سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 50

 7-5-1971ع منهنجي هڪ بيمار جو گهر وارو جو مهاجر هيو، جنهن کي مير صاحب ڪري ڪوٺيندا آهن، سو اسان وٽ آيو. اڄ سام سان سندس گفتگو ٿيو جو هت نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي. ڳالهين ڪندي هن چيو: ”مذهب ئي هڪ بها چيز آهي؛ دنيا ۾ ٻيون سڀ ڳالهيون پوءِ آهن.“

سام کيس چيو: ”دنيا ۾ جيڪي لڙايون هلن ٿيون سي به ته گهڻو ڪري مذهب جي نالي ۾ هلن ٿيون مشرق وسطى ۾، عربن ۽ يهودين جي وچ ۾ لڙائي هڪ پاسي ڏسو ته ائين معلوم ٿيندو ته انهن جي پٺيان خيال قومي ۽ مذهبي نظر ايندو. قوميت مذهب سان شريڪ ٿي ويئي آهي ۽ ان کي پنهنجو حامي بڻائي ڇڏيو اٿس.

مير صاحب چيو: ”مان انهيءَ مذهب جي ڳالهه نٿو ڪريان، پر مذهب جيڪو انسان جي ضمير يا وويڪ کي ضابطي ۾ رکي ٿو، اهو سچو مذهب آهي.“

سام وراڻيو: ”انهيءَ حد تائين مذهب جيڪو پارٽ ادا ڪري ٿو سو بيشڪ تحسين جوڳو آهي.“

مير صاحب چيو: ”انهيءَ مذهب جي خاص سکيا اها آهي ته موت هڪ وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي؛ انهيءَ جو هميشه اسان کي انديشو رکڻ گهرجي ۽ اهڙو ڪجهه ڪرڻ نه گهرجي جو موت کان پوءِ پڇتائڻو پوي.“

سام چيو: ”سو ڪيئن؟ موت کان پوءِ ڇا آهي ۽ اڄ جي قرباني ڪهڙي خبر آهي ته موت کان پوءِ لاڀدائڪ ٿئي ٿي يا نه؟“

مير صاحب وراڻيو: ”هڪڙو عياش ماڻهو هيو، انهيءَ کي سڀ خوشيون حاصل هيون. ٻيو هڪ فقير هو، جيڪو عيش کان پرهيز ڪندو هو ۽ براين ڀئي ڊڄندو هو. ان عياش کائنس پڇيو ته تو پنجاهه سال مفلسيءَ ۽ بکن ۾ گذاريا آهن؛ انهن مان ڪهڙو فائدو توکي حاصل ٿيو آهي؟ فقير چيس: سمجهو کڻي مان پنجاهه سال عمر جا اجايا وڃايا آهن ۽ ڪس کاڌي آهي؛ پر جي موت کانپوءِ زندگي آهي ۽ ڪو حساب ڪتاب وٺڻ وارو آهي ته تون ڪهڙو جواب ڏيندين؟ جي مون پنجاهه سال ڪس کاڌي ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي؛ گهٽ ۾ گهٽ دوزخ جو خوف ته نه رهندو!“

سام چيو: ”انهيءَ طرح ڳالهه کي ڏسڻ ڪجهه غلط آهي؛ ڀلي ۽ بري ڪم جو ڦل هتي ئي پيدا ٿئي ٿو. جيڪي عيش جا غلام آهن يا برا ڪم ڪن ٿا سي شايد اتي ئي اندر جو سڪون وڃائي ويهن ٿا؛ جيڪي اصول جا پابند آهن سي اندر ۾ خوش آهن. اهو اجرئي گهٽ ڪونه آهي.“

تنهن بعد مير صاحب هڪ رشيءَ جي ڳالهه ٻڌائي جا چيائين ته مون هڪ هندو دوست کان ٻڌي هئي ۽ ”انهيءَ رشيءَ جي 6 يا 7 سؤ سال عمر هئي. جڏهن هنجي مرڻ جو وقت ويجهو آيو تڏهن پنهنجي پوئلڳن کي چيائين ته هاڻي اسين جلد چالاڻو ڪنداسين؛ توهان کي ڪا ڳالهه پڇڻي هجي ته پڇو، تڏهن سندس هڪڙي چيلي سوال ڪيو ته اسان کي اهو ٻڌايو ته توهان پنهنجي هيڏيءَ عمر ۾، دنيا ۾ ڪهڙي شيءِ سڀ کان عجيب ڏٺي آهي؟ رشيءَ جواب ڏنو ته هڪ عجيب شيءِ اها  ڏٺم ته جو ڪجهه نه آهي سو ٿي ٿو پوي. ۽ ٻي عجب ڳالهه اها ڏٺم ته جو آهي. سو ناس ٿي وڃي. مطلب ته اتپتيءَ ۽ ناسيءَ ڏانهن اشارو ڪيائين، وڌيڪ چيائين ته ٽين سڀ کان وڏي ڳالهه مون اها ڏٺي ته موت سڀ کان وڏي حقيقت آهي.“

سام چيو: ”موت جي ڳالهه ته ناسيءَ واري ڳالهه ۾ اچي ويئي، سڀ کان وڏي ڳالهه جا انهيءَ رشيءَ ڏٺي سا هئي آتما، آتما اتپتيءَ ۽ ناسيءَ کان مٿي آهي ۽ اها ئي هڪ سچي وستو آهي يا اصلي حقيقت آهي.“

مير صاحب چيو: ”اها ڳالهه توهان جي بلڪل ٺيڪ لڳي ٿي.“

***

 

 

10-5-1971ع اڄ اوچتو اسان وٽ هڪ درويش آيو، جنهن اچي چيو ته مون کي سام سائينءَ جي هڪ دوست لاڙڪاڻي موڪليو آهي جو سام صاحب هڪڙو گياني آهي؛ چيائين، تون وڃي ان سان مل.

سام کيس چيو: ”هن توهان کي غلط ڏس ڏنو آهي؛ مان نه گياني آهيان ۽ نه ڪتاب گهڻا پڙهندو آهيان.“

پوءِ ان درويش پنهنجا ڇپايل مذهبي ڪتاب ڪڍي ڏنا ۽ چيائين ته هي ضرور پڙهجو. سام کيس چيو ته خاص ڪري مذهبي ڪتاب مان ڪونه پڙهندو آهيان جو گهڻو ڪري انهن ۾ تبليغ جون ڳالهيون هونديون آهن. تڏهن ان درويش پنهنجو هڪ سنڌي ڪتاب ڪڍي ڏنس، پر سام چيو ته اهو به مان پڙهي ڪونه سگهندس جو اڄڪلهه مان ٻين ڪمن ۾ مصروف آهيان ـ۽ ٻيون چنتائون لڳل آهن؛ ڪي خاص سٺا ڪياب هوندا آهن يا ڪي سٺيون ڳالهيون خيال ۾ هونديون آهن ته اهي ته پٺتي رکي ڇڏيندو آهيان، جيستائين ڪا واند ملي ۽ انهن جو پورو مزو ماڻي سگهان. تڏهن ان فقير پڇيو: چنتا ۽ چتا جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ چيائين فقط هڪ ’ن‘ جو فرق آهي! شايد سندس اهو خيال هيو ته ايتريون چنتائون ڇو ٿا رکو؟

سام چيو: ”چنتا چڱن عملن جي ضرور رکڻي آهي. باقي پنهن جي ڪوشش جي ڦل جي چاهنا رکڻي نه آهي. انهيءَ عمل سا ئي ’چتا‘ پئدا ٿئي ٿي، يعني هد اندر سچي چنتا پڻ ’چتا‘ پئدا ڪري ٿي. ٻيو پڻ سبب آهي جنهن ڪري هس گس ۾ ڪتاب مان نه پڙهندو آهيان. شايد ”اها منهنجي هڪ نرالي عادت هجي مگر مان سمجهندو آهيان ته ڪنهن پاڪ ڪتاب يا ڪنهن سهڻي شيءِ کي تڪڙ ۾ ڏسڻ، سان ان جي بي ادبي آهي. ان ڪري شانتيءَ سان يا پوري ڌيان سان ان کي ڏسڻ گهرجي. ڪنهن جانور کي ڪو هڏو يا دلپسند کاڌو هٿ ايندو آهي ته وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ کائيندوآهي؛ اهڙيءَ طرح ڪا سهڻي شيءِ هٿ اچي ته انهيءَ کي به خلوت خيالي ٿي ڏسڻ گهرجي.“

***

 

 

نوٽ: هن مضمون لکڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر سرلا جي صحت ٺيڪ نه رهندي هئي ۽ سندس اکين جي نظر گهٽجي ويئي هئي جنهن لاءِ هڪ اکين جي وڏي اسپتال ۾ آپريشن ڪرايائين. جيتوڻيڪ اها آپريشن ڪامياب ٿي هئي تڏهن به اڃا لک پڙهه جي ڪم ڪرڻ جهڙي ڪانه هئي ۽ اوچتو ئي اوچتو دل جي حرڪت بيهجي وڃڻ سبب 6 فيبروري 1974ع تي سندس انتقال ٿيو.

ايڊيٽر

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org