڪي ويو؛ جڏهن اها خبر بادشاهه کي پهتي، تڏهن هن فقير کي گهرايو ۽ کيس چيائين ته راجا صاحب کي وڃي چؤ ته هڪ انسان جي بد دعا ۽ رنج ڪري سائو وڻ سڪي سگهي ٿو ته لکين ڪروڙين آدم جي آه وزاريءَ ۽ فريادن ڪرڻ جو اثر ڪهڙو ٿي سگهندو؟

سام چيو: هيءَ ڳالهه هڪ ڏند ڪٿا سمجهي وڃي پر اُن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ ڪونه آهي ته ناحق ڏسي ذات حق جنبش ۾ اچي ٿي، خاص ڪري اهو ناحق جڏهن ڪنهن حق پرست سان ٿئي ٿو. اسان کي اميد آهي ته اهڙو ناحق هرگز ڪين ڪيو ويندو.“

پاسپورٽ آخر ۾ سام کي ملي ويئي. اها ڳالهه مون کي ٻڌائيندي هن چيو ته گرڌاريءَ جو الله ۾ اعتقاد اڃا ڪونه آهي. جڏهن اسان روسي پٽنڪ جي ڏسڻ جي چاهنا رکي هئي ۽ ويٺي ويٺي اها سڌ ڪئي هئيسين ته سائين اسان کي به اهو لقاءُ ڏيکار، پوءِ سوير عصر جو پٽنڪ اکين سان ويجهو لنگهندو ڏٺوسين؛ تڏهن به گرڌاريءَ انهيءَ ڳالهه تي کليو هو ۽ اعتقاد ڪونه ٿي ٻڌس ته ڪو اسان جي پرارٿنا ايشور ٻڌي هوندي؛ اڄ به هن کي اعتبار ئي ڪونه پيو اچي جڏهن مون کيس چيو ته فقيرن کي بند ڏسي حق جي ذات جوش ۾ ايندي آهي؛ ان ڳالهه تي هو ڪنڌ ڌوڻ پيو ڪري.“

 

گرڌاريءَ مون کي چيو: ”ممي، منهنجو دادا جي ڳالهين ۾ اعتبار گهٽ آهي؟“

سام کيس چيو: ”تو اسان کي گرو ڪوٺيو هو مگر سچو گرو شرڌا آهي. هي وچن. هي ڳالهيون هن صوفياڻي صحبت جون، جي دل سان هنڊائين ته امولڪ لعل آهن ورنه اعتقاد جي بناهي ڪجهه به نه آهن. هڪ درويش جي ڳالهه آهي ته هڪ اڻ ڄاڻ وٽ وڃي مهمان ٿيو؛ ان ماڻهوءَ سندس ڏاڍي خدمت ڪئي؛ درويش راضي ٿي وٽس هڪ لعل جي ڳوٿري ڇڏي ويو. هن غريب کي اها خبر نه هئي ته لعل ڇا ٿيندو آهن. هن اهي چلڪڻا گليلا سمجهي جهار هلڪيندي پکين کي هڻي ڇڏيا؛ جڏهن آخر هڪ لعل وٽس وڃي بچيو ۽ اهو پنهنجي کانڀاڻيءَ ۾ وڌائين ته هڪ لانگهائو جواهريءَ ڏسي ورتو ۽ چيائينس ته اهو مون کي ڏي ته تو کي آءٌ جهجهي دنيا ڏيندس. اُن غريب ڪڙمي پڇيو ته ڇا ڏيندين؟ تڏهن هن جواهريءَ وراڻيو ته صبح کان وٺي شام تائين جيڪا دنيا ڍوئي سگهين سا تنهنجي آهي! ارمان آهي جو آءٌ توکي ڪجهه وڌيڪ  ڏيئي نه ٿو سگهان! پوءِ غريب ڏاڍا هٿ هنيا ته هيءَ ڳوٿري لعلن جي لٽي ڇڏيم؛ باقي وڃي هڪڙو بچايم!

”فقيراڻي صحبت به انهيءَ لعل جي ڳوٿريءَ مثل آهي. هيءَ عمر وڃي ٿي گذرندي. جيڪو انهن اعلانن ۽ گيان جي نڪتن جو قدر ڄاڻي ٿو. تنهن جي لاءِ اُهي لعل ثابت ٿين ٿا ورنه اهي مٽيءَ جا ڳوڙها ئي آهن ۽ تو وانگر انهن تي هسي ڪرڻ ئي جوڳ آهي.“

***

 

 

18-12-1964ع هت ڪن ماڻهن کان اسان مهمانن وغيره لاءِ جاءِ مسواڙ تي ورتي هئي. اڄ اوچتو ٻڌوسين ته اسان جي ڪلف جي مٿان هو ٻيو پنهنجو ڪلف هڻي ويا آهن ۽ اها مراد اٿن ته جاءِ پاڻ والاريون، جيتوڻيڪ اسان سان شرط ٻيءَ طرح اٿن. هنن ڪجهه اسان جي ماڻهوءَ کي گهٽ وڌ پڻ ڳالهايو. هيءَ ڦڏي جي ڳالهه ٻڌي منهنجي دل ڪجهه خراب ٿي پيئي ۽ چيم ته الاجي ڪڏهن هن سنسار کان آجو ٿبو! جلد ئي سام پوءِ سنڌيا جي وقت پنهنجي ڌيان ۾ وڃي ويٺو، کيس انهيءَ وقت پنهنجي زندگيءَ جي هلندڙ سوالن وغيره جو ڪڏهن پنهنجو پاڻ مان جواب ملندو آهي. سنڌيا کان پوءِ منهنجي پڇڻ تي انهيءَ بنسبت هيٺينءَ طرح احوال ٻڌايائين: ”پهريائين ڌيان ۾ ويهڻ وقت، ڀاوَ پيدا ٿيڻ اڳ روزاني زندگيءَ جا ڪم ڪاريون وغيره ٻيا ويچار درشٽيءَ جي اڳيان گذرندو آهن. اڄ تنهن جي (مٿي ذڪر ڪيل) لفظن جو ويچار ٿي ڪيم؛ پوءِ وري هڪ آدرشي زندگي هڪ وڻ مثل نظر آئي. اشارو مليو ته انهيءَ کي لوڙهو ڏيو! تڪڙو ئي خيال آيو ته  لوڙهو اُهو صدق سچائيءَ پريم جو ٿي سگهي ٿو. تڏهن سمجهيم ته جيئن پنهنجي باغ ۾ جهار جهرڪين ۽ نوريئڙن کان سلن جي حفاظت ڪريون ٿا، تيئن آتمڪ کيت ۾ پڻ خفن ۽ خطرن جي وچ ۾ رهي ڪري پنهنجي پوک جي حفاظت ڪري آهي.

”جتي انسان جو پير، اُتي دوئي ۽ وير ڀاوُ ضرور رهڻو آهي. جيترو سچ ۽ پريم جو پسارو آهي اوتروئي زندگيءَ ۾ ڪوڙ ۽ ڪپت جو واڌارو پڻ آهي. رشي وشوامتر به آشرم ۾ چين سان رهي ڪونه سگهيو هو ۽ راجا دشرت کان رام جي ٻانهن اچي گهريائين ته هلي دئيتن کي ناس ڪري. ڪٿي به رهبو، پهاڙن تي، درياهه جي ڪناري تي يا ڪنهن بر ۾ ته نيٺ ماڻهن سان ورتاءُ ضرور ڪرڻو پوندو؛ آشرم به ٿيندي ته انسان جي شيوا جي لاءِ؛ اُتي به آشرم جي رهواسين جا پاڻ ۾ ڪي تڪرار پيا ٿيندا. مطلب ته ڪهڙي به گفا ۾ گهڙي وڃو ته سنسار جي هوا کان ڪين بچندؤ. تنهن ڪري آتمڪ انتيءَ لاءِ هڪڙو ئي اُپاءُ آهي ته جتي رهجي ساوڌان ٿي رهجي؛ سچ ۾ ويساهه رکجي ۽ پريم جو ورتاءَ هر حالت ۾ قائم رکجي؛ پوءِ به جيڪڏهن ڪو مسئلو پيدا ٿئي ته انهيءَ جو همت سان حل ڳولجي؛ نه ڊڄجي، نه نراس ٿجي. اها ئي سنسار سان پڄڻ جي هڪڙي ريت آهي.“

***

 

 

12-5-1965ع  اڄ عاشوري جو ڏينهن آهي. سام چيو ته اڄ ريڊئي تي امامن جا مرثيه ۽ قصيدا هلندا هوندا، اُهي ٻڌبا. ائين چئي سام ڌيان سان ٻڌڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ويهي رهيو. ڪجهه وقت اسين سڀيئي ماٺ ۾ ٻڌندا رهياسين، جنهن بعد سام چيو: ”ڪهڙي نه سٺي ڳالهه ٿئي جيڪڏهن سڀني قومن جا اهڙا دل اُڀاريندڙ واقعا غم ۽ خوشيءَ جا ساڳيءَ عزت ۽ ڀڳتيءَ ڀاوَ سان سڀني جاتين جا ماڻهو ٻڌن ۽ انهن ما لاڀ پرائن! سمجهؤ مسلمان ڪرشن ليلا ٻڌن يا ڪرائيسٽ جا واکياڻ ۽ جبل تي ڏنل وعظ ٺهي ٻڌن ۽ ڪرستان واقعن مان مزو وٺن، ته دنيا جيڪر جهنگ جي ميدان بجاءِ هڪ گلستان بڻجي پوي. سچ پچ اسين اهڙن روحاني خزانن کان پاڻ کي ناحق محروم رکون ٿا.“

***

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org