بعد ۾ سام مندر وارن کان موڪلائي حضرت محمد صلعم
جي ثنا جا گيت پڻ ڳارايا ۽ سمجهاڻي ڏنائين ته سڀ
سنت ۽ رهبر اسان جي راهه روشن ڪرڻ اچن ٿا؛ انهن
کان عار ڪرڻ نه گهرجي؛ ۽ وري جڏهن ڪرشن ڀڳتيءَ جا
گيت ڳائجي رهيا هئا تڏهين لاڙڪاڻي جي هڪڙي هريجن
سازن سان تار ملائي اٿي ناچ ڪيو؛ ڪن مندر وارن
اعتراض آندو ته مندر ۾ ناچ نه ٿو ٺهي! سام چيو جي
ڄهانجهه ۾ هٿن سان گهنگهرو وڄايو ته به ساڳي ڳالهه
آهي، جي ڇير پيرن ۾ پائي وڄايو ته به ساڳي ڳالهه
آهي. ڀل هٿ پير اندريون ۽ دل من اسان جا سڀ رقص ۾
اچي وڃن! ڀڳتيءَ جو مقصد ئي وجود وڃائڻ آهي.
ازانسواءِ هت ڪرشن جا گيت ڳايو ٿا جو پاڻ به گوپين
سان ناچ ڪندو هو.“
مندر جي هڪ ماڻهوءَ چيو ته هو مندرن ۾ ته ناچ ڪونه
ڪندو هو پر کيتن ۽ پٽن ۾ جمنا ڪناري تي ناچ ڪندو
هو.
سام کلي چيو: ”اهي ٿاڪ ۽ جايون خود هينئر مندر ٿي
پيا آهن جتي ياتري وڃي مٿو ٽيڪين ٿا؛ جتي سندس
نالو اچار جي ٿو؛ تڏهن ئي انهن کي مندر چئون ٿا.
جتي سندس پير گهميا ڇا اُهو آستان ڪو هن مندر کان
گهٽ آهي؟“
پوءِ سڀنيءَ چيو ته جي توهين چاهيو ته بيشڪ ناچ
ڪرايو مگر سام چيو ته مان هروڀرو انهيءَ ڳالهه تي
زور نه لائيندس. هت جي هڪ ڀاءُ کي ئي اعتراض هجي
ته ناچ نه ڪبو. تنهن کان پوءِ وري ڀڄنن جي موج
وڌندي رهي، تان جو رات جا ٻه اچي لڳا، جنهن بعد ست
سنگ سماپت ٿيو.
***
5-4-1959ع پڙهندا آهيون ته ورڊس ورٿ
(Words Worth)
انگريزي شاعر ڪنهن ڪنهن وقت موج ۾ اچي وڻن کي ڀاڪر
پائيندو هو. مگر مان ته سمجهان ٿي ته اها ڳالهه
فقط هڪ شاعر سان لاڳو نه آهي بلڪ شاعري خود انهيءَ
احساس جو نالو آهي. ڪالهه ڪو سام جو حال اسان جي
گهر ۾ ڏسي ها ته انهيءَ ڳالهه جو کيس پتو پوي ها.
اسان پنهنجي ٿلهي تي هڪ قسم جو باغ
(Terrace garden) ٺاهيو آهي، جنهن ۾ خاص هٿ سام جو آهي. هو پاڻ هڪ هڪ ٻوٽي جي
پالنا ائين ڪندو آهي جيئن ماتا پنهنجي هڪ هڪ ٻالڪ
جون جدا جدا گهرجون محسوس ڪري. ڏينهن جي تپت وڌندڙ
ڏسي سام هڪڙي ٻوٽي جي مٽي کوٽي ڏٺي ته اُها سڪل ۽
کيس گرم پڻ لڳي. پاڻي ڏيڻ جو ڪم اسان ٻن جدا ماڻهن
کي ورهائي ڏنو آهي. سام کي ائين محسوس ٿيو ته ٻوٽن
کي پاڻي پورو نه ٿو ملي. بس پوءِ ته کيس اُها
انتظاري ۽ پريشاني هئي جا ڪنهن ماتا کي پنهنجي
اڃايل ۽ بکايل ٻار لاءِ هجي. جيستائين شام ٿئي ئي
ٿئي تيستائين ڪيئن وار اهڙا اهڙا اکر ٿي ڪڍيائين
ته مان سمجهان ٿو هي اسان جا ٻوٽي ڪوسي دل ڪري
رهيا آهن؛ ويچارا دانهون پيا ڪن ۽ پٽن پيا! شام
ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي اسان سڀني کان انجام ورتو هيائين
ته سڀئي ڇوڪرا ۽ اسين پاڻ گڏجي هيٺان حوض مان پاڻي
ڀري هنن ٻوٽن جي پياس ٻجهائينداسون. سج هٽندي ئي
سڀني کي تکو ڪري مفاصلو ورهائي ڏنائين. ڪنهن حوض
کان ڏاڪڻ تائين ڪنهن ڏاڪڻ کان دروازي تائين، ٻين
دروازي کان ۽ ڪوٺي سڄي تي پاڻيءَ جي ونڊ وراهه ٿي
ڪئي. سام ۽ مون به انهيءَ ڪم ۾ هٿ ڳنڍيو ۽ جيئن
جيئن ٻوٽن کي پاڻي ملندو ٿي ويو تيئن تيئين سام
ڄڻڪ سرهو ٿيندو ٿي ويو. برابر ڪلاڪ کن پاڻي ڏنو
سون ججهو پاڻي ڏسي سمجهون پيا ته سام موج ۾ ايندو
ٿي ويو ۽ مون کي سڏي چيائين ته ڏس اتي جو اِتي
ٻوٽا ڪيئن نه سرها ٿيندا پيا وڃن! مون پاڻ کان
پڇيو ته ڇا شاعر ٻوٽن جو غم ۽ خوشي به اهڙو ئي
محسوس ٿا ڪن جيئن ڪنهن جي دل جو؟
***
7-4-1959ع ڪيترن ڏينهن کان مان اها ڪوشش ڪندي
رهندي آهيان ته ”چمٽو“، اسان جو ڇوڪرو، ڪجهه
انگريزي سکي پوي. هو ڇهون درجو هتان جي هاءِ اسڪول
۾ پڙهندو آهي مگر سليس اکرن جهڙوڪ
Chap ass mad وغيره جي معنيٰ به کيس ڪا نه اچي. سندس سنڌيءَ مان انگريزي
ترجمون وري اهڙو مزيدار آهي، جو ’ڪٽ مٿا‘ ۽ ’ايٽ
برهمڻ‘ واري ڳالهه ياد پيئي اچي.[1]
سام پڻ ٻه ٽي ڏينهن ڪوشش ڪئي ته هن ڇوڪري کي ڪجهه
مدد ڪجي. رٿ ڪيائين ته ساڻس گفتگو سڀ انگريزيءَ ۾
شروع ڪيو. سام ته اها ڳالهه جلدئي بس ڪري ڇڏي ڇا
لاءِ جو ڇوڪرو هڪ ته سوالن جا جواب نه پيو ڏي ٻيو
ته ڪڏهين ڪا چوڪ ڪري ۽ سڌار جيس ته ڦري سيکاريندڙ
کي پيو ڏوه ڏي ته مون هينئن ڪونه چيو وغيره. سام
سندس رخ ڏسي چيو ته هن جي سکڻ ۾ اڃا گهڻي دير آهي.
پر مون ائين ٿي چيو ته ٻارهن مهينن اندر کيس تکو
ڳالهائڻ ٻولهائڻ انگريزي زبان ۾ سيکاري سگهندس.
اڄ مون سان سکڻ جي ڳالهين تي اهڙو برو منهن ٺاهي
پيش آيو جو سام پڻ کلي ويٺو ۽ چيائين: ”اها ڳالهه
مان توکي ڪيئن سمجهايان ته سڀ ڪو ماڻهو ساڳيءَ
رفتار سان سکي نه سگهندو آهي. ادب ۽ شرڌا استاد جي
لاءِ ضروري آهن. انهن کانسواءِ ڪو به شاگرد ڪجهه
پرائي نه ٿو سگهي. تون سمجهندي هوندينءَ ته مون
ناحق کيس سيکارڻ ڇڏي ڏنو. مگر انهيءَ ادب ۽ شرڌا
جي طلب ڪرڻ ۾ شخصي مطلب ڪو منهنجو نه هو. ادب ۽
شرڌا ڪو عَوض جا انعام نه آهي جو شاگرد پنهنجي
استاد کي سکيا جي موٽ ۾ ڏي ٿو. پر شرڌا ۽ ادب اهو
وايو منڊل پئدا ڪن ٿا جنهن جي وسيلي شاگرد سکيا
پرائي سگهي ٿو؛ تنهن ڪري ئي اسان جا صوفي ۽ سنت
ماٺيڻي واٽ وٺي وقت گذاريندا هئا. کين اگرچ گهڻو
ڪجهه سيکارڻو يا چوڻو هوندو هو تڏهين به پاڻمرادو
بنا گهرج جي ڪجهه ڪين چوندا هئا؛ نه وري پنهنجي
سکيا جو پاڻ دهل وڄائيندا هئا. جڏهين وٽن ڪو سچو
طلبگار ايندو هو، تڏهين ئي ساڻس روحي راز سليندا
هئا. اُنهيءَ اعتقاد جي يا انڌ شرڌا جي پٺ ڀرائي
مان نه ٿو ڪريان جا علم طور ’گرو‘ پنهنجي چيلن کان
طلب ڪندا آهن، مگر عقل ۽ احساس ٻئي ان طرف اشارو
ڪن ٿا ته گرهڻ ڪرڻ ڪنهن ڳالهه جو تڏهين ٿي سگهندو
آهي جڏهن انهيءَ رستي ۾ ڪي رڪاوٽون يا ضد ڪونه
هوندا آهن. تنهن ڪري ائين سمجهڻ گهرجي ته شرڌا ۽
ادب اهو ماحول يا
Milieu
آهي جنهن جي رستي ڪا به سکيا ڏيئي سگهجي. علم جي
لاءِ شرڌا هڪ سڙڪ آهي؛ چاهه يا طلب اُها تار آهي
جنهن وسيلي هڪ آتما ٻيءَ سان ڳالهيون ڪري ٿي. شرڌا
اُهو تلاءُ آهي جنهن ۾ هرديه جا ڪمل پرڦلت ٿين ٿا؛
آتمڪ راز جي اُپجڻ ليءِ شرڌا نوبهار آهي؛ ان
کانسواءِ ڪا به من جي ڦلواڙي ڦلي نه ٿي سگهي ۽ جڳت
کي سڳنڌ ڏيئي نه ٿي سگهي. باقي ڪو چار اکر
انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ سکيو ته ڇا ٿي پوندو؟ ڪوئي کي
Rat
چوڻ سان ۽ ٻليءَ کي
Cat
چوڻ سان ڪو انسان جي مغز ۾ اُجالو ٿورو ئي ايندو؟“
***
ڪجهه ڏينهن ٿيا جو مون سام کي اڳواٽ اطلاع ڪري
ڇڏيو هو ته هن جنم دن تي نه گل سوکڙي وٺندس ۽ نه
توهان جي ٻي ڪا شيءِ قبول ڪندس؛ يا ته پنهنجي
ڊائريءَ جي لاءِ لکڻ جوڳي ڪا چيز ڏيو يا ڪو راڳ يا
ٻي اهڙي شيءِ جهڙوڪ نئون شعر وغيره.
سام چيو: ”اهڙيون ڳالهيون يا شعر وغيره هٿرادو
ٿورو ئي ٺهي ايندا آهن. ڏينهن ٻه گذريو ته کائنس
پڇيم: ڇا خيال ڪيو مون کي جنم دن جي سوکڙيءَ ڏيڻ
لاءِ؟
سام چيو: ”ٻيو ته ڪجهه ڪونه، فقط اهو ويچار ڪندي
هڪ ٿالهيءَ جو تصور ڏٺم! خبر نه آهه اِن جو مطلب
ڇا آهي.“
مون اڳ ۾ ئي ڪٿي چيو آهي ته سام بعضي بعضي خيال
تصويرن ۾ ڏسندو آهي جي سچا ثابت ٿيندا آهن پوءِ
چاهي ڪنهن مرض جو علاج هجي، چاهي ڪا ايندڙ زماني
جي صورت هجي. سندس سمجهاڻيءَ ان بنسبت هيءَ آهي ته
ظاهري دنيا ۾ شيءِ اتپن کان اڳ خيال جي دنيا ۾
اتپن ٿئي ٿي.
ٿوري وقت بعد وري مون کيس چيو ته باقي ڏينهن وچ ۾
ٻه رهيا آهن! 9 اپريل منهنجي جنم دن تي مون کي
ڪهڙي نرالي سوغات ڏيندين؟
سام سنڌيا تي ويهڻ وقت هيءَ پرارٿنا ڪئي جا مان
سندس اکرن ۾ ورنن ڪريان ٿي: ”هي پرڀو! هي پرم
آتما! تنهنجا ڀنڊار ڀرپور آهن؛ تو منجهان ئي سڀ
خيال ۽ سڀ چيزون دنيا جون اتپن ٿين ٿيون. هي
ٻاراڻي نموني جو سوال منهنجي ساٿيءَ ڪيو آهي؛ سو
به تون ئي پورو ڪري سگهين ٿو!“
سام چيو، اڃان اهو خيال ڪيم ئي ٿي ته ساڳيءَ
ٿالهيءَ جو تصور ڏٺم ۽ پاڻ کان پڇيم ته ٿالهي ڇا
آهي؟ پوءِ اُمالڪ، زور سان اُن جو جواب مليو:
ٿالهي اگربتين سان ڀربي ڏٺم منجهس 45 جوتيون هيون
جي تنهنجي 45 سالن جون جوتيون هيون؛ جيوت سموري هڪ
ٿالهي ڀانيم؛ سڪ جو منجهس هڪ ديپ جڳايم؛ آس ۽ امنگ
جو ڌوپ جلايم جنهن سان گڏ دل جي چمن جا چاهه روپي
گل ۽ من جا اکا ملايم؛ ائين آرتي سجايم!
سام چيو اها ٿالهي اٿيئي دعوت توکي پاڻ ارپن ڪرڻ
لاءِ! آتما تنهنجي ۽ منهنجي گهري ٿي ته پنهنجي
جيوت ارپن ڪرڻ جو هن تنهنجي جنم دن تي نئون اقرار
ڪريون. تنهن ڪري تنهنجي جنم دن لاءِ هي رٿون آهن:
(1). مان 45 ديپ جڳائيندس. (2) تون 45 ٻڪ چانورن
جا پنهنجي هٿ سان ڀري ست سنگ وارن ڀائرن لاءِ سيسا
رڌي تيار ڪجانءِ.
اِتي گهر ۾ ڇوڪرن ۽ ٻين ويٺلن سڀني چيو ته دادا
اسان کي به چئو ته اسين سڀ ڇا ڇا ڪريون. سام هڪ کي
ڏسيو ته تون 45 اگربتيون جلائجانءِ. ٻئي کي چيائين
ته 45 گلن سان هڪ مالها ٺاهي اچجانءِ. هڪ ڇوڪريءَ
کي چيائين ته 45 ڦول ڀرت ۾ ڀري هڪ سادي ڪپڙي تي،
اهي پيش ڪجانءِ. چوٿين کي چيائين ته 45 وٽيون ڪپهه
جون ديپن لاءِ ٺاهي کڻي اچجانءِ. پنجين کي چيائين
ته 45 سادن مڻين جو هڪ هار پيش ڪجانءِ، ۽ ٻين کي
ڪجهه نه ڪجهه ٻيو ڏسيائين.
سام وڌيڪ پنهنجا ويچار هن ريت ظاهر ڪيا: ”سڀاڻي سڀ
ست سنگي ڪٺا ٿيندا ۽ توکي هن ننڍڙي آشرم جي ’ماتا‘
جو لقب پڻ انهن سوکڙين سان گڏ ڏينداسون.
”هيءَ آشرم آئينده ڪهڙي صورت وٺندي يا اُن جي
اڏاوت ڪهڙي ٿيندي سو مان هن وقت چوڻ نه ٿو گهران
مگر هيءَ آشرم هڪ آس آهي جنهن جي ڇايا ۾ اسان ٻنهي
پنهنجي زندگي گذر ڪئي آهي. سنسار جي لاهن چاڙهن ۽
وقت جي تبديلي ۽ آزمائش ۾ اِها هڪ آس قائم رکي
اٿئون ته هي ننڍڙو گهر اسان جو ۽ هيءَ زندگي اسان
جي خود هڪ آشرم جي صورت وٺندا. ٻن سالن کان هت
صوفي ست سنگ ۾ ايندڙ پريمين کي وڌيڪ چاهه رکندو
ڏسي هي هڪ نئون آرنڀ اُن آشرم جو رٿيو اٿم جنهن جي
اڄ کان وٺي تون ماتا آهين؛ ’ماتا‘ جو ڪم آهي،
پالنا ڪرڻ. هي ڇوڪرا ۽ ست سنگ جا ڀائر سي سمجهه ته
هڪڙا آس ڀريا ٻوٽا آهن، جن کي پريم جي پاڻيءَ ۽
گيان روپي ڀاڻ ساڻ لڳاتار پالنا ڪرڻي آهي. تو اهو
پارٽ هن وقت تائين چڱيءَ طرح ادا ڪيو آهي ۽ آشرم
جي ماتا سڏائڻ جي حقدار آهين. تنهن ڪري مان سڀني
ستسنگين کي وينتي ڪندس ته اڄ کان پوءِ سڀئي توکي
انهيءَ نالي سان ڪوٺين ۽ تون پڻ پنهنجي جيتو جو
خاص ڪاريه اهو ئي ڪري سمجهه.
”هن جنم دن تنهنجي تي توکي هن ريت هڪ عجيب سوکڙي
ڏيان ٿو. شيوا جي جوابداري، پريمين جي چنتا ۽
ايشور جي آسيس!“
***
|