27-8-1951ع اڄ پريئر وقت جئن امر پنهنجو نئون ٺاهيل راڳ ڳاتو
تئن سام ’واه!واه!‘ ڪرڻ لڳو. هوڏانهن ويٺلن کي اهو
شعر ٻاراڻو ۽ ڪچو ٿي لڳو. نه هيس تڪن ۾ ڪو وزن، نه
وري ڪو سُر سٺو ٿي لڳو. امر سان گڏجي هڪڙو ٻاهريون
ستسنگي به آيو هو. انهيءَ جي منهن ۾ خاص طور شنڪا
ڏسي، سام چيو: ”هي ٻاراڻا ٻول آتما جون اونايون
آهن. وڇڙيل آتما پيئي ٿي پريتم لاءِ پڪاري. حقيقت
۾ پريم کي ڪنهن طرز طريقي جي گهرج ئي ڪانه آهي؛
پريم پاڻ هڪ عجب طريقو آهي. پريم وارن جون ٻوليون
اڪثر ٻاراڻيون ٿينديون آهن. اهڙي سمجهه شل نه
سکون، جنهن ۾ پريم جي ريت وسري وڃي!“
سنڌيا کان پوءَ اسين سام سان گڏجڻ وياسين؛ منشي ۽ مون ششٽانگ
پرڻام ڪيو يعني ڌرتيءَ تي سڄو پاڻ نوائي نمسڪار
ڪيوسين. سام مشڪي اسان تي هٿ رکيو ۽ ٿوري دير بعد
چيائين: ”اسين ڪهڙا نه شاهوڪار آهيون! محبت هڪ
عجيب خزانو آهي. مان به توهان کي ساڳئي پريم سان
پرڻام ڪريان ٿو.“
مونکي به پريئر وقت اهو خيال آيو ته هيءَ آتمڪ پريم جي زندگي
جيڪا اسين گهاري رهيا آهيون، سا هڪ امولڪ چيز آهي؛
پرڀو اسان کي هن ننڍڙي آشرم ۾ سڀ ڪجهه ڏنو آهي؛
ڪتاب پيا ٿا لکجن؛ راڳه پيا ٿا ٺهن ۽ ڳائجن آتمڪ
اُنتيءَ جا ٻيا ساڌن پيا ماٺيڻي نموني پورا ڪجن؛
هيءُ سارو پريم جو ورتاءُ پرڀوءَ جي ديا سان ٿئي
ٿو؛ ست سنگ جو نيم رکي آتما جو سچو خزانو پايون
ٿا؛ باقي ٻيو اسان کي ڇا کپي؟
سام حضرت بهاءُ الله جي هڪ ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائين: ”جڏهين مان
مصر جي ڪيرو شهر ۾ گهمڻ ويس، تڏهين ڪيترا بهائي
دوست مليا جي اسان کي پنهنجي جماعت واري جاءِ
ڏانهن وٺي ويا؛ انهن مان ڪيترا حضرت بهاالله ۽
عبدالبها کي چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا. ڳالهين ڪندي
چيائون ته هڪ ڏينهن حضرت کان پڇيو ويو ته اوهان کي
هن زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇا وڻندو آهي؛ تڏهين پاڻ
فرمايائون ته برُ هجي ۽ بر ۾ گهوڙي تي سوار هجون،
ڪو وفادار ماڻهو ساڻ هجي، جنهن سان الله جون
ڳالهيون پيون ڪجن، ان کان وڌيڪ ٻي نعمت هن زندگيءَ
۾ ڪانه آهي.“
”بر ۾ هجڻ جي معنيٰ سمجهڻ گهرجي پڪووجود ٿيڻ، وفادار ماڻهو جو
ساڻ هجڻ، سو آهي ست سنگ ڪرڻ يا سڄو ڏينهن الله جي
تات طلب رکڻ. اهڙوئي سک، پريم ۽ ست سنگ ۾ اسين هت
ماڻي رهيا آهيون. هيءَ زندگي اسانجي، مٽن مائٽن،
جات وارن کان پري، هن ننڍڙي شهر ۾، سا ڪجهه اُن بر
مثل آهي؛ اسان کي هن نعمت لاءِ گهڻو شڪر گذار رهڻ
گهرجي. اڄ کان وٺي پاڻ ۾ پرن ڪريو ته ڪابه ڪِر ڪِر
گهر ۾ ڪانه ڪنداسين؛ نه ڪا دوئي، شنڪا يا گمان
رکنداسين. ان ريت زندگيءَ کي مٺو ۽ ڦردار
بڻائينداسين!“
***
6-9-1951ع هن ڊائريءَ جي آخري سٽن لکئي ڏهه يارهن ڏينهن ٿي ويا؛
جيترو ان وقت پڪو پرن پريم وڌائڻ جو ڪيوسين،
اوتروئي جلد ڪروڌ اچي اسان وٽ واسو ڪيو. ان ڪري
ڊائريءَ لاءِ مون ڪي به نوٽ پاڻ وٽ ڪونه رکيا.
اڳئين ٻڌر واري ميٽنگ جا نوٽ پڻ ڪچا رکيل آهن، جي
درج ڪري نه سگهي آهيان.
ڪروڌ جو ڪارڻ ڇا؟ انت ڇا؟ اڄ ته ائين پيو نظر اچي، ڄڻڪ هڪ قسم
جو واچوڙو يا انڌاري اچي. از غيبي ڪڙڪي! اهو
مونجهارو وڃڻ جي ڪري ئي ڪونه پيو. ان وقت هڪ هڪ
خيال ڪروڌ جو ڪهڙو نه سچو ٿي لڳو! هينئر مان ڏسان
ٿي ته انهن ۾ ڪو ست يا وجود هيوئي ڪونه. هيءُ هڪ
خيالي ڪوهيڙو هو جو پوءِ جلد اڏامي ويو. ڪروڌ جو
ڪارڻ ڪهڙو؟ سام جي سمجهه
(Diagnosis)
موجب منهنجو حد کان گهڻو ڪم اسپتال ۾ ڪرڻ ۽ سنگ ۾
گهٽ رهڻ ئي انجو ڪارڻ آهي. ڪارڻ ڪهڙو به هجي، اُهي
ڪروڌ جا ڏينهن سام جي لاءِ صبر جي هڪ آزمائش ٿي
پوندا آهن.
سام هڪ ڳالهه ٻڌائي: ”والٽيئر“ (فرينچ ڪوي) جي ڀيڻ چون ٿا ته
جڏهين هر مهيني زناني مجبوريءَ هيٺ ايندي هئي،
تنهن کان اڳ پاڻ کي پنهنجي ڀاءُ جي سپرد ڪندي
چوندي هئي، ته ادا مان هاڻي نيري سمنڊ ۾ گهران ٿي
۽ پاڻ کي، اڄ کان وٺي، تنهنجي حوالي ڪريان ٿي. چون
ٿا ته پوءِ هوءِ بلڪل ڇتي ۽ چري ٿي پوندي هئي ۽
جڏهين وري خوش ٿيندي هئي ته ساڳي اڳي جهڙي نظر
ايندي هئي. اهي ڏينهن والٽيئر لاءِ به گويا صبر جي
آزمايش جا ڏينهن ٿيندا هئا.“ سام وڌيڪ چيو: ”تون
به جهيڙي وقت خطرناڪ لڳندي آهين. مون کي خوشي آهي
ته اهو وقت مون صبر ۾ گذاريو.“
مون سام کي چيو: ”مون ته هميشه لاءِ پاڻ کي اوهان جي سپرد ڪيو
آهي. ڪسا پڪا سڀ توهان جا آهيون. والٽيئر مهيني
مهيني سهندو هو اوهان کي اسان جون گهٽتايون عمر ڀر
سهڻيون آهن.“
سام چيو: ”هر آزمايش ڀلائيءَ خاطر آهي.“
هي احوال مان سام جي صلاح سان ڏيان ٿي. هن پاڻ به پنهنجي ڪتاب
’ايئا جا آواز‘ ۾ پنهنجي اندروني مجبورين جا احوال
لکيا آهن. سندس چوڻ آهي ته جيستائين پنهنجون
گهٽتايون اسين لڪايون ٿا، تيستائين ڇوٽڪاري کان
پري ٿا رهون. سندس هڪ لکيل نثري نظم ياد اچي ٿو:
’پنهنجا پاپ جهلي پنهنجي هٿن ۾ جڏهين تو در اچان
ٿو، تڏهين ميرايون منهنجون معاف ٿيو وڃن؛ جيستائين
ميرايون پنهنجون هن صفيد جامي ۾ لڪايم ٿي،
تيستائين روح منهنجو تنهنجي پاڪ ڪرڻن کان پري ٿي
رهيو.‘
مان به هي باب پنهنجي گهٽتاين جي هت درج ڪريان ٿي، انهيءَ آس ۾
ته انهن کان شل ايشور جلد آجو ڪريم!
***
انهيءَ وقت جا ڪي ويچار ياد اچن ٿا؛ انهن شخصي ڳالهين جو ذڪر
ڪرڻ ان لاءِ واجب سمجهان ٿي جو انهن مان جيڪو
نتيجو نڪتو ۽ ان مان جيڪا واد وواد ٿي سا شايد ٻين
جي اهڙن مسئلن حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڪري. ان وقت مون
کان ڪجهه اکر نڪري ويا جن لاءِ پوءِ مون پڇتاءُ
ڪيو ۽ ڪيترا دفعا سام کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪيم؛ پر
هنکي پرچندو ڏسي وري وڌيڪ ڪروڌ به ڪيم ٿي. اهو
منهنجو نرالو سڀاءُ آهي. هوڏانهن سام جو سڀاو به
ڪجهه نرالو آهي. هونئن ته خيال جو تمام پڪو آهي،
پر ٿورو ابتو اکر کيس چئجي ته ٻارن وانگر هفتن جا
هفتا منهن موڙي رسي ويهي رهي. مون جڏهن چيو ته هڪ
اکر لاءِ ايڏي سزا گهڻي آهي، تڏهين سام منصور ۽
جنيد بغداديءَ جي هڪ ڳالهه ٻڌائي؛ چيائين: ”ائين
برابر آهي ته توڪي گاريون ڪونه ڏنيون آهن پر جنهن
ماڻهوءَ سان ويجهڙائي هوندي آهي يا جنهن مان شرڌا
جي اميد هوندي آهي، ان جو هڪ ابتو اکر به گهاوَ
ڪري وجهندو آهي؛ منصور کي جڏهين مُلن سنگسار ڪرڻ
جو حڪم ڏنو تڏهين شهر جو هر هڪ ماڻهو هنکي پٿر هڻي
ٿي آيو؛ منصور صبر ۾ رهيو ۽ سڀني جا پٿر ماٺ ڪري
ٿي سٺائين؛ پَر جڏهين سندس دوست جنيد شرع پوري ڪرڻ
جي بهاني کيس هڪ گل اچي هنيو، تڏهين منصور کان
دانهن نڪري ويئي. جنيد چيس ته منصور! ٻين جا پٿر
کائي به دانهن نه ڪيءِ؛ مون ته فقط توکي هڪ گل اچي
هنيو! تڏهين منصور کيس هي جواب ڏنو: ’اي جنيد!
انهن جي پٿرن مونکي ايڏو زخم نه پهچايو، جيڏو
تنهنجي گل ڪيو آهي!‘ ۽ اها هڪ حقيقت هئي، ڇا لاءِ
جو جنيد عشق جي راه جو ڄاڻندڙ هو ۽ ٻيا اڻڄاڻ هئا،
جن مان منصور کي اهڙي ئي اميد هئي!“
وڌيڪ پرچائڻ وقت سام هينئن چيو: ”ظاهري پرچڻ کان اڳ ۾ خيال جي
شڌي ضروري آهي، ڇا لاءِ جو جيستائين انهيءَ مرض جا
جيوڙا من مان ڪونه نڪتا آهن، تيستائين پرچڻ کي
ڪابه معنيٰ ڪانه آهي. ائين ته مان ئي جيڪر توهان
کي پيرن تي هٿ رکي پرچايان. پر جيستائين غير اڃا
من ۾ آهي تيستائين وري وري ساڳي هلت پيئي ٿيندي.“
هونئن ته سمجهان پيئي ته هن گهر کان ٻاهر منهنجو ڪجهه به نه
آهي، پر تنهن هوندي به هيءُ هڪ قسم جو ڌڪو يا ابتي
اڇل من کي ڪٿان پيئي اچي؟
سام چيو: ”جيڪڏهين توکي دک برداشت ڪرڻ جي وڌيڪ طاقت ڏسان ته مان
جيڪر اڃا ڪجهه ڏينهن هيءُ جهيڙو هلايان. ان مان
آخر خيال جي شڌي پيدا ٿيندي ۽ نتيجو اهو نڪرندو جو
اڳي کان وڌيڪ هڪ ٻئي کي ويجها اينداسين. سنساري
سنٻنڌ مطلب جو رهندو آهي ڪنهن کي سک جو ڪنهن کي
ٻارن نپائڻ جو ته ڪن کي مان مرجات جو مطلب گڏ
رکندو ايندو آهي. پر خيال جي هيڪڙائيءَ ئي سچي
پريم جو بنياد آهي. هيءُ جهيڙو به ان هيڪڙائي حاصل
ڪرڻ جو هڪڙو طريقو آهي.“
سام پنهنجي هيڻي طبيعت ڏسي، اوچتوئي خيال جي مٽ ڪئي ۽ چيائين:
”چڱو پنهنجو جيتامڙي وارو سبق ٻڌاءِ! مونکي
پهريائين ايترو جدا رخ مٽائڻ اهنجو ٿي لڳو، پر همت
ڪري اهو ٻاراڻو سبق شعر جي نموني شروع ڪيم جنهن
پاڻ کي ’واتيرو‘، ’ڪنو‘ وغيره چئي ويندي آهيان.
انهن سڀني اکرن ۾ ڪهڙو نه جادو رکيل هو! هن نمرتا
جي منتر خوديءَ جا خيال ختم ڪري ڇڏيا. هونئن ته
پاڻ کي هيڏو سارو انسان ٿي سمجهيم، پر انهيءَ ئي
گهڙيءَ وري پاڻ کي ٻار مثل سمجهڻ لڳيس. پنهنجي حقن
جي خيال رکي سام سان گويا سين ٿي ساهيم؛ هن کي
پنهنجو ساٿي سمجهي، ساڻس حجت ٿي رکيم؛ ائين ئي
پنهنجو دک پاڻ ٿي وڌايم ۽ خيال جي ڪشمڪشا جاري ٿي
رکيم. پر اُهي خيال هڪ ئي گهڙيءَ ۾ ڪافور ٿي ويا.
اُها من جي حالت هينئر ڪهڙي نه اهنجي ۽ اجائي پيئي
لڳي! هيءَ راءِ ’جيتامڙي‘ ٿيڻ واري سڀ کان سٺي ۽
سهنجي آهي. سچ پچ، منهنجو ڇا آهي حق يا ڪمن ڪارين
سان؟ مون لاءِ سام جو هٿ ۽ پنهنجي ’ڀئيا‘ يعني رام
جي ديا ڪافي آهي. هي ڀئيا‘ (مان ’سوامي‘ فقط سام
کي ڪوٺيندي آهيان؛ ان ڪري رام، ڪرشڻ کي ’ڀئيا‘
چوندي آهيان) مونکي طاقت ڏي ته مان وري پنهنجي
نماڻي ريت نه وساريان ۽ تنهنجي جيتامڙن جو به
جيتامڙو ٿي رهان!
***
سام چيو ٿي ته جتان پريم ۽ شرڌا جي اميد هجي، ان ماڻهوءَ جو هڪ
ڪوسو اکر به گهاؤ ڪري ٿو سگهي، مگر سام مون مان
انهيءَ انڌ شرڌا جي طلب ڪانه ڪندو آهي، جا عام طرح
چيلا، گروءَ لاءِ رکن ٿا. ان بابت ذڪر ڪندي سام
پنهنجا خيال هن ريت ظاهر ڪيا: ”شرڌا دل جي هوا
آهي، جا روح لاءِ بسنت رتوءَ مثل آهي. ان ۾ جيڪو
ٻج پوي، سو ضروري ڦٽي. ڪروڌ ۽ ايمان جي ڪوتاه ان
جي ڀيٽ ۾ برپٽ جي لُڪن مثل آهن. جئن لُڪن ۾ ٻيجاري
جو اسرڻ اهنجو ٿيندو آهي، تئن شرڌا رهت دل ۾، جتي
ڪروڌ جو ڪوسو واءُ ۽ ايمان جي ڪوتاهيءَ جي خشڪي
رهي ٿي، گيات جو ٻج اهنجو لڳندو آهي. پر رُت هڪ
شيءِ آهي، ٻج ٻي شيءِ آهي ۽ پالنا يا پرورش ڪرڻ ٻج
جي سا ٽئين ڳالهه آهي. جيڪڏهين شرڌا بسنت رُتو آهي
۽ گيان ٻج مثل آهي ته سنڀال ڪرڻ وارو مالهي وري
ساوڌان ويچار آهي. ويچار يعني خيال کي ضرور خبردار
رکڻو آهي. ان کانسواءِ شرڌا بيڪار آهي. اها شرڌا
کي جنهن ۾ ويچار جي شڪتي وڌي ۽ نه گم ٿي وڃي ۽ اهو
ويچار کي جنهن ۾ گيان ۽ شرڌ جو هجڻ ممڪن ٿئي.“
سام هرگز ائين نه چاهيندو آهي ته اسين سندس خيال کي چُهٽي پئون؛
پاڻ انهيءَ ڪروڌ روپي طوفان جي وقت ۾ چيائين ٿي ته
خيال جي شڌي ضروري آهي؛ پهريائين مرض خيال مان
ڪڍو، پوءِ پرچڻ سڻائو آهي؛ ان بنسبت وڌيڪ
ڳالهائيندي هينئن چيائين: ”اها شرڌا ٺيڪ نه آهي،
جنهن ۾ وويڪ ۽ ويچار وڃائجي وڃي؛ مگر اها شرڌا
گهرجي جنهن ۾ دل ۽ من ٻئي گڏجي اڳتي هلن. جيڪو
انسان پنهنجي خيال کي زور سان موڙي مروٽي ٻئي جي
ڳالهه پاڻ کي مڃائي ٿو ۽ ٻئي جو رستو اختيار ڪري
ٿو، سو ڪنهن وقت اهڙي موٽ کائي ٿو، جو سالن جي سفر
وارو طيءَ ڪيل رستو هڪ لحظي ۾ لتاڙي پٺ تي موٽي
اچي ٿو. اڪثر گرو پنهنجي چيلن کان انهيءَ انڌ شرڌا
جي طلب ڪندا آهن پر اُها شرڌا هڪ ڪچي گهڙي مثل
آهي، جا وچ درياهه ۾ ٻوڙي ماري ٿي؛ وويڪ ۽ ويچار
جو تُرهو هرگز ڇڏڻ نه گهرجي؛ ۽ نه تفاوتن پئي ڊڄڻ
گهرجهي. سچي پريم کي اها طاقت هئڻ گهرجي جو خيال
جي تفاوت کي نه فقط برداشت ڪري پر انهن کي هوند
همٿائي ظاهر ڪري. ڇا لاءِ جو جاڳرت خيال سان ئي
زندگي ۾ کوجنا ممڪن آهي. ڪهڙي خبر آهي، ڪک هيٺيان
لک لڪل هجي؟ ڪهڙي خبر آهي ته چيلو پنهنجي خيال مان
ڪو نئون اصول يا طريقو ايجاد ڪري وجهي، جنهن مان
انسان جي آتما کي ڀلائي يا آنند رسي؟ گهڻا گرو
تمام وندرائيندڙ نموني ۾ استرين يا چيلن جي شرڌا
جا مثال ڏيندا آهن، جهڙوڪ گروءَ جي پٺيان ڏينهن کي
رات چوڻ ۽ رات کي ڏينهن چوڻ، يا آسمان ۾ خيالي
هاٿي اڏندا ڏسڻ! اهڙي اعتقاد رکڻ سان به شايد ڪي
سٺا ڦل پراچين زماني ۾ چيلن کي حاصل ٿيا هجن، مگر
سچي شرڌا هن ۾ آهي ته چيلو يا شاگرد پنهنجي گروءَ
کي اهڙي محبت جي نظر سان ڏسي، جئن هڪ ٻالڪ پنهنجي
ماتا پتا کي ڏسي يا پياسي پنهنجي پريتم کي ڏسي؛ ۽
چيلو اها گرهڻ ڪرڻ واري ٻڌي
(Receptive mind) رکي، جنهن ۾ گروءَ جو ڏنل اشارو يا خيال ٻج وانگر وڃي ويهي؛
پوءِ ٻج ضرور پنهنجي جنس ۽ وڙ آهر ڦل پيدا ڪندو.
هٺ يا خوديءُ وارو خيال ان جي واڌاري جي آڏو اچي
ٿو. جئن زمين ۾ پڪا ۽ وڏا پٿر ٻج کي ٻاهر نڪرڻ
ڪونه ڏيندا آهن، تئن هٺ ۽ خوديءَ واري سخت تهه
گيان جو واڌارو بند ڪري ڇڏيندي آهي. البت جيڪڏهين
ٻج گرو سادو وجهندو ته ائين لازمي نه آهي، نه وري
سنڀؤ آهي ته ان مان چيلو مٺا ڦل پيدا ڪندو. شرڌا
جو مطلب اهو نه آهي ته گروءَ وٽ هجي ڪجهه ڪين
تڏهين به چيلو ان کي سڀ ڪجهه سمجهي ويهي ۽ اکيون
ٻوٽي پيو سندس پٺيان هلي. شرڌا بهار جي مند مثل
آهي. مگر ٻج کان سواءِ فقط مند جو اچڻ برن ۾ باغ
لائي ڪونه ڇڏيندو. شرڌا فقط ان لاءِ ضروري آهي ته
گيان جي ڏي وٺ آسان ٿي سگهي. مگر گروءَ وٽ گيان جي
ٻڄ ئي نه هوندو ته شرڌا به بيڪار ويندي. برن مٿان
ڪنئين بهارون ائين ئي گذريو وڃن؛ پاڻي ۽ ٻج بنا
سلو نه اسري!“
***
7-9-1951ع مون منشي کي چيو ته هينئر هي چولو مٽائڻ گهرجي يعني
شرير تياڳ ڪرڻ گهرجي جو حياتيءَ ۾ مزو ڪونه ٿو
اچي. سام تنهن تي ڇنڀيو ۽ چيائين: ”چرچي ۾ به ڪچو
خيال دهرائڻ چڱو نه آهي، ڇا لاءِ جو انهيءَ نموني
اهڙا خيال گهر ڪري ويندا آهن؛ مغز ۾ هڪ قسم جو چڪر
ٺاهي ڇڏيندا آهن، جتان کين ڪڍي ڇڏڻ تمام اهنجو ٿي
پوندو آهي. هينئر اهي ڳالهيون ڪجهه چرچي ۾ ۽ ڪجهه
ساڀيا طور چئو ٿا، مگر انهن جي گهڻي دهرائڻ سان سچ
پچ اُداسائي ۽ نا اميدي ظاهر ٿي پوندي، جا هرگز
جائز نه آهي؛ اسان کي هر رنگ ۾ راضي رهڻ کپي ۽
زماني مان بيزار ٿيڻ جهڙا خيال يا پاڻ مارڻ جهڙا
ويچار رکڻ نه جڳائن. جيڪڏهين هن وقت ڪي ڳالهيون
اسان جي من گهُرئي مطلب موجب نه آهن شايد هن کان
پوءِ ٿين. پر جي من جون مرادون نه به پوريون ٿين
تڏهين به انسان جو صبر ۽ سهن شيلتا اجايو ڪونه
ويندو آهي. ڪٿي نه ڪٿي وڃي سندس سچائي اثر پيدا
ڪندي آهي.“
***
8-9-1951ع اڄ وري مون کان ساڳيا لفظ چولي ڇڏڻ بابت بنا ڪنهن
ڳوڙهي ويچار جي، عادت طور، نڪري ويا. سام وري اهي
ٻڌي ورتا ۽ ٿوري دير بعد چيائين: ”هي اجوڳ خيال ڇو
تنهنجي من ۾ ويهندو ٿو وڃي؟ تون پاڻ کي ’جيتامڙو‘
ٿي سڏائين. ٻار به ڪڏهن راند مان ٿڪبا آهن ڇا؟ هي
زندگي هڪ راند آهي. هت ڪنهن شئي کي بقا نه آهي. هي
فقط هڪ کيل آهي، جنهن جو ڪو به نتيجو اسان جي آتما
سان ڪونه ٿو وچڙي. هيءَ پرڀوءَ جي ليلا آهي! انکي
اها ليلا وڻي ٿي. ڇو نه اسين به ان راند ۾ خوشيءَ
سان پنهنجو ڀاڳ وٺون؟ هن کان وڌيڪ اهنجا ۽
اڪيلائيءَ جا وقت اڳي گذاريا اٿئون. پوءِ هينئر
هيءُ اداسائي ڇو پيدا ٿي آهي؟ اڃا اسان پنهنجي
زندگيءَ جو سنيهو پهچايو ئي ڪونه آهي؛ هن راند ۾
ڏنل پارٽ پنهنجو اڃا ادائي ڪونه ڪيو اٿئون؛ پوءِ
اڳ ۾ نراسائي ڇا جي؟” هي خيال، هي اڻ ڇپيل ڪتاب
اسانجا، هي آدرش آشرم واري زندگيءَ جا، سي فقط
پنهنجي لاءِ نه سمجهه؛ مگر اهي سڀ امانت ڪري اسان
کي پهچائي ڏيڻا آهن. جي هيءَ راند نه پر هڪ جنگ
ڪري ئي سمجهين، تڏهين به پنهنجو پارٽ ضرور ادا
ڪرڻو آهي. ڪنهن سپاهيءَ کي جنگ جي وقت ۾ ڪو ڪم
سونپيو ويندو آهي؛ ڪو سامان يا ڪو ڪاغذ ڪنهن ضروري
رٿ جو مرڪز ۾ پهچائڻو هوندو آهي، ته پوءِ هو دشمن
جي حدن ۾ به ڪاهي وڃي پنهنجو مقصد پورو ڪري ايندو
آهي؛ تيستائين فقط انتظاري رهندي اٿس ته جئرو
رهان، جيستائين اها امانت پهچائي. تئين اسان کي به
پنهنجي سنيهي پڄائڻ لاءِ هن ڌارئي شرير کي ٺيڪ رکڻ
جي انتظاري رکڻ گهرجي. ڇا لاءِ جو هيءُ آتما جو
اوزار آهي. جنگ جي وقت ۾ ڪنئين مثال ٻڌبا آهن؛
اهڙو سونپيل ڪم ڪو سپاهي پورو ڪري پوءِ مرندو آهي
ته هو خوشيءَ سان پران تياڳيندو آهي. هن کي ان بعد
مرڻ کان ڊپ ڪونه رهندو آهي؛ تئين اسين به خوشيءَ
سان پنهنجا پران تڏهين تياڳينداسون جڏهن هي سونپيل
ڪم پورو ڪري وڃي ٻئي پار پهچنداسون. تيستائين هيءَ
حياتي ملهائتي سمجهڻ گهرجي. تنهن ڪري دلگير نه
ٿيءُ! پنهنجو آدرش هرگز نه وسار! اچ ته ان خاطر
جئون ۽ ان خاطر ئي مرڻ لاءِ تيار رهون!“
سام جي انهن اکرن مونکي گهڻي تسليٰ ڏني. جيتوڻيڪ اهي نا اميديءَ
جا اکر مون ڪنهن گنڀير خيال کانسواءِ ئي چيا هئا،
تڏهين به سمجهان ٿي ته اُهي ڪچا خيال هئا. اسان کي
برابر هڪڙو وڏو ڪم سونپيل آهي؛ مونکي به سام سان
گڏ ڪو پارٽ ادا ڪرڻو آهي؛ اها ڳالهه روز روز وڌيڪ
چٽي ٿيندي پيئي وڃي.
*** |