حوالا
1. جوڻيجو،
عبدالجبار. ڪنز اللطيف، ابراهيم پريس حيدرآباد،
1961ع – ص ص 10 کان 37.
2. خليل،
محمد ابراهيم (ڊاڪٽر). ادب ۽ تنقيد (ٻيو وڌايل
ڇاپو) زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1975ع ص ص 237 کان
312.
3. دائود
پوٽو، عمر بن محمد (ڊاڪٽر). مضمون ۽ مقالا، شاهه
لطيف ثقافتي مرڪز حيدرآباد ڀٽ شاهه، 1978ع شاهه
صاحب تي لکيل مقالا ص 97 کان 240 تائين آهن. اُهي
هي آهن:
1. شيخ
عبداللطيف جو احوال (سائودي)
2. شاهه
ڀٽائي ۽ مخدوم احمدي کهڙائي
3. شاهه
لطيف جي تصوير
4. شاهه
جي عظمت جا اسباب
5. شاهه
جو صوفيانو شعر
6. شاهه
لطيف ۽ رومي
7. جبر
۽ اختيار يا تقدير ۽ تدبير جو مسئلو
8. ڀٽائيءَ
جي ڪلام ۾ وحدت الوجود جو مسئلو
9. شاهه
جي نظر ۾ انسان جو تصور
10. شاهه
جو سُر سارنگ
11. شاعر
۽ سگهڙ
12. ڀٽ
تي ڀيرو: گنج جو مطالعو
13. رسالي
جا قديم قلمي نسخا
14. شاهه
جي رسالي جا ٽي آڳاٽا قلمسي نسخا
15. شاهه
جي رسالي ۾ تحريفون
16. شاهه
جا گم ٿيل بيت
17. شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جي امانت
18. تمر
فقير جو احوال ۽ ڪلام.
4. مضمون
۽ مقالا، - مقالو: ڀٽ تي ڀيرو ص 178 کان 189.
5. ايضاً
– مقالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي امانت، ص
218.
6. ايضاً
– مقالو: شاعر ۽ سگهڙ – ص ص 171 – 172 ۽ 173.
7. ايضاً
– ص 172.
8. ايضاً
– ص 173.
9. ايضاً
– ص 174.
10. ايضاً
– ص 174.
11. ڪنزاللطيف
– ص 10 کان 37.
12. مضمون
۽ مقالا – ص 201.
13. ٽئي
مقالا پهرين ”نئين زندگي“ ۽ پوءِ ڪتاب ”مضمون ۽
مقالا“ ۾ ڇپيا.
14. مقالو:
’شاهه جي عظمت جا اسباب‘ ڪتاب مضمون ۽ مقالا ص
120.
15. ايضاً
– ص 121.
16. ايضاً
– ص 121.
17. ايضاً
– ص 121.
18. ايضاً
– ص 122.
19. مضمون
۽ مقالا، مقالو: جبر ۽ اختيار ص 138.
20. ايضاً
– ص ص 138 – 139.
21. ايضاً
– ص 140
22. ايضاً
– ص 142
23. مضمون
۽ مقالا – مقالو: ’ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ وحدت الوجود
جو مسئلو‘ – ص 148.
24. ايضاً
– ص 148.
25. ايضاً
– ص 151.
26. ايضاً
– ص 152.
27. گيلاني،
عارف شاهه (ڊاڪٽر) "The
Sage of Sind" 1963
ص 13.
ٽي محقق
(ٽرمپ، سورلي ۽ پٿاوالا)
سنڌي ادب، تاريخ، جاگرافي ۽ اقتصاديات سان ڪيترا
سنڌي ۽ غير ملڪي اسڪالر لاڳاپيل آهن، جن مان ٽرمپ،
سورلي ۽ پٿاوالا جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي جرمني،
برطانيه ۽ هند جا هئا.
(الف) ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ
جن غير ملڪي عالمن، سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت،
لسانيات ۽ ٻين موضوعن تي تفصيل سان عالمانه
تحريرون ڇڏيون، اُنهن ۾ جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اَرنيسٽ
ٽرمپ (Dr.
Ernest Trumpp)
جو نالو نشانبر ۽ اهم آهي. سندس ترتيب ڏنل ”شاهه
جو رسالو“ ۽ ”سنڌي گرامر“ هن سلسلي ۾ تمام معياري
ڪتاب آهن. کيس زبانن سکڻ ۽ اُنهن ۾ لکڻ تي ملڪو
حاصل هو. کيس مادري زبان جرمن کان سواءِ يوناني،
لئٽن، عربي، عبراني، فرينچ ۽ انگريزيءَ تي به عبور
حاصل هو.
ٽرمپ 31 – مارچ 1828ع تي جارج ٽرمپ جي گهر ۾
السفيلڊ، اُتر ورٽمبرگ (جرمني) ۾ پيدا ٿيو. هي هڪ
سرسبز زرعي علائقو آهي ۽ اُن ۾ ميوات جي فراواني
آهي(1). ٽرمپ هڪ سادي سودي ڪٽنب جو ڀاتي هو. هن کي
ننڍپڻ ۾ ئي ٻولين سکڻ جو شوق جاڳيو. اوهو هيئن
ٿيو، جو سندس ڳوٺ ۾ ڪي جپسي (Gypsy)
آيا ارنيسٽ ٽرمپ کي اُنهن جي ٻوليءَ ۾ دلچسپي پيدا
ٿي(2). ابتدائي تعليم کان هن ۾ مذهبي علم جي ڄاڻ
حاصل ڪرڻ جو شوق به وڌيو. عبراني، عربي ۽ سنسڪرت
سکڻ جي به ڪوشش ڪيائين(3). ٽرمپ جي تعليم ۾ سياسي
اُٿل پُٿل ۽ تحريڪن سبب رخنو پيو. هن اڪثر ٻين
شاگردن وانگر 1848ع واري لبرل تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽
جنگين توڙي 1830ع ۾ فرانس واري انقلاب بعد گهڻن
دانشورن جرمنيءَ کي هڪ نئون روپ ٿي ڏيڻ گهريو،
جيڪا ننڍين رياستن ۾ ورهايل هئي(4).
ٽرمپ هندوستان 1853ع يا 1854ع ۾ آيو. بمبئي پهتو ۽
پوءِ ڪراچي آيو. هِت هو ڪجهه مهينا رهيو. هن
تيزيءَ سان سنڌي سکي ۽ سنڌيءَ سان گڏ هڪ منشيءَ جي
مدد سان فارسي به سکيو(5). ٽرمپ گهڻو مقبول ٿيو ۽
ائنگليڪن چرچ (Aglican
Church)
جو پادري (Bishop)
ٿيو. ٽرمپ کي ڪراچيءَ جي آبهوا ڀانءِ نه پئي ۽ هو
بيمار ٿي پيو. کيس هوا بدلائڻ ۽ علاج لاءِ فلسطين
نيو ويو. اُتي سئٽزرلئنڊ جي هڪ خاتون پالين لنڊر (Pauline
Linder)
سان سندس واقفيت ٿي. 1856ع ۾ 2 – آڪٽوبر تي سندس
شادي ٿي. ڪراچيءَ موٽيا ۽ 12 – سيپٽمبر 1857ع تي
کين پُٽ ڄائو. ٽرمپ جي زال کي به ڪراچيءَ جي موسم
بيمار ڪري وڌو ۽ ٻار کي جنم ڏيڻ جي ٽئين ڏينهن
گذاري ويئي(6). هو ٻار سوڌو سئٽزرلئنڊ کان ٿيندو
جرمنيءَ ويو ۽ 1858ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. جرمنيءَ ۾
ٿورو ئي وقت رهيو ۽ 15 – نومبر 1858ع تي واپس زال
سميت ڪراچيءَ روانو ٿيو. هاڻي ڊاڪٽر ٽرمپ جي منزل
پشاور هئي. هي سفر موجود سهوليتن موجب هيئن طيءِ
ٿيو، جو 23 – ڏينهن سنڌونديءَ ۾ ٻيڙيءَ تي سفر ڪيو
ويو. ٽي ڏينهن پاڏي سان ڇڪجندڙ گاڏيءَ تي لاهور
تائين سفر ڪيو ويو ۽ اُن کان پوءِ وارو سفر نهايت
ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هو. اُهو ڏوليءَ (Palanquines)
ذريعي طئي ٿيو، جنهن لاءِ 22 ماڻهن جو عملو هو، جن
کيس زال سوڌو پشاور پهچايو(7). ٿڪائيندڙ سفر جي ٿڪ
لاهڻ کان پوءِ ٽرمپ جلدي پشتو ٻولي سکڻ شروع ڪئي.
ٽن هفتن ۾ هن پشتو ۾ تبليع به شروع ڪري ڇڏي. اُن
سان گڏ ڪافرستان جي ٻولي سکڻ جو به جتن ڪيائين(8).
اُن کان سواءِ ٽرمپ براهوئي ۽ داردي (Dardic)
ٻوليون به سکيون. ڏيڍ سال کان پوءِ بيمار ٿي پيو ۽
پشاور ڇڏيائين. 1860ع کان 1863ع تائين سٽٽگارٽ (Stuttgart)
جرمنيءَ ۾ رهيو ۽ پنهنجي مطالعي کي يڪجا ڪندي
ڪيترا علمي مقالا لکيائين. کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون
پيدا ٿيون. هو نهايت خوش زندگي گذاري رهيو هو.
انگريزي سک مذهب کي سياسي طور اهم ڄاتو ۽ کيس
1870ع ۾ سکن جي پاڪ ڪتاب ”آدي گرنٿ“ جي ترجمي ڪرڻ
لاءِ چيو ويو، جيڪو هن 1872ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ 1877ع ۾
ڇپيو(9).
ٽرمپ ٽوبنجن (Tuebingin)
يونيورسٽيءَ ۾ 1873ع ۾ مختصر عرصي لاءِ سامي ٻولين
جي ريڊر (اُستاد) رهڻ کان پوءِ ساڳئي سال ميونخ
يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر ٿيو، جتي هن
عربيءَ سان لاڳاپيل موضوعن تي ڪيترائي مقالا لکي
شايع ڪرايا. ڊاڪٽر شمل، ٽرمپ جي خطن جي حوالي سان
لکيو آهي ته هو ميونخ ۾ خوش رهيو. گهڻي محنت سبب
سندس اکين تي اثر پيو. لکي پرهي نه سگهڻ جو صدمو
هن جي دل کي به رسيو. ٽرمپ آچر ڏينهن 5 اپريل
1885ع تي وفات ڪيائي(10).
ٽرمپ گهڻي حوصلي ۽ شوق سان ٻي تحقيقات سان گڏ سنڌي
ٻولي ۽ شاهه جي رسالي تي بنيادي نوعيت جو ڪم ڪيو.
سندس مقالن سان گڏ هيٺيان ٽي ڪتاب اُن ڳالهه جو
ثبوت آهن:
1. Sindhi
Reading Book (London 1858)
2. Shah
Jo Risalo (Leipzig 1866)
3. Grammar
of Sindhi Language, Compared with the Sanskrit,
Prakrit, and Cognate Indian Vernaculars (1872).
هنن ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ ڊاڪٽر ٽرمپ انهن ئي
موضوعن تي تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي مختلف تحقيقي
رسالن ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر شمل جي لکڻ موجب، نوجوان
ٽرمپ جيڪو جديد هندوستاني ٻولين تي تحقيقي ڪم ڪيو،
سو سنڌي ٻوليءَ بابت هو ۽ اُهو هو ’سنڌي ريڊنگ
بُڪ‘ (Sindhi
Reading Book).
هي ڪتاب ديوناگري ۽ عربي اکرن تي آڌاريل هو(11).
هن ڪتاب ۾ تبليغي مواد به ڏنو ويو هو، ڇو جو ٽرمپ
عيسائي چرچ جو مشنري (مبلغ) هو. ٻئي ڏنل مواد ۾
اهم سُر سورٺ جي ڪهاڻي آهي. ٻيون به دلچسپ ڪهاڻيون
اُن مخطوطي ۾ هيون جن تان ٽرمپ مواد کنيو.
سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ خوبين توڙي اُن جي ادب جي
رنگارنگيءَ ٽرمپ تي چڱو اثر وهاريو. ان ڪري هن
سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو ۽ تفصيل سان سنڌي
ٻوليءَ جي اصليت ۽ بڻ بنياد کان وٺي اُن جي صرفي ۽
نحوي خوبين تي تفصيل سان لکيو. هن هڪ دلچسپ ڳالهه
به ڪئي آهي، جنهن موجب ڪي شڪاري ۽ ڀنگي هن جي پاڙي
۾ رهيا پئي، جن جي ٻولي به سنڌي هئي. ٽرمپ اُنهن
جي ٻوليءَ ۽ ريتن رسمن جو گهرو اڀياس ڪيو. شمل جي
چوڻ موجب ٽرمپ اُنهن ۾ عيسائي مذهب جي تبليغ ڪرڻ
گهري هوندي. هن اُنهن کي جپسين (Gypsies)
سان لاڳاپيل ڄاتو(12).
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي ڊاڪٽر شمل پنهنجي مقالي ۾
۽ ڊاڪٽر هدايت پريم پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيلي تبصرا
ڪيا آهن. سنڌي پڙهڻ وارن لاءِ ٽرمپ جو ايڊٽ ڪيل
”شاهه جو رسالو“ هڪ اهم ڪم آهي. هن لحاظ کان به ته
هي شاهه جي رسالي جو پهريون ڇاپو آهي، جيڪو ٽرمپ
1866ع ۾ جرمنيءَ مان ڇپائي شايع ڪيو. رسالي جي
ٽائيٽل تي لکيل آهي: ”لپسيا شهر ۾ ڇاپيو آهي“ ۽
انگريزي ۾ 1866 Leipzig,
F.A. Brochhous لکيل
آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي هن سلسلي ۾ لکي ٿو: ”ڊاڪٽر
ٽرمپ پهريون شخص هو، جنهن شاهه جي رسالي کي اوندهه
مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو“(13). رسالي جي تياريءَ
لاءِ ٽرمپ کي ٻه پراڻا قديم قلمي نسخا هٿ آيا، جن
کي هن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڄاڻوءَ جي مدد سان ڀيٽيو.
هن ڇاپي ۾ ڪي غلطيون به آهن. گربخشاڻيءَ جي بقول
صورتخطي خود بناوتي آهي. اُها اردوءَ – گاڏڙ به
آهي. موجوده صورتخطي، جيڪا 1854ع ۾ تيار ٿي چڪي
هئي، پر رسالي جي هن ايڊيشن ۾ اُها ڪم نه آندي
ويئي. سرڪاري امداد ۾ اَڻپوري هئي، ان ڪري هن
رسالي ۾ ڇويهه سُر آندا ويا. سر مارئيءَ سميت باقي
سر رهجي ويا.
ٽرمپ وارو رسالو، سنڌ ثقافت کاتي وري ڇپايو آهي،
تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ ان ڪري آساني آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ
اُنهن ٽن جرمن دانشورن ۾ پهريون آهي، جيڪي سنڌي
ٻوليءَ ۽ ادب تي تحقيق سبب نشانبر آهن. ٻيون ٻه
خواتين آهن: اُنهن ۾ هڪ علامه آءِ. آءِ. قاضي جي
جيون ساٿي محترمه ايلسا قاضي آهي ۽ ٻي جڳ مشهور
مستشرق پروفيسر ڊاڪٽر انيمري شمل آهي، جيڪا هاڻي
گذاري ويئي آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ بابت گهڻو ڪجهه
لکي چڪي آهي ۽ وقت بوقت سنڌ ۾ ايندي رهي(16).
(ب) ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي
(ڄم: 12 – اپريل 1892ع – وفات: 1968ع)
ڊاڪٽر ايڇ. ٽي سورلي (Herbert
Tower Sorley)
سنڌ لاءِ ٻه وڏا ڪم ڪيا آهن: هڪ شاهه ڀٽائيءَ تي
پي. ايڇ. ڊي ٿيسز لکيائين، ٻيو سنڌ گزيٽيئر (Sindh
Gazetteer)
مرتب ڪيائين. سورلي انگريز سرڪار جو سول سرونٽ هو.
هو حيدرآباد، نوابشاهه، ٿرپارڪر، سکر ۽ جيڪب آباد
جو ڪليڪٽر ٿي رهيو. هن سنڌ لاءِ جيڪي هي ٻه ادبي ۽
تحقيقي ڪم ڪيا، اُنهن مان سندس ادبي ذوق ۽ تحقيقي
جذبي جو اظهار ٿئي ٿو.
سورلي جي ننڍپڻ، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بابت ڪي
تفصيلي انگ اکر ملي نه سگهيا آهن. هو سنڌ ۾ ملازمت
دؤران سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب ۾
گهڻي دلچسپي وٺندو رهيو. پوءِ شاهه لطيف جي
شاعريءَ ۾ سندس دلچسپي وڌي. هو هڪ سنجيدو ۽ مطالعو
ڪندڙ شخص هو. سرڪاري نوڪريءَ جي ڪري هن جو سنڌ جي
ماڻهن سان سڌو رابطو رهيو ۽ هو اُنهن جي مسئلن،
ڏکن، سورن ۽ وندر ورونهن کان واقف ٿيو. سندس ڪتاب
”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ جو انتساب اون ڳالهه جو
ثبوت آهي:
O friendly folk, with whom I have lived
and felt the beat of violent sun
How Indus waters errant run.
And heared sharp argument and Seen
No cronicle of kings and wars
Your jowly hamlet bard unfolds.
The wonder of his melodies
Enthralled a rustic people holds.
ماڻهن سان گڏ رهڻ ۽ اُنهن سان زندگيءَ جي سرد گرم
۾ شامل رهڻ هڪ اهم معاملو آهي. اُن کي سورلي ’سج
جي تپش کي محسوس ڪرڻ‘ سڏي ٿو. هن پوريءَ ريت شاهه
جي رسالي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رسالي جي سورمين
جي جذبن کي سمجهيائين. مارئيءَ جي حال جو نقشو،
جيڪو شاهه صاحب ڪڍيو، اُن کي قريب ترين تاثر ۽
لفظن ۾ سورلي ترجمو ڪيو. هڪ سٽ جو مثال هي آهي:
منڊا ڌوءِ نه مارئي، نه کلي نه کائي.
Marui doth not wash her hair
Marui doth not smile or eat.
PROFILE OF DR: SORLEY
Sorley, Herbert Tower, C.S.I. 1946; C.I.E. 1939;
M.A., D.litt; F.R.S.A. 1950; I.C.S. (retd);
Member Central Board of Revenue, Pakistan
Government, Karachi until 1952; b.12 April 1892;
e.s. of late J.T.sorley, M.A., Ardgay
Milltimber, Aberdeenshire; m. 1920, Marjorie
Davidson, o.d. of late George Niven, Physician,
West Didsbury, Manchester; two d. Educ. Aberdeen
Grammar School; Aberdeen Univ; Christ Church,
Oxford. Entered I.C.S. in 1914; India, 1915,
Bombay Presidency; served in various capacities
in revenue and magisterial appointments; Member
Legislative Assembly of the Governor General
1930-32 (Central Government); President
Anthropological Society of Bombay, 1938-39,
Chief Sec. to Govt. of Bombay Political and
Services Dept., 1946. Publications: The Census
Volumes relating to Bombay Presidency and Sind,
1931 (with A.H. Dracup), 1932; The Marine
Fisheries of the Bombay Presidency 1933; Shah
Abdul Latif of Bhit, 1940; Light verse for
private circulation 1945; Musa Pervagans:
translations of lyric poetry, 1953; Exile:
studies of: Ovid, Prince Charles Edward, and
Victor Hugo, 1964, Editor-compiler of Sind
Gazetteer (for W. Pakistan Govt.) 1956.
Recreations: literature, art. Address: 3
Taormina Avenue, Malrborough, Salisbury.
Rhodesia [Died 7 Aug, 1968]
Ref:
"Who was Who" 1961-1970
Printed in Great Britain
Curtesy:
Mr.
Nasif Ali Sheeraz: (U.S.A).
جذبن جي ترجماني ئي ادب جي تخليق جو سبب بنجي ٿي.
ڊاڪٽر سورلي شاهه صاحب جي معاملي ۾ جذبن جو ترجمو
ڪيو، اهو هڪ نازڪ ڪم آهي.
سورلي جو سنڌ لاءِ اهم ادبي ڪارنامو سندس شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ تي لکيل ٿيسز آهي. هيءَ شاهه
صاحب تي پهرين ٿيسز به آهي. کيس هن ٿيسز تي
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ملي
۽ 1940ع ۾ هن ٿيسز جو پهريون ڇاپو نڪتو. ٻيو ڇاپو
1966ع ۾ ساڳي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس شايع ڪيو(1).
سورلي هي ڪم ڪيئن هٿ ۾ کنيو، اُن جي پٺيان هڪ
ڪهاڻي / واقعو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي اُن جو تفصيل
ڄيٺمل پرسرام جي ڪتاب ”شاهه جون آکاڻيون“ جي 1990ع
واري ايڊيشن جي پيش لفظ ۾ ڏنو آهي: ”ويساکيءَ جي
شُڀ ڏينهن تي امرتسر ۾ جليانوالا باغ ۾ سوين بي
گناهه ڀارت واسين جو قتل عام ڪيو ويو. اُنهيءَ تان
سڄي ديش ۾ جوش جي لهر ڦهلجي ويئي. ڄيٺمل
”هندواسيءَ“ ۾ برطانيه سرڪار جي ظلمن ۽ اُره
زوراين تي زوردار لفظن ۾ ڇوهه ڇنڊيا ۽ شاهه لطيف
جي ڪلام مان هڪ بيت جي تُڪ کي پنهنجي سمپادڪي
ويچارن جو سِرو بڻايائين. اُها هيٺ ڏنل بيت جي
آخري سِٽ هئي:
اڳيان اَڏين وٽ، پوين سِرَ سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ،
مٿا مُهايِن جا، پيا نه ڏسين پَٽ،
ڪلالڪي هَٽ، ڪُسڻ جو ڪُوپ وهي.
(ڪلياڻ، داستان ٻيو)
بس، اهو ليک پڙهندي ئي ممڻ مچي ويو. 16- مئي 1919ع
تي ڄيٺمل کي اِنهيءَ سمپادڪي ليک لکڻ ڪري گرفتار
ڪيو ويو. ڄيٺمل تي سورلي نالي هڪ انگريز جج جي
ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. پوليس جيڪي شاهد پيش ڪيا، تن
انهيءَ بيت جي معنيٰ سمجهائيندي چيو ته انهيءَ
ذريعي عوام کي بغاوت ڪرڻ ۽ قتل عام ڪرڻ لاءِ سڏ
ڏنو ويو آهي. سورلي ويچارو انهيءَ زماني ۾ سنڌي
ٻولي ايتري نه ڄاڻندو هو، جو انهيءَ بيت جي صحيح
مفهوم کي سمجهي سگهي. شاهدن جي غلط سمجهاڻين تي
ويساهه ڪري، هن ڄيٺمل کي چئن سالن لاءِ قيد جي سزا
ڏني. (پاڻ سال کان پوءِ سياسي ۽ ٻين قيدين سان گڏ
آزاد ٿيو). ڄيٺمل ته قيد جي سزا کان آجو ٿيو، پر
ٻئي طرف سورلي صاحب کي شاهه لطيف اهڙو ته قيد ۾
ٻڌو، جو هو يا عمر اُن مان آجو ٿي نه سگهيو. ڪيس
هلائيندي هن شاهه لطيف ۽ سندس ڪلام بابت گهڻو ڪجهه
ٻڌو هو، اُنهيءَ ڪري هن جي جڳياسي من ۾ سڀاويڪ
اِها اُڻ تُڻ پيدا ٿي ته اهڙي اعليٰ شاعر جي ڪلام
جو ڳوڙهو اڀياس ڪجي، جنهن جي فقط هڪ بيت جي جدا
جدا ماڻهو الڳ الڳ معنيٰ ٿا ڪن(2).
اِهو هو بنيادي سبب سورلي جو لطيف ۽ سندس رسالي ۾
دلچسپي وٺڻ جو. اُن دلچسپيءَ بلڪ عشق هن کان ٿيسز
۽ هڪ ٻيو ڪتاب ”موسا پراوگانس“ (Musa Pervagans)
لکرايو. ٻئي ڪتاب ۾ به شاهه کي دنيا جو وڏو شاعر
ڪري تسليم ڪيائين. مون ڊاڪٽر سورلي تي پهريائين
1961ع ۾ پنهنجي ڪتاب ڪنزاللطيف ۾ لکيو(3). هن ڪتاب
۾ مون ڊاڪٽر سورلي جي ٿيسز: ”شاهه عبداللطيف آف
ڀٽ“ تي ڊاڪٽر خليل ۽ ٻين جي ڪيل تنقيد جو دفاع ڪيو
آهي. مون پنهنجي هڪ مقالي (ڪينجهر مخزن ۾) ۾ به،
ٻين پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۽ سورلي جي ٿيسز جو جائزو
ورتو آهي(4). اُن مان ڪي اهم ڳالهيون ۽ انگ اکر
هتي آڻيان ٿو:
هن ٿيسز جو مڪمل عنوان هن ريت آهي:
Shah Abdul Latif of Bhit: His poetry life
and times, A Study of Literary- Social and
Economic Conditions in 18th Century
Sindh.
هيءَ ٿيسز ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌ
جي تاريخ، ڪلهوڙن جي دؤر جو جائزو ۽ شاهه صاحب جي
سوانح عمري ڏني ويئي آهي. هو سنڌ جي تاريخ جو
سلسلو مغلن جي زوال کان شروع ڪري ٿو. ان باري ۾
ڪلهوڙن جي دؤر جي حالتن، واپار ۽ سَٽي، ماڻهن جي
معيار زندگي ۽ سنڌ جي اقتصادي ۽ سماجي حالتن جو
ذڪر ڪري ٿو. تاريخ جي مواد جي فراهميءَ بابت به
مدلل بحث ڪري ٿو.
ڊاڪٽر سورلي سکڻين ڏندڪٿائن کان بنهه پاسو ڪيو
آهي. تاريخ جي ماخذن ۾ هن خاص طور ترخان نامه،
تاريخ طاهري، بيگلارنامه ۽ تحفته الڪرام تي گهڻي
ڀاڱي اعتبار ڪيو آهي. فقط ڪن حوالن ۾ تحفة الڪرام
کان مطمئن نظر نٿو اچي، ان ڪري اڪثر ٻيا حوالا وٺي
ٿو. سورلي ’حڪومت ۽ عوام‘ جي عنوان هيٺ سياسي
حالتن جو ڀرپور جائزو پيش ڪيو آهي ۽ اُن سان گڏ
ڪلهوڙن جي دؤر جو معاشي پسمنظر به ڏنو اٿس. نه رڳو
ايتر پر شاهه صاحب جي سوانح حيات به ڏند ڪٿائن کان
آجي ڪري ڏني اٿس(5).
ٻيو حصو تنقيد ۽ ادب جي سِري هيٺ آهي. اُن ۾
هيٺيان باب قائم ڪيل آهن: شاعريءَ جا بنيادي اُصول
۽ تنقيد، صنف (بيت) جي پيدائش، رسالي جا بيت، شاهه
تي عربي، فارسي، هندي ۽ بلوچيءَ جو اثر، لوڪ
داستان ۽ سنڌ ۾ تصوف.
ڊاڪٽر سورلي شاهه صاحب جي تعلي جو بحث به ڇيڙيو
آهي. پراڻين روايتن کان پوءِ گهڻن محققن شاهه صاحب
کي سڌي اڻ سڌي طور پڙهيو تسليم ڪيو آهي. ڊاڪٽر
ارنيسٽ ٽرمپ چوي ٿو ته ”سندس ديوان (رسالي) کي ڏسي
ڪير به کيس اَڻپڙهيل ڪونه سڏي سگهندو.“ (ٽرمپ:
شاهه جي رسالي جو مُنڍ). ليلارام وطڻ مل لعلواڻي
لکي ٿو ته: ”خبر نه آهي ته نورمحمد ڀٽيءَ وٽ اسان
جي شاهه ڪيترو وقت تعليم پرائي؟“ (شاهه لطيف،
حيات، مذهب ۽ شاعري، ڪراچي 1890ع، ص 11). ڊاڪٽر
سورلي جو خيال آهي ته ”ٿورو ڪي گهڻو استاد وٽ
پڙهيو هو. جي اِها روايت صحيح آهي ته شاهه لطيف
قرآن شريف، مثنوي رومي ۽ شاهه ڪريم جو رسالو ساڻ
کڻندو هو، ته سندس پڙهيل هجڻ ۾ ڪو شڪ نه آڻڻ
گهرجي“(6).
سوانح جي هن اهم معاملي تي بحث کان پوءِ، بيت جي
صنف جي هيئت تي مختصر بحث ڪيو اٿس. بيتن جي
موضوعن ۽ غنائيت تي هو پنهنجا رايا ظاهر ڪري ٿو.
پروفيسر برائون (E.
Browne)
جي حوالي سان لکي ٿو ته اڪثر هندوستاني شاعرن جن
فارسيءَ ۾ لکيو، تن فارسيءَ جي شاعرن ۾ سنائي،
عطار، محمود شبستري، جامي ۽ ٻين جي زبان ۾ هيئت جو
نقل ڪيو. شاهه لطيف مختلف حيثيت (Category)
۾ آهي. هي اُهو شاعر آهي، جيڪ پهريون ڀيرو عوام جي
زبان قابليت سان ڪم آڻي ٿو ۽ مذهبي فلسفي جي
ڪامياب اُپٽار ڪري ٿو(7). سورلي غنائيت لاءِ واضح
طور لکي ٿو ته: ”شاهه جو ڪلام غنائي (Lyrical)
آهي. اُن ۾ نغمگي آهي“(8)
وزن جي باري ۾ لکندي، ڊاڪٽر سورلي ڇند جي تفصيلن ۾
نه ويو آهي. اُنهن جو ذڪر مڪمل اُپٽار سان پروفيسر
جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ ۽ ڊاڪٽر موتي لعل
جوتواڻيءَ ڪيو(9). ڊاڪٽر سورلي شاهه جي رسالي ۾
ڌارئين ڪلام جو به ذڪر ڪيو، جنهن تي ڊاڪٽر
گربخشاڻي، پروفيسر محبوب علي چنا، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڪي
قدر راقم الحروف ڪم ڪيو آهي. تصوف جو ذڪر ڪندي،
مشرقي ۽ مغربي صوفي شاعرن جا حوالا به ڏئي ٿو.
ٽئين حصي ۾ رسالي جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو
ڏنو اٿس. هي ڪلام قاضي احمد جي چونڊ موجب آهي.
ڪتاب ۾ ببلوگرافي، گلاسري ۽ انڊيڪس ڏيڻ سان اُن جي
حيثيت مستند بنائي اٿس. انگريزيءَ ۾ شاهه صاحب تي
ڊاڪٽر جوتواڻي، ڊاڪٽر جهانگياڻي ۽ ڊاڪٽر درشهوار
سيد به ٿيسز لکيون آهن. آغا محمد يعقوب، محترمه
ايلسا قاضي، عبدالغفور الستي ۽ مسز خميساڻيءَ
انگريزي ترجما ڪيا آهن، پر سورلي جي ڪتاب جو معيار
هر لحاظ کان اُتانهون آهي. هاڻي هن ڪتاب جو ترجمو
سنڌيءَ ۾ به ٿي چڪو آهي.
1958ع ۾ ڊاڪٽر سورلي جو ڪتاب ”موسا پراوگانس“ (Musa
Pervagans)
لنڊن مان شايع ٿيو. اُن ۾ هن يوناني، اطالوي،
فرينچ، عربي، فارسي، اردو، لاطيني ۽ سنڌي زبان جي
ڪجهه وڏن شاعرن جو احوال ۽ ڪلام ڏنو آهي. سنڌ مان
شاهه لطيف جو ذڪر ڪيو اٿس. منهنجي نظر مان هن ڪتاب
جي مقدمي جو سنڌي ترجمو گذريو آهي. اُن ۾ سندس
لکيل هيٺيون رايو تمام واضح آهي:
”اِها برابر حقيقت آهي ته شاهه کي پاڪستان جو قومي
شاعر تصور نٿو ڪيو وڃي، پر اهو ڪن سياسي ۽ تاريخي
سببن جي ڪري آهي، جن جو شعر و ادب سان ڪو لاڳاپو
ڪونهي. هن وقت پاڪستان جو قومي شاعر ڊاڪٽر اقبال
کي سمجهيو وڃي ٿو. وقت گذرڻ سان جڏهن سڀ شيون
پنهنجي اصلي جاءِ وٺنديون، تڏهن شاهه ۽ اقبال جو
نسبتي فرق سمجهي سگهبو.
شاهه اُنهن سڀني شاعرن جو سرتاج آهي، جن جو چونڊ
ڪلام آءٌ هن مجموعي ۾ ڏيئي رهيو آهيان. لاشڪ شاهه
دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي(10).
ڊاڪٽر سورلي ڪيترائي مقالا لکيا. سندس جن مقالن جي
داخلا ايم. ايڇ پنهور جي ڪتابSource
Material on Sindh ۾
آهي، اُهي هي آهن:
1. Census
Report of India 1931, (vol: IX, 1932).
2. Marine
Fisheries of Bombay Presidency Bombay 1933(11).
هڪ ضخيم ”سنڌ گزيٽيئر“ به ڊاڪٽر سورلي مرتب ڪيو،
جيڪو مغربي پاڪستان گورنمينٽ 1968ع ۾ شايع ڪيو.
هونئن ته سنڌ ۾ ضلعي گزيٽيئر District
Gazetteersبه
شايع ٿيا آهن، پر مڪمل سنڌ گزيٽيئر 1874ع کان شايع
ٿيڻ شروع ٿيا. پهريون سنڌ گزيٽيئر اي. ڊبليو. هيوز
(A.W.Hughes)
ترتيب ڏنو. هيوز بمبئي روينيو کاتي جو عملدار هو.
هي گزيٽيئر ڪجهه واڌارن سان 1876ع ۾ وري شايع ٿيو.
سنڌ گزيٽيئر جو ٻيو ايڊيشن اِي. ايڇ. ايٽڪن (E.H.Aitken)
1907ع ۾ ترتيب ڏنو. ايٽڪن سالٽ ايڪسائز کاتي بمبئي
جو آفيسر هو. اُنهن ٻن کان پوءِ ٽيون مڪمل گزيٽيئر
ڊاڪٽر سورلي کي مرتب ڪرڻ لاءِ چيو ويو. گذريل ٻن
گزيٽيئرس بابت سورلي پنهنجي تيار ڪيل گزيٽيئر جي
مُنڍ (Preface)
۾ لکي ٿو ته ”هيوز وار ڇاپي ۾ غلطيون به هيون ۽
ڪافي انگ اکر ۽ معلومات غلط هجڻ سان گڏ ترتيب ۾ به
سقم هئا. هيڏانهن ايٽڪن واري ڇاپي ۾ نيچرل هسٽريءَ
جي باري ۾ گهڻو مواد هو، ڇو جو هو اُن موضوع جو
ماهر هو. اِهي ٻئي ڇاپا هاڻي ناياب هئا.(12)
موجوده گزيٽيئر سورلي 27 – آڪٽوبر 1957ع کان ترتيب
ڏيڻ شروع ڪيو ۽ 3 – ڊسمبر 1959ع تي مڪمل ڪيائين.
مون کي اِهو شرف به حاصل رهيو ته اندازاً 58-1957ع
ڌاري ڊاڪٽر سورلي، جناب سرشار عقيليءَ سان گڏ بدين
هن ڪم جي ئي سلسلي ۾ آيو ته ساڻس ملاقات ٿي.
گزيٽيئر مڪمل ڪرڻ وقت سورلي سالسبري روڊيشيا
(هاڻوڪو زمباوي) ۾ هو. مُنڍ (Preface)
جي آخر ۾ نالي سان گڏ سرنامو هي لکيو اٿس:
Shahi Bagh, 10 – A, Montgomery Road Highlands,
Salisbury, Rhodesia.
گزيٽيئر تي ڊاڪٽر سورلي جو نالو هيئن ڇپيل آهي:
Dr. H.T. Sorley, C.S.I., C.I.E., M.A., D. Litt,
F.R. S.A. (I.C.S, Retired)
موجوده گزيٽيئر ۾ ٻين جن محققن جون تحريرون شامل
ڪيل آهن، اُنهن جو ٿورن سان ذڪر ڪيل آهي. موجوده
گزيٽيئر ٻين گزيٽيئرن کان ضخيم آهي. هن جي متن ۾
809 صفحا آهن ۽ 150 صفحن جا ضميما شامل ڪيل آهن،
ڪتاب ۾ مواد کي مڪمل صورت ۾ ڏيڻ جي هرڪا ڪوشش ڪيل
نظر اچي ٿي. ڪيترا فوٽو ۽ چارٽ به ڏنل آهن. تنهن
سان گڏ تفصيلي ببليوگرافي به. گزيٽيئر ۾ ٽي مڪمل
باب (Chapters)
آهن، جن ۾ هيٺين عنوانن هيٺ تفصيلي معلومات مهيا
ڪيل آهي:
1. جاگرافي،
جيالاجي، زولاجي، باٽني، آرڪيالاجي.
2. تاريخ،
آدمشماري، قبيلا، ذاتيون ۽ نسل، ثقافت، دلچسپيءَ
جون جايون.
3. انتظام،
زراعت، آبپاشي، اقتصاديات، لوڪل سيلف گورنمينٽ،
تعليم، پوليس، امن امان، جيل، پبلڪ هيلٿ،
آبادڪاري، ترقيات، سماجي ڀلائي، آئين ۽ انتظام.
هر عنوان هيٺ وري تفصيل سان جائزو پيش ڪيو ويو
آهي. ضميمن ۾ تفصيلي انگ اکر آهن. اُنهن ۾ سنڌ جي
جهنگلي جيوت، ٻوٽن، پکين، ذاتين، قبيلن، زراعت
لاءِ نقصانڪار جيتن، روينيو ۽ آبپاشيءَ جي خرچ سان
گڏ سنڌ جي ڪمشنرن – بمبئي سان الحاق وارو دؤر سنڌ
جي گورنرن ۽ خيرپور رياست جي سابق حڪمرانن جون
فهرستون شامل ڪيل آهن.
گزيٽيئر جي آخر ۾ ڏسڻي (Index)
به ڏنل آهي.
سورلي جي ڪم تي تفصيلي نظر وجهڻ سان هن جي تحقيق
جي بلند معيار جي پروڙ پوي ٿي. هو هڪ مڪمل محقق
آهي ۽ وقتي موضوع نڀائڻ جي ڪوشش هرگز نه ڪئي اٿس.
هو بيشڪ انگريز سرڪار جو ملازم ۽ اُنهي مشنيريءَ
جو ڪل پرزو هو، جن کي سرڪار سان پوريءَ طرح منسلڪ
هجڻ ڄاڻڻ کپي.
(ج) ماڻڪ پٿاوالا
ماڻڪ بيجن جي پٿاوالا (Maneck
B. Pighawala)
اُنهن ٿورن اسڪالرن ۾ دانشورن مان آهي، جن سنڌ جي
جاگرافي، جيالاجي ۽ اُن سان لاڳاپيل موضوعن تي قدر
لائق ڪم ڪيو. پٿاوالا جو تعلق پارسي خاندان سان
هو. هو نومبر 1886ع ۾ ناوساري ڳوٺ (پونو ڀارت) ۾
ڄائو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿيڻ کان
پوءِ 1920ع ۾ ڪراچيءَ آيو ۽ ڀائي ويرڀائي جي
سوپاري والا پارسي هاءِ اسڪول جو پرنسپل ٿيو. اُتي
ڪل چوويهن سالن تائين لاڳيتو تعليمي خدمتون
سرانجام ڏنائين ۽ پاڻ کي تعليم ۽ تحقيق جي ڪارج
سان سلهاڙي ڇڏيائين. اِنهيءَ سروس دوران 1932ع ۾
برطانيا ويو ۽ تحقيق جي ڪم ۾ جنبي ويو. سندس
ڊاڪٽوريٽ جي ٿيسز جو عنوان هو:
A Geographical Analysis of the Lower Indus Basin
(Sindh).
هن تحقيق جي ڪم ۾ سندس رهبر (Guide)
پروفيسر اِي جِي. آر. ٽيلر (E.G.R.Taylor)
هو، جيڪو هڪ وڏو محقق هو. هن ڪم تي پٿاوالا کي
ڊاڪٽر آف سائنس (D.Sc.)
جي ڊگري ملي. ڊاڪٽر ماڻڪ پٿاوالا سنڌ ۾ بيش بها
تعليمي ۽ تحقيقي خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ اين.
اِي. ڊي (N.E.D.)
انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اٽڪل 32 سال جيالاجي (Geology)
جو پروفيسر رهڻ، 1948ع کان 1950ع تائين اسلاميه
ڪاليج ڪراچيءَ ۾ جاگرافي ۽ جيالاجيءَ جي پروفيسر
طور رهڻ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي تعليم ڏيڻ شامل
هو. هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ سان منسلڪ هو، اِن
طرح ڊاڪٽر پٿاوالا فئڪلٽي آف سائنس جو ڊين به
رهيو.
جيئن ته ڊاڪٽر ماڻڪ پٿاوالا هڪ اعليٰ اُستاد، محقق
۽ دانشور هو، اُن ڪري سن 1953ع ۾ حڪومت پاڪستان
کيس وزارت اقتصادي اُمور ۽ صلاحڪار به مقرر ڪيو.
هنن ذميوارين سان گڏ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريڊر
(Reader)
۽ تحقيق لاءِ رهبر (Guide)
به رهيو. پٿاوالا سوچ ۽ عمل ۾ هڪ سماجي ڪارڪن ۽
سڌارڪ هو. ڪيترن ئي ادارن ۽ انجمنن جو ميمبر رهيو
۽ انهن ۾ قدر لائق ڪم ڪندو رهيو. اُنهن ۾ سنڌ
سيڪنڊري ٽيچرس ائسوسيشن ۽ سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽي
اهم آهن.
نه رڳو ايترو بلڪ هو مذهبي لحاظ کان پارسي
ڪميونٽيءَ لاءِ به ڪم ڪندو رهيو، تنهن سان گڏ هو
اوستا (Avasta)
جو اسڪالر به هو. پٿاوالا رٽائر ٿيڻ کان پوءِ
1957ع ۾ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو.
ڊاڪٽر پٿاوالا جي ڊاڪٽوريٽ جي ٿيسز سنڌي ادبي بورڊ “A
Physical & Economic Geography of Sindh” جي
سِري هيٺ 1959ع ۾ پهريون دفعو شايع ڪئي ۽ 1976ع ۾
ٻيو ڇاپو نڪتو. هن ڪتاب ۾ 41 نقشا ۽ ڪيترا چارٽ به
شامل آهن. هن ڪتاب ۾ 389 صفحا آهن. تحقيق جي لحاظ
کان هي ڪتاب پٿاوالا جو مُک علمي ڪارنامو آهي.
پٿاوالا جي تحقيق جا موضوع جاگرافي، جيالاجي،
اقتصاديات ۽ زراعت جي وسيلن سان لاڳاپيل آهن.
سنڌالاجيءَ طرفان پٿاوالا جو ڪتاب Historical
Geography of Sindh به
شايع ٿيل آهي.
جناب ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي ڪتاب ”ڪرانالاجيڪل
ڊڪشنري آف سنڌ“ ۾ پٿاوالا جي اٺن ڪتابن ۽ مقالن جو
حوالو ڏنو آهي. (ص ص 48 ۽ 49 ببليوگرافي وارو حصو)
پنهور صاحب پنهنجي ٻئي ڪتاب ”Source
Material on Sindh“
۾ ڪيترن ئي مقالن، ڪتابن ۽ مونوگرافن جي فهرست ڏني
آهي. اُن ۾ خاص طور پٿاوالا جي ٿيسز جي باري ۾ لکي
ٿو ته اُها بئنگلور پريس ڪراچيءَ مان 1936ع ۾ ٽن
جلدن ۾ ڇپي. هي پٿاوالا جو بهترين ڪتاب آهي. سندس
ٻيا ڪتاب ۽ مقالا اُن جو تت ۽ حصا آهن يا هن ڪتاب
۾ ڄڻ واڌارو آهن. (سورس، ص 181). تنهن سان گڏ 56
ڪتابن ۽ مقالن جي فهرست ڏئي ٿو. اُنهن مان چونڊ
عنوان هي آهن:
1. A
Geographical Analysis of Khairpur State – a post
barrage investigation.
2. An
Introduction to Pakistan its Resources and
Potentialities.
3. Geography
& Culture with the example of Sindh.
4. Greater
Karachi.
5. Historical
Geography of Sindh.
6. New
site for Pakistan Capital.
7. Survey
of Dominion's Mineral Resources.
8. Physiographic
Divisions of India, Burma & Ceylon.
مقالن ۽ تحقيقي رپورٽن جي هنن عنوانن مان ڊاڪٽر
پٿاوالا جي صلآهيتن جي دائري جي پروڙ پوي ٿي. هن
جي تحقيقي عنوانن ۾ برصغير به نمايان آهي ۽ سنڌ تي
هن خاص طور تحقيق ڪئي. سندس ڊاڪٽوريٽ جي تحقيق هڪ
وسيع ميدان جي نشاندهي ڪري ٿي. پٿاوالا اُن ۾ سنڌ
جي تاريخ، جاگرافي، طبقات الارض، سنڌو دريا ۽ اُن
جي آبپاشي جي ذريعن، وسعت، نظام ۽ تجارتي استعداد
تي گهري نظر سان روشني وڌي. سندس کوجنا مستند
حوالن سان سينگاريل آهي.
اِنهيءَ محنت ۽ محبت کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر
ماڻڪ بيجن جي پٿاوالا هڪ سنڌ دوست محقق آهي. اسان
کي سندس محنت ۽ تحقيق جو هر طرح قدر ڪرڻ کپي ۽ کيس
دل کولي داد ڏيڻ کپي. |