سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 39

26-3-1960ع ڪالهه هوموپٿيءَ واري ڊاڪٽر سام کان مانيءَ وقت هڪ سوال پڇيو: ”توهان (سام) جو منهنجي ڪلهن تي هٿ رکيا سي ڪهڙي خيال سان رکيا هيو؟“

سام چيو: ”توهين پاڻ ڇا ٿا سمجهو؟“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”شايد آسيس ڪرڻ جي ارادي سان ۽ پيار جي نموني!“

سام چيو: ”پيار ته برابر هيو پر آسيس شايد مون پاڻ توهان کان ورتي هجي!“

ڊاڪٽر صاحب پڇيو: ”سو ڪيئن؟“

سام چيو: ”آسيس اُهو واهه يا نائڪو آهي جو ٻه طرفو وهندو آهي. پاڻيءَ جو وهڪرو هڪ پاسي ٿيندو آهي مگر دل جي درياهه جو وهڪرو ٻنهين پاسي ٿيندو آهي؛ آسيس ڏيڻ سان آسيس ملي ويندو آهي ۽ انهيءَ جو ڏيڻ وٺڻ هڪ ئي ڳالهه آهي.“

***

 

 

28-3-1960ع ڪالهه اسان وٽ صوفي ست سنگ هيو. صوفي فقيرن ۾، اگرچ انهن مان ڪيترا اڻ پڙهيل هوندا آهن، خيال ’همه اوست‘ جو ايترو ته ڦهليل آهي جو انهن مان سادا سودا ماڻهو به وڏيون گيان جهڙيون ڳالهيون چئي سگهندا آهن. ڪالهه هڪڙي فقير ائين چيو ته هاٿي ۽ ڪول ۾ هڪ جيترو الله اٿو! متان سمجهو ته هاٿي وڏو آهي تنهن ڪري اُن ۾ الله گهڻو آهي! ٻئي فقير وري ائين چيو ته سڀ الله اٿو! اهو خيال گرڌاريءَ ۽ چمٽوءَ کي گهمڻ وقت سمجهائيندي سام چيو: ”صوفي جڏهن اناالحق جو نعرو هڻن ٿا تڏهن حقيقت ۾ هو ويچارا پاڻ کي الله نه ٿا سڏائن پر چون ٿا ته اسين پاڻ آهيون ئي ڪونه؛ فقط الله آهي! هاڻي جي سڀ ڪجهه الله آهي ته تون ڇا آهين ۽ مان ڇا آهيان؟ انهيءَ خيال ۾ حقيقت ڪري وڌ ۾ وڌ نمرتا جو اظهار ڪن ٿا ته هي مان نه آهيان؛ مان ڪجهه به نه آهيان؛ الله فقط آهي؛ يعني هڪ هستي فقط هت رهي ٿي ۽ ٻيون سڀ هستيون انهيءَ جا روپ ئي آهن. انهيءَ خيال پٽاندر مٽي (Matter) به الله آهي، ته روح به الله آهي. در اصل سڀ هڪ شيءِ آهي؛ انهيءَ کي فقط سمجهڻ خاطر ٻن ڀاڱن ۾، روح ۽ جسم ۾، ورهايون ٿا. ٽه مورتيءَ جي خيال وارن ٽن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿا؛ ويدانت وارا پنجن ئي تتن ۾ ان کي ڏسن ٿا. هي تت به هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي کان صفا جدا خيال ۾ آڻڻ مشڪل آهن. آلهه جو احساس هوا مان يا ڪنهن جسي مان ئي معلوم ٿئي ٿو ۽ اگني خود Matter نه آهي ته ڇا آهي، جيتوڻيڪ اها گرم آهي ۽ مٽي ٿڌي آهي؟ مٽيءَ ۾ خود اگني سمايل آهي. ڏسو سائنس جي اوزارن سان ته مٽيءَ جي جوڙ ائٽمن وغيره جي سلسلي سان ٺهيل آهي جنهن جا جزا چون ٿا ته هڪ لک ڇهاسي هزار ميل هڪ سيڪنڊ ۾ گول ڦرن ٿا، يعني هيءَ مٽي سمجهو ته اليڪٽرسٽي آهي. جدا جدا شين ۾ ساڳي ئي بجلي آهي فقط ان جي جزن ۾ بيهڪ نرالي آهي. اهڙي طرح جزن جو هڪ ٻئي سان واسطو آهي ۽ سڀ جزا گڏجي هڪ ئي وستو بڻائن ٿا جنهن جا روپ ۽ ديدار انيڪ آهن. انهيءَ خيال کان رشي ياگيولڪ جي ڳالهه جيڪا توهان کي اڳ ٻڌايل آهي سا وري ويچاريون: سندس پٽ برهم جي ڳولها ٿي ڪئي؛ هن پنهنجي پتا کان پڇيو جنهن چيس ته تون وڃي پاڻ ڌيان ڪر. تڏهن هن پهريائين ڏٺو ته ’انم‘ برهم آهي. انم (Matter) سڀ شيءِ جو بنياد آهي. رشيءِ چيس ته برابر، پر وڃي وڌيڪ ويچار ڪر. وري وڌيڪ ويچار ڪندي سمجهيائين ته ’پرانم‘ (Life force) برهم آهي؛ وڌيڪ ويچار ڪندي ڏٺائين ته پران ته هڪ گهوڙي مثل آهي جنهن جي رئن من آهي، تنهن ڪري چيائين ’منم‘ (Mind) برهم آهي؛ تڏهن به رشيءِ چيس ته وڃي وڌيڪ ويچار ڪر؛ پوءِ هن ڏٺو ته من جي گهوڙي جو ڪو هلائيندڙ گهرجي نه ته وڃي کڏ ۾ هڻندو؛ تنهن ڪري ائين نظر آيس ته ’گيانم‘ (Knowledge) برهم آهي؛ پر اُهو گيان جو عقل جي دليلن تي ٻڌل نه آهي، سو ئي من کي سڌو هلائي سگهي ٿو. گيان جو بنياد وگيان (Science) آهي يا ان کي آزمايل گيان ڪري چئجي. تنهن ڪري وري چيائين ’وگيانم برهم‘؛ پر آخر ڏٺائين ته اها اڃا ٻي ڪا شيءِ آهي جا پئي هن سرشٽيءَ سڄيءَ کي هلائي؛ ان جو نالو آهي آنند، يعني آتما جي موج، ان منجهان ئي هي ڪارخانو متل آهي. تڏهن آخرين واڪ ڏنائين: بابا ’آنند برهم‘ يعني برهم آنند آهي!

هاڻي اهي سڀئي ساڳئي برهم جا روپ آهن. منم برهم يا آنندم برهم به سڀ انم برهم ۾ سمايل آهي ۽ اتي پيو ٿو پنهنجا کيل ۽ رنگ رچائي. ساڳي طرح صوفي چون ٿا ته سڀ کان اتم روپ الله جو عشق آهي. عشق انهيءَ موج يا آنند جو ٻيو نالو آهي. عشق مان سڄو اسرار بڻيو آهي.

”ٻي ڳالهه جا توهان ٻنهين کي مشڪل سمجهڻ ۾ آئي هوندي سان هيءَ آهي ته مرشد يا گروءَ کي هو الله ڇو ڪري ٿا مڃين؟ پهريائين ته جئن اسان اڳ ۾ چيو آهي ته جت ڪٿ الله ئي آهي. پر ان جو خاص روپ مرشد ئي بڻي سگهي ٿو. ڀلا الله نيٺ ڪٿي ڏسڻو آهي؟ سڀ کان سندس وڌيڪ سهڻو نظارو ڪٿي ملندو؟ وڻ ٽڻ، جيو، جنت، پهاڙ،  ۽ پاڻيءَ ۽ هوا وغيره ۾ به ان جو برابر واسو آهي پر هن سڄي سرشٽيءَ ۾ اتم جوڙ انسان جي آهي؛ يعني انسان ۾ ئي هن سڀ کان وڌ پاڻ پڌرو ڪيو آهي. گرو يا مرشد اهو انسان آهي جو چيلي يا مريد کي سڀ کان وڌ پورن نظر اچي ٿو؛ تڏهين ته انهيءَ کي مرشد يا رهبر ڪجي ٿو؛ پوءِ جي اهو سڀني پسند آيل گهڻن جو سروپ آهي ته مريد ليءَ الله جو روپ نه ٿيو ته ٻيو ڇا ٿيو؟ ڀلا الله ڪنهن عرش ۾ لڪو ته ڪونه ويٺو آهي؟ ضرور هن کي سندس ڪنهن ظاهر ڪيل روپ دوارا ڏسڻو آهي، ورنه اهو هڪ خيالي سودائي چيز آهي. مرشد جي صورت جنهن ۾ طالب جي دل جا سڀ آدرش سمايل آهن، انهيءَ پرم هستيءَ جي ڏسڻ لاءِ سٺي ۾ سٺي آرسي آهي. هونءَ به ويچار ڪيو ته ڪرشن جي يا ٻڌ جي يا ٻئي ڪنهن اوتار جي سچي تصوير ته ڪنهن کي ڪانه ملي آهي؛ هڪ تصوير ٻئي کان نرالي آهي؛ اُهي شرڌالو ڀڳتن پنهجي پنهنجي خيال موجب کينچيون آهن. اُهي به الله جا ئي روپ هئا پوءِ ڇو نه جيئرن روپن ۾ کيس ڳولهيون؟ ٻئي ڪنهن هنر واري آر ٽسٽ جي پسند ڪيل يا جوڙيل تصويرن کان بهتر اُها تصوير آهي جا اسان سچ پچ ڏٺي هجي!“

چمٽوءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ان ڪري پڻ توکي چوان ٿو ته تڪڙ ڪري ڪنهن ۾ به گرو چيلي واري شرڌا نه رک؛ اُهو ماڻهو ڳولهه جيڪو تو لاءِ انهيءَ پرم هستيءَ جي صورت جو آئينو ٿي سگهي؛ جنهن ۾ تنهنجو وشواس ٻجهي. عام طور سڀ ڪنهن لاءِ گرو ڪرڻ به ضروري نه آهي، مگر ڪنهن خاص مارڳ تي هلندڙ لاءِ، مرشد جي معرفت يعني سرگڻ روپ دوارا، پر ماتما جو ڌيائڻ آسان ٿئي ٿو. تون پنهنجي لائين خيال جي اول مقرر ڪر ته ڪهڙو مارڳ توکي وڌيڪ وڻي ٿو. ۽ ان مارڳ تي هلندڙ ڪير توکي وڌيڪ پاڻ ڏي ڇڪي ٿو.“

چمٽوءَ چيو: ”مون خيال ڪري ڇڏيو آهي.“ سندس اشارو شايد سام ڏانهن هيو.

***

 

 

29-3-1960ع هوموپٿيءَ جي ڊاڪٽر سان، رات جو سمهڻ وقت، ڪجهه نه ڪجهه گفتگو پيو هلندو آهي. گفتگو ڪندي هن هڪ عجيب سوال سام کان پڇيو، جو هي هو: توهان جو شعرن ۾ يا ٻيءَ طرح هم اوست واريون ڳالهيون ڪريو ٿا يا ’اهم برهم‘ جو نعرو هڻو ٿا، ان بسنبت مون کي هي پڇڻو آهي ته اُهو مڪان يا اها اوسٿا جنهن ۾ برهم جو درشن ٿئي ٿو سا اوهان کي سچ پچ معلوم آهي؟“

سام کيس چيو: ”ائين چوڻ ٻٽاڪ نه هجي ته مان جيڪر توهان کي ٻڌايان ته نه رڳو اُهو مڪان مون کي معلوم آهي پر اُهو مڪان يا اُها شيءِ پاڻ ۾ آهي. توهين فقط پاڻ کي پوري طرح ڏسو ڪين ٿا ۽ پاڻ کي اجاين ڀولن ۾ ڀلايو ٿا. ڀلا ذات جي پئداش ذات کان الڳ ڪيئن ٿي سگهندي؟“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”جيڪڏهين ائين هجي ته پوءِ انهيءَ شيءِ ڏسڻ لاءِ ۽ انهيءَ رس چکڻ لاءِ توهان وٽ ماڻهن جا وڏا ميڙ ڇونه ٿا اچن؟“

مون چيو: ”فقير جيڪي غفائن ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي ايڪانت پسند ڪن ٿا، ڇا اُهي ان مارگ تي پهتل ڪين چئبا، ان ڪري جو وٽن گهڻا ماڻهو ڪين ٿا اچن؟ توهان ته گفائن وارن جا هميشہ پياسي هوندا آهيو!“

سام چيو: ”ڊاڪٽر صاحب، اسان ته ڀائي هيءُ ماڻهو به گهڻا ٿا سمجهون. گهڻن ماڻهن جو اچڻ پاڻ کي جيڪر وڻي به نه. اها ڪا ساڌپڻي يا ڪماليت جي نشاني هجي ته اهي نشانيون ٻاون ٻانڀڻن ۽ ملن وٽ وڌيڪ ملندو.“

اتي سام ڪجهه نمرتا ڀاو ۾ چيو: ”ڀائي اسان جا ته اٿو رڳا بم ۽ ٻٽاڪون؛ توهان ڀل پنهنجي خيال تي پڪا رهو.“

ڊاڪٽر مون ڏانهن منهن ڪري چيو: ”دادي اوهان جي به ورتي ٺيڪ نه آهي؛ دوئي ڀائو اڃا توهان ۾ به آهي. ان ڏينهن رتيديري مان توهان کي هڪ ساڌوءَ وٽ وٺي هليو هيس؛ اُن هڪ گيان گوشٽ شروع ڪيو ته توهان ڄڻڪ نفرت مان اٿي هليا ويا.“

منهنجي پاران سام کيس جواب ڏنو: ”اها ڳالهه هينئن آهي ته انهيءَ ساڌ پنهنجي دل جي ديد سان اسان کي ڪونه ٿي ڏٺو ۽ يڪدم ليڪچر بازي شروع ڪيائين. تڏهن به مون کي اهڙن حالتن ۾ ماٺ وڻندي آهي ۽ منوءَ کي مون اُتي به چيو هو ته چپ ڪري ٻڌ؛ مگر هوءِ جيڪڏهين چپ ۾ نه رهي ته ان لاءِ به هن کي ڏوهه ڏيئي ڪونه ٿو سگهجي، ڇا لاءِ جو سندس حالت ساڳي هئي جا جنيد بغداديءَ جي اوهان کي ٻڌائي هئيسين؛ جڏهين جنيد پنهنجي سواميءَ سري سڪتيءَ جي چوڻ تي ساڻس گڏجي ملڪ جي امير وٽ ويو، تڏهين اهو امير پنهنجي ڪمن ۾ مشغول هيو ۽ پورو ڌيان ڪونه ڏنائين؛ اتي جنيد کي اهڙي چڙ آئي جو چون ٿا ته هن هڪ شينهن جي صورت اختيار ڪئي ۽ ڀريءَ سڀا ۾ گجڻ لڳو؛ آخر سندس مرشد اها ڳالهه امير کي سمجهائيندي چيو ته توهان دنيوي حاڪم آهيو؛ توهان جيڪڏهين پاڻ اسان فقيرن وٽ ڪهي اچو ها ته توهان کي روحاني لاڀ حاصل ٿئي ها؛ مگر اسان درويشن جو حاڪمن جي سڏ تي اچڻ ائين ٿو لڳي ڄڻ ٽيهن سالن جي عبادت اسان جي گم ٿي ويئي! تڏهن سام ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته اوهان به پنهن جي دل تي هٿ رکي ڏسو ته سرلا جا سڀني جي هيتري شيوا ڪري رهي آهي ۽ گيان ۾ به ڪنهن کان گهٽ نه آهي، تنهن کي جو ڪو ويهي پرمارٿ جا ڏس ڏئي ۽ ليڪچر ڪري ٻڌائي ته هن کي جنيد وانگر چڙ نه لڳندي ته ڇا ٿيندو؟ مان ته چپ ڪري اهي ليڪچر ٻڌڻ ويهي رهيس پر جئن جنيد کي سري سڪتيءَ جي نرآدر تي ڪاوڙ آئي تيئن سرلا کي به ڪاوڙ جو سبب هو، ڇا لاءِ جو فقير جو ڪم آهي ته فقير کي سڃاڻي ۽ ائين نه سمجهي ته جيڪا خلق وٽن اچي ٿي سا رڳو پيرين پوڻ يا  پٽ وٺڻ يا ٻئي ڪنهن سوال ڪرڻ لاءِ اچي ٿي. هو جيڪڏهين ڪنهن روحانيت وارو هجي ها ته اسان جي سڄي ٽولي جو فقيري نموني سان آڌر ڪري ها؛ خاص ڪري ان حالت ۾ جو پنهنجي تر جا ماڻهو هئاسون ۽ هڪ ٻئي جا ٻڌل سڌل هئاسون.“

ڊاڪٽر صاحب تي انهيءَ ڳالهه جو ڪافي اثر پيو. پوءِ صبح جو وري سام کيس پنهن جون ڪي شخصي ڳالهيون ٻڌايون؛ کيس چيائين: ”گهڻن ماڻهن جو اچڻ ڪن حالتن ۾ رنڊڪ اٿو. لاڀ فقط اُهي وٺي سگهن ٿا جن کي سچي پياس ۽ سمجهه آهي، باقي گهڻا ماڻهو رونشي ڪوڏيا يا وهمي ايندا ته اهي رڳو پنهنجو ۽ ٻين جو وقت زيان ڪندا. اسان جي لاءِ ته هي ست سنگ ٿورن ماڻهن جو ۽ هيءَ وندر گاني بجاني، شعر و شاعريءَ ۽ باغ بانيءَ جي ڪافي آهي. ياد اچي ٿو ته ننڍپڻ جي وقت ۾ جڏهن منهنجي اوسٿا 20 سال مس هئي تڏهن پنهنجي اڀياس خاطر گهڻو ڪري سڄو ڏينهن هڪ ڪوٺي تي ويهي گذاربو هيو؛ فقط سويل صبح جو ضروري جهنگل وڃڻ جي ڪم لاءِ ۽ سئر لاءِ نڪربو هو؛ وري ڀينڀراڪي ۾ ئي گهر موٽي اچبو هو؛ ماڻهن سان گهڻي ڏي وٺ ڪانه هئي، پر انهيءَ گوشي نشنيءَ جي ڪري ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ ۾ ائين هلجي ويو ته هيءُ هڪ ساڌو پراش آهي؛ جنهن بعد ماڻهن جي، خاص ڪري زالن ۽ ننڍن ڇوڪرين جي، اچ وڃ گهڻي ٿيڻ لڳي. اسان انهيءَ مان به پنهنجو مطلب سڌو ڪرڻ ٿي چاهيو. ۽ انهن کي اکري سکيا ڏيڻ شروع ڪئيسين؛ پر ائين گهڻن مائين جا وهم وڌندا رهيا ۽ آخر انهيءَ حد تي ڳالهه پهتي جو جڏهن گهڻيون مايون اچن ته مان ڪوٺي تي وڃي لڪان. هڪ ڇوڪريءَ ته شادي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري رهي هئي ائين چئي ته مان ”ڀائڙا“ جي موڪلائڻ بنا ٻئي شهر ڏانهن ڪونه ويندس. تڏهين ٻڍيون ۽ ننڍيون زالون حويليءَ جون مون کي ”ڀائڙا“ ڪري سڏينديون هيون. ڪي ٻڍيون زالون ته پاڻ به نالين جي صفائيءَ وقت اچي مدد ڪنديون هيون؛ ويتر جو ڳوٺ جي نالين وغيره صفا ڪرڻ جو ڪم يا سوديشي ڪپڙي جي فئڪٽريءَ جو ڪم ۽ ڇوڪرين جي تعليم جو ڪلاس شروع ڪيوسين ته ماڻهو مون کي پورو پورو ”ساڌن“ ڪري سمجهڻ لڳا. پر جڏهن منهنجي شادي ٿي تڏهن ته گهڻن جا وهم ٽٽي پيا. هاڻي ائين چئبو ڇا ته جنهن وقت اسان وٽ گهڻا ماڻهو ايندا هئا تنهن وقت سچا ساڌن هئاسين ۽ شاديءَ کان پوءِ نه؟ اهي ته سڀ اڇاترا خيال آهن. ٻيا بيک به اسان گهڻا ڌاريا آهن، جهڙوڪ پهاڙن جون درگاهون ڏسڻ، ساڌن فقيرن سان سنگ ڪرڻ، قومي هلچل ۾ بهرو وٺڻ ۽ سوديشيءَ جو پرچار ڪرڻ، ڳوٺ سڌار سڀا ٺاهڻ يا اڪبر آشرم ڪڍڻ ۽ اديبن جي ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ؛ مگر انهن سڀني ڳالهين جو تت سار وڃي ٿو انسان جي آتما اندر گڏ ٿئي جنهنجي درشني دل ۽ ان جا ويچار يا ڀاونائون آهن ۽ نه ماڻهن جا ميڙ؛ انسان جو واڌارو اندروني ۽ نه ٻاهرين ڪمن جي ڪاميابيءَ يا پکيڙ مان معلوم ڪري ٿو سگهجهي؛ نه ظاهري ورتيءَ مان جنهنجو توهان کي گهڻو شوق آهي؛ يعني کاڌي پيتي جي ترڪ ڪرڻ وغيره، يا ان جي ڪنهن خاص طريقي اٿڻ ۽ ويهڻ پوڄا پاٺ وغيره مان ان جو اندازو لڳائي نه ٿو سگهجي. کهرا اکر ڳالهائيندي، ابتو هلندي، اڪيلائي هوندي به اسين انهيءَ آتما کي اثبات ڪري سگهون ٿا. اها ڪا ٻي رمز آهي جنهن مان هن ڳالهه جو انت پائي سگهجي ٿو. ويتر جيئن موت جي يادگيري وڌي ٿي تيئن هي سڀ شيون، ڳالهيون، ’پدويون‘، ’ورتيون‘ وغيره بي ڪار نظر اچن ٿيون. محبت يا پريم ئي هڪ ماڻ انسان جي روحانيت جو ٿي سگهي ٿو؛ ان کان سواءِ ٻي سڀ اُپٽار اجائي آهي.“

***

 

 

3-4-1960ع ڪالهه گرڌاريءَ چيو ته ممي مان اڄ ڏاڍو اُداس ٿي پيو آهيان ڪجهه مزو ئي ڪونه ٿو اچي. مون کيس چيو: ”اسان جو حڪيم جو گهر ۾ ويٺو آهي انهيءَ سان ڇو نه ٿو حال ڪرين ته هو توکي ٺيڪ ڪري ڇڏي؟“ هو اشارو سمجهي ويو ۽ جيئن سام وٽ آيو ته سام کيس چيو: ”اهي گهڙيون اداسائيءَ جون ڏاڍيون ملهائتيون اٿئي؛ ٻيا ڪم ڇڏي به وڃي انهن جو مزو ماڻ؛ انهن ۾ ئي ته حياتيءَ جو وڌ ۾ وڌ مزو ۽ موج آهي! وڃي ڪوٺي واريءَ جهوپڙيءَ تي ويهي قدرت جا نظارا ڏس! جڏهن من سنسار جي اجاين حرصن کان منهن موڙي ٿو تڏهن گهڙيءَ لاءِ ماڻهو کي هڪ قسم جي اُداسائي ٿئي ٿي، پر ان طريقي سان ئي من کي موڙي وڌيڪ ميٺاج وارين ڳالهين ڏانهن مائل ڪري سگهجي ٿو.“

گرڌاريءَ کي اهو ڏسڻ ڄڻڪ علاج طور لڳو؛ چيائين ته ٿورو ڪم به پاڻ سان کڻي ٿو وڃان! پوءِ مٿي وڃي ڪيترا ڪلاڪ ويهندو آهي ۽ شوق مان هڪ بيراڳڻ به ٺهرائي اٿس. اهو شوق ڏس جي ڪيترا ڏينهن هلي ٿو.

***

 

 

5-اپريل 1960ع 3 اپريل تي چمٽوءَ جي عمر 18 سال ٿي، کيس ڏاڍو شوق هيو ته مان گرو ڪريان ۽ ان جي هٿان ويس وٺان. ٻن سالن کان کيس اها خواهش هئي. اڳ سام ائين قبول ڪيو هو ته ارڙهن سالن جي عمر جو ٿئي ته پوءِ سندس مراد پوري ٿي سگهندي؛ اڄ ڪلهه جي آزاد خياليءَ ۾ هن قسم جي طلب هڪ سڪول جي ڇوڪريءَ لاءِ ڄڻڪ نرالي ڳالهه پيئي لڳي، مگر چمٽوءَ جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن وڌندڙ ڏسي سام چيو ته ڪنهن جو واڌارو ڪنهن نموني ۽ ڪنهن جو ڪنهن نموني ٿي سگهي ٿو. استاد يا گروءَ کي ننڍن جي رهبري خود انهن جي ڀاو جي لاڙي پٽاندر ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري 3 تاريخ چمٽوءَ جي سڪولي امتحان پاس ڪرڻ جو موقعو ۽ 4 تاريخ سندس 18 سالگره جو ڏينهن گڏجي ملهايوسين. پاڻ ۾ ٿورا رهواسي، اسان جي گهر جا جن کي آشرم جا ميمبر کڻي چئجي، سڀ گڏجي ويٺاسين. پوءِ سام چمٽوءَ کي هن نموني هدايت ڪئي: ”پنهنجي آتمڪ اُڌار لاءِ ڪي قسم يا پرن يا منتر وغيره ضروري نه آهن؛ هڪ شيءِ فقط ضروري آهي سا آهي سچ جي پالنا ۽ پريم جي ڀاونا؛ جوڳ اڀياس ۽ ٻيا حيلا پڻ اپاو ٿي سگهن ٿا. مگر مول ڳالهه آهي سچ جي پالنا. پريم يا محبت ۽ گيان به ان مان وڌي ٿو. جوڳيان ويس جيڪو اڄ تو پاڻ پسند ڪيو آهي ۽ جو اسين سڀ گڏجي توکي پهرايون ٿا سو هڪ انهيءَ نئين جيون جي شروعات ڪري سمجهه. اصل ۾ اهو ويس سنياسي پائيندا هئا. هي سچ جو مارگ آهي؛ سچ تڏهن قائم ٿي سگهندو جڏهن ڪوڙ کي ترڪ ڪبو. هيءَ نئين ڊريس هڪ نتسائي اڄ کان وٺي پنهنجي نئين شروع ڪيل سچي جيون جي ڪري سمجهه ۽ انهيءَ جو ادب رک. مثال طور انهيءَ جوڳيا پوشاڪ ۾ جڏهن ڪو ڪچو يا برو خيال اچي ته پنهنجي پرتگيا ياد ڪري انهيءَ کي هٽائڻ گهرجي ۽ چئجي ته اهو خيال يا اها هلت منهنجي هن فقيري لباس پٽاندر نه آهي؛ هي شرير پڻ آتما جو هڪ وستر آهي ۽ هن وستر يعني شرير جو پڻ ادب ۽ عزت ڪرڻ جڳائي. سو ادب ان ۾ آهي ته ان کان اجوڳ ڪم نه وٺون. اکين کان، زبان کان، نڪ کان، ڪنن کان، هٿن کان ۽ ٻين اندرين کان اُهي ڪم وٺون جي قدرتي اصولن جي ڀڃڪڙي نه ڪن؛ مطلب ته تن ۽ من سان پنهنجي آتمڪ اڀياس جي چنتا ڪريون. يوگ جا رستا، پران اپان وغيره يا رياضتون، ڪشالا، تيرٿ وغيره اهي به ڪجهه فائدو رسائن ٿا ۽ انهن جي لاءِ توکي خاص چاهنا ٿيندي ته اهي به حاصل ٿي سگهندا، مگر هن وقت فقط هي ضروري آهي ته پنهنجي دل ۽ من سان، نه ڪنهن ٻئي جي چوڻ سان، پر پنهنجي آتما سان خود، اها پرتگيا ڪر ته پنهنجي جيون هر نموني سڦلي بڻائيندس. توتي شل آسيس رهي!“

***

 

 

17-4-1960ع اڄ صبح جو اسان جي ٻئي ڇوڪري مون کي هٿ کان وٺي چيو ته ممي، پيار ڪر! مون کي انهيءَ وقت هٿ ۾ چانهه جو پيالو هيو. هن جي تڪڙي هٿ جهلڻ ڪري هٿ کي چيڀٽ آئي تنهن ڪري مون خفي ٿي کيس چيو ته هينئر ته وڏو ٿيو آهين، اڃا ڇا لاءِ گهرج اٿيئي پيار جي؟ پر پوءِ مون کي پاڻ مان نفرت آئي ته ڇو مون هن ٻار سان کهرو ڳالهايو! ٿوريءَ دير کان پوءِ مون سام کي کلي چيو، مان ڪيئن تنهنجي ٻالڪن مان ڦاسي ويس! هيڏا وڏا ٿيا آهن ته به کين پيار ٿو گهرجي! سام چيو: ”تون پاڻ ڏانهن ڏس؛ انهن کان ته تون گهڻو وڏي آهين؛ تڏهن به پيار جي يا هٿ گهمائڻ جي طلب ڇو ڪندي آهين؟“

 تنهن کان پوءِ گڏجي ڇوڪري کي مون ۽ سام ٻنهين مٿي تي هٿ رکيا جنهن بعد هو ڏاڍو خوش ڏسڻ ۾ آيو.

وري جو صبح جو سئر ڪري هڪ صوفي فقير جي مڪان تان موٽياسين ته چمٽوءَ به چيو: ”امڙ، پيار ته ڪر!“

مون چيو: ”هينئر ته توهان ٻنهين کي ڄڻ سام هشي ڏئي ڇڏي آهي.“

تڏهن سام کين چيو: ”اها به خبر هجيو ته پيار جو هڪڙو روپ مار به آهي.“

چمٽوءَ چيو: ”دادا، پيار ٻي ڳالهه آهي، مار ٻي ڳالهه آهي.“

سام وراڻيو: ”نه! پيار جو ضد نفرت يا ڌڪار آهي، مگر مار يا سنوار پيار ۾ ڪڏهن سمائجي سگهن ٿا. سنوار ۽ سختي، پيار جو خود انس آهن.“

***

 

 

30-4-1960ع هوميوپٿيءَ وارو ڊاڪٽر جنهن جو ذڪر اڳ ڪيل آهي، سام جي چوڻ موجب، ڇڪجي به اچي ٿو پر کيس وري هڪ ابتي ڇڪ به ٿئي ٿي جا هن کي اسان کان دور وٺي وڃي ٿي. اسان جون ڳالهيون ۽ رهڻي ڪهڻي سام چوندو آهي ته هن کي اندروني طرح وڻيل آهن مگر ڇا لاءِ جو هن وقت تائين هو نرالي ماحول ۾ رهيو ۽ نپنيو آهي ۽ سندس گروءَ ۽ سنگ وارن جون ريتيون اسان کان نراليون آهن، تنهن ڪري هو هڪ مونجهاري ۾ اچي ويو آهي؛ ڪڏهن ڪڏهن سوال جواب ڪندي هو سام کان جدا جدا لفظن ۾ وري وري ساڳي ڳالهه پڇندو آهي ته اوهان خود انهيءِ طاقت يا پرم هستي جو ديدار ڪيو آهي يا نه! سام به کيس اهوئي جواب ڏيندو آهي ته نه رڳو ديدار ڪيو اٿئون پر اُها شيءِ اسين خود آهيون! تون به اها ئي شيءِ آهين، مگر درشٽي مٽڻ جي ضرورت آهي.

تازو وري سام کان هن پڇيو ته ڪهڙي رستي توهان جي خيال موجب اُها پدوي پائي سگهجي ٿي؟ سام جواب ڏنو: ”توهان جو اعتبار رهت يا ورتي ڦيرائڻ ۾ آهي ۽ وري وري چوندا آهيو ته سوکيم ورتي رکجي، جنهن جو مطلب توهان جي خيال موجب هي آهي ته ڪرم وچن يا خيال وغيره سٺا هجن ۽ ماس مڇي نه کائجي؛ عصر جو اُٿي ڀڳتي ڪجي وغيره وغيره. مگر اسان توهان کي چئون ٿا ته فقط درشٽي مٽائڻ جي ضرورت آهي. ورتيون وڻ جي پنن ۽ شاخن مثل آهن مگر درشٽي ٿڙ ۽ پاڙ ڪري سمجهو؛ مطلب ته درشٽي ڦرڻ سان ورتيون پاڻهي ڦري وينديون؛ مگر ورتين ڦيرائڻ سان درشٽيءَ جو ڦرڻ مشڪل آهي. سو ائين آهي جيئن پنن کي پاڻي ڏيڻ سان پاڙ کي سائو ڪرڻ جي ڪوشش! البت ائين آهي ته درشٽيءَ جو ڦرڻ حيلي يا ڪوشش سان به ڪڏهن ٿيندو آهي پر ڪنهن سنگ جي اثر يا پريم جي چوٽ لڳڻ سان جلد ٿيندو آهي. ڪرم ۽ حيلي جو مارڳ ته جنمن جو ڪشالو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن توهان کي اسان جي سنگ صحبت مان ڪو اشارو ملي سگهي ته ٻي ڳالهه آهي نه ته اکرن ۾ مان ڪيئن ٻڌايان توهان کي ڇا ڪرڻو آهي يا درشٽي ڪئين ڦيرجي؟ اُهي هٿراڌو حيلا ايتري مدد ڪين ڪندا.“

***

 

 

2-5-1960ع اڄ بيگم نون، جا هڪ يورپين ليڊي آهي، منهنجي اسپتال ڏسڻ آئي؛ اُن  جي لاءِ ميونسپالٽيءَ جا آفيسر ۽ اسپتال جو سڄو عملو انتظار ۾ هئاسون؛ جو هوءَ ريڊڪراس سوسائٽيءَ ۽ اپوا Pakistan Women Association جي وڏي عهديدار آهي. سندس انتظار ڪندي ميونسپالٽيءَ جي آفيسرن کي موقعو مليو جن ڏينهن جو چڱو ڀاڱو ويهي منهنجو ڪم ڏٺو ۽ اڳلا ريمارڪ پڙهيا. هو ۽ بيگم نون منهنجي ڪم مان گهڻو خوش ٿي ويا ۽ مون کي سڀني طرفن کان شاباس ملي. مون اها ڳالهه خوشيءِ مان هڪ وافقڪار سان ٿي ڪئي تڏهن سام هي اکر چيا: ”گهڻي ساراهه ۾ خوش ٿي نه وڃجي؛ نه گهڻي گلا ۾ نا اُميد ٿي پئجي. زماني جون خوشيون اچڻيون وڃڻيون آهن؛ آفيسرن يا طاقت وارن جو هٿ بعضي بعضي ڪوڙو ڀروسو پئدا ڪندو آهي. جنهن بعد پنهنجي ڪوشش گهٽجي ويندي آهي. فقيرن جو دارو مدار سچائي ۽ پنهنجي سائينءَ تي آهي. خوشيون ۽ غم سڀ انهيءَ کي ارپن ڪري ڇڏجن، تنهنڪري وڌيڪ اهي ڳالهيون نه ڪريو؛ اُهي سڀ من کي ماٺ ڏانهن مائل ڪن ٿيون.“

***

 

 

8-5-1960ع اڄ شام جو هوميوپٿيءَ واري ڊاڪٽر جيئن موڪلايو ۽ چيائين: ”مان اڄ شهر ۾ ٻئي ڪنهن وٽ وڃي رهندس ڇا لاءِ جو اُتي ڪي ڪم ڪرڻا آهن؛ هيڏانهن اچي ڪونه سگهندس. سام کيس موڪل ڏني پر مون کي چيائين: ”ڊاڪٽر ائين چئي ويندو آهي پر ساڳي موٽي ايندو آهي.“ ڊاڪٽر جڏهن رات جو ساڍي 9 بجي ڌاري موٽي آيو تڏهن چيائين ته الاجي ڇو ٻي هنڌ سهولت هوندي به وري هيڏانهن گهلجي ايندو آهيان. توهان وٽ الاجي ڪهڙي ڪشش آهي!“

سام کيس چيو: ”ٻيو ته اسان وٽ ڪجهه ڪونه آهي پر رهڻ ڪهڻ يا خيال ۾ صفائي رکندا آهيون. هڪ ته ڪشادگي جاءِ جي سڀ ڪنهن کي وڻندي آهي، ٻيو وري حجاب ۽ لڪ اسان وٽ ڪين آهن. جيڪي خيال ۾ اچي ٿو سو چئي ڏيون ٿا ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڇڏيون ٿا ته پنهنجي ريت سان رهي. انهيءَ ڪري ئي شايد اوهان کي هت رهڻ ۾ مزو اچي ٿو. مگر جتي مهمان ۽ گهر جي مالڪ جي وچ ۾ حجاب آهن، ريتين رسمن جي ڳڻڳوت آهي يا کلي ڏي وٺ خيال ۾ ئي نه آهي، اتي ڪنهن کي مزو ڪونه اچڻو آهي. ٻيو هت جيڪو صوفي ست سنگ ٿيندو آهي اُن ۾ ته توهان شريڪ گهڻو ڪري ٿيو ئي ڪونه ٿا. جو سمجهجهي ته توهان اُن ڪري ڇڪجي اچون ٿا. پر هيءَ کليل ريت رهڻ جي خود هڪ قسم جو ست سنگ آهي. ست سنگ معنيٰ سچو سنگ. هي ڪشادو رهڻ اسان جو سچو رهڻ ان ڪري چئي سگهجي ٿو جو هت هر ذات هر طبقي جي ماڻهن لاءِ ساڳي آجيان آهي. تنهن کان سواءِ هنن وڻن، ولين جو ۽ هيٺان وهندڙ نهر جو سنگ به گهٽ لاڀدايڪ ڪين آهي. سنتن ۽ فقيرن جي پڻ هميشہ اها ريت رهندي آهي ته ڪوڙي سنگ کان پاڻ ڪڍي سچي سنگ ڏي منهن ڪجي، جيئن هي سلوڪ چوي ٿو: استو يا سد گميه، تمسو ما جيوتير گميه، مرتيور ما امرتم گميه.“[1] توهين به سنت آهيو توهان جي آتما کي ان سنگ جي ضرورت آهي.

***

 

[1]  معنيٰ: ڪوڙ کان اسان کي سچ ڏانهن ڇڪي هل، انڌڪار کان اسان کي جيوتي ڏانهن وئي هل ۽ مرتيو کان اسان کي سرمديءَ ڏانهن وٺي هل!

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org