”پينوءَ جي سوغات“ جي مرحبا تمام سٺي ٿي. هڪ قسم جي هلچل گويا
سنڌي لٽريچر جي دائري ۾ هن ننڍڙي ڪتاب پئدا ڪري
ڇڏي! ڪيترن واقف ۽ اڻ واقف دوستن جا خط اچڻ لڳا.
سام چيو: ”جيستائين ڪنهن به ڪم مان آپو نه ڪڍبو،
تيستائين اُن مان خوشي نه پاڻ کي نه ٻين کي ڪا
حاصل ٿيندي. ڪتاب اُهي ساڳيا آهن، مگر هينئر هڪ
نئين مراد سان پيش ڪيا وڃن ٿا، يعني منهنجي دل ۾
هڪ سچي آس پيدا ٿي آهي ته مان به ڪجهه ماڻهن جي
وندر يا خيال جي واڌاري لاءِ ڪيان. مون کي اهو ڏسي
خوشي ٿي ته ٿوروئي قرض سنڌي مادري ٻوليءَ جو هن
ريت ادا ڪري سگهون ٿا. مان نفس کي شاباس ڪرڻ نٿو
گهران پر دل سان ائين چاهيا ٿو ته شل هي ڪتاب ۽
قلم اسان جي سموري زندگيءَ سان گڏ پريم جا پر ٿي
پون. هي هڪ ننڍڙو ڪتاب فقط هڪ سو صفحن جو آهي.
جيئن سمنڊ ڀر تي سير ڪندي هڪ يا ٻه سٺا ڪوڏ هٿ
ايندا آهن ته اهي به سوکڙي طور پنهنجي گهر کڻي
اچبا آهن، تيئن ان اکٽ پريم ۽ گيان جي ساگر مان
هيءُ هڪڙو ننڍڙو ڪوڏ ڪري سمجهڻ کپي. مون کي خوشي
ٿي آهي جو اهو قبول پيو آهي. ايشور جي شل اسان
سڀني جي ڪوشس تي آسيس ٿئي!“
***
11-10-1955ع سام چيو: ”ويٺي ويٺي مون کي اهو خيال آيو ته هي جو
ڪن ماڻهن لکيو آهي، ته اسان جو نئون ڪتاب پينوءَ
جي سوغات ڳُوڙهو خيالن سان ڀريل آهي. سو وري پڙهي
ڏسان ته واقع ئي ڳوڙهو آهي ڪيئن! اُتي وري ٻيو
خيال آيو ته اڙي هي ته نفس کي ٿو شاباس ڪرين؛ ڪتاب
کي هڪڙي پنهنجي شئي سمجهي ٿو پيار ڪرين! تنهنڪري
ڪتاب پڙهي ڏسڻ واري خيال کي روڪيم، پر اُتيئي ٽيون
خيال پيدا ٿيو ته حقيقت ۾ نه ڪو آهي نفس نه ڪا آهي
ڪا شئي پنهنجي يا پرائي؛ هي ڪتاب به آتما جا اوزار
ڪري سمجهه! پر جي انهن کي رانديڪا به ڪري سمجهين
ته اُن ۾ هرج نه آهي. مگر انهن سان فقط ايتري دل
رک، جيتري ڪو ٻار پنهنجي رانديڪي سان رکي؛ يعني
فقط ان لحظي لاءِ ٻار وانگر وري ٻيءَ گهڙيءَ ان کي
وساري ڇڏ!“
سام چيو: ”هي آخري خيال سڀني کان اتم آهي؛ پاڻ کي ايترو وسارڻو
آهي، جو سچ پچ پنهنجي ۽ پرائي شيءِ جي وچ ۾ ڪو فرق
نظر نه اچي. ان بعد پنهنجي شيءِ کي کڻي ماڻهو
ساراهن ته اُن ۾ غرو سان گيرب جو احساس ڪونه
هوندو. سڀ پدارٿ نا سونت سمجهي اُنهن کي ڌڪاري به
سگهجي ٿو پر وري تمام اونچ خيال وچان انهن کي ڪتب
به آڻي سگهجي ٿو، يعني تسليم ڪري سگهجي ٿو. حقيقت
هيءَ آهي ته هي سڀ شيون اوزار ۽ وسيلا يا چئجي کڻي
رانديڪا آهن. جنهنجي درشٽي آتما ۾ کتل آهي، ان جي
لاءِ ڀلا ڪهڙو تفاوت ڪن به ٻن ناسونت شين جي وچ ۾
ٿي سگهي ٿو يا پنهنجيءَ ۽ پرائيءَ جي وچ ۾؟ ڪجهه
به نه! مطلب ته جن کي آتما ياد آهي تن کي پاڻ ياد
رهي نٿو سگهي. ڪوڙو لڄڪو به اڪثر اندر جي اڀمان
مان پيدا ٿيندو آهي يا پنهنجي پاڻ ٺڳڻ جو هڪ
نمونو آهي. تنهن ڪري خود نفس کان به لڄڪو ڪرڻ نه
جڳائي. ان جي سامهون وڃڻ جي همت ڌارڻ گهرجي.“
***
ٿوريءَ دير بعد مون چيو ته خبر نه آهي ڪڏهين اسان جي آشرم برپا
ٿئي؛ الا جي تيستائين مان هجان يا نه هجان!
سام چيو: ”اهڙي انتظاري اسان کي ڇو هئڻ گهرجي؟ پر مان ته ڏسي
رهيو آهيان ته تون آشرم جي ماتا پيئي ٿي سڏجين!
وڌيڪ ڏسان ٿو ته هي ڪتاب وغيره سڀ پريم جا اوزار
ڪري ٿي هلائين! تنهنجو به روح هنن ۾ پر گهٽيل آهي،
جيتوڻيڪ اڃا تنهنجو نالو ڪنهن ڪتاب جي مٿان نه پيو
آهي؛ اهي سڀئي اُن آشرم جو هڪ ڀاڱو آهن.“
سام وڌيڪ چيو: ”ڀلا مون جو هي خيال سالن جا سال دل ۾ سانڍيو
آهي، مون کي ڪيتري نه انتظاري ٿيڻ گهرجي؟ پر مان
سچ ٿو ٻڌايانءِ ته جيتوڻيڪ حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون
مايوس ڪُن رهيون ٿيون تڏهين به ڪو شڪ يا انتظاري
اُن آدرش بنسبت منهنجي دل ۾ ڪانه آهي. ظاهر ۾ ته
ڪو اُديم به ڪو نه ٿو ڪجي، مگر سال ٿيا آهن چپ ۾
ان خيال جي پالنا ڪندي. نه رڳو ڪنهن شعر يا ليک
لکڻ وقت پر سنساري ڌنڌن جي وچ ۾ به اهو احساس
رهندو اٿم ته مان ڄڻڪ اُها آشرم اڏي رهيو آهيان!
خاص ڪري جڏهن ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي نظر ايندي آهي ته
چوندو آهيان ان آدرش جي طرف هڪ وک وڌائي رهيو
آهيان.
”اصلي يعني سچو روپ هر شيءِ جو پهريائين خيال اندر پيدا ٿئي ٿو.
جيڪو ماڻهو اندروني دنيا ۾ گهڻو رهي ٿو يعني خيالي
دنيا جو رهواسي آهي ان کي اهڙين ڳالهين جو يقين پڻ
رهي ٿو؛ جيڪو پاڻي هماليه جبل جي چوٽيءَ کان پنڌ
پيو آهي سو ضرور ڪنهن وقت ساگر ۾ پاڻ سمائيندو؛ جا
خيال جي لهر آتما جي اندروني دور مان هلي آهي ۽
ايترو فاصلو طئي ڪري اڳتي رڙهي آهي، سا ضرور ڪنهن
وقت اچي ڪناري لڳندي، پر جي نه به لڳي ته ان جي
اندروني موج ۾ ذرو به فرق نه پوندو؛ آخر ان
اندروني موج منجهه ئي ته زندگيءَ جو سچو سار سمايل
آهي. جنهن کي ڪنهن خاص روپ سان رغبت نه آهي، ۽ خاص
نتيجي جي هروڀرو ستائيندڙ چاهنا ڪا نه آهي، تنهن
لاءِ اهو دلاسو به ڪافي آهي ته اُها لهر جي اڪيلي
نه ته به ٻين لهرين ۾ سمائجي، ٻيا روپ ڌاري، ضرور
سمنڊ ۾ پنهنجو انت پائيندي! مطلب ته چڱو خيال سج
جي گرميءَ وانگر گم هرگز نٿو ٿئي؛ ڪرڻو هلي مٽيءَ
۾ سمائجي ٿو، مِٽيءَ مان پوءِ ڪنهن زرعي پيدائش جي
صورت وٺي ٿو، آخر ڪافي، اناج يا سبزيءَ جي صورت
وٺي سج جي شڪتيءَ جو اظهار ڪري ٿو.“
***
26-10-1955ع ڪالهه هڪ فقير اسان وٽ آيو جو پهريائين اٽڪل 15 -
14 سال اڳ طيب ۾ آيو هو. اُتي هڪ صوفي سما گم
ڪرايل هو جنهن ۾ ڪيترا ٻيا فقير ٻاهرين پاسن کان
آيل هئا. انهن کان موڪلائڻ وقت سام جڏهين کين ڪجهه
ڪپڙا وغيره سوغاتون ٿي ڏنيون، تڏهين هي فقير به
حاضر هو. هو انهن ڏينهن ۾ بلڪل مست هو؛ جڏهين ڪو
راڳ ٿيندو هو ته اُٿي پنهنجو پاڻ وڄندڙ سازن سان
هيئن پيرن ۽ منهن جا اشارا ملائي ناچ ڪندو هو، ۽
ائين چوندو هو هي عشق ٿو نچي! سام جڏهين کيس ميلي
پوري ٿيڻ تي هڪ قميص جو ڪپڙو آڇيو، تڏهين هن بي
پرواهيءَ مان انڪار ڪري چيو ته وڃي ڪنهن ٻئي فقير
جي پورت ڪر؛ اسان کي ڪجهه نه گهرجي.“
فقير اُن وقت بلڪل لا طمع هو ۽ سام کيس گهڻو ياد ڪندو هو. ڪجهه
وقت کان هو اسان وٽ وري اچڻ لڳو آهي، پر ڀيري ڀيري
ڪو مڙيوئي سوال کڻي اچي! ڪڏهين روپيو گهري، ڪڏهين
ڪو ڪپڙو يا ٻي شيءِ گهري، ڪڏهين اهڙا ذڪر پيو ڪري
ته مان هينئر فلاڻي آفيسر ڏانهن وڃان ٿو، اُهو
منهنجو مريد آهي؛ پاڻ تي پنج رپيا مهينو ٻنڌاڻ
مقرر ڪيو اٿس وغيره، وغيره! ڪالهه وري چيائين ته
مان ڪراچيءَ ويندس، اُتي به چڱو خير ملندو اٿم.
سام هن فقير ۾ وڏو ڦيرو آيل ڏسي کيس چيو: ”جي رنج
نه ڪيو ته اسان توهان کي هڪڙي صلاح ڏيون؛ اڳي
جڏهين اسان توهان کي قميصڙي آڇي هئي، تڏهين توهان
وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، توڙي جو جان واري قميص
پراڻي هُيوَ تڏهن الله ۾ ايترو اعتقاد هيو ته
جڏهين اُها ڦاٽندي ته ٻي پاڻهي ڏيندو! هاڻي وري
سعيو ڪري دنيا وارن جي ڪڍ ڦرندا ٿا رهو ۽ وتو ٿا
شيون مال ۽ زر ڪٺا ڪندا! اُنهيءَ اڳئين هلت جي ڪري
اهي وڏا ماڻهو توهان جا مريد ٿيا پر هاڻي جيڪا ڏن
جي وصولي ڪريو ٿا اها سڪوارن کي ڀڄائي ڇڏيندي.“
فقير چيو: ”اسان ته اِيَر پاڻ رولڻ تي هري ويا آهيون؛ توکي
شاباس آهي، جو هڪ جاءِ تي ويٺو آهين. پر ماڻهو به
اچڻ لاءِ زور رکن ٿا تڏهين ٿا وٽن وڃون.“
سام چيو: ”بيشڪ گهُمو، سئر ڪريو پر سعيو ڪري انهن وٽ نه وڃو
جيڪي ڏن ڀريندڙ آهن. فقير جو ڪم آهي ته چڱيءَ
شيءِ به هُرو ڀرو ڪنهن کي زور سان نه آڇي. فقير
جو وکر آهي محبت ۽ گيان، پر هن کي گهرجي ته اُهي
بي بها شيون در در ڀٽڪائي انهن مان پئسو پيدا نه
ڪري، مگر تلاءُ وانگر محبت جو پاڻي موجود رکي ويٺو
رهي، جنهن مان ماڻهوءَ پسون ۽ پکي، ڀل پيا پيئن؛
جنهن کي اُڃ لڳي، سو ڀل تڙ تي هليو اچي پَر فقير
پنهنجا هوڪا پاڻ نه ڏي!
”عقيدي وارن وٽ فقير برابر پاڻ به ڪهي ويندا آهن، پر صرف ڪا سڪ
جي امانت ڏيڻ. پئسي سان اهو وکر وڪڻڻ سو آهي
فقيريءَ ۾ ڪسب ڪمائڻ. توهان سير بيشڪ ڪريو؛ ڀاڙي
وغيره لاءِ به ڪٿان خوشيءَ سان ملي ته پئسو وٺو؛
پر هينئن پورين تاريخن جي اچي ڏنُ اُڳاڙڻ سا ڳالهه
توهان لاءِ ٺيڪ نه آهي.“
فقير جي وڃڻ بعد سام مون کي چيو: ”هي مثال ڏيکاري ٿو ته اونچ
چاڙهيءَ تي چڙهي ڪري به اتهان وري ڪري سگهجي ٿو؛
پوءِ به ڪيڏو نه خطرو رهي ٿو ڪري پوڻ جو! تنهنڪري
وک وک سان پاڻ سنڀاليندو آهي؛ دم دم سان پنهنجو
آدرش ياد رکي هي جيون گهارڻو آهي. هي فقير مون
مجذوبي حالت ۾ ڏٺو هو. اڄ ور هي گداگر بڻجي پيو
آهي!“
***
13-12- 1955ع سام اڌ رات جي ننڊ مان جاڳي ڀرواري هوٽل تي رات جي
ماٺ ۾ چوٻول هلندو ٻڌو جو اُن وقت جي لحاظ کان اڻ
سهائيندڙ ٿي لڳو. سام چيو: ”انساني جيوت هڪ اُتم
شئي آهي پر اسين اُن سچي جيوت کان ڪيڏو نه دور
رهون ٿا! انسان پاڻ سان ڇا ڪري رهيو آهي! هيءَ هڪ
عجب جهڙي ڳالهه آهي، جو سڄو ڏينهن ته اسان جو مال
دنيا يا ڪوڙن سکن جي تلاش ۾ وڃي ٿو پر اڌ رات جي
وقت ۾ به ڪيترن کي اهو خفقان لڳل رهي ٿو! حيوان
پنهنجو وقتي گهرجون سڀ کان وڌيڪ اهم سمجهي ٿو پر
انسان انهن کي وساري سگهي ٿو، ان لاءِ ته جيوت جو
سچو مقصد نظر کان غائب ٿي نه وڃي. سچو انسان اهو
آهي جو ڄاڻي ٿو ته ڪو قانون زندگيءَ جو آهي، جنهن
سان اسين جوابدار ۽ ٻڌل آهيون. ڀلا جنهن قانون سان
خود ڏينهن رات جُڙيا آهن؛ جنهن طاقت ڌرتيون پهاڙ
نديون ٺاهيون آهن، انسان ۽ ٻي هر شيءِ جي جوڙ جڪ
هڪ ٻئي سان مطابق رکي آهي ۽ سرشٽيءَ ۾ هيڏا اچرج
ڀريا ۽ اڪٽ نظارا سمايا آهن؛ جنهن انسان جي
حياتيءَ کي، ڌرم ۽ گيان جي هڪ کوجنا بڻائي آهي.
انهيءَ اپار شڪتيءَ کي ڪيئن وساري، سندس اصولن کي
ريٽي، اسين پنهنجي شخصي يعني ننڍڙي جسماني دائري ۾
غرق ٿيا پيا آهيون! ائين برابر آهي ته هيءَ رچنا
به قدرت رچي آهي؛ سا ضرور اسان جي خامين مان به ڪو
چڱو نتيجو ڪڍي ٿي، پر ائين چوڻ غلط ٿيندو ته اسان
جي گمراهي يا اسان جون خاميون کيس وڻيل آهن؛ ان
ڪري ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڇا لاءِ جو هي سڀ قدرت
برداشت ڪري ٿي تنهنڪري اسين به ائين ئي ڪندا رهون!
هي ماڻهو جيڪي هر وقت ائين پنهنجا نوڪر ۽ خفت ساڻ
کنيو وتن ٿا سي گويا حياتيءَ ۾ ائين هلن ٿا جيئن
ٻي مهار اُٺ يا بنا رسيءَ ڍڳو هجي.“
***
7-6-1956ع گذريل ٿورن مهينن ۾ سام جا ٻه ڪتاب ڇپجي آيا آهن ۽
ٻيا هن وقت پريس ۾ آهن. ڪڏهين پروفن جو ڪم ته
ڪڏهين نسخي جي سڌار جو ڪم، سام راجا مڙيوئي ڪجهه
نه ڪجهه پيو ڪندو آهي! مون ڪجهه چرچي ۾ ۽ ڪجهه
ساڀيا ۾ کيس چيو ته اڄ ڪلهه تنهنجون پهريائين پيار
ڪتابن سان آهي، تنهن کانپوءِ مائٽن عزيزن سان ۽
تنهن کان پوءِ ٽئين نمبر ۾، مون سان آهي!
سام چيو: ”اها ڳالهه سراسر غلط آهي.“
مون چيو: ”تڏهين تنهنجون پهريون پيار مون سان آهي؟
سام چيو: ”غلط!“
وري مون چيو: ”تڌهين پهريون پيار پنهنجي ٻارن سان اٿيئي؟“
سام چيو: ”اها ڳالهه به غلط آهي؛ پيار هڪڙي پوتر چيز آهي جنهن ۾
ڪو به ڀيد ڀاءُ يا دوئيءَ جو فرق ٿي نٿو سگهي.
اُهو شمع يا روشنيءَ مثل آهي؛ جنهن جي روشني هڪ
جهڙي سڀني شين تي ڪري ٿي. البت جيڪي شيون وڌيڪ
ويجهو آهن سي وڌيڪ روشني پائن ٿيون ۽ جيڪي دور رهن
ٿيون؛ سي گهٽ حصو ماڻن ٿيون. تون ته سڀ کان ويجهو
رهين ٿي، پوءِ ائين ڇو ٿي محسوس ڪرين؟ ڏسج متان ڪو
خيال تي پڙدو چڙهيل هجي!“
***
11-6-1956ع مون سام کي هڪ رسالي ما هڪڙي ساڌوءَ جي ليک مان ٽڪرو
پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ چيل هو ته اندرين تي روڪ وجهو.
اُهو ٻڌندي سام چيو: ”وهندڙ درياهه تي ڪيتري روڪ
وجهي سگهبي؟ زندگيءَ جو قانون وهندڙ درياهه مثل
آهي؛ اهي هٿرادو روڪون آهن ٻُوڙن ۽ ڊڀن مثل، جن
سان پاڻي جهلي هر گز ڪين سگهبو اُها روڪ ٻي آهي
جيڪا پاڻ منجهان پيدا ٿئي ٿي ۽ هن پاڻيءَ جو منهن
ڦيري سگهي ٿي، يعني ڪا وڏي عشق جي اُٿل اچي جا
ننڍڙن شوقن يا حرصن کي جذب ڪري وڃي؛ يا الاهي محبت
جاڳي جا نفس جي محبت کي کائي وڃي؛ ڪا پريم جي ڪشش
پيدا ٿئي جنهن ۾ ننڍڙيون تانگهون پاڻي طئي ٿي وڃن!
مگر اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته خواهه مخواهه زندگيءَ
جي قانون تي روڪ وجهڻ سان اُن ۾ ويتر جوش جاڳندو.
اندرين جا جيڪي ڪم قدرت رٿيا آهن سي انهن کي اوس
اندرين ڪرڻا آهن. انهن تي روڪ وجهڻ سان اندرين کي
خاص اهميت ڏني ٿي وڃي. انهن جي پورائي ڪرڻ سان خود
من ۽ جسم جي ڇڪتاڻ ۾ ڍرائي ٿئي ٿي. اهو آهي وچون
رستو
(Middle Path)
جو هر ڪنهن انسان کي پنهنجي سڀاءَ ۽ مقصد موجب
ڳولي لهڻ کپي. اجاين پرتگيائن ڪرڻ سان بعضي بعضي
انهن هيٺين شڪتين کي اندران ئي اندران وڌڻ جو وجهه
ملي ٿو. جسم جي طبق مان لهي اهي خواهشون من جي
اونهي طبق ۾ پڪو راس ڪن ٿيون ۽ وڌيڪ زور پڪڙي ڪنهن
وقت اُها اُٿل پيدا ڪري سگهن ٿيون، جنهن ۾ زندگيءَ
جي سچي عمارت ڊهي پٽ تي ڪري پوڻ جو امڪان آهي؛
جيئن درياهه تي روڪ وجهڻ سان وڏي اُٿل جو انديشو
پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪنهن يا براج خاص مقصد سان يا ڄاڻو
انجنيئرن جي صلاح سان اهڙي لوڪ فائدي مند ٿي سگهي
ٿي. تئين انسان جي زندگيءَ تي ڪنهن اونهي خيال
کانسواءِ جيڪڏهن اڻ گهربل روڪون وجهبيون ته اُنهن
مان انقلاب پيدا ٿيندو. ڄاڻو يعني گياني مرشد جي
سايه ۽ رهبريءَ هيٺ رهندي ڪن حالتن ۾ ڪو پنهنجي
خوشيءَ سان ڪنهن خواهش کي موڙي ان مان ٻي شڪتي
پيدا ڪري ته اهو ٿي سگهي ٿو. مثال طور ڦلدار پوکن
جي ڏانڊين کي ٿورو نيسائي منجهن ڦر جو واڌارو ڪري
سگهبو آهي. پر اهو ڪم ڄاڻو مالهيءَ جو آهي، جو مند
۽ اوستا ول جي واڌاري جي ڏسي اهڙا طريقا ڪتب آڻي
سگهندو آهي. عام طرح سڀني کي صلاح ڏيڻ ته اندرين
تي روڪ وجهو يا شادي نه ڪريو سو من جي گهٻراهٽ جو
ڪارڻ آهي.“
***
14-3-1956ع هيٺئين احوال لکڻ ۾ جيڪر ڪجهه عار ٿئي ڇا لاءِ جو اڄ
ڪلهه ماڻهن کي اهي ڳالهيون وشواس جوڳيون نظر ڪونه
اينديون آهن ۽ نه وري اهڙين ڳالهين لاءِ ڪا علقي
ثابتي پيش ڪري سگهبي آهي. مگر جيڪي زندگيءَ جي
قانون سان من جو ميل رکن ٿا ۽ جنهن کي پريم يا
روحاني ماحول چئجي ان ۾ وسن ٿا، انهن لاءِ هي
ڳالهيون اهڙيون ظاهر آهن جهڙي سج جي روشني اسان جو
ته انهن ۾ پورو وشواس آهي؛ ممڪن آهي ته پڙهندڙ هن
کي هڪ وهم يا منهنجي من جي ڀورڙائي ڪري سمجهن؛
تاهم مان ان جو ذڪر هت ڪريان ٿي، اهو احوال هن ريت
آهي:
اوچتو هينئر ويٺي، ويٺي آسمان ۾ گرجنا ٻڌڻ ۾ آئي، سام جيئن ٻار
هڪ ٻئي کي اُڀاريندا آهن، تيئن آسمان ۾ گرجنا سان
سُر ملائي آواز وڌائيندو، ملائيندو رهيو، پر اُتئي
چيائين ته آسمان کي اُڀارڻ نه گهرجي؟ ائين ڪندي هڪ
ڀاري گرجنا ٿي ۽ ڳڙو پوڻ لڳو ۽ سام جي وات مان وري
از خود هي لفظ نڪتا: ’ڀائي اسان بس ڪئي!‘ چوندا
آهن ميگهه ملهار ڳائبو آهي ته برسات ٺهي ايندي
آهي. مون کي ياد آيو ته جڏهن طيب اسان سڀئي ويهي
ڪو نئون راڳ سر سارنگ مان ڳائيندا هئاسين تڏهن پڻ
اهڙيو ڳالهيون ٿينديون هيون.
وري جيئن اسان جو ڇوڪرو منهنجي خاص ڪم لاءِ ميرو خان ويو تڏهن
ڪجهه ڪِر ڪِر ڪيائين ۽ مان منجهند جي وقت جڏهين
اسپتال کان گهر آيس ته سام چيو: ”ڇوڪرو ڪم لاءِ
ويو ته آهي پر اڄ شايد ائين ئي موٽي اچي. سڀ ڪم شڀ
اڇا سان، آشير واد وٺي پوءِ شروع ڪرڻ کپي. ان
نموني ڪاميابي آسان ٿيندي آهي. پر جي شروعات ئي
سهڻي نموني نه ڪبي ته ڪاميابي مشڪل حاصل ٿيندي.“
آخر ڇوڪرو ڪم نه ڪري سگهيو ۽ ائين ئي موٽي آيو.
هن جو مطلب اهو نه آهي ته هر لفظ جو ڪو به روحاني راهه تي هلندڙ
اُچاري ٿو، سو هروڀرو پورو نڪري ٿو. مگر ڪي اکر
مان ڏسندي آهيان ته ماڻهن کان اهڙا نڪرندا آهن جو
از خود وڃي ڪو نشان ڪندا آهن. سمجهاڻي ڏيندي سام
چيو: ”جيئن پڪي شڪاريءَ کي تير يا بندوق هڻڻ سان
سمجهي ايندو آهي ته اهو وڃي نشان کي لڳو، تيئن ڪي
اکر جيڪي اندر جي امنگ مان نڪرن ٿا وڃي پنهنجو
نشان ڪن ٿا. انهن جي سچائيءَ جي گويا پاڻ کي اڳواٽ
خبر پئجي وڃي ٿي؛ جا چت شڪتي جڳت کي هلائي رهي آهي
اها اسان جي چت کان جداري نه آهي!“
***
6-4-1956ع سام اسان جي مانيءَ واري ڇوڪري کي اُٿڻ ويهڻ بنسبت
سمجهاڻي ڏيندي چيو: ”هيءُ جو تون داڙ ڦاڙ ڪري ٿو،
ڪڏهين گل ٿو مروٽين، ڪڏهين گاهه ٿو پيرن هيٺان
لتاڙين، سمجهه ته اها پنهنجي زندگيءَ کي ٿو هاڃي
رسائين. بي جان ڪا به شيءِ آهي؛ سڀ شيءِ ۾ ڪو ”حس“
(Feeling)
ڪجهه ته سمايل آهي. جيڪڏهين ڪنهن شيءِ کي، ڪنهن
ڪتاب کي يا ڪنهن ميز کي ڌڪو ٿو ڏين يا کهرو هٿ ٿو
لائين ته ائين سمجهه ڄڻ اُن جي مالڪ کي يعني پيدا
ڪندڙ کي خود اُهي ڌڪ ٿو هڻين ۽ ان کي دک ٿو
پهچائين مان اڳي توکي ائين چوندو هيس ته سڀ ڪنهن
شيءِ جو ادب ۽ عزت هئڻ گهرجي، توڙي جو اُها بي جان
هجي؛ مگر هينئر مان ائين سمجهندو آهيان ته سڀ ڪنهن
شيءِ لا عزت نه فقط پر محبت پڻ هجي. جنهن کي مالڪ
سرشٽيءَ جي ٺاهيو آهي، انهيءَ شيءِ کي ڪيئن ٿو
کهرو هٿ لائي سگهجي؟ هو ته اسان کي سڀ شيءِ ۾ نظر
اچڻ گهرجي.
”هڪڙا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سائينءَ کي هر جاءِ ۽ هر ڪال ۾ موجود
ڏسن ٿا. تنهن کان پوءِ اُهي آهن، جن جي نظر ڪجهه
گهٽ آهي ۽ ان کي فقط مندرن ۽ مسجدين وغيره ۾ يا
مقبرن درگاهن، درياهن وغيره ۾ ڏسن ٿا ۽ فقط انهن
شين جو ادب رکن ٿا. اُهي به آهن جن کي فقط ڪنهن
خاص مقام مندر، آستان يا ماڻهوءَ مان انجي نور جو
دهو پوي ٿو، پر اُهي سڀ سوڙهي دائري ۾ رهن ٿا فقير
جي صحبت گيان جي اها اک کولي ٿي، جنهن سان هر شيءِ
۽ هر هال ۾ اُهو يار ٻيو پسجي. سچي صحبت واڌاءِ ته
پوءِ اهي ڳالهيون توکي سمجهه ۾ اينديون.“
***
23-4-1956ع اڳ ذڪر ڪيل اسان جي دوست ڊپوٽي ڪليڪٽر سان ٻيو هڪ
دوست اڄ گڏجي آيو هو تازو آمريڪن پادرين سان ملي
آيا هئا، روح ۽ انجي شخصيت يعني
(Soul and its individuality)
بنسبت ذڪر هليو؛ ڊپثي صاحب چيو ته ڪي ائين ٿا مڃن
ته حياتيءَ ۾ پڄاڻان ڪنهن بهشت يا سرڳ ۾ روح
پنهنجي شخصيت قائم رکندا اچن ٿا ۽ سام کان پڇيائين
توهان جو ڇا خيال آهي؟
سام چيو: ”ان جي مشابهت ۾ صوفين جو منزل معرفت کي رسڻ ۽ ويدانت
وارن جي مت موجب آتما جو پرماتما ۾ سمائجي وڃڻ يا
ٻڌ ڌرم موجب نروار پد پائڻ، اهي ٽيئي خيال اسان کي
وڌيڪ ويجها لڳن ٿا، بهشت و دوزخ يا سرڳ ۽ نرڪ وارو
خيال فقط مثالي يا تمثيلي نموني
(Allegorically)
سمجهي سگهي ٿو. تنهن کان پوءِ انهي تي ويچار هليو
ته اهو آخرين پد ڪيئن پائجي چاهي ڇا به ان جو نالو
هجي پائجي، چاهي به ان جو نالو هجي.
سام چيو: ”اصل کان ٽي وڏا رستا ان لاءِ ڏسيا ويا آهن جي جدا جدا
قومن ۽ جدا جدا مذهب وارن پنهنجي پَر اندر عمل ۾
آندا آهن. هڪڙو آهي ڪرم ۽ اروچائي يعني عمل جو
رستو، ٻيو آهي گيان يعني علم و عقل جو رستو؛ ٽيون
آهي ڀڳتي يعني محويت ۽ محبت جو رستو. انهن جو اڳي
به اسان هنن مينٽگين ۾ ذڪر ڪيو آهي. انهن ٽنهي
مارڳن جو مقصد ساڳيو آهي. حقيقت ڪري ٽيئي هڪ ٻئي
سان ڳنڍيل آهن ۽ هڪ ٻئي لاءِ ضروري آهن. ان مان
ڪنهن به هڪ رستي تي واڌارو ڪبو ته از خود ٻين تي
به آتما جو واڌارو ٿي ويند. ڪرم يوگيءَ کي پنهنجي
آزمودن مان گيان پراپت ٿئي ٿو، گيان مارڳ تي
هلندڙجي جڏهين ڄاڻ وڌي ٿي ته ڄاڻ سان گڏ ڀڳتي يا
محبت جو ڀاؤ وڌي ٿو، اهڙيءَ طرح محبت وچان ڪرم
اُپجي ٿو ۽ گيان وچان پڻ ڪرم سڦلو ٿئي ٿو. مان ته
ڪڏهين ائين به چوندو آهيان ته ڪرم پاڙ آهي. ڄاڻ
جنهن کي گيان چئجي ٿو سو ول يا وڻ جو وچون ڀاڱو
آهي، جا سائي رهي ٿي جو سندس طاقت پاڙن ۽ چوٽيءَ
وارن پنن جي ذريعي گڏ ٿئي ٿي. ڀڳتي انهيءَ ول يا
وڻ جو خود گل يا ڦل آهي؛ جنهن جي ميٺاج ۽ سوڀيا ۾
محبت ۽ ڄاڻ ٻيئي سمايل آهن. پاڙ کان سواءِ ول گل
نه ٿي ڪري ۽ پنن جي ساوڪ کان سواءِ پاڙ زنده نه ٿي
رهي، ولين جو مٿيون ڀاڱو جڏهين ناس ٿي ويندو آهي ۽
سج جي ڪرڻن مان طاقت ملي نه سگهندي اٿن تڏهين ول
جي پاڙ به از خود سڙي سڪي ويندي آهي. وڻن جي به
ساڳي حالت ٿيندي. آهي مطلب ته گيان ۽ ڀڳتيءَ کان
سواءِ ڪرم نشڦل رهندو آهي تنهنڪري جيتوڻيڪ شخصي
طور مان شايق گل (ڀڳتي يا محبت) جو آهيان تڏهين به
اهو سمجهڻ ضروري آهي ته گل (ڀڳتي) ساوا پن (گيان
يا علم) ۽ پاڙ (ڪرم يا عمل) ٽيئي وڻ لاءِ ضروري
آهن. روحاني زندگيءَ جو اهي ٽيئي يعني ڪرم، گيان ۽
ڀڳتي گويا تتسار آهي.“
*** |