سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

ديباچه

صفحو :2

 

ديباچه

 

”رهاڻ“ وارن هڪ نئين قسم جي ادب جي نئين سر ايجاد ڪئي ٿي ڏسجي. انگريزيءَ ۾ جن به مدبرن ڊائريون لکيون آهن تن پنهنجا روزانه خيال، ويچار، ڪهڻيون ۽ ڪرڻيون لکي پنهنجي اڳيان هڪ آئينو رکيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو منهن ڏسي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هنن ڪيترو قدم اڳتي کنيو يا پٺتي کنيو. نئينءَ سنڌ ۾ انهنءَ ڊائرين جو رواج ساڌو گدومل انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي خيالن کي ظاهر ڪيو يا جيڪي هن جي نظر هيٺ گذريو تنهن تي پنهنجا ويچار پاڻ سان هن ونڊيا. اُها ڊائري انگريزيءَ ۾ آهي. ان کان سواءِ سندس ڏينهن وار ويچار جدا جدا وشين تي، ”من لاءِ چهبڪ“، سنڌيءَ ۾ ظاهر ٿيا. اُهي پڻ ڏينهن ڏينهن جي اڀياس بعد ديوان ڏيارام لکندو هو. انهن ۾ ڪافي گيان. فلاسافي ۽ ادب جو ڀنڊار آهي. اهي مڙيئي ڊائريون هو پاڻ لکندا هئا.

”جيتامڙي جي ڊائري“ گس ئي نئون ٿي وٺي. خيال ۾ ائين ٿو اچي ته سوامي رامڪرشن پرم هنس جا ست سنگي پنهنجي گروءَ کان پنهنجن روحاني مشڪلاتن جو حل وٺڻ ايندا هئا؛ اهي وارتائون هڪڙي پريميءَ ڪتابي صورت ۾ عوام اڳيان پيش ڪيون؛ هي وارتائون به ڪجهه انهيءَ نموني جون آهن.

ڪائونٽ ليئو ٽالسٽاءِ جون ڊائريون سندس موت کان پوءِ ظاهر ٿيون اهي وارتائون هن مدبر جا پاڻ سان جهيڙا جهٽا ظاهر ڪن ٿيون؛ سندس اوڻاين جو اظهار ڪن ٿيون جن مان احساس ٿئي ٿو ته ڪيئنءَ نه مڙس مانجهي؛ سانجهي اچي ٿي تنهن کان اڳ صبح جي شفق کي ابد تائين قائم رکڻ لاءِ جنگ ۽ جاکوڙ ڪندا ٿا رهن.

سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ انهيءَ جنگ جي سري سان هڪڙو ڪتاب گمنام مصنف لکيو، جو پاڪستان ٿيڻ کان اڳ وري ٻيو دفعو ڪوڙي مل سنڌي ساهتيه منڊل حيدرآباد واري ڇپايو. ڪتاب جو لکندڙ ملڪي مجنون مسٽر تولارام مينگهراج بالاڻي نو شهري نواسي هو. ڪتاب جو نالو ”جيءَ اندر جنگ“ آهي.

”جيتامڙي“ ڪيئن سچ پچ جيتامڙي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيئن ويهي پنهنجي سواميءَ جي سکيا قلم بند ڪئي اٿس ۽ ڪئن انجو ذڪر ۽ فڪر بيان ڪيو اٿس، جيئن انهيءَ پنڌ جو پرو پڙهندڙن کي پوي ۽ هنن ۾ انهيءَ پنڌ جو ذوق ۽ شوق زور وٺي، سو پڙهڻ سان ظاهر ٿيندو.

اها ڊائري گهڻي ڀاڱي ”سام“ جي خيالن جو مجموعو آهي جي ڊاڪٽر سرلا سرل ڀاو رکندي، سرل سمجهه ۽ سلوڻي قلم سان، سرل نموني ۾ پڙهندڙن اڳيان رکيا آهن. سندس مراد اهائي ٿي ڏسجي ته جئن هن پاڻ ماري مٽي ڪري جيتامڙو بڻائي جوت پاتي آهي تيئن ٻيا به پنهنجي قرب سان من ماري، چت کي چونڪي چاڙهي، اهو آنند پائين.

ڊاڪٽر سرلا 1938ع ۾ رتيديري ميونسپل زناني اسپتال جي چارج ورتي. اُتي هوءَ گهڻن ئي گهرن جي واقف ٿي. آهستي آهستي هن جو سنگ هڪڙي پڙهيل، نوجوان زميندار جي گهر سان ٿي ويو. اهو نوجوان به هڪ ڳولهائو هو. هن تعليم جا ادارا ملڪ جي سڏ تي ترڪ ڪري قومي تعليم جو رستو ورتو هو. ان جو مونسان به ملڻ ان ئي وقت ٿيو. انوقت سندس سيني ۾ تڙپ هئي، ان ڪري هن انتظام جون ڪڙيون ڏکيون سمجهيون ۽ اُهي ڇنائي چوديواري سڪول جي کي الوداع ڪري نڪتو.

اهو نوجوان امرت (جئسنگهاڻي) هو جو هاڻي ڊاڪٽر سرلا جو سهاڳ بڻجي واڳ وٺي کيس وحدت جي وڻراه ۾ وٺي هلڻ لاءِ کيس وکون ٿو وجهائي ۽ پنڌ ٿو پٽائي. ڊاڪٽر سرلا کيس ”سام“ ڪري ٿي ڪوٺي جو هن پنهنجي جيوت سندس سپرد ڪئي آهي ۽ انجي سام ورتي آهي.

ڪيئن هڪ عورت جنهن کي ڪپڙ، ڳهڻي، پئسي پنجر جو لوڀ ۽ حرص ٿو ٿئي. تنهن سڀ ڪجهه کيس سمجهي جيوت هنجي امانت ڪري سمجهي آهي؟ مونکي عجب لڳو جڏهين هڪوار ڏٺم ته هن پنهنجي ڪمايل في آڻي سام جي سپرد ڪئي. وري کيس خرچ لاءِ ڪجهه گهربو هو ته اها ٿوري رقم سام کان گهري ورتائين! اها ارپن ڪرڻ جي سگهه، تياڳ ڀاو ٿي ڏيکاري؛ اهو آهي قرب، جو کيس قرباني ڪرڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري ۽ جنهن بنا ڪجهه به ڪرڻ، ڪجهه به ’ڪتڻ‘ بيڪار آهي.

چائت پائي چت ۾ سنهو ڪتيو جن

تن جو صرافن دڪو داخل نه ڪيو   

(شاه)

انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ڊاڪٽر سرلا عورت جي جامي ۾ اهو پارٽ ورتو آهي، جنهن ۾ پهاڙن اکيڙڻ جي سر ٽوڙ جو کپ ٿو ٿئي. عورت کي اهائي اُڻ تڻ رهندي آهي ته هوءَ ڪنهن ڏينهن ”ماتا“ ٿيندي ۽ دنيا کي پنهنجو ڪو لعل ڏيئي زندگي سڦل ڪندي. اهو عام رستو آهي. مگر جنهن کي سائين پاڻ ڏانهن ڇڪي سان ڪيئن لوڪ کان لڪي؟ گلا غيبت جو پنڌ آهي هٻڪار جو هنڌ. سو پريم نگر ۾ گم ٿيڻ کان سواءِ ملي ئي ڪين ٿو. جوانيءَ جو جوش، علم ۽ عقل جو هوش، هٿن جي ڪمائي، مڪمل صفائي آڻڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين. گهر ڇڏي فقير جهنگ جهاڳن ٿا، تڏهين محبت وارو ماڳ ٿو کين هٿ اچي.

9 اپريل 1915ع سندس جنم شڪارپور جي مشهور شهر ۾ ٿيو. اڄ ننڍي، سڀاڻي وڏي هوءَ 1921ع ۾، جڏهين ملڪ ۾ محبت جو مچ متو پيو هو، ڪنهن مائٽياڻيءَ سان گڏ قومي اسڪول ۾ اچي داخل ٿي. پهرين مون کيس اتي ڏٺو. ٻارڙي هئي، مگر اکين ۾ سندس هئي لالي لعلڻ جي.

خبر نه آهي ته قسمت جو چڪر ڪهڙي حساب ٿو هلي. ان جو ڪاٿو ڪٿڻ اهنجو آهي. نينگرائپ ۾ اسرندي اڀرندي رهي، مگر اکين ۾ سندس هو ڪو سپنو ساجن جو. پر سنگ ڪرڻ جو وقت اڃا نه آيو هو. هوءَ دنيا جي ڪڙين ۾ جڪڙي ويئي جتان پاڻ آزاد ڪري امرتسر جي ميڊيڪل اسڪول مان L.S.M.P جو ڊپلوما حاصل ڪري آئي.

هڪ ڳالهه جا سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهڻ جهڙي آهي سا آهي ماءُ واري ممتا تياڳڻ. مونکي ذاتي خبر آهي ته ماءُ جو هردو ڪومل ٿو ٿئي. ڊاڪٽر سرلا اها قدرتي تمنا تياڳي ڇڏي. کيس سام لاءِ ايتري شرڌا آهي جو هوءَ سام جي ڪم کي پنهنجو ڪم ٿي سمجهي ۽ آشرم جي رهواسين کي پنهنجي ڄڻ. انهيءَ طرح هو پنهنجي خواهش کي بدلائڻ جو يتن پئي ڪيو آهي. هو هاڻ زنده آهي ۽ هميشہ زنده رهندي جو هن پاڻ فنا ڪري ٻين کي اثبات ۾ آندو آهي. هن پاڻ نفي ڪري سام کي اسٿا پن ڪيو آهي!

هستيءَ کي همه اوست ۾ ڪيو گم جنهين

پيو ترت تنهين جو پيرو اثبات ۾.

هن وقت تائين آءٌ صرف سرلا جي گم ٿيڻ جي آکاڻي اوري رهيو آهيان. سرلا ڪهڙي سر ۾ سام جي صفت ڪئي آهي، تنهن جو نالو کڻڻ به منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. ساميءَ سلوڪ اُچاريا ته پنهنجو نالو نه ڪيو. مگر آزمودا ۽ پنهنجي سکيا هن پنهنجي گروءَ جي سام ڪئي آهي. هت جيڪي سرلا سام جي واتان ٻڌو آهي سوئي هن سهاڳڻ ست ڪري انگيڪار ڪيو آهي. گهڻا ته ائين ڪرڻ کان به پيا نٽائيندا آهن. هن دلاور دادليءَ درياه دليءَ مان، ڇوٽ مان ڇر ڇلائي آهي. هن پنهنجي مٿي کي قدم بڻائي ڇڏيو آهي. هن پيرن  جو پنڌ ڪري، پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش جو تياڳ ڪري، اهو ڀاڳ ادا ڪيو آهي. هڪڙي ڪل وانگيان مالڪ جي ڪل روان ٿي، ٽپ ٽپ ڪندي دوکين جو دوک ڪٽڻ لاءِ تيارٿي وڃي؛ ڏينهن جي  ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪجهه وقت پرارٿنا ۾ گذاري پوءِ گهڙي پوي ٿي گهير ۾. هڪ هڪ بيمار ڄڻڪ سندس ٻار آهي، ان جي پرگهور ۽ سار لهڻ لاءِ هو پاڻ ڳاري پگهاري ٿي. ايتريءَ خود فراموشيءَ جو چشمو هن پنهنجي سام ۾ پاتو آهي؛ انهيءَ چشمي جي ڇوٽ لهر ۾ هوءَ سدا تڙڳندي ٿي رهي:

سرلا شاعر نه آهي مگر هوءَ بنسريءَ وانگيان پنهنجي سام جي ٻولي ٿي الائي. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ واري بندرابن جي گوپين پاڻ ۾ پهه ڪيو ته بنسريءَ کان پڇجي هن ڪهڙو جپ يا تپ ڪيو آهي، جو هوءَ سديو شيام سان گڏ ٿي رهي. اهو ارادو ڪري هو بنسريءَ کي بنسي پٽ ۾ کڻي ان کان پڇڻ لڳيون:

”ري بنسري! نه تون سوني جي نه تون روپي جي؛ تو ڪيئن پريتم جي ٻانهن پڪڙي؟ ڪهڙو تنهنجو جپ، ڪهڙو تنهنجو تپ، جنهن بنايو توکي ساز ساجن جو“

بنسري: بيشڪ مان ناچيز ڪاٺيءَ جي ٽڪري آهيان، مگر هن جي مهر ۽ محبت ڪري سوڀيا ۽ مان ٿي پايان. وڻن جي چوٽن تان لهي، پاڻ سڪائي، پيٽ چيرائي خالي بدن بڻائي آيس ته شيام چپن سان لڳائي ۽ پنهنجو آواز بڻائي؛ ائين ئي مان آنند پايان ٿي.“

***

 

 

 هن ڊائريءَ ۾ آيل آهي ته سام جي بهاو الله جي مريدن سان صحبت ٿي؛ حضرت کان ڪن پوئلڳن جڏهن پڇيو ته اوهان کي هن زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ وڻي آهي. تڏهين پاڻ فرمايائون ته بر هجي، بر ۾ گهوڙي تي سوار هجون، ساٿي اهڙو هجي جنهن سان الله جون ڳالهيون پيون ڪجن، اهي گهڙيون زندگيءَ ۾ سڀ کان پياريون لڳنديون آهن. بر جي معنيٰ سمجهڻ گهرجي يڪوجود ٿيڻ.

سسئيءَ ويچاري، وڇوڙي جي ماري، بيابانن ۾ اڪيلي، پنهون پنهون ڪندي الله کي آزيون نيزاريون ڪندي وئي. سفر تي هلڻ کان اڳ جي ڪنهن سهيليءَ يا مٽ مائٽ کيس انهيءَ خيال کان ٿي هيٺ لاٿو ته هن کين جواب ۾ ائين ئي چيو: ”ڇوٿيون ڀينر پڇايو پنڌ پيرا؛ واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا.“

سندس يڪوجود جو هڪڙو نڪتو ياد ٿو اچي. واٽ تي ڪنهن ملان ٿي نماز ادا ڪئي. سسئي جو پير اتفاق سان تڏي تي اچي ويو. ملان هڪل ڪري کيس چيو: ”ڇوري منهنجي نماز قضا ڪري ڇڏيءِ.“

ان تي هن عرض ڪيو: ”سائين مان ته پنهنجي محبوب جي پويان ٿي ويس ۽ عشق جي انڌ ۾ خبر ئي نه پيم ته اڳيان ڪو الله جو بندو نماز ٿو ادا ڪري اوهان جو الله سان ڳنڍيا بيٺا هئا سو اوهان کي ڪيئن خبر پيئي؟ ملان ڏاڍو شرمسار ٿيو ۾ چيائينس: ”امڙ، محبت ۾ مست ٿي وڃڻ ته توجهڙيءَ کان ڪو ويهي سکي.“

عام طرح هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن وهڪ ۾ وهدو ٿو وڃي ۽ آخر ٿڪ وڃي اُت ٿو ڀڃي جت سندس منزل آهي. مگر اُها منزل آهي ڪهڙي؟ هلندو هل پانڌي، روشني هجي توڻي آنڌي؛ جڏهن پنڌ پٽبو ته مسافري طيءِ ٿيندي! مگر حياتيءَ جو سفر ته ليکي کان ٻاهر آهي. گرهستيءَ جون گهرجون پوريون ٿينديون ئي ڪين؛ اُڃايل جي اُساٽ لهندي ئي نه؛ پريميءَ جي سڪ سٿري ٿئي ڪين؛ ساڳيءَ طرح ڪين ٿيڻ جي مراد تڏهين ٿي پوري ٿي جڏهين ”تون“ ۽ ”مان“ جو تڪرار ختم ٿو ٿئي. ڊائريءَ ۾ اهي لهريون لڳنديون رهن ٿيون؛ اها جهڳ جهڳ هلندي رهيٿي. پريت جي ريت جا گس مڙيوئي اچي ملن ٿا. ڪڏهين ڏس ته واٽون وڇڙيل پيون نظر اچن؛ ڪڏهين وري انهن ۾ ڪو سنڌو نظر نٿو اچي. اها اک ايڪائي واريءَ ۽ اها سرخي سڪ جي سرائي پائڻ سان ٿي اپجي. انهيءَ ڏس ۾ آهستي آهستي سمجهائڻ سان، هنيئون ٺارڻ سان، ڪن ڪچرو ٻهارڻ سان، ٻوڌ پيدا ٿئي ٿي، جهڙي طرح ٻار جو قدم آهستي آهستي پڪو ٿئي ٿو. انهيءَ پنڌ ۾ سسئي چويٿي:

ڪارا ڏونگر ڪهه گهڻي ٻي واٽن تي واري

آڏا لڪ لطيف چئي ٻيا بر سجهن باري

جا منزل ماري؛ سا رب! ڪيچ رسائين.

(شاه)

جدا جدا منزلون طيءِ ڪرڻ لءِ سام ور ور ڪري ٿو منجهيل ڍيرو سمجهائي. سمجهائڻ سان سمجهه صرف دماغ ٿو قبول ڪري. اها سمجهه جڏهين جيوت جي گهٽ گهٽ ۾ گهري ٿي وڃي ۽ خوديءَ جو گهر برباد ڪري خدا جو گهر آباد ٿي ڪري، ته زندگيءِ ۾ زيب ۽ زينت ٿي آڻي. ائين ئي جيتامڙي سڀ ڪي ڏئي سام سڃاتو آهي. اهڙو سودو سهانگو ۽ سڙو ڪينهين. سر ڏني ساجن ملي ته سودو سهانگو. عام واٽهڙن کي اهو وهنوار ڏکيو لڳندو. گونگو ڳڙ کائيندو آهي ته مشڪندو ڪشڪندو ڪين.

ڪنهن هنڌ جيتامڙي صوفين جي حسن پرستيءَ تي هلان ڪئي ته سام انهيءَ ذڪر کي زمين ۾ اڇلائي نه ڇڏيو مگر جيڪي سو انجي تفصيل وار تصوير چٽي کيس ٻڌايائين ته سيرت کان سوا صورت ڪٿي؟ انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته   Handsome is that hand some does ائين آهي ته ڪٿ ڪٿ ڪا روپونتي به اهڙي ذليل ڪم ۾ ڦاسيو ٿي پوي جو ڏک پيو ٿئي ته الاجي ڪيئن ههڙو سهڻو لعل گند ۾ اچي ڪريو آهي! اڳتي هلي شاهه حسن جي جوڙ کي سام سمجهائڻ جي ٿو ڪري. صفحي 40 تي انهيءَ حسن جي چڱي اُپٽار ڪئي اٿس. رهاڻ جي مزي کي ڏسجي ٿو ته ٻن ڳولائن واهه جو جدا جدا شنڪائن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. ”رهاڻ“ جو مطلب ئي اهو ٿيندو آهي ته پانڌيئڙا پاڻ ۾ خيال جي ڏي وٺ ڪري وک وڌائڻ ۽ پاڻ بنائڻ جي ڪن، جئن جوت جو غلط ڀاڳ ڀرندو رهي ۽ انجي جاءِ تي سٺي اوساري اُسرندي رهي.

سڀني سوالن جوابن جو تبصرو ڪرڻ ۽ تفصيلوار انهن جي صفائي ڪرڻ لاءِ وڏو لنبو ديباچو کپي. اسين ان جو ذڪر ۽ فڪر ڪنهن ٻيءَ مهل لاءِ مهمل ٿا رکون. هت وڌيڪ ايترو چوڻو اٿم، ته سرلا ڊاڪٽر آهي؛ مگر هن سام جي شام حياتيءَ جي مانجهاندي ۾ ورتي آهي. چڱو جو هن هڪ آزمودگار، گوشه نشين، تجربه ڪندڙ جي اوٽ ورتي آهي. سسئي پنهنجي پنهونءَ جي اوٽ ورتي. هن پهاڙن جو پنڌ پٽيو. عامن کيس منع ڪئي مگر هن چيو ته پنڌ ۾ پير وجهڻ منهنجو ڪم آهي؛ پوءِ جي ملي ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان.

’سڪ وارن کي سيد چوي ڪين جهليندو جهنگ‘.

سڪ سيني کي روشن ڪندي رهي پوءِ ڪهڙيون به مشڪلاتون اوڏو اينديون ته انهن مان پانڌي اُڪري پار پوندو.

سرل ٻڌي، سرل سمجهه، سرل جيوت جا سرلا کي ڪي اقدار (Values) هٿ آيا ٿا ڏسجن.انهن ئي کيس آٿت؛ ايمان، همت ۽ حوصلو ڏنو ٿو ڏسجي. ڊائري تمام لنبي آهي. جدا جدا وقتن تي ڀن ڀن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ سرلا پنهنجي ساٿيءِ جي سمجهائڻ موجب رستو سڌو ۽ صاف ڏسي همت ڪري پئي هلندي آئي آهي. سندس محنت لاءِ کيس داد ڏيڻ غلط ۽ بي سود نه ٿيندو. سرلا کي سام جي ساٿ مان سکيا ۽ سرهاڻ، سوجهرو ۽ سمت ملندي پئي رهي آهي. ان کان وڌيڪ جيوت ڪيئن ٿي سڦلي ٿي سگهي؟

 جهامنداس ڀاٽيه.

شڪارپور (سنڌ)

 

 

پرا رٿنا

 

”استو ما سد گميه! تمسو ماجيوتير گميه! موتيور ما امرتم گميه!“

هي پرڀو! مونکي همت ڏي ته مان سدائين سچ جي مارگ تي هلان، جنهن مارگ سان تنهنجا پيارا سڀ هلن ٿا؛ جو مارگ سڀني قومن جي پيغمبرن اسان سڀني لاءِ بتايو آهي؛ جو* سام مونکي ڏيکاريو آهي ۽ مان هنن ناقص اکر دوارا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، انهن ٻالڪن لاءِ جن کي منهنجا نيتر هينئر ڏسي سگهن ٿا ۽ انهن لاءِ جن کي هي جسماني ديدون منهنجون ڏسي ڪين سگهنديون، پر اکيون آتما جون سدائين پيون پسنديون!

 ”جيتامڙو“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org