سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 14

اڄ ڀاڳوت ۾ ڪرشن جنم بابت پريئر وقت ٽڪرو پڙهيوسين. ان ۾ لکيل هو ته جڏهين شيام سندر جنم ورتو تڏهين پکي، وڻ ٽڻ، ٻوٽا سڀ خوش ٿي نظر آيا؛ ميوه جا وڻ وڌيڪ ڦل ڏيڻ لڳا، وغيره وغيره! سام اهو ٽڪرو جڏهين ٻڌو تڏهين چيائين: ”هيءَ ڪوڙي ڪٿا سمجهڻ نه گهرجي. اسين گهڻو وقت پنهنجو بيروني دنيا ۾ ويتيت ڪريون ٿا؛ اندروني يعني خيال واري دنيا ٿوري ڪا ڏسون ٿا، نه ته اها ڳالهه سمجهڻ جيڪر اهنجي نه ٿئي ته خيال جو اثر بيروني دنيا تي ڪيڏو پوي ٿو. هڪ صوفي فقير چيو آهي، ’هان ڀي اِڪ خيال، لڀسان ڀي نال خيال دي‘. تيئن هڪ ولايت جي فيلسوف اسپنوزا چيو آهي: Cogito Ergo Sum يعني مان خيال ڪريان ٿو تنهنڪري مان آهيان! مطلب ته زندگيءَ جو مرڪز خيال آهي. خيال تي انساني جيوت جو دارو مدار آهي. جڏهين خيال جو مالڪ، يعني ست چت آنند سروپ پرم آتما جنم وٺي ٿو تڏهين ڌرتيءَ تي يا آس پاس جنم واري آستان تي ڪئن نه اُن آنند جو اثر پوندو؟ سڀ ڪنهن شيءِ جو رخ ڪنهن وڏيءَ آتما جي اثر هيٺ مٽجي وڃي ٿو. وڏن اوتارن جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي.“

پوءِ سام پنهنجو هڪ مثال ٻڌايو ۽ چيائين: ”اسين سڀ ان هڪ شڪتيءَ جا روپ آهيون. ان ست چت آنند ساگر مان پيون ٿيون روپ جون لهرون اٿن ۽ جيوت جي ڪناري تي لڳن؛ روپ جي لهر ڪا ننڍي آهي، ڪا وڏي؛ مگر اصل نسل سڀني جو هڪڙوئي آهي. ٿورا ڏينهن اڳ جڏهين ڊپٽي صاحب وٽ ڪي ڪلام ٻڌي رهيا هئاسين تڏهين سماڌيءَ ۾ اچي ڪري منهنجي من کي گهڻو آنند مليو. ڀڄنيڪ اهي ساڳيائي هئا جن جو ڪئين ڀيرا اڳ راڳ ٻڌو هيوسين. مگر مان سمجهان پيو ته منهنجي سماڌي وارو آنند فقط مون تائين محدود نه هو پر چؤطرف پکڙيل هو. جاڳڻ تي هي خيال دل تي آيو، ته ڏسان ته منهنجي آنند جو اثر ٻين تي به آهي ڇا؟ اک ڦيرائي ڏٺم ته انهيءَ آنند جوثر سڄي سنگت تي نظر آيو. پوءِ منشي چيو ته توهان بلڪل سماڌيءَ ۾ هيَو؛ ويٺلن مان ڪيترا توهان ڏانهن نهاري رهيا هئا. هن جو مطلب اهو نه آهي ته اهو مزو هروڀرو مون مان پيدا ٿيو هوندو؛ مگر ايترو ظاهر آهي ته اهو آنند ڪٿان به پيدا ٿئي ته انهيءَ جو اثر چوطرف ڇائنجي وڃي ٿو. اها هڪ اندروني تجربي جي ڳالهه آهي. مگر هي ڳالهه علم موجودات (Physical Science) ۽ علم ڪيميا (Chemistry) جي اصولن موجب پڻ ممڪن آهي. ڇا لاءِ جو ڪنهن به مواد يا اصل ڌاتوءَ جو اثر ضرور چوطرف وڌي ٿو ۽ سڀ کي پنهنجو پنهنجو کيتر (Field) آهي؛ يعني انهن کي پنهنجي پنهنجي اثر جو دائريو آهي. پوءِ پورن خيال ۽ پورن پريم جو اثر ڪيترو نه دور دور پکڙبو هوندو!

”اهڙي طرح گهر ۾ پڻ سنڌيا کان پوءِ جڏهين من ۾ اهو مها آنند محسوس ڪريان، تڏهين توهان سڀني جو گڏجڻ ۽ سنڌيا کان پوءِ نمسڪار (جيڪو اسين هڪ ٻئي کي ڪندا آهيون) سو وڌيڪ پريم سان ڀريل هوندو آهي؛ مان ائين سمجهندو آهيان ته اهو اثر من جي ايڪاگر ٿيڻ مان پيدا ٿئي ٿو. ٻاهرين حالتن ۾ ان جي پيدا ٿيڻ جو خاص سبب نظر ڪونه ايندو آهي. جهڙيءَ طرح هڪ ڪروڌي ماڻهو ڪروڌ جو ڀاو پيدا ڪري سڄي گهر جي وايو منڊل کي خراب ڪري سگهي ٿو، اهڙيءَ طرح ايڪاگر من پاڻ آنند پائي ٻين کي پڻ آنند روپي بڻائي سگهي ٿو. ڪڏهين ڪڏهين وڏيون آتمائون نه فقط آس پاس واريءَ زندگيءَ تي، جنهن ۾ وڻ، پکي، جانور وغيره اچي وڃن ٿا، پر دنيا سڄيءَ تي پنهنجو اثر ڦهلائن ٿيون؛ جئن ڀاڳوت ۾ هينئر اسان ڪرشن جنم بابت پڙهيو. ڪجهه قدر اهڙو اثر مون ٻه دفعا خاص طرح ويجهن سالن ۾ محسوس ڪيو آهي.“[1]

اڄ برسات اوچتي اچي ڪڙڪي. سام منشي کي سامان سهيڙڻ وغيره سنها ٿلها ڪم ٿي ڏسيا، جئن برسات سبب ڪو نقصان نه ٿئي. گرڌاري، جو ويجهو رڌ پچاءَ جي جاءِ ۾ ويٺو هو، تنهن منشي کي چئي ڏنو ته مان هت ڇٽو ويٺو آهيان؛ جيڪو ايڏنهين يعني (اسانجي اڳيان) ويهي ٿو سو ڄڻ جيل ۾ آهي؛ اسان هت سکيا ويٺا آهيون! اسان سڀني اهي اکر ٻڌي ورتا. گرڌاري جيتوڻيڪ اهي لفظ کلندي چيا تڏهن به مونکي سندس بيجاءِ ڳالهائڻ جو طريقو نه وڻيو. مون کيس ڇينڀيو، پر سام چيو: ”ويچارو سچ پيو چوي. اسان جي اڳيان جيڪو آهي تنهن کي آرام ڪرڻ جوئي وقت ڪونه ٿا ڏيون. پر ڀائي گرڌاريمل! حياتيءَ ۾ ڪجهه پِرائي به اهو ٿو جيڪو پنهنجو سک ڦٽائڻ سکي ٿو. اها به هڪ زندگيءَ جي ترتيب اٿيئي. ڪچ باه مان نڪري پوءِ ئي سچو سون بڻي ٿو. ائين ئي ٻيڙيءَ ۽ بنڊ واري ڳالهه ڪندا آهن: بُنڊ پڇيو ٻيڙيءَ کان، جهڙو ڪاٺ جو مان تهڙي آهين تون؛ پر تون ترين ٿي پاڻيءَ تي ۽ مان پيو ٿو غوطا کاوان! سو ڇو؟ ٻيڙيءَ وراڻي ڏني ته مان به پهريائين تو وانگر بنڊ هيس؛ پوءِ مونکي کڻي ويا ڪارٽين وٽ؛ انهن اچي مون ۾ ڪرٽ وڌا ۽ چيري ڪيائون ڦاڪون؛ تنهن کان پوءِ ڊکڻن واهولا وسايا؛ پوءِ رندو هڻي چمڙي ڇليائون؛ لوه جون ميخون هڻي ڪرنڊو سرنڊو ڪري اجها هيءَ ٻيڙيءَ جي صورت ڏنائون. ايترا سور سهي، پوءِ ئي مان ترڻ سکي آهيان! شاه جو بيت آهي:

”سور سهنديون جي، پسنديون پڻ سي هوت کي.“

***

 

 

9-9-1951ع ڪچا نوٽ جيڪي ٻڌر جي ميٽنگ جا مون وٽ رکيل هئا، جن جو مون هن کان اڳ ذڪر ڪيو آهي، سي هن ريت آهي:

مون سام کان پڇيو: ”اڳئين ميٽنگ ۾ جو رشي پتنيءَ بابت هڪ ڳالهه ڊپٽي صاحب ڪتاب مان پڙهي ٻڌائي هئي ته رشيءَ جي سنياس وٺڻ بعد سندس استري پتيءَ جي گيان آزمائڻ لاءِ نئون روپ ڌاري سندس آستان تي آئي ۽ پهريائين ساڻس پريم ڏيکاريائين جنهن تي رشيءَ چيو ’هري اڇا‘؛ پوءِ جڏهين ٻئي سان پريم رکيائين تڏهين به رشيءَ چيو، هري اڇا؛ پر جڏهين انهيءَ ٻئي پريميءَ کي گڏ وٺي اچي رشيءَ وٽ رهايائين ته رشيءَ پنهنجي هري اِڇا، يعني سڀ ستڪارڻ وارو اصول ڇڏي، هن کي گڏ رهائڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ ڳالهه تي توهان ۽ ڊپٽي صاحب اهو رايو ڏنو هو ته اتي رشي پنهنجي آدرش کان ڪري پيو. ڇا لاءِ جو منڍ کان جيئن پاڻ پريم رکڻ وقت يا استريءَ جي ٻئي سان پريم ڪرڻ وقت، هري اڇا ڪئي هئائين، تيئن هن نه ڪيو، جو کيس ساڙ ٿيو. مان پڇڻ چاهيان ٿي ته توهان پاڻ جيڪر اهڙي حالت ۾ ڇا ڪريو.“

سام وراڻيو: ”هن ماحول ۾ هن زندگيءَ ۾ اها ڳالهه اهنجي سمجهجي ٿي ڇا لاءِ جو لوڪ جي مريادا ناس ٿيڻ جو سوال اتپن ٿئي ٿو. جڏهين کُڏ تان اسان جو نوڪر ڪو سامان هيٺ لاهيندو آهي تڏهين ان کي چوندا آهيون ته ڏينهن ڏٺي جو مٿي نه چڙهه، ڇا لاءِ جو ڀر وارن گهرن ۾ پڙدي وارا مسلمان رهندڙ آهن؛ جئن مٿن ڪنهن جي نگاه نه پوي. مگر اسين پاڻ پڙدو ڪونه ٿا رکون ۽ ڏسڻ وائسڻ کي پاپ ڪونه ٿا سمجهون. اهڙيءَ طرح ٻيا ڪيترا ڪم پڻ اسين ڪريون ٿا جي اسان کي نا ضروري لڳن ٿا مگر لوڪ لڄا يا لوڪ جي مريادا قائم رکڻ جي لحاظ کان ضروري سمجهون ٿا. ان ۾ هي راز رکيل آهي ته سڌارڪ کي لوڪ جي اوستا موجب سڌاري جي رٿا رکڻ گهرجي ۽ نه وڌيڪ قدم کڻي سڌاري کان نفرت پيدا ڪرڻ گهرجي. سري رامچندر جن سيتا کي باهه مان گهمائي سندس پريکشا ورتي هئي، نه پنهنجي لاءِ پر لوڪ جي مريادا رکڻ جي ڪري. کين سيتا جي پوترتا جي دلي خاطري هئي. پر ان وقت جي مريادا موجب وري هڪ خسيس ڌوٻيءَ جي نڪته چيني سڻڻ سان پنهنجي پتنيءَ کي نيڪالي ڏيئي ڇڏيائون، ڇا لاءِ جو سوريه ونسي راجائن جو اهو ڌرم هو ته ٻئي جي قبضي ۾ آيل استري پنهنجي رڻ واس ۾ نه رکن؛ ساڳيو سوال اڄ ڪلهه جي حالتن ۽ مريادا جو هت به اٿي ٿو. جيڪڏهين ڪو به جوڙو اهڙي کليل آزادي وٺندو ۽ لوڪ جي مريادا جو خيال نه ڪندو ته هو ڏوهاري سمجهبا. برابر سنت لوڪ، لوڪ لڄا جي پرواه نه ٿا رکن ۽ جڏهين ضروري سمجهن ٿا تڏهين پنگتي ٻنڌنن کان ٽپي پار پون ٿا؛ پر هروڀرو لوڪن کي ڪنهن به قسم جو ڌڌڪو ڏيڻ سو هو فرض نه ٿا ڄاڻن. جيڪڏهين اسين هڪ آشرم ۾ هجون جتي فقط پنهنجي روحاني مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ لڳل هجون ۽ اتي اهڙو سوال ڪنهن به آشرم جي ميمبر جو اٿي، ته ان کان جيڪر نفرت نه ڪريون، بشرطيڪ هن اها آزادي ايمانداريءَ وچان يا اصولي مجبوريءَ وچان اختيار ڪئي هجي. اهڙو اونچ مثال اڄوڪي زماني جي هڪ دوست جي واتان مون ٻڌو. هو هڪ انگريز ڊاڪٽر جو مثال هيو جو هڪ آدرشي انسان هو. هن ملڪ ۾ ڪجهه وقت اڳ هو رهندو هو ۽ منهنجو به واقف هو. هو پنهنجي گهر واريءَ جي بي غيرتي هلت نه فقط برداشت ڪندو هو ۽ سندس دوستن کي گهر ۾ اچڻ وڃڻ کان روڪ ڪانه ڪندو هو مگر کيس پنهنجو عمر جو ساٿي سمجهي، ساڳئي ئي پريم جي ڀاو سان هلائيندو رهندو هو ۽ خود انهن اعتراض جوڳن ناتن ۾ کيس ڪجهه مدد ڪندو هو. پنهنجي عورت جي اچڻ وقت هو پاڻ پري رهي کيس جاءِ نويڪلي ڪري ڏيندو هو. انهيءَ ڳالهه جي خبر جلد ان ڊاڪٽر جي دوستن کي پئجي ويئي، جن جي خيالن کي گهڻو ڌڌڪو رسيو، جيتوڻيڪ انهن مان ڪي ٿورا سندس اعليٰ خيال سمجهي، دل ۾ هن لاءِ عزت رکندا هئا.

”هڪ وڏي فرينچ عالم جي ڳالهه ياد اٿم، جنهن سان منهنجو گهاٽو ناتو هو. هو پنهنجي استريءَ جي ڀڄائيندڙ يا ريبيندڙ کي پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر ڪري ڏسندو هو ۽ مونکي ائين چوندو هو ته هُو (سندس زال جو ريبيندڙ) هڪڙو مهاتما آهي، جنهن کي ڪو پاپ لڳي نٿو سگهي؛ جيتوڻيڪ هن کي اها خاطري هئي ته سندس ناتو زال مرد جو ٿي چڪو هو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”جيڪڏهين ڪنهن آشرم ۾ اها ڳالهه روا ٿي سگهي ٿي، ان ڪري جو اهڙي آشرم شهر کان ڏهه يا ويهه ميل پري آهي يعني ان ڪري ته آشرم واسين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو اثر شهر واسين تي ڪونه ٿو پوي، ته پوءِ ان اصول موجب، پورو لڪ هجي ته، گهر ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، بشرطيڪ انهن جو اثر ٻين ماڻهن تي نه پوي!“

سام وراڻيو: ”پهريائين سمجهڻ گهرجي ته هي گهڻي ڀاڱي هڪڙو اسڪولي سوال آهي، جيتوڻيڪ اتفاقاً اهڙا مثال حياتيءَ اندر به پيدا ٿي سگهن ٿا. مگر جنهن صورت ۾ سوال اٿاريو ٿو ته ڀل ان کي چڱيءَ طرح ويچار ۾ آڻيو. هت فقط لڪ جو سوال نه آهي؛ هن سان گڏ مالي ۽ پنگتي سوال پڻ اُٿن ٿا. جيڪڏهين عام طرح لوڪن لاءِ ايتري آزادي شادي ۽ ڄم (Sex) جي ڳالهين ۾ روا ڪجي ته اهڙي آزادي وارن جي پئدائش ڪيڏانهن وڃي؟ سندن ٻار ڪير پالي؟ اُن حالت ۾ جيڪر سڄو گهرو، مالي ۽ پنگتي سرشتو دنيا جو ڦيرڻو پوي؛ تنهن ڪري وڏي پئماني تي ايتري آزادي نه ڪو طلبيندو ۽ نه ان مان چڱائي پيدا ٿيندي. پنگتي پوترتا جي قائم رکڻ واري خيال کان پڻ اهڙي روش خراب ليکجڻ ۾ ايندي ڇا لاءِ جوان مان ڪٽنب جي پوترتا، مريادا ۽ ريت رسمن تي اثر پوندو. ازانسواءِ ڪٽنب جي آدرش يا وڏن جي اختيار ڪيل اصولن ۾ فخر ڪو نه رهندو. ان تهذيب جو قائم رکڻ، جنهن ۾ ڪيترا ملهائتا آزمائش ۾ آندل گُڻ سمايل رهن ٿا. مشڪل ٿي پوندو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”مگر برهم گيان واري لاءِ اِهي سڀ ڳالهيون تڇ آهن. هن لاءِ جهڙو هي ورن تهڙو هو؛ جهڙو هي ڪٽنب تهڙو هو.“

سام وراڻيو: ”مٿين قسم جو ورن سنڪره هڪ پنگتي پاپ ڪري سمجهڻ گهرجي. ڪن ولايتن ۾ ڪجهه وقت ٿيو ته (Eugenic Marriage) يعني جسماني وصفن جي چونڊ واري اصول تي شاديءَ کي همٿائڻ جو تحرڪ شروع ٿيو هو، ان لاءِ ته قوم ۾ جيڪي سٺا ٻج يا سٺا گڻ هجن، سي قائم رهن ۽ بيماريءَ وارن انسانن يا ذليل انسانن تي شاديءَ جي بندش پوي؛ مان سجهان ٿو ته آري قوم به ورڻن جو گڏجي وڃڻ ان لاءِ روڪيو هو ته جيئن گهڻي مڪسچر ۾ اونچا قومي گڻ گم ٿي نه وڃن، جن تي قوم جي سڀيتا جو دارو مدار آهي. اسين ورڻن بنسبت انهيءَ قسم جون پائبنديون اڄوڪي زماني ۾ قائم رکڻ نٿا گهرون، پر ذڪر ڪيل آزادي رشي پتني واريءَ ۾ سنساري ماڻهن لاءِ ڪٽنب ۾ يڪوجودي قائم رکڻ جو سوال اٿي ٿو، جيڪا يڪوجودي ڀاتين جي هڪ ٻئي ڏانهن شرڌا ۽ سنيهه رکڻ يا ڪٽنب جي مالي، دماغي ۽ روحاني ڪماليت لاءِ ضروري آهي. اهو رشي پتني وارو مثال سڀ ڪنهن لاءِ ادرش ٿي نٿو سگهي. خاص ڪري اسان جي قوم (جنهن  ۾ ملڪ جون گهڻو ڪري سڀ جاتيون اچي وڃن ٿون) جي جوڙ جڪ واري اصول جي خلاف آهي. پر آشرم معنيٰ هڪ خيال جي لئباريٽري؛ اتي خيال جي سڀني عملي صورتن جي آزمائش ٿي سگهي ٿي. جئن هڪ لئباريٽريءَ ۽ سائنس جون نيون کوجنائون آزمائي سگهجن ٿيون ۽ اهي جيوت جي جوڙ جڪ ۾، صحت، تعليم، ڌنڌن، ڪارخانن، بچاءَ جي محڪمن وغيره ۾، آزمائش کان پوءِ ئي ڪم اچن ٿيون، تئن آشرم ۾ نوان خيال اهڙي آزاديءَ جا پيدا ٿين ته انهن جي چڪاس يا انهن جي نتيجن جي ڀيٽ آشرم ۾ اندر ئي ڪري سگهجي ٿي. ائن ڪنهن کي به حق نه آهي ته اهي آشرم ۾ برداشت ڪيل يا خاص حالتن ۾ اجازت ڏنل ڳالهيون، عام پبلڪ ۾ اختيار ڪرڻ لاءِ پيش ڪري. مثلاً اڄ ڪلهه ننگن جا ڪلب (Nudist Club) ولايت ۾ کليا آهن، مگر عام طرح سرڪاريون لوڪن کي پبلڪ جي اچ وڃ وارن هنڌن تي ننگي گهمڻ وغيره جي اجازت ڪونه ٿيون ڏين. هڪ آشرم يا ڪلب جي نرالي ڳالهه آهي. آشرم جي معنيٰ آهي اجهي جي جاءِ، جتي ڪو به جيءُ اجهو پائي سگهي ٿو. اسپتال ۾ خاص وچڙندڙ بيماريءَ وارن لاءِ جدا بندوبست ٿي سگهي ٿو تئن آشرم ۾ پڻ اهڙن ماڻهن لاءِ، جن جي عام طرح هلت ابتي يا خطرناڪ نظر اچي، جاءِ ٿي سگهي ٿي. اتي جيڪڏهين اهڙو ڪو روحاني ڊول جي ابتڙ دل ۽ دماغ وارو انسان (Freak) اچي ٿو ته انهيءَ کي ان محدود دائري اندر، جئن وچڙندڙ مرض جي بيمار کي اسپتال ۾، منهن ڏيئي سگهجي ٿو. ائين برابر آهي، ته جيڪڏهين آشرم شهري زندگيءَ کي تمام ويجهي آهي، جتي عام ماڻهن جي اچ وڃ گهڻي آهي ته اتي اهڙا طريقا برداشت ڪرڻ اهنجا ٿي پوندا.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين ته وري هي سوال به ڳجهي طرح ويچار ڪرڻ گهرجن.“

سام چيو: لِڪ اتپتيءُ جو هڪ اصول آهي. جيڪڏهين اهڙن خيالن ۾ ڪا آخري چڱائي آهي تڏهين به اُهي ضرور پهريائين لڪل ۽ ننڍي پئماني تي رهڻ گهرجن. قدرت پاڻ ڪيتريون نيون ڳالهيون آزمائي رهي آهي، پر زندگيءَ ۾ عام طرح ايجاد انهن جو تڏهين ٿئي ٿو، جڏهين عام جي لاءِ فائدي واريون ثابت ٿين ٿيون.“

انجنير صاحب چيو: اوهان اڳي لڪ کي پاپ ٺهرايو آهي. هينئر چئو ٿا ته لڪ پاپ نه آهي پر قدرت جو هڪ اصول آهي!“

سام چيو: ”مون لڄ کي پاپ چيو هوندو يا اُهو لِڪ جو ڪوڙ جي بچاءَ خاطر رٿيل آهي. رواجي طرح لڪ زندگيءَ جو هڪ اصول آهي. ٻج سلي جي صورت ۾ پهريائين ڪرنڊڙو ٿيو ڌرتيءَ هيٺان لڪل رهي ٿو. جڏهين هوا ۽ اُس کائڻ جي طاقت ٿئيس ٿي تڏهين ڌرتيءَ کان نڪري ٻاهر ٿئي ٿو. اهڙي طرح قدرت جا وڏا کيل ۽ انسان جا وڏا اورچائيءَ جا ڪم پهريائين لڪل رهن ٿا ۽ پوءِ جوڳي وقت تي، دنيا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. ان ريت جيسس ڪرائيسٽ هڪ غريباڻي گهر جي اونداهي واڙي ۾ ڄائو؛ سري ڪرشن قيد خاني ۾ ڄائو ۽ محمد صلعم هڪ ڇورو ٻار ٿي رهيو! انهن جا هلايل مذهبي تحري به رفته رفته زور ۾ آيا.“

ڊپٽي صاحب پڇيو: ”ڀلا اهو ٻڌايو ته جيڪا ڳالهه هتي، لوڪن ۾، عمل ۾ آڻڻ جوڳي نه آهي سا ڇو نه هت بحث هيٺ نه اچڻ گهرجي؟ متان ڪو گمراه ٿي پوي!“

سندس اهو به خيال هو ته ڪي ڳالهيون مذهب جون اندروني آهن ۽ سڀ خيال عوام جي اڳيان رکي نٿا سگهجن.

سام چيو: ”توهان جو خيال ڪجهه قدر صحيح آهي پر هيءَ منڊلي هڪ خيال جي چڪاس ڪرڻ جي جاءِ آهي پارليامينٽ ۾ تقرير جي آزادي آهي. مگر ساڳيو ڳالهيون پارليامينٽ کان ٻاهر ڪرڻ ڪڏهن قانون شڪني بڻجي سگهن ٿيون. هيءُ به هڪ خيال جي چڪاس جو اسڪول ڪري سمجهو. البت هٿرادو طرح ڇيڙيل بحث ۾ مون کي مزو ڪونه ايندو آهي. پر جيڪڏهين ڪو دلچسپيءَ جهڙو سوال پيدا ٿئي ته ان کي چڱي طرح چڪاسڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي.“

صوفي صاحب چيو: ”گناه جو سوال اٿاريو اٿو! ان بابت مان پڇڻ ٿو چاهيان ته گناه ڇا آهي؟“

ڊپٽي صاحب چيو: ”اهوئي ته مونجهارو آهي، هڪ جو گناه ٻئي لاءِ ثواب آهي. چور ڪنهن جي ڄنگهه وڍي ٿو ته گهنگار ٿئي ٿو پر ڊاڪٽر ڪنهن مريض جي ڄنگهه وڍي ٿو ته پاڻ هن کي اجورو ملي ٿو!“

سام چيو: ”گناه ارادي سان شامل آهي. ملڪي قانون توڙي الاهي قانون ائين مڃي ٿو، جئن ڄنگهه وڍڻ جي مثال مان ڏٺو. پر ڪي ڪم اهڙا آهن، جيڪي خراب ارادي شامل نه هوندي به گناه ٿي سگهن ٿا. مثلاً جهَل وچان ڪو زبردست حاڪم شخصي آزادي، ملڪ جي گم ڪري ڇڏي ٿو؛ هو ان ۾ عوام جي ڀلائي سمجهي ٿو، پر حقيقت اها برائي آهي.

”درحقيقت جهل گناه نه پر هڪ مرض سمجهڻ گهرجي. البت مرض برداشت ڪرڻ يا پيدا ڪرڻ خود گناهن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو.“

انجنير صاحب چيو: ”گناه جي سزا ڇا آهي ۽ اها ڪٿي ملي ٿي؟“

سام چيو: ”اها ڳالهه اڳ بحث هيٺ آيل آهي. ان بنسبت مون چيو هو ته ڪرم جو ڦل از خود ۽ اتي جو اتي پيدا ٿئي ٿو. سو هڪ ڳنڍيل زنجيريءَ مثل يا مس چٽي تي، مس جي وڌندڙ آلاڻ مثل، لاڳيتو ۽ ڳنڍيل سمجهڻ گهرجي. زنجير به جدا جدا پرزن يعني ڪڙين جي ٺهيل آهي، مگر ڪرم جو ڦل اهڙو ته ڪرم سان ڳنڍيل آهي، جو منجهن هڪ وار جي به وٿي نه آهي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين سزا ڇا کي ٿو چئجي ۽ گناه کان سزا جدا آهي يا نه؟“

سام چيو: ”سزا گناه منجهه ۽ پوءِ وڌندڙ گناهن جي صورت ۾ اچي ٿي. بڇڙائيءَ جي سزا آهي اتي جو اتي خوشيءَ جو هپڻ؛ زندگيءَ جي جَرن جو گويا سڪي وڃڻ؛ تيج ۽ تاثير جو گهٽجي وڃڻ؛ مطلب ته زندگيءَ جو اڻ پورو رهڻ ۽ ان جي سچيءَ خوشيءَ کان انسان جو محروم رهڻ ئي جرم جي سزا آهي. ڇا اها ڪنهن به گناه جو ڪافي عوض نه آهي؟“

انجنير صاحب چيو: ”ائين نه آهي ڇا ته اڄ جي اگري ڪم مان ڪو اگرو نتيجو يا ڪا دردشا هن کان پوءِ پيدا ٿي سگهي ٿي؟“

سام چيو: ”اها دردشا ڀل پوءِ ئي ڏسڻ ۾ اچي مگر شروعات انجي اتي ۽ هينئر ئي ٿئي ٿي؛ ٻيءَ صورت ۾ اسان کي اهو سمجهڻ مشڪل ٿي پوندو ته الله يا ٻي ڪا ايجنسي اهي ليکا چوکا ڪيئن رکي ٿي ۽ ڪيئن لاهي ٿي. جڏهين فورڊ يا ٽاٽا ۽ ڊالميا جي ڪارخانن ۾ پاڻمرادو هلندڙ (Automatic) سرشٽو ضروري سمجهيو وڃي ٿو ۽ شخصي جزو (Factor) يعني انساني دخل جو ڀاڱو گهٽ ۾ گهٽ رکيو وڃي ٿو ته ڇا الله سائين جي هيڏي ساري ڪارخاني ۾ اهڙو يا ان کان به وڌيڪ سهڻو هلندڙ ۽ خود بخود ڪم ڪندڙ قانون رکيل ڪونه هوندو؟ مان نٿو ڀانيان ته ڪو ڌرمراءِ سچ پچ مس قلم ۽ ڪتاب رکيو ويٺو آهي، نه وري ڪن فرشتن تي اسين ان ڪم لاءِ ڀاڙي سگهون ٿا، جي هر هڪ انسان جي ڪلهن تي ويهي گناه لکن! يا ته الله کي ايترا فرشتا رکڻا پوندا جيترا انسان! هر ڪنهن کي پنهنجو خيال آهي، پر منهنجي سمجهه موجب هي سڀ تمثيلي بيان آهن؛ انهن ۾ اندروني معنيٰ پڙهڻ گهرجي. در حقيقت قدرت جو سرشٽو تار ۽ ٽيليفون يا ريڊئي کان سٺو ۽ تيز رفتار وارو آهي. اسان جي ججن ۽ ڪورٽن کي سزا مقرر ڪرڻ ۾ مهينا لڳيو وڃن؛ مگر الله جي ڪامل سرشتي ۾ ڪو به وقت ڪونه ٿو وڃي؛ ٺڪ ڦڪ اتي جو اتي فيصلو به ٿي وڃي ته سزا به ملي ٿي وڃي! ڀلا اهو سرشتو توهان کي نٿو وڻي ڇا؟“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ڏوهيءَ کي سزا نه فقط ملڻ کپي؛ پر ان کي خبر پوڻ گهرجي ته مونکي سزا ملي.“

سام چيو: ”اها خبر ان کي اندروني طرح احساس جي ذريعي پوي ٿي ۽ اُن پٽاندر هن جي جوڻ يعني روحانيت جو درجو پڻ مٽبو رهي ٿو. جوڻ جو سلسلو به ڪرم سان شامل آهي؛ ڪرم سان گڏ اسين پنهنجي جوڻ به اتي جو اتي مٽائيندا رهون ٿا. پر جئن شاگرد جو اڀياس ستن درجن اندر لڳاتار روز بروز وڌندڙ آهي، جيتوڻيڪ ٻاهر وارن کي خبر تڏهين پوي ٿي جڏهن هو ماهرن جي سمجهه موجب مقرر ڪيل درجن واري حد ٽپي ٿو، تئن ڪرم جو ڦل ۽ جوڻ جو مٽجڻ به هڪ لڳاتار هلندڙ حقيقت آهي؛ ٻاهرين طرح خبر تڏهن پوي ٿي، جڏهن ڪو وڏو ڦيرو ظاهر ٿئي ٿو، مگر اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو وڏو ڦيرو از غئبي يا اوچتو پئدا ڪونه ٿو ٿئي، پر دم دم حالتن ڦرڻ سان پيدا ٿيندو رهي ٿو. انڪري ئي انساني زندگيءَ اندر خود حيوانيت يا انسانيت جا درجا گڏ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.“

***

 

 

12-9-1951ع ان شام جو صوفي صاحب تمام منجهيل ٿي ڏيکاريو. سام کي پنهنجن گهرو معاملن، ڪيسن تڪرارن وغيره جو احوال ڪيائين. هنجو من گهڻو وياڪل ٿي لڳو. صبح جو ڪي ڪچا پڪا اکر وڏي وزير جي هڪ عزيز کي پڻ ڳالهائي آيو هو ۽ انديشو ٿي رکيائين ته شايد هو به سندس خلاف ڪو قدم کڻي. سام سندس احوال ٻڌي ۽ سندس گهڻيون انتظاريون خيال ۾ رکي، کيس چيو: ”هن وقت تائين حيلا گهڻا هلايا اٿو، جن مان ڪجهه ڪين وريو آهي؛ ڏينهون ڏينهن زماني جي ڄار ۾ وڌيڪ قابو ٿيندا ويا آهيو. باقي هڪڙو دروازو کليل اٿو جو سڀني کان وڏو ۽ ڪشادو آهي. ظاهر ۾ اوهان جا مسئلا هينئر بيحد ڳوڙها ۽ پيچيدا ٿي چڪا آهن. ۽ انهن مان جند ڇڏائڻ جو رستو عقل ڪو به نٿو ڏيکاري. هينئر الله کي آزمايو! جڏهين سڀ رستا بند ٿي وڃن ۽ چؤطرف انڌاري ٿي وڃي تڏهن به الله جو در کليل رهي ٿو. انهيءَ کي سچي محبت سان پڪاريون ۽ اهو ساڻس وعدو ڪريو ته هڪ ڀيرو هنن آفتن مان جند ڇٽي ته وري ٻيهر اهڙن ڪمن ۾ هٿ ڪين وجهندس ۽ باقي عرصو زندگيءَ جو تنهنجي شيوا جي ڪمن ۾ لائيندس. پر جيڪو وعدو الله سان ڪريو سو پاڙجو ضرور! پوءِ انشاالله سڀ اهنجا مسئلا حل ٿي ويندا.“

صوفي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ مون سام کي چيو: ”صوفي صاحب سان توهان ائين ٿي ڳالهايو ڄڻڪ الله ويجهو ويٺو آهي ۽ سچ پچ انهيءَ سان وعده ڪري سگهجن ٿا. ان وقت توهان الله سان ويجهڙائي محسوس ٿي ڪئي جو اهڙي پڪ صوفي صاحب کي ڏئي ٿي سگهيَو!“

سام چيو: ”هو برابر ويجهڙو آهي. اسان جي اندر ۾ ئي وسي ٿو؛ پر اسين پاڻ هن کان پري هليا وڃون ٿا، هو هنن حاڪمن کان وڌيڪ ويجهو ۽ وڌيڪ جلد ٻڌندڙ، وڌيڪ چٽو ڏسندڙ پندڙ آهي. هو هر جڳهه هر ويل حاضر آهي. ان ۾ مونکي ڪوبه شڪ نه آهي ته سندس واٽ جيڪو وٺي ٿو سو من جي سچي مراد حاصل ڪري ٿو.“

تنهن کان پوءِ سنڌيا وقت سام چيو: ”مون صوفي صاحب لاءِ دعا جڏهن گهري تڏهن هڪ خيالي درشيه ڏٺم[2]. خيال ۾ نظر آيو ته هڪ وڏو اکٽ ساگر آهي، جنهن جو پاڻي اهڙو ته کارو آهي جو فقط ڏسڻ سان ئي من ڪچو ڪچو پيو ٿئي. منجهس ٽچڪڻ يعني گرمائش حد کان وڌيڪ هئي ۽ انڌاري پڻ محسوس پيئي ٿئي؛ پکي پشون ۽ جيو سڀ انجي زهر اثر کان دور ٿي ڀڳا؛ تڏهين ڏٺم ته هڪ شخص منجهس هڪ چپٽي اڇي خاڪ جي وڌي؛ هڪ پل ۾ ساگر ٽچڪڻ گم ٿي ويئي؛ پاڻي ٿڌو ۽ مٺو ٿي پيو، جو پکي، پشون ۽ جيو سڀ ويجها اچي پيئڻ لڳا. وري ڏٺم ته ان ساگر ۾ ٻي هڪ نيري چپٽي مٽيءَ جي وڌائين ته هيڏو ساگر هڪ پل ۾ ٻاڦ ٿي ويو ۽ جهٽ کان پوءِ اهو سڄو سمنڊ ويڙهيل صورت ۾ ان شخص جي ڌوتيءَ جي هڪ چُڻ ۾ سمائجي غائب ٿي ويو. پوءِ ڌوتيءَ جي صورت ۾ شيام سندر جي صورت جو خيال پيدا ٿيو ۽ ان وقت اهو خيال آيو ته هي درشيه  صوفي صاحب لاءِ ڪيل پريئر جي جواب ۾ آهي؛ اها خاڪ جنهن ڪاري، کاري ساگر کي صاف ۽ مٺو ڪري ڇڏيو سو الله جو نالو آهي جنهن جو جادو پڻ سنساري ساگر کي اڏائي ٻاڦ ڪري ڇڏي ٿو؛ ۽ هيءَ سڄي ليلا ڪرشن جي مورتيءَ ۾ ڌوتيءَ جي هڪ چڻ ۾ سمائجي ويئي! جنهن مان سمجهيم ته هي جيوت اسان جي ۽ هي سنسار سڄو هڪ راند مثل آهي؛ آتمائي هڪڙي حقيقت آهي؛ دک سک کي ڪو وجود ڪونه آهي.“

سڀاڻي تي ڌڻيءَ جي مهر سان صوفي صاحب جو ڪجهه ڪم سڻائو ٿيندو نظر آيو. اهو ماڻهو جنهن سان هو وزير بابت وري ساڳئي نوع ۾ ڳالهيون ڪري آيو هو؛ سو اوچتو مون وٽ پنهنجي زال جي علاج لاءِ آيو. مون کائنس پڇا ڪئي، چيائين ته مون سڄو احوال وزير صاحب لاءِ لکي رکيو آهي ته صوفي صاحب هيتري هلت ڪري چڪو آهي. ان ۾ اوهان جي صوفي صاحب جا الفاظ کيس ڄاڻايا اٿم پر خط ٽپال ۾ اڃا ڪونه وڌو اٿم. هاڻي توهان چئو ٿا ته ڦاڙي ٿو ڇڏيان. ٿوري عرصي بعد اهو وزير پڻ گديءَ تان لهي ويو ۽ سام صوفي صاحب کي چيو ته اوهان جي رنج ۽ اسان جي دعائن وڃي اثر ڪيو. پر اڳتي ائين نه ڪجو.“

***

 

 

سائين ستار آهي. جئن صوفي صاحب لاءِ حالتون اهنجون ٿي پيون هيون، تئن پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ اسان لاءِ به طيب ۾ مذهبي تنگدلي يا زمينداري فرقي جي حسَد ڪري گهڻي دشمني پيدا ٿي پيئي هئي ۽ حالتون اهنجون ٿي پيون هيون. ان وقت ائين ٿي لڳو ڄڻڪ ان زندگيءَ جي چڪر مان ۽ مونجهاري جي ماحول مان نڪرڻ جو ڪو چاروئي ڪونه آهي. تڏهين سام مونکي هڪ ڏينهن سنڌيا جي وقت کان پوءِ چيو ته پنهنجي هٿن سان گهڻي شرڌا ۽ پريم ڀاؤ سان روٽ بچائي روز غريبن کي کارائيندي رهه؛ ڀڄن ڀاؤ پڻ جاري رکو ته پاڻهي مشڪل آسان ٿي ويندي. اسان سندس چوڻ موجب اهو ساڌن چڱي عرصي تائين ڪندا رهياسين، جيستائين طيب ۾ هئاسين. ڌڻيءَ جي مهر سان اسان جون حالتون سڻايون ٿينديون ويون جيتوڻيڪ سڄي هندو جاتيءَ جي لاءِ سڻايون حالتون ڪونه هيون. هِن جو مطلب هي ناهي ته ڪو اٽڪلن حيلن يا ساڌنن ڪرڻ سان قدرت جي رٿ روڪجي ٿي وڃي مگر، جئن اڳ سمجهايل آهي، فقير جي لفظن ۾: آهيان ڀي خيال، لڀسان ڀي نال خيال دي! سرشٽ جي چت شڪتيءَ کي جاڳائڻ لاءِ ساڌنن جي ضرورت ڪانه آهي مگر پاڻ اندر چت کي جاڳائڻ ۾ ساڌن مرد ڪن ٿا ۽ پوءِ ڳالهه سڻائي آهي. چت وڃي ٿو چت کي جاڳائي. ان بنسبت ذڪر ڪندي سام چيو: ”اندروني دنيا جا به ڪي قانون آهن؛ دک هڪ اندروني مرض جي علامت آهي؛ اُهو پاڻ مان پيدا ٿئي ٿو؛ خيال جي معاملي ڇٽڻ تي دک به پاڻهي هٽي وڃي ٿو؛ در حقيقت دک طلسم آهي ۽ آتمڪ گيان اڳيان ائين اُڏامي وڃي ٿو، جئن ڪافور گرميءَ ۽ هوا ۾ اڏامي وڃي. الله جي نالي آڻڻ سان ۽ سٺن ساڌنن ڪرڻ سان نٻلائي يا اگيان جن مان دک پيدا ٿئي ٿو، سي دور ٿي وڃن ٿا؛ سندس ان وقت جي لکيل هڪ ڀڄن جون سٽون ياد اچن ٿيون:

 

ٿل - رام جي نام جي ڌُن  لڳاءِ هردي کي اوجل تون بڻاءِ

 

(1) نام جو آهي عجب آکيرو ڪال نه جنهن ۾ پائي پيرو

تنهن ۾ ڪر تون پنهنجو ديرو اَوسر پنهنجو ڪين وڃاءِ.

 

(2) نام جپڻ جو اوکد ساڌن ڌيان هريءَ جو هر دک ڀنجن

نِس دِن جپ تون نام نرنجن شام سويري هر گن گاءِ.

***


 

[1]  هنن ڳالهين جو ذڪر ڪجهه شايد وهم خيز لڳندو هجي پر مونکي ياد آهي ته سام هٽلر ۽ گانڌيءَ جي مرڻ وارن ڏينهن تي اخبارن يا ريڊئي جي خبر کان اڳ ۾ ئي اهڙي اثر جو ذڪر موسان ڪيو هو؛ هٽلر جي هار ۽ گانڌيءَ جي مرتيو جو احوال پوءِ اسانکي مليو، هن پوءِ فقط ائين ٿي چيو ته دنيا جي مٿان شانتي ڇانيل ڏٺم. ياد رهي ته هٽلر جي ختم ٿيڻ بعد جنگ جلد ختم ٿي ويئي هئي ۽ مهاتما گانڌيءَ جي شهيد ٿيڻ بعد فرقوار فساد ڪجهه عرصي لاءِ ختم ٿي ويا هئا.

[2]  هن قسم جا ڪيترا درشيه اڳ سام جا ڏٺل هڪ ڪتاب ”آتم درسني“ ۾ گڏ ٿيل آهن، جن جي ڇپائڻ جي اجازت اڃا ڪانه آهي. هن بنسبت، سندس چوڻ موجب، ڪو وهم ڌارڻ به گهرجي مگر هيءَ هڪ خيالي تصوير ڪري سمجهڻ گهرجي. البت هر خيال ۾ ڪا معنيٰ ضرور آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org