سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو :4

23-12-1950ع سنڌيا جي ڌيان کانپوءِ گهڻو ڪري سام اڳيان وڃي سکمني يا ٻيو ڪجهه پڙهندا آهيون. ڪڏهن پاٺ يا ڀڄن ڪري نه سگهندا آهيون ته گهٽ ۾ گهٽ پريم سان گهر جا ڀاتي نوڪر وغيره سام جي ڪمري ۾ اچي ملندا آهيون. جيئن صبح جو ننڊ مان اٿي رام رام چوڻ سان هڪ ٻئي کي کيڪاربو آهي يا انگريز ”گڊ مارننگ“ چوندا آهن ۽ ٻيون قومون ڪي ٻيا لفظ استعمال ڪنديون آهن، جن سان نئين ڏينهن لاءِ گويا سٺي شروعات ڪئي ويندي آهي، تئين سنڌيا کان پوءِ، جڏهن من پريم جي ڀاو سان ڀرپور رهي ٿو، هڪ ٻئي سان وندنا ڪري ڄڻڪ اسين نئون جيون شروع ڪندا آهيون؛ ائين سمجهندا آهيون ته هڪ دنيا کان نڪري هاڻي ٻيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهيون؛ محنت ۽ پريشانيءَ واري کيتر مان نڪري پنهنجي آتما جي آکيري ڏانهن موٽي رهيا آهيون. انوقت جو مزو نرالو آهي. مان ته گهڻو ڪري پريئر روم جي ڪنڊ ۾ سوڙهي ٿي، ڪجهه دير تائين ماٺ ۾ ويٺي رهندي آهيان ۽ ائين سمجهندي آهيان ته اها ماٺ ڄڻڪ منهنجي خود آتما تائين پهچي وڃي ٿي؛ ان گهڙيءَ جو سک سرڳ جي سکن کان وڌيڪ ڀائيندي آهيان.

مگر اڄ گهرو ڪمن سبب مان سنڌيا جي وقت تي پهچي ته سگهيس ۽ جڏهن سام مونکان انهيءَ بابت پڇيو، تڏهن پاڻ انکي الٽو جواب ڏنو. دل ۾ انهيءَ موقع وڃائڻ جو ڪو لڪل ارمان هو جنهن ڪري مٺو نه ڳالهايم. سام چيو: ”تنهنجي خفي ٿيڻ جو سبب اهو آهي جو توکي پنهنجي آتمڪ خوراڪ اڄ نه ملي؛ ان ڪري ڪجهه کٽي ٿي پيئي آهين. سنساري ڪم جڏهن منهن ۾ اچن ٿا، تڏهين انهن جي وڏي ضرورت نظر اچي ٿي؛ اهي طرحين طرحين غرضن جا پوش پهري اچن ٿا، جنهن ڪري سڄو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺن، پر پوءِ جڏهن ويچار ڪجي ٿو ته آتمڪ اڀياس ۽ دل جي آنند جي ڀيٽ ۾ اهي تمام تڇ نظر اچن ٿا. ڪن کي ته عمر لاءِ، جئن توکي اڄ لاءِ، ارمان رهجي وڃي ٿو ته هي! جو وقت اجايو هليو ويو؛ اسان ڪجهه ڪين ڪيو!“

سام وڌيڪ چيو: ”انهن ڪمن مان جيڪو لاڀ پيدا ٿئي ٿو سو جي دل جي تاراضي ۾ ان وڃايل نعمت سان توري ڏسبو ته اهو ڪجهه به نظر نه ايندو. تنهن ڪري ڪجهه وقت ڪم ڪاريون بند ڪري سنگ ۾ اچڻ يا الڳ ٿي ڌيان ۾ ويهڻ سو اجايو وقت وڃائڻو نه آهي. حضرت محمد (صلي الله عليه وسلم) جن کي پنجن وقتن تي نماز پڙهائڻ جو طريقو مان سمجهان ٿو ان ڪري وڻيو هوندو جو انسان لاءِ باربار پاڻ جهلي، پنهنجي خيال جا جزا کڙيل پکڙيل گڏ ڪري، پاڻ ۾ يڪو جودي آڻڻ ضروري آهي. اها خبر پڻ تڏهن پوندي ته ڪهڙي ڪم جو ڪيترو ملهه آهي جڏهن خيال جي يڪوجودي حاصل ڪبي. ڪمن ڪارين جو خود مطلب اهو آهي ته آتما جسم جي سوڙهي پڃري کان ٻاهر نڪري؛ ڪمن ۾ هٿ وجهڻ انسان جي آتما لاءِ آزادي ڳولڻ يا پورنتا لاءِ جهاتيون پائڻ جي برابر آهي؛ انهن ڪرمن دوارا آزمودا پرائي آتما خود پرماتما لاءِ واجهه وجهي ٿي. مگر هڪ لحظي پريم جي ۾ اهو سارو فائدو ملي سگهي ٿو جو جنمن جي ڪرمن مان ملي سگهي. سڀ گيان پر ڀوءِ جي پريم اندر اچي وڃن ٿا. سڀ حاصلات ان آنند ۾ سمايل آهن، ڪرم ۽ ڪشالي جو مقصد به انهيءَ گيان جي پراپتي آهي يا صوفين جي ٻوليءَ ۾ چئجي ته ان يار جو ريجهائڻ آهي.“

***

 

 

ان بابت وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي، سام چيو: ”مان اهو ساڌوپڻو يا سنياس توهان کي نٿو ڏسيان جو خود مطلبي يا آلس مان پئدا ٿئي ٿو. مهر جڏهن آتما ڪرمن دوارا يا گيان جي کوجنا سان پنهنجو سچو روپ ڏسي ٿي تڏهن باقي ڪنهن ڪم يا شيءِ جي خاص چاهنا نٿي رهي. جيوت جا ڪم ڪاريون پيا ٿين ۽ پيا ٿيندا. انهن لاءِ نه انتظاري رکڻ گهرجي نه انهن کان هروڀرو منهن موڙ ڪرڻ گهرجي. انهن کان زوريءَ پاڻ ڇنائڻ سو آهي وڻ مان ڪچي ميوي ڇنڻ جي مثل. جڏهن ڦل پاڻهي رسي تيار ٿئي ٿو، تڏهين ان جي ڪري پوڻ لاءِ فقط هوا لڳڻ جو بهانو به ڪافي آهي.

”جڏهين جيو آتما پنهنجو پرم روپ ڏسي ٿي، تڏهين اڇا ۽ ڪامنا، جن مان ڪرم اپجن ٿا، سي سڪل پنن وانگر پاڻهي ڇڻيو پون. پوءِ ڪرم فقط نالي ماتر رهن ٿا؛ يا چئجي کڻي ته ڪشمڪشا جي هيٺين ميدان مان نڪري آتما اوچ طبقن تي واسو ڪري ٿي ۽ ڪرم وڌيڪ سوکيم ٿين ٿا! مثال طور هر ڏيڻ، ڪوڏر هڻڻ يا بار ڍوئڻ، انهن جي ڀيٽ ۾ ساڌو پرشن جو ڳائڻ يا ڳالهائڻ هڪ سوکيم ڪرم آهي. آخر ماٺ ۾ مشڪڻ يا نج ماٺ خود آتما جو ڪرم بڻجي پوي ٿي. زوريءَ ڪم ڇڏائڻ ڪنهن کان ڪين گهرجي؛ مگر سنسار جيوت کان وڌيڪ مٺي ۽ ڦلدار جيوت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ سو آتمڪ اڀياس جو هڪ ضروري اپاءُ آهي. جي ڇيت سان هيءَ چاشني هڪ ڀيروئي چکن ٿا تن کان ترش طعام طمع جا وسريو وڃن.“

***

 

 

سام ٻڌايو، ”هماليه پهاڙ تي مون هڪ ٻوٽي ڏٺي، جنهنکي هٿ لائڻ سان ڏينڀوءَ جهڙو ڏنگ ٿي لڳو؛ پر ان جي هيٺان ڇا نوري ۾ هڪ ننڍڙي ٻوٽي اسريل هئي جنهن جي لڳائڻ سان ڏنگ جو اثر مٽي ٿي ويو! ساڳئيءَ طرح پر ڀوءَ پنهنجي پورڻ گيان سان سنساري ڪمن ۾ ٿڪ جو اثر وجهي ڇڏيو آهي؛ اهو ٿڪ ڪوڙي چاهنا کي ماري ٿو، يعني سنسار جي ٻوٽيءَ ۾ جيڪو ڏنگ يا زهرلا لاڳاپي (Attachment) جو آهي، تنهنکي آهستي آهستي ناس ڪريٿو ڇڏي. تنهن ڪري اهو ٿڪ به روحاني زندگيءَ لاءِ هڪ اميد ڀري نشاني آهي. البت پهريائين انهيءَ مان کٽائي پيدا ٿئي ٿي، جئن هن وقت تو ۾ آهي؛ مگر آهستي آهستي جئن چاهنا گم ٿي وڃي ٿي تيئن کٽائي ۽ ٿڪ به پاڻهي گم ٿي وڃن ٿا. هيءُ جيوت جو هڪ عجيب قانون آهي جو انسان جومن خود پنهنجي حاصلات مان ٿڪ جيو پوي! سنساري ڪمن مان ٿڪ جي پوڻ کانپوءِ وري جيئن گيان ۽ پريم وڌي تئين ٿڪ جي جاءِ تي شوق پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته هي سنساري ڪرم فقط ڪامنا کي نهوڙڻ جا حيلا آهن، جي انسان جي من کي ٿڪائي، ڀٽڪائي آخر ڦيرائي پنهنجي سچي مقصد ڏانهن وٺيو وڃن!

جڙگهوڙو جڏهن ڊڪي ڊڪي ٿڪبو آهي ته پوءِ سياڻو سوار انکي دڙڪي يا گام سهنجائيءَ سان سيکاري سگهندو آهي؛ تيئن سنساري ڪمن مان ٿڪل من ۾ گيان جي روشني سولائي سان سمائبي آهي. ان ڪري ئي شايد شاسترن ۾ گرهست آشرم پالن ڪرڻ جو تاڪيد ڪيل آهي. آخرڪار هنن ڪمن جو مطلب خود انهن ڪمن ۾ سمايل نه آهي، پر جيڪا گيان جي روشني منجهائن اتپن ٿئي ٿي، ان ۾ ئي رکيل آهي. تنهنڪري گيان جي پراپتيءَ کانپوءِ ڪرم بلڪل اجايو نظر ايندو آهي. ڪرم ۽ گيان جو انت پريم ۾ آهي.

***

 

 

23-12-1950ع پريئر کانپوءِ گفتگو ڪندي سام چيو: ”ڪرم جو نتيجو ڀاونا سان ڳنڍيل رهي ٿو؛ جنهن خيال يا امنگ مان ڪرم پيدا ٿئي ٿو، سوئي سندس ملهه جو هڪ ماڻ آهي. ايشور هيءَ سڄي جوڙ هڪ پاڻمرادو هلندڙ مشين وانگر رچي آهي. آتما جي سچي ڀاونا جا ازخود وڃي ٿي پرماتما وٽ پهچي. جيڪڏهن ڪنهن ڪم ڪندڙ کي پنهنجي هٿ ۾ کنيل ڪم جي ملهه يا مقصد جي خبر نه به آهي، تڏهن به اهو ڪم پنهنجي اصلوڪي ڀاونا موجب يعني جنهن اندروني امنگ مان پيدا ٿيل آهي ان موجب آخر وڃي ٿو پنهنجو مقصد پائي! ڀاونا آتما جو هڪ گهوڙو آهي؛ جتي سا گهري اتي ٿو کيس هڪدم پڄائي. ڪيترا ست پرش چڱي ارادن سان غلط رستو اختيار ڪن ٿا مگر سندن شڌ ڀاونا آخر نيئي کين سنئين دڳ لائي. ڪيترا بدانديش وري دل ۾ بري ڀاونا رکي ٻاهران سٺو لباس رکن ٿا. مگر سندن بڇڙيون ڀاونائون کين وڃي ڪنهن اوڙاهه ۾ اڇلن، جيتوڻيڪ ان اوڙاهه ۾ به ڪنهن ڀلائيءَ خاطر اڇلايا وڃن ٿا. عجيب آهي هيءُ قدرت جو قانون! هن پاڻمرادي هلندڙ سرشتي کي ڪنهن ڌاري طاقت جي ضرورت نه آهي. ڀاونا خود بجليءَ جي مثل مونکي ۽ امنگي رفتار سان، سوچ ويچار جي رنڊڪ دور ڪري، وڃي ٿي منزل تي رسي. ان ڪري ئي سنتن چيو آهي ته سنگ سڀ کان اتم ساڌن آهي، ڇا لاءِ جو ست سنگ ۾ ڀاونا جي شڌي ٿئي ٿي. مگر ڪسنگ ۾ اها برو ۽ ڀيانڪ روپ اختيار ڪري ٿي ۽ بي لغام گهوڙي مثل سوار کي نيئي ڪنهن کڏ ۾ هڻي ٿي.“

ڀاونا جي وشيء تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”ڏسو ته ڀاونا نه فقط ڪرم جي قدر ۾ پر بيجان شين جي ملهه ۾ پڻ تفاوت آڻي سگهي ٿي! مثال طور تون ڪنهن آدرش لاءِ وڏي شرڌا سان ڪم ڪري رهي آهين؛ ان مان اپت ڪيتري به ٿوري ٿئي ٿي تڏهن به ان جو ملهه اڪٿ آهي؛ پريم سان ڏنل پائي به هڪ وڏو خزانو آهي، ڇا لاءِ جو انهيءَ سان شامل آهي دل جي پوتر ڀاونا!

”اهڙي طرح ڪنهن پياري ماڻهوءَ جو ڪو پراڻو وستر يا ننڍڙي سوکڙي وڏين سوغاتن کان وڌيڪ ملهائتي ٿي سگهي ٿي. شرڌا سان دان ڪيل سڌامي جي مٺ چانورن جي به اگهائجي ويئي. ان ڪري ئي فقير چوندا آهن ”اگهائي ته ڪڻو نه ته مڻ به موٽائي ڇڏي؛“ مطلب ته ڪرم کان وڌيڪ ضروري آهي ڀاونا جي شڌي؛ ڪرم شرڌا کان سواءِ بي سود آهي!“

ٿوري دير بعد مورتي پوڄا جو ذڪر هليو؛ سام چيو: ”جيڪي مورتي پوڄا کي نندن ٿا سي ائين نٿا محسوس ڪن ته مورتي به هڪ محبوب جي نشاني ٿي سگهي ٿي. جڏهين مورتيءَ جا انگ ايشور جي گڻن جا درشٽانت خود نظر اچن ٿا، تڏهين مورتي پوڄا ۽ خيالي عبادت جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونه ٿو رهي؛ نه رڳو ايترو پر مورتي ڪڏهين ڪڏهين وڌيڪ آسانيءَ سان من کي نيو منزل تي پهچائي؛ خيال کي مٿي کڻڻ جو هڪ اُپاءُ ۽ بهانو بڻيو پوي. جيئن اليڪٽرڪ بٽڻ تي آڱر رکڻ سان لفٽ اسانکي مٿي کڻي ٿي وڃي، تئن مورتيءَ جي ڪنهن سهڻي انگ پسڻ سان پريميءَ جو من خود مالڪ وٽ پهچي وڃي ٿو. جئن رواجي اخبار کان تصويرن واري اخبار (ll Lustrated Magazine) وڌيڪ چٽو احوال پيش ڪري ٿي، ڇا لاءِ جو تصوير اکري بيان کان وڌيڪ ڪجهه ٻڌائي ۽ ڏيکاري سگهي ٿي، تئن مورتي پوڄا، ڪن حالتن ۾، اکري جپ تپ ۽ خيالي پوڄا کان وڌيڪ ڪارگر ٿي سگهي ٿي، ڇا ڪاڻ ته ان جي وسيلي من آسانيءَ سان ايڪاگر ٿئي ٿو.“

***

  

24-12-1950ع گيان باغ ۾ گهمندي، ڦرندي سام کان پڇيم: ”اڄ جو پڙهيلن ماڻهن ۾ خود، قانون شڪنيءَ جي عام عادت ٿي پيئي آهي ۽ ڪلارڪ، آفيسر وغيره ائين پيا سمجهن ته ڄڻڪ آفيسون ۽ آفيسن جا سامان سندن خانگي ملڪيت آهن، تنهن لاءِ توهان ڪهڙي ٿا سمجهاڻي ڏيو. ٻئي پاسي وري ائين ٿو ڏسجي ته آفيس جا سڀ رول يا قانون هر حالت ۾ پوري طرح بجا آڻڻ اهنجا آهن.“

سام چيو: ”قانون جي ڀڃڪڙي برابر هڪ ڏوهه آهي جيتوڻيڪ، فرينچن جو هڪ پهاڪو آهي ته قانون ڀڃڻ ڪاڻ پيدا ٿيو آهي؛ مگر اهو به هڪ وڌاءُ آهي. عوام جي مثال لاءِ ڪوشش ڪري مريادا جا ڪي نيم ضرور قائم رکيا آهن، جئن بي واجبي ڀڃڪڙي قانون جي عام ماڻهن جو هڪ ڪرتيو ٿي نه پوي. ڌرم جو چڪر قائم رکڻ ۽ پڻ چرخو ڪاميابيءَ سان هلائڻ، اهو اسانجو ٻٽو آدرش ٿيڻ گهرجي. مگر اکري طرح ڪوبه قانون بجا آڻي نٿو سگهجي ۽ حد کان وڌيڪ پائبندي قانون جي ڪڏهن سرشتي جو هلائڻ ئي محال بڻائي ڇڏي. گيان ۽ وويل جي قينچي هر حالت ۾ تکي هلائڻ گهرجي. اُها جيترو غير واجبي خواهشن کي ڪترڻ لاءِ آهي اوتروئي اجاين ڀرمن جي ڪاٽڻ لاءِ آهي. اکرن ۾ جيڪي اٽڪي ٿا پون سي ڪاميابيءَ کي رسي نٿا سگهن؛ وڏي ڳالهه سڀ کان آهي پاڻ ارپن ڪرڻ. جن جو پاڻ ايشور کي ارپن ٿيل آهي، اُهي ڪڏهن اتفاق سان رولن جي ڀڃڪڙي ڪري به وجهن تڏهن به ڪو فرض نه آهي جو وتن قانون ٽوڙيندا ۽ اصول مريادا جا اولنگهن ڪندا. اهڙو غرور هر حالت ۾ چڱو نه آهي جو ڪوئي سمجهي ته مان پهتل شخص آهيان، تنهن ڪري مونکي ڪوئي پاپ نه لڳندو. ان ڪري ئي چيو اٿن: ”ڪت ڀي، ڪنب ڀي، جو اڳيان تورڻ وارا تکا.“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org