30-8-1955ع ٽي هفتا کن ٿيا ته سام پوني کان موٽي
آيو هو ۽ خبر ڪئي هئائين ته اُتي اسان جي وچين
ڇوڪري کي نوڪري چڱي ملي هئي پر رهڻ جو بندوبست سٺو
ڪونه هيس. ڪم به تمام گهڻو هيس؛ سندس نوڪريءَ تي
چڙهڻ وقت سام ٻڌايو ته اُتي خيرات ۾ ڪجهه ڪونه
ڏنائون ۽ نه ڪنهن شڀ ڪرم يا پريئر سان شروعات
ڪيائون.
سام جي موٽڻ بعد پوني کان خط اچڻ لڳا جن مان معلوم ٿيو ته ڇوڪرو
اڃا ڏکيو آهي؛ بمبئيءَ ۾ ڪا رهڻ لاءِ جڳهه ڪانه
ملي اٿس، وغيره. سام چيو: ”جيتوڻيڪ ماڻهوءَ جي سڄي
حياتيءَ جا ڪرم جن ۾ ڌيان پريئر وغيره پڻ اچي وڃن
ٿا ۽ ٻيون شڀ اڇائون انهن سان گڏجي هلندڙ ۽ ايندڙ
وقت جي نتيجن پيدا ڪرڻ ۾ اثرائتيون ٿين ٿيون، تنهن
هوندي به هر هڪ نئين ڪم جو آرنڀ پريئر سان، انهيءَ
نئين قدم کڻڻ لاءِ چڱو آهي، شڀ آس پيدا ڪجي ۽ سڀني
جون شڀ اڇائون وٺي پوءِ ڪم جي شروعات ڪجي ته سٺو
آهي. ان ڪري هاڻي توهان غريب جا ٻار هتي گهرائي
انهن کي هٿ سان پاڻ کارايو ۽ ٿورا ٿورا پئسا انهن
کي ڏيئي، سندن آسيس وٺو ته اها گهٽتائي پوري ٿي
وڃي!“
سام هڪ پاسي نئين زماني جي خيالات رکندڙ آهي ۽ ٻئي پاسي سندس
وشواس انهن ڪرمن ۾ ۽ پرارٿنائن ۾ اٽل آهي. چيائين:
”خود اها نئين خيالات ان طرف مون کي ڇڪي ٿي يعني
آتمڪ اُپا سنا لاءِ اشارو ڪري ٿي. جيئن جسماني تون
جون سائنسون پنهنجي اصول ۾ اڻ ٽر آهن يعني وگيانڪ
تصديق ٿيل اصولن تي بيٺل آهن، تيئن هڪ آتما جي
سائنس پڻ آهي. پريئر ڪرڻ ڪو وهم نه آهي؛ پريئر جي
اصل معنيٰ آهي ان پرم آتما کي جاڳائڻ يا سڏ ڪرڻ جا
ست چت آنند روپ آهي؛ ان کي سڏڻ ۽ اُن جي پرگهٽ ٿيڻ
لاءِ رستو صاف ڪرڻ، سڀ هيٺيان يعني ڪسا خيال من
مان تڙي ڪڍڻ ۽ شُڀ وايو منڊل پيدا ڪرڻ، سو آهي سچو
مطلب پريئر جو. من مان ٻيون ميريون مدايون ڪڍي ۽
ان پرماتما کي آراڌنا ڪرڻ سو ڄڻ آهي ان شڪتيءَ جي
پر گهٽ ٿيڻ لاءِ گلم غاليچا وڇائڻ.“
سام جي چوڻ موجب اٽڪل چاليهه يا پنجاهه ننڍا، غريب ٻار
گهراياسون. سام ۽ مون بيهي انهن کي کارايو.
مان ائين اڀمان ڪري نٿي چوان ته اسان جي اُن ڪرم ڪري ڪا ڪرامت
ٿي، پر اڄ جيڪو پوني کان خط آيو آهي، ان ۾ لکيائون
ته اسان جي ڇوڪري کي تمام سٺي جڳهه رهڻ لاءِ ملي
آهي ۽ هو پاڻ کي اُتي خوش سمجهي ٿو. جڳهه ملڻ جو
وقت وري لڳ ڀڳ اُن ماني کارائڻ ۽ پريئر واري ڏينهن
جي ويجهو ڏيکارجي ٿو. سائين انسان جي شڀ ارادن ۾
ضرور مدد ڪري ٿو!
***
4-9-1955ع صوفي صاحب جڏهين آيو ته مون کيس سام جي نئين ڇپيل
ڪتاب ”پينوءَ جي سوغات“ مان ڪي ڇپيل ٽڪرا هندواسي
هفتيوار مخزن ۾ ڏيکاريا. ماستر صاحب کي خيال آيو
ته سنڌ جي ڪن مشهور رسالن ۾ انهيءَ ڪتاب مان ٽڪرا
پوڻ گهرجن. اسان کي چيائين: ”هن ڪتاب مان يا ٻي
ڪنهن مان ڪجهه ٽڪرا ڪڍي ڏيو ته مان انهن رسالن کي
درج ڪرڻ لاءِ موڪليان. ديوان صاحب جي ليکيتن جي
پڌرائي ڪرڻ گهرجي. مان هڪ نئين روزاني اخبار کي پڻ
لکندس ته هو به اُهي ٽڪرا وجهندا رهندا.“
سام چيو: ”جڏهين انهن کي به سڪ پيدا ٿئي ته پوءِ موڪلجن. جڏهين
ڪو ڪم سڪ يا چاهه منجهان ٿيندو آهي ته ان جو لاڀ
به چڱو حاصل ٿيندو آهي. هتان جي رسالن ۽ اخبارن کي
اهڙن ليکن يا شعرن جي گهرج ڪا نه ٿي ڏيکارجي.
بمبئيءَ جي هند واسيءَ کي پڻ مون ڪونه لکيو هو مگر
انهن پنهنجو پاڻهي اُهي ٽڪرا واڌا ۽ انهن بابت ڪي
چڱا اکر پڻ لکيائون. هت به جنهن کي وجهڻا هوندا سي
پاڻهي وجهندا.“
صوفي صاحب چيو: ”هت ته اخبارن وارن جي ڪڍ پئجي ٿو تڏهين ٿا ليک
قبول ڪن؛ ٻيا اديب کين منٿون ڪندا آهن. اسان کي به
خط ته لکڻ گهرجي. نه ته رکي رکي هي ڪتاب ۽ ليک
اتيئي رهجي ويندا. جيتوڻيڪ ائين سچ آهي ته ڪا به
سچي شيءِ گهڻو لڪل نٿي رهي.“
سام چيو: ”موتي ۽ جواهر جيڪڏهن ڪي سال يا صديون ڌرتيءَ ۽ پاڻيءَ
اندر دٻيل رهن ته انهن جو چمڪو ذرو به گهٽ نه
ٿيندو تنهنڪري جيڪڏهين ڪا خوبي اسان جي ڪنهن به ڪم
۾ آهي ته اُها گم اصل ڪونه ٿيندي.“
تنهن بعد صوفي صاحب جي گهُر ڪرڻ تي ايئا جا آواز، هڪ ننڍڙو ڪتاب
جو صوفي صاحب سان گڏ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، سو
سام کيس آڻي ڏنو. سندس خيال هو ته شايد ان مان ڪي
ڀاڱا چونڊي سگهجن. هن ڪتاب جي ڇپجڻ کانپوءِ جلد ئي
اسان کي طيب ڇڏڻو پيو ۽ بچيل ڪاپيون اڻ پڙهيل
ماڻهون ڦرلٽ جي وقت ۾ ٻورا ڀري وڃي پڪوڙائن وٽ
وڪڻي آيا. سام تنهنڪري صوفي صاحب کي چيو ته هيءَ
ڪاپي هٿيڪي رکجو؛ پر پنهنجي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ لاءِ
ضرور ڏجو.
ان تي صوفي صاحب چيو: ”مان هُن کي ڪيترو پڙهڻ لاءِ چوندو آهيان
پر ننڍيءَ وهيءَ وارن جا خيال نرالا آهن.“
سام چيو: ”جيئن ڪو گابو يا ڍور گهڻن کيتن ۾ چڪ هڻي هِتان، هُتان
جدا قسمن جا گاهه کائي ٻين ڌڻ وارن جانورن کان
وڌيڪ سگهارو ۽ مضبوط ٿيندو آهي، تيئن اهو ماڻهو
جيڪو عام علم جي کوجنا ۾ چاهه رکي ٿو ۽ سڀني خيال
مان واقف ٿيڻ جي ڪري ٿو، سو پنهنجي خيال ۾ وڌيڪ
مضبوط ٿئي ٿو. تنهن ڪري پنهنجي ڪڪيءَ کي چئجو ته
پنهنجي اسڪولي ڪمن تي فقط ڌيان نه ڏئي پر ٻين
مذهبن يا تاريخ ۽ سائنس وغيره مان پڻ واقف ٿيڻ جي
ڪري.“
***
8-9-1955ع سام مون کان پڇيو: ”توکي سچ پچ ننڍي هوندي آشرم جي
زندگي گهارڻ جي تمنا هئي يا منهنجي اها خوشامد
ڪندي هئينءَ، جڏهين پهريائين ملياسون؟“
مون کيس چيو: ”منهنجي اها تمنا اصل کان هئي؛ اُن جي منهنجي واقف
ڪار ڇوڪرين کي چڱيءَ طرح خبر هئي؛ اُهي جڏهين پوءِ
چونديون هيون ته ڪٿي آهي اُها آشرم، تڏهين مون کي
ارمان ٿيندو هو ته منهنجي زندگيءَ جي لائين شايد
مٽجي وئي آهي!“
سام چيو: ”مون کي ياد آهي ته جڏهين اٺن يا نون سالن جو هجان،
تڏهين پاڻ جهڙي ننڍڙي سنگتيءَ سان هڪ ڀيري ويٺي
ٻٽاڪون هنيم ته وڏي هوندي مان شاعر ٿيندس! پوءِ
ڪجهه عرصو گذريو ته شاعرن يا فقيرن جي صحبت ڪرڻ جو
موقعو مليو وري تنهن بعد نئين دنيا جي مزي ۽ وندر
۾ اچي اُن خيال کان ڄڻ ڇڄي ويس. پر انسان جڏهين هڪ
سچي آس دل ۾ ڌري ٿو تڏهن ان جي اُها آس ڄڻڪ ايشور
جي ڪنهن لڪل ’ڪتاب‘ ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. گهڻن سڌريل
ڪرستانن جي گهرن ۾ اهو رواج آهي ته وڏن ڏينهن تي
ننڍا ٻار پنهنجون گهُرجون ۽ مرادون هڪ ڪتاب ۾ درج
ڪندا آهن، جن مان سندن مائٽ واقف ٿي ڪوشش ڪندا آهن
انهن مرادن پوري ڪرڻ جي تيئن تنهنجون ۽ منهنجون
مرادون ننڍ پڻ جون ايشور جي ڳجهي ڪتاب ۾ درج ٿيل
آهن. جڏهين تون ۽ مان پاڻ ۾ گڏياسين، تڏهين ماڻهو
اسان جي گلا ڪندا هئا ۽ ڍنڍورو گهمائي بدنام ڪندا
هئا؛ شايد تو به مون کي فقط هڪ زميندار، جهنگ جو
رهواسي ڪري ٿي سمجهيو ۽ تو کي ايتري اميد نه هئي
ته منهنجو ادبي يا ڌرمي پاسي لاڙو پڻ هوندو. پر
ڏسُ اهڙي ڄاڻ نه هوندي به تون ۽ مان ساڳئي خيال ۾
يڪمشٽ ٿيا آهيون ۽ هينئر ائين پيو لڳي ڄڻ اُن
آدرشي زندگي پرپا ڪرڻ يا آشرم کولڻ لاءِ ئي تون ۽
مان گڏ ٿيا آهيون! جي ڪو سچي آس رکي ٿو، پوءِ توڙي
جو پنهنجي تمنا ٿوري وقت لاءِ ظاهراً وساري ڇڏي ٿو
تڏهين به اُها آس سندس اُن ويساري جي وقت ۾ خود
وڌندي ۽ ٽڙندي رهي ٿي؛ جيئن نه رڳو سج جي
روشنائيءَ ۾ پر رات جي اوندهه ۾ خود وڻ ۽ وليون
وڌندا رهن ٿا تيئن غفلت واري زماني ۾ پڻ سچا خيال
ڪجهه نه ڪجهه پرورش پائن ٿا، منهنجو مطلب هيءَ آهي
ته ڪا چِت شڪتي اهڙي آهي جو اسان جون سچيون، سوچيل
مرادون سنڀالي وٺي ۽ پوءِ جڏهين منزل کي ويجهو
اچي، پٺ تي نگاهه ڪجي ٿي ته ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي
ڄڻڪ خود اُن ظاهري ويساري جي وقت ۾ اُها شڪتي
رهبري ڪندي ٿي رهي. جيڪو وقت اسان سمجهيو ٿي ته
اسين اُن آدرش کان پري ڇڪبا پيا وڃون، اهو وقت پڻ
ضايع ٿيل ڪين هو مگر پٺتي نهارڻ سان هينئر ائين
پيو لڳي ته خود اهي وَر وَڪڙ ۽ ڏنگايو رستي طئي
ڪرڻ لاءِ ضروري هيون، ڄڻڪ سڌو ئي سڌو مالڪ اسان جو
اُها آس قبولي، اسان کي پنهنجي منزل ڏانهن وٺي ٿي
هليو! سچي صدق رکندڙ جي مٿان سندس اهڙي ئي مهر
آهي.“
***
14-9-1955ع صوفي صاحب شام جو اسان وٽ ويٺو هو. ڳالهيون ڪندي
ڪندي اهي اکر چيائين ته حياتيءَ ۾ ڪا وندر يا
وئراڳ هجي؛ هينئن ته زندگي بي مزي ٿي پيئي آهي!
وڌيڪ چيائين ته مون کي خيال ۾ هڪ قسم جو پروگرام
آهي پر حال في الحال اهڙي ڪا ڳالهه هجي جيڪا دل کي
تازو ڪري!
سام چيو: ”ٽي شيون منهنجي سمجهه ۾ خاص طور دل کي تازو ڪندڙ آهن.
انهن سان خيال جو واڌارو پڻ ٿئي ٿو. هڪ راڳ، جنهن
سان ماڻهو آنند ۾ سمائجي وڃي ٿو؛ ٻيو هڪ وڏو عشق
جنهن مان ماڻهو بي خود ٿي وڃي ٿو ۽ ٽيون ڪو سئر
هجي جو انسان کي روزاني زندگيءَ جي کوهه مان ٻاهر
ڪڍي دل چسپي وڌائي. اهي ٽيئي شيون خود حسن جي پڇاڻ
مان پيدا ٿين ٿيون. سئر به الاهي حسن لاءِ تلاش
آهي. باغ پهاڙ، نديون ۽ ٻيا اهڙا آستان ڏسي مان ته
ائين ڀائيندو آهيان ته خود اُن سائينءَ جي حسن جو
ديدار ٿو ڪريان پر سئر ۽ سفر جي وچ ۾ فرق آهي. سفر
رواجي طرح هڪ ڪشالو آهي ۽ سئر من جي موج وچان ٿئي
ٿو!“
***
23-9-1955ع صوفي صاحب اڄ ويهي ويهي چيو: ”مان خيال ڪندو آهيان
ته ڪا به چڱي شيءِ آخر گم نٿي ٿئي. پنهنجي گهر
وارن کي به ٻڌائيندو آهيان ته طيب شهر ۾ ٻيا به
سام صاحب جا عزيز وڏا زميندار هئا؛ اهي مٿس ٽوڪون
ڪندا هئا پر ڇا لاءِ جو هو ڪسي خيال جي پٺيان هئا،
يعني فقط دنيا گڏ ڪرڻ جي ڪڍ هئا، اڄ ائين ٿو ڏسجي
ڄڻ سندن نام نشان ئي ڪونه رهيو آهي ۽ هيڏانهن (سام
ڏانهن منهن ڪري چيائين) توهان هڪ سٺي خيال تي پڪا
ٿي بيٺؤ؛ پنهنجي گهر ٻار سان به چڱي هلڻ جي ڪوشش
ڪيو ۽ پنهنجو آدرش به سڀاليندا رهيؤ ته اُهي سڀ
ڪوششون توهان جون اجايون ڪونه ويون آهن. ڏکئي وقت
۾ جيڪا ٻارن کي تعليم ڏنو، اُن جو نتيجو اڄ اهو
ٿيو آهي جو هو پنهنجو پاڻ تي ڀاڙي سگهن ٿا ۽ اوهان
گهرجي چنتائن کان گهڻي قدر آزاد آهيو؛ ادبي ڪم ۾
يا اڪبر آشرم جي ڪم ۾ توهان جيڪو پاڻ پتوڙيو ۽
محنت ڪئي. ان جو ڦل به هينئر ظاهر ٿيندو ٿو وڃي ۽
وڌيڪ ظاهر ٿيندو. جيئن ڪو کوهه پڪ مان ڦاٽي ۽
تنهنجا جَر ڪڏهين ڪين سُڪندا آهن، تيئن انسان جيڪو
سچ تي محڪم رهي ٿو ۽ پنهنجي آدرش کي چنبڙيو اچي
ٿو، ان جي زندگيءَ جا جر پڻ هميشہ قائم آهن. اوهان
جيڪا پندرهن يا ويهه سال صبر سان پنهنجي خيال ۽
آدرش جي پالنا ڪئي آهي تنهن جو لاڀ ضرور ملڻو
آهي.“
***
29-9-1955ع گذريل مهيني سام جو ننڍو هڪ ڪتا
”پينوءَ جي سوغات“ ڇپيو آهي. اُهي نثري نظم جا
ٽڪرا گهڻي وقت جا لکيل هئا، مگر انهن بنسبت ۽
پنهنجي ٻين اڻ ڇپيل ڪتابن جي نسبت ۾ سام ائين
چوندو هو ته مون کي اڃا الاهي اعلان ڇپائڻ لاءِ
ڪونه ٿو اچي. سندس خيال اهو رهندو هو ته انهن
ڪتابن لاءِ ڪا مطلب سنڌي ساهتيه جي دنيا ۾ ڪانه ٿي
ڏيکارجي. مان سمجهان ٿي ته سام جو اهو به سڀاءُ
آهي ته جنهن شيءِ جي ڪڍ گهڻا پون، تنهن کان پاڻ
بنهه منهن موڙي وڃي؛ اهڙيءَ ريت پنهنجي زندگيءَ جا
ٻه واقعا هو ٻڌائيندو آهي. پهريون اهو ته گهڻا
گهڻا سال اڳ هو جڏهين ولايت وڃي، تڏهين اتي ٻن
ڏينهن جي سانده اوٽ موٽ ريلوي جي مسافري ڪرڻي پيس؛
جڏهين کيس بُک لڳي ته مانيءَ جي وقت ريسٽارنٽ ڪار
۾ ماني کائڻ ويو، پر ٻڌايائين ته اُن جي لنگهه
واريءَ گهٽيءَ ۾ اٽڪل ٽيهه يا چاليهه ڄڻا هڪ ٻئي
جي پٺيان ڳاهٽ ڪيو بيٺا هئا، جن وجهه ٿي جاچيو ته
ميز ڪا خالي ٿئي ته وڃي ماني کائون. هر ڪو انهن
مان انتظاريءَ ۾ هو ته جيئن ٻيو ڪو اڳ ۾ نه هليو
وڃي. سام چيو: ”مون کي پاڻ تي نفرت اچي ويئي جو
هينئن پيٽ جي خاطر انسان حيوان وانگر مانيءَ ۾
اکيون وجهي بيهي رهي! توڙي جو ڏاڍي بُک هيم، تڏهين
به چپ ڪري پنهنجي گاڏي ڏانهن موٽي آيس؛ جينيوا ۾
اڌ رات جو پهتس، جتي فقط چانهه نصيب ٿي ۽ تنهن کان
پوءِ وري گاڏيءَ ۾ مسافري ساڳيءَ ريت ڪيم.“
اهڙي طرح سام ٻي هڪ ڳالهه پڻ ٻڌائيندو آهي: ”ڪوي ٽئگور جڏهين
ڪراچيءَ ۾ اچڻو هو تڏهين سندس ڏسڻ لاءِ گهڻا ماڻهو
منتظر هئا. سام چيو: جنهن اميد سان اسين آياسون،
يعني ساڻس ڪنهن خلاصي ملاقات لاءِ سا اميد پوري
ٿيڻ واري ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. ماڻهن وٺي ٽئگور جي
هوائي جهاز ڏانهن ڊوڙ پاتي. انهن ۾ ڪي اديب ۽ ٻيا
چڱا ماڻهو به هئا. مون اتي گهڻ ڏسي موٽ کاڌي،
جيتوڻيڪ پوءِ هڪ دوست واٽ تان موٽائي پنهنجي جاءِ
۾ نيئي اسان جي آس پوري ڪئي. اُت ٽئگور جي مانيءَ
جو بندوبست ٿيل هو. انهيءَ ئي وقت ٻيو هڪ دوست
مونسان گڏ هيو. ان جيئن ڊوڙ ٿي پاتي تيئن مون هن
جي ڪوٽ کي پڪڙيو ۽ کيس چيم هي نمونو شانائتو نه
آهي، جنهن تي هو به پاڻ سنڀالي ويو ۽ پوءِ محسوس
ڪيائين ته ڪا به اهڙي خوشي ملهائتي نه اهي جو ان
لاءِ انساني شان وڃائي اهڙي هلڪڙائي ڏيکارجي.“
مان سمجهان ٿي ته سڀڪو جيئن اڄ ڪلهه سنڌيءَ ۾ پيو شعر وغيره
ڇپائي، تيئن سام کي اها به هڪ قسم جي گهڻ يا پيهه
پيئي نظر اچي. ٿورا ڏينهن ٿيا ته هڪ وڏي مئگزين
ڏسي چيائين ته مان جيڪر نه پسند ڪريان ته ايترن
شاعرن جي وچ ۾ منهنجو به ڪو ٽڪرو ڇپجي. ان ڪري ئي
پنهنجي خيال موجب، سام هيترا سال ماٺ ۾ رهيو آهي ۽
ڪجهه ڇپائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي اٿس!
*** |