سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 36

10-4-1959ع ڪالهه منهن جو جنم دن ملهايو ويو، جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي ته هميشهه کان هيءُ ڏينهن نرالو ٿيندو تڏهين به ائين هروڀرو ڪونه ٿي ڀانيم ته مان سڀني گهر وارن جي خيالن جو ايتريقدر مرڪز بڻجي پوندس جو 9 تاريخ سڄو ڏينهن هنن جو گويا منهنجي بلي ئي خرچ ٿيندو. ڪيتري نه پيار ۽ اتساهسان هنن سڀني منهنجي لاءِ ننڍيون ننڍيون سوکڙيون تيار ڪري ورتيون! وڏي خوشيءِ جي ڳالهه اها آهي جو ڪي مسلمان ۽ هڪ عيسائي دوست پڻ شريڪ ٿيا. پروگرام ديپن وغيره جو جيئن سام رٿو هيو تيئن ئي ٿيو ۽ اسان جي پياري ڀاءُ ماستر ”صوفي صاحب“ جي چوڻ تي تقريرون پڻ ٿيون. سام سڀني جا شڪرانا مڃيندي چيو ته هي جيڪي گلن جون ڪنڍيون وغيره آنديون اٿو انهن ۾ نه فقط هنن گلابن ۽ ٽانگر جي خوشبوءِ آهي مگر اوهان جي نازڪ خيالي ۽ پريم جي خوشبو پڻ رليل آهي. وڌيڪ پنهنجي تقرير ۾ هينئن چيائين ته هي اسان جي لاءِ هڪ خاص خوشيءِ جو ڏينهن آهي. حقيقت ۾ ڏينهن ڏينهن جهڙا آهن مگر ڪنهن ڏينهن جي ياد انسان جي دل ۾ ڪو دَور آڻي سگهي ٿي؛ ڪنهن ڏينهن جو اقرار جيوت جو هڪ نئون آرنڀ ٿي سگهي ٿو؛ اسان لاءِ هي ڏينهن هڪ پاڻ ارپن ڪرڻ جو ۽ هڪ نئين پرتگيا ڪرڻ جو ڏينهن آهي ڇا لاءِ جو اڄ منهنجي ساٿڻ هن ننڍڙي آشرم جي ’ماتا‘ جو لقب وٺي ٿي؛ هوءَ پاڻ ائين سمجهي ٿي ته مان هڪ قسم جو سنياس وٺي رهي آهيان يعني اڄ کانپوءِ ٻيو ڪجهه به آهيان يا نه آهيان مگر اول هن آشرم جي هنن ننڍڙن ٻوٽن جي مالهڻ ۽ ماتا آهيان. انهيءَ پرتگيا جي نشاني اسان اڄ هن کي هي ويس يعني هڪ خلعت جوڳيا رنگ جي پهرائي آهي؛ مان هڪ گهنگار انسان آهيان؛ مون کي ٻيو ڪو حق هن تارڪ ويس پهرائڻ جو ڪونه هو، مگر منهنجو پريم مون کي اها طاقت يا Authority ڏئي ٿو جو مان پنهنجي جيون ساٿيءَ کي هي ويس وئراڳ ۽ شيوا جو پهرايان! توهان سڀئي آسيس ڪريو ته اهي اقرار ۽ اهي مرادون اسان جون پوريون ٿين!

صوفي صاحب سام بنسبت ڪيتريون ڳالهيون چيون جي سڀني جي دل وٽان هيون. سندس تقرير جو تت سار هن ريت آهي: ”مان سام صاحب کي چڱيءَ طرح سڃاڻان؛ ننڍي هوندي کان اسين ننڍي ڳوٺ ۾ گڏ پليا ۽ وڏا ٿيا آهيون؛ گڏ تعليم ورتي اٿسين ۽ گهڻو وقت گڏ رهيا ۽ گهميا ڦريا آهيون. مون کان وڌ شايد سام صاحب کي ڪو به نه سڃاڻي. انهيءَ ڪري مان چئي سگهان ٿو ته هو هڪ اعليٰ هستي آهي؛ هن جي جاءِ ملڪ ۽ مذهب جي وڏن ليڊرن ۾ هئڻ گهرجي؛ سندس جيون ساٿي ته هڪ قربانيءَ جو پتلو آهي جنهن جي بي مثال قرباني ئي ان ڳالهه جو ڪارڻ آهي جو هي گهر ڦري هڪ آشرم ٿي پيو آهي؛ مان الله جي در دعا گهران ٿو ته هنن ٻنهي جي جيوت سڦلي ٿئي ۽ مائي  صاحب جنهن جو نالو اڄ کان وٺي ”ماتاجي“ آهي تنهن جا جنم ڏينهن شل وري وري پيا ورن!“

تنهن کانپوءِ هڪ حيدرآباد جي اديب دوست پڻ ٿورا لفظ چيا جن ۾ هن اهو ويچار ظاهر ڪيو ته سنياس وٺڻ جي معنيٰ آهي پاڻ کان الڳ ٿي ٻين جي شيوا ۾ وقت گذارڻ؛ اڄ کانپوءِ اسين ائين سمجهون ٿا ته اسان جي ڀيڻ نه فقط اسان جي دادا سام جي جيون ساٿي، پر هن آشرم جي سچي پچي ماتا آهي ۽ مان دعا ڪريان ٿو ته سندن من جون مرادون پوريون ٿين! تنهن کان پوءِ ڪجهه ڀڄن ڳايا ويا ۽ مهمانن کي رسوئي ڏني ويئي.

***

 

 

29-8-1959ع سام مون کان مهينو کن اڳ 15 جون ڌاري، هندستان ويو ۽ مان سندس پٺيان دهليءَ وڃي ساڻس 21 جولاءِ تي مليس. انهيءَ عرصي جا ڪي عجيب و غريب احوال هيٺ ڏجن ٿا:

سام پرپٺ جا آزمودا ٻڌائي چيو: ”هڪ ڀيري مون کي ڏاڍو اچي انتظار ٿيو ته توهان سڀني کي هندستان اچڻ جي موڪل ملي الاجي نه؛ اهي پڻ احوال ٻڌان پيو ته سکر ۾ درياءَ کي زور آهي؛ جي اڳي وانگر زور وٺي يا ليٽ نڪري يا ٻي ڪا آفت اچي ته هڪ ٻئي کي پهچڻ به اهنجو ٿي پوي! تڏهن هميشہ جي دستور موجب ٻيو چارو نه ڏسي اُن سروشڪتيوان وٽ پرارٿنا ڪيم جنهن جي هيءَ سڄي رچنا رچيل آهي؛ يعني چنتائون ڇڏي پرارٿنا ڪري ان آتمڪ شڪتيءَ کي جاڳائڻ جو ارادو ڪيم؛ اهو خيال آيو ته منهن توهان جي طرف ڪري توهان سڀني کي دعا موڪليان. ان نموني دل کي سڪون ٿي مليو؛ پر خيال ۾ اڳ ۾ ئي سچيتائي ڪانه هئي جو ائين کڻي ڪريان ته ڪهڙي پاسي اتريا اولهه ٿيندو؛ پوءِ ائين کڻي اکيون ٻوٽيم، پريئر بعد ڏٺم ته منهن ازخود لاڙڪاڻي جي طرف ٿي ويو هو.“

دهليءَ ۾ منجهند جي ماني هڪ هنڌ ته رات جي ٻي هنڌ هئي. مان پنهنجي ڀيڻ وٽ ٽڪيل هيس ۽ سام پنهنجي پٽ وٽ. دهليءَ جا فاصلا به وڏا آهن. منهنجي ڀيڻ جي جاءِ پراڻي شهر ۾ هئي. جيتوڻيڪ جاءِ سوڙهي نه هئي تڏهن به اتهان جو ماحول دل کي خوش ڪندڙ نه هو. ڪجهه وقت سام کي منجهند جو ۽ شام جو اچ وڃ تي پيو لڳي. انهيءَ هوندي پڻ مون کي مزو ڏاڍو پيو اچي پر منهنجي ڀيڻ سڄو ڏينهن گهر ۽ ٻارن جي ڪمن ۾ خفي خفي ٿي نظر آئي؛ هوڏانهن منهنجي باري ۾ اجايون چنتائون ٿي رکيائين ۽ سام کي پنهنجو سڄڻ نه ٿي سمجهائين. آخر اهڙي ماحول ۾ رهي رهي هڪ ڏينهن هڪ ٿوري ڳالهه تي سام ناراض ٿي هليو ويو؛ ڄڻڪ گڏيل اثر هيترن ڏينهن جي ڇڪتاڻ جو مٿس اوچتو اچي پيو. هن وري اتي اچڻ کان انڪار ڪيو جنهنڪري مون کي ڪيتري مفاصلي تي ساڻس وڃي پراڻي قلعي ۾ ڪن دوستن وٽ ملڻو پيو.

اُتي هڪ غريب ڇوڪري رهندي هئي جنهن کي ننڍي هوندي ڪڏهن ٿوري خرچي ڏيندا هئاسون ۽ ٿوري مدد ڪندا هئاسون. انهيءَ سام کي هن مونجهاري ۽ گرميءَ جي وقت ۾ ڪوٺ ڏني ته مون وٽ قلعي جي مٿان هلي ويهو. اُتي هڪ کهرن پٿرن سان اڏيل هڪ دريءَ ۽ هڪ در واري ننڍي ڪوٺڙي هئي جا هڪ جابلو غفا وانگر پيئي لڳي. ٻئي پاسي کان جمنا جو نظارو هيو. سام مٿي چڙهڻ سان انهيءَ ڀونگيءَ ۾ ايترو ته خوش ٿي ويو جو ڪو محلاتن ۾ گهرڻ سان به مشڪل ٿئي. چيائين: ”قدرت جا نظارا ڪيترا نه راحت بخش آهن! تن ۽ من جا مرض ڇٽايو ڇڏين. انسان پاڻ کي ڪوڙن سکن جي ڳولها ۾ قدرت کان پاڻ ڇني ڪيترو نه غريب بڻايو آهي! جو سک عيش ميسر ڪري نه ٿو سگهي سو هي قدرت جا نظارا اڻ ميو ڏين ٿا ۽ هيءَ غريباڻي جهوپڙي ته هڪ سچو پچو مندر ثابت ٿي آهي. اسان ٻنهي جي وچ ۾ جيڪا بند ماحول جي پئدا ڪيل مايوسي هئي سا هڪدم ڪافور ٿي اڏامي ويئي.“

***

 

 

پوءِ هڪ ڏينهن هردوار گهمڻ وياسون. هردوار ته هرڪو پيو وڃي ۽ گنگا ۾ به هر ڪو پيو اشنان ڪري، مگر اسين سمجهون ٿا ته اسان هردوار ۽ لڪشمڻ جهولو سچي روپ ۾ ڏسي آياسون. سام کي هردوار ڏٺي گهڻا سال ٿي ويا هئا ۽ مون کي ڏيکارڻ جو ارادو به هيس. انهن ڏينهن ۾ هڪ ميلو هردوار ۾ هيو جنهن ڪري ياتري به گهڻن پاسن کان اچي رهيا هئا. سام گنگا ۾ اشنان به نه ڪيو ڇا لاءِ جو کيس بخار ۽ زڪام جو اثر هيو پر هونئن گويا ياتري ڀاوجي درياهه ۾ هر وقت ٽٻيون ڏيئي رهيو هو. فيصلو ڪيوسون ته لڇمڻ جهولي ڏانهن ٻين ياترين سان گڏجي وڃون. ڪار ۾ نويڪلائي ٿئي ها پرهي جو گنگا ماتا ۽ هري ڀڳتيءَ جا گيت ياتري ڳائيندا پيا هلن سي انهيءَ وڏ ماڻهپ جي نموني هلڻ سان ڪونه نصيب ٿين ها. ويتر جو لڇمڻ جهولي پهتاسون ته سام بي حد خوش نظر آيو؛ جسماني طور زڪام ۽ بخار جي ڪري نٻل ٿي لڳو پر چيائين ته هيءَ شرديڪ نٻلائي خود اڄوڪي ياتريءَ ڀاؤ کي وڌائي ٿي ۽ مان پاڻ کي پورن ريت هڪ مسافر ٿو سمجهان. جيئن جيئن وک وک ڪري 4 يا 5 ميلن جو فاصلو اوٽ موٽ طئي ٿي ڪيوسون تيئن اندروني طرح هڪ نرالي ڀاؤ ۾ وڌندا ٿي وياسون. منهنجو شرير پڻ ٿڪل هو. ان ٿڪ ۾ مون سام جو خيال چٽيءَ طرح جهپي ورتو ته ڪيئن نه اُن ڏينهن جي شريرڪ نٻلائي اسان کي ويچارو ويچارو سمجهڻ ۾ ۽ پاڻ کي هڪ لاڏو مسافر ڪري ڏسڻ ۾ مدد پئي ڪري.

سام لڇمڻ جهولو اڳي ڪونه ڏٺو هو. وڻ راءِ ۾ ٻنهين پاسن کان ’سورگ آشرم‘ جي رستي تي ساڌن جون ڪٽيائون ٺهيل هيون؛ سام ڏسي اُتي اچرج ۾ اچي ويو. چيائين ته هي رستو يا هن جهڙو مون وري وري پنهنجي خوابن ۾ ننڍي هوندي کان ڏٺو آهي ۽ ائين ڀائيندو آهيان ته مون پنهنجي اڳين جيون اِتي يا اهڙي ڪنهن ڪٽيا ۾ ختم ڪئي آهي؛ هن رستي جي انهيءَ خواب واري رستي سان ۽ هنن ڪٽيائن جي منهنجي خيال وارين ڪٽيائن سان گهڻي مشابهت آهي. پر مان سمجهان ٿو ته بدري نارائڻ ڏسڻ کان اڳ سورهن آنا خاطريءَ سان مان چئي نه سگهندس ته اهو هي آهي يا بدري نارائڻ ۽ ڪندارناٿ واري رستي سان ملي ٿو. ڇا لاءِ جو انهيءَ ۾ اگهاڙي پهاڙ مان ويندڙ رستو پڻ مان خواب ۾ ڏسندو آهيان مگر هنن پاسن جا ساڌو ۽ ڪٽيائون شايد سڀ هڪ جهڙائي هجن. بدري نارائڻ وارو رستو پڻ ڏسڻ کپي. ٿي سگهي ٿو ته انهن ڀاڱن ۾ اسان کي ڪو نرالو تجربو حاصل ٿئي!

تنهن بعد جيئن اڳتي وڌياسون ته هڪ ساڌوءَ جي ڪٽيا نظر آئي؛ هڪڙو ماڻهو اُن وقت ٻه انب هڪ ساڌوءَ کي انهيءَ ڪٽيا ۾ ڏيئي رهيو هو. اهو ساڌو هڪ مجذوب ٿي ڏيکاريو. ساڌوءَ اُهي ٻئي انب ڦٽا کڻي ڪيا ۽ چيائينس ته کڻي وڃ؛ مان ڇا ڪندس؟ عين انهيءَ وقت تي سام به ساڌوءَ ڏانهن نظر ڪئي ۽ مان به دروازي جي سامهون بيٺي هيس. ساڌوءَ امالڪ خيال ڦيرائي اسان کي سڏ ڪيو ۽ چيائين اچو؛ هي انب کڻي وڃو! سام مون کي چيو تون وڃي کڻي اچ ۽ پڇينس ته توکي ڪجهه کپي. انهيءَ وچ ۾ سام جي دل ۾ هڪ شنڪا پيدا ٿي ته جيڪڏهين ڪجهه گهريائين ته سمجهيو ته هڪ لالچي ساڌو آهي. انهيءَ مست پهريائين منهنجي آڇ ڪرڻ تي مون کي چيو ڀل جيڪي وڻيئي سو ڏي! پر ڄڻڪ سام جي اندرئين خيال مان واقف ٿي وري چيائين: ”لي جاؤ، مجهي کچهه نهين چاهيئي.“ تنهن کان پوءِ سام چيو ته  هي خيال مان توکي سببن ۽ ثابتين سان سمجهائي ڪونه ٿو سگهان. مگر مون کي اندروني يقين آهي ته هنن ساڌن ۽ هنن پسگرداين سان منهنجو اڳوڻي جنم جو گهاٽو سنٻنڌ آهي. هن توکان پهريائين ڪجهه وٺڻ قبول ڪيو ڇا لاءِ جو سمجهيائين ته تو پنهنجي دل سان اها آڇ ڪئي. هوڏانهن هن مائيءَ جا انب نه ٿي قبول ڪيائين جو هن شايد ڪو اولاد جو يا ٻيو ڪو ٻاهريون مطلب من ۾ رکيو هوندو.

*** 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org