سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو :6

مٿين وشئ تي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي سام چيو: ”هي جهان جيڪر حسن و عشق جي راند کان سواءِ ڪهڙو نه سڃو لڳي! عاشق جن کي اسين مجاز يا روپ جا قائل سڏيون ٿا، سي حقيقت ۾ سچا سورهيه ۽ انسان ذات جا خدمتگار آهين؛ ڇا ڪاڻ جو اهي مايا جي ممتا کان ڇٽل آهن. هن سنسار ۾، جي ڪروڙين انسان ڏينهن رات پيٽ پالنا جي فڪر ۾ ڦاٿل آهن، جتي آسودا لوڀي، اڃا به وڌيڪ آسودا ٿيڻ چاهين ٿا ۽ هن فاني مٽيءَ جي پتلي کي عياش خوش رکڻ لاءِ ڪوڙ پاپ جي مايا گڏ ڪري ان سان من جي مليتا خريد ڪن ٿا ڇا اُتي بي خود عشق جي توتاري کڻڻ يا نينهن جو نغارو وڄائڻ نفس جي مٿان جيت حاصل ڪرڻ نه آهي؟ ان کان وڌيڪ ٻي سچي شيوا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ انهن غريب اگهاڙن، بي وس عاشقن جا روح انساني جيوت ۾ ڪيتري نه سڳنڌ ٿا آڻين! جيڪي مجنون ممتا کان منهن موڙي، پاڻ کي وساري، سادگيءَ جي واٽ وٺي هن دنيا جي مسافرخاني ۾ ڪڏهين شاعر ۽ ڪڏهين سيلاني ٿي رهن ٿا يا عشق جي باغ ۾ ڀونرا بڻجي روح جون مزاجي ۽ حقيقي لاتيون لنون ٿا، انهن جي ڀيٽ ۾ پئسي جا پوڄاري سچ پچ گپ جي ڪيڙن مثل آهن؛ انهن جا دل من بند ٿيل گهرن مثل آهن؛ هو ڪيترو به اونچا اڏامن، سندن نظرون سرڻين ۽ ڳجهين وانگر هميشہ هڏن جي ڍير مٿان رهن ٿيون. هوڏانهن انهن روپ جي پريمين کي اها خبر نه ٿي رهي ته هو پاڻ ڪو خدمت جو ڪم ڪن ٿا؛ تڏهين به هنن جي جيوت سچي قربانيءَ جي جيوت آهي. ڇاڪاڻ ته هو دنيا وارن جي نفرت ۾ رهندي به روح کي دنوي ٻنڌنن کان آزاد رکن ٿا؛ پريم خاطر هو سڀ ڪجهه قربان ڪن ٿا. پريمي چئبوئي انهيءَ کي آهي جيڪو پتنگ جيان پاڻ قربان ڪري. انهيءَ پريم جي پئداش خود اسانجو ادب يعني ساهته آهي جنهن بنا ٻيون سڀ حاصلتون جيوت جون ائين آهن جئن سر بنا ڌڙ، گل بنا ٻوٽو، منار بنا مسجد يا مورتيءَ بنا مندر.“

ٿوري دير بعد وري سام چيو: ”مزاجي يا حقيقي پريم ۾ ڪو فرق نه آهي. حسن هڪ آهي ۽ عشق به هڪ آهي. مگر روپ سوين هزارين آهن. هيءَ ڳالهه اندروني تجربي جي آهي، جنهن لاءِ عقل جون ثابتيون ڏيئي نٿيون سگهجن. مطلب ته ذات حسن جي هڪ آهي ۽ قانون پريم جو مجازي توڙي حقيقي دائري ۾ ساڳيوئي آهي. جيڪو ڪنهن چيز سان سچو پريم رکي ٿو، سو ضرور اول پنهنجي هستي ان ۾ سمائڻ مشڪل آهي. پريم نفس جو ويري آه. آهستي آهستي دوئيءَ کي دور ڪري ٿو؛ وڃي ٿو خوديءَ کي کائيندو. عاشق پريم جي رستي تي وک کڻندي کڻندي آخر بيخود ٿي وڃي ٿو. پوءِ هر شيءِ ۾ حسن ڏسي ٿو. پاڻ کي ان سان هڪ سمجهي ٿو ۽ اناالحق جو نعرو هڻي ٿو. مگر ائين برابر آهي ته عام ماڻهو هي ڳالهيون سمجهي ڪونه سگهندا آهن. تنهن ڪري بعضي سنت لوڪ اهڙا خيال پاڻ سان ئي سانڍي رکندا آهن ۽ عام جي آدرش کي ڪين ٽوڙيندا آهن. مگر هن ڳالهه جو يقين آهي ته سندر روپ ۽ سندر خيال جو انهن تي اثر گهڻو ٿيندو آهي. بعضي اهڙن شخصن لاءِ گهڻي غلط فهمي پڻ پيدا ٿئي ٿي. شري ڪرشڻ ۽ ڪرست ڀڳوان جهڙن اوتارن جي اتهاس ۾ نه رڳو پر ٻين ويدانت ۽ صوفي مت جي بزرگن جي تواريخ مان پڻ تسلي ملي ٿي ته هنن کي حسن جي ڄاڻ هئي. ڪيتريون حديثون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سردار محمد پيغمبر اسلام جو پڻ حسن جي پڇاڻ رکندو هو. مگر تمنا حسن کي قيد ڪرڻ جي هر حال ۾ خراب آهي. اهڙي خواهش ۽ سچي پياس جي وچم وڏو فرق آهي. حسن جي پياس فقير ۽ ڪامي پرش کي شايد هڪ جيتري رهي ٿي. مگر ان پياس پوري ڪرڻ لاءِ فقير اهي رستا اختيار ڪين ڪندو، جيڪي ڪامي پرش ڪندو. ڪنهن جي گهر ۾ يا دنيا ۾ وڳوڙ وجهڻ جي بدران فقير پسند ڪندو حسن جي پياس فقط ديدار يا دعا ڏيڻ سان پوري ڪرڻ، مگر ڪامي پرش ديدار کي ڪجهه حاصلات نٿو سمجهي. هو پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ نه فقط عزت پنهنجي پريتم جي پر خود هنجي جان وٺي سگهي ٿو. سچو پريمي پنهنجي پريتم جي جان وٺڻ ته ٺهيو پر سندس نالي تي ڪولبيءُ لڳائڻ به نه ٿو سهي؛ انکي پاڻ قربان ڪرڻ ۾ ئي آنند ملي ٿو. سچو حسن پرست اهو آهي جو هر جا صاحب جي سونهن ڏسي ان تان ٻلهار ٿئي ٿو؛ ڪو سهڻو گل، ڪو سهڻو پکي يا خوبصورت انسان ڏسي محويت ۾ اچي خود ايشور کي ان روپ ۾ پسي ٿو. معشوق سندس ويجهو اچي يا نه اچي. هو سندس حسن جو تجلو ڏسي آنند ۾ سمائجي وڃي ٿو. ڪامي پرش حرصي ۾ حيران ٿي حيلا سوچي ٿو ته ان گل يا ان انسان کي ڪيئن به پنهنجي وس ۾ آڻيان، پوءِ ڀل ته اهو سندس مٺ ۾ نيسائجي وڃي، پر سنت فقير سڀاو جا دياوان ٿين ٿا؛ هنن جي پسندي جي نگاه مهر ۽ ديا جي درشٽي آهي جنهن ۾ اهو انسان جنهن تي آرو رکن سو سدائين پيو اسري. اهڙي مهر سوامي رام ڪرشن پرم هنس ڪجي نريندر (وويڪانند) تي هئي مگر مطلبي انسان جي نظر ڪاري واءُ مثل آهي؛ جنهن تي پوي تنهنکي نيست ڪري ڇڏي. سنتن جي نظاري يا پيار مان ڪنهن کي نقصان ڪونه پهچڻو آهي. هو بد شڪل نٻل ۽ نيچ انسان تي به ساڳي مهر جي نظر رکي سگهن ٿا سندن نظر سان ستل آتمائون جاڳرت ٿين ٿيون.“

پوءِ سام مشڪي چيو: ”اسين به اها نگاه رکنداسون، جنهن سان تنهنجي آشرم جا گل اسرن ۽ نسائجي نه وڃن!“

***

 

 

20-6- 1951ع  مون سام کان پڇيو: ”اها آشرم ڪهڙي آهي، جنهن جو بار بار توهين ذڪر ڪريو ٿا؟ انجي اڏاوت ڪهڙي ۽ ڪيئن ٿيندي؟“

سام جواب ڏنو: ”ڪابه آشرم يا آدرشي آستان فقط سرن ۽ پٿرن يا ٿوڻين سان ٺهي نٿو سگهي. جئن انسان کي جسم ۽ روح آهي، تئن آشرم جي اڏاوت ظاهري ۽ پڻ آدرشي ٿيندي. نيم اهڙي آشرم جو روح يا آتما آهي. بيروني اڏاوت انجي سادي ۾ سادي هئڻ گهرجي. منهنجي خيال موجب آشرم ۾ رهندڙن جي واجبي گهرجن لاءِ  هڪ گهر ۽ ان سان شامل هڪ کيت ضروري آهي.

اڳي هڪ سنسٿا ”اڪبر آشرم“ نالي جاري ڪئي هئي سين. ان جو خاص مطلب هو ’هندو مسلم ايڪتا‘ ۽ مذهبي اتحاد وڌائڻ  اهو تحريڪ ان وقت لاءِ ضروري هو ۽ ان آشرم قوم جي اڳيان پنهنجو آدرش ڪتابن ۽ اخبارن دوارا رکڻ جي ڪوشش ڪئي. آشرم جيڪا هينئر اسانکي هن گرهست آشرم جي معياد کان پوءِ کپي تنهنجو مقصد وشو وڪاسي ۽ سمپورڻ يعني انساني جيوت جي هر پهلوءَ سان واسطو رکندڙ ٿيندو. انجا نيم اهڙا ٿيڻ گهرجن جو اُها ڪنهن خاص هلچل جو مرڪز (Centre) نه پر سڀني سٺين سنسٿائن جو مغز (Brain) بڻجي پوي. منجهس رهندڙ ميمبرن ۾ اهڙو ميل ميلاپ هئڻ گهرجي جو رواجي گهر جي ڀاتين کان به وڌيڪ پريم ۽ مترتا جو سنٻنڌ منجهن رهي. ان ڪري شايد ڪي لکيل قانون هوندائي ڪونه. پريم ئي هڪ قانون سمجهڻ گهرجي ڇا لاءِ جو گهڻا  قانون خود پريم کي پنگلو ٿا بڻائي ڇڏين. در حقيقت جئن اصول پريم آهي تيئن مقصد به پريم ئي سمجهڻ کپي. پر ڪرم جي کيتر ۾ آتما کي جسم جو سهارو وٺڻو آهي. تنهن ڪري.

 

1. جسم يعني شرير جو سڌارو

به ضروري آهي. هن سري هيٺ اسين اهڙا نيم ۽ ڪرم ويچار ۾ آڻي سگهون ٿا جن مان جسماني صحت سڌري ۽ اهڙو نتيجو نڪري جو آشرم جي ضروري خرچن لاءِ ڪافي پيداوار پڻ ٿئي. مثال طور کيت ۾ اَن ۽ باغات ۾ گل ميوات ۽ سبزيون پيدا ڪرڻ؛ آشرم جي روزاني ڪم جي ونڊ وراهه ۽ جاين جي صفائي ۽ اڏاوت ۾ حصو وٺڻ؛ هنر ۽ گهرو ڪارخانا اسٿاپن ڪرڻ؛ آشرم واسين جي صحت لاءِ علاج گهر کولڻ ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن ۾ دوائون وغيره ڏيڻ؛ رانديون ۽ ٻيا وندر جا نمونا موجود رکڻ. جسماني ورزش ۽ رياضت جا ٻيا پڻ ڪيترا نمونا ويچاري سگهجن ٿا. اهڙي طرح

 

2. من جو انتظام ۽ واڌارو

به ضروري آهي. ڇا لاءِ جو من جي ذريعي آتما جسم کان وٺي ٿي. انسان فقط هڪ بت نه آهي مگر جذباتي ۽ مانسڪ جيوُ آهي. سندس سکي جيوت لاءِ نه رڳو شريرڪ صحت جي ضرورت آهي مگر من جي واڌاري ۽ سنوار جي به. من جي سنوار جي لاءِ هڪ قسم جي تعليمي پرٻنڌ هئڻ گهرجي؛ جو وڏن ۽ ننڍن لاءِ جدا جدا قسمن ۽ درجن ۾ ورهائي ٿو سگهجي. ننڍي اوستا وارن لاءِ تعليم جي نون اصولن موجب آزاد سڪولي وديا ضروري آهي ۽ وڏن جي لاءِ گفتگو، ويا کياڻ ۽ ٻيا پروگرام ڪن خاص موقعن تي رٿي سگهجن ٿا، جن ۾ سندن گيان جو واڌارو ٿئي.

 

3. آتمڪ شڪتيءَ جو واڌارو

انهن سڀني ڳالهين سان واسطو رکي ٿو. مگر اهو علائقو خاص ڌرم ۽ گيان جي ويچار جو آهي. زندگي جي ڌارمڪ نيم ۾ ئي انسان جي سچي خوشيءَ جو راز رکيل آهي. هر هڪ انسان جي اُها گهرج پنهنجي ڀاو پسنديءَ يا آتمڪ انتيءَ (Evolution) آهر پوري ڪرڻي آهي. ڪن کي اُهو اندروني آنند شيوا يعني پراپڪار جي ڪمن مان ملي سگهي ٿو، جنهن جا گهڻا قسم آهن؛ ڪن کي علم جي اڀياس سان وڌيڪ سهنجي طرح ملي ٿو، جنهن جا پڻ گهڻائي طريقا ٿي سگهن ٿا؛ ڪن کي وري ست سنگ، ڀڳتي ۽ پريم جي ماحول ۾ اُهو مقصد حاصل ٿئي ٿو، جنهن جا پڻ ڪي نيم ۽ نشان آهن.

”اهي ٽيئي رستا ڌارمڪ يعني روحاني هلچل جا اسانجي آشرم ۾ موجود هئڻ گهرجن: (1)  شيوا يا رياضت (2) گيان يا علم جو واڌارو (3) صحبت يعني پريمين جو ست سنگ!

”هي وشيه اهڙو آهي جو هن تي هڪ جدا ڪتان رچي سگهجي ٿو ۽ هڪ هڪ نيم جي فلاسافي جو جدا وستار ڪري سگهجي ٿو. هن وقت فقط زباني طور مختصر تصوير(Outline) تنهنجي سمجهاڻيءَ لاءِ ليڪي اٿم. ان جي اندر جزو جزو ويچار سان رٿي رکڻو آهي. وڌيڪ چوندس ته جيڪي نيم ۽ اصول رکجن انهن مان سم درشٽيءَ جو آدرش ظاهر ٿيڻ گهرجي. نيم اهڙا وشو سنٻنڌي يا عالمگير (Universal) اصول تي رکڻا آهن جيڪي قدرت جي نيمن سان ٺهڪي اچن ۽ نه ڪنهن خاص سنسٿا يا ڌرم جي پوئواري ڪن.“

***

 

 

آشرم جي مٿين رٿا سمجهائڻ بعد سام چيو: ”مونکي ڪڏهين ڪڏهين ائين خيال ۾ ايندو آهي ته شايد اسان کان اهڙي اڏاوت يا جوڙ جڪ پڄي ئي ڪونه؛ ڇا لاءِ جو هڪ قسم جي ماٺ تن ۽ من جي مٿان غالب ٿي وڃي، جيتوڻيڪ اها بي چسپي يا شوق گهٽتائي يا آلس نه آهي. ائين نه آهي ته اتپتيءَ جي راند ڪا بيهجي سگهي ٿي. سرشٽيءَ ۾ ڀلائي يا برائي جي ڪمن جو انت ڪو ٿيڻو نه آهي. مان ته چوندو آهيان، هي پرڀو! هن سرشٽيءَ جو ڪرتا ڀرتا تون پاڻ آهين؛ تنهنجي لاءِ ڪا به سنسٿا يا سڌارو ضروري نه آهي. هيءَ زندگي جي هلچل ۽ اسانجا حيلا وسيلا سڀ پاڻ ڳولڻ جا بهانا آهن؛ اهي سڌا پر گهڻو ڪري اڻ سڌا طريقا ثابت ٿين ٿا؛ هي سوامي! اسانجي شيوا يا پراپڪار جي توکي ڪهڙي ضرورت آهي؟“

سام وڌيڪ چيو: ”شايد هي ڀاو وڌندو رهي ۽ اسين سڀ ڪجهه سندس ڀيٽ رکي آخر وڃي ڪنهن وڻ هيٺ ويهي رهون يا ڪنهن گفا ۾ گم ٿي وڃون، جتي فقط هريءَ جي نام جو سچو سکه هر ڀڳتن جي سنگ ۾ پيا ماڻيون. هي ڪم به پيا ٿيندا ۽ شايد ڪن ست سنگين کي ڪو اهڙو اتساهه جاڳي جو هو هن آشرم جي اڏاوت شروع ڪن ۽ ان ۾ اسان کي پڻ ڪا ڪنڊ ٺاهي ڏين. مگر پنهنجي طبيعت هاڻي جوڙ جڪي ڪم جهڙي ڪانه رهي آهي؛ هن ڪم لاءِ گهڻي جفا ڪشي ۽ هڪ قسم جو لڙندڙ سڀاو کپي. ٻيو اِهو خيال پيو ٿئي ته جانفشاني ڪري ڪو خاص آستان ٺاهجي به کڻي ۽ اهو وري اسان لاءِ هڪ نئون قيد خانو بڻجي پوي ته پوءِ اهڙي ڪوشش ڪهڙي ڪم جي ٿيندي!

”منهنجو مطلب اهو نه آهي ته ڪو شيوا يا اديم جو آدرش  گهٽ آهي؛ مگر جڏهين سڀ ڪرم ۽ اُديم جو انت ايشور جي آنند پائڻ ۾ آهي، تڏهين سوال ٿو اٿي ته ڇو نه آنند پائڻ جو سڌو حيلو يعني پريم ڀڳتي جو مارڳ اختيار ڪجي؟ تنهن ڪري گهڻي ڀاڱي اِها ڳالهه مدار رکندي، ان وقت جي ساٿين ۽ سندن گهرجن تي. چوندا آهن ته صوفيءَ جو سڀ ۾ سير آهي. ايشور پاڻ هيءَ ليلا رچي رکي آهي. هي سنسٿائون، سماجون ۽ خدمتون يا سخاوت جا ڪم به پاڻ ايجاد ڪيا اٿس، تنهن ڪري سندس سچي ڀڳت کي ڪو انهن کان عار به هئڻ نه گهرجي.“

مون چيو: ”هڪ پاسي چئو ٿا ته گرهست آشرم کان پوءِ هن قسم جي آشرم کپي، ٻي پاسي چئو ٿا ته شايد اسان کان اهڙا اڏاوت ڪرڻ پڄيئي ڪونه ۽ آخر ڪنهن وڻ هيٺيان وڃي شايد ويهون. خيال جي پڪائيءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪيئن حاصل ٿي سگهندو؟“

سام وراڻيو: ”پڪ فقط پنهنجي اڌينتا جي اٿئون. اهو وقت اجا پري نظر اچيٿو. ايترو اڳ ڪابه پڪ ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ اهڙي پڪ خيال جي ايمان کان سوا پيدا ٿي نه ٿي سگهي. ڪنهن به ڳالهه ۾ ضد ڪري يا حرصي نموني ڪاهي پوڻ چڱو نه آهي.“

نه وري هروڀر منهن موڙڻ ڪنهن ڳالهه کان ضروري آهي. مطلب ته ٻنهي ڳالهين لاءِ اسانکي تيار رهڻ گهرجي. پوءِ جيئن سندس اشارو اچي تيئن ڪجي. ’جوتد ڀاوي، سائي ڀلي ڪار‘، ان ڀاونا سان سڀ ڪجهه ڪجي ۽ نه خوديءَ واري خيال سان.“

***

 

 

21-6- 1951ع مون سام کي چيو: ”هي ڪتاب جلد ڇپايون ته چڱو؛ اها هڪڙي اسان جي ڪم جي شروعات ٿي پوندي.“

سام چيو: ”ڇپائيءَ لاءِ گهڻي چاهنا نه رک. گذريل سترهن ارڙهن سالن کان مون پنهنجو پاڻ ڇپائيءَ جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي جيتوڻيڪ ڪافي ليک ۽ ڪتاب تيار آهن؛ هينئر ته خاص ڪري ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٻنهين ملڪن ۾ اسان سڀني جي زندگيءَ ۾ گهٻراهٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي؛ هن وقت ڪتابن جي ڇپائڻ ۾ ڪو خاص مقصد نظر نٿو اچي؛ جيڪي خيال اصول سٺا سمجهين ٿي انهن کي عمل ۾ آڻ. اها خود انهن لاءِ وڏي ۾ وڏي مشهوري آهي. عمل جي ذريعي اُهي ڇپائيءَ کان وڌيڪ سلامت رهي سگهن ٿا.“

***

 

 

ٿورا ڏينهن ٿيا ته مدراس جي گڻيش ڪمپني وارن سام کي لکيو ته اوهان جي ڪتابن جون اڃان ڪجهه ڪاپيون اسانوٽ آهن، جن جي نيڪال ڪرڻ جي تجويز ٿي سگهي ته ڏسيو. سام ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ڪيترو به کڻي انهن ڪتابن جو انوقت جي اخبارن ۽ رسالن آڌر ڪيو تڏهين به ائين ظاهر آهي ته انهن جو ڇپجڻ ڪا خاص لاڀد ايڪ ڳالهه ڪانه هئي. ڇپائي يا ٻيو ڪوبه ڪم تڏهين هٿ ۾ کڻجي جڏهين ان جي گهرج محسوس ڪجي، نه فقط پنهنجي حرص پوري ڪرڻ لاءِ؛ ڇپائي لاءِ وري جڏهين ڪو اِلاهي اعلان ٿيو ته ڏٺو ويندو.“

پوءِ وڌيڪ هينئن چيائين: ”هيءَ تنهنجي ڊائري ڏيکاري ٿي ته تنهن جو هنن آدرشن ۾ ڪجهه قدر ويساهه آهي، پر تڏهين به تنهنجو ناتو اسان سان فقيري امنگ يا صدق تي اڃان ٻڌل نه آهي. جڏهين فقيريءَ جو شوق تو ۾ پيدا ٿيو، تڏهين هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو توکي اڌڪار رهندو.“

***

 

 

مٿين ڳالهه مان ظاهر آهي ته سام جي خيال موجب مان اڃان فقيريءَ ۾ پورو عقيدو نٿي رکان. برابر مان ڪڏهين اهڙي هلت ڪندي هوندس جا گرو ۽ چيلي جي وچ۾ سهائيندڙ نه آهي. ائين به شايد هجي ته سنساري ڪمن سان گهڻي واهپي ڪري اُهو آدرشي ناتو اسين اڃا قائم ڪري نه سگهيا آهيون، مگر جيڪڏهين وڌيڪ اونهو وڃبو، ته ائين خود سام کي قبول ڪرڻو پوندو ته مونکي سندس مقصد کان نرالو ٻيو ڪو مقصد حياتيءَ ۾ ڪونه آهي؛ جو هن جو آدرش سوئي منهنجو آدرش آهي.

هن باري ۾ ڪڏهين ڪڏهين سام چرچي طور هڪ آکاڻي ٻڌائيندو آهي، جنهن ۾ شايد پڙهندڙن کي ڪو گيان جو نڪتو نظر اچي؛ ان ڪري اُها هت ڏيان ٿي: ”انگلينڊ جو بادشاه آلفريڊ جڏهين هار کائي پنهنجو تخت ڇڏي، لڪي وڃي هڪ ريڍار جي گهر ۾ رهيو هو، تڏهين ريڍار جي زال هن کي گهر جو ڪم ڪار ڏسيندي هئي. هنکي اها خبر نه هئي ته هي ڪو بادشاه آهي. هڪ لڱا جڏهين چلهه تي روٽين جي نگاه لاءِ آلفريڊ کي ويهاري ويئي، تڏهين آلفريڊ پنهنجي ملڪي مسئلن جي خيال ۾ محو ٿي روٽين کي اٿلائڻ وساري ڇڏيو؛ روٽيون سڙي وييون ۽ ريڍار جي زال هنکي ڪيتريون ڇڙٻون ڏنيون.“ سام کلي چيو: ”اسان به پنهنجي ملڪ (آتمڪ سنگ) کان وڇڙيل اچي تو وٽ مهمان ٿيا آهيون ۽ تون ڪڏهين ڪڏهين اڻ ريڍارڻ وانگر هلت ڪرين ٿي.“

وري ان ڳالهه کي دهرائيندي چيائين: ”ائين چوڻ ۾ ذرا ڪجهه اڀمان نظر ٿو  اچي، پر ريڍارڻ جو لفظ مون ڪنهن خراب ارادي سان ڪم ڪو نه آندو. منهنجو سچو مطلب آهي ته هي دک دائي سنسار انهيءَ اڻڄاڻ ريڍارڻ جي مثل آهي؛ بادشاهه آلفريڊ اسانجي آتما آهي جا هار کائي پنهنجي آنند روپي تخت تان لهي هت اچي لڪي آهي ۽ پيئي ٿي سنسار جا روز طعنا ۽ مهڻا سهي. جيتر سندس اکيون کلن ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻي، تيتر پيو سنسار کيس ڏنڀ ڏيندو. هي سنها ٿلها غرض ۽ چنتائون انهن ڏنڀن مثل آهن. تون ڪڏهين ڪڏهين اسان ٻنهي جي ان گڏيل جيون جي آدرش کي وساري ڇڏيندي آهين ۽ فقط گهر جو ڀاتي يا پنهنجو ساٿي ڪري اسانکي سمجهندي آهين. برابر توکي حياتيءَ جي ضروري مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پر اسانکي پنهنجي اڳين زندگيءَ ۽ ايندڙ وقت جون اميدون هر وقت ياد آهن، تنهن ڪري پاڻکي  هت ڪڏهن ڪڏهن اُن جلا وطن بادشاهه آلفريڊ وانگر پيا سمجهون. سچ پچ تون نه پر ريڍارڻ هيءَ سنساري زندگي آهي، جنهن اسان کي هت روٽين پچائڻ، يعني گذاري لهڻ لاءِ ويهاري ڇڏيو آهي!“

***

 

22-6-1951ع مون سام کي چيو: ”اڄ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ ڪجهه نه لکيو آهي ۽ نه توهان ئي ڪجهه ٻڌايو آهي. ائين پئي سمجهان ته ڄڻ وقت اجايو وڃايو اٿم.“

سام چيو: هر شوق حرص جي صورت وٺي سگهي ٿو. ان کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. جا ڳالهه از خود ٺهي ايندي آهي، سائي ٻڌڻ ٻڌائڻ جوڳ آهي. خيالن جو اچڻ وڃڻ ڪنهنجي وس ۾ نه آهي.“

مون چيو: ”توهين پاڻ چوندا آهيو ته خيال جو خزانو اکٽ آهي.“

سام چيو: ”شايد ڪي نوان خزانا خيال جا اسان وٽ به اڃا لڪل هجن پر انهن جو منهن کولڻ منهنجي وس نه آهي. جيئن ڌرتيءَ اندر پاڻيءَ جون نهرون هميشه وهن پيون، مگر ڪنهن سونجهي کي ئي سڌ رهندي آهي ته ڪٿان سهنجو تڙ ملندو، تيئن انسان جي من ۾ گيان جو آب هميشه ميسر آهي؛ سچا پياسي ائٽ گيڙي ڪنهن وقت به پنهنجي پياس ٻجهائي سگهن ٿا. تنهنجو پريم ۽ تنهنجو شوق شايد ان ۾ ڪا مدد ڪري سگهي ۽ نوان چشما کولي وجهي.“

سام چيو: ”هيءَ ڪهڙي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي جو اسانکي انهن املهه خزانن جي پوري خبر نه آهي! عمر گهڻي ڀاڱي اجاين ڪمن ۾ گذاري وڃي ٿي. اڄ ڪالهه جي نموني رهڻي ڪهڻيءَ جي (Standard) قائم رکڻ لاءِ ماڻهو ڪيتري نه جانفشاني ڪن ٿا! مگر جنهن انجڻ جي طاقت گهڻي ڀاڱي پنهنجي بوج کڻڻ ۾ خرچ ٿي وڃي ٿي، اها انجڻ بيڪار سمجهڻ گهرجي. مثال طور جيڪڏهين ڪا موٽر ڪار ٻارهن هارس پاور جي آهي ۽ انهيءَ مان ڏهه هارس پاور فقط انهيءَ جي باڊيءَ جي کڻڻ لاءِ گهربل آهن ته اها ڪارائتي ڪين چئبي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن انسان جي روزاني پورهئي جو نتيجو اهو نڪري جو هو فقط اٽو ۽ لٽو پنهنجي لاءِ ميسر ڪري سگهي ۽ باقي حياتيءَ جون گهڙيون به انهيءَ جي چنتا ۾ خرچ ڪري ته اُن انسان جي زندگي بي سود سمجهڻ گهرجي؛ ڪجهه به هڙ حاصل نه آهي جي لک آڻي ۽ لک ئي پاڻ تي لائي. ٻيو انسان چاهي ٿوروئي ڪمائي، پر پنهنجي  کاڌ پيت ۽ ضروري ڪمن کان ڪجهه وقت بچائي من جي خزانن کوٽڻ ۾ لڳائي يا ٻئي ڪنهن شيوا جي ڪم ۾ خرچ ڪري ته ان جي زندگي وڌيڪ سچي ۽ سڦلي سمجهڻ گهرجي.

”اڄ ڪالهه دنيا ۾ کاڌي لٽي ۽ ٻين شين جي تنگائيءَ کان وقت جي تنگائي وڌيڪ محسوس ڪجي ٿي. افسوس! اسين مورکائيءَ ۾ دنيوي اڊمبر خاطر ڪوڙي سک جون شيون ۽ مال گڏ ڪري، پنهنجون چنتائون وڌائي رهيا آهيون ۽ پنهنجي من جي اندر پوريل خزانن کان پاڻ کي محروم ٿا رکون. اِن ڪري اسانجي آشرم جو خاص سنيهو، ’سادگي‘ ٿيڻ گهرجي، جنهن جو ٻيو نالو سچائي آهي؛ سادي جيون سچائيءَ واري جيون آهي ۽ سچائي سڀ کان سادي ۾ سادي شيءِ آهي. انساني جيوت جي مشين کي پنهنجي بوجي کان آجو ڪرڻ سو سندس سڀني مرضن جو هڪ علاج آهي.“

***

 

 

ائين مونکي هرگز خيال ۾ نٿو اچي ته ڪو وڏيون جايون، وڏا ڪارخانا يا پيچيده ڪاروبار جا طريقا اسانجي آشرم لاءِ ضروري ٿيندا؛ مان ته ائين خيال ڪري رهيو آهيان ته جيڪو وڻ جي ڇانوَ مان ڪم نڪرندو؛ تنهن لاءِ جاءِ ڪانه اڏينداسون؛ مونکي اُها انگريزي ڪتاب واري تصوير وري وري ياد ايندي آهي، جنهن ۾ هڪ ياتريءَ جي ڪلهن تي ست عمارت بيٺل آهي جا سامان سان سٿيل نظر اچي ٿي ۽ گهڻي بوجي سبب مسافر جو ڪنڌ جهڪيل نظر اچي ٿو؛ تصوير جي هيٺيان ڪجهه اهڙا اکر لکيل آهن: ’بهشت جا يا تري! ذرا پنهنجو بوج گهٽاءِ! انهيءَ هدايت جي اڄ اسانکي ڪيڏي نه ضرورت آهي!“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org