ڊاڪٽر ٿوري دير بعد چيو: ”توهين جو پوڄائن ورتين
وغيره جي منع ڪندا هيو، پوءِ دادي ڇو ٿي مورتين
کي نمسڪار ڪري؟“
سام چيو: ”مان ته ڪڏهن خالي ڀت کي يا ڪنهن گل ٻوٽي
کي به کڻي مٿو ٽيڪيندو آهيان! سرلا کي به اها
ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي.“
مون چيو: ”مون کي ڪوڙن ساڌن وغيره کان ته مورتيءَ
جي پوڄا وڌيڪ وڻندي آهي جيتوڻيڪ سام جو نمونو به
مان سمجهي سگهندي آهيان ته هر شيءِ ۾ انهيءِ هڪ جو
نظارو آهي.“
سام چيو: ”پر اهي ساڌ به ته ان جون ئي مورتيون
آهن.“
ڊاڪٽر صاحب پڇيو: ”تڏهين توهين به مورتي پوڄا جي
فائدي ۾ آهيو!“
سام وراڻيو: ”اسان جي ته ڳالهه ئي نه ڪريو. اسين
هر نموني هڪ ئي پوڄا پيا ڪريون. جڏهن درياهه مان
ليٽ نڪرندي آهي تڏهن اها فقط واهه ۽ واهيون وٺي نه
هلندي آهي پر جهنگ، جهر، سڙڪون، کيت وغيره سڀ اُن
جي لاءِ اڳتي وڌڻ جون واٽون ٿيوپون. ڪنهن جهنگ جهر
يا بنڊ ۽ ٻني کي ڇا طاقت آهي جو درياهه جي اٿل کي
جهلي سگهي؟ اهڙيءَ طرح پريم جڏهن دل مان اٿل کائي
ليٽ جي صورت وٺي ٿو تڏهن سڀ روپ ۽ مورتيون جيئريون
يا ٻيون ڪي ۽ سڀ خيال جا طريقا جائز ٿيو پون. ڪنهن
شيءِ کي ڀلا ڪهڙي طاقت آهي جو پيار جي اڳيان ديوار
ٿي پوي ۽ دل جو سنيهو پريتم وٽ نه پهچائي؟ ان
نموني هي ڀتيون، وڻ، پپل، تلسيون، ڪنڊڙيون، گل،
پکي وغيره ۽ انساني صورتون سڀ سڪ جي خيال جون
سواريون ٿيو پون. مورت کي يا بت کي ڪهڙي مجال آهي
جو اسان جي پوڄا نه وڃي منزل تي پهچائي؟ اسين ته
نفس جي پوڄاريءَ کي به ڪڏهن ائين ئي سمجهندا
آهيون! سچي پوڄا نفس جي به پريتم جي پوڄا ٿي سگهي
ٿي بشرطيڪ ان کي پوڄاري پريتم جي پوڄا سمجهي!“
***
3-6-1960ع اڄ سام جو جنم دن آهي؛ ڪجهه سالن کان
وٺي اُهو ڏينهن ماٺيڻي نموني ملهائيندا ايندا
آهيون، جيتوڻيڪ سام چوندو آهي ته ”ملهائجي ته
پنهنجي موت جو ڏينهن ملهائجي“ يعني اهو ڏينهن جنهن
ڏينهن انسان پاڻ تي فتح پائي، پنهنجي نفس کي نابود
ڪري اڳتي وڌي هلي!
صبح جو جئن مون پنهنجي ٻوٽن مان 58 مکڙيون رابيل
جون گڏ ڪري هڪ هار ٿي ٺاهيو ته سام عجب ۾ پئجي ويو
۽ چيائين: ”هي من ڪيترو نه غافل ٿو رهي؛ ڏوريندي
ڏوريندي 57 سال گذري ويا آهن! اها ته ڄڻ مون لاءِ
هڪ سمرڻي ٺاهي اٿئي!“ جئن اٺونجاهين مکڙي ٿي پويم
تئن اهو هار پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڊگهو ڪري جهليائين ۽
چيائين: ”ٻالڪپڻ کي ڪيترو پٺتي ڇڏي آيا آهيون؛
تنهن کان پوءِ هي جوانيءَ جي حد جون مکڙيون به اڄ
دور ڏسجن ٿيون؛ گهڻي گذري آهي ۽ باقي ٿوري عمر
پٺتي بچي آهي! هيءَ منهنجي لاءِ هڪ خيال کي اٿارڻ
جي نشاني آهي؛ باقي ٿورو وقت آهي جو سچن ۽ سٺن ڪمن
۾ سڦلي ڪرڻ جو ارادو ڪرڻ گهرجي! اگرچ وقت کي روح
لاءِ ڪا اهميت ڪانه آهي، هن ياترا جي سڦلي ڪرڻ
لاءِ ئي سالن جي ڳڻ ڪرڻ جڳائي. مسافريءَ جو جهاز
منزل جي ويجهو ايندي ڏسي سامان اسباب ساڻ کڻڻ جهڙا
وري وري سنڀالڻ گهرجن.“
تنهن بعد مون هار سندس ڳلي ۾ وڌو پر ٻن منٽن کان
پوءِ ڏٺم ته اهو هار لاهي ڪرشن جي مورتيءَ تي وڃي
وڌائين، جو سام کي هار پائڻ ڪين وڻندو آهي.
مون چيو: ”اهو منهنجي هٿ جو ٺاهيل هار به ڏيئي
ڇڏيءِ؟“
سام کلي چيو: ”نه، مون فقط امانت طور کيس ڏنو آهي؛
هو ڪنهن جي امانت ڪونه کائيندو آهي؛ جڏهن وڻندو
تڏهن کائنس موٽائي وٺندس ۽ وري کڻي پاڻ پائيندس!
انهيءَ ۾ ڇا آهي؟ در حقيقت جو ڪي ايشور کي ڏيون ٿا
سو اسان جو گم ڪونه ٿئي مگر اسان لاءِ ئي وٽس
حفاظت ۾ رهي ٿو. هو ويچارو ڪنهن جي شيءِ نه کائي
نه تڳائي؛ ويتر ٻيڻ ڪري ٿو موٽائي.“
***
14-6-1960ع ڪالهه هڪڙو ننڍڙو واقعو ٿيو جنهن مان
اسان کي هڪ وڏو سبق مليو. اسان وٽ مٺل نالي هڪ
فقير ڪجهه وقت کان رهيل آهي جنهن کي سام نوڪريءَ
جو دلاسو ڏنو آهي ته ڪنهن بئنڪ وغيره ۾ سفارش
ڪرائي توکي بيهاربو. هو انهيءَ آسري تي رهيو پيو
آهي ۽ جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪو ڪم ڪار ڪونه اٿس، ماني
هت کائيندو آهي. ڪو ڪنهن وٽ ضرورت کانسواءِ ڪونه
ٿو اچي؛ هن فقير کي هن آسٿان ئي سجهي آيو آهي؛ سام
چيو سندس سنڀال کاڌي پيتي جي چڱيءَ طرح لهڻ گهرجي.
هن فقير رات جو انب جون کلون کائي پنهنجي کٽ جي آس
پاس ڦٽي ڪيون. صبح جو جڏهين گرڌاري اها حالت ڏٺي
تڏهين کيس شوخيءَ سان سڏي چيائين ته اڄ ٺهيو، باقي
جي اڳتي ائين ڦٽي ڪندين ته توکان ئي ميڙائيندس.
سام اهي اکر ٻڌي ورتا ۽ گرڌاريءَ کي گهرائي فهمائش
ڪيائين ته ساڌن فقيرن سان ايترو تکو ڳالهائڻ نه
گهرجي؛ جيڪي اڳ ۾ ئي ڪٺل آهن انهن کي ڪيئن وري
ڪهجي؟ هو فقير نه ڪو واسطيدار آهي نه هميشہ لاءِ
هت ٺڪاڻو اٿس. مهيني کن کان پوءِ مهمان ٿيو آهي،
انهيءَ سان ائين شوخ نه ڳالهائين ها، پوءِ سام وڃي
پاڻ فقير کان بخشايو، جيتوڻيڪ فقير کي ڪو ان ڳالهه
جو ويچار ڪونه هو ۽ جڏهين مان اسپتال جي ڪم کان
پوءِ موٽي مٿي (گهر) آيس تڏهين اها سڄي ڳالهه سام
ڪري ٻڌائي. منهنجي اکين مان از خود ڳوڙها وهڻ لڳا
۽ مون روئي چيو ته اسان جا ڀاڳ سٺا آهن جو فقير
هميشہ اسان وٽ آهن. انهن سان سختي ڇو ڪيائين؟ تنهن
تي سام کي پڻ اکين ۾ پاڻي اچي ويو جنهنجو سٺو اثر
گرڌاريءَ ۽ پڻ فقيرن تي نظر آيو. سام مون ڏانهن
منهن ڪري چيو ته ڀلائيءَ جي خيال جهڙو ٻيو ڪو
وچڙندڙ جيوڙو ڪونه آهي؛ سڀني جو من ڪيئن نه تنهنجي
ڳوڙهن ڀڄائي ڇڏيو آهي!
***
موهن مون کي سام جي ”آتم درسنيءَ“ مان ڪجهه اتارو
ڪرائيندو آهي ۽ ڪتاب مان پڙهندي پڙهندي اهڙا ابتا
اُچار سنسڪرت ۽ هنديءَ وارن لفظن جا ڪڍندو آهي جو
ڪنهن کي جيڪر کل اچي يا مٺيان لڳي. مان ڪوشش ڪري
کائنس انهن اکرن جي معنيٰ پڇندي آهيان انهيءَ
ارادي سان ته هن کي ڪجهه انهن اکرن جي ڄاڻ پوي.
مگر ڪڏهين ڪڏهين هن کي انهيءَ پڇڻ تي چڙ لڳندي
آهي. سام اها حالت ڏسي هينئن چيو: ”ارمان آهي جو
عام طور مائر ۽ پيئر ٻار ڄڻي هن سنسار ۾ ڦٽو ڪري
ڇڏين ٿا ۽ وڌيڪ انهن جي ڪا چنتا ڪا نه ٿا رکن. هي
شرير پئدا ڪرڻ يعني جسماني طور ٻار ڄڻڻ ڪا وڏي
ڳالهه ڪانه آهي پر سچا ماءُ پيءُ اهي آهن جيڪي ٻار
جي من کي گهڙي تيار ڪن ٿا ۽ منجهس ڪا سرت سمائن
ٿا. تنهنجي ’ممي‘ (سرلا) اهو فرض ادا ڪري رهي آهي
جيڪو تنهنجي ماءُ ۽ پيءُ، جن توکي ڄڻيو آهي، پورو
ڪري نه سگهيا؛ جيڪا سمجهاڻي ڏيئي سا ڌيان سان ٻڌ ۽
انهيءَ مان پورو لاڀ پراءِ.“
***
3-10-1960ع منجهند جي وقت ننڊ ڪرڻ کان پوءِ جئن
سام اٿندو آهي ته پهريائين رام جو نالو وٺي رواجي
طرح نمسڪار ڪري وري ڏينهن جو ڪم شروع ڪندو آهي. اڄ
انهيءَ مهل وري ٻيو ڀيرو هٿ جوڙي نمسڪار ڪيائين؛
سندس سامهون وڻن جو نظارو هو. اهڙي نموني هو ڪيئن
وار ڏينهن ۾ هن يا هن شيءِ کي نمسڪار ڪندو آهي. ڪا
خاص نئين ڳالهه ڪانه هئي تنهن هوندي به مون ڏانهس
سمجهاڻي لاءِ ڏٺو. هن منهنجي ماٺ ۾ ڏسڻ جو مطلب
سمجهي ورتو ۽ چيائين: ”هنن وڻن، هوائن ۽ آسمان
وغيره جي آسيس ٿي ورتم. اهي سڀ مون کي مهر جو هٿ
گهمائيندا آهن.“ لحظي بعد وري چيائين: ”اڳي اهڙا
خيال تون ڪو نه سمجهندي هئينءَ، پر هينئر سمجهي
ويندي آهين؛ ائين اڄ تنهنجي ڊائريءَ جي هڪڙي ليک
مان معلوم ٿيو جنهن ۾ تو اهڙا شڪ اٿاريا آهن ته
ڪيئن ٿو پر ماتما هنن سهڻن روپن ۾ خاص طور پرگهٽ
ٿئي! حقيقت ۾ هي سڀ روپ هن جي ڏسڻ لاءِ دريون آهن
پر جيئن محل جي ڪنهن ڪنهن کڙڪيءَ منجهان ڪو خاص دل
لڀائيدڙ نظارو ڏسڻ ۾ اِيندو آهي تيئن هنن سهڻن وڻن
جي وٿين مان سندس خوبصورتي خاص طور ٿي پسجي. مان
ته ائين پيو ڀائيندو آهيان ته اهي سڀ پنهنجي جاءِ
جا جزا آهن ۽ هو به مون تي پنهنجي آسيس جو پاڇو
وجهندوا آهن.“
***
13-11-1960ع ڪجهه ڏينهن ٿيا ته گرڌاريءَ سام کان
ڪجهه پئسا اڌارا گهريا. سام کيس چيو: ”هينئر اسان
کان اهڙا حساب رکڻ نه ٿا پڄن. ويتر تون حساب ڪتاب
۾ ڏاڍو اهنجو آهين، ڇا لاءِ جو اڻ پڙهيل ٿي ڪري تو
کي رڳو پنهنجي يادگيريءَ تي مدار رکڻو پوي ٿو.
توکي ڪجهه کپي ته ٻئي ڪنهن کان توکي اڌارا
ڏياريون.“ گرڌاريءَ کي انهيءَ ڳالهه جو ڏک ٿيو،
جنهن ڪري پنهنجن لٽن، ڪپڙن، بوٽن وغيره خريد ڪرڻ
کان به انڪار ڪيائين؛ کيس گهڻو چيوسون ته ڪپڙا لٽا
ڀل وٺ مگر هو ڏک ڪري ويهي رهيو. اڄ خوشيءَ مان
ٻڌايائين ته ممي، مون خيال ڪيو آهي ته سڀاڻي بوٽ
وغيره خريد ڪندس.
مون کيس چيو: ”اهو ضد ڀلا ڪنهن سان ٿي ڪيءِ؟
پنهنجي سائينءَ سان، جنهن بنا اسان جو هڪ پل به نه
ٿو سري سگهي؟ اهو ضد تڏهن آهي جو تو اڃا پنهنجو تن
من ڪونه ارپيو آهي؛ جن پنهنجو تن من ارپيو هوندو
تن کي ڀلا ڌن ڇا نظر ايندو؟ تنهنجو رسڻ پرچڻ ڀي ته
انهن حسابن ڪاڻ آهي يا ڌن گڏ ڪرڻ لاءِ هوندو جو
آخر ڌوڙ آهي.“
سام کي هي خيال منهنجو ڏاڍو وڻيو ۽ چيائين: ”بلڪل
ٺيڪ چيو اٿئي؛ جيڪي تن من ارپن ڪن ٿا تن کي ڌن اول
ئي وسري وڃي ٿو.“
مون کي چيائين ته اهو خيال پنهنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ
ڪري ڇڏ.
***
14-12-1960ع صبح جي وقت جيئن چانهه ٿي پيتي سين ته
ان هوميوپٿيءَ جي ڊاڪٽر هڪ سنڌي ساڌوءَ جي رچيل
ٻاڻيءَ مان اچي سلوڪ پڙهيا. هڪ سلوڪ جو تات پرج
هيو ته ڪن کي نيڪيءَ ۾ ۽ ڪن کي بديءَ درڙهتا آهي.
سام ڇرڪ ڀري چيو: ”اها ڳالهه غلط آهي؛ ڇا لاءِ جو
درڙهتا برائي يا اگيان کي حاصل نه آهي، مگر آتمڪ
اڀياس جي هڪ وصف آهي. اها گڻ ۽ گيان کي حاصل ٿي
سگهي ٿي ۽ نه اگيان کي.“
ڊاڪٽر چيو: ”تڏهين ڪيئن ڪي ماڻهو پنهنجي برن اصولن
تي قائم رهن ٿا؟“
سام چيو: ”حقيقيت ڪري برائي يا پاپ خيالي وصفون
آهن؛ انهن کي سچو پچو وجود آهي ئي ڪونه؛ برائي
هيٺين پد واري حالت کي چئجي ٿو جا خود مٽجندڙ آهي؛
جنهن کي بيهڪ نه آهي. جن کي اسين برو چئون ٿا سي
پڻ آتمڪ اڀياس واري مارگ جا راهي آهن. برائي ڄاڻي
واڻي ڪوبه ڪونه ٿو ڪري. مثال طور ڪو هنسا يا چوري
ڪري ٿو؛ ان وقت انهيءَ جي دماغ ۾ جيڪا مراد هوندي
سا پاڻ کي اڳي کان چڱي يا وڌيڪ دنيادار وغيره
بڻائڻ جي هوندي. هيڻائيءَ، مفلسيءَ ۽ محتاجيءَ کان
طاقتور، دنيا دار يا آزاد ٿيڻ بهتر آهي. چور هنسڪ
يا خوني ازخود اهڙي چڱي مراد رکي اُهي ڪرتوت ڪري
ٿو مگر آزمودي مان ئي کيس معلوم ٿئي ٿو ته هو غلط
رستا پڪڙي رهيو آهي؛ تنهن ڪري ائين چوڻ غلط آهي،
ته برائيءَ ۾ ڪنهن کي به درڙهتا رهي ٿي.“
ٻئي سلوڪ ۾ وري من کي وس ڪرڻ بابت اشارا هئا. ائين
چيل هو ته ڪُرتيءَ ۾ من وڌيڪ چنچل ٿئي ٿو؛ تنهن
ڪري ورتي ساڌن ڪريو. سام ان ڳالهه تي پاڻ کلي ويٺو
۽ چيائين: ”ڇا قدرت يا خالق اسان جو ڪو دشمن آهي
جو هي سڀ هرکائڻ لاءِ شيون ٺاهيون اٿس ۽ هي ڄار
مثل مشغولين ٺاهيون اٿس جن کان من کي پلجي ته متان
ڦاسي پوي؟ هو ته هر جاءِ پاڻ پسائي رهيو آهي. هيءَ
سرشٽيءَ سڄي هڪ کيل مثل آهي. جڏهين هو پاڻ هن
پساري ۾ پرگهٽائي ٿو ۽ جڏهن هي کيل مايا جو کيس
منظور آهي پوءِ ڪيئن ٿا من کي انهيءَ کيل کان موڙڻ
جون صلاحون ڏيو؟ هي سڀ ڳالهيون بيڪار آهن.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”تڏهن توهان جو خيال ڇا آهي، ته
من کي ڇيڪ ڇڏي ڏجي، ڀل جيڪي چاهي سو ڪري؟“
سام چيو: ”ڇوڪين؟ ڀلا جي ڪٿي ٿاٻو کاڌائين ته اُن
مان آزمودو پرائي ٿاٻي کائڻ واري راهه پاڻهي مٽي
ويندو؛ ورنه راوڻ کي ڏهه مٿا هئا پر هن من کي سهس
هزار مٿا آهن؛ هڪ خواهش کان منهن موڙيوسون ته ٻي
اتپن ٿيندي. در حقيقت خواهش ئي هن جي هلائڻ ۽
اڀياس لاءِ هڪ پاور آهي. اُن جي مارڻ مان مطلب
حاصل ٿيڻو ڪونه آهي، مگر خواهش جي سنوارڻ مان ئي
ڪرم گيان جي سڌي پراپت ٿيندي. ڀل ڪجهه به ڪو ڪرم
ڪري؛ ڀل انهيءَ جي وسيلي ’گيان‘ يا ‘اگيان‘ پراپت
ٿئي! پر پنهنجو آزمودو ئي سهنجي ۾ سهنجو رستو آهي
خواهش جي شڌيءَ جو. ورنه ٻي جي سکيا سان من هرگز
ڪين مڙندو.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”خواهشن کي موڙڻ ۽ مروٽڻ کانسواءِ
من جي چئنچلتا ڪيئن هٽندي؟ ائين ته مشڪل ٿو لڳي.“
سام چيو: ”ڪنهن وڏي عشق يا شوق جو سهارو وٺو جنهن
۾ خواهشون سڀ سمائجي وڃن. جيئن سج اڀرڻ وقت ڏيئا ۽
بتيون ڏيک ئي نه ٿيون ڏين تيئن ڪنهن وڏي پريم پيدا
ٿيڻ سان ننڍڙيون خواهشون پاڻهي گم ٿيو وڃن. اهوئي
هڪ علاج آهي من جي سنوارڻ جو؛ نه ته عمر گذري
ويندي ته به حاصل ڪجهه نه ٿيندو. پر مکيه سوال هي
آهي ته اُهو وڏو شوق ڪيئن پيدا ٿئي!
”هي جنمن جو سوال آهي. سنگ يا گروءَ جي پراپتيءَ
ٿيڻ سان وڏو پريم اُتپن ٿئي ٿو. پر دنيا ۾ جيئن
ڪيتريون امولڪ چيزون لڪل رهن ٿيون تيئن اگياني پرش
اُهي روز پسندي به اهڙن ڀنڊارن کان دور رهي ٿو.
جڏهن جنمن جا ڪرم کيس روحاني مقام يا آتمڪ پد تي
پهچائن ٿا تڏهن منجهس ست سنگ جي چاهنا يا گروءَ جي
پهچاڻ پيدا ٿئي ٿي. ڏسو ڪيترا انسان هن رستي تان
لانگهائو ٿين ٿا مگر ڪو ڪو لڙي اچي ست سنگ ۾ ويهي
ٿو! تنهن ڪري جيڪڏهين ڪو ساڌن اسان جي وس آهي ته
اهو هيءُ آهي جو پاڻ کي ڪنهن سريشٽ پرش يا ڪنهن
سٺي سنگ ۾ چاهه ڏياريون. اهو پرٿم پد آهي آتمڪ
اڀياس جو. باقي ٻيا سڀ هٿراڌو ساڌن آهن.“
مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو: ”مان ته ڪوبه ڪتاب نه
پڙهندي آهيان جو سڄو گيان ۽ وئراڳ اسان کي اتي
ويٺي ئي ملي ٿو؛ روز ٿا سرڪيون پيئون، ڄڻ ته گيان
جي هڪ کاڻ آهي اسان وٽ؛ ڪتاب کولڻ جي ضرورت ئي
ڪونه پوي.“
*** |