سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو :23

 سام وڌيڪ ويچار ڪندي چيو: ”ايشور ڪهڙي نه عجيب رچنا رچي آهي! چنڊ، تارا، ڌرتيون، سج ۽ اسان جي ننڍڙي پرٿويءَ تي نانا پرڪارن جون چيزون، زندگيءَ جون اندروني ۽ بيروني شيون؛ اسان مان هر هڪ جي دل ۾ عجيب ۽ نراليون آسون ۽ اميدون؛ هي خيال موه ۽ اُڪيرون، سي سڀ ڇو خلقيا اٿس؟ ڪير آهي خلقڻ وارو ۽ اهو ڪٿي رهي ٿو؟ ڇا آهي مطلب زندگيءَ جو؟

”اهي سوال ور ور انسان جي من تي اچن ٿا. مگر گهڻا انهن جي جواب جي ڳولا اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا. توکي تمنا هئي ته گهر ٻار ٺاهيان؛ ٻئي ڪنهن کي آس هوندي ته ڪا ماڙي آڏايان يا زمين وٺان؛ ڪو عهدي يا طاقت هٿ ڪرڻ جي اميد رکي ٿو ڪو ڪنهن ڪارج پوري ڪرڻ لاءِ دعائون گهري ٿو؛ مگر اهڙن اميدن يا ڪمن پوري ٿيڻ تي انسان جي ترشنا پوري ڪانه ٿئي ٿي، ۽ هو ڏسي ٿو ته مون کي اُها خوشي يا آنند حاصل ڪونه ٿيو. جنهن ڪري وري نون مقصدن جي ڪڍ پوي ٿو. ڪي ٿورا ڄاڻن ٿا ته زندگيءَ جو مطلب ڪو ٻيو آهي.“

مون سام کان پڇيو: ”اها خبر ڀلا ڪيئن پوي ته زندگيءَ جو سچو مطلب ڇا آهي؟“

سام چيو: ”ٻڪري جڏهن ڦَرُ ڄڻي ٿي يا عورت ويم ڪري ٿي ته ٻچو ازخود کير ڌائڻ شروع ڪري ٿو. ڪير ٿو انهيءَ کي سيکاري ته کير ڪيئن ڌائجي؟ ٻڪريءَ جا ٻچا وري ٿوڻو هڻي سندس اوه مان وڌيڪ کير لاهڻ جي تجويز ڪن ٿا، جيتوڻيڪ اڳي ڪڏهين انهن ائين ڪين ڪيو آهي. مطلب ته جا شيءِ يا جو جيءُ پيدا ٿيو آهي، تنهن کي پنهنجي زندگيءَ جي قانون جي ڪجهه قدر ڄاڻ يا سرت اندر ۾ آهي. انسان کي خيال يا چت جي شڪتي جيتري سندس زندگيءَ لاءِ ضروري آهي، اوتري ئي کيس مليل آهي ۽ جيڪا ڄاڻ کيس رکڻي آهي، انهيءَ جا اوزار کيس پاڻ ۾ ئي موجود آهن. کيس پاڻ منجهان ئي سڀ خبر پوڻي آهي!“

مون پڇيو: ”ڪنهن کي ڪهڙي خبر آهي، ڪنهن کي ڪهڙي؛ پوءِ اُهي جدا جدا ڄاڻ جا طريقا سچا ڪيئن سمجهجن؟“

سام چيو: ”اهي سڀ ڄاڻون هڪ چت شڪتيءَ منجهان پيدا ٿيل آهن. ايشور چت جو ڀنڊار آهي. ان چت جي ڀنڊار ۾ ٻيائي ڪانه آهي، تنهن ڪري انهن منجهان ڪابه ڄاڻ سراسر غلط نه آهي؛ فقط ڪا سڄي ڪا مُني ڪا اڌ پڪي آهي. مثلاً ڪوئي جي ڄاڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته هيءَ ديوار هڪ رستو آهي، جا مٺائيءَ واري جاري تي پهچائي ٿي؛ منهنجي ڄاڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته هيءَ ديوار منهنجي گهر جو هڪ ڀاڱو آهي؛ اُها ديوار هنن ڪانؤن جي لاءِ کاڌي ڳولڻ لاءِ ويهڻ جو هڪ اڏو آهي. هن ڇيلي ۽ ٻڪريءَ لاءِ اها ديوار هڪ پاڇي لاءِ سج کان آڙ آهي. منهنجي نوڪر لاءِ اها ديوار يا گهر هڪ ٿوري وقت لاءِ اجهو آهي. سٽي سروي کاتي لاءِ اها فقط هڪ نشان يا حد آهي! اهڙيءَ طرح انهيءَ ڀت بابت ٻيون به ڄاڻون ۽ خبرون جيڪي آهن سي سڀ غلط نه آهن. ايشور يا سندس اتپتيءَ لاءِ جيئن جيئن انسان وڌيڪ اونهو يا وڌيڪ شڌڀاونا سان کوجنا ڪري ٿو تيئن تيئن ان کي نوان جواب پنهنجي سوال جا ملن ٿا ۽ جيتري وڌيڪ سچائي رکندو، اوترا وڌيڪ پورا جواب پائيندو.“

هاڻي موٽي موه ۽ ٻين وڪارن جي وشيه تي اچون: ”ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار، پنجئي وڪار آهن. جي اوُنچي پدويءَ وارو ماڻهو انهن وڪارن تي پنهنجي خيال جي اُتاهين چوٽيءَ تان نظر وجهندو ته اهي تحقيق زندگيءَ جي هيٺين ڏاڪن ۾ نظر ايندا ۽ آتما کي هيٺ ڪيرڻ جا ڪارڻ ئي سمجهه ۾ ايندا. مگر جيڪڏهن ٻئي پاسي کان نظر وجهبي، يعني حيواني  پد کان ڏسبو ته ساڳيائي وڪار ڏاڪا يا آتما جي مٿي چڙهڻ جا وسيلا ئي نظر ايندا، جي انسان کي حيواني ۽ سوڙهي شخصي زندگيءَ جي دائري مان ڪڍي ڪجهه قدر وسيع زندگيءَ ڏانهن آڻين ٿا.“

مون سام کي چيو: ”اهو مان نٿي سمجهي سگهان ته وڪار ڪيئن چڱائيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهندا. وڪار آخر وڪار آهن؛ انهن مان زندگيءَ ۾ نيڪي يا اخلاق جو دائرو ڪيئن ٿيندو؟“

سام وڏي نشچيه ۽ اثر وارن لفظن ۾ چيو: ”اهڙيءَ طرح خيال  تي ڪابه روڪ يا پائبندي اڳواٽ وجهڻ نه گهرجي. اهي هڪ ئي جوت، هڪ ئي موجودات (Reality) جا جزا آهن سوچ شڪتيءَ کانسواءِ نه آهي. اها شڪتي جنهن کي ست چت آنند چئون ٿا، سا هر هنڌ سمايل آهي ۽ ان کانسواءِ ڪا شيءِ وجود ۾ نه آهي. ڪا جاءِ، ڪو خيال، ڪا چرپر اندروني يا بيروني زندگيءَ جي؛ ڪو ڀاؤ، جوش يا حقارت، ڪا محبت خوشي يا خيال ان کان خالي نه آهي. سڀڪجهه پاڻ ئي رچيو اٿس ۽ پاڻ منجهان رچيو اٿس. پوءِ وڪار ڪٿي ۽ برائي ڪٿي؟ ائين سمجهڻ گهرجي ته اُهي وڪار گڻن جا ابتا پاسا آهن يا ساڳين شين جا ٻيا نالا آهن. ڪنهن به هڪ وڪار تي خيال ڪريو؛ هتي موه جو سوال اُٿيو آهي، تنهن ڪري موه جو مثال اول وٺون، جنهن کي گهڻن مهاپرشن ننديو آهي؛ مگر ڏسبو ته جيون ياترا ۾ پهرين يعني هيٺين منزلن تي ڦرندڙ آتمائن کي منجهانئنس ڪيڏي نه استقامت ملي ٿي. هڪ طرف ڏسو ته موه آتما جي لاءِ هڪ قسم جو پڃرو يا قيد آهي. مگر بنا موه جي ڪنهن حيوان جي هڪ موه واري انسان سان ڀيٽ ته ڪريو. بنا لاڳاپي ۽ بنا موه جي انسان سچ پچ حيوان مثل آهي. جن کي پاڻ ۽ پنهنجي اوجهري ڀرڻ، ننڊ آرام ۽ سک کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالهه حياتيءَ ۾ ڪانه ٿي سجهي،. اهڙي انسان جي ڀيٽ ۾ تون ڪيتري نه اوچي درجي تي پهتل آهين، جو تنهنجي موه (مونسان لاڳاپي) توکي پاڻ مان ڪڍي پنهنجي زندگي (منهنجي معرفت ئي) هڪ وڏي آدرش کي ارپڻ ڪرائي ڇڏي آهي! هاڻي زماني وارن، موه ۾ ڦاٿل انسانن جو ويچار ڪريون. هڪ ماڻهو جيڪو پنهن جي سک جي سامگريءَ موجود ڪرڻ ۾ پنهنجي سڄي جيو گذاري ٿو، ان کان اهو صد بار بهتر آهي جو ٻارن يا زال جي موه ۾ پنهنجي سک جي چاهنا وساري، پاڻُ پنهنجي پيارن ڪارڻ قربان ڪري ٿو ۽ پنهنجي شخصيت جي سوڙهي دائري مان نڪري قربانيءَ جو پهريون قدم کڻي ٿو. حقيقت ڪري اهڙو موه الاهي عشق جي خود شروعات آهي جو پنهنجي اڪيلي زندگيءَ مان ڇڪي اسان کي گهر ٻار جي ذريعي سچي پريم جي واٽ ڏيکاري ٿو. اهڙيءَ طرح ڪام به پريم جو ٻئي طرف کان پهريون ڏاڪو ڪري سمجهڻ گهرجي. مان انساني جيوت جي هڪ تصوير خيال ۾ رکندو آهيان جا هيءَ آهي، ته گيان جي رٿَ کي ڪام جا گهوڙا ڇڪي رهيا آهن ۽ آتما مٿس سوار آهي. ڪام يعني ٻئي جي سنگ جي ترشنا سا نفس جي سوڙهي، شخصي دائري (Individual Existence) واري زندگيءَ کان ٻاهر نڪرڻ جو هڪ اپاؤ آهي. جيئن بند ٿيل بهري مان ڪو جئ ٻاهر نهاري آزاديءَ جي تمنا وڌائي تيئن اڪيلو، اگياني من جسماني سنگ جي ترشنا رکي ٿو، اها ترشنا به هن سرشٽئ جي مالڪ پاڻ رچي آهي. اهي موه ڪام وغيره ان لاءِ آهن ته اسين شخصيت جي دائري مان نڪري ٻاهر وڌيڪ خلاصي ميدان ۾ اچون. جيئن ننڍو ٻار ٿڙندو ٿڙندو، آخر پورا قدم کڻڻ سکي ٿو، تيئن هيءُ من پڻ ترشتائن دوارا پريم جي سچي ڄاڻ وڌائي ٿو.

اهڙيءَ طرح ڪروڌ ٽئين پاسي کان اُن پريم آنند جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ پهريون قدم ڪري سمجهڻ گهرجي. منجهس ڪيڏي نه طاقت ۽ نفرت يا خرابت لاءِ حقارت سمايل آهي! جنهن ۾ ڪو غصو پيدا ڪونه ٿيو آهي، سو نادان ڪري سمجهڻ گهرجي. غصو به ارادي جي طاقت وڌائي ٿو. البت انهيءَ کان وڌيڪ طاقت وارا خرابت جي دور ڪرڻ لاءِ ٻيا اُپاؤ آهن.

لوڀ وري چوٿين پاسي کان اُن پريم آنند واري چوٽيءَ کي پهچڻ جو پهريون قدم آهي. وڃ لوڀ کي وڌائيندو ته وڃي اصل شيءِ ڏي هو اسان کي ڇڪيندو. پنهنجي شخصيت مان گهر جي تمنا پيدا ڪري ٿو؛ گهر مان نڪري وري گهر کان ٻاهر دائرين ۾ طاقت رکڻ جي تمنا پيدا ڪري ٿو؛ آخر جڏهين انسان پورو آزمودو پائي ٿو ته دنيا سڄيءَ کي پنهنجو ڪرڻ چاهي ٿو. فقط پنهنجي لوڀ ۾ سچائي رکو. خوديءَ کي بلند ڪريو ۽ بي خوديءَ جي آسمان تي وڃي پڄندا. بيشڪ وڌيڪ ۽ وڌيڪ حاصلات ڪريو. آخر اها ترشنا پاڻ وڌائڻ جي، ايمانداريءَ سان ڪتب آڻبي ته وڃي الاهي محبت کي پڄائيندي، ڇا لاءِ جو سڀ کان وڏي حاصلات اها ئي آهي. لوڀي من نا اميد ٿي آخر ڏسي ٿو ته هن شيءِ مان به سک نه مليو، هن  شيءِ مان ترپت نه ٿيس؛ تڏهين اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جا من کي ترپت ڪري ٿي؟ سُتل، سست انسان کان اورچ، لوڀي آتمڪ اُنتيءَ جي رستي تي گهڻو وڌيل آهي. اهنڪار وري ٻئي پاسي کان ان پرم هستيءَ کي پائڻ جو هڪ سڌو رستو آهي. اهنڪار (خودي) ڪيترن وڏين حاصلات جي شروعات ٿي سگهي ٿو، اهو خود يا وريءَ ۽ آزاديءَ جو ٻيو روپ آهي؛ جرئت جو هڪ ٿنڀو آهي اگرچه ڪچي ڪاٺ جو ٺهيل آهي. شخصيت وڌائڻ يا جيون جي دائري وڌائڻ لاءِ هڪ قدرتي اپاءُ آهي. ’مان‘ کي مار يا ’مان‘ کي سڃاڻ، سا ساڳي ڳالهه آهي، سڀ کان هٺيلا وڌيڪ اُهي آهن، جي ڪنهن اُصول تي هٺ ڪندڙ آهن؛ سي ذاتي طور سڀ کان وڌيڪ نهٺا انسان ٿين ٿا.“

مون سام کي چيو ته  انهن وڪارن جي درجي بدرجي ڪم يا اهميت بابت ڪجهه وڌيڪ کولي ٻڌايوم. اُن وقت سام چيو ته اڄ گهڻا نوٽ ورتا اٿيئي؛ وري ٻئي وقت اهو وشيه کڻنداسون.

***

7-10-1953ع  مٿين وشيه بنسبت، اڄ شام جو جيئن واند ملي تيئن سام کان وري پڇا ڪيم؛ ٿورو وقت ويچار ۾ اچي ويو ۽ پوءِ چيائين: ”ڪروڌ اصل ۾ نفرت جو ٻيو روپ آهي. ڪنهن ناحق، بديءَ يا بي واجبي هلت جي خلاف پيدا ٿئي ٿو. اگرچ اهي ڪڏهين غلط طور سمجهيا وڃن ٿا. ڪروڌ ڪندڙ انسان پاڻ کي ڪنهن نموني برابر سمجهي ٿو. جيتوڻيڪ حياتيءَ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هي ڪو اُتم طريقو نه آهي، تڏهين به ايترو سمجهڻ گهرجي ته خرابت يا ناحق لاءِ حقارت سا ذاتي طور بري شيءِ نه آهي. چوندا آهن ته جنگ جي وقت ۾ يا جنگ جي دوارا قومن جي پاڻ ۾ سچي پچي خيالات جي ڏي وٺ ٿئي ٿي ۽ ٻه تهذيبون پاڻ ۾ ٽڪري هڪ ٿي وڃن ٿيون. ٻي عام چوڻي آهي ته وڙهي دوست ٿبو آهي! ان ڪري جنگ نه رڳو حڪومتن جي سرحدن ۾ ڦيرو آڻي ٿي مگر من جون حدون ۽ خيال جون پائبنديون به ڪيتريون ٽوڙي ٿي ۽ هيڪڙائي وڌائي ٿي. مطلب  ته ڪروڌ خيال جي ميلاپ ۽ غير جي گنوائڻ جو ڪارڻ پڻ ٿي سگهي ٿو. بزدل ۽ ڊڄڻي انسان جي ڀيٽ ۾ ڪاوڙيل مڙس ڪيڏو نه وڌيڪ شانائتو آهي. اهو هڪ ٻيو پهلو آهي جو پڻ ويچار ۾ وٺڻ جهڙو آهي.

ان ريت اچو ته ڪام کي جاچي ڏسون، ته هن زندگيءَ جي سرشتي ۾ ڪهڙو ڪاريه ادا ڪري ٿو. من وديا جا ماهر چون ٿا ته ڌرمي ڀاؤ يا مذهب ۽ شهواني طاقت جو واڌارو گڏوگڏ نظر اچي ٿو. اهي ٻئي طاقتون اڪثر ساڳين ماڻهن ۾ ڏسبيون آهن. چون ٿا ته جنهن ۾ ڌرم جو ڀاؤ مضبوط آهي، ان ۾ شهواني طاقت پڻ گهڻي ٿئي ٿي، توڙي جو اها قبضي ڪيل هجي. جيون جو واڌارو پورنتا در حقيقت سڀني طاقتن منجهان حاصل ٿين ٿا. ڏٻري ۽ بيمار ماڻهوءَ جي نه رڳو جسماني طاقت گهٽ آهي مگر منجهس ڪا روحاني گهٽتائي پڻ ضرور رهي ٿي. پنهنجو آزمودو آهي ته ڌرمي سنسٿائن ۽ برهم چريه آشرمن جي اندراڪثر ڪا مديو پنهنجا ٻاڻ وڌيڪ تيزيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان اُڇليندو آهي. مان ائين سمجهندو آهيان ته ڪام (Sex) انساني جيوت جي بنيادي ڌاتن مان آهي، جنهن جي ڪيميا (Transmutation) سان ڌيان، گيان ۽ ڀڪتي وڌن ٿا؛ جيئن ڪيميا سان ٽامي مان سون بڻجي سگهي ٿو، يوگي پنهن جي شهواني طاقت تي بندش وجهي اُها ڌارا ابتي، مغز جي طرف، وهائڻ ٿا ۽ انريت گيان جي ٽين اک کولن ٿا. تنهن ڪري ڪام کي گهٽ سمجهڻ نه گهرجي. ڪام جي شڪتي به هڪ اتم خزانو آهي، جنهن کي خالق بنا مطلب جي هرگز ڪين خلقيو آهي. هن جيون جي سرشتي ۾ کيس وڏي ۾ وڏو ڀاڳ مليل آهي. سندس رواجي کيڏ ۾ پڻ ڪي ڀلايون نظر اچن ٿيون. ڪن وڏن ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪام کي دٻائڻ (Sex Repression) مان ڪيتريون بيماريون پيدا ٿين ٿيون.

”اسان کي ڪام واري طاقت ڦيري ڪتب آڻڻ (Diversion) ۽ صفا دٻي ڇڏڻ (Repression) جي وچ ۾ فرق سمهجڻ گهرجي. دٻائڻ اهو آهي جو پنهنجي خيال جي خلاف حجابن، روڪن يا مجبورين ڪري پنهنجي ڪامنا کي دٻائي ڇڏجي. ڦيري اها شڪتي ڪم ۾ لڳائڻ، سا ڪوشش جائز ۽ ڦلدايڪ آهي، جنهن مان ڌيان، گيان ۽ ڀڪتيءَ جو واڌارو ٿئي ٿو. اهي ٽيئي ڌرم جا مول ٿنڀا آهن جن جي پڪائي ڪام جي طاقت منجهان اُتپن ٿئي ٿي؛ اهو من وديا (Psychology) وارن جو رايو آهي. ڪام کي موڙي، نه هٺ ۽ اڀمان وچان پر حياتيءَ جي تجربن بعد، گيان جي ذريعي، کيس اوچي ڪاريه ۾ لڳائڻ، سو ائين آهي جيئن هڪ انب جي جهاڙ ۾ اوچي ذات واري اک پيوند ڪري ان مان مٺا ۽ وڌيڪ اتم ڦل پيدا ڪرڻ. تيئن ئي آهي هي جوڳ اڀياس، جو مغز ۾ گيان جي اک کولي ٿو. ڪام کي وس ڪرڻ بعد يوگ اڀياس ڪامياب  ٿئي ٿو. تنهنڪري ائين چوڻ ته ڪام هر صورت  هڪ وڪار آهي، سو هڪ اڌوري سمجهه وارو خيال آهي. سڀ ڪنهن بنيادي ڌاتوءَ کي پنهنجي اهميت آهي. پنهنجي هيٺين روپ ۾ به ڪامنا وشوَ سان ملائڻ ۾ مدد ڪري ٿي؛ نه رڳو زندگيءَ جو دائرو وڌائي ٿي پر خيال جي خوبي ۽ حسن جي ڄاڻ، جا رواجي پريم سان شامل رهي ٿي، سا ان جي پيدائش ٿي سگهي ٿي. اها جيوت ۾ سندرتا ۽ وندر وڌائي ٿي. شهواني طاقت جنهن جيءَ ۾ ڪنهن بيماريءَ يا جسماني گهٽتائيءَ سبب پوري نٿي اُسري، ان جيءَ جو بدن ئي ڪروُپي ٿيو پوي ۽ اهو مغز جي ڪم ۾ يا هٿ جي پورهئي ۾ گهٽ چالاڪي رکندڙ ٿئي ٿو. محويت يعني ڀڪتيءَ جي پاسي ڪام هميشہ لاڙو رکي ٿو. ان ڪري ئي آرٽسٽ يا اداڪار ۽ شاعر  گهڻو ڪري سندس ڦند ۾ ڦاٿل نظر ايندا آهن. اها محويت جيڪا ڪام پيدا ڪري ٿو، سا ڀڪتيءَ جو هڪ سارو روپ آهي.

هاڻي روپ جي وڪار کي جاچي ڏسون. لوڀ حاصلات جو ڪارڻ آهي. ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو (Preservation and Conservation of Resources) جو اصول قدرت پاڻ چڱيءَ طرح ڪتب آڻي رهي آهي. طاقت ۽ مال قناعت سان خرچ ڪرڻ، سو قدرت جي اقتصاديات (Economy) جو اصول آهي. اها قناعت ۽ شين جو موجود رکڻ جي عادت سا هر ڪاروبار لاءِ ضروري آهي. گهڻيون شيون ۽ مال گڏ ڪرڻ سو برابر سخاوت  ۽ سٺي ونڊ وراه جي آدرش کان گهٽ درجي جو طريقو آهي مگر اهي، جيڪي ڪا بچت ڪري نٿا سگهن ۽ پنهنجا وسائل باقائدي سنڀالڻ ۾ گسن ٿا، سي حياتيءَ ۾ ڪا اڏاوت ڪري نٿا سگهن. اهي پنهنجا خيال، طاقتون ۽ مال کنڊيري وئرٿ وڃائين ٿا. هوڏانهن دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڪارخانا، موٽرن، مشينن، ڪپڙن ۽ ٻين ضروري شين جا انهن ماڻهن جي هٿان اڏيل آهن جن کي ميڙي چونڊيءَ جي عادت هوندي آهي، ۽ چئجي کڻي پئسي گڏ ڪرڻ جو لوڀ رهندو آهي. هڪ وڏي، گڏيل هندستان جي صنعت ڪار (Industrialist) جي ڳالهه آهي، جنهن کان منهنجي هڪ دوست هيءُ سوال پڇيو: ’توهان جي وڏيءَ اوستا ۾ ايترو پنهنجي ڪارخانن جي ديکڀال ڪريو ٿا تنهن جو مطلب ڪهڙو آهي؟ دنيا ته توهان وٽ اڳيئي آهي، جا توهان جي کپائڻ ۽ شايد ڳڻڻ کان پڻ ٻاهر آهي. ڇا! وڌيڪ پئسي گڏ ڪرڻ ۾ اڃان توهان کي مزو اچي ٿو؟

”ان سيٺ کلي چيو: ”ائين برابر آهي ته پهريائين نفعي جي لاءِ هي ڪارخانا کولياسين، پر هاڻي انهن کي سٺي نموني هلائڻ، سو هڪ جدا مقصد ۽ هڪ فرض نظر اچي ٿو. جيئن اجايو ڪجهه ضايع نه ٿئي ۽ ڪارخانو پئتي پئجي نه وڃي ۽ انتظام سٺو رهي، اهو اسان جي ڪوشش جو هينئر خاص مطلب آهي ۽ نه دنيا گڏ ڪرڻ جو.‘ هن ڳالهه مان مطلب هي نڪري ٿو ته انسان جو ذاتي لوڀ هڪ قدرتي طاقت آهي. ٻين وڪارن وانگر پهريائين غلط نموني ۾، شخصي سک لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، پر آخر نئين رستي تي پهچي دنوي ڪاروبار جي انتظام ۽ ڪماليت جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، جنهن مان اندروني جس پڻ گهڻو پيدا ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري ان کي هڪ اکر سان وڪار سڏي ۽ دنيا وارن کي بيڪار چئي ڌڪارڻ، سو بلڪل غلط آهي.“

هاڻي اچون اهنڪار جي سوال تي؛ مانپڻو يا اهنڪار هڪ نموني پاڻ کي ڦنڊائي هڪ خطرناڪ ڀاؤ ۾ وجهي ٿو، پر ٻئي طرف شان ۽ اها پوزيشن اڳواٽ رکڻ سيکاري ٿو جا درحقيقت اڃان حاصل نه آهي، مگر جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسين گهڻو خواهان آهيون؛ يعني اهو خيال جو نمونو يا زندگيءَ جو روپ اسان جي من اڳيان رکي ٿو، جنهن جي اسان کي طلب آهي ۽ جنهن ۾ اسان جو آتمڪ اُڌار آهي! ان نموني (Pattern) تي هلندي هلندي اسين آخر ان کي سچيءَ طرح پايون ٿا.

ٻٽاڪ هڻڻ به هڪ قسم جو ڄڻڪ قسم کڻڻو آهي؛ ان ٻٽاڪ واريءَ ڳالهه پوري ڪرڻ لاءِ هڪ وعدي ۾ گويا پاڻ کي ٻڌڻو آهي. البت تنهن کان پوءِ اها ڳالهه حاصل ڪرڻ، جنهن جي لاءِ ٻٽاڪ هڻجي ٿي يا اها پوزيشن پنهنجي ڪرڻ جنهن جي ڏيکاءُ لاءِ اهنڪار ڪجي ٿو سو جفاڪشيءَ ۽ ڪوشش سان ٿي سگهي ٿو. مگر هڪ ڀيرو پاڻ کي ڪنهن وعده ۾ ٻڌي يا اهنڪار مان ڪنهن شان يا گيان وارو ڏيک يا مدبريءَ وارو نمونو ماڻهو اختيار ڪري ته پوءِ اُن ڏانهن وڌڻ لاءِ اهو مجبور ٿئي ٿو؛ يعني اهنڪار هڪ قسم جي نوڙي بڻجي کيس وڌيڪ اُنتيءَ واري رستي ڏانهن ڇڪي ٿو. ائين برابر آهي ته مغروريءَ کان حليمائيءَ وارو رستو ڪنهن به مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر آهي. پر پاڻ کي نيچ ڄاڻڻ ۽ پنهنجي سچي هستيءَ کان بي خبر رهڻ سو اهنڪار کان به وڌيڪ خراب آهي.

هڪ ڳالهه آهي ته ڪنهن ريڍار هڪڙي شينهن جو ٻچو لڌو جو هو پنهنجي رڍن سان گڏ گهمائيندو رهندو هو؛ رڍن جي هلت ڏسي ۽ سندس ’ٻي‘ ’ٻي‘ جا آواز ٻڌي، هو به ساڳيا آواز ۽ نمونا سکي پيو؛ هڪ لڱا هڪ شينهن هن کي ’ٻي‘ ’ٻي‘ ڪندي ڏٺو، ان شينهن کيس هڪل ڪئي ته تون شينهن جو ٻچو ٿي رڍن وانگر ’ٻي‘ ’ٻي‘ ڇو ٿو ڪرين؟ پوءِ ان کي گهلي پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ ۾ ليئو پارايائين. چيائينس، ’ڏس! جهڙو تون آهين تهڙو مان آهيان؛ هينئر مون وانگر گاج ڪر!‘ تڏهين ان شينهن جي ٻچي، پنهنجو سچو روپ سڃاڻي شينهن جهڙي گاج ڪئي ۽ شينهن وانگر شڪار ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح جيڪو انسان پنهنجو سچو روپ نه سڃاڻيءَ غلاميءَ جي ڀاؤ ۾، ڪوڙي حليمائيءَ جي واٽ وٺي، ذليل زندگي ڪاٽي ٿو، ان ۾ غلامي گهر ڪري وڃي ٿي. اهو همت رکي حياتيءَ اندر ڪجهه حاصل ڪرڻ بدران پاڻ کي وڌيڪ ۽ وڌيڪ ناڪار بڻائي ٿو. البت اهنڪار گيان جو آخرين پد نه آهي ۽ نه گهڻي تائين جٽاءُ ڪري ٿو؛ اگياني انسان جو من هڪ ڪنڊياري پٿر مثل آهي، جو پهاڙ کان ڇڄي، ڌڪا کائيندو هيٺ ڪري ٿو؛ آخر جيئن وڌيڪ ڌڪ کائي ٿو ۽ وڌيڪ گسي ٿو، تئين سندس ڪنڊون ڀڄنديون وڃن ٿيون ۽ اُهو لسو ٿي پوي ٿو. تهان پوءِ برساتين جا پاڻي هن کي گهلي وڃي درياه ۾ هڻن ٿا، هو وڌيڪ مهٽجڻ کان پوءِ آخر واريءَ جي داڻن مثل ٿي پوي ٿو، جنهن بعد کيس وڌيڪ ڌڪا کائڻا نٿا پون. پوءِ اها واريءَ پاڻيءَ سان گڏ وهي، مٽيءَ سان گڏ ملي، کيتن، باغن ۽ ٻين گهڻن هنڌن تي ڪارگر ٿئي ٿي.

اها واري سچيءَ حليمائيءَ جي مثل آهي، جا گيان جي سيمينٽ سان گڏجي اصلوڪي پٿرن کان وڌيڪ ڪارائتا شهتير، ٿنڀا ۽ ٻيا سامان ٺاهي ٿي؛ جن مان جيوت جي عمارت اڏجي سگهي. ان ريت پڻ اگياني انسان، اهنڪار وارو، حياتيءَ ۾ ڌڪ کائي، کائي آخر نرم ٿئي ٿو ۽ حليمائيءَ جي درجي کي رسي ٿو جنهن مان کيس پورڻ گيان حاصل ٿئي ٿو.

 هن مان مون کي فقط هي ثابت ڪرڻو آهي ته اهنڪار به من جي اوسنا جو هڪڙو درجو آهي. قدرت جو اهو هڪ قانون آهي ته ليڪي مان تصوير، ڪوڙ مان سچ، خواب مان خيال ۽ خيال مان جسم، بهاني مان سچو ارادو ۽ خيالي ڏيک مان سچي حاصلات جي شروعات  بڻائي ٿي. اهنڪار وارو انسان، جسماني يا روحاني دائري ۾ پاڻ ڏيکاري ڪا هام هڻي ٿو؛ سا حجت سندس آخرين اُنتيءَ لاءِ هڪ ليڪو يا اشارو بڻجيو پوي؛ هر حالت ۾ نه پر گهڻو ڪري؛ جلد نه پر آهستي آهستي. پاڻ تي اعتقاد رکڻ هڪ روحاني  واڌاري جو ڪارڻ آهي. جڏهين اهو حد کان وڌيڪ ٿئي ٿو. تڏهين اهنڪار جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، مگر ذاتي طور اهنڪار خود يا وريءَ جو هڪڙو روپ آهي.

هنن سمجهاڻين مان ائين مطلب نه ڪڍڻ گهرجي ته اسين ڪو وڪارن کي ساراهيون ٿا يا انهن جي عام طور تائيد ڪريون ٿا، مگر اسين ان صاحب کي ساراهيون ٿا، جنهن هر شيءِ ۾ سٺو مطلب رکي ڇڏيو آهي، جنهن جي ليلا اکٽ ۽ اپار آهي. ان جي هيءَ سڄي سرشٽي رچيل آهي؛ گڻن جي هڪ راند رچيل آهي. ذاتي طور هن جيون جي راند ۾ ڪا خرابي ڪانه آهي. ان ڪري ئي سنت فقير چوندا آهن ته ايشور سڀ پاپ کميا ڪري سگهي ٿو؛ پاپيءَ تي به ان ڪري فقير ديا جي درشٽي رکن ٿا. ڪنهن کي مجال آهي چوڻ جي ته هيءَ شيءِ يا هيءُ انسان يا هي طريقو زندگيءَ جو خرابت لاءِ خلقيو اٿس؟ نه وري ڪا شيءِ هت بي سود آهي. در حقيقت نه بڇڙائيءَ آهي نه چڱائيءَ. هڪ سندس ليلا يا راند آهي. جنهن ۾ سڀ هڪ پريم جو پسارو آهي! جيوت سارو پريم جو کيتر آهي. جنهن ۾ سڀ ڀاؤ.، سڀ روپ، سڀ طريقا ۽ سڀ پد سمائجي وڃن ٿا. بڇڙائي فقط چڱائيءَ جي ڀيٽ ۾ بڇڙي نظر اچي ٿي يعني اها ننڍڙي چڱائيءَ آهي. کيس ڪو سچو وجود ڪونه آهي. نه ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي سچو وجود آهي. هو آهي، فقط هو آهي ۽ ٻيو ڪجهه به نه آهي!“

***

 

 

8-10-1953ع  ڪجهه ڏينهن اڳ سام مون کي هڪڙو خواب پنهنجو ٻڌايو، جنهن ۾ ڏٺائين ته هڪڙو ماڻهو ڪاري سوٽ سان پٺيرو، پٺيرو آسمان جي مارگ ۾ دکن دشا ۾ وڌندو ٿي ويو. پٺتي هن ڪين نهاريو، جنهن ڪري سندس روش چٽا ڏسڻ ۾ ڪيئن آيا مگر سندس پٺيري بيهڪ مان ائين پيو سمجهجي ته هو خود سام جي مشابهت پيو رکي.

ڪيترا ڏينهن اسان اها ڳالهه وساري ڇڏي؛ سام گهڻن ڏينهن کان گهر ۾ اهڙو پيو هلي جو هر ڳالهه ڏانهن سندس رخ ٿڌو، ٿڌو ۽ گهٽ چاه وارو پيو نظر اچي. ڪالهه جڏهين مون ساڻس پاڻ وندرائڻ لاءِ ۽ کيس ڪجهه وندرائڻ لاءِ ٿوري هلڪي قسم جي بات چيت ڪئي، تڏهين هن چيو: ”گهڻن شين مان منهنجو چاه نڪري ويو آهي؛ زمينداري ڪم ته ڪشوڊين صاحب چڱي وقت تي، الله جي مرضيءَ سان، ڇڏائي ڇڏيو آهي. باقي ٿورو اڀياس ڪرڻ ۽ گهرو ڪم سنڀالڻ، تن کان سوءِ ٻي ڪا مشغولي خاص ڪا نه آهي. اها اڏاوت آشرم جي يا ٻيا ننڍي هوندي جا سپنا پورا ڪرڻ، جنهن جو وقت بوقت ذڪر ٿيندو رهي ٿو، تن لاءِ پڻ رستو کليل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. مان ائين پيو ڀانيان ته ڄڻ توهان سڀني کان، ۽ هنن ڪمن ڪارين کان جدا ٿي، پري ڪنهن غيب جي عالم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. اڳي ائين سمجهندو هيس ته سڀ ڪنهن ڪم ۾ تنهنجو مون سان ساٿ رهندو؛ مگر هينئر ڏسان پيو ته گهڻي قرباني ڪندي به تنهنجي واٽ مون کان نرالي آهي. هن ٿوريءَ مايوسيءَ جو شايد اهو سبب آهي جو توکان به ڪجهه پري وڃي رهيو آهيان. اهو اڳيون خواب آسمان مارگ تي اڪيلي پنٿيءَ جو ياد پيو اچي۾؛ ان جو مطلب هينئر چٽيرو نظر اچي ٿو.“

مون چيو: ”پوءِ انهيءَ ڳالهه جو ڪهڙو علاج آهي؟“

سام وراڻيو: ”يا ته ڪو نئون کيتر خيال ۽ زندگي جو کلي يا وري نئون جسم وٺي زندگي نئين سر شروع ڪرڻي پوندي؛ هي اکر نراسائيءَ مان ڪونه ٿو چوان. مگر زندگي، زندگي ٿي رهندي، يعني بيٺل پاڻيءَ وانگر چپ ۾ ڪين گذرندي. جي ان کي ڪو اٽڪاءُ پيش ايندو ته آتما خود ويس مٽائي ٻيو اُپاءُ اٽڪاءُ دور ڪرڻ جو اختيار ڪندي. هيءَ آتما جنم پنهنجي اڇا سان وٺي ٿي؛ جڏهين پاڻ پر گهٽتائي جي چاهنا پيدا ٿئي ٿي تڏهين جسم ڌارڻ ڪري ٿي ۽ انهيءَ اڇا جو هٽڻ يا چاه صفا گهٽ ٿي وڃڻ سو هن چولي ڇڏڻ جو ڪارڻ ٿي پوي ٿو. جنهن جيءَ ۾ ڪا چاهنا ڪانه ٿي رهي يا جنهن جو اُديم گهٽجي وڃي ٿو، ان کان گويا حياتي خود پاسو ڪري وڃي ٿي؛ جيئن هڪ وڻ جنهن جي زمين کان درياه مٽ ڪري پري هليو وڃي ٿو، آخر سڪي وڃي ٿو، تيئن چاهنا رهت آتما، ديهه روپي پاڙون سڪائي وڃي ٿي؛ چاهنا رهت آتما پنهنجي لاءِ نه پر ڪنهن پر اپڪار جي ڪم لاءِ لالچي هت رهي سگهي ٿي. اهڙو ڪو در کلي، چاه وڌي يا عشق اُتين ئي ته واه نه ته جيئڻ خود بيڪار ٿي پوي ٿو.“

مون کي دل ۾ ذرا خوف ٿيو، ڇا لاءِ جو سام گذريل ٻارهن مهينن کان وڌيڪ ۽ وڌيڪ بيمار رهي ٿو. مون کيس کلي چيو: ”ڇو نه توهان کي نئين ڪا شادي ڪرائجي ته توهان ۾ چاهنا زندگي جي وڌي؟“

سام کلي وراڻيو: ”اها هينئر هڪ ٻاراڻي ڳالهه پيئي لڳي. ڀلا شاديءَ سان ڪيئن زندگيءَ جي چاهنا وڌندي؟ ويچار ڪريو ته زال پاڻ کان ننڍي ملي؛ هن جون طلبون نراليون ۽ اسان جي اوسٿا جون طلبون نراليون؛ ويتر جي پيدا ٿئي پونگ ته پوءِ انهيءَ ڪشمڪشا ۾ اندر جو آرام ڦٽي يا وڌي؟ مان ته ڀانيان ٿو ته اهڙي ڳري سزا ٻي جيڪر ڪانه ملي سگهي ۽ پاڻ حياتيءَ مان وڌيڪ بيزار ٿي پئجي. باقي انهيءَ کان وڌيڪ ڪارگر تجويز ٻي آهي؛ جي تون انهيءَ دور اڪيلائيءَ واري مارگ تي گڏ قدم رکندي هلين ۽ هر خيال ۽ هر ڪم ۾ اسين انهيءَ آدرشي زندگيءَ جي اڏاوت ڏسندا، شيوا واريءَ زندگيءَ جي اميد رکندا اچون، جيتوڻيڪ گهڻو عرصو گذري ويو آهي، ته پوءِ چاهنا جو گهوڙو اڃان به هن زندگيءَ جي ڳوري رٿ کي اڳڀرو ڇڪي سگهي ٿو. پر خيال کي موڙي؛ زوريءَ توکي ڪنهن راه تي هلائي نٿو سگهجي. انسان پنهنجي خيال جون حدون پاڻ ئي ٽوڙي سگهي ٿو. البت اهو اهڙو آسان ڪم نه آهي جو هڪ واري ارادي ڪرڻ سان حاصل ٿي پوي. هردم ان لاءِ حيلو ضروري آهي. پريم اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو جو حيلو خود سڀاويڪ عادت بڻجي پوي ۽ ٻئي جي ريت پنهنجي ريت ٿي پوي. اهڙو جادو پريم بيشڪ ڪري سگهي ٿو. مگر پوءِ به شخصيت يا شخصي پڻو ڪجهه قدر سر ڪڍي ظاهر ٿئي ٿي. ان ڪري ٻن دوستن لاءِ عام طرح گڏ جيئڻ ۽ گڏ هلڻ سو هڪ ٻئي لاءِ مرڻ يا پاڻ قربان ڪرڻ کان اهنجو رستو ۽ وڌيڪ اونچو آدرش آهي. تو قربان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، پر گڏ هلڻ جي ريت اڃان توکي سکڻي آهي.

***

 

 

15-10-1953ع  هڪ وڏي ناولسٽ جو ذڪر هلي رهيو هو؛ صوفي صاحب سام کان پڇيو: ”انهيءَ جا ڪتاب واقعي ئي اهڙا تعجب جهڙا آهن؟“

سام کيس وراڻي ڏني: ”مون ننڍپڻ کان سندس ٿورا ڪتاب پڙهيا آهن؛ وڏن ليکڪن جي ڪتابن ۾ هروڀرو وڏن ڦٽاڪن يا بم بکيڙي وارين ڳالهين لاءِ ڪونه نهاربو آهي، ڇا لاءِ جو سچي وڏائي، خيال جي سادگيءَ ۽ صفائيءَ ۾ آهي. انهن جا ويچار ۽ احساس به ساڳيائي انساني دل جا جذبا آهن جي ساڌارڻ ماڻهو رکن ٿا مگر انهن کي ذرا انهن جي ملهه جي ڄاڻ وڌيڪ آهي. اُهي سڀ هڪ انساني زندگيءَ جا تجربا آهن، جيڪي اسين عام ماڻهو روز ڏسون ۽ پسون ٿا. چئجي کڻي ته اهي خيال جون ساڳيون سرون يا پٿر آهن، جن مان گهٽ هنر وارو ڪاريگر فقط ڦڏيون، سڏيون جڳهون ٺاهي سگهي ٿو ۽ وڏي هنر وارو عاليشان عمارتون اڏي سگهي ٿو. تنهن ڪري جئين وڏا شاعر يا وڏا ليکڪ، تيئن ان جي لکيت ۾ سادگيءَ جو ۽ خيال جي صفائيءَ جو مزو پيو اچي؛ ولايت جي ليکڪن ۾ ڪا خاص تعجب جهڙي ڳالهه ٻي ڪانه آهي.“

***

 

 

17-10-1953ع  ڪالهه اسان وٽ هڪ دوست آيو. جڏهين سام ان کي پاڻي وغيره ڀري ڏنو تڏهين هن پڇيو: ”ڇو؛ نوڪر ڪيڏانهن ويا اٿو؟”

سام چيو: ”منجهند جي ماني مان ٺاهيندو آهيان ۽ رات جي ڊاڪٽر سرلا ڪندي آهي، ڇا لاءِ جو نوڪر هن وقت ڪوبه ڪونه آهي. پر هونئن به گهڻو ڪري اسين ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي هٿ سان روزانو ٺاهيندا آهيون.“

انهيءَ دوست جي وڃڻ کانپوءِ مون سام کي چيو: ”اهڙيون ڳالهيون ماڻهن کي ڇو پيا چئو؟ ان ۾ منهنجي گهٽتائي ٿئي ٿي، ڇا لاءِ جو ٻيا چوندا ته تنهن جي ويٺي مرد ماڻهو پيو ماني ڪري!“

سام کلي چيو: ”انهيءَ ۾ گهٽتائيءَ جو ڪو به سوال ڪونه آهي؛ ماني هر ڪو انسان کائي ٿو؛ هر ڪنهن کي رڌڻ پچائڻ جي ڄاڻ هئڻ گهرجي. اها ڪوڙي لڄ يا شرم انهن لاءِ آهي، جيڪي زماني کان ڊڄن. تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ صاف واٽ اها آهي ته جا شيءِ يا جو ڪم چڱو هجي، سو پنهنجي هٿ سان ڪجي چاهي لوڪ ان کي ڪيترو به گهٽ ڇو نه سمجهن.“

شام جو وري ڪم ڪندي  مون ٿڪ محسوس ڪيو ۽ ان بنسبت سام کي ڪجهه چيم. سام چيو: ”آخر اهو ڪم به گذري ويو ۽ ٿڪ به گذري ويندو! اهو فقط من جو خيال آهي، جو تون چوين ٿي ته مان ٿڪجي پيئي آهيان؛ ڏه يا پنڌرهن  منٽ آرام ڪرڻ سان بت جو ٿڪ لهيو وڃي ۽ بت اهڙو جو اهڙو تازو ٿيو پوي؛ پاڻ ڪم کان پوءِ وڌيڪ فرحت محسوس ڪبي آهي. ڪنهن نه ڪنهن ڪاريه ۾ مشغول رهڻ سو هن بت جي صحت لاءِ ضروري آهي، جو گهرو ڪم ۾ ايترو خفي ٿجي ٿو، ڇو نه پاڻ کي سمجهائجي ته جيئن پڙهڻ، لکڻ هڪ ڪم آهي، جيئن بيمار سان ڳالهائڻ يا کيس دوا ڏيڻ يا ڪنهن ماڻهوءَ جو احوال ٻڌڻ هڪ ڪم آهي؛ تيئن گهرجي اُٿي ويٺي ڪرڻ به هڪ ضروري ڪم آهي.“

درحقيقت مغزي يا خيالي ڪم وڌيڪ ٿڪائيندڙ آهي ۽ رڳن يا نسن (Nervous System) ۾ ٿڪ وڌيڪ جلد آڻي ٿو. گهرو ڪم جن ۾ من کان بت جي ورزش وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ خيال ڪرڻ جي گهڻي گهرج نه ٿي ٿئي، سي حقيقت ۾ گهٽ ٿڪائيندڙ آهن. واجبي حد اندر جسماني ڪم بت کي تراوت بخشيندڙ آهي. جيڪو عضوو گهڻو هلاءِ ته انهيءَ تي قدرت جي پاڻ گهڻي مهر ٿئي ٿي. رت جو دورو ان ۾ وڌي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت اهو عضوو ٻين کان وڌيڪ طاقت وارو ٿئي ٿو. البت حد کان وڌيڪ ڪو به ڪم چڱو نه آهي، تنهنجي حالت ۾ مون ڏٺو آهي ته مون وٽ اچي ڪري تو پهريائين ته جسماني پورهيا گهڻا ڪيا، جن تي اڳي شايد تون ايترو هريل ڪونه هئينءَ. تون ڪڏهين شڪايت به ڪندي آهين. عام طرح هن ملڪ جي ماڻهن ۾ اهو خيال ويٺل آهي ته جسماني پورهيو گهٽ درجي وارا ماڻهو ڪندا آهن. اهڙي پورهئي لاءِ اسان ۾ ننڍپن کان هڪ قسم جي حقارت رهي ٿي. پورهئي لاءِ ڪاموري ڪلاس ۾ خاص ڪري نفرت گهڻي آهي. ان جهوني وهم جي ڪري پڻ اسين پورهيو ڪندي جلد ٿڪجي پئون ٿا. حقيقت ڪري خود ڪم مان ايترو ٿڪ پيدا ڪونه ٿو ٿئي، پر اها هڪ خيال جي ٿڪاوٽ آهي. آخر به گهر ۾ ڪوڏريون ڪونه ويٺا هڻون، نڪو وڏا بوجائي کڻون ٿا، پنهنجي لاءِ پاڻي ڀرڻ يا ماني رڌڻ سا وڏي ڳالهه نه آهي. نوڪرن تي ڀاڙڻ جي عادت هڪ قسم جي غلامي آهي. اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته شرڌا سان ڪيل ڪم نه فقط وڌيڪ سهنجو ۽ سڦلو ٿئي ٿو، پر ڪندڙ کي ان مان وڌيڪ فائدو رسي ٿو. شرڌا سان ڪم ڪرڻ سو آهي پوري آزاديءَ ۽ چاهنا سان ڪم ڪرڻ. شرڌا آزاديءَ جي پورڻتا ۾ پيدا ٿئي ٿي. غلام جو. ٻئي جي ڏسيل ڪم واري ڦل تي حق نه ٿو رهي. هڪ حاڪم پنهنجي نوڪر کي چوي ٿو ته وڃي هي پئسا خيرات ۾ ڏي. پئسن جي خير ڪرڻ جو جس ان حاڪم جو آهي ۽ نه ڏيندڙ جو. البت سٺيءَ ريت ونڊ وراه ڪرڻ جو جس نوڪر کي به ملي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح مجبوري طور انسان، جيڪو پاڻ کي لاچار سمجهي ٻين جا ڪم ڪري ٿو، سو شيوا ڌاري سڏجي نه سگهندو ۽ نه ان ڪم جو ڪوبه ڦل ان کي پلءِ پوندو. شرڌا نه رکڻ ۽ ڪرڪي ڪم ڪرڻ سان مجبوريءَ جي نشاني آهي. تنهن ڪري شرڌا کان سواءِ اڌ دليو ڪم ڪرڻ نه جڳائي. خاص ڪري جڏهين اهو ٽاري سگهجي ته هروڀرواُن لاءِ جيتن به نه ڪجي. ڪم جي اندر سادگي آڻي اهو گهڻي ڀاڱي گهٽائي سگهجي ٿو. جيڪي گهرو ڪم تون ڪرين پيئي سي اسين گهڻي ڀاڱي ٽاري به سگهون ٿا. ڪم خود هڪ مقصد نه آهي، پر ڪم مان جو ڦل يا گيان يا پريم ۽ شرڌا اُپجي، سوئي هڪ مقصد سمجهڻ گهرجي.“

مون سام کان پڇيو: ”ڪهڙي ريت مٽ سٽ ڪري ڪم کان منهن موڙ ڪري سگهجي ٿي؟“

سام وراڻيو: ”مثلاً مون روزاني پٺن جي ورزش جي بدران اڄ اهو ڪلاڪ گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ صفائيءَ کي ڏنو؛ مون کي ورزش به ساڳي ملي ۽ ڪم به صفائيءَ جو نوڪرن کان سٺو ٿي ويو. ورزش جي مٽ سٽ ۾ دل پڻ گهڻو خوش هئي. پر جي ساڳيوئي ڪم روئندي ڪريان ها ته ٽائيم به وڌيڪ لڳي ها، ڪم به سٺو نه ٿئي ها ۽ خوشيءَ جو ڦل به ڪونه حاصل ٿئي ها. اهو ٿيو بدل سدل جو مثال. مانيءَ جي سوال تي اچون: ايترو رڌڻ پچائڻ بلڪل ضروري نه آهي. مهينن جا مهينا انسان اڻ رڌل، اڻ پڪل کاڌي تي رهي سگهي ٿو. ميوو، کير، کارڪون، ڪچيون ڀاڄيون، ماکي، ڳڙ وغيره پاڻ ۾ هڪڙو لذيذ ۽ صحت بخش خوراڪ جو ميل بڻائن جي ڪنهن انسان کي وڌيڪ طاقت وارو کاڌي کپي ته مٿين کاڌي سان سلن اڀريل ڪڻڪ، مڱ، چڻا، جوئر، وغيره ملائي سگهي ٿو، جن ۾ ليمو، سائو مصالح، لوڻ وغيره گڏي ٿوري تڪليف سان سٺو طعام ٺاهي سگهجي ٿو. اُهي سلا اڳواٽ پسايل اناج کي ڪپڙن ۾ بند ڪري  رکڻ سان اُڀاري سگهبا آهن. اڃا به ٻيا ڪي طاقت وارا کاڌا کپن ته سڄيءَ ڪڻڪ جي تيار ٿيل ڊبل روٽي، بوهي مڱ ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ان کاڌي جي لسٽ ۾ آڻي سگهجن ٿيون، تنهنڪري جي ڪم جي گهڻائي آهي ته گهڻي رڌ پچاءَ جي ڪا ضرورت ڪانه آهي، انگور، ڏڌ، ڳڙ ۽ کارڪن سان ئي روٽي کائي سگهجي ٿي، مطلب ته اهي ڳالهيون وڏي اهميت واريون نه آهن جو انهن لاءِ پاڻ کي ٿڪائي اندر جي شانتي وڃائي ڇڏجي. پنهنجي من جو بئلنس يعني وزن هر حالت ۾ قائم رکڻ گهرجي. جنهن ڪم ۾ من اشانت ٿئي، اهو ڪم ٿي سگهي ته ٽاري ڇڏجي. مون کي ته پنهنجي لاءِ اُها اوسٿا من جي پري نظر نٿي اچي جو سڄو ڏينهن انهن خسيس ڪمن ۾ منهنجو گذري ته به شانتي من جي مان نه وڃايان. حقيقت ڪري پهرئين ٻاراڻي ۽ جوانيءَ جي اوسٿا واري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ هي پويان ويهه سال، جن مان پندرهن سال توسان گڏ گذريا آهن، سي زماني جي خسيس يعني ظاهري طور گهٽ اهميت وارن ڪمن ۾ گذريا اٿم. مگر انهن کي گهٽ سمجهي پاڻ کي خفي ڪرڻ ۽ من جي شانتي وڃائڻ سا هڪ مورکائيءَ واري ۽ آتما لاءِ هڪ هاڃيڪار ريت ثابت ٿئي ها. اُن ما بلڊپريشر ۽ ٻين ڪيترين بيمارين جي وڌڻ جو ڪارڻ پيدا ٿئي ٿو، جن کان هن وقت تائين بچاءُ ٿيو آهي. خفي ٿي يا نا اميد ٿي تن ۽ من جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ يا پنهنجي حياتيءَ ڪوڙي ڪري ڇڏڻ جي بدران ڇو نه انهن ننڍڙن ڪمن ۾ خود پنهنجي حياتيءَ جو مطلب ڳوليندو رهجي ۽ اُهي ڪم ايمانداريءَ سان پورا ڪري وڃي پار پئجي؟ پاڻ وڃي پرڀوءَ کي ارپن ڪجي ۽ چئجي ته هي سائين، تنهنجي آهي هيءَ سڄي ليلا ۽ تنهن جا ئي آهن سڀ ننڍا ۽ وڏا ڪم ڪاريون! تون پاڻ آهين ڪرتا ڀرتا انهن جو؛ اسين شڪر گذار آهيون اُن لاءِ جو تو پنهنجي مهر وچان، اسان جي فائدي لاءِ جيڪو ڀاڳ سٺو سمجهيو سو اسان کي سونپيو آهي! پوءِ انهيءَ شرڌا سان اُهي گهٽ اهميت وارا ڪم پڻ وڏن ڪمن جيترو فائدو  رسائيندا؛ وڏن ۾ وڏن ڪمن جيترو ميٺاج ۽ سمپورنتا ۽ ستنترتا اسان جي زندگيءَ ۾ پيدا ڪندا جن جي حاصل ڪرڻ ۾ ئي آخر سڦل زندگيءَ جو راز رکيل آهي ۽ جن جي وسيلي ئي اسان جي زندگيءَ جي سچي تورتڪ ٿي سگهي ٿي.“

***

 

 20-10-1953ع  ڪيترا سال اڳ سام جڏهين سنڌيا جي وقت پنهنجي ڌيان مان اٿندو هو، تڏهن مان کائنس روز پڇندي هيس ته خيال ۾ ڇا ڏٺو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ گهڻو ڪري نه هوئي ڪجهه ٻڌائي نه مان ئي کانئس پڇندي آهيان. طيب ڇڏڻ کانپوءِ اسان ٻنهي کان اها عادت گويا وسري ويئي آهي. ان وچ ۾ اتفاقاً جڏهين سام کان مٿيون سوال پڇيو اٿم ته هو هن نموني ڪجهه چوندو آهي: ”پريم جا نوان نوان روپ آهن؛ ساڳي ڳالهه يا ساڳئي طريقي کي  چنبڙي پوڻ ضروري نه آهي!

اهڙيءَ طرح سندس سنڌيا جي وقت کان پوءِ رسالي، سکمني يا ٻئي  ڪنهن پستڪ جي پڙهڻ جي عادت پڻ ڇڏي ڏني اٿم. زندگي ڏينهون ڏينهن نوان روپ وڃي ٿي اختيار ڪندي. پر انهن جي وچان ڏسان ٿي ته اسان جون آشائون يا آدرش گهڻو ڪري ساڳيائي آهن، پاڻ اڳي کان وڌيڪ چٽا ۽ رنگدار نظر اچن ٿا. جيتوڻيڪ طيب جي ڀيٽ ۾ هت مان گهڻو مشغول رهان ٿي، تڏهين به اُهي مشغوليون ڄڻڪ ٻاهريون سمجهان ٿي؛ اندر ۾ انهن جي ڪري ڪو ڦيرو ڪونه پيدا ٿيو آهي. ڪالهه سنڌيا وقت وري چاهه ٿيم ته سام کان پڇان، ته ڪو درشيه ڏٺو؟ سندس خيالي درشين جو ڪتاب جدا، مختصر نموني لکيل، اسان وٽ آهي، جنهن ۾ اهڙا درشيه گهڻا درج ٿيل آهن. مگر مون کي خيال  ٿيو ته نئون ڪجهه ٻڌان.

سام جواب ڏنو: ”گهڻو ڪري هينئر مان ڪي درشيه يا روپن ۾ نه ڏسندو آهيان اهي شايد اڳي تنهنجي چاهنا جي ڪري وڌيڪ خيال ۾ ايندا هئا. تاهم اڄ هڪ ننڍڙو درشيه ڏٺم جو توکي پوءِ ٻڌائيندس.“

پوءِ ٻڌائڻ جو سبب شايد اهو هيو جو ميڊيٽيشن کان پوءِ يڪدم خيال جي کٽ کوٽ اڻ وڻندڙ ٿيندي آهي. سام اُن بنسبت هينئن چيو: ”ٿوري ڪوشش کان سواءِ، جيڪي ڏسبو آهي، سو ياد نه رهندو آهي. جيئن خواب ڪوشش ڪري ياد ڪبو آهي ته من تي تري ايندو آهي. پر جي ڇڏي ڏبو اٿس ته من جي پوري جاڳ کان پوءِ وري مشڪل هٿ ايندو آهي، تيئن هي درشيه به سمجهڻ گهرجن؛ هي من ساڳيوئي آهي؛ منجهس ڪي جدا جدا طبق ڪونه آهن، مگر سندس اوسٿائن جون هي نشانيون آهن، جو هڪ کي جاڳ ٻئي کي ننڊ، يا هڪ کي سچيتائي واري ۽ ٻيءَ کي من جي اچيت اوسٿا ڪري سڏجي ٿو. ننڊ واري حالت چئجي يا پورڻ شانتي ۽ ويساري جي اُها حالت چئجي، ان کانپوءِ جيئن جاڳ ۾ اچڻ تي ماڻهو پاڻ کي ٿورو اشانت پيو ڀائيندو آهي، تيئن واد وواد ۾ اچڻ يڪدم ذرا اڻ وڻندڙ لڳندو آهي؛ ڇا لاءِ جو انهيءَ وقت من پور سجاڳ نه رهندو آهي.“

هينئر اڳي وانگر هر روز درشن اهڙا نه ڏسڻ بنسبت سام وڌيڪ سمجهايو: ”روپ خيال جو سهارو يا سمجهو ڏاڪڻ آهي. اُن ڏاڪڻ جي خيال کي ڪڏهين ڪڏهين گهرج ٿيندي آهي، خاص ڪري جڏهين من وشين جي سنگ ۾ گهڻو رهندو آهي ۽ جڏهين سنسار جي اُميدن يا انتظارين جو منجهس واسو هوندوآهي. طيب ۾ زمينداري وقت واري حياتي اهڙي هوندي هئي جو ڪمن جي ڪشمڪشا ۽ ڌيان جي وقت ۾ رات ۽ ڏينهن جو تفاوت محسوس ڪبو هو. روزاني ڪشمڪشا کان پوءِ خيال هڪ قسم جي آزاديءَ ۾ اچي ڦولاربو هو. ايڪانت ۾، خاص ڪري سنڌيا وقت، پنهنجا گل ڦل باغ بهاريون اندر ۾ ٺاهيندو هو. انهن جي سهاري جي پڻ کيس يڪ ٽڪ ٿيڻ لاءِ ضرورت هئي. مگر جڏهين انسان گهڻو وقت پنهنجي خيال موافق چونڊيل مشغولين ۾ رهي ٿو، تڏهن هن جي خيال کي هن وجود مان نڪري لاوجود ٿيڻ ۾ دير ڪانه ٿي پوي. اکين ٻوٽڻ سان خيال هڪدم اُڏامي وڃي ٿو پنهنجي آکيري ۾ ويهي. سندس رفتار تير وانگر تيز ٿئي ٿي. اُهو وچون رستو هڪدم لتاڙي وڃي ٿو سڌي واٽ وٺي!

”اڄ ميروخان تعلقه جا ڪي ٻروچ هڪ پراڻو معملو طيءِ ڪرڻ لاءِ آيا ۽ سج لٿي تائين ويٺا هئا. سندن پڪايون ۽ بي واجبي گهل جون ڳالهيون خيال لاءِ کپت جو باعث هيون، يعني خيال کي يڪوجوديءَ ۾ اچڻ کان ڪجهه قدر روڪي رهيون هيون. تنهنڪري ئي شايد مون اڄ هي ننڍڙو درشيه ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏٺو، جيڪو توکي هينئر ٻڌايان ٿو: ڏٺم ته مان هڪ ننڍڙي ٻار جي صورت ۾ ڪو مٺو ڦل لٽڪندڙ ڏسي پٽي رهيو آهيان، مگر مون کي انهيءَ کان ڪو ڇڪي، ڇني، پري پري ڪري رهيو آهي؛ دل گهري پيئي ته مان انهيءَ مٺي ميوي کائڻ ۾ لڳي وڃان ۽ ٻيو ڪجهه نه ڏسان، نه ٻڌان؛ مگر وچ وچ ۾ يادگيرو هنن ٻروچن جي گفتگوءَ جو ڄڻڪ پلاند کان وٺي مون کي اُن ميوي کان پري ڇڪي رهيو هو! پوءِ ڪرشن جي صورت ياد آئي؛ اُن کي ڄڻڪ مدد لاءِ سنڀاريم ٿي. جلد ڏٺم ته هو هڪ چوڪيدار بڻجي پنهنجو شيام رنگي ويس ڌاري منهنجي چوڌاري پهرو ڏيئي، هنن خفي ڪندڙ خيالن کي، جن ۾ اُهي ٻروچ به هئا، مون کان پري پري پيو هڪاليندو وڃي؛ مان اُن وڌندڙ ميدان جي وچ ۾ اُن شيام روپي نيلي وڻ جي ٽاريءَ ۾ لٽڪيو پيو آهيان، جنهن جا ميوا به شيام رنگي ٿيندا ويا! ڪاري انگور وانگر پيا نظر اچن، انهن جي کائڻ ۾ محو ٿي ويس! فقط ڪڏهين ڪڏهين هيٺ ڏسان پيو ته اُهي وشيه ۽ اُهي ماڻهو ڪرشن چوڪيدار مون کان گهڻو پري پري تڙيندو پيو وڃي. جيئڻ وڻ ڏي نظر ڪيم تيئن، ڏٺم ته ڪنئين ننڍڙا ننڍڙا ڪرشن ٻالڪ مون وانگر انهيءَ وڻ مان ميوا کائي رهيا آهن! ميون تي وري نظر ڪيم ته ڏٺم انهن ۾ پڻ، يعني انهيءَ انگور جي داڻي داڻي ۾، وڌيڪ ۽ وڌيڪ چٽيريون شڪليون شيام جون ڏٺم؛ تنهن کان پوءِ، جڏهن ڪا جاءِ شيام کان سواءِ باقي نه آئي، تڏهين خيال يڪوجوديءَ ۾ گم ٿي ويو.من وڃي آنند ڀون ۾ سمايو؛ خيال سڀ غائب ٿي ويا.[1] 

***

 


[1]  هن تصور کي توڙي ٻين کي اندروني معنيٰ آهي. اتم پد کي پهچڻ جي هيءُ هڪ طريقو ڏيکاريو ٿو ته ڪيئن من تصور دواران (جو هت ڪرشن جي صورت جو آهي پر ٻيو به ڪو ٿي سگهي ٿو) پنهنجي واسطن ۽ اڇائي يا انتظارين جي بُهري مان رفته رفته نڪري وڃي آنند جي چوٽيءَ کي رسي ٿو ۽ باقي اُن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو ڏسي؛ هم اوست  جي خيال ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. هي هڪ خود بخود طريقو خيال جي واڌاري جو اظهار ڪري ٿو جو هٿرادو ڌيان کان وڌيڪ ڪارائتو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org