سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 25

30-12-1953ع اڄ صوفي صاحب اسان وٽ آيو. اڳئين رات ناٽڪ تي ويو هو، جنهن جا احوال ڏيندي چيائين: ”مون کي خاص ڪري اها سين وڻي جنهن ۾ مورتيءَ اڳيان پريئر ۽ التجا ڪري ڪر ي کيل وارن ائڪٽرن الله کي زور سان ٿي ٻاڏايو! پريئر کڻي مورتيءَ اڳيان  ڪجي يا الله کي ٻئي ڪنهن نموني سان ٻاڏائجي هو اسان جي اندر جي سچي آهه ضرور اگهائي ٿو.“

سام تڏهين پنهنجو هڪ ٻه آزمودو ٻڌايو؛ چيائين: ”ان ٻاڏائڻ ۾ جيڪا يڪ وجودي پيدا ٿئي ٿي سائي آس پڄائي ٿي. الله کي ست چت آنند ڪري ڪوٺيو اٿن. چت به انهيءَ کي ضرور آهي. جڏهين چت چت کي جاڳائي ٿو، تڏهين اهو اچي ٿو انسان جي مدد ڪري. اها چت شڪتيءَ هن سڄيءَ سرشٽيءَ ۾ موجود آهي ۽ نه انسان تائين محدود آهي. البت سندس روپ گهڻا آهن. اسين انهيءَ کان ناحق وڇڙيل رهون ٿا. پاڻ کي اجاين خفقانن ۾ وجهي من کي منجهائي گويا پاڻ کي ڇورو ڇنو بنايون ٿا. اڄ ڪلهه جي ريت رهڻ جي ۽ انسان جي وڌيل طلب سک ۽ عيش جي، دل جي مٿان گهڻو بوجو وجهن ٿا ۽ من تي اگيان جو پڙدو ڌرن ٿا. ان اندروني خيال جي ڌارا مان اسين ڪو به فائدو ڪونه ٿا وٺون، جا اسان کي سڀ کان اعليٰ طاقت سان يعني پرماتما سان ملائي سگهي ٿي. فقط تڏهين ٿو خيال انسان جو سجاڳ ٿئي، جڏهين کيس ڪو وڏو دک اچي ستائي ٿو. ان ڪري ئي شايد گهڻا دک انسان جي زندگيءَ ۾ ڪاهي پون ٿا جو الله ان کي سجاڳ ڪرڻ چاهي ٿو. الله انسان جو دشمن نه آهي. دک ان لاءِ انسان پسي ٿو ته انهن جي معرفت انسان پنهنجو وڃايل پاڻ وري هٿ ڪري سگهي. الله اسان کان پري اصل نه آهي. فقط اسين ڏسڻ واريون اکيون ۽ ٻڌڻ وارا ڪن ڪين ٿا رکون.“

***

 

 

31-12-1953ع رسويو اسان جو هتڙي ڪونه آهي. صوفي صاحب جڏهين شام جو آيو تڏهين کيس ٻڌايوسون ته اڄ اسان وٽ هنڊي ڪانه چڙهندي. پڇيائين، ڇو؟ مون کيس چيو ته هونئن به اسين رات جو گهڻو ڪري ڪا ڪچي ڀاڄي ۽ ٿورو ميوو، کير وغيره کائي سمهي پوندا آهيون؛ پر اڄ ته مجبوري طور ائين ڪبو صوفي صاحب چيو: ”مان پاڻ انهيءَ خيال ۾ آهيان ته ماني فقط هڪ وقت کائجي.

سام چيو: ”انسان خاص ڪري پنهنجون ٽي طاقتون بي جاءِ ۽ حد کان وڌيڪ ڪم آڻي ٿو. اڄ ڪلهه جي انسانن ۾ حياتي گهڻي ڀاڱي قدرت جي قانون کان ابتو رستو وٺي رهي آهي. مگر ٽن ڳالهين ۾ انسان خاص ڪري پاڻ کي وڏي هاڃي رسائي ٿو. پهريون ته ٻيا سڀ جانور مند تي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ ٻچا ڄڻن ٿا. مگر انسان کي نه ڪا آهي مند نه ڪو اصول يا روڪ ٽوڪ؛ هو پنهنجي ويريه شڪتي حرص اندر حرام ڪري ڇڏي ٿو. ٻيو ته اکيون سندس ان ڪم لاءِ ٺهيل نه آهن جو ڪم کانئن اڄ ڪلهه ورتو وڄي ٿو. گهڻو پڙهڻ ۽ لکڻ، ننڍين جاين ۽ ديوارين ۾ نظر کي روڪڻ، سئنيمائون ۽ ناٽڪ گهڻا ڏسڻ ۽ شهر جي تکين روشنين هيٺ چڱو ڀاڱو رات جو گذارڻ سو اسان جي اکين کي گهڻي هاڃي رسائي ٿو، جنهن ڪري هٿراڌو شيشا پائجن ٿا ۽ اکين جون بيماريون وڌن ٿيون. ٽيون عضوو جنهن سان انسان اڄ ڪلهه گويا کيڏي رهيو آهي، سو آهي سندس پيٽ. ڪيترا ڀيرا ڏينهن ۾ کائون ٿا ۽ ڇا ڇا کائون ٿا، تنهن جو جيڪڏهين پنهنجي گهرجن جي ڀيٽ ۾ ويچار ڪجي ته انسان سڀني، جانورن ۽ حيوانن کان وڌيڪ بيوقوف نظر ايندو. هو اهي شيون کائن ٿا، جيڪي سندن صحت ۽ طاقت وڌائن ٿيون؛ جيڪي شيون سندن کاڌي جون نه آهن يا کائڻ وقت پيٽ جي حالتن موجب خراب آهن، تن ڏانهن منهن ڦيري به ڪين ٿا ڏسن. مگر انسان جي کاڌي ۾ اهڙيون شيون شامل آهن، جن مان ڪو به فائدو ڪونه ٿو رسي ۽ مورڳو بيماريون يا ٿولهه وڌي ٿي؛ هن عضوي سان جيتري انسان بي هودگي ڪئي آهي، اوتري پنهنجي ٻئي  ڪنهن به عضوي سان ڪا نه ڪئي آهي، جانور گهرج پوري ڪرڻ کانپوءِ کاڌي کان منهن موڙي بيهندا آهن. مگر حرصي انسان کي پيٽ ڀرڻ کان بعد ڪا لذيذ شيءِ سامهون ايندي ته کڻي اها به پيٽ ۾ داخل ڪندو. پنهنجي بک وڌائڻ لاءِ ڪهڙا نه هو هٿراڌو طريقا اختيار ڪري ٿو، جهڙوڪ بک پيدا ڪرڻ جون دوائون (Appetizer) پيئڻ ۽ چاٽا وغيره کائڻ! نتيجو اهو نڪتو آهي جو سون قسمن جون بيماريون اسان جو هڪ ورثو بڻجي پيون آهن ۽ اڃا به نيون بيماريون روز وڃن وڌنديون! جيترا مرض يا ڊاڪٽر اڄڪلهه جي زماني ۾ موجود آهن، اوترا انسان جي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهين به ضروري ڪين ٿيا هئا!“

***

 

 

15-1-1954ع  گهڻي ڪم سبب يا بدن جي ٿڪاوٽ سبب ڪجهه وقت کان وٺي کائڻ وقت يا پريئر جي وقت تي سام سان فقط ٿوريون گهڙيون گڏ ويهي سگهندي آهيان؛ ڏينهن جو پروگرام به هر ڪنهن جو ڄڻڪ جدا جدا ٿي پيو آهي. سام پنهنجي دستور موجب سوير جاڳي ته مان وري رات جو پوري ننڊ نه ملڻ ڪري دير سان اٿان ٿي. مان اسپتال ۾ گهڻو ڀاڱو ڏينهن جو گذاريان ته سام اڪيلو پنهنجي لکيل نسخن جي سڌاري ۽ جوڙ جڪ ۾ گذاري. هڪ ٻه ڀيرو اڳ مون کي اشارو ڏنو هئائين ته اسان جون واٽون وڃن ٿيون جدا ٿينديون؛ ڪي وقت گڏ ٿيڻ جهڙا آهن؛ جي ڪوشش ڪندينءَ ته پروگرام حياتيءَ جو وڌيڪ مطابق ٿي سگهندو.

اڳي جو هر روز ٻه وقت رسالو ڀاڳوت يا رامائڻ پڙهندا هئاسين ۽ وري پاڻ ۾ گڏجي ڀڄن وغيره چوندا هئاسون، سو هينئر گهڻي عرصي کان ٿي ڪونه ٿو سگهي؛ نه وري سنڌيا کان پوءِ سام جي اڳيان ڪنهن ڪتاب پڙهڻ جو نيم پورو ڪري سگهندي آهيان، جيتوڻيڪ مان پنهنجي وقت تي ۽ پنهنجي سهوليت تي جدا پريئر اڪيلي ڪندي رهندي آهيان؛ ان بنسبت ڳالهائيندي سام هن ريت چيو: ”روحاني حاصلات لاءِ يا دل جي آنند وڌائڻ لاءِ ۽ ايشور جي درشن پائڻ لاءِ ڪوبه نيم، اپاءُ وغيره خاص طرح گهربل نه آهي. دل ۽ من جو ڪانٽو هر وقت اوڏانهن ڦريل هجي ۽ سڀ ڪم ۾ مراد انهيءَ جي ملڻ جي رکجي ته پوءِ جنهن شيءِ يا جنهن ڪم ۾ هٿ وجهبو ان مان آنند ئي آنند پراپت ٿيندو. کائڻ، پيئڻ، گهمڻ، سمهڻ سو سڀ پريئر جي مثل ٿي پوندو ۽ هر جا هوئي هو پيو نظر ايندو. عام طرح ائين صحيح آهي ته نيم هڪ قسم جي ٽيڪ ٿي سگهي ٿو، جنهن کي پڪڙي انسان پاڻ کي ٿڙڻ يا بگڙڻ کان روڪي سگهي ٿو. ان ڪري نيم جي ڀڃڪڙي هٿراڌو نموني ڪرڻ نه گهرجي. فقط جڏهين انهيءَ جي بجا آڻڻ ۾ ڪي رنڊڪون پيدا ٿين تڏهين انهيءَ کا منهن موڙڻ ۾ فائدو ٿئي ٿو. ڪنهن به صورت ۾ ڏسجي ته نيم جي ڏاڪڻ، ڏاڪڻ ٿي رهي ٿي ۽ نه روح جي واڌاري ۾ هڪ رنڊڪ بڻي ٿي.“

***

 

 

18-1-1954ع اسان جي روزاني پروگرام بگڙي وڃڻ ڪري مان ڪجهه ناراض ٿي سام سان ڪڏهين کهرو ڳالهائي چوندي آهيان ته جڏهين مان اچان تڏهين توهان کي ڪونه ڪو ڪتاب يا ڊائري هٿ ۾ آهي ئي آهي؛ باقي سويري اٿڻ لاءِ ڇو چئجي؛ سوير اٿي به ڇا ڪجي!

ان ريت رسي ڪري مان ڪڏهين اسپتال جي وقت کان اڳ ۾ ئي گهران نڪري ويندي آهيان، ڇا لاءِ جو مونکان سويل اٿي سام اڳ ۾ ئي ڪونه ڪو ڪم هٿ ۾ کڻي ويهندو آهي. منهنجو ناراضپو وڌندڙ ڏسي سام هيئن سمجهاڻي ڏني.

”ڪتاب لکڻ يا پڙهڻ برابر ڪو ڳرو ڪم نه آهي. ان کان سنگ ۽ صحبت وڌيڪ اتم آهن. پر اسر جي ويل اٿي پاڻ ۾ فقط هيڏانهن هوڏانهن جون اجايون ڳالهيون ڪرڻ ٺيڪ نه آهي.عصر جو ان لاءِ نه اٿبو آهي ته باهه تي ويهي پاڻ ۾ اجايو چوٻول شروع ڪريون. جي ڀڄن ڪيرتن ٿي نٿو سگهي ته پوءِ ڪو سٺو ڪتاب پڙهڻ يا آتمڪ واد وواد ڪرڻ بهتر آهي يا وري هر ڪو پنهن جي نموني ۾ ويهي ڪو ڪم ڪري. اجائي ڳالهائڻ کان اهو بهتر آهي. عصر جو وقت برڪت جو وقت آهي، جنهن ۾ من پوريءَ طرح پڪ ٽڪ ٿي سگهي ٿو ۽ ڪم جو آرنڀ سٺو ٿي سگهي ٿو؛ هن وقت گهڻو گوڙ شور منهنجي طبيعت کي نه وڻندو آهي. سنگ انهيءَ کي نه چئبو آهي ته چار ڄڻا گڏجي ويهي اجايون سجايون ڳالهيون ڪن؛ سچو سنگ اهو آهي جنهن ۾ پريم ۽ گيان جو واڌارو ٿئي ٿو.“

ان وقت خبر نه آهي ته ڇو سام جون مٿيون ڳالهيون منهنجي دل سان نه آوڙيون. مون کي خاص طرح اهو خيال ستائڻ لڳو ته شايد سام نرالو ۽ وڌيڪ پري پري رستو وٺي رهيو آهي. ائين برابر آهي ته ڀڄن ڳائڻ  يا پڙهڻ جا نيم ڪجهه مجبوريءَ جي حالت ڪري ۽ ڪجهه منهنجي آلس ڪري وسري ويا آهن. پر مون کي اها خبر ڪانه هئي ته اهي سام جي روزاني پروگرام ۾ ڪو ايتري اهميت رکن ٿا. مون سمجهيو ته شايد سندس پيار مون ڏانهن گهٽ ۽ پنهنجن ليکن ۽ ڪتابن ڏانهن وڌندڙ آهي. ائين پاڻ کي بيمار سمجهڻ لڳس. ان بنسبت سام هيئن چيو: ”تنهنجو پريم ڀلا ائين ڇو ٿو گهري ته اسين پنهنجا نيم رهڻيءَ ڪهڻي جا ۽ فرضي ڪم ڇڏي ڏيون؟ ان تي ايترو خيال ڇو اچي رکيو اٿئي جو اها به هڪ پريم جي پريکشيا سمجهڻ لڳي آهين نه هي ڪتاب، نه ڪم توکان وڌيڪ آهن. مگر اهي..... ان پريم ۾ سمايل آهن. سچو پريم اهو ئي ڪري سگهي ٿو جنهنکي فرض پالڻ  جي طاقت آهي. اها تنهنجي مورکائي آهي، جو تون سمجهن ٿي ته تنهنجو فائدو هڪ ڳالهه  ۾ آهي ۽ منهنجو ٻيءَ ڳالهه ۾. ڇو نه هي ڪتاب ۽ ڪم تون به پنهنجا سمجهين؟ اهي فرض، نيم ۽ ڪم اسان جي حياتيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا ۽ دروازا دريون ٿي سگهن ٿا؛ سي جيترو تنهنجي لاءِ اوترو منهنجي لاءِ فائدي وارو ٿي سگهن ٿا. پر جيڪڏهين منهنجا نرالا رستا هجن تڏهن به ائين طلب ڪرڻ نه گهرجي ته اڳلو پنهنجون فرض ادايون وساري سکڻي واد ووادو ويٺو مونسان ڪري. پنهنجي سونپيل ڪم نه ڪرڻ سبب انسان دکي ٿئي ٿو ۽ ڄڻڪ ’ڇو ڇو‘ پيو لڳي. منهنجي عمر جي اڌ صدي گذري وئي آهي. توکي پاڻ خيال ڪرڻ گهرجي ته هي ڪم متان اڌ ۾ رهجي وڃن، تنهنڪري هن واندڪائيءَ جي وقت پورا ڪرڻ گهرجن. اهو هڪ قسم جو خزانو مون گهڻي وقت کان سنڀالي رکيو آهي. شايد اهي ڪتاب منهنجا ڪنهن وقت قدر پائن. تنهنڪري حياتيءَ جون وانديون گهڙيون کين ڏيئي سنواري ڇڏڻ، سو مون کي جوڳو ڪم نظر اچي ٿو.“

مون سام کي چيو: ”اهڙيءَ ريت توهين سڀ ڪنهن ڳالهه جو ڪونه ڪو سبب ڏيئي پاڻ کي بي ڏوهه ٺهرائيندا آهيو ۽ هميشہ ڏوهه منهنجو ئي ثابت ٿيندو آهي!“

سام کلي چيو: ”تڏهين اڳتي ’ڪميونزم‘ جي نون اصولن موجب چڱين شين سان گڏ ڏوهه ۽ ملامت جي پڻ وراست ڪئي ويندي يعني ڏوهه ڪير به ڪري پر معافي هڪ ٻئي کان واري تي وٺنداسين! هن موجب توکي هر هر معافي گهرڻي نه پوندي. جي ڏوهه گرڌاري ڪري ته معافي هروڀرو اهو نه وٺي؛ جي نقصان توکان ٿي پوي ته ڏنڊ به هروڀرو توتي نه پوي. جنهن جو وارو معافي وٺڻ جو هجي اهوئي وٺي!“

اهڙيءَ طرح ٻن ڏينهن جي رسامي ۽ جهيڙي کي هڪ چرچي  جي ڳالهه تي ختم ڪيوسين ۽ اڄ کان وٺي وري نئين سر ڪوشش ڪئي اٿم ته عصر جا نيم گڏ پڙهڻ وغيره جا پورا ڪريان.“

***

 

 

20-1-1954ع ٿورا ڏينهن اڳ هڪ گفتگو صوفي صاحب سان ٿيو هو، جنهن جا نوٽ مون وٽ داخلا لاءِ رکيل آهن. صوفي صاحب سنڌ جي هڪ وڏي ليڊر جو ذڪر ڪيو، چيائين: ”هن کي پنهنجو ٻار ڪونه آهي؛ جنهن ڪري ٻئي هڪ دوست جو ٻار گود ۾ ورتو اٿس ۽ ان تي ڪيترو اجايو خرچ پيو ڪري؛ ليڊرن کي اهڙي هلت نه ڪرڻ گهرجي جو عوام ۾ ناراضپو پيدا ٿئي؛ خاص ڪري هن حالت ۾ جنهن ماڻهوءَ جو ٻار ان گود ۾ ورتو آهي، سو ڪو چڱو ماڻهو ڪونه آهي.“

سام چيو: ”ليڊر هجي يا ڪير به هجي، آخر هن کي به انسان جي دل آهي. هن کي اها هلت ڪرڻ گهرجي جا هن جي دل ۽ ضمير کي اول وڻي. عوام جي رايي ڀئي ڊڄڻ به ڪڏهن بزدليءَ جي نشاني ٿي سگهي ٿي؛ ڪنهن به چڱي يا خراب ماڻهوءَ جو ٻار گود ۾ وٺڻ ڪو خراب ڪم نه آهي.“

صوفي صاحب چيو: ”هن حالت ۾ ماڻهن کي اهو خيال آهي ته خاص ڪري اهڙن ماڻهن سان ايڏي ليڊر جو واسطو ڇو ٿو رهي؟ ٻي ڪنهن جو ٻار گود ۾ وٺي ها ته شايد ايتري چئو پچو ڪا نه ٿئي ها. جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو ته ماڻهن جو خيال غلط آهي تڏهين به انهن جي دلين تي اهڙو اثر ڇو پوي؟ اهو سٺو ڪم نه آهي؟“

سام چيو: ”اهڙين ڳالهين ۾ ليڊرن کي ماڻهن جي راءِ تي هروڀرو ڇو هلڻ گهرجي؟ مان ته ائين سمجهندو آهيان ته اسان جي سياسي يا ڌرمي ليڊرن کي عوام جي خوشامد ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جي وچ ۾ تفاوت سمجهڻ گهرجي. پاڻ کي جيڪو ٻئي جي مرضيءِ موافق هلائي ٿو، سو حقيقت ۾ پاکنڊي آهي. اسان کي شخصي طرح بي ڊپ رهڻ کپي. ائين هلت ڪريون جيئن سمجهو ته ڪنهن ٻيٽ ۾ اڪيلا رهندڙ آهيون. ’خداءِ جي خوف‘، يا  ضمير جي آواز کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو به ڊپ نه رکون. لوڪ لڄا جو آدرش جنهن کي چئجي ٿو، سو هڪ ننڍڙو آدرش آهي؛ ان کان وڏو اصول آهي ستنترتا جو. البت ٻين جو احترام ڪرڻ ضرورو آهي؛ حقيقت ۾ ليڊر ٿيڻ جي لائق ئي اهو آهي جنهن کي پنهنجي اصولن ۾ ڀروسو هجي. پر جيڪو ماڻهو عوام جي ڦرندڙ گهرندڙ راين موجب پنهنجي شخصي يا سياسي زندگي ڦيرائيندو رهي ٿو، سو ڪنهن وڏي درجي کي ڪين رسندو. خرچ جا انگ اکر جيڪي توهان ڏسيو ٿا سي برابر ڳرا آهن. ڪنهن به هڪ ٻار تي ايڏو وڏو خرچ ڪرڻ، جڏهين قوم جا ٻار ڏتڙيل، ڏکايل، بکايل آهن، سو جائز نه آهي، اتي اهڙي ڪا رٿ ڪرڻ گهرجي جو پنهنجي ٻار سان گڏ ٻين کي پڻ تعليم جي سهولت ملي ۽ ساڳي خرچ مان گهڻن کي فائدو رسي.“

***

 

 

مٿئين ذڪر بعد صوفي صاحب سان گڏ هڪ نوڪريءَ تان لٿل انجنير گڏجي آيو، جنهن سام کي چيو ته مون کي اوهان سان ملڻ جو گهڻو شوق هيو. جلد ئي پوءِ هن سام کان ڪي سوال پڇيا. گفتگو جيڪو هليو سو مان هيٺ ڏيان ٿي.

انجنير صاحب: ”نوشيه تقدير، بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟“

سام جواب درج ڪرڻ کان اڳ مان هي نوٽ  ڪرڻ ضروري سمجهان ٿي ته جيتوڻيڪ هنن اسڪولي يعني خيالي سوالن ۾ اسان جو گهڻو چاهه نه رهندو آهي، تڏهين به اهڙو ڪو سوال اٿي ته انهيءَ تي ويچار ضرور ڪرڻو پوي ٿو. ڪي ٿورا نڪتا اهڙا گفتگو ۾ به ٿين ٿا جي اسڪولي بحث مباحثي جي حد کان ٽپي عملي زندگيءَ سان واسطو رکن ٿا، تنهنڪري اهي ملهائتا آهن. ازنسواءِ، ائين جو ڪو نئون ماڻهو ملڻ اچي ته انهيءَ سان اجايون سجايون رسمي خوشامد جون ڳالهيون ڪجن تنهن کان وري به بهتر آهي ته ڪنهن خيالي بحث مباحثي ۾ وقت گذارجي.

سام جواب ۾ چيو: ”نوشيه تقدير جي معنيٰ فقط اها ٿي سگهي ٿي ته ڪنهن به شيءِ يا نتيجي جي اڳئين جوڙ انکي مقرر يا ذري گهٽ مقرر رستي ڏانهن موڙي ٿي، جنهن جو اندازو ڪجهه قدر اڳ ۾ لڳائي سگهجي ٿو. موسم، ٻج، ڌرتيءَ، پاڻيءَ وغيره جي ڄاڻ هوندي ته چئي سگهبو ول يا وڻ جو سلو هن يا هن نموني اسرندو ۽ هي ڦل پيدا ڪندو؛ چڱيءَ پر سمجهڻ گهرجي ته انهيءَ ڄاڻ هئڻ کانپوءِ به نوان ڪرم پيدا ٿي سگهن ٿا، جي پنهنجو تاثير ڄاڻائيندا؛ تنهن ڪري پوري اڳڪٿي سورنهن آنا ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه جي ٿي نٿي سگهي؛ انب جي ڪڪڙيءَ مان جيتوڻيڪ انب جو وڻ پيدا ٿيندو؛ تڏهين به اها خبر اڳ ۾ ڪا نه پوندي ته ڪيڏو وڏو يا ڪيترو ڦلدار ٿيندو. اهي اثر ۽ ڪرم جيڪي ’تقدير‘ ۾ سببن جي ڦير گهير آڻي سگهن ٿا، سي ٻن نمونن ۾ اسان جي حياتيءَ ۾ پيدا ٿين ٿا. هڪڙو پنهنجي اڇا سان ۽ ٻيو ٻين جي اڇا سان؛ انهن کي پوريءَ طرح نه سمجهي، اسين ’اتفاقي‘ سڏيون ٿا. جيستائين اهڙن اثرن جي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، تيستائين ڪو به نتيجو اڳواٽ مقرر ٿيل نه سمجهڻ گهرجي. مگر تجربي ۽ عملي ڄاڻ مان اهو گيان پيدا ٿئي ٿو، جو اهڙن ڏنل جزن ۽ پوءِ گڏيل اثرن جي مڪمل نتيجي ڏانهن اشارو ڪري سگهي ٿو،. شوپين هار جرمن فيلسوف تقدير کي ان ڪري ڪاٺ جو لوهه (Wooden Iron) ڪري ڪوٺيو آهي. مطلب ته ان کي شڪل لوهه جي آهي يعني تقدير ڏسڻ ۾ اڻ گس آهي؛ مگر حقيقت ۾ ڪاٺ وانگر ڪچي آهي. منجهس ڦير گهير ٿي سگهي ٿي.“

صوفي صاحب چيو: ”ان جو مطلب اهو آهي ته روح آزاد آهي. قرآن شريف ۾ خود ان خيال کي ٽيڪ مليل آهي.“

پوءِ هن قرآن شريف جي هڪ آيت ٻڌائي جنهن جو مطلب هو ته اديم حياتيءَ ۾ ضروري آهي؛ چيائين جيڪڏهين روح آزاد نه هجي ها ته حيلي يا اديم ڪرڻ جي ڇو هدايت ملي ها؟“

سام چيو: ”ائين ٺيڪ آهي پر پنهنجي خيال جي چڪاس لاءِ ڪنهن به تهذيب جي شاهدي ضروري نه آهي. پنهنجو خيال خاص ڪري پنهنجي آزمودي تي بيهارڻ گهرجي. ان کانپوءِ ٻين جي آزمودي مان واقف ٿي وري به فيصلو پاڻ کي ڪرڻو آهي. مون جيڪي خيال پيش ڪيا. سي پنهنجي آزمودي منجهان هئا.“

ان مهمان انجنير ايتري قدر ڳالهه قبول ڪئي ۽ چيائين ته وري ڪنهن ٻئي وقت ان سوال تي وڌيڪ بحث ڪنداسون.

***

 

 

24-2-1954ع ڪجهه ڏينهن کان وٺي مانيءَ واري ڇوڪري جي گهٽ وڌ هلڻ ڪري سام جي ڪاوڙ اسان سڀني  تي گهڻي پئي ٿي. سام جو خيال هي آهي ته جنهن صورت ۾ اهو ڇوڪرو هميشہ لاءِ اسان سان رهڻ چاهي ٿو، تنهن صورت ۾ سندس هلت گهر جي قانون مطابق ٿيڻ گهرجي؛ ائين نه ته جنهن وقت وڻيس تنهن وقت پيو ڪم ڪري يا جيئن وڻيس تيئن زيان ڪري. جيڪي لازمي  ڪم جنهن جي حوالي آهن، سي مقرر نموني ٿيڻ گهرجن ۽ انهن جي جوابداري محسوس ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهين بت جو هر هڪ عضوو چوندو ته مان پنهنجي مرضيءَ تي ڪم ڪريان ته پوءِ مغز جي سوچ ويچار جي ڪهڙي گهرج رهندي؟ ڪم ۾ يڪ وجوديءَ جو ڪو هڪ مقصد يا سهڻو ميل ميلاپ پڻ پيدا ڪونه ٿي سگهندو. البت نيم يا قانون ٺاهڻ ۾ سڀني جي اڇائن ۽ گهرجن جو ويچار ڪرڻ گهرجي. پر هڪ ڀيرو اهو قانون مقرر ٿي وڃي ته پوءِ ان کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“

مٿيان خيال سام جا صحيح ڄاڻندي به مان ڪڏهين کٽراڳ ٽارڻ لاءِ يا ڇوڪري تي قياس ڪري، وچ ۾ پيئي، کيس چوندي آهيان ته هاڻي ڇڏيو انهيءَ ڳالهه کي! اهو پڻ خيال رهندو اٿم ته سام پنهنجو امولڪ وقت گهرو ڳالهين ۾ ڪين وڃائي. هو ان تي رنج ٿيندو آهي ۽ چوندو آهي ته هي سنهان معامله روح جي لاءِ ساڳيءَ اهميت رکن ٿا جيڪا اهميت ڪنهن وڏي اسٽيٽ جي ڪاروبار کي آهي. ڇا لاءِ جو ساڳيءَ طرح هن ننڍي دائري ۾ پڻ اسين پنهنجي ايمانداري ثابت ڪري سگهون ٿا. پر جي تنهنجو وچ ۾ اچڻ موهه يا ڊپ وچان آهي ته سو پڻ بي جاءِ آهي، ڇا لاءِ جو هڪ کاريءَ ۾ ڀانڊن کي ٺهڪي ٺهڪي نيٺ ڪا جاءِ لهڻي آهي؛ پر جيڪو ڀانڊو کاريءَ ۾ نٿو ماپي سگهي، سو جيترو جلد ٻاهر هجي اوترو چڱو آهي. واجبي جهيڙي کان ڊڄڻ نه گهرجي. خيال جي ٽڪرڻ يا اصولي جهيڙي مان خيال خود چٽو ٿيندو آهي ان وشيءِ کي وڌيڪ کوليندي، سام چيو: ”جڏهين تکين چهنبن وارو ڪوڪو ڪاٺ سان ٽڪرندو آهي، تڏهين ڇا ٿيندو آهي؟“

مون جواب ڏنو: ”ڪوڪو ڪاٺ ۾ ٽنگ ڪري وجهندو آهي!“

سام چيو: ”ڪاٺ ان کي گويا جاءِ ڏيئي پاڻ اندر سمائي ڇڏيندو آهي. ڪوڪو اندر گهري ويندو آهي؛ تڏهن ڪوڪو ۽ ڪاٺ پاڻ ۾ گڏجي هڪ وڌيڪ مضبوط جوڙ ٺاهيندو آهن. ان ريت جتي خيالن جا تفاوت آهن، اهي پورو خيال اڻپوري تي غالب پوندو آهي ۽ انهن جي ٽڪرڻ ڪري منجهانئن وڌيڪ پريم جو جوڙ پيد ٿيندو آهي؛ اتي جهيڙي ٽارڻ ڪري اگيان کي وڌيڪ مدو ملي ويندو آهي، پر سندن ٽڪرڻ سان اگيان جي اوندهه گم ٿي ويندي آهي، جتي هڪ هنڌ پريم ۽ ٻئي طرف شرڌا هوندي آهي اتي ٽڪرڻ سان دلي هيڪڙائي پيدا ٿيندي آهي. تنهن ڪري تون نه پاڻ جهيڙي ڀئي ڊڄ، نه ڇوڪري جي جهيڙي ڀئي ڊڄڻ جي ضرورت آهي. هي سنها جهيڙا ڏينهون ڏينهن اسان جي تفاوت ڪڍي وڌيڪ هيڪڙائي آڻين ٿا.“

وري ٿوريءَ دير بعد چيائين: ”لاهي پاهي جهيڙي تي به ڪونه سندرو ٻڌبو. اسان کي جهيڙي کان ماٺ وڌيڪ پسند آهي، بشرطيڪ جيهڙي جي ضرورت نه پيدا ٿئي!“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org