سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 19

2-5-1952ع سام ڪيترن ڏينهن کان ان ايندڙ سمي جو ذڪر ڪندو آهي، جڏهين سندس گرهست آشرم جو معياد پورو ٿيندو. اسان سڀني کي پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، تنهن لاءِ مون کان ۽ پنهنجي ويجهن دوستن کان بعضي بعضي صلاح پڇندو آهي. صوفي صاحب (مسٽر ڌڻي بخش) جي صلاح لاءِ هن سندس اڳيان ٻه خيال رکيا، هڪڙو هي، ته هڪ ننڍي ٽولي سان ٻه سال کن سڄي ديش جو پيدل چڪر هڻجي، جنهن سان گڏ ڪو شيوا جو ڪم به پيو ڪجي، جهڙوڪ بيمارن کي دوائون ڏيڻ، ڳوٺ ڳوٺ جي سوالن، اهنجن، گهرجن ۽ گهٽتائين وغيره مان واقف ٿيڻ ۽ انهن لاءِ ماٺيڻي نموني آواز اُٿاري ڪو حل لهڻ؛ سئڪلو اسٽائيل يا لٿو پاڻ سان کڻي پنهنجي  سير ۽ پروگرام بابت هڪ ننڍو بليٽن وقت بوقت ڪڍڻ وغيره؛ ٻيو هي، ته شانتي پوروڪ نموني ٻه سال کن سهڻا آسنتان ڏسندا، الله جو نالو وٺندا، ڳائيندا، بجائيندا، سير ڪندا رهون، تنهن بعد ڪو سٺو آسٿان چونڊي ان ۾ پڪو ديرو يعني آشرم اسٿاپن ڪريون.

صوفي صاحب کي هي پويون خيال وڌيڪ وڻيو ۽ چيائين: ”رسالو ڇپڻ يا ڪو انتظامي ڪم هٿ ۾ کڻڻ سو هڪ قسم جو ٻنڌن ٿي پوندو!“

سام جڏهين مون کي صوفي صاحب جا خيال ٻڌايا، تڏهين مون کيس چيو: ”جيڪا اسان کي ڏات مليل آهي، سا وساري ڇڏڻ ۽ اُن کي خاص اوزار ڪري ڪم نه آڻڻ سو به ته گناه آهي.“

سام وراڻيو: ”اهو خيال هڪ پاسي ۽ ٻيو خيال هي به آهي ته اسين هن اوسٿا ۾ پاڻ ته کڻي شانتيءَ واري زندگيءَ ۾ خوش رهون ۽ ان کي خود هڪ قسم جو پرشارٿ ڪري سمجهون، ان لاءِ جو شانتيءَ ۾ رهڻ پڻ هڪ پورو عمل آهي، پر ٻيا سنگتي جيڪي گڏ هلندا يا پوءِ آستان تي مڙي گڏ ٿيندا، انهن سڀني لاءِ ڪو ڪم يا وندر ضروري آهي، جو متان ڪو ماٺ واريءَ زندگيءَ ۾ اتساه وڃائي ڪرم ۽ گيان جي مارڳ کان ئي ٽڙي وڃي؛ ڇا لاءِ جو ڪم يعني عملي زندگي ۽ گيان جي کوجنا آتما جي وڏي ٽيڪ آهن، جنهن بنا زندگيءَ ۾ ديوانگي ۽ خط هڪ پاسي وڌي ٿو ۽ بريون منشائون ٻئي پاسي پيدا ٿين ٿيون. پنهنجو وقت پڻ بي خيالي واد وواد يا اجائي چؤ ٻول ۾ پيو ضايع ڪجي، تنهن کان بهتر آهي ته ڪا ٽيڪ نيم ۽ ڪرم جي هجي؛ ان سوال تي ڳوڙهي خيال ڪرڻ جي ضرورت آهي.“

پرشارٿ جي اصول سمجهائيندي، سام وڌيڪ هينئن چيو: ”ڪرم ۽ ڪوشش جو تاڪيد آتما جي اُڌار لاءِ شاسترن ۾ ڪيل آهي. سو ٻاهرين نموني يعني اکري طرح سڌِ پرشن سان لاڳو نه آهي؛ جو پرش سڌي ۽ سڌيءَ وڃان شانتي حاصل ڪري ٿو، سو خود هڪ وڏو ڪم سرانجام ڪري ٿو يعني اِها شانتي خود پريشان جو ڦل آهي مطلب هي آهي ته عام طرح جو ماڻهو ڪنهن ننڍي خيال وچان يا سنتي وچان ڪم ڪار فٽي ڪري چوندا آهن ته جيڪي ڪندو سو ايشور پاڻ ڪندو انسان جي هٿ ڪجهه نه آهي سو خيال غلط آهي. ڇا لاءِ جو تمنا پنهنجي ڪاريا پوري ڪرڻ جي هر انسان جي اندر ۾ رهي ٿي فقط ڪي پنهنجون بار لاهي الله تي ڦٽو ڪن ٿا ۽ اِها پنهنجي واٽ سراٽ پسند ڪن ٿا جنهن ۾ حيلو گهٽ ڪرڻو پوي. انهيءَ قسم جو ترڪ يا سنياس گهڻو ڪري آلس وچان پيدا ٿئي ٿو، پر سڌ پرش جڏهين ظاهري ڪرم ترڪي ٿو تڏهين اندروني کيتر ۾ يعني امنگ ۽ آتمڪ خيال ۾ پاڻ وڌيڪ چست رهي ٿو؛ شانتيءَ دوارا هن جو اندروني عمل وڌيڪ سڦلو ٿئي ٿو؛ هو فقط ڪرم جي ڦل جو تياڳ ڪري ٿو، ان ڪري شانت نظر اچي ٿو؛ مگر جوڳي ڪرم کان عار ڪرڻ سو هرگز جائز نه آهي. اها شانتي حاصل ڪرڻ آتما جو وڏي ۾ وڏو ڪرم آهي. رواجي طرح ئي ماٺ ۾ رهڻ ڪيڏو نه اهنجو ڪم آهي! ياد اچي ٿو ته جڏهين مان ولايت ٿي ويس تڏهين گهڻو وقت اڪيلو وڌيڪ ڊيڪ تي يا جهاز ۾ پنهنجي ڪيبن اندر گذاريندو هيس. گڏ هلندڙ هڪ دوست چيو: ڇا يار! سڄو ڏينهن چپ ۾ ويٺو آهن؛ نه ڪم نه ڪا وندر! تڏهين فلسطين جي هڪ گڏ سفر ڪندڙ دوست ان کي چيو: ’توهين ته ائين ٻه ٽي ڪلاڪ چپ ۾ رهي ڏيکاريو!‘

”من جي شانتي حاصل ڪرڻ ۽ رواجي طرح ماٺ ۾ رهڻ.، انهن ٻنهي حالتن ۾ وڏو فرق آهي. رواجي ماٺ سمجهو کڻي ته هڪ بي جان جنس آهي؛ پر جنهن کي سچي شانتي چئون ٿا سا ڪرم رهت يعني ڪرم کان خالي نه آهي. فقط ٻنهي جو روپ هڪ جهڙو آهي. يعني ماٺ ۾ رهڻ ۽ سنتشٽ رهڻ ٻاهرين طرح هڪجهڙيون حالتون لڳن ٿيون پر ظاهري ماٺ ۾ چنتا ۽ جلن لڪل رهي سگهن ٿيون؛ هوڏانهن سچيءَ شانتيءَ ۾ چنتا ۽ جلن تمنا جي ڪابه ڪانه ٿي رهي ظاهري ماٺ نشي جي حالت ۾ به ٿي سگهي ٿي ۽ منجهس غفلت جا آثار رهي سگهن ٿا، مگر سچي شانتي بي خبر نه آهي. انهيءَ جي ڀيٽ رواجي ماٺ (Inactivity) سان ڪري نٿي سگهجي. پر رواجي طرح بي حرڪت رهڻ يا ماٺ ۾ رهڻ، سوپڻ ڪيڏو نه اهنج ساڌن آهي! اٺ پهر ته ٺهيو پر اٺ گهڙيون به ڪو زماني جي ڪمن ۾ ورتل ماڻهو مشڪل ماٺ ۾ رهي سگهي ٿو! حيراني ۽ پريشاني ڪرم جي ڪماليت جي ڪا نشاني نه آهي. انهن کان آجو ٿيڻ ۽ من جي شانتي هٿ ڪرڻ سوئي سچي ڪماليت ڏيکاري ٿو؛ سوئي سچو پرشارٿ جو مارڳ آهي.“

***

 

 

5-5-1952ع هن ڊائريءَ مان ڪجهه ٽڪرا پڙهي صوفي صاحب ڏاڍو خوش ٿيو؛ چيائين ته هي سچ پچ هڪ وڏو گرنٿ اٿو؛ مان هڪ هڪ لفظ چڱيءَ طرح سمجهان ٿو؛ هت هڪ هڪ اکر کي معنيٰ آهي ۽ پنهنجي جاءِ تي پورو آهي.ان بنسبت وڌيڪ ڳالهائيندي چيائين: ”سچ پچ هن جهان ۾ ڪو ڪنهن جو کائي ڪونه ٿو وڃي؛ ڪنهن نه ڪنهن نمونيءَ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح، خدمت جو فائدو هر ڪنهن انسان کي ملي ٿو وڃي.“ سام سندس اشارو نه سمجهيو ۽ چيائين: ”ائين برابر آهي؛ ٻيو نه، ته به کارائڻ يا خدمت ڪرڻ جي خوشي آڳلي کي ڏيڻ ۽ اهڙي ريت صحبت جو مزو وڌائڻ سو به هڪ قسم جو عيوض يا موٽ ئي آهي.“

تڏهين صوفي صاحب وري پنهنجي خيال کي وڌيڪ کولي ٻڌايو: ”منهنجو مطلب هي آهي ته توهان جو ڊاڪٽري ڌنڌو ڪري، سڀ ڪجهه سام صاحب اڳيان آڻي رکو ٿا ته هو به توهان کي موٽ ۾ ڪجهه ڏئي ٿو؛ يعني ساڻس گڏ رهي سندس صحبت مان گيان جيڪو توهين حاصل ڪريو ٿا، سو هڪ اُتم خزانو آهي.“

سام چيو: ”اسين ائين به ڪونه سمجهندا آهيون ته ڪو جيءَ منهنجي لاءِ ڪمائي ٿي يا مان ٻئي ڪنهن جي لاءِ ڪم ڪريان ٿو. جڏهين خيال خيال سان ملي ٿو، تڏهين حياتي هڪ قسم جو گڏيل يتن يا ياترا ٿي پوي ٿي. ويتر منوءَ کي ته پئسي جي ڳالهين ۾ چاه ننڍي کان ڪونه آهي. جيئن منهنجي ماتا صاحب هڪ پئسو به پاڻ وٽ ڪونه رکندي هئي ۽ اسان جي وڏي ماتا کان گهري وٺندي هئي، جيتوڻيڪ بابي جن جو ڪافي پيار مٿس هو، تيئن منو به ٽڪي جا پڪوڙا گهرائيندي آهي ته مون کان ئي وٺندي آهي؛ منهنجي خيال کي جاچي ڏسندي ۽ پوءِ منظوري گهرندي آهي، حقيقت هينئن آهي ته پريم جي زندگي هڪ وڏو خزانو آهي؛ ٻيو جيڪي انسان مال يا ڌن گڏ ڪري سو فقط دل کي دلاسو آهي يا جيئڻ جو هڪ بهانو آهي.“

***

 

 

7-5-1952ع موٽر ۾ گڏ رتيديري جي طرف زمينن ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. مون سام کي چيو: ”ايشور جي اڇا ڏسڻ ۽ اُن تي ئي آسرو رکڻ، سو ڪهڙو نه سٺو خيال آهي.“

سام چيو: ”حياتيءَ جي بازي هڪ طرفي کيلي نٿي وڃي؛ ٻٽي بازي آهي. چڱاين براين، اهنجاين سهنجاين ۽ دکن سکن سڀني کان مٿي چڙهڻو آهي. جڏهن لڱائي چڱائيءَ ۾ ساڳيو رام ڏسجي ۽ سندس اڇا جي اها ٻٽي کيڏ ڪري سمجهجي، تڏهين ئي جيءَ کي مونجهاري کان ڇوٽڪارو ملي ٿو، نه فقط حياتي جي مسئلن کٽڻ ۾ مگر هارائڻ ۾ پڻ ڀلائي سمجهجي! هر نتيجي لاءِ تيار ٿيڻ يعني ان تي راضي رهڻ، سو آهي پنهنجي من جو بوجو لاهي ايشور تي رکڻ ۽ آتما جو سچو آڌار ڪرڻ. ڪڏهين نه رڳو ڏيڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي پر بيکاري ٿي بيک مڱڻ ۾ به. ڪڏهين تياڳ يعني موهه ڇڏڻ ۾ ته ڪڏهين محبت وچان پاڻ اٽڪائڻ ۽ ناتي نڀائڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي. انجڻ ۾ هڪڙو وزن پوري ڪرڻ جو چڪرو (Balancing Wheel) ٿيندو آهي. سنتوش من جي انجڻ جو اهو چڪرو آهي؛ ان سنتوش بنا سنتوش جيڪو ’هري اڇا‘ واري خيال ۾ سمايل هجي جيون جي مڪتي ٿيڻ مشڪل آهي.“

***

 

 

اڳي هلي مون سام کي چيو ته ٻيو به ڪجهه ٻڌايو ته اهڙو ڪو خيال هجي جو مان سمجهان ۽ پوءِ ڊائريءَ ۾ لکان.

سام چيو: ”اهڙيون ڳالهيون هٿرادو نموني ڪين ٺاهبيون آهن؛ جڏهين دل تي چڙهي اينديون آهن، تڏهين ئي چئبيون آهن. ويتر اڄ طبيعت ٺيڪ نه آهي. دل جا امنگ خيال جي اونهائيءَ ۽ طاقت (Energy) جي گهڻائي مان پيدا ٿيندا آهن. اڄ گهڻو ٿڪ محسوس ڪريون ٿا. سمجهه ته حسن طاقت جو ٻيو روپ آهي. نٻلائيءَ مان ڪوبه سهڻو خيال پيدا ٿي نه سگهندو آهي. سندرتا آتمڪ ۽ شريرڪ صحت ۽ احساس جي ڪماليت مان پيدا ٿئي ٿي.“

مون کلي چيو: ”خير ڪيئن به هجي؛ مونکي ته پنهنجو گهربل کاڌو اڄ لاءِ ملي چڪو.“

***

 

 

شام جو جيئن سج است ٿيندو ڏسي رهيا هئاسين تيئن سام سورج کي نمسڪار ڪري[1] ڪجهه دير بعد مونکي چيو: ”قدرت جي زندگي سچي زندگي آهي. قدرت جا نماءُ ۽ نظارا ڏسي انسان جو من ٺڪاڻي اچي ٿو. سنسار جي ستائيندڙ شڪاري خواهش کان بچي، گهڙي پل آتما ڄڻڪ قدرت جي شوڀا ۾ اوجهو وٺي ٿي؛ انسان جو روح، سج، چنڊ، تارن، سمنڊ، پهاڙن ۽ برپٽن جا نظارا ڏسي پاڻان مٿي چڙهي وڃي ٿو. وڏي شيءِ جي ڀيٽ ۾ ننڍڙي شيءِ رکجي ته ٻنهين جو سچو وزن يا اهميت ۽ ٻنهين جو مقدار ظاهر ٿي پوي ٿو. سنساري زندگيءَ جي چنتائن ۽ سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارين وغيره کي هن قدرت جي ڪرشن اڳيا رکجي ته انهن جي ملهه جي جلد خبر پئجي ويندي. قدرتي نمائن يا نيمن مان جيڪا دلي راحت ۽ شانتي حاصل ٿئي ٿي تنهن جي ڀيٽ ۾ هي ننڍڙيون ڪاميابيون خواهش جي کيتر ۾ تڇ پيون لڳن. اُن ڪري قدرت سان وهنوار ۽ واهپو رکڻ سو به هڪڙو سچي تياڳ جو رستو آهي. ايشور جي سونهن کي سارهائڻ، قدرت جا نيم سمجهڻ ۽ انهن مطابق رهڻ سان بيڪار ترشنائون هٽي وڃن ٿيون ۽ انهن جي ستائڻ کان آتما آجي رهي ٿي.“

***

 

 

  12-7-192ع سام ڪيترن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ ويل هو، جيتوڻيڪ وچ ۾ ٿورا ڏينهن هٿ موٽي آيو هو، تڏهين به سندس جدائيءَ ۾ اڪيلائيءَ جو ايترو اثر منهنجي صحت تي پيو جو مان اڃا پاڻ کي ٺيڪ نٿي سمجهان؛ ائين هميشہ ٿيندو آهي جڏهين هو مهينو کن سال ۾ ٻاهر ويندو آهي؛ منهنجو وزن گهڻو گهٽجي ويندو آهي ۽ ٻاهران موٽڻ تي کيس منهنجي صحت جي چنتا ڪرڻي پوندي آهي. ان جو خاص سبب شايد اهو هجي جو مان پنهنجي نيمن تي رهي ڪونه سگهندي آهيان ۽ نه اڪيلائيءَ ۾ واجب سمجهندي آهيان نه ڪو کاڌي پيتي جا خاص بندوبست ويهي پنهنجي لاءِ ڪريان. هينئر هو پرديس ڪين ويو هو، تڏهن به منهنجي صحت ۾ هميشہ کان گهڻو بگاڙو آيو. اڄ هتان جي ڪليڪٽر صاحب کي موڪل لاءِ چيم ته صحت جي سڌاري ۽ عزيزن جي ملڻ لاءِ مونکي مهينو کن ڇڏيو ته مان هندستان مان گهمي اچان. هن ڊاڪٽرن جي ٿورائيءَ جو بهانو ڏيئي انڪار ڪيو. ان مان هڪ قسم جي نا اميدي ۽ گڏوگڏ هڪ خوشي پڻ پيدا ٿي. خوشي ان ڪري ٿي جو چيم ته سام وري جلد ٻاهر ڪونه ويندو ۽ اڪيلو رهڻو ڪو نه پوندو. سام چوندو آهي ته بنديخاني ۾ يا مجبوري واري حالت ۾ دل جي ويجهڙائي پاڻ وڌندي آهي، سڄو ڏينهن پيا پاڻ ۾ پڙهون ۽ ڀڃن ڳايون ۽ ڪٿائون ڪريون. ان کان وڌيڪ مون لاءِ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي؟ هت ٻيو ڪو مائٽ مٽ اسان جو ڪونه آهي، تنهن ڪري هيءَ اڪيلائيءَ خود هڪ وندر آهي. هن وشيه جي سنٻنڌ ۾ سام هڪ ڳالهه دهرائي جا هن ڊائريءَ جي 180 ۽ 181 صفحي تي ڏنل آهي ۽ چيائين: ”ٻيون واٽون پنهنجي من جون بند رکي پنهنجي پريتم ڏانهن لاڙو رکڻ، سوئي کيس پائڻ جو ڪارگر رستو آهي.“

هت جيئن نه رهيو آهي ڪو مائٽ، نه سوسائٽيءَ ۾ مزو، سڀ ڳالهه کان من موڙي پاڻ ۾ مزو وڌائڻ ئي اُداسائيءَ جو هڪ علاج آهي. هڪ پاسي سام ته ٻئي پاسي کان آهي رام. پوءِ هن ”جيتامڙي“ لاءِ مڙيوئي مزو نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڪم ڪار ڪري اچي ٿي ست سنگ جي شرن وٺان. ٻي چنتا ڪابه ڪين ٿي رکان. پڙهندڙ! اچ ته اڄ گڏجي سام سان هي سلوڪ اچاريون: ڀڳوانم شرنم گڇامي، ڌمم گڇامي، سنگهم شرنم گڇامي.

]يعني: ڀڳوان جي شرن مون ورتي آ، ڌرم جي شرن مون ورتي آ، ست سنگ جي شرن مون ورتي آ.[ 

***

 

 

24-7-1952ع مون سام کي چيو ته هاڻي سنساري جيوت ۾ گهڻو عرصو گذاريو اٿئون. خبر نه آهي ڪڏهين اسان جي آشرم اسٿاپن ٿيندي. جتي باقي وقت ڪنهن سٺي نموني ۾ گذاربو.

سام چيو: ”جيڪڏهين آشرم جي آس به دل جي ستائيندڙ خواهشن مان هڪڙي بڻجي پوي ته اها چڱي نه ٿيندي. ٿڪل انسان هميشہ آرام جون جايون ڳوليندو آهي؛ اُڃو پاڻيءَ جي ۽ بکيو کاڌي جي چاهنا رکندو آهي. سنساري جيوت ۾ گهڻو وقت رهي ستنتر زندگيءَ جي پياس وڌندي آهي؛ پر اندر جاچي ڏٺو اٿيئي ته هيءَ آشرم جي پياس سستي ۽ آرام جي زندگيءَ جي پياس ته نه آهي؟ جيتري قدر مان سمجهان ٿو، اها آشرم جي زندگي به مسئلن ۽ مشڪلاتن کان خالي ڪانه رهندي! پر تو شايد ان کي هڪڙو سرڳ يا آرام گاهه ڪري سمجهيو آهي.“

مون پڇيو: ”ڇا ستنتر زندگي مزي ۽ موج جي زندگي نه ٿيندي؟“

سام چيو: ”ٿيندي؛ پر اهو مزو يا آنند اسان کي مشڪلاتن هوندي به ملڻ کپي؛ مشڪل مسئلن حل ڪرڻ سان پاڻ وڌيڪ جلد حاصل ٿئي ٿو.“

ٿوري وقت بعد وڌيڪ چيائين: ”سڀ ڪنهن سنسٿا کي ڪو خاص سنيهو هئڻ گهرجي. جيستائين اهڙي سنسٿا دنيا اڳيان ڪو نئون سنيهو، ڪو گيان جو مارڳ يا شيوا جو اصول پيش نٿي ڪري، تيستائين انهيءَ کي وجود ۾ رهڻ جو اڌڪار ڪونه آهي. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته اسان جي آشرم کي به ڪو خاص مقصد ۽ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو خاص اوزار هئڻ گهرجي. انهن ٻنهي لاءِ تو اڳواٽ ڪهڙو ويچار ڪيو آهي؟“

سام وري چيو: ”جيڪڏهين اهو مقصد اسان جو خيال کي جاڳائڻ يا ڀلائيءَ جو روتاءُ وڌائڻ يا قدرتي قانون واري زندگي برپا ڪرڻ کڻي چئجي ته ان جي اوزارن مان قلم به هڪڙو ٿي سگهي ٿو. تنهنجي لکيل ڊائري ۽ اسان جا ٻيا ڪتاب سڀ اوزار بڻي سگهن ٿا. صحبت يا ست سنگ سو ته برابر سڀ کان اڳ ۾ آهي، پر هن پريس جي زماني ۾ ائين قبول ڪرڻو پوندو ته جيڪڏهين اُچاريل اکر کي ڪو ملهه آهي ته لکيل اکر ۾ پڻ ڪو تاثير آهي. گذريل زماني جي ساڌن سنتن جو خاص اوزار هو، واد وواد، يا گيان ۽ ڀڄن ڀاوَ وغيره. مگر اڄوڪي زماني جي ساڌوءَ لاءِ قلم پڻ هڪ اوزار آهي. ايترو مان قبول ڪندس ته منهنجي من ۾ به خاموش رهڻ جي سخت تمنا آهي. ڪڏهين ڪڏهين ائين چاهيندو آهيان ته باقي عمر جو عرصو ڪنهن دور ياترا ۾، ڪنهن سندر آستان تي، يا ڪنهن گفا ۾ گمنام ئي گذارجي. مگر وڌيڪ خيال ڪرڻ تي وري ڏسندو آهيان ته ساڌوءَ کي هڪ ايماندار سپاهيءَ وانگر پنهنجا هٿيار تيستائين ڦٽا ڪرڻ نه گهرجن جيستائين سندس هٿ ۾ کنيل ڪم پورو نه ٿيو آهي يا کيس پنهنجي مالڪ جو اهڙو امر نه مليو آهي. جڏهين اهڙو وقت ايندو، تڏهين سندس اوزار سندس هٿن مان ٻيا وٺي ويندا ۽ سندس سهاري هيٺ، سندس جيئري يا سندس موت بعد به، سندس کنيل ڪم اڳتي وڌندو رهندو. سڌ رکڻ فقط بس نه آهي. سڌ جاڳي تنهن بعد ويچار يعني رٿ ڪرڻ ۽ ڪنهن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. رٺ جڏهين ڪا سهڻي ٺهي اچي؛ تڏهين سمجهو ته اُديم جي شروعات آهي. پهرين ڳالهه آهي پاڻ ارپڻ ڪرڻ. پر اسين سڌ ڪري دل کي بهاري ڏئي وري ماٺ ڪري ويهي رهون ٿا. مان به 25 سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ ان نئين زندگيءَ جا روپ ۽ خيال ڏسي رهيو آهيان. ان جي اسٿاپن ڪرڻ لاءِ گهڻا ڀيرا ڪوشش پڻ ڪئي اٿم. مگر ٻيا سڀ ڪم پري رکي جيستائين خاص ڌيان ان ڏانهن نه ڏيو. تيستائين گهڻو ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو. روز روز سمهڻ وقت اها دعا پڻ گهرندو آهيان ته شل زماني جي گردش ۾ اها ڳالهه دل جي وسري نه وڃي! ننڍي وڏي ڪم ۾ پڻ اها آس رکندو ايندو آهيان ته انهيءَ ۾ ڪاميابي يا شڪست سي ٻيئي اڻ ستنتر زندگيءَ جي آدرش ڏانهن شل وڌيڪ قدم ثابت ٿين. اسان کي سنساري ڪمن ۽ جوابدارين ۾ پڻ ڪاميابي ان لاءِ چاهڻ گهرجي ته منجهائن اسان جي آدرش وارو ڪم وڌي سگهي . تون ۽ تنهنجي زندگي پڻ مان سمجهندو آهيان ته ان آدرش جي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ايشور جي طرفان هٿيار مليل آهن. ائين نه آهي ته توکي حاصل ڪرڻ وقت مون ڪو اهو ارادو من ۾ رکيو هو، مگر جيئن جيئن ڏينهن  گذرندا وڃن ٿا، تيئن تيئن ظاهر ٿيندو وڃي ٿو ته تنهنجو ۽ منهنجو ملڻ نه اسان جي شخصي سک لاءِ آهي مگر ڪنهن آدرشي ڪم لاءِ آهي. انسان جيڪي مرادون دل ۾ رکي ٿو، تن کان اڪثر قدرت جي رٿ نرالي آهي. مثلا انسان خواهشن جي پوري ڪرڻ يا شخصي سک لاءِ يا پريم وچان شادي ڪري ٿو، مگر قدرت جي وڏي رٿ ان ۾ انساني واڌاري جي آهي. اهڙيءَ طرح دلين جو سنٻنڌ يا دوستي ظاهري  پيار يا ڪنهن غرض مان پيدا ٿئي ٿي، پر قدرت جو به اُن ۾ ڪو ٻيو مطلب رکيل هوندو، جو اسان جي شخصي چاهنائن کان نرالو هوند. اهو سمجهڻ به آشرم جي گويا بنياد وجهڻ برابر آهي.“

***

 

 

26-7-1952ع سئنيما ۾ ويٺي ويٺي سام ڌيان ۾ اچي ويو جنهن بعد مونکي ڪيترا دفعا هٿ گهمايائين. مون کيس چيو: ”ايترا هٿ گهمائي گويا پارس جئن مونکي سونو ٿا ڪريو.“

سام چيو: ”مان خود پاڻ کي سونو ڪريان ٿو؛ اها خود منهنجي عبادت ٿي چڪي.“

مطلب سمجهائيندي وڌيڪ چيائين: ”ڌيان ڪرڻ جو وقت هت ٿورو مليو. اُها گهٽتائي توکي گهڻن هٿن گهمائڻ سان پورو ڪيم. ڪنهن پاڪ شيءِ کي هٿ لائي من آنند ۾ اچي ويندو آهي. ان محويت مان ساڳيو فائدو ملندو آهي جو عبادت سان ملي ٿو، تنهن ڪري سئنيما به پيو ڏسان ۽ پريئر به پنهنجي هن نموني جاري ٿو رکان.“

***

 

 

1-8-1952ع  ٻڌر ڏينهن جي هڪ ميٽنگ جا هي نوٽ آهن، جي ڪجهه وقت کان اسپتال ۾ گهڻي ڪم هئڻ سبب، مون رکي ڇڏيا هئا، اسين ٻاهران مسافري ڪري موٽيا هئاسين؛ ميٽنگ جي وقت هڪ مهمان آيو. ٻيو ڪو به ماڻهو سام ۽ مون کان سواءِ گهر ۾ ويٺل ڪو نه هو. چيو سين ته پاڻ ۾ ويهي ٿا ڳالهيون ڪريون؛ خاص ڪنهن ڪتاب پڙهڻ يا ڪلاس جاري رکڻ جي ضرورت نه آهي. ائين ڳالهائيندي، ڳالهائيندي اسان جي مهمان چيو: .مان جيڪر سچ پچ مسلمان ٿيان پر زال ۽ ٻارن جي خيال کان ائين نٿو ڪريان.“

سام چيو: ”ان حالت ۾ نه رڳو پاڻ مسلمان ٿيو پر ٻارن تي به اهڙو اثر وجهڻ اوهان جو فرض آهي؛ اهڙي سکيا ننڍيئي پنهنجي ٻارن کي ڏيو جيئن هنن جو من حق جي راه ڏانهن، جيڪا اوهان جي نظر ۾ اسلام جي راه آهي، مائل رهي؛ وڏن تي فرض آهي ته پنهنجي خيال پٽاندر ۽ پنهنجي سچي ڌرم موجب صغيرن جي تعليم جي رٿ ڪن. توهان کي جيڪڏهين پنهنجي عقيدن تي پورو ڀروسو آهي ته پوءِ ڳالهيون هن نموني .......... ڇڏي ڏيڻ توهان کي سچ پچ اهڙو يقين پنهنجي خيالن تي هجي ها ته اوهان جي ڌرم پتني به اوهان سان شامل راءِ ٿئي ها. مگر منهنجي خيال موجب اوهان کي خود پورو يقين نه آهي ته اهي ڳالهيون شايد اُڇاتري نموني ڪندا هجو، جيتوڻيڪ اهڙيون ڳالهيون هلڪي نموني ڪرڻ نه گهرجن.“

مون مهمان کان پڇيو: ”توهان اسلام ۾ خاص ڪهڙي ڳالهه پسند ڪريو ٿا ۽ هندو ڌرم ۾ رهي اُها ڇو نه ٿا عمل ۾ آڻيو؟“

مهمان سام جي ڳالهه جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. مگر منهنجي سوال جي جواب ۾ کلندي چيائين: ”هندو لفظ جي فارسي معنيٰ آهي ڪارو، چور، ڊاڪو يا غلام! انهن مان آءٌ ڪجهه به ٿيڻ ڪين ٿو پسند ڪريان!“

سام کي سندس ڳالهائڻ جي هلڪي نوع مان ويتر خاطري ٿي ته سندس خيال اڃا ڪچا آهن۽ سام کائنس پڇيو: ”اهي اکر توهان چرچي طور چئو ٿا يا سچ پچ ائين سمجهو ٿا.“

مهمان جوش ۾ اچي ويو ۽ چيائين: ”مون توهان کي فقط هندو اکر جي فارسي ۽ عربيءَ ٻوليءَ ۾ معنيٰ ٿي ٻڌائي، پر هاڻي مان سچ پچ چوان ٿو ته هندو چوائڻ ۾ مون کي شرم ٿو اچي.“

سام چيو: ”مان اسلام جي خلاف نه آهيان مگر هندو لفظ جي جا اصل معنيٰ آهي اها به سمجهڻ جي ڪريو. ان جي هڪڙي معنيٰ آهي اندُ يعني چنڊ جي روشن ديش جو ماڻهو؛ اُن ۾ توهان کي ڇو شرم اچڻ گهرجي. پر عربي ۽ فارسي معنيٰ ڪنهن اکر جي ڳولڻ يا مٿاڇرين معنائن مان اهڙا مذهبن بابت انومان ڪڍڻ سو گيان جو رستو نه آهي. مون کي اسلام لاءِ ايتري ئي عزت آهي، جيتري هندو ڌرم لاءِ. مگر مان سمجهان ٿو ته اوهان کي نه اسلام جي نه هندو ڌرم جي پوري ڄاڻ آهي.“

مهمان چيو: ”ڪو چئي ڪونه ٿو سگهي ته هندو ڌرم ڇا کي چئجي. توهين پاڻهي ڏسو ته هندو ڌرم ۾ ڪيترا پنٿ ۽ ڪيترا فلسفه آهن، جن ۾ هندستان جي ماڻهن وقت بوقت اعبتار رکيو آهي. انهن مان هر ڪو فرقو ائين ٿو سمجهي ته اسان جو پنٿ ئي سچو آهي. هوڏانهن اسلام جو فقط هڪ ئي مقرر پڪو، پختو رستو آهي، جنهن تي ماڻهو بي خطري هلي، پنهنجي مقصد تي پهچي سگهي ٿو. هندو ڌرم ۾ جيستائين فيصلو ڪجي ته ڪهڙو پنٿ سچو آهي، تيستائين انسان جي عمر ئي ختم ٿيو وڃي.“

سام چيو: .سڀني ڌرمن ۽ پنٿن ۾ پنهنجي پنهنجي سونهن ۽ چڱائي آهي، جيتوڻيڪ ڪيتريون ڳالهيون مذهبن جون اڄوڪي علم ۽ سائنس سان مشڪل ٿيون ٺهڪن. سڀني مذهبن ۾ ڪيتريون ڳالهيون آهن جن جي خلاف ۽ جن جي فائدي اڄوڪي سائنس يا اڄوڪي علم جون شاهديون ملن ٿيون. هندو فلاسافيءَ جي مشابهت نه هڪ سڌي واٽ سان پر هڪ شاهي ٻيلي سان ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ گهڻيون ئي وندرائيندڙ ۽ لاڀدايڪ شيون ملي سگهن ٿيون. منجهس گهڻائي اوچن چوٽين وارا خيال جا درخت ۽ خوشبودار ٻوٽا ۽ گاهه، گل وغيره آهن. البت ٻيلي منجهان جيڪي واٽون نڪرن ٿيون سي گهڻائيءَ سبب ڪن لاءِ منجهائيندڙ ثابت ٿي سگهن ٿيون. مگر ٻيلائي ماڻهو انهن ۾ مُنجهن ئي ڪونه. ٻين کي انهن جي ڄاڻ ڪنهن گيان واري گروءَ يا گائيڊ جي معرفت ملي سگهي ٿي؛ مطلب ته شوق ۽ شرڌا وارو ڪڏهين به ڪٿي ڪو نه ٿو اٽڪي. هوڏانهن اسلام جي فلاسافي هڪ سندر، سينگاريل باغ کڻي چئجي. اسان لاءِ باغ به ايترائي ضروري آهن جيترا وڏا اوچن ورڪشن وارا ٻيلا، جا اونهائي يا اوچائي ٻيلي ۾ حاصل ٿئي ٿي سا ٻئي ڪنهن هنڌ ملي ڪانه ٿي سگهي. هوڏانهن باغ جي صفائيءَ ۽ سهڻي ورڇ سا پڻ هڪ پياري چيز آهي. هيڏانهن ٻيلي جي واٽن ۾ ڪجهه مونجهارو پيدا ٿئي ٿو ته هوڏانهن وري صاف گهڙيل رستي واري زندگي ڪجهه محدود نظر اچي ٿي. فقير ۽ راجا لوڪ گهڻا ٻيلا پسند ڪندا آهن. هوڏانهن وري پروفيسر ۽ عاقل گهڻا باغ پسند ڪندا آهن. درحقيقت باغ ۽ ٻيلا ٻيئي ساڳئي بادشاه جون حدون آهن. جهنگل ۽ ٻيلو به انهيءَ جي سلطنت جو هڪ دل لڀائيندڙ نظارو ڪري مڃڻ گهرجي.

”مذهب کي مان اُها شيءِ سمجهان ٿو، جنهن جو واسطو انسان جي سموري زندگيءَ سان آهي. مذهب نه فقط هڪ ڀلائيءَ جي واٽ آهي پر قدرتي زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي. تاريخ ۾ اونهو وڃبو ته ائين پڻ ڏسبو ته سڀني مذهبن ۾ مرڪزي خيال هڪ ٻئي سان ميل رکندڙ آهن. گهڻا ليکڪ چون ٿا ته ٻڌ ڌرم جڏهين هماليه ۽ ٻين لاڳيتن ملڪن ۾ زور سان ڦهليل هو، تڏهين وچ ايشيا جي قومن جا ماڻهو اُن طرف ايندا ويندا هئا. ويجهي زماني جي فيلسوف سياحن مان ڪائونٽ فڪولائي رورش جي گواهي بلڪل معتبر نظر اچي ٿي. کيس روبرو ڏسڻ تي يقين ٿيو ته هماليه پهاڙ جي ملڪن ۾ تواريخي ثابتيون آهن ته ڪرائيسٽ ڪنهن وقت اُتي آيل هو. هوڏانهن عيسائي اثر اسلامي تهذيب تي مڃيو وڃي ٿو. صوفي مت وارن جو وري ويدانت سان چٽو سنٻنڌ ڏيکارجي ٿو. جيڪڏهين اڳوڻي هندستان جي تجارت، جيئن چوڻ ۾ اچي ٿو، ايران، عرب ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان هلندڙ هئي ته خيال جي ڏي وٺ ڪيئن نه ٿي سگهي هوندي؟ هوڏانهن عربستان جي ڏي وٺ يهودي ۽ ڪرستان قومن سان گهاٽي ۾ گهاٽي هئي ۽ چون ٿا ته سردار محمد (صلعم) عيسائي ۽ يهودين جي خيالن کان ننڍيءَ عمر ۾ ئي قافلا آڻيندي نينڍي چڱيءَ پر واقف ٿيو هو. تنهن ڪري ’نج آري خيال‘ يا ’نج يهودي خيال‘ يا ’نج عربي‘ ۽ ’عيسائي خيال‘ جدا ڪري ڏيکارڻ مشڪل آهي. هيڏي ساري باه يا الو خيال جو جيڪو هن ملڪ ۾ پنج هزار سالن کان وڌيڪ اڳ پيدا ٿيو هو ۽ جنهن جا اثر آمريڪا جي ريڊ انڊين قومن تائين پهتل هئا؛ جنهن جو اثر سيام، انڊونيشيا، چين، جپان ۽ ٻين دور پورب جي ملڪن تائين پڻ پهچي سگهيو ٿي؛ ڇا اُن جي جهلڪ لاڳيتي عرب، ايران يا ٻين وچ ايشيا جي ملڪ تائين ڪين پهتي هوندي؟ جيڪو خيال اسلام ۾ انساني برادري ۽ وحدانيت جو آهي، تنهن کان به ڪي پنٿ هندو ڌرم جا انڪاري نه آهن. ڪي فرقا هندو ڌرم جا سڌي طرح ۽ ڪي اڻ سڌي طرح انهن ٻن مرڪزي اسلامي خيالن کي تسليم ڪن ٿا. هندو ڌرم ۽ اسلام جي وچ ۾ ٻي نه گهڻي ساڳيائي خيال جي ملندي. اسين ٻنهي کي هڪ ئي سلطنت جا حصا ڪري مڃون ٿا.“

مهمان پڇيو: ”اهي وڻ اوچين چوٽين وارا خاص هندو فلاسافيءَ جي ٻيلي ۾ ڪهڙا آهن؟“

سام وراڻيو: ”اهي منهنجي سمجهه موجب آهن ويدانت، ڀڳتي مارگ، ديا ڀاو جو اصول، گيان جي کوجنا لا يوگ جا طريقا، تپسيا، ۽ وئراڳ جا اصول وغيره، اگرچه مان قبول ڪندس ته اهي ساڳيون شيون صوفي مت ۾ ۽ ٻين مذهبن ۾ پڻ جدا جدا ڊگرين ۾ ملن ٿيون ۽ ڪو به سچو مذهب انهن کان غير واقف نه آهي.“

ٿوري دير بعد سام چيو: ”مذهب هڪ خيال جي وڏي لهر ڪري سمجهڻ گهرجي جا ڳنڍيل آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڦهليل آهي، پوءِ ’ڌرتيءَ‘ يا ’وايو منڊل‘ (هن سنٻنڌ ۾ انساني من) جي حالتن آهر پاڻي لهر جو ڪٿ لڙاٽيو، ڪٿي صاف، ڪٿي سيتل، ڪٿي تيز، ڪٿي کارو ۽ چهرو ته ڪٿي مٺو ئي پيو آهي، لهر ساڳي هڪ درياه جي آهي. ڇا لاءِ جو خيال تي ڪي به پائبنديون اثرائتيون ڪونه ٿيون آهن؛ خيال جي رل مل ٻين سڀني ناتن کان جدا جدا قومن جي وچ ۾ گهڻي ٿي آهي؛ واپار، سياسي ناتن يا ٻين ٻاهرين ڏي وٺ جي نمونن کان خيال جي ڏي وٺ تاريخ ۾ وڌيڪ اثرائتي ۽ آزاد  نموني ۾ ٿي آهي. نه فقط ايترو پر ٻيا سڀ ناتا ۽ رشتا خود ذريعا بڻيا آهن هن خيالي ڏي وٺ جا. اها خيالي ڏي وٺ سڀني ناتن کان جٽدار پڻ آهي. تنهن ڪري سچي هندوءَ، سچي مسلمان، سچي ڪرستان ۽ سچي ٻڌ جي وچ ۾ سچ پچ گهڻو فرق ڪونه آهي؛ بلڪ گهڻي هڪ جهڙائي آهي. چوٽيءَ وارا ماڻهو سڀني ڌرمن جا انسانيت ديا ڀاو، ديانت داري، صفائي ۽ سچائي جي انگن ۾ هڪ جهڙا نظر اچن ٿا. انهن ڳالهين کان سواءِ مذهب باقي ڇا آهي؟“

تنهن بعد سام مهمان کان اوچتو ٻه سوال پڇيا جن جو انوقت جي گفتگوءَ سان ظاهر ۾ ڪوبه لاڳاپو ڪو نه هو، مگر اها هڪ قسم جي پاسيري جانچ مهمان جي اسلامي شوق جي هئي. اهي سوال هي آهن:

(1) اوهان جي اصول جي ڳالهه تي ڪڏهين حياتيءَ ۾ سخت لڙائي ڪئي آهي؟

ان جي جواب ۾ مهمان چيو: ”مان لڙائي ٽاريندو آهيان.“

(2) توهان ڪڏهين به دل جي شوق يا شرڌا مان ڪو وڏو دان ڏنو آهي، يا وڏي زڪوات مال اسباب جي ڪڍي آهي؟  جواب ۾ مهمان چيو: ”نه!“

سام چيو: ”تڏهين سمجهو ته توهان جو لاڙو اسلام ڏانهن ڪن ٻاهرين سببن ڪري آهي ۽ نه اندروني خيال جي ڦيري ڪري. اسلام جي راڄنتي، سماجڪ يا قومي زور ۽ گهڻائيءَ هن ملڪ ۾ شايد توهان جي دل ۾ سرخرو ٿيڻ جي خواهش پيدا ڪئي هجي. روحاني طرح توهان اڃا ڳولائو آهيو. اوهان جو پڪو يقين اسلام تي نه آهي. ايتري پڇا ڳڇا ۽ ظاهري شوق ڪڏهين ڪڏهين عقيدي جي گهٽتائي ثابت ڪندا آهن. ورنه توهان جيڪر گهر وارن جي مڃتا لاءِ ڪين ترسو ها.“

مهمان کلي چيو: ”شايد ائين هجي.“

وري پڇيائين: ”توهان جيڪر مون کان نفرت ڪريو ڇا جي مان مسلمان ٿيان!“

سام چيو: ”اسين توهان جو ساڳيوئي آدر ڪنداسون. ڇا لاءِ جو اسين پاڻ سچن مسلمانن ۾ مسلمان ۽ ڪرستان ۾ سچا ڪرستان ۽ هندن  ۾ سچا هندو آهيون. تنهن کانسواءِ نالي مٽائڻ ڪري انساني لياقت ڪنهن جي گهٽ يا وڌ ڪانه ٿي ٿئي.“

***

 

[1]  هو قدرت جي سڀني سهڻن نظارن کي ائين نمسڪار ڪندو آهي، نه ڪنهن وهم وچان پر فقط انهن ۾ ايشور جي سندرتا ڏسي ڪري.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org