19-12-1952ع لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ڏينهن کان چونڊن جي ڌوم ڌام
لڳي پيئي هئي. ميونسپل چونڊن لاءِ اهڙي ڪشمڪشا
ورلي ڪنهن ننڍي شهر ۾ ٿي هوندي، جنهن جو سبب اهو
آهي جو هن شهر ۾ ٻه وڏيون هستيون موجود آهن جي هڪ
ٻئي جي خلاف ڪم ڪن ٿيون. انهيءَ اليڪشن جي بخار ۾
عام ماڻهن جا مغز گويا پوري ٺڪاڻي نه آهن. ڪجهه
قدر انهيءَ گوڙ شور جا پڙاڏا اسان تائين به پيا
پهچن. اسان کي به انهيءَ اثر هيٺ اهو هڪ خيال اچي
پيدا ٿيو ته سام کي چونڊ لاءِ بهارجي. هڪڙي ڌر جي
اڳوان خود کيس چوائي موڪليو. سام کي ڪن دوستن به
چيو ته ائين جلد ئي وڏين چونڊن لاءِ پڻ لڙي
سگهندا، پر سام جواب ڏنو: ”اسان جي لائين اها نه
آهي. ائين برابر آهي ته سياست ۾ به ڪيترن اعليٰ
شڪتين بهرو ورتو آهي جهڙو شري ڪرشن.، سردار (صلعم)
۽ اسان جي وقت ۾ مهاتما گانڌيءَ. آدرشي ماڻهو
حياتيءَ جي سڀ ڪنهن کيتر ۾ گهري سگهن ٿا. ڪرم
يوگيءَ جي به هڪ وڏي پدوي آهي. مگر ڇوٽڪاري حاصل
ڪرڻ لاءِ سڀني کي سياست ۾ گهرڻ ضروري نه آهي.
هاڻوڪي جوڙجڪ ۾ عام طور گياني پرش ورلي چونڊجي
سگهجن ٿا. ۽ اسيمبلين ۾ رهي ڪري تمام ٿورو ڪم ڪري
سگهن ٿا. رواجي سياستدانن جو کڙڪو گهڻو آهي، مگر
سندن ڪم جو نتيجو ٿورو آهي. اهو گهڻو ڪري ناپائدار
ڳالهين ۽ عارضي سوالن سان واسطو رکي ٿو. گيانيءَ ۽
فيلسوف جي ڪم جو اثر وڌيڪ اڻ لک، پر وڌيڪ اونهو
ٿيندو آهي. جيئن سمنڊ جون لهرون زمين جي
ويجهڙائيءَ ۾ يعني تراکڙي پاڻيءَ ۾ گوڙ شور ۽ گجي
ڪنديون آهن يا خالي مٽ ڀان ڀان گهڻي ڪندو آهي،
تيئن هي سياستدان ميمبر ۽ وزير به هل هنگامو گهڻو
ٿا مچائين، مگر انهن جو حياتيءَ جي ذاتي سوالن سان
واسطو بلڪل ٿورو آهي. سندن اثر مٿاڇري آهي. هڪڙو
گياني جو ڪو نئون خيال يا نئون نمونو زندگيءَ جو
پنهنجي مثال سان دنيا جي اڳيان پيش ڪري ٿو يا هڪڙو
ساڌو ۽ شيوڪ جو ڪنهن ننڍڙي آشرم ۾ ئي چئن دلين تي
ڪو اونهو اثر وجهي ٿو، يا هڪڙو پروفيسر جو ماٺ ميٺ
۾ پنهنجو کوجنا جو ڪم ڪري ٿو يا وگياني جو سائنس
جو ڪو نئون راز بتائي ٿو، ان جو اثر هن حياتيءَ تي
وڌيڪ گهرو رهي ٿو بنسبت هڪ طاقتور وزير جي جنهن جي
وڏي هستي يا ظاهري ڪم ۾ ڪو به اثرائتو خيال سمايل
ڪونه آهي. وقت جي تقاضا محسوس ڪري ساڌو ۽ گياني به
پنهنجا ويس مٽائي ڪڏهن سياست ۾ گهري پون ٿا، مگر
اسان غريبن جي لاءِ اهڙو ڪو اشارو ڪونه آيو آهي.
تنهن کان سواءِ پاڻ چونڊائڻ جو هي رستو ڪهڙو نه
نفرت جوڳو آهي! پاڻ چونڊائڻ جو خيال ئي خود
اهنڪاري خيال آهي. خبر نه آهي ماڻهو کي شرم ڇو نه
ٿو اچي جو پنهنجي تعريف پبلڪ پليٽ فارم تان يا
ڇپائيءَ رستي هن واهيات نموني پيا ڪن! مون کي ته
انهن جا اشتهار پڙهي خود پاڻ کان لڄ ايندي آهي
جيئن ڪا گهر ويٺي زال وئشائن جي ننگائپ جو احوال
ٻڌي لڄائجي وڃي. هي به هڪ روحاني وئشاپڻو آهي. وڏي
ارمان جي ڳالهه اها آهي جو اڄ ڪلهه انهيءَ طريقي
کان سواءِ عام طرح ڪو اميدوار پاڻ کي چونڊائي نٿو
سگهي! ووٽرن کي ته ازخود خيال ٿيڻ گهرجي ته هي
ماڻهو جو پنهنجي هڏن جي ڪمائيءَ مان هزارين روپيا
خرچي، دن رات در بدر ٿي اسان جي پٺيان ڦري رهيو
آهي ۽ ووٽن لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، سو يا ته
پاڳل يا ته بي ايمان هوندو. ڀلا سچي شيوڪ کي ڪهڙي
پيئي آهي جو منٿون ڪري ته مونکي چونڊيو ۽ پنهنجا
گڻ پاڻ پيو وستار ڪري؟ ڪنهن آدرشي پارٽيءَ يا
جماعت جو ميمبر ٿي اميدوار بيهڻ، جنهن ۾ ايتري
پئسي خرچ ڪرڻ يا ماڻهن کي لالچائڻ جي ضرورت نه
ٿئي، سا البت ٻي ڳالهه آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته
آدرشي طريقي کان سواءِ آدرش کي پهچڻ به مشڪل آهي.
پر اڄ سڄي ملڪ ۾ اهڙي ڪا جماعت مان نٿو ڏسان. گهڻو
ڪري ماڻهو جماعت جو سهارو وٺي پنهنجي شخصيت وڌائڻ
يا مالي حالت سڌارڻ لاءِ ئي چونڊن ۾ بيهن ٿا. هاڻي
ويچار ڪري ڏسو ته اسان فقير ماڻهن جي انهن جي وچ ۾
ڪهڙي جاءِ ٿي سگهي ٿي؟“
***
مٿيون خيال سام جو مان چڱيءَ طرح سمجهندي آهيان؛
خود منهنجو به اصل کان اهوئي خيال آهي، پر هن وقت
تائين سام جي آشرم وارين رٿن جو واڌارو نه ڏسي مون
اها رٿ ڏني ته سام سياست ۾ گهري؛ سمجهيم ته هن
طريقي شايد سندس ادبي ڪم جو به واڌارو ٿئي. پر سام
پنهنجي ارادي تي اڳي کان به وڌيڪ پڪو نظر آيو.
سندس خيال جي پڪائي ڏسي منهنجو وشواس به وري پڪو
ٿيو ته اسان جي ڪم جو ميدان نرالو آهي. سام هن
باري ۾ وڌيڪ هنيئن چيو: ”آئينده واري لائين اسان
جي ڪم جي ڪهڙي به ٿئي مگر ٽن ڳالهين جي مون کي آس
هميشہ رهندي آهي: (1) ته اها آئينده واري زندگي
اسان جي ستنتر ٿئي. (2) ته اها سندر هجي (3) ته
ساتوڪ رهي. ڪهڙا اپاو يا قدم وقت بوقت اختيار ڪبا
تنهن لاءِ ايترو اڳ ۾ پڪا ويچار ڪرڻ سو به هڪ قسم
جو اهنڪار آهي. ڪهڙي خبر آهي ته زندگيءَ جي ڦرندڙ
حالتن سان اڄوڪا ويچار اسان جا ڪي سال هن کان پوءِ
ٺهڪي ايندا يا نه. نمرتا ۽ نهٺائيءَ سان سڀ رٿون
ايشور کي ارپن ڪجن؛ گهڻا پور نه پچائجن ته هينئن
ڪبو يا هينئن ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو ٿيندو اهوئي
جو ايشور کي وڻندو. فقط ائين چئجي ته مان شيوا
لاءِ تيار رهندس ۽ جو اشارو مالڪ جي طرف کان مليو،
ان موجب قدم وڌائيندو رهندس. وڌيڪ ڪجهه به پور
پچائڻ اهم ڀاو جي هڪ نشاني آهي. سچي شيوڪ کي هميشہ
ائين چوڻ کپي: ’جو نڌ ڀاوي سائي ڀلي ڪار‘. ائين
چئي سام هٿ جوڙي نمسڪار ڪيو ۽ تنهن بعد مون کي
پنهنجو دعا جو هٿ گهمايو. مون کي وڌيڪ پڇا جي
ضرورت پڻ ڪانه رهي.
***
22-12-1952ع اسان جي مٿان اڃا ڪيتريون سنساري
جوابداريون مڙهيل آهن؛ اهو خيال ڪندي منهنجي دل
ٿورو ’گائون مائون‘ ٿيڻ لڳي، مان ته اڄ ڪلهه هلندي
ئي انهيءَ آس تي آهيان ته آشرم جي اسٿاپن ڪرڻ جو ۽
ستنتر جيون جي شروعات جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي؛
جيئن جيئن شام جو سورج است ٿيڻ جو نظارو ڏسون يا
پريئر جي وقت کان پوءِ ڪا گيان جهڙي ڳالهه ڇِڙي ته
دل جي اڳيان هڪ قسم جو تصور ايندڙ وقت جو ٺهي
ايندوآهي. انهيءَ هڪ اميد سان اسان جو هي سفر
زندگيءَ جو ڏکن ڏاکڙن ۽ آزمائشن سان ڀريل پيو
هلندو آهي. مگر ڪالهه جڏهين نئين سر مٿيون خيال دل
تي آيو ته اڃا ڪيترن سالن لاءِ اسان کي هت ڳهڻو
آهي، تڏهين وري ائين سمجهيم ته شايد اهو وقت
آزاديءَ سان تيرٿ ياترائن ڪرڻ جو يا سچي ست سنگ جو
اڃا پرڀرو آهي. سام منهنجي نراسائي ڏسي چيو: ”ائين
هرگز نه آهي! اسان جي آشرم اڳ ۾ ئي اڏجي رهي آهي.
باقي ٿوريون منجهس ڪي هاجون رهيل آهن! جتي به
دليون گڏجي ڪا به سچي آس رکن ٿيون ۽ هڪ ٿي هلن
ٿيون ته اُهي سمجهو ٻه ٿنڀا آشرم جي عمارت جا آهن.
ٻيا ٻه ٿنڀا آهن محنت ۽ سچائي ۽ ڇت آهي الله جي
اوٽ. باقي ٻيون سڀ ڳالهيون ۽ رٿون بيروني اڏاوت
جون يا اندروني انتظام ۽ جوڙ جڪ جون سي ٿورو حصو
والارن ٿيون. تنهنجي آشرم جا ٿنڀا تيار آهن؛ ڇت
سائين ثابت رکندو. منهنجي مراد پوري ٿي آهي جو
تنهنجي دل اندر اهو خيال ساڳيءَ طرح واسو ڪري ويو
آهي، جيئن منهنجي دل اندر. پوءِ نراسائيءَ جون
ڪهڙو سبب آهي؟ سائينءَ جا شڪرانا مڃڻ گهرجن جو
ڏکيون منزلون لنگهائي ۽ سنسار جا مڙهيل ٻوجها گهڻا
ڪلهن تان لاهي ان آدرشي زندگيءَ جي ويجهو آڻي اسان
کي ڪڍيو اٿس. مان ته ڏسان ٿو باقي هڪ ٽپي ڏيڻ جي
دير آهي. اُها آشرم تون ۽ مان پاڻ اندر کنيو ٿا
وتون. ياد قائم رکڻ خود اُها جادوءَ جي لڪڙي آهي
جا دور منزل کي ڇڪي ويجهو آڻي ٿي. جيئن ڪا شيءِ
پهريائين ڦڪي ۽ پوءِ وڌيڪ نظر ڪرڻ سان آڪاش ۾ چٽي
چٽي ٿيندي وڃي تيئن اسان جي آس ۽ محنت ان آشرم جي
اڏاوت کي هر روز چٽو ۽ سچو
(Tangible)
روپ ڏيئي رهي آهي. آس جي پينگهي ۾ ئي ته سڀ آدرش
نپجن ٿا. خيال ۾ ئي هر اڏاوت جو آرنڀ ٿئي ٿو.
ايشور جي آسيس پري نه آهي. فقط تون ڏس ۽ انجي وٺڻ
لاءِ تيار ٿيءُ!”
***
2-9-1953ع هن ڊائريءَ ۾ اڳئين داخلا کي گهڻا ڏينهن
ٿي ويا آهن. هيترا مهينا دنيوي ڪمن جي پيڙ ۾ تڪڙا
تڪڙا گذري ويا آهن، جيتوڻيڪ انهن جو ڏينهن ڏينهن
انتظاريءَ کان خالي نه هو. سام چيو: ”انتظاري هڪ
مُڏو ڏاٽو آهي جنهن سان وڍجڻ ۾ چيچلائڻ گهڻو ٿئي
ٿو. زماني ۾ وڍجڻ وقت ماڻهو ائين پيو سمجهي ته پل
پل اهنجو گذري رهيو آهي، جيتوڻيڪ هيئنر ائين پيو
ڀائنجي ته ڄڻ وقت سمورو هڪ خواب مثل گذري ويو. سو
ان ڪري آهي جو هڪ ته انتظاريءَ واري پاسي من موٽڻ
نه گهرندو آهي يعني انتظاريءَ وارين ڳالهين جي ياد
خود اُگري لڳندي آهي ۽ ٻيو ان ڪري جو اهو سمو گهڻي
جفا ڪشيءَ هوندي به سچي حاصلات کان خالي رهي ٿو.
جي دل جي تارازيءَ ۾ توربو ته بيڪار ۽ اجايو ثابت
ٿيندو. ان ڪري به خواب وانگر خالي خالي پيو نظر
اچي. حرص ۾ يا انتظارين ۾ ڪيل ڪم اڌ چٻاڙيل کاڌي
مثل آهن جي پيٽ تي تنگي يا ڀراءَ گهڻو ڪن ٿا، مگر
رت ست يا هميشہ واري طاقت منجهائنئن بلڪل ٿوري بڻي
ٿي. جيڪا شيءِ وري وري چٻاڙي کائبي آهي، تنهن ما
نه رڳو سواد ۽ نيت جو ڀرجڻ يا ڍو چڱو ٿئي ٿو، مگر
منجهائنس تن کي پڻ گهڻي طراوت رسي ٿي. ساڳيءَ طرح
دنيوي ڪمن ۾، انتظاريءَ واري تڪڙي حياتي گذاريل
انسان جي من کي آزمودي يا اڀياس جي صورت ۾ گهٽ
فائدو پهچائي ٿي، پيٽ ۾ ان زندگيءَ جي جيڪا ستنتر
۽ آدرشي آهي ۽ تن من جي سچي فائدي لاءِ ڳڻي ڳوتي،
سٺن نيمن تي بيهاريل آهي. البت حياتيءَ جو ڪو به
ڪم اجايو ڪونه ٿو وڃي؛ ڪو به ڪاريه جنهن ۾ انسان
ٿورو يا گهڻو چاه رکي ٿو. يا وقت جو ڪشمڪش ۾ گذري
ٿو، سو به گيان پرائڻ کان خالي نه آهي. انهن اسان
جي نون مهينن جي در بدر ٿيڻ ۾ پڻ ڀلائيءَ ۽ وندر
جا گهڻا آزمودا هئا. مالڪ جي مهر سڀ ڪنهن رٿ ۾
هئي؛ سندس هٿ هر ڪاريه ۾ هيو ۽ انهيءَ عقيدي جي
هيءَ هڪ ننڍڙي آزمائش هئي، جنهن مان پار پئي اسان
کي شڪر گذار رهڻ گهرجي.“
سام جو وڪيل جيڪو سندس معاملن کي منهن ڏيندو آهي،
انهيءَ اوچتو اچي اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ قسم جو
ٽاڪوڙو وڌو هو. چيائين ته سام هتان ڪجهه وقت لاءِ
هليو وڃي جو اُن ۾ سندس فائدو آهي؛ سندس اهڙن لفظن
۾ ڏنل صلاح مون کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مون زوريءَ
سام جو سامان تيار ڪري کيس اڪيلو روانو ڪري ڇڏيو،
جيتوڻيڪ آخر ۾ هي سڀ اجايو ثابت ٿيو. سام به هنن
معاملن کان بيزار هيو تنهن ڪري گهڻو ضد هن به ڪين
ڪيو. جنهن کي ڀلا ريلوي جي ٽائيم تي گاڏي پڪڙڻ يا
مقرر وقت تي ڪنهن ڪم لاءِ ملڻ يا ڪا به پابندي
پروگرام وغيره جي اڳواٽ پاڻ تي وجهڻ هڪ آزار پيو
لڳندو آهي، سو وڪيلن ۽ ڪورٽن جي حاضرين کائڻ وغيره
مان ڇا ڄاڻي؟ مون کي اهو پڻ خيال هيو ته ملڪ جي
پارٽيشن کانپوءِ هو پنهنجي زندگي پنهنجي خيال موجب
گهاري نه رهيو آهي. خاص ڪري گذريل ٻارنهن مهينن ۾
مقرر وقتن تي ڪمن جو انتظام رکڻ، سو هن جي دل جي
مٿان هڪ قسم جو بوجو ٿي رهيو آهي. ان ڪري سام به
آخر منهنجي ڳالهه مڃي. ايترا مهينا اڳ اسان ڪڏهين
به هڪ ٻئي کان جدا ڪين رهيا آهيون. سندس وڃڻ
کانپوءِ مون لاءِ نيون انتظاريون پيدا ٿيون؛
منهنجي موڪل ملڻ جون ۽ سندس پٺيان وڃڻ جون.
هندستان ۾ مائٽن مٽن ۽ دوستن جا هيڻا حال ٻڌي پاڻ
کي به وڃڻ ۾ خاص مزو ڪو نه پيو اچي مگر سام پيو
لکي ته يا تون جلد اچ يا مان هڪدم موٽي اچان.
جيتوڻيڪ سام جي گرهست آشرم جو عرصو اچي پورو ٿيو
هو، تڏهن به حالتون سندس پورن آزاديءَ لاءِ سهنجون
نظر نه ٿي آيون. هن چيو ٿي ته ڇهه مهينا مدي کان
اڳ ۾ ڪمن مان هٿ ڪڍڻ جو نتيجو اهو ٿيندو جو ڇهه
سال وري پروگرامن پورن ڪرڻ ۾ وڌيڪ لڳي ويندا.
هينئر ڏسان ٿي ته برابر ٿي رهيو آهي ۽ جي ڇهه
مهينا وڌيڪ صبر سان هت گذرن ها ته هن وقت کيس هنن
سنساري ڪمن کان وڌيڪ آزادي ملي سگهي ها. اسان جي
وڪيل جي صلاح بيڪار هئي. ڪي چون ٿا حسد وچان اها
صلاح ڏني هئائين ته هي ڀل لڏي وڃن. خير جو ڪجهه ڀي
ٿي تنهن ۾ قدرت جو هٿ سمجهڻ گهرجي.
هاڻي ڏسان ٿي ته نه سام ۽ نه مان ئي ساڳيا رهيا
آهيون. سام ته هندستان کان موٽي اچي ڪنهن آفيسرن
يا سنساري سنٻنڌ واري سان ملڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. اِن
بنسبت سام چيو: ”جيئن ڪو پڪو ڦل وڻ مان هوا لڳڻ تي
پاڻهي ڪري پوندو آهي تيئن سنساري ڪمن کان هينئر
اسان جو خيال الڳ ٿي ويو آهي. اهي پاڻهي خيال مان
ڪري پيا آهن يا چئجي ته خيال پڪا ٿي انهن ٻنڌنن جي
ٽاريءَ کان ڇڄي رهيا آهن.“
مان ڏسان ٿي ته سام هينئر ڄڻڪ وسي رسي ئي پهاڙن
نندين ۽ خيالي ميدانن ۾ ٿو. منهنجي دل به اوڏانهن
ازخود ڇڪجيو وڃي ٿي. ظاهر طور ٻئي ساڳئي شهر ۾،
ساڳيءَ جاءِ ۾ رهيا پيا آهيون؛ ساڳئي ڌنڌي ۾ پڻ
لڳا پيا آهيون؛ پر آشا جي هڪ نئين کڙڪي کلي آهي.
اميد آهي ته اها وڌي هڪ دروازو ٿي پوندي، يعني
اسان جي ڇوٽڪاري جو دروازو! اِن آس ۾ ٻئي هت اڪيلو
جيون ڪاٽي رهيا آهيون!
وچ ۾ هي طوفان ڇو آيو؟ هي سڀ ڇا هيو ۽ هيءَ
انتظاري يا در بدر ٿيڻ ڇا لاءِ هئي؟ ان بنسبت سام
چوي ٿو: ”اهي انهيءَ برسات جون اڳواٽ گجڪارون هيون
جنهن جي وسڻ جا ڏينهن ويجها پوندا ٿا وڃن. شايد ڪا
اسان جي اندر ۾ سنساري ڪمن لاءِ چاهنا پڻ رهيل
هئي. انهن کان ويتر دل کٽي ڪرڻ لاءِ سنسار وري هڪ
ڏيکاري ڏني. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اها اميد رکڻ گهرجي
ته سنسار روپي باهه جا هي آخرين اُلا هئا. حاضرين
ڀرڻ ۽ دنيا جي حضورن کان خود دل هميشہ لاءِ کٽي ٿي
ويئي آهي. هن اُٿل پٿل اسان جي ارادي کي ويتر پڪو
بڻايو آهي ۽ ڀيٽ ۾ نئين زندگيءَ جي رٿ کي وڌيڪ
موهيندڙ ۽ منوهر ڪري بيهاريو آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”آس گل جي مثل آهي. جيئن گل مان ڦل
پيدا ٿئي ٿو، تيئن سچي آشا به ضرور هڪ ڏينهن ڦل
پائي ٿي. فقط ان کي سچائيءَ جو پاڻي ڏيندا اچون ته
وڌندي رهندي ۽ هڪ ڏينهن ڦردار ٿيندي. سياڻي مالڪ
سرشٽيءَ جي ڪا شيءِ اجائي نه بڻائي آهي. امنگ ۽
ڀڳتيءَ سان نپايل آس ڦل رهت ٿي نٿي سگهي!“
***
13-9-1953ع هيءَ اڄوڪي داخلا مان اڳين نوٽن مان
ڪريان ٿي جي هندستان وڃڻ کان اڳ لکيل هئا مگر
ڊائريءَ ۾ آندل ڪو نه هئا:
مون سام سان ذڪر ڇيڙيو ته اُها زندگي آشرم واري
ڪهڙي قسم جي ٿيندي؟
سام چيو: ”جيئن مون اڳ چيو آهي، اُها آشرم ڪو آرام
گاهه تنهنجي ۽ منهنجي آسائش لاءِ ڪونه ٿيندو مگر
هڪ ڪم جو مرڪز ٿيندو. ان جو پهريون آرنڀ سڀ شيءِ
يا سڀ جيءَ جي ڄم وانگر تڪليفن ۽ سورن سان ٿيڻو
آهي. پوءِ به اورچائي هميشہ ڪرڻي پوندي. پريشانيون
۽ چنتائون پڻ پيدا ٿينديون رهنديون جهڙوڪ آشرم جي
سلامتيءَ لاءِ اُپاءُ وٺڻ جون، ڪاروبار جاري رکڻ
جون، نيم جي بجا آڻڻ جون، خرچ لاءِ پيدائش ۽ چندن
وغيرهه جو پرٻنڌ ڪرڻ جون، وغيرهه وغيره. ائين سچ
آهي ته آدرشي زندگي وڌ ۾ وڌ مزي جي ۽ راحت ڀري
زندگي ٿيڻ گهرجي پر اها راحت سٺي طعام يا آرام يا
ٿڌين هوائن وغيرهه سان پيدا نٿي ٿئي ۽ نه تڪليفن،
کوجنائن، مسئلن حل ڪرڻ ۾ هپي وڃي ٿي. اها راحت
وسيع زندگيءَ جي راحت آهي جنهن ۾ پهريائين آتما ۽
دل من راضي رهن ٿا. تن جو ويچار به واجبي آهي مگر
سڀني کان اڳ ۾ رکيو نه ويندو. هيءَ سکيا شايد اڄ
ڪلهه جي ساميوادن کان ابتڙ هجي جيڪي تن جي پرورش
جي اول خيال ڪن ٿا.“
مون سام کان پڇيو: ”جيڪڏهين تڪليفن ۽ مسئلن حل ڪرڻ
يا جفا ڪشي گهڻي ڪرڻ سان به اها خوشي قائم رکي
سگهجي ٿي ته هينئر هنن دنيوي مسئلن جي وچ ۾ ڇو نه
ٿي اسان کي نظر اچي؟“
سام چيو: ”جيتري قدر اها نظر نٿي اچي، اوتري قدر
اسين روحانيت ۾ اڻپورا آهيون. روحانيت جو مسئلو سڀ
مسئلن جو بنياد آهي ۽ انهن سان گڏو گڏ حل ٿي سگهي
ٿو. اهو آنند هتي ۽ هينئر حاصل ڪرڻو آهي ۽ هيءَ
زندگي ان ايندڙ پورڻ زندگيءَ لاءِ هڪ تياري سمجهڻ
گهرجي، نه ته بي سود آهي.
”جڏهن ڪو ٻار ڪنهن وڏي نماءَ ڏسڻ لاءِ ڪنهن شهر
ڏانهن ويندو آهي ته تياريءَ ۾ کيس ڪيڏي نه خوشي
معلوم ٿيندي آهي! اها ٻاراڻي ۽ معصوم دل اسان کي
هن زندگيءَ جي مسئلن وچ ۾ زندهه رکڻ گهرجي ۽ ساڳي
خوشي اسان کي هن تياريءَ ۾ پڻ ملڻ گهرجي. منهنجو
مطلب هي آهي ته اها آشرم يا آئيندهه واري آدرشي
زندگي هاڻوڪيءَ زندگيءَ کان ڇڳل يا الڳ ڪونه
ٿيندي. پاڻ کي متان ٺڳيندا هجون، تنهن ڪري اهو
چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي ته اها زندگي اوچتي ڪٿان
پيدا ڪونه ٿيندي، نه ان جي برپا ٿيڻ تائين اسين
پنهنجي اندروني خوشي يا پنهنجي من جو صلح وڃائي
سگهون ٿا. اهي اسان جي جيوت جي سچي دولت آهن، جنهن
کي هڪ پل لاءِ به پٺتي رکي نٿو سگهجي. پنهنجي روح
جي راحت جا دروازا آشرم کلڻ تائين بند ڪونه رکي
سگهبا. جيتري راحت هينئر پاڻ ۾ پاتي اٿئون، اوتري
راحت پوءِ به اسان جي رهندي. هينئر ان کان خالي
آهيون ته ممڪن آهي پوءِ به خالي رهجي وڃون. اها
آشرم ظاهري روپ ٿيندي ان خيال جو جيڪو اڳ ۾ ئي من
اندر موجود آهي؛ ان مال ۽ سامان تن من جي مان جو
اڳ ۾ ئي گڏ ڪري رهيا آهيون ۽ پوءِ گڏ ڪيو ويندو
اُها جڙندي. ڪنهن خاص وقت يا حالتن جو خيال رکي
انهن جي اچڻ لاءِ ترسي ويهڻ ۽ ڪم نه ڪرڻ يا اها
اميد رکڻ ته هندستان يا فلاڻي هنڌ يا فلاڻي شهر ۾
پهچي پوءِ هي ڪم شروع ڪبو سو خيال بيڪار آهي. اها
آشرم جيڪڏهين اسٿاپن ٿيڻي آهي ته هاڻي ۽ هتي ٿيڻي
آهي. پوءِ ڪٿان اُڀ مان اوچتي هيٺ ڪين لهي ايندي!
اسان کي آشرم جي مقصد، نيم ۽ ابتدائي اڏاوت بابت
چٽا خيال هئڻ گهرجن. چٽن خيالن جي معنيٰ بند خيال
نه آهي جن ۾ ٻي ڪا نئين روشني پوءِ نه اچي سگهي.
مگر جيڪي قدم پهريائين کڻڻا آهن انهن جي گهٽ ۾ گهٽ
صورت صاف هئڻ گهرجي. اڳ تنهنجي ڊائريءَ ۾ شايد
اهڙا ويچار ڄاڻايل آهن، مون کي هي خيال پڪي طرح من
تي ويٺل آهي ته پهريائين ضرور تڪليف وٺڻ سان آشرم
جو آرنڀ ٿيندو. فقط سڌ ڪري ويهي رهڻ سو بس نه
ٿيندو. تمنا جاڳي تنهن کانپوءِ رٿ ۽ اپاءَ جي
ضرورت آهي؛ اُن اپاءَ لاءِ وري پاڻ ارپن ڪرڻ جي
ضرورت آهي. فقط دل کي بهاري ڏيڻ ته هيئن اسان جي
آشرم ٿيندي، تنهن مان ڪجهه حاصل ڪونه ٿيڻو آهي.
منهنجي لاءِ اها آشرم هڪ خيال جي پورنتا، ڪرم جي
آزادي ۽ اندروني خوشي جو بهانو آهي. مون پنجويهن
سالن کان وٺي ان بنسبت ڪي ويچار ڪيا آهن ۽ روز ان
لاءِ دعا گهرندو آهيان ته ان آدرشي، ستنتر ۽
سمپورڻ جيون کي شل هر قدم سان وڌيڪ ۽ وڌيڪ ويجهو
ٿيان؛ گويا هي پنجويهه سال به ان جي اسٿاپن ڪرڻ ۾
لڳايا اٿم. تون ۽ تنهنجي ساري زندگي پڻ ان آشرم جي
اڏاوت جو منهنجي نظر ۾ هڪ ڀاڱو آهيو ۽ پنهنجي
هاڻوڪي حياتي به تون ان کان الڳ نه سمجهه!“
***
15-9-1953ع سام پنهنجي انگريزي ڊائريءَ ۾ هڪ ٽڪرو
لکيو هو جنهن جي مون کائنس سمجهاڻي پڇي ته اهي
خيال خاص ڪري فلاڻي موقعي جي ڪري توهان جي دل ۾
آيا يا نه؟ سام تنهن تي جواب ڏنو: ”خيال هڪ پکيءَ
مثل آهي؛ ڪنهن خاص ٻُوڙي مان نڪري جڏهن آسمان ۾
وڃي ٻين پکين سان ملي ٿو، تڏهين کيس سڃاڻي ڪين ٿو
سگهجي ته هو ڪهڙي ٻوڙي جو پکي آهي. خيال جو دائرو
وڏو آهي. اهو پيدا کڻي ڪنهن خاص موقع يا زندگيءَ
جي وهنوار مان ٿئي مگر هڪ ڀيرو جڏهين آزاديءَ جي
وسيع آسمان ۾ اڏامي چڙهي ٿو، تڏهين مٿس معنيٰ جي
حد وجهڻ مشڪل ٿيو پوي. جڏهين پنهنجا شخصي ناتا
ڇڏي، اصليت واري روپ ۾ اچي ٿو، تڏهين ڪنهن خاص
انسان يا موقعي سان يا ڪنهن جاءِ، مقصد وغيرهه سان
لاڳاپو نٿو رکي، مگر وشو روپ ڌاري پاڻ هڪ درسني
بڻجيو پوي، جنهن ۾ هر ڪو پنهنجو پاڻ پيو ڏسي ۽
پنهنجي پنهنجي معنيٰ پيو پڙهي. تنهن ڪري شاعرن يا
فقيرن جا قول ڪنهن خاص مطلب وچان سمجهڻ جي ڪوشش نه
ڪجي ۽ نه مقرر معنيٰ جي سوڙهي پيچري ۾ انهن کي قيد
ڪجي، مگر جا معنيٰ دل سان لڳي اچي سا هر ڪو پنهنجي
لاءِ انهن مان ڪڍي سگهي ٿو.“
*** |