بيدل:
هڪ رهبر
لفظ رهبر هڪ وسيع معنيٰ وارو لفظ آهي. سياسي ۽
سماجي دنيا ۾ هڪ مخصوص معنيٰ رکي ٿو. مذهبي
پهلوءَ کان به هڪ معنيٰ جو حامل آهي. ڪنهن شاعر جي
باري ۾ هي لفظ ڪم آڻڻ پٺيان به هڪ فڪري پسمنظر
آهي. اسان جا وڏا شاعر اسان جا رهبر به آهن. اسين
سندن فڪر جا پوئلڳ ٿيون ته کانئن گڻهو سکي سگهون
ٿا. شاهه، سچل ۽ بيدل اسان جا وڏا رهبر آهن. دين ۽
دنيا ۾ هنن جو ذڪر نهايت وزندار آهي. هن سلسلي ۾
جيڪر هنن بزرگن لاءِ لفظ رهبر شاعر ڪم آڻجي ته
بلڪل مناسب ٿيندو.
مون جيئن سنڌي ادب جو اڀياس شروع ڪيو آهي. تيئن
بيدل سائينءَ سان منهنجي ادبي واقفيت به ٿي آهي.
انهيءَ لحاظ کان گذريل اڌ صدي هي اڀياس ڪنهن نه
ڪنهن سطح تي جاري رکيو اٿم ۽ بيدل سائين نه فقط هڪ
شاعر ۽ اهل دل عظيم هستيءَ وانگر منهنجي دل ۾ رهيو
آهي. بلڪ هڪ رهبر جي پد تي کيس پاتو اٿم. مون هن
کان اڳ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾
بيدل سائينءَ تي ٿورو لکيو. اُن کان پوءِ بيڪس
سائينءَ تي هيءُ مقالو ”روهڙي دا رهبر“ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي 1987ع جي تحقيقي جرنل
’ڪينجهر‘ ۾ لکيم. مون پنهنجي سڄي ادبي سفر ۾ ٻنهي
سائين کي ساهه سان سلهاڙيل محسوس ڪيو آهي:
دنيا جنهن هستيءَ کي بيدل جي پياري نالي سان سڃاڻي
ٿي، سو دل وارو ۽ هڪ وسيع دل وارو آهي. سندس ئي
فرزند محمد محسن بيڪس (1859ع-1882ع) پنهنجي هستيءَ
کي هيئن بيدل ۾ فنا ٿيل ڄاڻي ٿو:
روهڙيءَ ۾ رنگ ڪري رلمل چائي سر بار ٿئين بيدل،
حسن بازر ڪري حاصل، هاڻي بيڪس سڏائين ٿو.
حضرت قادر بخش بيدل (1814ع-1872ع)، روهڙيءَ ۽ سنڌ
جو اهو خوشبودار گل آهي. جنهن جي واس ولات واسي
ڇڏيا آهن. هُو تصوف جي تسبيح جو داڻو آهي. جنهن ۾
کانئس اڳ مهامتي پراڻناٿ، دادو ديال، ڪبير، ميران،
بلي شاهه ڪريم، قاضي قادن، شاهه عنايت رضوي، شاهه
عبداللطيف ۽ سچل جهڙا موتيءَ داڻا پوتل آهن. اُنهن
مرد دلين کي زندهه ڪيو آهي. ڀٽڪيل قدمن کي راهه
راست تي آندو آهي. بنا ڪنهن دين ڌرم ۽ مذهب و ملت
جي فرق جي خلق جي دلين کي سڪون بخشيائون. ڪدورتون
دور ڪري محبت جو پرچار ڪيائون. هن سطح تي هندو
مسلم جو فرق نه رهيو. سنڌ ۾ ڪريمي، لطيفي، درازي
درگاهن تي هڪ طرف ته ميرانپور، فتح پور ۽ انيڪ
آستانن تي محبت جي مذڪور کان سواءِ ڪا پچار نه
هئي، ته ٻئي طرف بيدل جو مئخانو کليل هو.
هن روحاني رهبرن جو علم ۽ عمل سج وانگر روشن آهي.
روهڙيءَ جو رهبر حضرت قادربخش بيدل جنهن نموني خلق
جي رجوعات پسي رهيو هو، سو ڪو معمولي عمل نه هو.
هن جو عمل ته ڪن روايتن ذريعي پسون ٿا ته سندس
ڪلام هڪ اهڙو روح جو ريلو آهي، جنهن سنڌ کي عام
طور ۽ پنهنجي تر کي خاص طور سيراب ڪيو.
بيدل سائين شاعر هجڻ سان گڏ هڪ عالم به هو. سندس
شعر ۽ نثر ۾ هن جو عالمانه انداز ۽ متصوفانه مان
ظاهر آهي. سندس فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي ڪلام محققن
کان داد حاصل ڪري چڪو آهي ۽ شاعرانه ڪمال ذريعي ئي
هو اسان جو رهبر به آهي.
بيدل سائينءَ کي روهڙيءَ جو جهنڊو چيو ويو ته اُن
جي هڪ معنيٰ آهي. هو تصوف جي روايت جو اَمين آهي.
صوفي بزرگن تصوف جي تنوار سان تذڪيه نفس جو ڪم
سرانجام ڏنو ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ کان نجات ڏياري. خام
خوديءَ جا خطرا دور ڪرڻ جو سبق ڏنائون. بيدل سائين
وحدت نامي ۾ فرمايو:
خام خوديءَ جا خطرا، ’لا‘ سين سڀئي لوڙه
فڪر ترازي هٿ رکي، خيال طلب جو تور
خيما، نيئي کوڙ، نفيءَ کون اثبات ۾.
انساني مزاج ۽ ذهني اوسر ۾ بيدل سائين جو ڪلام
رهبر آهي. ذهني اوسر ۾ تصوف جي تنوار اهم آهي.
انسان جو من هڪ خاص پابنديءَ ۾ رهي ٿو. اُن کي
سنئين دڳ لائڻ ۾ ڪي چند لفظ ئي ڪم ڪري وڃن ٿا. هن
سلسلي ۾ بيدل سائين فرمائي ٿو:
پکيئڙا ولر کان ڇڙيا
زهري زلف زوراور جا – توکي زهر دام پيا.
2. بيدل ڏنگ جهلياسين – ڏاڍا آهن اوکير
هيبتي حيوان الله ڙي، اڃان ڪين مُڙيا.
انسان لاءِ پاڻ سڃاڻڻ ضروري آهي. ديني فلسفو هجي
يا دنيا جي ڳالهه، پاڻ سڃاڻڻ، پنهنجي وت جي ڪٿ ڪرڻ
۽ ٻين لفظن ۾ پنهنجي اهليت پروڙڻ بنيادي معاملو
آهي. بيدل سائين فرمائي ٿو.(ع)
آءٌ آهيان اسار، عالم ليکي آدمي!
1. عرشؤن اَچي اِتهين، عشق ڪيس اظهار
2. ڪين هلي ٿي قرب ۾، دين ڪَفر جي ڪار
3. ٻانهپ ٻولي ناه ڪا، نَور آهيان نروار
4. بيدل بندو ناه تون، آڻ اهو اعتبار.
سچل سرمست وارا منصوري نعرا بيدل وٽ به آهن. هُو
چوي ٿو ته انسان خدا جي جلوي جو پرتوو آهي. ظاهر ۾
جو بندو آهي، سو باطن ۾ حق حقيقي آهي. (ع)
ظاهر بندو باطن موليٰ، عشق جي بازي پرجهي ڪير؟
1. ايهو راز ڪري ٿو روشن، علي ولي شه مردان
شير.
2. من عرف جي مام موچاري، فزمودي ۾ ناهي ڦير
3. تو تان پنهنجو پاڻ سڃاڻين، وحدت وارو ڀيرج
ڀير.
4. پاڻ ڳوليندڙ پاڻ کي ڳولي، عشق غيور وڃايس
غير
5. پنهنجو
سر صحيح ڪج بيدل، سوجهي سمجهه سريءُ جو سير.
هن رمز ۾ پاڻ وساري ڇڏڻ اهم آهي. اِن سان آءٌ پنو
وسري وڃي ٿو ۽ مقصود ئي سڀ ڪجهه معلوم ٿئي ٿو. هن
سلسلي ۾ بيدل سائينءَ جو گفتو چِٽو آهي:
لاهوتي سي لال، پاڻئون جن پاسو ڪيو.
1. جوڳي نڪتا جوڳ کون، ڇڏي جسم جنجال.
2. نانگا جالن نانهن ۾، ڪيڙا نينهن نهال
3. اَڌوتي اثبات جي، مُرڪيو ڪن مقال
4. هو وڃي پهتا حال کي، ماڻهن ليکي محال
5. بيدل رهه بيراڳ ۾، پاڻ ڪنا پل خيال.
وحدت جي وائي بيدل سائينءَ جي ڪلام جو نشانبر رنگ
آهي. فرمائي ٿو:
ايڪائي ۾ ايڪ ٿيو، اچي جان جسم،
ويئي ريت رسم، وحدت سندي ويره ۾.
يا اردو ڪلام ۾ واضح ارشاد ڪري ٿو:
رمز وحدت ڪي سمجهه بيدل دوئي سي ڀاڳ جا
رنگ بيرنگي ڪي آگي هي مثل تصوير خواب.
بيدل سائينءَ جي بقول عشق رهبر آهي. اُهو ئي صفدري
۽ سڪندري ڪري ٿو. فرمائي ٿو:
اي عشق بيا و صفدري ڪُن
شمشير بڪش و سڪندري ڪُن
با روئي ڪ آفتاب است
از مشرق سينئه خاوري ڪن
زان روئي نقاب رابر افگن
پيرايئه بزم دلبري ڪُن.
بيدل سائين توڙي اڪثر سنڌي شاعرن جي فارسي به آسان
آهي. اُن ڪري هنن جو پيغام واضح آهي. زبان جو پردو
پيغام کي لڪائي ڪونه ٿو. محبوب جي اچڻ کي بيدل
سائين هيئن آسان لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
دي ببزم آمد آن سوخ بنازي عجبي
اَو بنازي عجيب دل به بنيازي عجبي.
---
نيست ممڪن ڪه زبان شرح دهه آنچ برقت
درميانِ دل و آن دلبر رازي عجبي
---
بيدل اندر دوجهان بنده حُسنت ڪه يافت
بادشاهي عجيب بنده نوازي عجبي.
صوفين سڳورن وٽ تذڪيه نفس لاءِ پاڻ سڃاڻڻ جو جيڪو
رهنمائيءَ جو طريقو رهيو. اُن سلسلي م سنڌ ۾ سچل
سرمست ۽ سندس اثر هيٺ نانڪ يوسف، خوش خير محمد،
بيدل بيڪس ۽ ٻين واشگاف لفظن ۾ منصوري نعرا هنيا.
اُن جو مطلب پاڻ سڃاڻڻ کان پوءِ جو ردِ عمل هو. هن
۾ خوداعتماديءَ جو انگ به واضح آهي. سچل سائين جو
چيو ته ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ اُن جا پڙاڏا ٻين
وٽ به گونجڻ لڳا. اِها گونج ٻڌڻ وارن جي ڪنن تي
چٺي چِٽي پهتي. بيدل سائينءَ چيو:
جوئي آهيان سوئي آهيان، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانيان
ويس لبيس دين ڪفر دا، ڪيئي لاهيان ڪيئي
رنگين رنگين ڀاتين ڀاتين، ٺاهه لکين ٿو ٺاهيان.
مومل واري ويس ورن ۾، گهوٽ هزارين گهايان
هن مظهر ۾ ڪاڻ بهاني، بيدل نان سڏايان.
يا
پاڻ پنهون تون آهين ڪيچ وڻين ڇو ڪاهين
بيدل بندو ناه تون هرگز ڇو ٿو ڪوڙ ڪمائين.
رانجهن جوڳيءَ وارو ويس ڪري، مک ۾ مُرلي ڪري
بيراڳي ٿي آيو آهي. آهي اهو ئي رانجهو جنهن جي رمز
نرالي آهي. هڪ مثالي ڪردار جنهن سنڌ ۽ پنجاب جي
شاعر کي ويجهڙائيءَ کان مک ڏيکاريو آهي. وارث
شاهه، شاهه حسين، بلا شاهه، سچل ۽ بيدل رانجهن جون
ڪهڙيون ڪهڙيون رمزون پسيون ۽ پسايون. بيدل سائين
رانجهن جي رمز جو ذڪر طرحين طرحين طريقن سان ڪيو
آهي. رانجهن ڪهڙي هستي آهي؟ فرمائي ٿو:
جوڳي والي ويس ۾، ڪوئي راه مسافر آيا.
1. بيک بيراڳي مُک وچ مُرلي، درد ڪنهين
ڌمڪايا.
2. مُرلي اُنهين دي تن من اندر، ڏاڍا شور
مچايا.
3. مين به ماءُ بيراڳڻ ٿيان، سامي سحر چلايا.
4. بيدل نال اسان ڏي رانجهن پيچ پرت دا پايا.
رانجهن جي هستيءَ ۾ آپ گم ڪرڻ ۾ اُن جون وصفون
ٻڌائيندي بيدل سائين جا سرخوشي محسوس ڪري ٿو تنهن
جي ڪا حد نه آهي. خوشيءَ کان ۽ سڪ کان وڏي واڪي
پُڪاري ٿو ته سرتيون هلو ته رانجهن کي پسون. هُو
چمن ۾ آيو آهي. اُن بسنتي جامي واري جي حُسن جو
جلوو ڏسون:
چلو وي سنئيان چرچا ويکين، آپ چمن ۾ آيا
1. آيا شاهه حسن دا جاني – باغ صفاتي وچ
سيلاني.
رانجهن پيا ڪو رايا
2. نرگس چشم بسنتي جامه – زلف بنفشه رخ گلفام.
بيرنگي رنگ لايا.
3. الف دي صورت سرو سونهارا – اثباتي نون ڪر
اظهار.
وهم وجود وڃاپا.
بيدل سائين سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين جو به سرواڻ شاعر
آهي. ڪافين جا روپ (سُرَ) به خود مقرر ڪيا اٿس.
هيئت جي لحاظ کان به سندس ڪافيون اعليٰ آهن. هي
رهبر انهن ڪافين وسيلي جيڪي سيکاري ٿو. اهو موضوع
۽ اُهي لفظ نهايت چٺا ۽ زوردار آهن. مثال طور ٿلهه
۾ مڪمل ڳالهه بيان ڪري ٿو ڇڏي:
عقل جو ويو اختيار، عشق اناالحق جو دم ماريو.
عشق جو ڏس اسرار، سڀ صورت ۾ يار سمايو.
وصال جون وايون به زوردار نموني بيان ڪندي درد ۽
وڇوڙي جو ذڪر به نهايت دل ڀڄائيندڙ انداز ۾ ڪري
ٿو. بيدل سائينءَ جي هيءَ ڪافي اهڙو واضح مثال
آهي، جنهن ۾ محب تي ميار به رکي ويئي آهي.:
يا ڪي ٿيئين وڃي يار – نڪو پيئي ڪو خيال اسان جو.
1. توهون ڌاران سپرين، دل کي نانهن قرار
جيئڻ جنجال اسان جو.
2. مل ته ماندائي لهي، نرمل ٿي نروار.
مِٺا مڃ سوال اسان جو.
3. بيدل ويچارو ڇڏي، مڻيو پورب پار
هئي هئي ڏس حال اسان جو.
تلاش ۽ جستجو سان من جي مراد ملي ٿي. هن سلسلي ۾
بيدل سائين رهنمائي ڪندي فرمائي ٿو ته سوز گداز جي
سُرڪي پيئڻ سان من موج ۾ اچي ٿو ۽ خوديءَ کان خيال
پري پلجي ٿو وڃي:
سُرڪو سوز گداز جو، جني پيتو جال،
قدمن تلي سر ڌري، چلن اُلٽي چال،
خوديءَ کون خيال، پلي پراهون ويا.
هي دنيا جو رنگ محل ته آهي، پر هڪ آزمائش گهر به
آهي. هن ۾ اکيون کولي حواس جاءِ رکي هلڻو آهي.
پنهنجو عمل ئي سب ڪجهه آهي. پنهنجو تُرهو تانگهي ۾
تاڻي ٻڌبو. اُونهي ۾ پيو ڪير ڪو نه آڻي ڏيندو. ڀُل
ڪبي ته سزا ايندي. سڌو قدم نه ٻيو ته ڌڪ کائبو
ڪاريهر جي ٻِر ۾ ٻانهن وجهبي ته دانهن نڪري ويندي:
ڪاريهر جي ٻِر ۾، جيڪو ڪري ٻانهن
جي نه ڪرائي دانهن، ته ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي.
---
ڪاريهر جي ٻِر ۾، جيڪو ڪري لنگهه،
جي نه ڄرائي ڄنگهه، ته ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي.
---
ڪاريهر جي ٻر ۾، جيڪو وجهي پير.
جي نه ورائي وير، ته ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي.
اُن ڪري پاڻ سنڀالڻ کپي ”بيدل“ سائين فرمائي ٿو ته
آديسين لاءِ ”مسڪين مرڪ“ آهي– ع
مسڪيني مرڪ، آ اصل آديسين جو
لنگهي هليا لڪ، ڪاوڙ سندو ڪاپڙي.
هي چند مثال آهن، جيڪي بيدل سائينءَ جهڙي رهبر
شاعر جي ڪلام مان نموني طور پيش ڪيا ويا آهن. بيدل
عشق کي عام نه ڄاڻج ڏيندءِ مرد ميار، سندس فرزند
بيڪس سائينءَ حق چيو آهي:
رمز رنديءَ جو عجائب روهڙيءَ ۾ راز هو،
نالي، بيدل بادشاهه بيشڪ اُتي شهباز هو.
حوالا
1. موسوي
عبدالحسين شاهه ”ديوان بيدل“ سنڌي ادبي بورڊ،
1991ع، ص - 86
2. ايضاً
– ص 111
3. ايضاً
– ص 115 - 116
4. ايضاً
– ص 119 - 130
5. ايضاً
– ص 123
6. ايضاً
– ص 81
7. اختر
درگاهي. بيدل جو اردو ڪلام. ”سچائي“ اشاعت گهر
دڙو. 1997ع ص – 117
8. بدوي
لطف الله. ”تذڪره لطفي“ (جلد ٽيون) آر. ايڇ. احمد
برادرس حيدرآباد 52–1953ع ص 234
9. ايضاً
– ص 235
10. موسوي
اِيضاً – ص 129
11. ايضاً
– ص 128
12. ايضاً
– ص 154 - 155
13. ايضاً
– ص 155
14. ايضاً
– ص 138
15. ايضاً
– ص 91
16. ايضاً
– ص 103
17. ايضاً
– ص 35
مددي ڪتاب
1. اختر
درگاهي ”بيدل جو اردو ڪلام“ سچائي اشاعت گهر دڙو
1997ع
2. اسلم
رسولپوري. ”بيدل سنڌي“، بزم ثقافت ملتان، 1978ع
3. بدوي،
لطف الله. ”تذڪره لطفي“ (جلد 3)، آر – ايڇ – احمد
برادرس، حيدرآباد 52 – 1953ع
4. پنڊت
لڇمي دت. ”تلسي ڪرت رامائڻ“ گيان پرڪاش پريس ميرٺ،
1872ع
5. موسوي،
عبدالحسين شاهه ”ديوان بيدل“، سنڌي ادبي بورڊ
1991ع
6. هرجاڻي،
گدومل ”ديوان بيدل و بيڪس“ شواجي پرنٽنگ پريس
بمبئي 1960ع
7. هرجاڻي،
گدومل ”ديوان بيڪس“ صوفي ساهت منڊل بمبئي 1960ع
بيدل عشق کي
عار نه ڄاڻج
ٽئي ڄڻا ماشاءالله نه رڳو روهڙيءَ وارن کي پيارا
آهن، پر سنڌ ملوڪ آهن. ڏاکڻين ڇيڙي تائين حڪومت ڪن
ٿا. منهنجي دل تي به راڄ ڪن ٿا. مون کي خبر پوي ٿي
ته مون کي ڇو پيارا آهن. مون ٽنهي تي اڳ به لکيو
آهي. بيدل ۽ بيڪس سائين تي ڪي مقالا به لکيا اٿم.
اُن کان سواءِ ساڻن گڏ سائين سڪايل تي پنهنجي
تصنيف سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻئي) ۾ تفصيل سان
حوالن ۽ حاشين سان لکيو اٿم پر اڄ نه حوالا نه
حاشيا، نه ساڌو واسواڻي، نه دوارڪا داس، نه گُر
ديال ملڪ، نه خانبهادر ميمڻ نه پروفيسر بدويءَ جو
حوالو، نه درگاهي جي محنت جو داد ڏبو. سنئين
ڳالهه سؤنٽيءَ جي!.
ٽنهي سائين سڳورن جا نالا ڪي عام نالا نه آهن نه
هُو عام ماڻهو هئا. عام ماڻهن کي ته محبت جي به
پرک پروڙ ناهي. عورتن کي پنهنجن ٻارن جي پيار کان
سواءِ اِها به خبر ناهي ته سج ڪٿان ٿو اُڀري؟ اصل
لٿي اُڀري کان بي خبر. ڪن کي ته ميڪ اپ جو سليقو
به ڪونهي. مرد ڪن مرد نباهين. تڏهن ته سَچُو سائين
چئي ويو ته اَبا:
سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي
ڪوڙي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي.
دل وٺڻ دل ڏيڻ به مردن جو ڪم آهي. بيڪس سائينءَ تي
اول جي منهنجي نظر پوي ها ته سائين سڪايل واري
شطرنج واري ڳالهه جي نوبت ئي نه اچي ها. سهڻو بيڪس
سائين رنگا رنگ ويس وڳا به ڪنهن سبب پهريندو هو.
رنگن جا به ڪي رنگ آهن. انهن کي ڏسڻ وارو به اُنهن
کي ٻين اکين سان پسي ٿو. بيڪس سائين ته جنتي هو.
پهرين ته چيائين ته ماهي مينون بخش ڏکان دا ڏاج.
جڏهن ڏکن جو ڏاج مليس ته سوچيائين ته هي ته ڀاري
بار آهي نازڪ دل جي سهپ کان مٿي آهي، ته 23 سالن
جي عمر ۾ ئي ڊگهو ٿي سُتو ۽ وڃي بهشت جي صدر
دروازي تي ناڪ ڪيائين. اڳتي جي خبر خدا کي!
روهڙيءَ جون گهٽيون ٽنهي سڳورن گهميون. اُنهن جو
گهمڻ ٻيو، پنهنجو گهمڻ ٻيو. پر نه پاڻ به دل رکون
ٿا. بلڪ سچ ته مون به هي گهٽيون گهميون آهن. هڪ
ڀيري گهٽيءَ مان لنگهندي ڪو درکليل هو ته اندر جو
وڄ ۽ چمڪو ٿيو تنهن جي شعاع بيدل سائين جو اهو
فرمودو ياد ڏياريو ته: زهي لُهري ڪه چون جنات عدن
است! آءٌ اوهان کي فارسي جي دُٻڻ ۾ ڦاسائڻ نٿو
چاهيان. عرض آهي ته روهڙيءَ جي ثنا ۾ لکيل وڏي
سائينءَ جو هي نظم عاشقن لاءِ تازيانو ۽ معشوقن
لاءِ مهما جو خزانو آهي.
جڏهن روهڙيءَ جي بازار ۾ گهمندي ڪنيي جي مٺائيءَ
کي ڏٺو اٿم ته اُهو مون کي بيڪس سائينءَ جو دوست
ڪنيو لڳو آهي. هدايت به روهڙي اچي ته واپسيءَ ۾
ڪنيي جي دڪان تان مٺائي ضرور آڻي. اُهائي سڳنڌ
جيڪا بيڪس سائين جي لفظن ۾ آهي:
ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا،
ڪڏهن موٽي ملندين راڻا،
ڪاڪ ڪوماڻي ويل وهاڻي،
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا.
سچ چئي ويو آهي، سائين ننڍو ته دوست جي وڃڻ سان هڪ
دل سان ته اصل ڀينگ ٿيو وڃي. دل ٿي چئي ته آءٌ
پنهنجي ڳالهه ڪريان ته منهنجو دوست دلبر جڏهن کان
وڇڙي وڃي حُورن جي هنج تائين پهتو آهي تڏهن کان
مون به ايئن سمجهيو ته ڀينگ ڪري ويو. کيس ته حُورن
جي هنج جي طلب هئي، سو وڃي اُتي پهتو پر پويان جو
خيال نه ڪيائين. بيدل سائينءَ جي فرمودي موجب: ”يا
ڪي ٿئين وڃي يار، نڪو پِيئي ڪو خيال اسان جو.“
محبت اِها ئي آهي، جيڪا بيدل سائينءَ ڪئي، بيڪس
سائينءَ ڪئي ۽ وري سيد نواب شاهه ڪئي جو سڪايل
بنيو ۽ محبت جو اظهار هيئن ڪيائين - ع
باغ بيدل جي ڪئي آهه بهاري
حسن بسنت کليو چوڌاري.
يا
بازر ۾ آيو يار پيارو، هل ته هلي بازار ڏسون
هي ٽئي ڄڻا، اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ذاتي محبت
وسيلي، هڪ عالمي ۽ انساني محبت ۽ ڀائيچاري جو سبق
ڏئي رهيا آهن. ذات پات جا ويڇا وسارڻ جو درس پيا
ڏين. نه ته سائين سڪايل سيد زادو غاليچو ويڙهي
ڪيئن بيڪس سائين جي ڪڍ لڳي ها. بابا بلهي شاهه ڪو
گهٽايو هو. چي خبردار جي ڪنهن مون کي سيد چيو آهي!
آرائين چئو!! اسين ذات پات، اوچ نيچ، غربت ۽ ثروت
جي لِيڪن جي اندر ويهي، ٻين کي لِيڪن کان ٻاهر
بيهاريو ويٺا آهيون!!! پرسال دوست سان گڏ روهڙيءَ
جي گهٽيءَ مان لنگهي بارگاهه بيدل و بيڪس ٿي آيس
ته اسان جي گفتگو تي گهٽيءَ ۾ بيٺل هڪ عقل جي انڌي
بُڙڪو کائي چيو: ”پاٽولي هو.“ اسان کي خبر نه هئي
ڇا؟ پر ويچاري پسوري پڌري ڪئي. اهو ٿيو گهر جو پير
چلهه جو مارگ!! بيدل سائين عالم هو. بيڪس سائين
بالم هو. گهمڻ ڦرڻ هن جو ظاهر هو. باطن خبر نه آهي
ته ڇا هوس. رُول هٿ ۾ هوندو هوس هڻي به ڪڍندو هو.
سندس ڀرسان لنگهڻ ۾ جوکم جهڙي ڳالهه هئي. شعر ۾
لفظ لفظ ۾ درد سمايل هوس. چوڏهن ورهن جو هو جو
روحاني رهبر بيدل سائين برقعو مٽائي ويو. ڀڳت
دوارڪاداس ٻنهي سائين جو صحبتي هو. اُن جو ڏنل
احوال مستند آهي. آءٌ هتي وري وري اِهو چوڻ نه ٿو
چاهيان پر هيءَ حقيقت آهي ته بيڪس سائين حسن ازل و
متلاشي هو. هُو حقيقت ۽ مجاز جي جهُولن ۾ جهولندو
رهيو. وري صورت جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ اهو چوڻ ڪافي
ٿيندو ته ڏاڙهونءَ جو گُل هو. راڳ روپ ۾ گم، گويا
به پري بيهاري ڇڏي. آءٌ هن نذر عقيدت جي بيان کي
تحقيق ۽ تنقيد جو روڳ لڳائڻ نٿو گهُران پر هيترو
چوڻ کان به رهي نه ٿو سگهان ته بيڪس سائينءَ جي ڪن
ڪافين ۾ زبان ۽ بيان جي لحاظ کان گيتن جا رنگ
جهلڪن ٿا ۽ گائڪيءَ جي مدنظر ٺُمري پري ناهي:
ڌيري ڌيري چل ري سنئيان، ڌيري ڌيري چل.
جهل جهل ٿڪيان دل اپني ڪو، دل چوي پاڳل،
مين مر ويسان نه ته پرچ پيارل، پا ڳراٽڙي ڳل،
بيڪس جو آهي عشاقي، ٻي کي ناتوسل.
بهتر آهي شاعريءَ جي ڳالهه نه ڪريون نه ته هي سادو
سودو مضمون، دقيق ۽ غير دلچسپ مقالو ٿي پوندو جنهن
کي ڪو ٻڌڻ پسند نه ڪندو. ڳالهه ڪهڙي آهي جنهن جي
کوج ۾ ويهي مقالا لکون ۽ اُڦٽ مار ڪتابن جا حوالا
ڏيون. چون ٿا هڪ ڀيري ڪنهن هنڌ همراهه اچي گڏ ٿيا
۽ گفتگو ڪندي اچي ٽهڪن ۾ پيا چي ڏسو ڇا ته اسان جي
گفتن جون معنائون پيون ڪڍيون وڃن. ماڻهو روحاني
رازن کان به وک وڌائي ويا. اِهي همراهه هئا، شاهه
۽ سچل بيدل ۽ بيڪس، رکيل شاهه ۽ مصري شاهه. اِنهن
کان ٿوري مفاصلي تي اياز ۽ تنوير به ويٺا هئا.
هڪڙي ٻئي کي چيو ته پاڻ سان به اِهو حشر ٿيندو.
اياز چيو: تون ته هن شعر ڪري بچي ويندين، پر آءٌ
دعائون لکي آيو آهيان، پڪ سان روحاني راز ۾ اچي
ويندس:
نڪو مان خدا ۽ نڪو مان رسول
مان تنوير آهيان پوان شل قبول.
شاهه عبداللطيف ۽ ساٿي منجهي منجهي نيٺ گهرن ڏي
روانا ٿيا. بيدل سائين البت اُتي ئي ويٺو رهيو.
مون اندزاً 52 سالن کان ديوان بيدل هٿ ۾ رکيو آهي،
پر مون کي ديوان مان ڍوء نٿو ٿئي. بيدل سائين جي
گفتي ۾ گهڻو اثر آهي. مين ته بيراڳڻ ٿيان ٿيان
ٿيان، ڪري بلهي سائينءَ جون سڪون ٿو لاهي. انهيءَ
۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شعر جي دنيا ۾ بيدل سائينءَ جو
پنهنجو رنگ آهي. عربي، فارسي، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾
هڪ ئي معيار جو ليکڪ هو. نه ٻوليءَ ۾ نه فڪر ۾ ڪو
قدم پوئتي ٿو هٽائي. شال حورن جي هنج ۾ هجي. سندس
هڪ ئي لفظ منهنجي ته ڪنن مان دونهن ڪڍي ڇڏيا.
فوائد المعنوي، پنهنجي عربي تصنيف ۾ لکي ٿو. فراق
معنيٰ معشوق جو عاشق کي ڪشش ڪرڻ، پاڻ ته فراق جي
معنيٰ جدائي ڪندا آهيون. شايد عاشقن جون ڊڪشنريون
جدا آهن. چي: بيدل عشق کي عار نه ڄاڻج، ڏيندءِ مرد
ميار!
بيڪس جو جلوو، سرائيڪي ڪلام جي درسنيءَ ۾
سنڌ جي عظيم شاعر حضرت قادر بخش بيدل جو فرزند
دلبند محمد محسن بيڪس (1859 – 1882ع) اعليٰ صفتن ۽
منفرد شخصيت جو مالڪ توڙي اعليٰ شاعر هو. سنڌي ادب
جي تاريخ نويسن ۽ نقادن کيس بجا طور داد ڏنو آهي.
مون هن کان اڳ پنهنجن ڪن مقالن ۽ ”سنڌي ادب جي
تاريخ“ جلد ٻئي ۾ بيڪس سائين جي ڪلام جو جائزو
وٺندي سندس ذڪر ڪيو آهي. پهريائين اُن باب مان ڪي
اقتباس پيش ڪريان ٿو: سوز و گداز جو صاحب، سنڌ جو
جوان سال جوان مرگ محمد محسن بيڪس 28 جمادي الثاني
1275هه بمطابق 2 فيبروري 1859ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو. (1) پروفيسر
لطف الله بدوي لکي ٿو ته پيءُ جي جهوليءَ ظاهري
تعليم والد کان مليس. طبعيت ۾ چلولائي به هئس. (2) خانبهادر
ميمڻ، ظاهري تعليم ڏيڻ وارن ۾ بيدل سائين جي
ڀاڻيجي آخوند عبدالله جو به نالو لکيو آهي. (3) بيڪس
اڃان چوڏهن ورهن جو هو جو بيدل سائين برقعو مٽايو.
بيڪس، مجاز ۾ ممتاز هو ته حقيقت جي راهه جو به
عارف هو. سندس سوانح حيات ۾ عبدالحسين موسوي اهڙو
ذڪر ڪيو آهي. ديوان بيڪس ۾ لکي ٿو ته: ”فقير محمد
محسن به ظاهري نماءُ ۾ حقيقت حسن جو ڳولائو هو.
ننڍي هوندي کان کيس حسن جي حُبَ ۽ اُن جي تلاش جي
تعليم مليل هئي، جنهن کي عملي جامو پنهنجي والد
بزرگوار جي جامي مٽائڻ کان پوءِ پهرايائين.“ (4)
ڦوهه جوانيءَ جي انهن البيلن ڏينهن جو ذڪر
خانبهادر ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب جي ٻئي جلد ۾ هن
ريت ڪري ٿو: ”هُو ڪو به ڌنڌو ۽ ڪم ڪار ڪونه ڪندو
هو. فقط صبح ۽ شام ڇوڪرن جي ٽولي ساڻ ڪري بازار
مان چڪر ڏيڻ، ميلن ۽ ملاکڙن تي شوق سان وڃڻ،
درگاهن ۽ فقيراڻن آستانن تي پنهنجو ٺاهيل ڪلام
ڳائي، اِها فقير صاحب جي مشغولي هوندي هئي. تڪين ۽
اوتارن ۾ توڙي لعل بازارن ۾ موالين ۽ مولاين اسان
فقير صاحب بي ڌڙڪ محفلون ڪندو وتندو هو. فقير صاحب
ڪيڏانهن به گهمڻ نڪرندو هو ته ستار پاڻ سان هوندي
هيس، جتي به پور پوندو هوس ته اُتي ڳائڻ جي موج
لڳائي ڏيندو هو. بعضي بعضي بيهي ڳائيندو ۽ نچندو
به هو. بيڪس فقير پاڪ دل حسن پرست هو.“ (5)
رنگين ڪپڙن پهڙڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي باري ۾ پروفيسر
بدويءَ هي به لکيو آهي ته: ”چون ٿا ته ننڍي هوندي
کيس رنگين ڪپڙن پهرڻ جو شوق هوندو هو، پر هيءَ
حقيقت آهي ته جڏهن ڪنهن پاڻ جيڏي جي ڪپڙن کي ليڙان
ليڙان ڏسندو هو ته پنهنجا قيمتي ڪپڙا بنا ڪنهن سوچ
ويچار جي اُن کي لاهي ڏيندو هو.“ (6)
جوانيءَ جي دور کي عام طور بي فڪريءَ جا ڏينهن
ڄاتو وڃي ٿو. پر بيڪس سائين جا هي ڏينهن وڏي معنيٰ
جا حامل هئا. ساڌو واسواڻي، گُرديال مَلڪ ۽ ٻين
سوانح نگارن بيڪس جي جوانيءَ ۽ ڪُل 23 سالن جي
زندگيءَ کي هڪ پُر مقصد زندگي سڏيو آهي.
ڪنيي سان دوستيءَ جو ذڪر ڪندي محترم عبدالحسين
مُوسوي هڪ واقعي جو بيان ڪري ٿو: ”ڳالهه ٿا ڪن ته
هڪ ڏينهن بيڪس کي ڪنيي رستي تي چيو ته اوهين هِت
ترسو ته مان جهٽ اچان. انتظار ۾ بيٺو رهيو. ڪنيي
کي نه اچڻو هو نه آيو. اِن صدق ۽ دل جي صفائيءَ
سان ترسڻ ۽ انتظار ڪڍڻ ڪري بيڪس دنيوي دلبر وڃائي
حقيقي محبوب لڌو.“ (7) هن
واقعي کي گُرديال مَلڪ جي حوالي سان موسوي صاحب
هيئن به بيان ڪيو آهي: ”انهيءَ واقعي کان پوءِ
فقير صاحب رات جو ڏيئو ٻاري ويهندو هو. انهيءَ غير
معمولي عمل تي ماڻهو عجب کائڻ لڳا. پڇا تي هڪ دفعو
چوڻ لڳو ته پاڻ اچڻ جو وعدو ڪيو اٿس، سو بتي رڳو
اُن ڪري ٿو ٻاريان ته متان اونڌهه ۾ اچي ۽ مان کيس
ڏسي نه سگهان.“(8)
ڀڳت دوارڪا داس ڀاٽيا جي بيان موجب ڪنيا لعل عرف
ڪنيي سان بيڪس سائينءَ جي نينهن جو ناتو هو. ڪنيو
روهڙيءَ جو رهاڪو ڀاٽيو سوني پاڙي جو هو. سندس وڏا
پئنچائت جا مُکي هئا. ڍڪ بازار ۾ صرافڪو ڌنڌو هون.
پاڻ بدن جو پُورو پنو، قد پنج فوٽ ٻه انچ، رنگ جو
پُورو لالاڻ تي مائل هو. اکين ۾ مقناطيسي ڪشش هيس.
سندس هلڻي چلڻيءَ مان خانداني شرافت پئي بکندي
هئي. پوشاڪ بلڪل سادي انهن ڏينهن جي رواج موجب
ڌوتي ۽ ڳاڙهي پڳڙي. 1863ع ۾ يعني بيڪس سائين جي
ڄمڻ کان پنج سال پوءِ ڄائو. اٽڪل 54 ورهن جي ڄمار
۾ ڊسمبر 1917ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين. گويا فقير صاحب جي
رحلت وقت سندس عمر لڳ ڀڳ 18 سال هئي. پاڻ وڏن جو
ڌنڌو ڇڏي ڪپڙي جو دوڪان ڪڍيائين ۽ تنهن کان پوءِ
ڀانساليءَ جو. مرڻ وقت ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏيائين.
سندس وڏو پٽ راڌا ڪرشن کانئس هڪ سال پوءِ گذاري
ويو. نياڻيءَ به 1927ع ۾ چالاڻو ڪيو. باقي سندس هڪ
پٽ لڇيرام هن وقت بمبئيءَ ۾ آهي، جنهن مهرباني ڪري
هي احوال موڪليو آهي. (9) هن
بيان جو اصل راوي ڀڳت دوارڪاداس، بيدل ۽ بيڪس جو
صحبتي هو.
پنهنجي والد وانگر بيڪس سائين به اهل دل ۽ حقيقت
مجاز جو ترجمان هو. بيڪس سائين جا سوانح نگار،
سندس سيرت سان گڏ سهني صورت جو تذڪرو به ڪن ٿا:
”پاڻ ڏاڍو سهڻو هو. سندس موڪري ڪڻڪ رنگي پر زيادهه
اڇاڻ ڏانهن مائل منهن تي چاپئين سُونهاري هوندي
هئي. سندس رخ تي اَڻ لکا مائيءَ جا داڻا پگهر اچڻ
تي موتين وانگر پيا چمڪندا هئا. قد جو پورو پنو،
بُتَ ۾ ڀريل ۽ ٺاهوڪو هو. ساڄي پير جي ٻاچ اڌ هيس.
لٽي ڪپڙي جو شوقين هو. ڏينهن م ٻه ٽي دفعا تيل
ڦليل سان وهنجندو هو ۽ ڀيري ڀيري سان پوشاڪ
مٽائيندو هو. پٽڪي جو ڀير اهڙو رکند هو، جهڙو
ڏاڙهونءَ ٽڙيل گُل. اُهو اڇو بعضي گلابي تي بعضي
وري ست رنگو به هوندو هو. پيرن ۾ سدائين ملتاني
گهيتلو پائيندو هو. وڏي فقير صاحب واريءَ کٽ تي
پٿراڻيءَ جي مٿان اچي چادر وڇائي وهاڻي کي ٽيڪ
ڏيئي ويهندو هو. تمام گهٽ ڳالهائيندو هو. جيتوڻيڪ
راڳ سندس روح جي راحت ۽ جيءَ جو جياپو هو، تڏهن به
ڏينهن جو نه ڳائيندو هو، البت رات جو اڪيلائيءَ ۾
ٻاهر وڃي آلاپيندو هو. وقت جون راڳڻيون پيون
ڳائييون هيون. اگرچ حسن جي پٺيان حيران ۽ پريشان
هو، پر هوَس کي اهڙو ماري مات ڪيو هئائين ۽ نفس تي
ايتري قدر قادر ۽ قابض هو، جو هڪ لڱا ڪنهن ڪڃريءَ
گستاخي ڪئي هڪدم جنڊي لٿل رول جو هر وقت سندس هٿ ۾
هوندو هو وهائي ڪڍيائينس.“(10)
درگاهن ۽ تڪين تي راتين جون راتيون گذاريندو هو.
بيڪس سائين جو ڪلام سنڌي، هندي، فارسي ۽ سرائڪيءَ
۾ آهي. زبانون مختلف آهن پر درد جي صدا هڪ آهي.
سرائيڪي ڪلام ۾ سندس جلوو پسجي ٿو ته اُهو بيمثال
آهي.
بيڪس جي ڪلام ۾ درد جي شدت نمايان آهي. درد کي
ڪنهن به طرح لڪائي نٿو. بلڪ ايئن به چيو اٿس ته:
”ماهي مينون بخش ڏکان دا ڏاج.“ سندس لفظ لفظ هڪ
طرف محبت جي مام ته ٻئي طرف سورن جي سوز و گداز جي
بيان ۾ آهي. موضوع توڙي فن جي لحاظ کان بيڪس جو
ڪلام شاعريءَ جي اصولن تي به پورو آهي. سندس ڪلام
پختو بلند معيار جو آهي. دل ۾ دلبر جي ياد جون
تارون رباب جي آهنگ ۾ وڄن ٿيون. فرمائي ٿو:
تن من اندر، تيڏيان تاران، راز رباب وڄيندا،
شوق شراب تساڏا سانون، بيتاب ڪر سٽيندا،
بيڪس سگ دروازه خوبان، سوزون سيس ڪٽيندا.
محبوب جي زلفن جي تعريف هيئن ڪري ٿو:
زلف زنجير ساڏي دلبر دي، يا وت بشيهر ڪالي،
نين خماري توب تغنگان، ڪون اُنهان وچ جالي،
بيڪس صدق جا اُنهان تون، نين جنهان دي آلي.
سنڌ ۾ به پنجاب جي شاعرن وانگر داستان هير رانجهي
جي اوٽ ۾ دل جي جذبن جي گهڻي اوک ڊوک ٿي آهي. سنڌ
جي سرائيڪي شاعرن هن داستان محبت کي هڪ پسنديده
موضوع بنايو ۽ نڀايو آهي. محبوب جيڪو تخت هزاري جو
والي آهي، اُن کي هير ڪيئن وينيتون ٿي ڪري، اُهي
بيڪس جي ڪلام ۾ نهايت پُر اثر آهن:
تون صاحب تخت هزاري دا مين جهنگ سيال دي ڄٽي،
تيڏي ڪيتي ته خدا ڄاڻي، ٻنهان ڪيتي چَٽي،
بيڪس بيوس ڪيا ڪري، جو دل نماڻي ڦٽي.
رانجهن اڳيان سڀ تدبيرون بيڪار آهن. هُو مالڪ آهي،
وڻي تيئن ڪري هير جو ڪو وس ڪونهي. برهه ڪاسائيءَ
وڍي وڌو آهي:
هير ڪنون تدبير ڳَئي، جڏان رانجهن پاتي جهاتي،
برهه ڪاسائي اند وڙهيا، لاڪهاڙي ڪاتي،
بيڪس بيوس ڪيا ڪري، جو کائي ڇڏيندا ڇاتي.
رانجهن جي ونجهليءَ تي سڄو رنگ رچايو ۽ هوش وڃايو
آهي توڙي زاروزار روئاڙيو آهي. هن ڪيفيت جو پُرسوز
بيان بيڪس سائين هيئن ڪري ٿو:
پار درياهان رانجهن سائين، ونجهلي يار وڄيندا،
مسڪينان دي دل ڦسا ڪر، پڇي آپ پڄيندا،
بيڪس بيپرواهان دي اڳوان، زاروزار روئيندا.
محبوب جي سخت دل پٿر مثل آهي. عاشق بيوس آهي جو
عشق گهڻائي گهر ڳاري ڇڏيا آهن:
دل سڄڻان دي سخت گهڻيري، ڪنون پٿر ڪالي،
لکيا انگ الستي والا، هرڪو بيٺا پالي،
وس ڪهيندا ڪوئي نه چليندا، ڪون لکي نون ٽالي،
شيخ صنعان جيسي سالڪ نون، برهه ڪِتي بيحالي،
بيڪس ويچارا ڪيا ڪري جو عشق گهڻي گهر ڳالي.
هيئت ۽ فن جي مدنظر بيڪس سرائيڪي ڏوهيڙن جي اڌڪ
وراڻيءَ (مستزاد) وارا ڏوهيڙا به چيا آهن. انهن جو
رنگ ۽ آهنگ موسيقي پيدا ڪري ٿو. اُن جو هڪڙو مثال
هي آهي:
نيڻان ناز دي فوجان چڙهندي، مول نه ڪريندي ٽالا،
قسم
تعاليٰ.
ويکڻ سيتي يار سڄڻ دي، برهه مريندي ڀالا،
قسم
تعاليٰ.
عشاقان حق حاصل ڪيتا، مُلين دا منهن ڪالا،
قسم
تعاليٰ،
بيڪس ڪنهن ڪا در نه پوي، بيپرواهيون سي شالا،
قسم
تعاليٰ،
مقبول ڏوهيڙن جي هيئت ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿس:
واهه ڏٺي خوش ساهه ٿيوي، ٻهه ٻهه ڪريندي ٻولڙيان،
مين
گهولڙيان.
درد دا درياهه دل ميري وچ، ڇوهون ڪريندي ڇوڙيان،
مين
گهولڙيان.
بيڪس من ماندا نه ڪرين، جو صاحب ڪَرسي سولڙيان،
مين
گهولڙيان.
ڏوهيڙن وانگر ڪافيءَ جي فن ۾ به بيڪس روايتي رنگ
کي اختيار ڪندي جذبات جي فراوانيءَ سبب منفرد ۽
يڪتا آهي. ڪافيون به موسيقيءَ جي راڳ راڳڻين ۾
شعوري طور موزون ڪيل آهن. پنهنجي مخصوص انداز ۾
محبوب جي حسن ۽ بسنتي ويس جو ذڪر ڪري ٿو:
پيا بسنتي ڪر آيا ويس – آپ عجب رنگ لايا.
- جامه زرد بسنتي ڪيتس، رخ گلابي ڀايا.
- دست پيالا محبت والا، اُتون خنجر لڳايا،
- نين سياهي خوني خماري، مسڪين مار ستايا.
- مزگان ناوڪ ابرو ڪمانان، مينون بي سِر بنايا.
- بيڪس ويک نظارا بسنتي، بيدل سر سمايا.
پنهنجي والد / مرشد بيدل سائين جي عقيدت بيڪس جي
ڪلام نمايان آهي. وري وري چوي ٿو ته عشق جي راهه
مرشد بيدل سمجهائي آهي ۽ ٻئي ڪنهن به نه:
راهه هدايت عشق والي، توبن سا نون سمجهاوي ڪون؟
- بيدل جان اُستاد نه ٿيوي، سڪ دا سبق پڙهاوي ڪون.
- جان جان عاشق سر نه ڏيوي، بهرا برهه دا پلوي
ڪون.
- پير مفان دي همت ٻاجهون، وچ محبوب سماوي ڪون.
- سانگ سفر
تي دلبر ڳيا هي، بيدل ٻاجهون ملاوي ڪون.
- بيدل برهه دي ساقي ٻاجهون، وحدت جام
پلاوي ڪون.
- بن بيدل هادي دي سانون، بيڪس برهه بتاوي ڪون.
بيڪس سائين جي سرائيڪي ڪلام ۾ غزل ۽ گيت جو رنگ ۽
آهنگ به موجود آهي ۽ هيئت توڙي اظهار جي لحاظ کان
به اهڙو ڪلام وائي توڙي ڪافيءَ جي زمري ۾ نٿو اچي.
اڪثر ڳائڻ وارا غزل، ڪافيءَ ۽ گيت جي هيئت کي نه
سمجهندي هر صنف کي ڪافي ڪري ڳائي وڃن ٿا، اهو اڻ
ڄاڻائيءَ سبب آهي. بيڪس سائينءَ جو جلوو سرائيڪي
غزل ۾ هن ريت پسجي ٿو:
شوخ چهرا گلبدن دا زلف خوني مار دا،
درد والي در اُتي شب روز دلبر ڳاردا.
هي بسنتي جامه ڪيتس سرخ شمله سر اُوپر،
عشق دي آتش اچانڪ دل ميري وچ ٻاردا.
دست دلبر لالي لالي خون سيتي عاشقان،
وه سجن جو ساري تيري خون ڪيو بيچار دا.
ناز دا ناوڪ مريندئي بيگناه بيچاره نون،
حال مسڪينان دا ويکو گهر لٽيا ويچار دا.
اي سجن لاغرض ميرا عرض سڻ يڪبار تو،
حال بيڪس دا نماڻا عاشق مارجيار دا.
گيت جو انگ بيڪس جي ڪلام ۾ موجود آهي. هن گيت کي
ڪليات ڪافي روپ ڌناسري ڪري آندو ويو آهي. ممڪن
آهي پهرئين مرتب هن گيت کي ڪافي ڪري لکيو هجي:
ڌيري ڌيري چل ري سنيان، ڌيري ڌيري چل،
- جهل جهل ٿڪيان دل اپني ڪون چوي پاڳل.
- مين مر ويسان نه ته پرچ پيارل، پا ڳراٽڙي ڳل.
- بيڪس جو آهي عشاقي، ٻي کي ناتُو سل..
ايئن چوڻ ۾ حق بجانب ٿبو ته بيڪس جو بحيثيت شاعر
مڪمل جلوو سرائيڪي ڪلام ۾ موجود آهي. مثال گهڻا به
وٺي سگهجن ٿا پر نموني جي هڪ مٺ خرار مان ڪافي
آهي. سرائيڪي ڪلام جي درسنيءَ ۾ بيڪس سائين پوري
طور جلوه گر آهي.
حوالا
الف
1. بدوي،
لطف الله. تذڪره لطفي (جلد ٽيون) آر. ايڇ. برادرس
حيدرآباد، ص 249
2. ايضاً،
ص ص 249 – 250
3. خانبهادر
محمد صديق ميمڻ. تاريخ سنڌي ادب (جلد ٻيو)، ص 372
4. موسوي،
عبدالحسين شاهه. ديوان بيڪس سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع
ص 14
5. خانبهادر
ميمڻ، حوالو ڏنل، ص ص 373 – 374
6. تذڪره
لطفي، (جلد ٽيون) ص 250
7. موسوي،
ديوان بيڪس، ص 11
8. ايضاً
– ص 11
9. ايضاً
– ص 14
10. ايضاً
– ص 5
ب
مٿين حوالي جي ڪتابن کان سواءِ ’ڪليات بيڪس‘
(موسوي) ۽ راقم جي پنهنجي مقالي ’روهڙي دار رهبر‘
تان به مدد ورتي ويئي آهي. (ڏسو ڪينجهر 1987ع)
سردار نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي فارسي شاعري
جو جائزو
سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جي تاريخ گهڻي آڳاٽي آهي.
معلوم ڪلام ۾ قلندر لعل شهباز جو ڪلام نسبتاً اول
آهي. اُن کان سواءِ سمن سلطانن مان ڄام نظام الدين
(وفات 1508ع) جو فارسي ڪلام به منظر تي آيو آهي.
ڄام نظام الدين جي انصاف پسنديءَ جون ڳالهيون
مشهور آهن. روز شاهي طبيلن ۾ وڃي گهوڙن جي سار
سنڀال لهندو هو ۽ انهن جي پٺيءَ تي هٿ رکي چوندو
هو ته خدا نه ڪري ته ڪڏهن بيگناهه مسلمان تي اوهان
جي پٺيءَ تي سوار ٿي حملو ڪريان. سندس هيءَ رباعي
به انهيءَ مضمون جي آهي:
اي آنکه تُرا نظام الدين مين خوانند،
تو مفتخري مرا چلين مي خوانند،
گر در رهه دين ز تو خطائي افتد -
شک نيست که ڪافر لعين مي خوانند.
اهڙي طرح شيخ حماد، دانشور خان شهر تي، حامي محمد
رضائي، مير لطف علي همت، محسن ٺٽوي، قانع، سچل،
بيدل، غلام علي مداح، ميان سرفراز ۽ شيوڪرام عطار
توڙي ٻين ڪيترن شاعرن جو فارسي ڪلام قصيدن، غزلن،
مثنوين ۽ ٻين صنفن ۾ موجود آهي.
نواب ولي محمد خان، جي وڏن ۾ سندس خاندان جي ٻين
فردن جو نه رڳو فارسي ڪلام موجود آهي، پر منجهن
فارسي دانيءَ جي گهڻي قابليت رهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ جي مقدمي ۾
اهو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي.
اسان جو شاعر نواب ولي محمد خان اول، سنڌ جو
وزيراعظم رهيو. هن جي علمي ۽ انتظامي حيثيت توڙي
سندن سپاهيانه ڪردار هڪ مڃيل حقيقت آهي. ايڏي بلند
عملي ڪردار وارو ماڻهو هڪ اعليٰ شاعر به آهي. سندس
فارسي ڪلام اُن ادبي رودايت جو حصو آهي. جا سنڌ جا
فارسي شاعر اختيار ڪندا آيا. هن ڳالهه کي آءٌ هيئن
ٿو چوڻ چاهيان ته سنڌ جا فارسي شاعر ايران جا مقلد
ته هئا پر نقال نه هئا. بلڪه اُهي پنهنجن دل جي
جذبن کي بيان ڪرڻ ۾ ايراني اثرن کان آجا هئا.
شاعريءَ جو هڪ اهم موضوع واردات عشق جو بيان ڪرڻ
آهي. اُن کي آسان زبان ۾ ئي سنڌ جي فارسي شاعرن
بيان ڪيو آهي. اهڙا ڪئين مثال آهن. بيدل سنڌي
سرائيڪي ۽ فارسيءَ جو هڪ بيگانو شاعر آهي. هُو
محبوب جي بزم ۾ اچڻ کي هيئن آسان زبان ۽ اسلوب ۾
بيان ڪري ٿو:
ببزم آمد آن شوخ به نازي عجيب بي،
او به نازي عجبي دل به نيازي عجبي.
سنڌ ۾ فارسيءَ جي ٽن شاعرن جا ترجما نمايان آهن،
اُنهن ۾ مثنوي مولانا روم جو ترجمو مولوي دين محمد
اديب ”بحرالعلوم“ جي نالي سان ڪيو. وري بيدل
سائينءَ ”نهرالبحر” جي نالي مثنويءَ جي طرز تي
مثنوي لکي. سعديءَ جا ترجما نثر ۾ غلام محمد
شاهواڻيءَ ڪيا. ائين رباعيات عمر خيام جا ترجما
مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيا. حافظ شيرازي جي ديوان
مان به جزوي غزلن جا ترجما ٿيا. حافظ جي تضمين به
ٿي. اُن ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن جون ڪاوشون شامل آهن.
حافظ حامد انهن ۾ معيار جي ڪري نمايان آهي:
کڻي جي ناز مان محبوب مون ڏي نِيڻ موچارا،
بخال هندوش بخشم سمر قند و بخارا را.
نواب ولي محمد خان تي حافظ جو اثر آهي. اِها به هڪ
حقيقت آهي ته ديوان حافظ جو اثر سڄي فارسي دنيا ۽
هن برصغير جي فارسي گو شاعر تي نمايان آهي. ديوان
حافظ جي مطالعي انهن جي ڪلام ۾ وسعت آندي ۽ غزل
لاءِ ته ماڊل ٿي ڪم آيو. ديوان جي شعرن مان فالون
ڪڍڻ هڪ طرف ته اُن جي اڪثر شعرن جا شانِ نزول به
ظاهر ٿيا. مثال هڪ واقعو بيان ڪيو ويو ته ڪنهن
رقاصه ۽ مغينه کي حافظ شيرازيءَ تنبيهه ڪندي چيو
ته هي ڪهڙو ڌنڌو ٿي ڪرين؟ هن جواب ڏنو ته مون کي
چڱن ۽ نيڪ نالي وارن جي ويجهو ئي نه وڃڻ ڏنو ويو!
اِها ڳالهه حافظ شيرازيءَ جي هن شعر ۾ سمائي پئي
آهي:
درکوءِ نيڪنامي مارا گذر نه دادند،
گر تو نمي پسندي تغيير کن قضارا.
حافظ چيو ’تغبير ڪردم‘ ۽ رقاص اُهو پيشو ڇڏي راهه
راست تي آئي. نواب ولي محمد خان جي ڪلام ۾ حافظ جو
اثر آهي. هُو انهي مثال ۽ ماڊل تي پنهنجي هڪ ديوان
۾ ٻئي ڪلام جو خالق بنيو.
نواب ولي محمد خان جو ڪلام سندس مطالعي، مشاهدي ۽
ذاتي دلي واردات جو نمونو آهي. هو محبوب کي ڏوراپو
هيئن ٿو ڏئي ته دل جو آرام کسي ويئن آرام ڪهڙو
ڏنئي:
اي نازنين دلربا راحت روان کيستي!
بُردي زمن آرام آرامِ جان کيستي!
فارسي غزل جي روايتي انداز تشبيحن ۽ استعارن جي
طرز کي قائم رکندي فرمائي ٿو.ع
آهوي چشم تُرا شيرڙيان مي دانند،
نوڪ مڙگان ترا تير ڪمان مي دانند.
از خمار مئي چشم تو همه باده ڪشان،
ساغر چشمِ تُرا پير مغان مي دانند.
غزل جي هنن ٻن شعرن ۾ فارسيءَ جي تقليد آهي ۽ اُها
ناگزير آهي. نوڪ مڙگان ۽ شيرڙيان جا لفظ بلڪ سڄو
فارسيءَ جو اثر به موجود آهي ته اُن جي پردي ۾
پنهنجا جذبا شاعر صفائيءَ سان ظاهر ڪيا آهن. ديوان
جي ابتدا ۾ شاعر خدا کان زبان کي توفيق ڏيڻ جي دعا
گهري ٿو:
الاهي جوهر آرا ساز شمشير زبانم را،
چُو خورشيد درخشان کن درنظم بيان را.
جذبن جو اظهار نهايت سادگيءَ سان ڪري ٿو. اُن لاءِ
هڪ هنڌ ستار جي تار جو مثال وٺي ٿو- چي هيءَ ستار
جي تار ناهي جو اُن کي وري درست ڪري وٺجي. هيءَ
دوستيءَ جي تار آهي ۽ تمام نازڪ آهي:
تارِ ستار نيست که بازش ڪُني درست،
اين تار دوستي ست که بسيار ناز ڪيست.
سِتار، حضرت امير خسرو ايجاد ڪئي. اُن جي پوءِ
ايران ڏانهن مشهوري ٿي به هجي، پر هيءَ هتي برصغير
جي ئي ڳالهه آهي.
محبوب جي پيرن جي خاڪ ۽ محبوب جي ويجهو رهڻ، توڙي
سندس غم ئي عاشق لاءِ زاد راه آهي. اُن باري ۾
نواب صاحب پنهنجا دلي جذبا هيئن ظاهر ڪري ٿو:
سامان اگرچه در سفر عشق مشڪل است،
مارا غم تو شام و سحر زاد راه شد.
فارسي شاعريءَ جون تشبيهون ۽ مناسبات جو اثر نواب
ولي محمد خان وٽ واضح طور ملي ٿو. اهو چشم جو
حوالو هيئن اچي ٿو:
آهوي چشم ترا صيد نظر خواهم ڪرد،
دام تسخير ترا آه شهر خواهم ڪرد.
محبوب جي گوهر دندان جي عقد پروين سان ڏي ٿو:
عقد پروين بسر چرخ چو تابان ديدم،
رشته گوهر دندان تو يادم آمد.
ساقي نامي ۾ چوي ٿو:
مغني بيا چنگ را ساز ڪُن،
چو بلبل زبان را خوش آواز ڪُن.
مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي تعريف ۾
نواب ولي محمد خان چوي ٿو:
گرفتي از گردن کَشان باج را،
ببُردي زعباسيان تاج را.
ز چنگ تو ترسنده شير ڙيان،
ز رزم تو فرزنده پيل دمان.
هماي فلڪ صيد دام تو شد،
نگين سلاطين بنام تو شد.
تُرا نام ڪردند افلاڪيان،
غلام علي بادشاهه جهان.
ساقي نامه اول جي تاريخ تصنيف نواب صاحب هيئن لکي
آهي:
گُل ز حُسنت چاڪ دل دارد بباغ،
لاله را از رشڪ روي تُست داغ.
از مي گلگون ز دست ساقيان،
اي نگار نازنين برڪش اياغ.
نافئه مشڪين ز عشق ڪاڪلت،
پُخت سوداي ترا اندر دماغ.
من چَسان وصف تو در نظم آورم،
دل نمي دارد ز عشق تو فراغ.
مصرع تاريخ ديوان ولي،
گفت هاتف ”جابجا بادا چراغ.“
1222 هه
ايئن ساقي نامه دوم ۾ چويهه شعر آهن. اُن ۾ آخري
شعر هي آهي:
ولي نظم تو گوي بُرد از گهُر،
صدف را م ڪُن ز گوهر ها خبر.
نواب صاحب هير رانجهي جو قصو به مثنويءَ ۾ لکيو.
اڳ به ڪن شاعرن مثنويءَ ۾ هي داستان منظوم ڪيو هو.
اُن کان سواءِ نواب صاحب جي فارسي نثر جا نمونا به
موجود آهن.
هن مان اسان کي نواب صاحب جي علمي ذوق، فارسي داني
۽ شاعرانه عظمت جي خبر پوي ٿي. نه رڳو ايترو پر هن
عظيم خانوادي جي علمي حيثيت جا به قائل ٿيون ٿا.
سچ ته نواب صاحب جي علمي ادبي ۽ سپاهيانه ڪردار
توڙي رهنمائيءَ واري پهلوءَ جي مڪمل ڄاڻ لاءِ هڪ
ڀرپور تحقيقي مقالي جي ضرورت آهي.
ساران جکريءَ جا
وَرلاپ
(لولي يا مورو)
اسان جي سنڌ ديس ۾ شاعرن، سُگهڙن ۽ نڪته دانن جي
کوٽ ڪونهي. هر دور ۾ سنڌ منجهه باڪمال شاعر ۽
سُگهڙ پئي پيدا ٿيا آهن. ڪي ڪي اهڙا سُگهڙ پئي
پيدا ٿيا آهن، جن جي ڪلام پاڙو، پٽ، ديس ۽ پرديس
واسي ڇڏيو آهي.
هتي مون کي مائيءَ ساران جو ذڪر ڪرڻو آهي، جنهن
پنهنجي وَرَ جي وڇوڙي ۾ ورلاپ ڪيا آهن، جيڪي لولين
جي صورت ۾ موجود آهن. مائي ساران ذات جي جکري آهي.
هوءَ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي جي هڪ ڳوٺ
’ابڙال‘ ۾ رهندي آهي. ساران جو مڙس ”اَلڪو“ ذات جو
شودو هو، ۽ هيءَ جکري آهي. هنن جي شادي باهمي محبت
جو نتيجو آهي. اَلڪو نهايت پهلوان مڙس هو. گهڻو
ڪري سندس ڪرت چوري ڪرڻ هئي. الڪي کي پنهنجي زال
ساران سان بيحد گهڻو پيار هو. هُو چوري چڪاريءَ ۾
زال کي ساڻ کڻندو هو.
اَلڪي کي صديق نالي هڪ ساٿي به هو. هڪ دفعي جيئن
اَلڪو، پنهنجي ساٿيءَ صديق ۽ زال سان، درياءَ جي
ڪپ تي ٿَم ۾ چورايل مينهون ٿميو ويٺو هو، تيئن کيس
پوليس ۽ ڀاڳين گهيرو ڪري ورتو. ٻيون واهون ته بند
ٿي ويون، باقي درياءُ شاهه جو جَرُ هو، جنهن ڏانهن
اَلڪي زور رکيو. ٽيئي مينهن جي پُڇن ۾ ٽنڊڙي پيا،
۽ مينهون تري اُٿي هليون. ماڻهو چون ٿا ته اَلڪو
هميشه ڦوڪيل سيڻاءُ ساڻ کڻندو هو. هِن ڀيري به
ڦوڪيل سيڻاءُ ساڻ هيس. ڪجهه پاڻي جهاڳڻ کان پوءِ،
مينهن مان هٿ ڪڍيائين ۽ سيڻاءُ تي زور کڻي
رکيائين. هو مهراڻ جي موجن جي آسري اولهه ڪپ ڏانهن
وڌندا رهيا. جڏهن وچ سير ۾ اچي پهتا، تڏهن اُتي
اَلڪي کي ويريءَ واڳونءَ اچي ورايو، ٽنگ ۾ لوهه
کڻي وات وڌائينس مڙس وٺجي ويو، ته به رڙ ۽ دانهن
ڪوڪ نه ڪيائين- ها، مڙس ڪجهه ڍرو ٿي ويو. اتي
ساران واڪو ڪري پڇيس ته ’ولهيءَ جا وَرَ، رهجي ڇو
وئين؟‘ تڏهن جواب ڏنائين ته ’هليا هلو، آءٌ به پيو
اچان؛ هلي ڪپر تي ڪک وڇايو‘. وري صديق ڏٺو ته يار
پٺتي رهندو پيو وڃي، سو واڪو ڪري پڇيائينس ته
’ٻيلي، ڪر خبر، سيڻاءُ لانجهي ٿي ويئي ڇا؟‘ اتي
مڙس پوري پير تي آيو ۽ چيائين: ”سيڻاءُ واءُ ڇڏيو،
۽ سنڌن ساهه ڇڏيو، ويريءَ اچي وات وڌو، ۽ ٽنگ ڳيهي
ويو آهي؛ هاڻي ساران جي پارت اٿئي، اسان جي الله
توهار.....“ ايترو چوڻ کان پوءِ، ويري واڳون کيس
ڳهي ويو.
ساران، ماتم کڻي مچايو. ڪنڌيءَ اچي، پِٽڻ پار ڪڍڻ
۽ اوسارڻ لڳي. جانب جي جدائيءَ هڻي کيس جهوري وڌو.
وٺي جو روڄ ۽ راڙو ڪيائين، ته ساٿيءَ صديق جون
متيون منجهي ويون. مائي گهيڙ تان گِسڪي ئي نه! اهو
’گُليل جو تڙ‘ هو، جو اڄ تائين ساڳئي نالي سان
مشهور آهي.
ساران پنهنجو پاڻ وساري، ٻه ڏينهن تڙ تي گذاريا؛
پوءِ صديق کيس ريهي ريڀي گهر آندو. هن ويچاريءَ کي
ور جي وڇوڙي وڍي وڌو هو. اَلڪو جي مجنون هو، ته
هيءَ به مجنونءَ جي ليليٰ هئي. هوءَ ور جي وڇوڙي ۾
ورلاپ ڪرڻ لڳي. ڪارا مردانا ڪپڙا کڻي ڪيائين، ۽
ڪهاڙي ڪلهي تي، محب جي ميلاپ جا مورا چوڻ لڳي، جن
۾ گهڻو ڪري ور کي لولي ٿي ڏئي.
سال 1902 هو، جڏهن اَلڪي کي واڳون ڳهي ويو. ان وقت
مائي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي. هينئر سندس عمر 56 سال
آهي. هن جي صورت جي مسجد ڊهي ويئي آهي، ته به
محراب ٻڌائين ٿا ته جوانيءَ ۾ هوءَ نهايت سهڻي
عورت هئي. اَلڪي جي موت کان پوءِ هوءَ گهر ڪري نه
ويٺي: جهر جهنگ ڳوٺ راڄ رلندي رهي؛ سڄي آسپاس ۾
اَلڪي کي ڳائيندي رهي. هوءَ جيڪي به لوليون چوندي
رهي تن جا سر مشهور آهن: هڪڙو جوڳ ۽ ٻيو هلڪي گيت
وارو عام سر. ٻئي نمبر تي ٻه – چار روپ آهن.
مائي ساران گهر ۾ ڪو ٿورو وقت ويهندي آهي. نه ته
رڳو رولاڪو! ڳائيندي، ته ائين پيو سمجهبو ته ڪو
سنجيدو مرد پيو ڳالهائي. توڙي جو آواز ۾ زناني لچڪ
اٿس، پر ڳالهاءَ ۾ وقار اٿس. منهنجو مامو، حاجي
جوڻيجو، مائي ساران جکريءَ جي لولين مان چڱيءَ پر
ڄاڻو آهي. کيس اهي لوليون گهڻي تعداد ۾ ياد آهن، ۽
ساڳين اُنهن سرن ۾ ڳائيندو آهي، جن ۾ ساران خود
ڳائيندي آهي. ساران جو ڪلام ويجهڙائيءَ وارن هارين
نارين، ڌنارن پنهوارن کي چڱيءَ طرح ياد آهي.
گليل جي تڙ، جنهن تڙ تان الڪو واڳونءَ جي وات ۾
ويو، ان جو ذڪر ڪندي ساران جوڳ ۾ هڪ چيز ڳائي آهي،
جنهن جو نمونو سندس ٻئي ڪلام کان مختلف آهي. الڪي
کي ويري وات وجهي ڳهي ٿو، تنهن حادثي کي ساران
اثرائتن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. هيءَ چيز جوڳ ۾ ڳائي
ويندي آهي. ۽ نهايت درد ڀري آهي.
اَلڪا مور مان جا، - ٻيلي......
لکي مور مان جا، - ٻيلي ......
گُليل جي تڙ تان، ٻيلي، گُليل جي تڙ تان،
لاکيڻان به لُڙهيا – ٻيلي......
ويري ٿو به وڙهي – ٻيلي......
چور ته هاڻ ڪونهي،
ويريءَ وات وڌو، ٻيلي، ويريءَ وات وڌو.
سيڻاهه واءُ ڇڏيو، ٻيلي، ڇاتيءَ ساهه ڇڏيو!
اَلڪا مور مان جا، لکي مور مان جا!
ڌاڙي جو ته مال، ٻيلي، بلائتو نه ڪجان:
يارهن ته مينهون، ٻيلي، يارهين پاڻ ساران:
بلاتيون ته ڪجان، ٻيلي، بلاتيون ته ڪجان!
ڪونهي ڏوهه منهنجو، ٻيلي، لکيو ويٺي لوڙيان،
سڄڻ کي ته چئجان، ٻيلي، سلام به چئجان!
بولا خان ٿاڻو، ٻيلي، موڪل ڪوبه ماڻهو.
توري پيسا ڏجان، ٻيلي، اَلڪو هاڻ بچي!
ساري سلام چئجان، ٻيلي، ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي:
ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي، ٻيلي، لکيو ويٺي لوڙيان.
اَلڪا مور مان جا، لکي مور مان جا،
لکيو ويٺي لوڙيان!
مٿئين ورلاپ ۾ نهايت ڏک سان ور جي وڇوڙي جون
ڳالهيون ڳڻيون اٿس. هن کي ور جي ڪرت جو ڪوبه افسوس
ڪونهي. هن کي ور ’چوري ڪرڻ‘ ۾ برائي نظر نٿي اچي،
ڇو ته يار جي ياريءَ کي ڏسبو ۽ نه سندس فعلن کي.
اَلڪي جي موت جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ مٿئين ورلاپ ۾ ڪي
خاص واقعا به اچي وڃن ٿا، جن جو تعلق ان وقت سان
آهي، جڏهن الڪو قيد ٿئي ٿو. اتي هوءَ سائين کي چوي
ٿي:
”توري پيسا ڏجان، ٻيلي، اَلڪو هاڻ بچي!“
مٿين چيز نهايت مؤثر آهي. ڪو سنگدل ئي لڙڪ سنڀالي
سگهندو؛ باقي جنهن محبت کي سڃاتو، سو ٻه ٻول ٻڌي
هنجون هاري وجهي.
ساران جون جيڪي لوليون آهن، تن جون مختلف وراڻيون
۽ چوڻيون آهن- جهڙوڪ:
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان...
- پرديسي مٺوءَ کي لولي چوان...
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان...
- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان...
- پرديسي وهنيل کي لولي چوان...
- ويچاري وهنيل کي لولي چوان...
- ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ گهوري گهمان...
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو...
- ڇورا وريل کي لولي چوان...
- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي...
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي...
پويون ٽي چوڻيون اڄڪلهه صالو نالي ڇوڪر سٺي نموني
ڳائيندو آهي، نه ته اها چوڻي ٻيو ڪير نه آڻيندو
آهي. ساران کان سواءِ ٻيا ”لولي چوان“ وارين چوڻين
تي گذارو ڪري ويندا آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏسجي
ٿو ته هنن لولين ۾ شاعره بلڪل سليس ۽ سلوڻي ٻولي
ڪم آندي آهي. ڪن هنڌن ”مان“ لفظ آندو اٿس- يعني
”آءٌ“ اهو لفظ يا ته اتر ۾ عام جام ڳالهايو ويندو
آهي، يا لاشاري ۽ پالاري ڳالهائيندا آهن. ساران،
لاشارين ۽ پالارين واري نوع ۾ ’مان‘ ۽ ’مان جو‘ ڪم
آندو، سو ان ڪري جو مٿين ذاتين جو پاڙو شاعره جي
پاڙي سان گڏ آهي؛ تنهنڪري هنن جي ٻوليءَ ۽ لهجي جو
اثر ورتو اٿس، ۽ انهيءَ نوع ۾ اندر جا اڌما اوريا
اٿس.
هنن لولين ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن، جي دائمي شهرن ۾
رهندڙ ماڻهن کي (شايد) سمجهه ۾ نه اچن. اهي چند
لفظ معنيٰ سميت درج ڪجن ٿا. پهريائين معنائون ڏسي
پوءِ لوليون پڙهبيون ته وڌيڪ لطف ايندو.
اُڪنڊ: سِڪ؛ اونٽي (اوٽي): بخيو، سيبو؛ اَيَڙِي:
ٻڪري؛ بُجَ: گهاٽا وار؛ ٻُئي: ڦُلي، سنگ جو مٿيون
حصو؛ تيلهو: تيل جهڙي رنگ وارو ڍڳو؛ ٽَلِي:
مَٽِري؛ چڙيءَ جي لار؛ ڳارو: جنڊ جي وچ وارو گول
سوراخ، جنهن ۾ مڪڙي وجهبي آهي؛ کاري: ڪَڙِي،
ڪَوڙي؛ کُڙيو: جُتيءَ جي کُڙي؛ کَڙي: حُقي جي
ٽوپيءَ جي تر ۾ ننڍو کَڙو وجهي مٿان ٽانڊو وجهبو
آهي، ان کي چئجي کَڙِي، چغل؛ ڏاگهڙي؛ اُٺِڻِ؛
جُهل: اُٺ جي سينگار لاءِ چِٽيل چادر؛ جُلِي: اصل
نالو ’زليخا‘، بگڙي ’جليکان‘ ٿيو ۽ نيٺ ’جلي‘
بيٺو؛ ڇاري: سانگ ڪندڙ؛ رڙيو: مهنڊ يا ڳاني؛
سمهون: سامهون؛ سُوري: ڦاسي؛ سيلي: ٻڪريءَ جي
ڇيلي؛ ڪانهين: دريا جي ڪيٽيءَ جو ننڍو ڪانهن؛ ڪيٽ:
درياءُ جي ڪيٽي؛ مهندان: اڳيان؛ ناڪي: اُٺ جو مهار
جي ڇيڙي ۾ نڪ وٽ ڳنڍيل (لغام)؛ وهنيل: سدا
شاهوڪار، ويچارو، ڪوڏ جو نالو جيڪو بيچارگي ظاهر
ڪري؛ ڪلو، رانٽا، حب، نيهي: اسم خاص آهن.
هنن لولين ۾ هيءَ چوڻي- ”بچيم جمالي ڪورٺ هاڻ
هلي“، شاعره جي زندگيءَ ۾ اهم آهي. اهو هوءَ ڪورٽ
کي پاراتو ٿي ڏئي، ڇو جو الڪو ڪورٽ ۾ نيو ويو هو.
جيئن اڪثر اڻپڙهيل ماڻهو ڪورٽ (Court)
کي ’ڪورٺ‘ سڏيندا آهن، تيئن ساران به ’ڪورٺ‘ آندي
آهي.
لولين ۾ هن پنهنجي ور جي لاءِ نهايت سهڻي تمثيلي
نوع ۾ عشق جون دونهيون دکايون آهن. سندس خيالن تي
بي اختيار واهه واهه چوڻ تي دل ٿي چوي. ڪيئن نه
هوءَ قائميءَ جي پيرن جو ذڪر ڪريو محب اڳيان نچي
ٿي! الڪي جي عمر سان پنهنجي عمر جي ڀيٽ ٿي ڪري –
ڪهڙو نه سادو خيال آهي! هاڻي سندس ڪلام پيش ڪجي
ٿو.
اُٺ ۽ اُٺڻ
اُٺ تُنهنجي کيس،
ڪيَئُون توتي ڪيس،
- پرديسي مٺُوءَ کي لولي چوان.
اُٺ تنهنجي ڳاني،
کايو وڃج ماني،
آءٌ ته تنهنجي ٻانهي،
- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.
اُٺ تنهنجي بُجَ،
ڪانه به هلي هُجَ،
- پرديسي ساٿيءَ کي لولي چوان.
اُٺ تنهنجي گاديون،
ماڻهن ڪيون شاديون،
- پرديسي مٺُوءَ کي لولي چوان.
اُٺ تنهنجي پير،
متان رکين وير،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
اُٺ تنهنجي مُڇي،
وڃج مان کان پُڇي،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
اُٺ تنهنجو بگو،
سِبان تنهنجو وڳو،
- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
اُٺ تنهنجو ڳاڙهو،
هڻيو وڃين ڌاڙو،
- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.
اُٺ تنهنجي گوربند،
سڄڻ پوندءِ پنڌ،
- پرديسي ماڻهوءَ لاءِ گهوري وتان.
اُٺ ته چري لاڻو،
ڪو نه به آيو ماڻهو،
- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
اُٺ ته چري ڪيٽ ۾،
سُور سانڍيم پيٽ ۾،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
اُٺ ته تنهجي جهُلَ،
ٿِي ته نالي ڀُل،
- ولائتي جانيءَ کي لولي چوان.
اُٺ ته تنهنجي ناڪي،
ساهه به رهيو باقي،
- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.
ڏاگهڙيءَ جو رڙيو،
ڪونج ويٺي پڙهيو،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ڏاگهڙيءَ جو ڏاڻ،
جانب ايندم پاڻ،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ڏاگهڙيءَ تنهنجيءَ ڳاني،
کايو وڃج ماني،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ
مُلڪ تنهنجو ٻيلو،
ٿيندو محبتي ميلو،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو ويڙ،
موڪل ڪو به ميڙ،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو رانٽا،
وڍي ڪيم واٽان،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو ڪَلو،
تَريان ويٺي پلو،
آهيم جيءَ ۾ جلو،
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو حَب،
ساريان ويٺي سڀ،
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو نيهي،
وڃي رهين ويهي،
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو انڌو،
رکي صحبتي سنڌو،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو هيءُ،
پاڻيءَ لپ پيءُ،
پل پهر بيهه،
- بچيم جمالي، بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو سَري،
ڳڻتين ڪيس ڳَري،
چاڪن ڪيس چَري،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ملڪ تنهنجو هِلو،
حَب تائين هَلو،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ٻاجهري
]ٻاجهر،
ٻنيءَ ۽ ٻيڙيءَ جو ذڪر هيٺين لولين ۾ ڪيو اٿس. هنن
سادن لفظن ۾ به هڪ قسم جي سونهن آهي، ملاحظو ٿئي.[
ٻاجهريءَ سندو سنگ،
متان رکين رنگ،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
ٻاجهر ڀانيان ڪانو،
ماڻهن هنيو طعنو،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
ٻاجهر تُنهنجيءَ ٻُئي،
سنهڙيءَ وڃائي سُئي،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
ٻاجهر تنهنجيءَ پَنِ،
تون ته مان جو سَنِ،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
ٻيڙي ۽ ٻني
ٻيڙيءَ جي ته تاڪِي،
ساهه به رهيو باقي،
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ سِر ڪو قربان.
ٻيڙيءَ تُنهنجيءَ ڀانڊي،
ڪين به آهيان واندي،
- پرديسي ساٿيءَ کي جيءُ قربان.
ٻنيءَ تنهنجي موتيو،
مومل بيٺي اوتيو،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
ٻنيءَ تنهنجيءَ ساريون،
کڻيو نيڻ نهاريون،
- ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ سِر ڪو قربان.
ٻنيءَ تنهنجيءَ ٻَنوُ،
پڙهي ته ڏسج پَنوُ،
تون ته مان جو وَنوُ،
- ولايتي جانيءَ کي لولي چوان.
ٻنيءَ تنهنجيءَ مِٽي،
قربن تنهنجي ڪُٺي،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
نالو
] جڏهن
ساران پنهنجي نالي تي اچي ٿي ته، پاڻ کي هزارين
نالن سان سڏي ٿي – جيئن ته[
نالو ته منهنجو ساران،
دليون تنهنجيون ٻارهن،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
نالو ته منهنجو بَچِي،
متان ڙي ڪرين سچي،
- پرديسي وهنيل کي لولي چوان..
نالو ته منهنجو چاڳان،
ساريون راتيون جاڳان،
- پرديسي جانب کي لولي چوان.
نالو ته منهنجو جُلي،
ڙي ساريون راتيون رُلي،
- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.
نالو ته منهنجو حوي،
مرشد پنهنجو نوي،
- ڪارين جي ڪوڏيي کي لولي چوان.
نالو ته منهنجو ڦاپي،
قيد ته توتان معافي،
- ولايت پرينءَ کي لولي چوان.
نالو ته منهنجو صالحان،
سارو جبل جاليان،
- ولايتي ماڻهوءَ کي لولي چوان.
نالو ته منهنجو حوا،
ڪونهي درد جي دوا،
- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.
درياءُ
] شاعره
جا خيال سادا ۽ سٻاجهڙا آهن؛ منجهن هڪ اڻکٽ سونهن
۽ جوت آهي. هوءَ دريا جو ذڪر ڪريو، اونهن خيالن جو
اظهار ڪري ٿي.[
درياءُ جو ڪَنڌيون،
رُنيون اکيون اَنڌيون،
- ٻيلي لولي چوان.
درياءُ ۾ ته ڪانهين،
سنهڙيءَ لوڏي ٻانهين،
- پوءِ لولي چوان.
درياءُ جون ڀِٽون،
چمان تنهنجي مِٽون،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
درياءَ جا ڪَپ،
چُمان تُنهنجا چَپ،
ڪهڙا توکي ڊپ،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
درياءَ جون ڇوليون،
مِٺيون تنهنجون ٻوليون،
ڏيان توکي لوليون،
مينهون تنهنجون ڀوليون،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
مينهن
مينهن ته تنهنجي ڪاري،
ڌيءَ به آهيان ڌاري،
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.
مينهن ته تُنهنجي ڪاري،
ملڪ ته تنهنجو ڇاري،
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.
مينهن ته تنهنجي ڀولي،
لهرن ڏني لولي،
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.
مينهن ته تنهنجي چال،
ڏٺي ٿيم سال،
ههڙا ٿيم حال،
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.
مينهن ته تُنهنجي بگي،
سارين ڳالهين سگهي،
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.
مينهن ته تُنهنجي ڪُنڍي،
اهڃاڻ موڪل مُنڊي،
- ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.
وڻ
] ساران
وڻ جو ذڪر به خوبيءَ سان ڪيو آهي. سندس بيان بلاغت
۽ فصاحت کان خالي آهي، ته به سونهن نه وڃائي اٿس؛
نهايت سهڻو بيان آهي. وڻ جي بيان کي صالو نالي
ڇوڪر (ديهه کورو، ميرپوربٺورو) بلڪل سوز سان،
”بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي“ چوڻيءَ ساڻ،
ڳالهائيندو آهي.[
اَي، وڻ ته ڀانيان لاڻو،
مٺا ڇڏ تون ماڻو،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
اي، وڻ ته ڀانيان ڄَمون،
سنهڙي بيٺي سَمهُون،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
اي، وڻ ته ڀانيان لئي،
ويئي ماڪ لهي،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
وڻ ته ڀانيان جهل،
متان موڙئين دل،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
وڻ ته ڀانيان ڄار،
تون ته ننڍڙو ٻار،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
اي، وڻ ته ڀانيان ڄاريون،
کڻيو ته نيڻ نهاريون،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
وڻ ته ڀانيان ڪنڊي،
آهيان پاڻ اُڪنڊي،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
اي، وڻ ته ڀانيان ٻير،
ڌوئان تنهنجا پير،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
وڻ ته ڀانيان ٽالهي،
وهي به ٿي نالي،
- ڙي، بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ٻٻر
ٻٻر ڀانيان ٽاري،
چُغل توتي چاري،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
ٻٻر ڀانيان ٽاري،
ڌيءَ ته آهيان ڌاري،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
ٻٻر تنهنجي ڦُلي،
ڇوري ته توسان کُلي،
- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ٻٻر ڀانيان ٻُوري،
ويهڻ آهي سُوري،
- پرديسي سڄڻ لاءِ ساهه ڪو قربان.
ٻٻر ڀانيان پَنِ،
تون ته مان جو سَنِ،
- وهنيل ڇورا، لولي چوان.
ٻٻر ڀانيان ڇَهيون،
ڳالهيون روح ۾ رهيون،
- بچيم جمالي، بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ٻٻر ڀايان ڇوڏو،
ڇوريءَ کاڌو لوڏو،
- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.
ٻٻر ڀانيان تاڪي،
ساهه به رهيو باقي،
- ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ گهوري وتان.
وار
وار ته تُنهنجي گهُنڊي،
اَهڃاڻ موڪل مُنڊي،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
وار ته تنهنجا واڌُو،
مائٽ تنهنجا ساڌو،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
وار ته تنهنجا ونگا،
مائٽ ته تنهنجا ڏنگا،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
وار ته تنهنجا ڦڻي،
تون ته مان جو ڌڻي،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
ڍڳو
ڍڳو ته تنهنجو تيلهو،
روح به ڏنو ريلو،
- پوءِ لولي چوان.
ڍڳو ته تنهنجو تيلهو،
ٿيندو محبتي ميلو،
- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ڍڳي تُنهنجي پُٺي،
قُربن تُنهنجي ڪُٺِي،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
ڍڳي تنهنجي ٽِلِي،
وِيَڙا جگر جلِي،
- بچيم جمالي، بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ڍڳي تنهنجي ڳاني،
کايو وڃج ماني،
- ڙي، وهنيل، لولي چوان.
ڍڳي تنهنجي ڳاني،
آهيان ته تنهنجي ٻانهي،
- ڙي، پرديسي، لولي چوان.
ڍڳي تنهنجي چنگ،
متان به رکين زنگ،
- ويچاري وهنيل کي لولي چوان.
ڍڳي تنهنجي مُڇي،
وڃج مون کان پُڇي،
- ولايتي
ماڻهوءَ کي لولي چوان.
ٻڪري
ٻڪريءَ تنهنجي سنڱ،
ڇوڪر موڙيو لڱ،
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ٻڪريءَ تنهنجي سيلي،
تون ته مان جو ٻيلي،
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ٻڪريءَ تنهنجي پُڇ،
وڌيڪ ڪجهه ڪُڇ،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ٻڪريءَ تُنهنجيءَ ٿڻ،
پوکيم تو لاءِ وڻ،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ايِڙيءَ جي ته واڙي،
ڌيءَ هيس ڌاري،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
]هاڻي
هن هيٺ اهي لوليون ڏجن ٿيون، جن ۾ شاعره اجرڪ، چنڊ
– تارا، رومال، هٿ، گاڏي، جتي، قائميءَ جا پيرون،
جبل، پکي، قميص، گهر، گهوڙي، دنبوري (ننڍو طنبورو،
يا تانپورو) ۽ اڀ وغيره جو ذڪر ڪيو آهي.[
اجرڪ تنهنجيءَ ڦُلي،
راتان ڏينهن رُلي،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
اُڀريو جي چنڊ،
ڇوريءَ جوٽيو جنڊ،
- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.
اڀريا جي ٽيڙو،
وريا مئيءَ جا ميڙو،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
اُڀريو جي تارو،
ڇوريءَ وڌو ڳارو،
- پرديسي ماڻهوءَ کي لولي چوان.
اُڀريو جي تارو،
وريو مئيءَ جو وارو،
- پرديسي جانب کي لولي چوان.
رومال تنهنجي اونٽي،
متان وڃين موٽي،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
رومال تنهنجي چِٽ،
تون ته مان جو مِٽ،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
رومال تُنهنجي مڻيون،
ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻيون،
- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.
هٿ ۾ تنهنجي ڇلا،
اُٺ ته تنهنجا ڀلا،
- مٺي ماڻهوءَ کي لولي چوان.
هٿ ۾ تُنهنجي مُنڊي،
مُنڊيءَ جي ته جڙا،
پِيج کيرن گهڙا،
- پرديسي مٺل کي لولي چوان.
گاڏيءَ ڀانيان بابو،
ڪريو وڃين قابو،
نالو ته تنهنجو صابو،
ساٿي سانول،
- پرديسي سانول کي لولي چوان.
گاڏيون گاڏا چوڏهن، مير!
منهنجي دل توڏانهن، مير!
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
گاڏيون گاڏا ست، ڙي مير!
موڪليان توڏانهن خط، ڙي مير!
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
جُتي تنهنجيءَ چاندي،
مفت ميس ماندي،
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
جُتي تنهنجي کُڙيو،
هوندين جيءَ ۾ جڙيو،
- بچيم پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
قائميءَ سندا پيرون،
سنهڙيءَ ٻڌيون ڇيرون،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
قائميءَ سندا پن،
تن ته مان جو سن،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
جبل ٿي مٿي لاڻِي،
ڪريو وڃين ڄاڻِي،
ڇوريءَ ڀريو پاڻي،
- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.
جبل مٿي جهِل،
متان موڙئين دل،
- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.
جبل مٿي بڙ،
ماڻهن وڃايو وڙ،
- پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.
پکي ته ڀانيان ڊيل،
وري اٿئي هيل،
اچ ته چڙهون ٻيلهه،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
پکي ته ڀانيان طوطو،
هاڻ ته پَنو پهتو،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
پکي ته ڀانيان ڪانگ،
متان سُلين سانگ،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
پکي ته ڀانيان ڪٻر،
ڪانه به آئي خبر،
- بچيم جمالي ڪورٺ هاڻ هلي.
گهر جي مهندان ڳيرو،
متان ڀڃين ڀيرو،
- پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.
گهر جي مهنڊان ڪٻر،
جلد پُڄائي خبر،
- پرديسيءَ پکيءَ کي لولي چوان.
گهر جي مهندان ڪانگ،
متان سڻائين سانگ،
- ڳاڙهين جي ڳنوار لاءِ جيءُ ڪو جڏو.
گهر جي مهندان ٻليون،
اَپر مٿي دليون،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
گهر جي مهندان سَرَ،
مَتان ڀڃين وَرَ،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
خميس تنهنجيءَ ٻانهُون،
ڙي، دل به ڪري دانهون،
ڪٿي لڌيئي لانئُون؟
ڙي، اينديس پاڻ آئون،
- پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
خميس تنهنجيءَ ڳچي،
وقت به ويو وچين،
- بچيم پرديسي، لولي چوان.
خميس تنهنجيءَ بَکيو،
هڪجيڏين لَکيو،
- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.
خميس تُنهنجي اونٽي،
متان ٿئين کوٽي،
- وهنيل ويچاري کي لولي چوان.
اُڀ مٿي گوڙيون،
وڇايان تو لئي سوڙيون،
- بچيم جمالي، پرديسي، ڪورٺ هاڻ هلي.
مال ته تنهنجو ڳئون،
ڪهڙي هنڌ رهون،
- ڙي ٻيلي، ڪورٺ هاڻ هلي.
گهوڙي ته ڀانيان سُرخي،
مومل نڪتي مُرڪي،
- بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.
ڪاٺ جي ڀانيان مڪڙي،
ٻيلي ٿيس تڪڙي،
- پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.
دانگيءَ ۾ سَيوُن،
ڳالهين جڳ ۾ پَيُون،
- سانوڻ سهڻي تان گهوري وڃان.
پکي ته ڀانيان وَهيو،
ڪهڙي راڄ ۾ رهيو،
- سانول سهڻي تان گهوري وڃان.
پکي ته ڀانيان ليلهو،
ديس ته تنهنجو ٻيلو،
- سانول سهڻي تان گهوري وڃان.
دنبوريءَ تنهنجيءَ تند،
وڇايم تو لاءِ هنڌ،
- ڇورا، وريل، لولي چوان.
دنبوريءَ تُنهنجيءَ ڀانڊي،
ڪونه به آهيان واندي،
- ڙي ٻيلي، لولي چوان.
حُقي تنهنجي کَڙي،
ٿيس هاڻ ڪَڙي،
- پرديسي پکيءَ لءِ گهورِي وتان.
حقي تنهنجي ناري،
ٿيس هاڻ کاري،
- پرديسي پکيءَ لاءِ گهوري وتان.
حُقي تنهنجي گوءِ،
هُيَڙس ڌاري جوءِ،
- پرديسي پکيءَ لاءِ گهوري وتان.
حُقي تنهنجي چِٽ،
ڪونهي مُئيءَ جو مِٽ،
- پرديسي
پکيءَ لاءِ گهوري وتان. |