سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 41

9-5-1961ع منهنجي سستي هڪ پاسي ۽ گذريل پنجن مهينن ۾ جيڪي واقعا ٿي گذريا آهن سي ٻئي پاسي ڪارڻ آهن منهنجي غفلت جو. ”بابا“، يعني سام جي وڏي ڀاءُ جو پريدس (بنگلور) ۾ پرلوڪ پڌارجڻ، سام جي سرڪل يعني دوستيءَ جي دائري ۾ هڪ نئين جوان جو اچڻ جو هڪ آفيسر آهي، سام جي اردو شاعريءَ جو نئين سر آغاز ۽ اسان جو آشرم دن جو 9 اپريل تي ملهايوسون، اهي خاص واقعا آهن هن گذريل عرصي جا؛ انهن کان سواءِ راڳ ۽ ست سنگ جو واڌورو پڻ هڪ نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي.

سام پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ”طيب جو راجا“ ڪري سڏيندي هو ڇا لاءِ جو هن تمام وڏي شان و شوڪت سان وقت پنهنجو گذايو. سندس اوچتو ديهانت اسان جي لاءِ هڪ قسم جو ڌڌڪو هو. سام جو زندگيءَ تي سندس وڏي ڀاءُ جو ڪافي اثر رهندو آهي؛ ”صوفي صاحب“ اسان جي ننڍڙي ڪتاب ”سام سان گڏ ٻه ٽي گهڙيون“ ۾ چيو آهي، ته سام پنهنجي گهراڻي ۾ ۽ پنهنجي پسگردائيءَ ۾ سڀ کان نرالو هيو؛ سندس وڏو ڀاءُ گهر جو ڪرتا ڀرتا هيو؛ جيتوڻيڪ سام ۽ سندس ڀاءُ جي وچ ۾ ظاهر مطابقت ڪانه هئي، تنهن هوندي به، خود سام جي چوڻ موجب ٻالڪ اوسٿا ۾ روحاني طور مٿس گهڻو اثر سندس وڏي ڀاءُ جو هيو. ”بابا“ هڪ صوفي هيو. وٽس صوفين جي اچ وڃ گهڻي هئي. سام انهن جون ڳالهيون دل سان هنڊائيندو هيو؛ زمينداري ڌنڌي ۾ سام ڪيتريون ڳالهيون کائنس سکيون. بابا جو سڀاءُ به سچ ڏانهن مائل هو ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ پڻ سام ۽ سندس وڏي ڀاءُ جي وچ ۾ گهڻي مشابهت هئي. ازانسواءِ پتا جي غير حاضريءَ ۾ هو سام جي پتا سمان وڏو ٿي رهيو. سندس ڀاءُ جي حيثيت ۾ پاڻ اڃان جوان سمجهندو هيو، سو ور ور ڳهالهائيندي ٻولهائيندي ائين پيو چوي ته هاڻي اچي سٺ سال کي پهتا آهيون؛ اهي سندس واتان اکر ٻڌبا آهن ته ”ابا، ڏاڏا، ڀائر، ماءُ پيءُ ۽ چاچا ماما سڀ هليا ويا؛ هاڻي اسان جو وارو آهي ته سنساري ڪمن کان وقت بچائي ست سنگ ۽ شيوا جو ڪم وڌيڪ ڪجي. سندس تازي سنڌي شعر ۽ لکيتن ۾ موت جو ذڪر گهڻو اچي ٿو. سندس اردو غزلن ۾ جدا جدا رنگن ۾ به ساڳين ئي وشين جي اپٽار آهي.

اسان اڄ ڪالهه سندس اردو شعر سڀ کان وڌيڪ ڳايون بجايون ٿا. ان جو مطلب اهو نه آهي ته سنڌيءَ کان سندس يا اسان جو رخ مٽيل آهي مگر هي هڪ ڄڻڪ نئون روحاني سئر ڪري رهيا آهيون. نيون نيون طرزون ۽ نوان نوان سر آلاپي دل روز بهلائيندا آهيون؛ ماڻهن جي اچ وڃ پڻ ست سنگ ۾ وڌيل ڏيکارجي ٿي ۽ ٻاهريان گهڻا راڳيندڙ، فقير وغيره  اسان وٽ پير گهمائي وندر وڌائي ويندا آهن.

9 اپريل وارو اُتسؤ به چڱي ڌوم ڌام سان ملهايو ويو. ياد رهي ته اهو منهنجو جنم دن پڻ آهي. سام ان ڏينهن وڏي ديڳ چاڙهائي غريبن کي کارائي. جاءِ وغيره  ائين سجائي ويئي جو سچ پچ اسان جو ٻارهن ماهيانو ميلو ٿي لڳو. ڪي ٻاهريان اديب ۽ دوست پڻ آيل هئا، جن چڱيون تقريرون ڪيون ۽ راڳيندڙن حاضرينن جي وندر وڌائي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ٿي نظر آئي ته انهيءَ سنگت ۾ ڪيترا مهاجر دوست، زاهد ۽ اهل طريقت پڻ مست صوفين سان گڏ ويٺا هئا! انهن پڻ ڀاڳ ورتو ۽ پنهنجون پنهنجون دعائون ڏنيون.

مٿي مون هڪ سام جي نئين دوست جو ذڪر ڪيو آهي جو هڪ آفيسر آهي. سندس ناتي جو اظهار مان سندس لفظن ۾ ئي سڀ کان چڱيءَ طرح ڪري سگهان ٿي، جي هن اسان جي ”Ashram Day“ تي مهمانن جي خدمت ڪندي ڪتب آندا. سي لفظ هي آهن: ”مون کي وڏو عجب ته پاڻ تي لڳي ٿو جو انهيءَ فرقه جو ماڻهو ٿي ڪري جنهن کان عام طور ماڻهو دور رهندو آهن، مان هن نموني مهمانن جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر سمجهان ٿو!“ هن نوجوانن کي مان ٻالڪ جي نظر سان ڏسان ٿي ۽ هوُ به ٻنهين ڏانهن ايتري ئي شرڌا ۽ صدق رکندڙ آهي. اسان کي سئر ۽ هوا مٽائڻ اڳ ۾ ئي وڻندڙ آهن ويتر هن نئين دوست سان سندس نينڍ تي گهڻ نون پاسن ڏانهن گهڻو پئي ويا آهيون. سام سان گڏ جبلن جا پنڌ ڪندي مون کي سسئي جي صورت اکين اڳيان ٿي آئي.

***

 

 

اجهو هينئر وري گرميون شروع ٿيون آهن ۽ شيل شڪار ۽ صوفي سنگت جا موقعا ڪجهه عرصي لاءِ بند ٿيڻا آهن جو اسان جو سام سائين وري ٻاهر هندستان وڃڻو آهي. مان پنهنجا خيال سندس شعر جي اکرن ۾ ظاهر ڪري سگهان ٿي:

”ڪهان ڇوڙڪي جائون محفل پراني

ڪهان ڀول جائون مين دل ڪي ڪهاني

نه جنت ۾ جائون در دير سي اب

رهيگا هميشہ يهين دل ٽهلتا

10-5-1961ع  گذريل آرتوار واري ست سنگ ۾ ڪن صوفين ۽ اردو شاعرن کان پوءِ ڳائڻ جو وارو هڪ لال اڏيري جي پوڄاريءَ کي ڏنو ويو. اُهو هڪ سادو سودو هندو فقير آهي؛ لال اڏيري جا پنجڙا اهڙا ته پريم سان ڳاتائين جو ٻڌندڙ سڀ ماٺ ۾ اچي ويا، اگرچ انهن ۾ ڪي شريعت جا پائبند مسلمان پڻ هئا جيڪي پيرن وغيره ۾ اعتبار ڪو نه رکندا آهن. سام پنجڙن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سامهون ويٺلن کان هي سوال پڇيو: ”بادشاهه جي لاءِ شيءِ يا سوکڙي ڪا دربان يا مالهيءَ کي ملي ته ان کي طاقت ٿيندي جو اندر محلات ۾ وڃي نه پڄائي؟ بادشاهه جي شيءِ ڪو روڪي سگهندو؟“

حاضرينن جواب ڏنو ته، ”اُها ضرور کيس پهچندي.“

سام چيو: ”اهڙي ريت ڪنهن شيءِ يا پٿر يا انسان وغيره کي طاقت نه آهي جو الله ۽ انسان جي وچ ۾ رنڊڪ بڻي. پٿر ۾ شرڌا رکو يا پنڊ پوڄيو، پوڄا جو حقدار جيڪو آهي انهيءَ کي ضرور وڃي اُها پڄندي. هن ڀائيءَ پريم سان جيڪي لال اڏيري جا گيت ڳاتا توڙي جو ظاهر ۾ درياهه شاهه جي پوڄا جا آهن، تڏهن به اها شرڌا ۽ پريم ڪٿي رنڊجي روڪجي نه ٿو سگهي. سچائيءَ سان جيڪڏهين ڪو ڪهڙي به رستي تي هلي ٿو ته ان جي رهبري خود الله پاڻ اچي ڪري ٿو ۽ شرڌا جا ڦل سويڪار ڪري ٿو.“

***

 

 

18-9-1961ع اسان وٽ هڪڙو هندو ڇوڪرو ڪجهه عرصي کان ست سنگ ۾ ايندو آهي. هن ويهي ويهي سام کان پڇيو ته لوڙهي ۾ رهڻ، ڪوٺيءَ ۾ ويهي سڄي عمر گذارڻ يا فاقه وغيره ڪڍڻ، انهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ سام کيس چيو: ”اسان جي سنگت ۾ اهڙا گهڻا ماڻهو ايندا آهن جي روزا نمازون، جپ تپ پوڄا ۽ ٻيا اهڙا ساڌن پڻ ڪندا آهن. اسين انهن سڀني جو آدر ڪندا آهيون؛ جيتوڻيڪ ڪي ڪم روحاني اڀياس جي هيٺين درجن جا هجن، تڏهن به ائين چئي نه سگهبو ته هي برا ڪم آهن. هي گويا انسان جي دل جون سڌون يا اڏامڻ لاءِ پرن ڇنڊڻ جون نشانيون آهن، ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جي چڱي ريت ڏسي ڪو دل تي اثر پئجي وڃي ٿو ته انهيءَ وانگر دل من ٿيڻ چاهي ٿو ۽ انهن سان موافقت رکڻ چاهي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون پڻ فقيريءَ ۾ شمار آهن ۽ ڪرم ڪانڍ جو هڪ ڀاڱو آهن. پر جڏهن سچي گيان جي درشٽي حاصل ٿئي ٿي تڏهن ڪرم، ساڌن وغيره ناضروري ٿيو پون.“

اُنهيءَ ڇوڪري پڇيو: ”سائين ڪرم وڌيڪ يا گيان ۽ ڀڳتي وڌيڪ آهن؟“

سام وراڻيو: ”اتم درجو ڀڳتيءَ جو مڃيو وڃي ٿو؛ مگر ڀڳتي گيان کان سواءِ ڪيئن حاصل ٿي سگهندي؟ گيان جي پراپتي وري ڪرم مان ئي ٿئي ٿي. درحقيقت ٽنهين جو واڌارو گڏوگڏ ٿئي ٿو. هاڻي ڪيئن چئجي ته هنن مان ڪهڙو وڌيڪ چڱو آهي وڻ جي پاڙ يا وڻ جا پتا يا ٽاريون ۽ ڦل، انهن ۾ ڪيئن چئجي ته ڪهڙو اتم آهي؟“

بنا ڪرم، جيئن پاڙ کان سواءِ وڻ، آتما پر ڦلت نه ٿي ٿئي ۽ نه گيان حاصل ٿو ٿئي، جيستائين ڪرم جي پاڙ مضبوط نه آهي تيستائين وڻ ڳڀ يا ميوو نٿو پائي؛ يعني ڀڳتيءَ جو امنگ ڄاڻ يا گيان کان سواءِ نه ٿو پيدا ٿئي.“

ڇوڪري وري پڇيو: ”وڪارن بابت توهان جو ڇا رايو آهي.“

سام کيس چيو: ”جيڪي پنج وڪار مڃيا وڃن ٿا يعني ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار، سي گويا توهان جي من مندر جو فرنيچر يا سامان ٿي سگهن ٿا. هڪ ڪٿا آهي ته ديون جي ڪلياڻ ڪرڻ لاءِ ڪامديو شو شنڪر کي ڪام جا ٻاڻ بڇيا؛ ۽ ان جي سماڌي ڀنگ ڪري ڇڏي. اها خود ديون جي گهر هئي! مطلب ته ڪام کي به هن سرشٽيءَ ۽ گيان جي اُتپتيءَ ۾ خاص جاءِ مليل آهي؛ اهڙي طرح موهه ايتري قدر ضروري آهي جو توهين پنهنجي ٻالڪن، گهر وارن يا سونپيل ڪمن جي پالنا ڪري سگهو، ورنه انهن جي پالنا پوري نه ٿيندي. ساڳيءَ ريت سمجهڻ گهرجي ته ڪروڌ ايتري قدر ضروري آهي جو غيرت يعني برائيءَ لاءِ نفرت ڪجهه رهي ورنه زندگي ڦلهڙي ٿي پوندي؛ لوڀ ايتري قدر ضروري آهي جو جسماني ڪارخانو ان ذريعي جاري رهي، ورنه قدري لوڀ بنا انهن سهوليتن جو ميسر ٿيڻ مشڪل آهي جن جي وسيلي خود آتمڪ روحاني زندگيءَ جو واڌارو ٿئي ٿو. مثلاً دولت جي ذريعي اسپتالون؛ هنر ۽ ٻين خير جي ڪمن يا شيوا جي پورائي ٿي سگهي ٿي. اهنڪار به ايتري قدر ضروري آهي جو پنهنجي اصليت يا ڏات جي ڄاڻ پيدا ڪري ۽ اُن تي قائم رکي. هڪ شينهن جو ٻچو رڍن سان ’ٻي ٻي‘ ڪندو ٿي رهيو؛ جڏهن هڪ وڏي شينهن کيس ڪنڌ کان وٺي پاڻيءَ ۾ سندس منهن ڏيکاريو ۽ گجڪار ڪيائين تڏهين انهيءَ سمجهيو ته مان رڍ نه آهيان مگر شينهن جهڙو شينهن آهيان. ايتري قدر اهنڪار ضروري آهي جو آتما پاڻ کي ڪرڻ کان بچائي ۽ پنهنجي ذات کي سڃاڻي.

”حقيقت ۾ سڀ ’وڪار‘ غلط سمجهه مان پيدا ٿين ٿا. کين سچو وجود ڪونه آهي. اهي گڻن جو ابتو پاسو آهن يا غلط استعمال آهن. جيئن شيطان پڻ الله جي ارادي کان سواءِ ڪم نه ٿو ڪري تيئن هي وڪار به هن اتپتيءَ جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ ڪم ڏين ٿا. مگر هر شيءِ پنهنجي حد اندر سهڻي آهي. سٺو کاڌو جي گهڻي انداز ۾ کائجي ٿو ته زهر ٿي پوي ٿو.“

***

 

 

27-5-1962ع اڄ سام پنهنجو ڪتابي ڪم ويٺي ڪيو جڏهين ويجهڙائي جو هڪ مشهور صوفي فقير وٽس آيو. سندس ميز تي اُن وقت گهڻيئي ڪتاب، لغتون وغيره رکيل هيون. سام پنهنجو فارسي شعر ڊڪٽيٽ ٿي ڪرايو. اُن فقير گهڻا ڪتاب ڏسي چيو: ”ٻڌوسين ته عشق ڪتابن کان بيزار ٿي ڀڄي ويو؛ پر توهان ته اڃان ڪتاب رکيو ويٺا آهيو!“

سام چيو: ”عشق هر حال ۾ بحال آهي؛ هر ڪوچي ۾ سندس سئر آهي. عشق کي ڪنهن شيءِ کان عار ڪونهي؛ بلڪ هي سڀ اُن جا حيلا وسيلا آهن.“

فقير چيو: ”چوندا آهن ته عشق جو ڪنهن به شيءِ سان واسطو ڪونه آهي؟“

سام چيو: ”اُن جو مطلب اهو آهي ته عشق ڪنهن خاص طرز طريقي سان ٻڌل ڪونه آهي، يعني ائين نه ته ڪو فقط ڪتابن ۾ وسي ٿو يا چئون ته فقط گيڙو ويس وٺڻ يا روزن، نمازن تائين محدود رهي ٿو؛ مگر اهي سڀ پڻ ان جائي طريقا آهن جيتوڻيڪ هو انهن کان ٻاهر پڻ آهي.“

ٿوري دير بعد وري سام چيو: ”جهنگل مان ڀاڄيون جنهن حالت ۾ اچن ٿيون انهيءَ حالت ۾ سڀ ڪنهن لاءِ کائڻ محال آهن؛ البت فقير چار سنگ آڀونءَ جا کائي ڀي گذارو ڪري سگهن ٿا؛ مگر جيڪڏهين فقيرياڻيءَ ڪا انهيءَ اناج کي پينهي، ڳوهي روٽ پچائي ۽ ڀاڄي رڌي مصالح وغيره وجهي آڻي پيش ڪري ته ڪا ناجائز ڳالهه نه آهي؛ ڇا لاءِ جو هي سڀ لذتون ۽ مزا پنهنجي پنهنجي انداز ۾ انسان لاءِ روا ٺهرايل آهن؛ اهڙيءَ طرح شاعري اسان جي امنگن ۽ خيالن جا نڪتا ٺاهي جوڙي سڌا ڪري پيش ڪرڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿي؛ اُنهي حد تائين اها عشق جي کيڏ آهي، ڇا لاءِ جو ذوق ۽ شوق کان سواءِ اها گهڙ ڪرڻ به مشڪل آهي.

”سهڻا گل جهنگلن ۾ پاڻهي ڪونه اسرندا آهن ٻوٽا پوکي فقير خود انهن جي رياضت ڪندا آهن؛ گڏ ۽ پاڻيءَ جي پرداخت ڪندا آهن؛ تڏهين باغ بڻي سگهندا آهن. در حقيقت عشق وڏي رياضت آهي؛ حيلي کان کيس انڪار ڪونهي. جي عشق سچو آهي ته ڪتابن کان ڇو ٿو ڊڄي؟ جي اهو پڪو پختو آهي ته جريت رکي انهن کي پڻ پنهنجو حيلو وسيلو بڻائي سگهي ٿو. عشق جي درياهه ڪي مقرر سنڌ نه آهن؛ عشق وهندڙ هجي؛ بيٺل نه هجي ته سندس پاڻيءَ ۾ ڪا بوءِ ٿيڻي نه آهي.“

سام جي اٿي وڃڻ کان پوءِ فقير ٻين ويٺلن دوستن کي چيو ته اهو سوال مون گهڻن هنڌن تي اٿاريو آهي، مگر اڄ تائين اهڙي سمجهاڻي ڪنهن ڪانه ڏني آهي.

***

 

 

11-10-1961ع منهنجي ننڍي ڀيڻ جيڪا دهليءَ رهندي آهي اُها هفتي کن لاءِ هتڙي گهمڻ آئي هئي. سام به کيس منهنجي دادلي سمجهي خوشيءَ سان لاهور ماڻهو وٺڻ لاءِ موڪليو. ساڻس گڏ چار ٻار هئا جن مان وڏي جي عمر 13 سال ٿيندي ۽ ننڍڙي هيلن اڍائي سالن جي ٿيندي. سندس اچڻ بعد سام بيمار ٿي پيو؛ کيس مدي جو تپ سڄو وقت هيو. هڪ ته سندس بيماريءَ جو خيال ٻيو مند گرم، ٽيون مهمانن جو گهر ۾ اچڻ، انهن ٽنهين حالتن گڏجي گهر جو ماحول ئي ڦيري ڇڏيو. منهنجي ڀيڻ جي به نرالي جوشيلي ۽ موهه سان ڀريل طبيعت آهي؛ ڪڏهن ٻارن جي لاءِ اجايو سجايو پيئي پاڻ پريشان ڪري ته ڪڏهن ڏک ڏوراپا پئي ڪڍي ۽ منهنجا ارمان پئي ڪري؛ سام ان بنسبت جيڪي ٻه ٽي اکر چيا هئا انهن ۾ اٺن ڏينهن جي ماحول جو پورو نقشو کينچجي وڃي ٿو؛ سي اکر سام جا هي آهن: ”هڪ ننڍي سهڻي عورت، چار من موهيندڙ ٻار ۽ انهن سان گڏ هي جوش ۽ دنيوي خيال، چئجي کڻي ته مايا جو خود واسو اچي ٿيو آهي.“

سچ پچ ته هيو به ائين؛ ڳايون يا ڪو شاستر پڙهون ته سو به ڄڻ ڦڪو ڦڪو پيو لڳي. هينئر جڏهن منهنجي ڀيڻ ڪراچيءَ هلي ويئي آهي ته سام جا اکر وڌيڪ معنيٰ دار لڳن ٿا.

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org