سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 46

18-8-1966ع  اُهي گلر ٽونيءَ جا جن جو اڳ ذڪر ڪيل آهي ٻه ماديون ۽ هڪ نر هيو. نر اسان جي ڪنهن ملازم گهريو ته مان پاليندس. اُهو اُتي وڃي خوش ٿيو باقي ٻه ماديون تن جا نالا رکياسين ٽوني ۽ ڦوني. ٽوني ڦونيءَ کان گهڻو تڪڙي هئي. مون ته چيو ٿي ته ڦوني شايد مشڪل بچي پر ٽونيءَ کي ڪجهه تيسو وڌيڪ هيو ۽ ڦوني ماٺيڻي سوڀاو جي هئي؛ ٽوني کائڻ وقت شوخيءَ وچان ڦونيءَ کي دڙڪن ڏيڻ ۾ پوري هجي ته ڦوني هيٺان منهن لنگهائي چپ چاپ ۾ کائي وڃي. صبح جو هر روز مان کين پاڻ سان گڏ هيٺ اسپتال ۾ وٺي ويندي هيس. هڪ ڏينهن منهنجي غير حاضريءَ ۾ ٻاهرين هڪ ڪتي اوچتو اسپتال ۾ ڪاهي پيئي ۽ ٽونيءَ کي سخت چڪ پائي ڦٽي ويئي. پڇا ڪرڻ تي ماڻهن چيو ته ڪتي ڇتي ڪونه هئي، پر ٽوني جو پاڻ وڃي انهيءَ سان وچڙي ته اُن چڪ پائي ڪڍيس. تنهن کان پوءِ 8 ڏينهن سانده سندس ڦٽن جو علاج ڪيوسين. سندس ڦٽ پاڻ ڌوئيندا هئاسين ۽ هيٺ کيس ڪونه ڇڏيندا هئاسين. ڦٽ ڪجهه ڇٽي ويا مگر ٽوني ٿوري موڳي موڳي نظر پيئي اچي ۽ ڦونيءَ سان گهڻي وڙهه وڙهه پيئي ڪري. تنهن ڪري چيوسين ته ٽونيءَ کي هيٺ بيهارجي ۽ نظر ۾ رکجي ته متان اهي ڇتائيءَ جا آثار هجن. اهو اسان کي ڪڏهين خيال ۾ ڪونه آيو ته اَت ڀؤ ڪري کيس Ant rabies Vaccine هڻائي ڇڏجي. اڃان ويٺي سندس حالت جا چيسين ته ڦٽ جي مغز ۾ Nerves جي ويجها هئا تن ۾ اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينهن ڇتائيءَ جا آثار پئدا ٿيا. ٽوني بي صبريءَ ۾ ٻاهر نڪري هلي ويئي. گهڻي ڳولها ڪرائي سين پر سڀاڻي تي مئل لڌيسين. انهيءَ وچ ۾ هڪ ڀيرو کيس منجهيل ڏسي سام چيو اچو ته مٿس جئه جڳديش جي آرتي پڙهون. گويا هن جي ڪال جو پاڇو اڳ ۾ ئي اسان کي نظر ايندو هو ۽ مان ور ور چوندي هيس ته بچندي ڪونه. سندس مرڻ بعد اسان جون اکيون کليون ته هيءَ ڪتي ته ڇتائيءَ جي حالت ۾ پالي سنڀالي رهيا هئاسين. هينئر ڇا ڪجي؟ نتيجو اهو نڪتو ته نه فقط گهر جا سڀ ڀاتيAnt rabies Treatment  پيا وٺون پر سڀني ڪتن لاءِ پڻ بندوبست ڪيو اٿئون. ماڻهو ائين پيا چون ته ڪتن جي پيار مان ڇاٿو وٽجي! مگر سام چيو ته هي ڪتن پالڻ واري جو ڏوهه نه آهي پر نه پالڻ وارن جو، جي انهن کي ڇوٽ ڇڏي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏن ٿا، جنهن ڪري هو ڇتا ٿي ٻين کي زخمي وجهن ٿا. يورپ جي ملڪن ۾ اهڙو ڪوبه سوال ڪونه پئدا ٿيندو آهي. پر اسان جو ميونسپل ائڊمنسٽريشن اهڙو ته ڍرو آهي جو مند تي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اهڙو خطرو پيدا ٿيو پوي. اسان جي بي قياسيءَ جي حد به ڏسو ته گهڻن شهرن ۾ ڪتن لاءِ Precautionary Treatment جو ڪو به بندوبست ڪونه آهي. اسان کي ڪتن لاءِ Vaccine هٿ ڪرڻ ۾ ڪيتريون تڪليفون ڪرڻيون پيون ۽ ڪيتري ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي پيئي. سام ۽ مون کي آرام ڪونه هو، جيستائين Vaccine جو بندوبست ڪتن لاءِ نه ڪيوسين. سام چيو ته هي هڪ عظيم ڏوهه کڻڻ ۾ اچي ها جيڪڏهن اسين پاڻ Vaccine هڻايون ها ۽ پنهنجن ڪتن ويچارن کي، جن سان گڏ ٽوني رهندي هئي ۽ جن کي چڪ پائيندي هئي، لاعلاج موت جي حوالي ڪري ڇڏيون ها.“

***

 

 

5-10-1966ع ڪالهه اسان وٽ هڪ شهدادڪوٽ جو ڪامرو دوست آيو. پنهنجي گهر جا احوال ڏيندي چيائين ته چاچو ڏاڍو بيمار ٿي پيو هو ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر جي دوا نه پيئي لڳي؛ آخر سندس ڇوڪرا کيس هڪ پير تي وٺي ويا. اُتي سندس زبان کلي ۽ اشارو ڪري چوڻ لڳو ته اهو سامهون جيڪو ڀوت ويٺو آهي سوئي منهنجي پٺيان پيل آهي.  هينئر سُري ڪجهه پرڀرو ٿيو آهي.

اها ڳالهه ڪندي اهو دوست سام ڏانهن نهارڻ لڳو ۽ کائنس پڇيائين: ”اوهان جو ان باري ۾ ڪهڙو خيال آهي، ته جن ڀوت سچ پچ آهن يا نه؟ جي آهن ته انسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا يا نه؟ انهيءَ ڳالهه تي ڪجهه روشني وجهو.“

سام چيو: ”مون پاڻ ڪڏهن ڪو نه ڏٺا آهن. باقي ڪن معتبر ماڻهن جي واتان ٻڌو اٿم ته انهن پنهنجن اکين سان ڪي اهڙا لقاءُ ڏٺا آهن. مثال طور منهنجو وڏو ڀاءُ جو هڪ سالڪ صوفي هيو ۽ وهمي يا ڊڄڻو هرگز ڪونه هو، ان جي شاهدي آهي ته هڪ ڏينهن اسر جي وقت جيئن هن ويٺي عبادت ڪئي تيئن سندس نظر اسان جي بنگلي واري کوهه ڏانهن وڃي پيئي؛ اتي ڏٺائين ته تمام ننڍڙي قد جا پيلا پيلا، ڪارن وارن سان، جن نظر آيا جي ساٺ سڳن ڪري رهيا هئا ۽ کوهه گيڙي رهيا هئا. ان وقت بنگلي جي ڪوٽ جا دروازا بند هئا. سندس چوڻ هو ته مون وري وري اکيون کولي چڱيءَ طرح ڌيان سان ڏٺو ۽ يقين ٿيو اُهي برابر جن هئا. اهڙيءَ طرح اسان جي پاڙي ۾ اسان جا سؤٽ طيب ڳوٺ ۾ رهندا هئا. اُهي چوندا هئا ته کاڌي ۾ ڪڏهين ڪڏهين از غيبي گند اچي پوندو هيو. انهن جي گهر جي هڪڙي سياڻي سيبتي اها ثابتي ڏني ته هڪ ڀيري هن پينگهي جي چوڌاري هڪ جن ڦرندو ڏٺو. سندن گهر جي ٻاهرين ڪوٽ جي ڀت تي پڻ چوندا هئا ته ڪڏهين ڪڏهين جن نيريءَ مس جا گهڙا ڀريل هاري ويندا هئا ۽ ڪوٽ جي ڀت ڪٿي نيري نيري ڏسبي هئي. انهن ۽ اهڙن ٻين شاهدين بنسبت وري به ائين مان چوندس ته جيستائين پاڻ ڪجهه نٿو ڏسجي تيستائين انهن مان ڪو به انومان ڪڍڻ اهنجو آهي.“

تڏهن اسان جي دوست پڇيو: ”ڀلا اهي ڳالهيون سچيون هجن يا ڪوڙيون، اوهان اهو قبول ڪريو ٿا ته جن ڀوت وغيره ڪي هن جهان ۾ آهن، جهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ چيل آهي؟“

سام چيو: ”روح يا آتما کي هن جسم کان الڳ ڪا زندگي آهي، جنهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ۽ اهو به سهنجائيءَ سان قبول ڪري سگهجي ٿوته ڪي آتمائون برائيءَ ڏانهن مائل رهن ٿيون يا اهڙن ڪارنامن جا ايجنٽ بڻن ٿيون سر آليورلاج جا آزمودا Experiments in Telepathy صاف ڏيکارين ٿا ته هن جسم کان روح الڳ هستي رکن ٿا ۽ اسان جا پنهنجا آزمودا Clairvoyance ۽ ٽيليپٿيءَ جي نسبت ۾ پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا.“

پوءِ ان دوست جي چوڻ تي سام پنهنجا ڪي آزمودا ٻڌايا جن بنسبت مون به ان متر کي خاطري ڏني ته انهن ڳالهين جي مون کي به خبر هئي، جيئن جئين سام مون کي اهي ڳالهييون گذريل وقت ۾ ٻڌائيندو رهيو.

تڏهين ان دوست چيو: ”ڀلا توهان ائين سمجهو ٿا ته اُهي جن ڀوت يا برائيءَ ڏانهن مائل آتمائون انساني جيوت ۾ ڪو دخل ڏيئي سگهن ٿون؟ ڇا اُهي سچ پچ اسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون؟“

سام چيو: ”مون کي پنهنجي لاءِ اهو يقين رهندو ته مون کي اُهي ڪو به نقصان پهچائي ڪين ٿا سگهن ۽ مان ائين سمجهندو آهيان ته ڊپ ئي انهن کي اسان جي جيوت ۾ دخل ڏيئي سگهي ٿو. جيڪو ماڻهو الله ۾ يا چڱائيءَ جي اصول ۾ اعتقاد رکندڙ آهي انهيءَ جي ويجهو ئي اهڙيون هستيون ڪيئن ٿيون اچي سگهن؟ هڪ صوفيءَ چيو آهي جيوت جي سڄي بناوت خيال تي ٻڌل آهي. خيال يا فڪر ۾ ساري جيوت جو واسو آهي. جيڪا شيءَ فڪر ۾ يا خيال ۾ نه ٿي اچي انهيءَ جي هستيءَ کان پڻ اسين دور رهون ٿا.“

ان دوست پڇيو ته اها ڳالهه مهرباني ڪري وڌيڪ کولي سمجهايو. سام چيو، قرآن شريف ۾ ساري ڪائنات جو بنياد چار عناصر ڏسيا وڃن ٿا؛ هندو يا ويدانت وارا پنج تت مڃن ٿا. چار عناصر ڏسيا وڃن ٿا؛ چار عناصر ۽ پنجون تت آڪاش Euler وارو گڏجي ساري سرشٽيءَ جو بنياد ٺاهن ٿا. سڀ روپ ۽ ٻيون سڀ وستو انهن پنجن تتن جو ميل ڪري ڏسن ٿا. ڪنهن ۾ گهٽ ڪنهن ۾ وڌ، اصل شيءِ اُهي پنج تت ڪري چون ٿا. مگر اڄ ڪالهه جي سائنس ۽ اڳيان رشي پڻ ائين مڃن ٿا ته اُهي پنج تت ڦرندڙ گهرندڙ Convertible آهن يعني هڪ ٻئي ۾ بدلجي سگهن ٿا. مثال طور آب مان آگ جا جزا پئدا ٿي سگهن ٿا. انهن جو بنياد سائنس بجلي Electricity مڃي ٿي ۽ انهي جا ائٽم  Atoms ۽ ماليڪيولMolecules  جدا جدا انداز ۾ ملي ڪري جدا جدا ڌاتو يا شيون بنجن ٿا. اهڙيءَ طرح چار عناصر ۽ پنجن تتن پٺيان رشي ۽ صوفي سالڪ هڪ آتما جو واسو ڏسن ٿا.

”مطلب ته اهي چار عناصر يا پنج تت به هڪ ئي چيز جا جدا جدا خيال آهن. جئن، ٽپايون، ڪرسيون، کٽون، ڪٻٽ، در، دريون، ڪاٺ جا جدا جدا خيال ڪري چئجن. اصل شيءِ ڪاٺ آهي؛ پوءِ خيال موجب انهيءَ مان ڪو ميز ٺاهي ڪو ڪرسي ٺاهي ڪو در ٺاهي سگهي ٿو. جيڪي شيون خيال ۾ هونديو اهي ئي انهن کي مڃيندا ۽ ڪرسيون ميزون وغيره ڪري سمجهندا. هاڻي جنهن کي ڪرسيءَ جو خيال هوندو، ڪو ڪاٺ ان لئي ڪرسي ڏسڻ ۾ ايندو، ورنه پکي پرندي ڪول ڪوريئڙو يا گهر جي ڪنهن جانورن لاءِ اهي سڀ ڪاٺ ئي آهن. جنهن کي ميز جو خيال هوندو ته ميز نظر ايندي ورنه اها به گول يا چئورس ٽڪر ڪاٺ جو آهي. تنهن ڪري مون چيو ته جا شيءِ خيال ۾ واسو ڪري ٿي سا ئي زندگيءَ جي حقيقت بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن وهمي ماڻهو سڄو ڏينهن پيو جنن جا ويچار ڪندو ته سڀ ڪا ڳالهه پاڻ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي ايجنٽ دوارا ٿيندڙ محسوس ڪندو؛ اُن کي ائين ئي نظر ايندو. پر جيڪڏهن پنهنجي خيال ۾ ٻاهرينءَ ڪنهن هستيءَ کي جاءِ نه ڏيندو ته انهيءَ جو اهو احساس پڪو ٿيندو ويندو ته مان ئي خود پنهنجي چڱائيءَ ۽ لڱائي جو ڪارڻ ٿي سگهان ٿو.“

***

 

 

10-2-1967ع اسان پنهنجي گهر ۾ ڪيترائي ڪتا پاليا آهن. انهن جون گهڻيو ئي عجيب و غريب ڳالهيون ياد اينديون آهن. انهن مان ڪي شايد هن ڊائريءَ ۾ درج ٿيون هجن. هي تازو واقعو پڻ نه وسرڻ جهڙو آهي. اسان گهر جي هيٺان اسپتال لڳ جانورن جو هڪ واڙو آهي جنهن جي لڳ هڪ هريجن فيملي به رهندي آهي. سندن ڪمپائونڊ جي هڪ ڪتيءَ سرديءَ جي موسم ۾ ويم ڪيو. ڪتي جيتوڻيڪ ڌاريل ڪونه هئي تڏهن به گهڻي گڏ رهڻ ڪري پنهنجي ٿي ويئي هئي، مگر ايتري نه جو ويجهو وڃي کيس هٿ لائي سگهجي. رولو ڪتن وانگر هن واڙي جي ٻاهران کلئي ميدان ۾ ڏر هڻي اُتي پنهنجا ٻچڙا ڄڻيا. سخت پارن ۾ ڏينهن رات مٿان انهن جي ويهي انهن کي گرم رکندي هئي. اسين چوندا هئاسين ته اهي مشڪل بچندا، مگر ڪتي پاڻ کي تسيا ڏيئي به ٻه ٻچڙا بچائي وڌا. اهي جڏهن ٿورا وڏا ٿيا، تڏهن گهمڻ ڦرڻ ۽ ٻارن سان کيڏڻ لڳا. ڪئين ڀيرا ڏسندا هئاسين ته ڪتي وات ۾ چانورن جا لپا هتان هتان کڻي، آهستي ڏندن جي وچ ۾ جهلي، آڻي پنهنجي ٻچڙن جي اڳيان رکي ۽ انهن کي اول ڍءُ ڪرائي پوءِ پنهنجي کاڌي جي پٺيان وڃي. اهي هريجن گهر وارا به ڪجهه ڏينس ته کڻي وڃي ٻچن جي اڳيان حاضر ڪري. انهن مان مادي ٻچو هريجن ٻارن وڃي مارڪيٽ جي لڳ ڇڏيو ته اتي پلجي باقي وٽن هڪڙو نر ڪتڙو ۽ ڪتي رهيا. اهو ڪتڙو ماءُ سان به رانديون ڪندو هو ۽ ٻيو هڪڙو شوخ طبيعت جو ڪتو جيڪو سندس پيءُ هيو، تنهن سان به راندديون ڪندو هو. مگر هي وڏو ڪتو ڪنهن جي به ايتري مچلائي نه سهندو هو.  مگر هي ننڍڙو گلر خود وڏي جي وات مان ماني کسي ويندو هو، تڏهين به وڏو ڪتو کيس ڪجهه ڪو نه چوندو هيو. پنهنجي ماءُ کي ته مانيءَ وقت هڪلون ڏيئي ڀڄائي ڪڍندو هو، پر هوءَ ويچاري سندس اڳ وٺي پهريدار ٿي ويهندي هئي ته جيئن ڪانوَ سندس ماني کڻي نه وڃن.

اسان کي ننڍي ڪتي جي مارجي وڃڻ جو خيال ٿيو. تنهن ڪري ننڍي ڪتي کي سام پٽو ٺهرائي وجهي ڇڏيو، ان لاءِ ته رولو ڪتو سمجهي ميونسپالٽيءَ وارا ماري نه ڇڏنس. مگر ڪنهن ٻار اهو پٽو ڪتري لاهي ڇڏيو ۽ اوچتو ئي اوچتو ننڍڙو ڪتو گم ٿي ويو. انومان اهو ڪڍيوسين ته شايد کيس مونسپالٽيءَ وارن ماري ڇڏيو آهي. سندس ماءُ ڪتيءَ جي ڏک جوڪو انداز ڪونه آهي. چئن پنجن ڏينهن کان بلڪل ماني کائڻ ڇڏي ڏني اٿس ۽ هڪ هڪ جاءِ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڳولهيندي رهي ٿي. هيترن سالن ۾ ڪڏهن به مٿي اچڻ جي همت نه ڌاري اٿس جو مٿي ٻيا پاليل ڪتا رهندا آهن. ڪالهه اوچتوئي اوچتو ڏاڪڻ ۾ سام جي اڳيان اچي بيٺي. سام سندس گلرن سان پيار ڪندو هو. ڪتيءَ کي شايد اهو خيال ٿيو ته ڪتڙو متان اسان وٽ مٿي آيو هجي. هن ڏک ڀري ڪهاڻيءَ مون کي روئاري ڇڏيو ۽ سام جي اکين ۾ به ڳوڙها هئا. چيائين: هيءُ زندگيءَ جو هڪ غمناڪ به ته هڪ حسين پهلو به آهي؛ حسين هن ڪري جو حيوانن جي دل به پريم اڳيان پاڻي ٿيو پوي!

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org