2-8-1952ع مون سام کي چيو: ”توهان اهڙيون ڳالهيون ڪندا
آهيو، جي ازخود مڃڻيون پونديون آهن. مان سمجهندي
آهيان ته توهان جي خيال جو ڪو رد ٿي ڪونه ٿو
سگهي.“
سام وراڻيو: ”ائين هميشہ نه آهي پر جيڪڏهين هجي به
کڻي ته اهو ان ڪري ٿي سگهي ٿو، جو مان ٻئي جي خيال
۾ ساڳيءَ طرح گهرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جيئن
پنهنجي خيال سمجهڻ جي. جيڪي ٻيو چوي ان جي اکرن کي
نه رڳو پر ڀاو ۽ مراد کي به جاچڻ جي ڪوشش ڪندو
آهيان؛ جيڪي ٻيو چوي تنهن ۾ پهريائين اعتقاد رکي
ان جي خيال موافق ساڻس گڏ هلندو آهيان؛ پوءِ سندس
حدون ۽ منزل خيال جي جلد معلوم ٿي وينديون آهن.
گهڻو ڪري بحث مباحثه ڪندڙ ٻي جي نظريه کي جاچي نه
ڏسندا آهن. پنهنجي خيال کي ئي ورتيو بيٺا هوندا
آهن. ساري حقيقت تڏهين معلوم ٿئي ٿي جڏهين خيال جو
دائريو کليل رکجي ٿو. خاص ڪري جوش ۽ ضد ان معلومات
۾ رنڊڪ وجهن ٿا. ڌيرج ۽ ٿڌائيءَ سان، پاڻان خود
الڳ ٿي ڳالهه جا سڀ پهلو جاچڻ سان ئي سچ جي خبر
پوي ٿي. پاڻ فقط بحث وقت ٿڌي رهڻ جي ڪوشش ڪجي،
پوءِ جيڪا بحث ۾ مرڪزي ڳالهه هوندي سا پاڻهي ظاهر
ٿي پوندي.“
***
24-11-1952ع مون سام سان احوال ڪيو ته هتان جي
هڪڙي جج جي زال مون کي بي واجبي طرح خسيس ڳالهين
لاءِ پيئي گهرائي، جيتوڻيڪ اهي ڪم منهنجون نرسون
يا دايون به ڪري سگهن ٿيون، تنهن ڪري مون کيس اڄ
ڪجهه دٻايو آهي.
سام چيو: ”ائين ٺيڪ آهي؛ اسان جي ڪن آفيسرن ۾ اڃا
برٽش راڄ وارو نوڪر شاهيءَ جو روح زنده آهي. آفيسر
۽ انهن جون زالون پاڻ کي ملڪ جا شيوڪ نه پر خاوند
سمجهيو ويٺا آهن. سندن بي واجبي هلت جو ڪارڻ اسان
جي نٻلائي آهي. ڊڄڻ ۽ خوشامد ڪرڻ سان اسين هنن جي
شيوا نه پر هاڃي ڪري رهيا آهيون. تنهن ڪري ننڍي ۾
ننڍي انسان سان جيئن ورتاءُ ڪجي اهڙو ئي وڏي ۾ وڏي
انسان سان ڪرڻ گهرجي. خاص خوشامد ڪرڻ ۾ پنهنجو
ضمير خراب ٿيندو. جيڪا عزت وڏي ۾ وڏي انسان کي ڏجي
سا ننڍي ۾ ننڍي انسان کي پڻ ڏجي. جيڪڏهين ڪنهن ۾
ڪي اوڻايو هجن ته اُهي جوڳي نموني ضرور انهن کي
ٻڌائڻ گهرجن، ڀَو پاپن ۾ شمار آهي. سنسار ڪُتي جي
مثل آهي؛ جيئن کائنس ڊڄبو تيئن ڏاڙهيندو. ان کي
ڪڏهين هڪل ڏيڻ سان ئي ماٺ ڪرائي سگهبي آهي.“
***
4-12-1952ع اڄ هڪڙو صوفي فقير اسان وٽ آيو جنهن
سام سان ٻه ٽي ڀيرا ملڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آخر شام
جو مٿي گهر ۾ چڙهي آيو. سام کي اهو خيال دل ۾ پيدا
ٿيو ته ڪنهن سان روح رهاڻ ڪرڻ سو به هڪڙو ڪم آهي؛
اهو به اڀياس آهي؛ صوفيءِ جو سڀ ۾ سئر آهي. تنهن
ڪري خوشيءَ سان ٻيا ڪم پري رکي نويڪلو ٿي هن صوفي
فقير سان ويهي رهيو. پنهنجا شعر وغيره کيس نه رڳو
پڙهي ٻڌايائين پر ڳائي به ٻڌايائين. مون کي ان تي
عجب لڳو، ڇا لاءِ جو اسين لکپڙه جي ڪم ۾ وگهن
جهندا آهيونس ته هو رنج ٿيندو آهي. فقير به ڏاڍو
خوش هيو ۽ سام به خوش ٿي نظر آيو. مون سام کان ان
ڳالهه جو راز پڇيو.
سام وراڻيو: ”مونکي هنن فقيرن مان گهڻو آنند پراپت
ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ هو اڻ پڙهيل ۽ سادا سودا ماڻهو
آهن. جڏهن مون وٽ ايندا آهن ته مان سمجهندو آهيان
ڄڻڪ منهنجي ملڪ جا ڪي قاصد مون وٽ آيا آهن. هڪ بر
۾ جيئن درخت جو ملي وڃڻ وڏي اهميت ٿو رکي، تيئن هن
سنساري جيوت ۾ درويشن جو اچڻ ۽ انهن سان صحبت ڪرڻ
خود جنت جي آسائش مثل آهي.“
فقير سام کي چيو: ”ڪجهه وقت اڃا لاڙڪاڻي ۾ آهيان.
مان وري هڪ ڀيرو توهان وٽ اچان؟“
سام کيس چيو ته توهين ڀل جڏهين وڻيو تڏهين اچو.
پوءِ مون کي چيائين: ”دنيا وارن جي نظر ۾ ڪيتريون
ناضروري ۽ گهٽ ملهه واريون ڳالهيون ضروري ٿين
ٿيون، جهڙوڪ دنيا هٿ ڪرڻ، پوزيشن ٺاهڻ، طاقت
وڌائڻ، وڏن ماڻهن سان سرخرو ٿيڻ يا نالو ڪڍڻ! پر
آخر انهن مان خوشي حاصل ڪانه ٿيڻي آهي. ان کان هڪ
سچي سادي آدميءَ سان روح رهاڻ ڪرڻ، سو پنهنجي آتما
لاءِ وڌيڪ لاڀدايڪ آهي.“
***
6-12-1952ع اڄ اسان وٽ ڪراچي ۽ راڌڻ جي پاسي کان
ڪي مهمان آچڻا هئا. انهن جي مانيءَ وغيره جو
بندوبست ٿيڻو هو ۽ ٻيا پڻ گهرو ڪم هئا. مان پنهنجي
اسپتال ۾ قابو هيس جو پرانت جو گورنر اسپتال ۾
اچڻو هو. ڪم سمورا سٺي نموني سماپت ٿي ويا.
سام چيو: ”اهو سٺي انتظام جو نتيجو آهي. انتظام
سچي سک ۽ سچيءَ سوڀيا جو ڪارڻ آهي. اهو اصول نه
رڳو وڏن ڪمن سان لاڳو آهي، مگر گهرو، ننڍڙن ڪمن
سان پڻ.“
گهرجي اسٽور يعني سامان وغيره ۾ پڻ، جو منهنجي
نوڪريءَ کان پوءَ سام جي نظر هيٺ رهندو آهي، صفائي
۽ ٺاهه ٺوهه ڏسي سام ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين:
”حياتيءَ ۾ اسين ڪيترو جس ۽ خوشي پوري انتظام نه
رکڻ ڪري وڃائي ٿا ڇڏيون. جيئن صفائي صحت جو مول
آهي، تيئن سادگي سونهن جو بنياد آهي ۽ انتظام،
سادگي ۽ صفائيءَ جو مول آهي. ڇا من جي دائري ۾، ڇا
جسم جي دائري ۾، ڇا شعر ۾ يا ملڪ جي ڪاروبار ۾،
انتظام هڪ تمام ضروري چيز آهي. ڪا به اڏاوت انتظام
کان سواءِ پوري ٿي نٿي سگهي. مگر سچو انتظام اهو
آهي جو ٻوجهو ٿي نه پوي؛ ڪڏهين اهو ايترو سادو ۽
صاف طريقي جو هوندو آهي جو منجهائنس انتظام يعني
هٿرادو جوڙ جڪ جي بوءِ ئي ڪانه ايندي آهي. انتظام
جي ڪماليت انهيءَ ۾ آهي جو قدرتي رٿ جيان پيو لڳي
۽ ان تي عمل آسانيءَ سان ٿيندو رهي.“
سام مون کي هميشہ ڇينڀيندو آهي ته انتظام لاءِ تو
۾ چاه ڪونه آهي، مگر پاڻ کي زوريءَ ڪنهن رٿيل
قانون تي هلائڻ سو به مون کي ٺيڪ نه لڳندو آهي،
يعني پائبندي قبول ڪرڻ شايد منهنجي فطرت ۾ نه آهي
ان بنسبت مون سام کان پڇيو ته ڇا ڪرڻ کپي؟
سام چيو: ”انتظام ذاتي يعني سڀاويڪ هئڻ گهرجي ۽ نه
زور جو مڙهيل. تنهن ڪري تون اُهي قانون قائم رک
جيڪي تنهنجي سڀاو سان ٺهڪي اچن. قدرت جو نظام ڏسو؛
ان ۾ ڪا هٿرادو يا مصنوعي طرز ڪانه رکيل آهي؛ اهو
سڄو گهرجن يعني ضرورتن مان پيدا ٿئي ٿو. سج، چنڊ ۽
ڌرتيءَ جون حرڪتون ڏسو؛ هوا، ڪڪر وغيره قدرت جي
طاقتن جي خود کيڏ به آهي ته قدرت جي نظام لاءِ
ضروري به آهن. سي سڀ ائين پيا هلن، جيئن منجهن ڪو
اٽڪاءُ نه اچي؛ جيئن پاڻي مٿانهينءَ کان هيٺائينءَ
ڏانهن قدرتي طرح پاڻهي وهي ٿو تيئن درست من ۽ درست
آتما پنهنجو پاڻهي ڪنهن نه ڪنهن انتظام ڏانهن مائل
رهن ٿا. انتظام رکڻ لاءِ گهڻي ڪوشش جي ضرورت ڪانه
ٿي پوي. البت ٻئي جو مڙهيل انتظام پنهنجي من لاءِ
خود بي انتظامي يا مونجهاري جو ڪارڻ ٿيو پوي. تنهن
ڪري جن ڳالهين لاءِ پاڻ ۾ چاه پورو نه سمجهو انهن
جي ڪرڻ لاءِ ڪو حيلو به نه ڪريو. ان حالت ۾ اول
پاڻ کان ڪوشش ڪري پڇڻ گهرجي ته جيڪڏهين هي پرائو
مڙهيل انتظام نه ٿو وڻي ته ان کان وڌ ڪهڙو طريقو
زندگيءَ جو سٺو ٿيندو؟ پنهنجي زندگيءَ جي ترتيب يا
مقصد لاءِ سهنجي ۾ سهنجو ۽ سادي ۾ سادو رستو ڪهڙو
ٿيندو؟ ان سمجهه جي اچڻ سان خود سٺي طريقي لاءِ
پاڻهي چاه پيدا ٿيندو ۽ گهربل انتظام پاڻهي پيدا
ٿيندو.“
***
هت مان سام جي هڪ سٺي عادت جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿي.
جن ڳالهين لاءِ هو مون ۾ پورو چاه نه ڏسندو آهي،
تن جي بجا آڻڻ لاءِ مون تي زور ڪونه رکندو آهي.
مگر مان ائين پئي ڀائيندي آهيان ته ڄڻڪ مون تي
بيحد زور اچي رهيو آهي. سندس اشاري ۾ يا منهن موڙ
۾ ايڏي طاقت آهي؛ مثلاً مون کي ڪا رنگدار ساڙهي يا
ڪاري عينڪ وغيره وڻي ته هو مون کي منع ڪونه ڪري،
مگر ايترو چوندو آهي ته ملڪ جا ماڻهو اهڙن نمونن
تي هريل ڪين آهن. انهن جي وچ ۾ سادي ڊريس ڪري گهمڻ
عورتن لاءِ وڌ ۾ وڌ شان وارو ۽ سلامتيءَ جو رستو
آهي. ايتري چوڻ تي وري سالن جا سال اُها عينڪ يا
ساڙهي پيئي خراب ٿيندي مگر مون کان پائڻ نه
پڄندي.
ان بنسبت سام کان پڇيم ته هيءُ زوريءَ مڙهيل اصول
آهي يا خوشيءَ سان اختيار ڪيل. هن چيو: ”انهيءَ
طريقي پنهنجي چاه کي روڪڻ سو مجبوريءَ يا دٻاو
وچان نه آهي، مگر ٻئي جي خيال جي احترام وچان ٿي
سگهي ٿو. زوريءَ ڪنهن کان به ڪا به ڳالهه ڪرائڻ
اُن مان پهريائين مونجهارو ۽ پوءِ الٽو ضد پيدا
ٿئي ٿو.“
اهڙي طرح، مان ڪيترا مهينا ڊائري لکڻ خود ڇڏي
ڏيندي آهيان. ان وچ ۾ ڪيتريون ڳالهيون لکڻ جهڙيون
ڪيترين وشين تي سام پيو چوندو آهي. مون کان ڪنهن
سبب ڪري اُهي وسري وڃن ته هو مون کي ياد ڏيارڻ کان
به نٽائيندو آهي، ان لاءِ ته متان سندس اشاري ڪري
مان ڪجهه هٿرادو نموني لکڻ شروع ڪريان. البت ڪڏهين
ڪڏهين ائين چوندو آهي ته توکي ننڍي ڪتابڙي رکڻ
گهرجي. هن وشيه تي ڳالهائيندي سام وڌيڪ هيئن چيو:
”چاه، انتظام جي گئرنٽي آهي. چاه کانسواءِ ڪو به
انتظام جي پر گهٽ ٿي نٿو سگهي. پهريائين پنهنجي من
۾ اڇا اهڙي انتظام جي پر گهٽ ٿئي، پوءِ ئي ان جو
سچو واڌارو ٿي سگهندو. ڪنهن آدرش يا زندگيءَ جي
طريقي لاءِ چاه پيدا ڪرڻ تنهن لاءِ بهترين نمونو
هيءُ آهي ته اُن آدرش جو سٺو مثال چپ چاپ ۾ ٻئي جي
اڳيان رکجي. خاموشي ان لاءِ ضروري آهي، جو اسان جي
سچيت من ۾ پورا ۽ اڻ پورا خيال موجود آهن، جنکي
زندگيءَ جي هر چيز وانگر، پنهنجي پاڻ قائم رکڻ جي
تمنا آهي؛ سنئون سڌو وڃي انهن اڻپورين خيالن کي
ڌوڏو ڏبو ته اهي ککر جي ميڙ مثل لڙڻ شروع ڪندا؛
لڙائيءَ جو ڀاؤ پيدا ٿيندو ۽ ان ۾ سکيا جو ڏيڻ
ڪارگر نه ٿيندو. ازانسواءِ اهي اڻپورا خيال چڱن
خيالن سان گڏ رهندڙ آهن. تنهن ڪري انهن کي جدا ڪرڻ
لاءِ وقت گهرجي. هوڏانهن چپ چاپ ۾ ڪنهن جي اڳيان
وڌيڪ سٺو مثال رکڻ، سو آهي برائيءَ کي درستي
ڏيکارڻ، جنهن ۾ پنهنجي يا انهن خيالن جي نيچتا ڏسي
از خود چاه پيدا ٿيندو ڀلائيءَ لاءِ. ڏنڊي سان يا
حڪم سان زندگي جي انتظام کي وڌائي نه ٿو سگهجي؛
انريت انقلاب پيدا ٿين ٿا. سڀ کان بهتر طريقو آهي،
گيان وارن سنتن جو، جي سٺي خيال کي ماٺيڻي ۽ سچي
نموني اُسرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ائين برابر آهي ته اسين
سڀ اڻ پورڻ آهيون ۽ اڻ پورڻنا کي اديم جڳائي، مگر
اهو اديم پنهنجي اندران جاڳي. جيتوڻيڪ
Absolute
يعني آخري ڪاميابي ننڍڙي حيلي ڪرڻ سان نه به حاصل
ٿئي، تڏهين به حيلي ۽ صبر وارو انسان پورڻتا کي
وڃي ذري گهٽ پهچي ٿو؛ ساڌن ڪندي ڪندي هو آخر ڏسي
ٿو ته باقي گهڻو ڪجهه حياتيءَ ۾ ڇڏيل نه آهي، يعني
حياتيءَ جو وڏي ۾ وڏو خزانو کائنس گهڻو پري نه
آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”انتظام سوئي سچو آهي ذاتي خيال
يعني پنهنجي سڀاو مان پيدا ٿئي ٿو. ڪجهه وقت اڳي
آمريڪا جي هڪ ڊاڪٽر ائين لکيو هو ته جيتريون
اسپتالون وڌايون ويون آهن ۽ جيتري قدر جيوڙن مارڻ
لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن اوتروئي نيون بيماريون
منهن ڪڍي رهيون آهن. هن وڌيڪ ائين چيو آهي ته
بيماريءَ کي روڪڻ جو سٺي ۾ سٺو طريقو آهي بدن جي
طاقت وڌائڻ ۽ نه فقط زهري جيوڙن کي مارڻ. ساڳيو
اصول خيال جي دنيا سان به لاڳو آهي. طاقت وڌائڻ جو
رستو تنهن کي کڻي چئجي سڌو
(Positive)
رستو ’جيوڙن مارڻ وارو‘ اصول کڻي چئجي اڻ سڌو
(Negative Principal)
تي ٻڌل انتظام صرف بيروني ريت رسم جي مجبورين مان
پيدا ٿيندڙ آهي، جو من کي پاڻ وڌيڪ نٻلو بڻائي ٿو.
مان انهيءَ انتظام جو خواهان آهيان جو تن ۽ من جي
پورڻتا منجهان پيدا ٿئي ٿو. ان مان ڪوئي نٻلائي
پيدا ٿيڻ جو ڀؤ ڪونه آهي من وديا جا ماهر چون ٿا
ته ڌرم يا مذهب جو جذبو اڪثر انهن انسانن ۾ گهڻو
رهندو آهي، جن جي ويرتا
(Sex Instinct)
پورن هوندي آهي. ساڳيءَ طرح پاڻ تي ضابطو به انهن
جو پڪو ۽ پورڻ ٿي سگهي ٿو، جن جون جسماني ۽ جذباتي
طاقتون پوريون آهن ۽ جن ۾ آزاديءَ جو روح ڀريل
آهي. ٻئي جو مڙهيل قانون انسان جي ترقي تي روڪ
وجهي ٿو. هوڏانهن پنهنجي چاه يا ضرورت وچان اختيار
ڪيل نيم سڌارڻ جي راه ۾ مدد ڪري ٿو.“
***
16-12-1952ع گرڌاري جنهن جو ذڪر اڳ آيل آهي، 15
سالن جي عرصي کان اسان وٽ آهي؛ وچ ۾ فقط ٿورن ٿورن
ڏينهن لاءِ ٻه ٽي ڀيرا نڪري ويو آهي؛ هو مونسان
گڏجي هت آيو؛ مون کيس ماتا جي پيار سان ۽ سام
پنهنجي ڪڏهن پيار سان ۽ ڪڏهن سختيءَ جي نموني سان
مدد ڪري سٺي راه تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گهڻا
ڀيرا اسان جي گرڌاريءَ بهادريءَ جهڙا ڪم ڪري
ڏيکاريا آهن پر ٻين ڪن ڳالهين ۾ ڪوشش جو ڪو سٺو
نتيجو نه ڏسي اسين ڪجهه نااميد به ٿيندا آهيون.
سام هن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح گهڻا موقعا خيال کي
جاڳائڻ جا ڏيندو آهي. سام جا رستا نرالا آهن.
ڪڏهين مان به سندس اندروني مطلب نه سمجهي سگهندي
آهيان. ڪڏهين اضافو ڏيئي کيس منشي بڻائي خوش ڪري
ته ڪڏهين ڪڏهين هٿ گهمائي کيس دعا ڪري؛ ڪڏهين ڀاڪر
پائي کيس پنهنجو بڻائي ته ڪڏهين کيس خرچ ڪرائي
سندس کيسا خالي ڪري گرڌاريءَ جي صداقت وڌائي.
گرڌاري هڪ ڀيري 125 روپين جي واچ پنهنجي لاءِ وٺي
آيو. سام جي چوڻ تي اها وڃي کيس سوکڙي ڏنائين. سام
گهڻو ڪري واچ ڪونه کڻندو آهي پر هن کان تنهن هوندي
به اها واچ وٺي رکيائين. سام جي اها مرضي هئي ته
مان هن کي ان جو عيوض ڪجهه به نه ڏيان، مگر منهنجو
خيال ائين هو ته هن پنهنجي پگهارن مان واچ ورتي
آهي، سا سام مفت ۾ نه وٺي. سام کي وري ان سبب ڪري
پاڻ اها وڌيڪ وٺڻ جوڳي نظر آئي ۽ چيائين ته شيءِ
اها ملهائتي چئجي جا تڪليف سان هٿ اچي.
گهڻي عرصي کان پوءِ ته سام به کيس ڪي سوکڙيون
ڏيندو آهي پر ان وقت جيڪر ٻيو ڪو ائين سمجهي ها ته
سام هڪ لوڀي ماڻهو آهي جو غريب نوڪرن کان به
سوکڙيون وٺي ڦٻائي ٿو وڃي! مان ائين ڪو نه سمجهندي
آهيان مگر تنهن هوندي به سام کي چوندي آهيان ته ڇو
ٿا اهڙن ماڻهن جون سوکڙيون قبول ڪريو؟ مون کي اڄ
انهيءَ ڳالهه جو جواب هڪ اثرائتي نموني ۾ مليو. اڄ
منهنجي خيال تي هي اثر چٽو ويٺو آهي ته ٻئي جي دل
نه رڳو سوکڙين ڏيڻ سان کٽي سگهبي آهي مگر ڪڏهين
وٺڻ يعني سڀ ڪجهه سويڪار ڪرڻ سان به ڪنهن جي دل کي
ڇڪي سگهبو آهي. ڪڏهين ڌڪي ڌرم ڪرائڻ سان به ٻئي جو
اڌار ڪري سگهبو آهي. چون ٿا ته مهاتما گانڌي به
شاهوڪارن جا ڳهه ۽ زيور ريبي يا شرمائي کائن
لهرائي وٺندو هو! هي پڻ ساڳيو ئي نمونو صدق سيکارڻ
جو اڄ مون ڏٺو. سام به شايد ڪا اهڙي توڪل ڪئي آهي
۽ پاڻ ارپڻ ڪرڻ جو ڪو ارادو رکيو آهي، ظاهر ۾
منجهائيندڙ زماني جو لباس ڌاريندي به هن کي اهڙيون
سوکڙيون وٺڻ ۾ ڪو اٽڪاءُ يا گلا جو ڀو ڪو نه ٿئي!
اڃا اهڙي ڪنهن وڏي ڪاريه ۾ اسان جو هٿ ڪونه آهي،
جو مان ٻين کي ثابتي ڏيئي سگهان ته اسان جي ميڙي
خود پنهنجي شخصي سک لاءِ ڪين آهي، مگر اسان کي
اندر ۾ هڪ آس آهي جا اميد اٿم ته ايشور هڪ ڏينهن
پوري ڪندو. اها هيءَ آهي ته هي سڀ شيون، مال،
اسباب اسان جا، منهنجي نوڪريءَ جي ميڙي چونڊي يا
سام قناعت ۽ ونڊ ورڇ جو نتيجو، سو سڀ ان آدرش جو
شيوا ۾ ڪتب آندو ويندو. اميد اٿم ته اهو وقت جلد
ايندو جو اسان جو دنيوي ڪمن ۾ هٿ ڳنڍڻ ۽ ڌنڌي ۾
مشغول رهڻ سو سڀ ٻيءَ روشنيءَ ۾ نظر ايندو. منهنجا
گمان جنهن ۾ جو اڳي ذڪر ڪيل آهي سي سڀ اڇاترا هئا؛
سام چوندو آهي ته جي توکي دلي طرح يقين نه هجي ها
ته تون پڻ ايتريقدر پاڻ ارپن ڪري نه سگهين ها.
هاڻي وٺون گرڌاريءَ جي ڳالهه کي. ٽيون ڏينهن وري
جڏهين گرڌاريءَ شوق سان پنهنجي سوني منڊي صفا ڪري
پائي گهمڻ لاءِ نڪتو، سام آڱر پنهنجي ڊگهي ڪري
اوچتوئي اوچتو اشارو ڪيس ته ان آڱر ۾ پاءِ! گرڌاري
دل جو اشارو جلد سمجهندو آهي. ’ها دادا‘ ڪري جيئن
منڊي لاهڻ تي هيو، تيئن مون کيس هڪل ڪئي. اڳين
منڊي ۽ واچ به سندس سام وٽ اچي ويئي، توڙي جو ڪي
سوکڙيون سام به کيس ڏيندو آهي تڏهين به منهنجي دل
نه گهريو ته هو پنهنجي شوق مان ٺهرايل شيءِ ڏيئي
سڪندو وتي.
گرڌاريءَ چيو: ”ممي! منڊي مان دادا کي پائيندس.“
مون کيس وري به منع ڪئي پر هو هرگز ڪين مڙيو ۽
منڊي سام کي پاتائين. سام مونکي چيو: ”اسان ته هن
کي هڪ قسم جو حج ٿا ڪرايون؛ تون کيس ڇو ٿي منع
ڪرين؟“
گرڌاريءَ جي اکين ۾ صدق جي روشني هئي ۽ چيائين:
”ممي اڳتي مان تنهن جي چوڻ تي اصل نه مڙندس. جيڪي
به دادا گهرندو سو ڏيندس.“
سندس صدق ڏسي مان به گهڻو خوش ٿيس ۽ گرڌاري کي
چيم: ”سام کي سون جي منڊي پاتءِ ۽ پاڻ کي صدق جو
هڪ جڻيو پاتءِ، جنهن جو ملهه هيرن جي هار کان به
وڌيڪ آهي!“
گرڌاريءَ جي وڃڻ کان پوءِ سام هينئن چيو: ”نه رڳو
سندس صدق ۽ قربانيءَ جو انگ وڌائڻو هيو پر مون ڏٺو
هو ته انهيءَ منڊيءَ ۾ هن جو گهڻو موهه هيو. فقيري
ٽولي وارن لاءِ موهه ڪنهن به وستوءَ سان رکڻ چڱو
نه آهي.“
*** |