سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 45

14-6-1966ع هن عرصي ۾ اسان وٽ ٻه محفلون ٿي گذريون آهن. منهنجي جنم دن کان پوءِ سام جي جنم دن واري محفل 3 جون تي ملهائيسين. سام جو خيال آهي ته ست سنگ ئي سڀ کان اُتم ذريعو ايڪتا جي پرچار جو يا پريم جي واڌاري جو ٿي سگهي ٿو؛ گهڻي گوڙ شور سان هروڀرو ڪا سچي تبديلي خيال ۾ نه ايندي آهي؛ شانتيءَ ۾ ويچار ۽ سچي سنگ ۾ پريم ۽ ايڪتا وڌندا آهن. ان ڪري لکڻ پڙهڻ سان گڏوگڏ هي سنگ صحبت جو واڌارو پڻ اسين هڪ ڪم ڪري سمجهندا آهيون. اهڙين مشغولين جو ذڪر ڪڏهن ڪڏهن هن ڊائريءَ ۾ ايندو آهي. هينئر ڇپائيءَ جو ڪم به وري چڱيءَ طرح چالو ٿيو آهي. هڪ نئين خوشيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي جو ويسٽ جرمنيءَ جي ڊاڪٽر گرڊ ليوپڪي اسان جي لکيتن  ۾ گهڻو چاهه ڏيکاريو آهي. ساڻس خط و ڪتابت سام جي ڪجهه وقت کان جاري آهي. هن هڪ ڪتاب ۾ سنڌ جي صوفين ۽ سنتن جي ٻاڻيءَ جو ۽ سندن رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ چوي ٿو ته مون اٽڪل 40 صفحا سام جي لکيتن کي ڏنا آهن ۽ آئينده لاءِ سندس خيال آهي ته وڌيڪ ڪڇ سام بنسبت لکندس.

انهن مشغولين ۽ پنهنجي پروفيشنل ڪم کان سواءِ هي عرصو مڙيوئي ماٺيڻو پئي گذريو آهي پاڪ انڊيا جنگ واري دؤر کان پوءِ مائٽن مٽن جا به خط پيا اچن، مگر اڃا ڪو اچ وڃ لاءِ رستو ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ کليل ڪونه آهي، جنهن ڪري هي وقت هن نموني پيا سجايو ڪريون. وڌيڪ سڌ ايشور کي آهي ته ڇا سجايو ڇا اجايو آهي!

***

 

 

16-6-1966ع  منهنجي اسپتال ۾ هڪ ڪتي ٽوني نالي سان هئي ۽ هر ڪنهن کي پياري لڳندي هئي. ٿورا هفتا اڳ سندس ويم ٿيو ۽ ويم ۾ اها بيمار ٿي پيئي. ويم کان پوءِ ٽن ڏينهن اندر مري وئي. هڪ ڏينهن اڳ ۾ مون کي ساڙهيءَ ڇڪي پنهنجي ويم واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آئي ۽ پنهنجا گلر  ڏيکارڻ لڳي. اُن جي ضعيف حالت ڪري سندس گلر اسين ميڙي ويجها ڪري کيس ڏيندا هواسين. مون کيس چيو: ٽومي! گلر ته تنهن جا سڀئي گڏ پيا آهن. باقي ڇا ٿي ڳولهين ۽ ڇو ٿي ڪون ڪون ڪرين؟ پر هن ويچاريءَ کي جو ڪال مٿان بيٺو هيو، کيس وڌيڪ خبر هئي ان ڳالهه جي. هينئنءَ مون کي پنهنجي گلرن جي پارت ٿي ڪيائين. علاج ڪرايوسين پر هوءَ بچي نه سگهي ۽ گلر انهيءَ پارت ڪرڻ وقت کان سندس مرڻ تائين بکيا رهيا. پوءِ ته  جلد ئي مون شيشي ۽ نپل گهرائي ورتي ۽ انهن سان پنهنجي هڪ دائيءَ جي مدد سان گلر پالڻ لڳس. کين پهريائين فقط کير ڏيندا هواسين. ڏهه يا پندرهن ڏينهن تمام اهنجا گذريا جو نپل تي کير انهن مان هڪڙي ته ڏاڍو مشڪل وٺندي هئي ۽ 5 يا 6 ڀيرا سندن کاڌي جي سنڀال ڏينهن ۾ ڪرڻي پوندي هئي. تنهن کان پوءِ جڏهين گلرن اکيون کوليون ۽ کاڌي کي چٽڻ لڳا ته ڪجهه آسانيءَ ٿي؛ اسين اهو ڪم فرضي يا قياس وچان ڪندا هواسين. مگر سام انهيءَ کي عبادت کان به وڌيڪ درجو قرار ڏنو. گهڻو ڪري شام جو پاڻ به ويهي سندن کارائڻ جو ڪم ڏسندو هيو. تڏهين سندس واتان اهڙا اکر نڪري ويندا هئا ته وڏو دعا جو ڪم ڪريو ٿا؛ هن جو اجر توهان کي وڏو ملندو.

اسان وٽ اهڙا به ڪي ماڻهو آهن جيڪي ڪتي کي هڪ جانور سمجهندا آهن ۽ ڪُتن کي هٿ به ڪونه لائيندا آهن. انهن جي ديدن مان ائين معلوم ٿيندو هو ته مان ۽ سام ڪي وهمي ماڻهو آهيون، جو انهيءَ ڳالهه کي ايڏي اهميت ڏيون ٿا. هڪ ڏينهن سام پنهنجي هڪ دوست سان ڳالهه ڪندي اهڙا اکر ڪم آندا اُهي گلر مون کي اهڙا ته پيارا لڳندا آهن جو ڄڻ ته هنومان ۽ گڻيش جون مورتيون پيون نظر اچن. تڏهن ٻئي هڪ هندوءَ انهيءَ تي اعتراض آندو ته هي ڇا ٿا چئو؟ ديوتائن جا نالا ڪتن تي ٿا رکو؟ سام کي سندس غلط فهميءَ تي عجب لڳو ۽ چيائين : ”اسين ڪا بي ادبي ڪانه ٿا ڪريون؛ اسين ته جتي ڪٿي اُهي ديوتا ئي ٿا ڏسون؛ توهين فقط ڪتا ٿا ڏسو!“

تڏهن سام اسان کي حضرت موسيٰ جي هڪ ڳالهه ٻڌائي: چون ٿا ته سندس گمان مٽائڻ لاءِ کيس الله جو  فرمودو ٿيو ته توکان وڌيڪ هڪڙو شخص آهي جو ڏينهن رات مون سان لنوتار  ۾ گڏيل رهي ٿو. حضرت موسيٰ انهيءَ شخص جو پڇائيندي سندس ڳوٺ ۾ هڪ گهر ۾ اچي پهتو؛ اُتي ڏٺائين ته هڪ نيڪ مرد نماز ادا ڪري رهيو آهي. هن سمجهيو ته اهو ئي الله جو پيارو آهي. نماز کان پوءِ ساڻس گفتگو ڪيائين پر اُن چيو ته اُهو الله جو پيارو منهنجو ٻيو ڀاءُ آهي جو هينئر جلد اچي ويندو. ٿوري دير بعد هڪ ريڍار رڍن جو ڌڻ ڪاهي جهنگ کان موٽي انهيءَ گهر ۾ آيو. گهر ۾ هڪ رڍ جيڪا ويم تي هئي سا ڇڏي ويو هو انهيءَ پرپٺ ويم ڪيو هو. ننڍڙي ڦر کي کڻي ان سان ڳالهائڻ لڳو اهڙا اکر پيو چوي ته اکڙيون ڪهڙيون نه عجيب اٿي! چپڙا به واهه جو اٿئي ۽ پشم ته ڏسو، وغيره وغيره! گويا الله سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. حضرت موسيٰ دل ۾ گمان آندو ته هي ڪو جاهل جهنگ جو ڌنار  آهي؛ هن کي ڪهڙي خبر الله جي! شايد مان ڀلجي ڪنهن  ٻئي گهر آيو آهيان. چون ٿا ته وري جڏهين پنهنجي الله جي اڳيان آيو تڏهين چيائين: اي سائين! مون ته تنهنجو پيارو ڪونه لهي سگهيو!

چون ٿا ته فرمودو ٿيو ته اهو ساڳيوئي شخص هيو جو رڍن جي ڦرن ۾ مون کي ڏسي رهيو هو. اي موسيٰ! مان انهيءَ وقت تنهنجي ڀرسان بيٺو هيس ۽ تنهنجي اٻوجهائيءَ تي کلي رهيو هيس! هو مون سان مخاطب هو ۽ مون سندس پيار ڀريا اکر دل سان ٻڌا.

سام جو مطلب ڳالهه جو هي آهي ته اسان صوفين جي خيال موجب الله هر شيءِ ۾ سمايل آهي. قرآن شريف ۾ به ته ائين ئي چيل آهي ته مان اوهان جي شہ رڳ کان به ويجهو آهيان. هڪ صوفي چيو آهي ”ونحن اقرب ويجهو وسي ٿو.“ ان وقت جيڪو سام جو امنگ ڏسي ها يا اسان جو پريم پوڄا سمجهي ها، مڃي ها ته هيءَ خود ايشور يا الله جي شيوا آهي. پريم وارن لاءِ غير ڪٿي به ڪونه آهي جيئن سام چيو آهي: ”سمجهه جو آهي ڦير، آءٌ نه ٿو الله سڏايان؛ ٻيو نه ڏسان ٿو ڪير، هر جا واسو حق جا ڀانيان.“

***

 

 

5-8-1966ع لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ ڪيترا واگهڙين جا ڳوٺ آهن. واگهڙي هڪ شڪاري هندو قوم آهي. شايد هي آري قوم کان اڳ جا ماڻهو آهي جيتوڻيڪ پوءِ آري قوم جي اثر هيٺ به آيا آهن. اهڙيون قومون ٻيو به سنڌ ۾ گهڻيون هيون جيڪي ديون يا ديوتائن جون پوڄائون ڪنديون هيون، جهڙوڪ بازيگر، ڀيل وغيره. عام طور ائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ واگهڙين به پنهنجو ڌرم مٽايو آهي ڪالهه رائيس ڪئنال تي گهمندي گهمندي، شهر کان ڪڇ مفاصلي تي سام ڏٺو ته پريم ڀڳتيءَ جا گيت ڳائجي رهيا هئا. سام چيو: ”مون رستي تان ٿورو وقت بيٺي سندن ڀڳتيءَ جا گيت ٻڌا. تڏهين انهن مان هڪڙو اُٿي آيو ۽ مون کي ڪوٺ ڏنائين ته ما به ساڻن گڏ اچي ويهان. ڪيرتن شروع ڪري  ڏنائون. مون کي عجب لڳو ته جيڪو ڪٿا ڪيرتن جو روح عام هندن مان نڪري ويو آهي سو هنن ۾ موجود هيو. عام هندو ٽڪاڻن ۾ اڄ ڪالهه گوڙ شور هڪ پاسي ته بي انتظامي ٻي پاسي برداشت ڪن ٿا. هن غريب قوم شهر کان ٻاهر اڪيلن آستانن تي رهي ڪري به پنهنجي ڌرم ۽ پوڄا ۾ جيڪا شرڌا ۽ سچائي قائم رکي آهي سا بلڪل حيرت جهڙي آهي. مون کيس ڪوٺ ڏني ته اسان وٽ صوفي ست سنگ ٿيندو آهي جنهن ۾ هندو مسلمان ۽ هريجن شريڪ ٿيندا آهن؛ توهين به ڪڏهين اچي اُتي ڪيرتن ڪريو. هنن اها رٿ قبول ڪئي.“

ان موجب هو ڪالهه شام جو اسان وٽ آيا. ڏاڍي رس ڀريو ڪيرتن ڪيائون. وڏي ڳالهه جيڪا اسان سڀني کي وڻي سا هئي سندن سومان جي ڳالهه. هو اڪثر پني وقت گذاريندا آهن. پر جڏهن اسان جي دعوت تي آيا تڏهن ڏٺوسين ته سندن وڏن کي چڱيون پڳڙيون ۽ سفيد پوشاڪون پيل هيون. اُن وقت سام جي عينڪ ڏس ۾ ڪونه ٿي آئي ۽ اسان کي چيائين ته ڏسجو متان اونداهه ۾ نه لتاڙجي وڃي. هنن ويچارن کي پنهنجي عزت جو خوف ٿيو ۽ دل ۾ چيائون ته متان ائين ڪو سمجهي ته هي پينو ماڻهو آهن سو انهن کئين هوندي.

سام ته کين خاطري ڏني ته اهڙو ڪو به خيال ڪونه ڪريو. پر صبح جو وري جيئن هو مليا ته پهريون سوال اهو پڇيائون ته عينڪ لڌي يا نه ڏاڍو خوش ٿيا جڏهن کين ٻڌايوسون ته عينڪ لڀي پيئي اڄ مون به سندن گهر وڃي ڏٺو ته هڪ ڪچي منهن ۾ پنهنجي هٿن سان ٿوريون سرون گڏ ڪري پوڄا جو آستان ٺاهيو هئائون. سنڌن پريم ۽ شرڌا ۽ ادب جي اٿڻ ويهڻ وڏن مندرن ۽ شوالن کي گويا شرمايو ٿي. سام چيو: ”جيڪڏهين ڀڳوان ماڻهن ۾ آهي ته انهن غريبن ۾ ئي سندس واسو آهي!“

***

 

 

16-8-1966ع آرتوار تي ڪيرن سالن کان اسان وٽ صوفي ست سنگ ٿيندڙ هيو مگر هيٺيان زناني اسپتال هئڻ سبب ۽ ڪن آفيسرن جي اعتراض سبب مقرر طور 10 يا 11 بجي رات تائين جيڪو ست سنگ ڪندا هواسين سو بند ٿي ويو. ڪيترا دوست آرتوار جي ست سنگ بابت به پڇا ڪندا آهن. ان ڪري خيال ڪيوسين ته ماٺيڻي نموني ڪا وندر آرتوار تي جاري رکڻ کپي گذريل آرتوار کان وٺي ڪجهه راڳ جي محفل ۽ پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيل آهي. اسان جو ساڳيوئي دوست هندو ڊپٽي ڪليڪٽر جيڪو هينئر رٽائر ٿيل آهي، تنهن قرآن شريف جي تفسير مان هڪ ٽڪرو اچي پڙهيو. ان ۾ ذڪر يعني جپ وغيره جي طريقن تي بحث ٿيل هيو. سام چيو ته چپ تپ يا ذڪر جا گهڻا نمونا، سي سڀ الله سان اٽڪلون ڪرڻيون آهن، هِن يا هُن اکر سان شروع ڪيو، دم هن پد تي چاڙهيو ۽ هيئن لاهيو؛ اهي ڳالهيون سڀ سچي عشق وارن کي ٻاراڻيون لڳنديون آهن. تنهن کان پوءِ آياسين فڪر جي اڀياس تي، جنهن ۾ ٽن فڪرن جو چڱيءَ طرح بيان ٿيل هيو:

فڪر 1:- پاڻ کي پٿر سمجهو: يعني ائين سمجهو ته مون کي چرڻ جي ڪا طاقت ڪانهي؛ مطلب ته مون کي هلائڻ ۽ چلائڻ وارو الله آهي.

فڪر 2:- جتي ڪٿي الله کي گڏ سمجهو. هن حالت جي سمجهائڻ لاءِ ڪتاب جي لکندڙ هندو استريءَ جي ڳالهه ڏني هئي جا خواجه جنيد بغداديءَ سان ملڻ آئي هئي. خواجه صاحب جي بيبيءَ پنهنجي مڙس کي ٻڌايو. جنهن فرمايو ته جڏهين ملڻ اچي ته سبب ملڻ جو پڇجوس. بيبيءَ جي پڇا ڪرڻ تي هندو استريءَ چيو ته مان خواجه صاحب سان خلاصو ڳالهائيندس اگرچه اِها ڳالهه بيبيءَ صاحبه کي اگري لڳي، تڏهين به خواجه صاحب کي وڃي سارو حال ٻڌايائين. خواجه صاحب چيو: کيس چئو ته  دڪان تي اچي مونسان ملي.

 جڏهين اُها هندو استري خواجه صاحب وٽ ويئي  ۽ کيس سبب ملڻ جو ٻڌايائين تڏهين خواجه صاحب ان کي اندر ڪمري ۾ وٺي ويو، کيس ويجهو وهاري پنهنجو هٿ آڇيائين؛ پر اُن استريءَ چيو: ”هو ڏسي ٿو.“ خواجه صاحب چيو: ”ڪير ٿو ڏسي؟ هتي ته ڪوبه ڪونه آهي!“ تڏهين هندو استري جا سرس سڪتيءَ جي مريدياڻي هئي. تنهن کيس سمجهاڻي ڏني ته جتي ڪٿي الله پاڻ سان گڏ آهي؛ جتي ٻه يا چار ڄڻا ڪا ڳالهه ڪن ٿا ته هو هنن سان گڏ ويٺو آهي. تڏهين خواجه صاحب سندس پيش پيو ۽ پاڻ به وڃي سري سڪتيءَ جو مريد ٿيو.

فڪر 3:- جنهن جو ذڪر نڪتو سو هيو فنا في الله، يعني سڀ صفات ۾ الله جي ذات ڏسڻ.

اتي پڙهائي بند ٿي ۽ سام هي خيال ظاهر ڪيو: ”جپ تپ ذڪر وغيره جو ملڪ حقيقت کان گهڻو دور آهي. جنهن ڪري انهن جي طريقن ۾ گهڻا اختلاف نظر اچن ٿا. مگر فڪر جو ملڪ حقيقت کي ويجهو آهي جنهن ڪري جدا جدا مذهبن جي ماڻهن ۾ فڪر جي ڳولها جا طريقا گهڻا ساڳيا نظر اچن ٿا. ڳالهه کي وڌيڪ کوليندي سام چيو سمجهو هڪڙو ماڻهو شڪارپور کان لاڙڪاڻي طرف رتيديري جي پاسي کان اچي ٿو؛ ٻيو وارهه سان اچي ٿو ۽ ٽيون رائيس ڪئنال سان اچي ٿو ۽ چوٿون نئين ديري واري سڙڪ سان پنڌ پوي ٿو. اهي سڀ پنهنجن پنهنجن پاسن جا احوال ڏيئي سگهندا ۽ انهن جون حقيقتون هڪ ٻئي کان مختلف پيون لڳنديون. مگر جڏهين منزل مقصود تي، شهر جي ويجهڙائيءَ ۾ اچي پهچندا تڏهين لاڙڪاڻي بابت جيڪي حقيقتون معلوم ٿينديون سي گهڻو ڪري هڪ جهڙيون هونديون. انهن ۾ تفاوت گهٽ هوندا. ان ڪري مان چوان ٿو ته فڪر جي ڳولها حقيقت جي دنيا کي ويجهي آهي ۽ ان ۾ اختلاف تمام ٿورا پيش ايندا جيڪڏهن مقصد ساڳيو هميشہ سامهون رکبو.“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org