سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:22 

سنڌالاجيءَ جي اشاعتي رٿائن ۾ سنڌي شعبي ۾ لکيل پي ايڇ. ڊي. ٿيسز جو تعداد توڙي معيار نهايت مٿاهون آهي. انهن جي چونڊ ۾ اڪثر اهوئي اصول ڪارفرما نظر اچي ٿو جنهن کي جيڪڏهن ”اوچتو خيال“ چئجي ته غلط نه ٿيندو. ته به ڪنهن ٿيسز کي ڇپائڻ جو هيءُ اوچتو خيال مفيد ۽ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ وٽان آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ بابت لکيل ٿيسز سنڌي شعبي جي ڪارڪردگيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. ٿيسز هي آهن:

1.      لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – غلام علي الانا.

2.     سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج – الهداد ٻوهيو

3.     سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعري جو اثر – عبدالجبار جوڻيجو

4.     لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو – عبدالڪريم سنديلو

5.     سنڌي غزل جي اوسر (ٻه ڀاڱا) – اياز قادري

6.     سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ – غلام حسين پٺاڻ

7.     آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي  ادب جي اوسر- شمس الدين عرساڻي

سنڌي شعبي ۾ هن وقت تائين 25 پي ايڇ. ڊي جون ڊگريون اَوارڊ ٿي چڪيون آحن، جن مان هن وقت تائين نوَ ٿيسز شايع ٿي چڪيون آهن. انهن مان مٿيون ست سنڌالاجي شايع ڪيون آهن: انهيءَ لحاظ کان ته هي ٿيسز سنڌي ادب ۽ زبان جي خاص موضوعن تي پکڙيل آهن ۽ اهم مواد آهي، جيڪو سنڌي زبان ۾ هجڻ ڪو عجب جهڙي ڳالهه نه آهي. سنڌالاجي اهي ٿيسز شايع ڪري هڪ وڏي خال کي پُر ڪيو آهي. ته به اوچتي خيال واري نقطي کي اڃان به بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، جو سنڌي شعبي ۾ اڃا به پي ايڇ. ڊي ۽ ايم. اي جون فل ٿيسز توڙي مونوگراف موجود آهن، جن کي ڪنهن ڪميٽيءَ جي اڳيان پيش ڪجي ته بهترين ٿيسز جو اشاعت لاءِ انتخاب ڪجي. انهيءَ ريت اوليت جي بنياد تي بهترين مسودن جو انتخاب ڪري سگهبو. نه رڳو ايترو پر فقط ڏسڻ ۾ ضخيم ڪتابن مان به بهتر ڪتابن جي تلخيص ڪري سگهبي. هي آءٌ ان ڪري ٿو چوان جو اسان جي علمي ادارن جي اشاعتي پروگرام ۾ به ذاتي پسند ئي محرڪ جذبو رهي آهي. جيڪڏهن هڪڙو اديب اختيار وارو آهي ته سندس ڪتاب پيا ڇاپيا وڃن ۽ پوءِ ڪجهه به نه.

سنڌالاجي سنڌي زبان بابت خاص هيٺيان ڪتاب شايع ڪيا آهن:

1.      سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي – ڊاڪٽر غلام علي الانا

2.     سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس         – ڊاڪٽر غلام علي الانا

3.     علم لسان ۽ سنڌي زبان     – پروفيسر علي نواز جتوئي

4.      وڏو سنڌي ويا ڪرڻ          – ڀيرومل مهرچند

سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ ان سان لاڳاپيل پهلوئن، لسانيات ۽ ان جي شاخن تي اڃا به گنجائش هئي. اسان وٽ لساني ماهر به موجود آهن. انهن کي اڃان به ڪي ڪارائتا ڪتاب لکائي شايع ڪرڻ کپن. سنڌالاجيءَ کي ذريعا آهن جن وسيلي هي ڪم ٿي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ، پروفيسر جتوئي، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر سنديلي، ڊاڪٽر ٻوهئي، جناب عمر چنڊ، جناب سراج الحق ۽ ٻين ماهرن جون خدمتون ضرور حاصل ڪرڻ کپن.

سنڌالاجي، تاريخ، تنقيد، لوڪ ادب، عروض، ناٽڪ، راڳ، شعر جي صنفن، شارٽ هئنڊ ۽ ٽائپنگ وغيره تي تي به ڪتاب شايع ڪيا آهن، جن سان سنڌي ادب ۽ زبان جو خزانو وڌيو آهي. هنن ڪتابن جو معيار اوچو آهي. پر ٻارن لاءِ شايل ڪيل ڪتابن ۾ اڪثر جو معيار نهايت هيٺاهون آهي. شخصيتن ۽ قصن جي ننڍڙن ڪتابن ۾ مواد گهٽ ۽ ٽائيپ وڏي آهي ته به اڪثر ليکڪن ۽ مترجمن گهربل معيار کان گهٽ ڪارڪردگي جناب ملڪ نديم جڏهن ڪابه مناسب ڳالهه نه چئي سگهيو آهي ته ڳائڻن جي حوالي سان سچل جي ڪافين جا حوالا ڏيئي مطلوبه صفحا ڀريا اٿس. هنن ڪتابن کي لڳي ٿو ته ڪنهن حقيقي ماهر کي نه ڏيکاريو ويو آهي.

سنڌالاجيءَ جي انگريزي ڪتابن وانگر هڪ جنرل سنڌيالوجيڪل اسٽيڊيز (Sindhological Studies) به شايع ٿيندو اچي پيو. پهرين فقط هڪ بليٽن هئي. جئن موجوده جرنل، سنڌي ادب کان اڳ هڪ بليٽن نما پرچو علمي آئينو شايع ٿيندو هو. سنڌي ادب ۾ نه فقط سنڌي زبان، تاريخ ۽ ادب جي باري ۾ مقالا ڇپجن پيا پر ٻين موضوعن جهڙوڪ نفسيات، سوشل ورڪ، سوشيالاجي، اقتصاديات، بين الاقوامي سياست ۽ آثارقديمه وغيره تي مقالا ۽ ڪي مضمون ايندا رهن ٿا. هنن مان اڪثر جو گهٽ معيار ڌيان ڇڪائي ٿو. هونئن جرنل جا گهڻا مقالا اعليٰ معيار جا آهن، انهن سان غير معياري مقالا گڏي شايع ڪرڻ ۾ ڪهڙي مجبوري آهي، اُها مون کي سمجهه ۾ نه آئي آهي.

فهرست ۾ مقالي جو صفحو نمبر نه ڄاڻائڻ ۾ ڪهڙي رمز رکيل آهي، اِها ڳالهه به ايڊيٽوريل بورڊ کي واضح ڪرڻ کپي.

سنڌالاجيءَ جي شايع ڪيل ڪتابن جون فهرستون به موجود آهن. تعداد جي لحاظ کان هن وقت تائين 130 کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. فهرستن مان هڪ ڪتاب منهنجو خاص طور ڌيان ڇڪايو جيڪو 1958ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڇپايو هو. يعني مرزا قليچ بيگ جون ”يادگيريون“. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳ ۾ ٿيل ٻي به ڪا پبليڪيشن سنڌالاجيءَ جي ذمي ڪئي ويئي. بهرحال 24 سالن ۾ 130 ڪتاب ۽ مخزن اعليٰ معيار تي شايع ڪرڻ ڪو گهٽ ڪارنامو نه آهي.

منهنجي ذاتي خيال بلڪ خواهش آهي ته ٻين شعبن کان وڌيڪ اشاعت جي شعبي کي ڌيان ۽ رقم ڏني وڃي. اڃان به وڌيڪ تعداد ۾ ۽ اعليٰ معياز جا، مفيد ڪتاب شايع ڪيا وڃن. اٺن ڏهن ماڻهن تي مشتمل پبليڪيشن ڪميٽي هجي، جيڪا ڇپائڻ لاءِ ڪتاب چونڊي ۽ نوان لکائي. ابتدا ۾ اشارو ڏنل ٻن ڪتابن ”سنڌ جي ثقافتي تاريخ“ ۽ ”مشاهير سنڌ“ اڃان مڪمل نه ٿيا، ته انهن جو به ڪو تدارڪ ڪرڻ کپي. نيون فهرستون ۽ ببلوگرافيون تيار ڪيون وڃن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تيار ڪيل سوا ست سؤ جلدن مان مدد وٺڻ کپي، جن ۾ هن اٽڪل 240 شخصيتن ۽ 30 جماعتن جي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ محفوظ ڪيو آهي.

سنڌالاجيءَ جي مقاصد کي اڳيان رکي آئينده اشاعتي پروگرام تيار ڪجي. جي مقاصد ۾ ڪنهن تبديليءَ جي گنجائش نظر اچي ته اديبن ۽ عالمن جي ڪنهن ڪميٽيءَ هٿان جناب وائيس چانسيلر صاحب جي صدارت ۾ اُها تبديلي پهرين ڪري وٺجي. اهڙي ريت هن سلور جوبليءَ کان اڳتي جي رٿا وڌيڪ قوت سان، وڌيڪ مفيد ٺاهجي.

هي فقط مختصر جائزو آهي، جيڪو مون سنڌالاجيءَ جي ڇپايل ڪتابن جو ورتو آهي. تفصيلي تنقيد ۽ تبصري يا نصابي انداز جي گفتگو کان پاسو ڪيو اٿم.

حيدرآباد جو قلعو ۽ هڪ گذارش دردمند دل جي!

سجاڳ قومون پنهنجو ورثو سنڀالينديون آهن. پنهنجي ماضيءَ جا نشان ڪڏهن به ميسارجڻ نه ڏينديون آهن. ان لحاظ کان ڏسون ته اسان ڇا ڪيو آهي؟ بلڪ ائين چئجي ته اسان سان ڇا ٿيو آهي! پاڪستان جي قديم آثارن جي سار سنڀال جي لحاظ، ڳڻپ ڪجي ته انهن ۾ سنڌ جا قديم آثار بي توجهيءَ جو شڪار ٿيا آهن. انهن ۾ به قلعن جو حال خراب آهي. ڀيٽ لاءِ هڪ حوالو آئون دهليءَ جي لال قلعي جو ڏيڻ ٿو چاهيان، جنهن کي ڊسمبر 2003ع ۾ اندر ترسيل ڀارتي فوج خالي ڪيو آهي ۽ ڪلچر ٽوئرزم جي حوالي ڪيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ويئي آهي ته جلد قطب مينار ۽ ٻين اهم قديم آثارن وانگر انسان ذات جي مشترڪه ورثي (Heritage) وارن جي حوالي ڪيو ويندو. پاڪستان جي ٻين قلعن ۽ آثارن کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سنڀاليو ويو آهي. پر سنڌ جا قديم آثار ۽ قلعا بري حال ۾ آهن. ڪوٽ ڏيجي مقابلتاً سنڀاليل آهي، پر ان ڏانهن اڃا به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حيدرآباد جو (پڪو) قلعو ائين چئجي ته مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي ۽ هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه حيدرآباد کي تعمير ڪرڻ ۽ قلعو جوڙڻ جو حڪم 69 – 1768ع ۾ ڏنو ۽ 1770ع ۾ قلعو تعمير ٿي چڪو. 1770ع ۾ استعمال ۾ اچڻ شروع ٿيو. نيرون ڪوٽ واري قديم بنياد تي تعمير ٿيل هن عظيم الشان قلعي جي ديوار جو ٽڪرو انگريزن جي دور ۾ بارود ڦاٽڻ سبب نقصان هيٺ آيو، پر صحيح طور هن قلعي جي تباهي ورهاڱي بعد شروع ٿي. قلعي ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهو اچي ويٺا ۽ عارضي رهائش کي جايون اڏڻ سان مستقل ڪيو. جنهن ڳالهه کي اسين قلعي جو نقصان ٿا چئون. اهو ان جي ديوارن سان گڏ گهر اڏڻ ۽ ديوارن مان گند جون ناليون پار ڪرڻ آهي. مون 1955ع کان وٺي مختلف وقتن تي قلعي ۾ وڃي جائزو ورتو آهي. قلعي گرائونڊ ۾ شهيد ڀٽي ۽ اصغر خان جا جلسا به ٻڌا اٿم. هن مضمون خاطر 6 جنوري 2004ع تي وڃي ڏٺم. قلعي ۾ پارڪ، مسجدون ۽ اسٽيڊيم نظر آيا. پر قلعي جي فصيل سان متصل جيڪي جايون ٺهيون آهن. انهن سان نقصان ٿيو آهي. هي هڪ تاريخي نشان آهي، ان جي سار سنڀال جو فرض آهي. وقت وڌيڪ غفلت جي اجازت نٿو ڏئي. هيءَ هڪ قومي تقاضا آهي.

قلعا ۽ ڪوٽ اڳوڻن حڪمرانن جي ايجنڊا جو بنيادي جز رهيا آهن. حيدرآباد جو قلعو عظمت جي نشانن مان هڪ آهي. هن قلعي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ وارن ۾ مرحوم محمد موسيٰ راز به هڪ آهي. هو حيدرآباد جو رهاڪو هو، مشهور اديب مقبول ڀٽيءَ جو والد ۽ شاعر عبدالله خواب جو وڏو ڀاءُ هو. منهنجي ٻنهي ڀائرن سان ملاقات رهي. سندس نظم ”حيدرآباد جو قلعو“ مان اول ۽ آخر بند هن ريت آهي:

گلستان ڪنهن ۾ يا هاڻي ٿيو دور خزان آهي
 ويل ڪنهن قافلي جو خيمه روان آهي
ڪنهن محفل ڦٽل جو هي فرياد و فغان آهي
گذشته دور جو البته اهو هڪڙو نشان آهي
انهيءَ ڪهني مان عجب عبرت عيان آهي
اڏاڻو ٿي هتي پرچم شهنشاهي ڪلهوڙن جو
نقارو ٿي وڳو هت ٽالپر جي راڳ رونشن جو.

هي سنڌ جي عظمت جو نشان عام ماڻهن جي گهرن اڏن لاءِ نه هو، انهن گهرن ۽ٻين جاين کي هٽائڻ لاءِ ڪوششون سڀ ناڪام ٿيون، ان سلسلي ۾ سياست آڏو آئي. جيڪي به ٿيو، تنهن جو نقصان ناقابل معافي آهي. تلافي بهرحال ٿيڻ کپي ۽ ماضيءَ جي تعميرات ۾ هي هڪ اهم قلعو آهي. فصيل سان تمام گهڻو ظلم ڪيو ويو آهي، فصيل سان ڳنڍيل جاين کي ان کان جدا ڪجي ۽ جي آثار قديمه وارن کي دل ۾ رحم پوي ته صفائيءَ کان پوءِ فصيل کي درست ڪرڻ جي تياري ڪن، عام طور اهو مشڪل ٿو لڳي ته گهر ديوار کان هٽايا وڃن پر ممڪن فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن مڪين هٽڻ جي ڪن ۽ سرڪار سياسي رهنمائن جي صلاح سان هن ڀيري همت سان قدم کڻي. قومي درد رکندڙ رهنما ۽ دانشور هڪ مهم طور هن مقصد لاءِ ڪم ڪن. هي هڪ گذارش آهي درد مند دل جي!

حڪومت ڪيترائي ڀيرا حيدرآباد جو پڪو قلعو خالي ڪرائڻ لاءِ فيصلا ته ڪيا آهن يا سوچ ويچار به ڪيو آهي پر ان کي عمل جو ويس پهرائي نه سگهي آهي. ڪجهه وقت اڳ قلعي جي رهواسين کي متبادل رهائش ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو هو، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. ثقافتي ۽ قديم ورثاء انسانيت جي گڏيل ميراث آهي، انهن کي بچائڻ سڀني جو فرض آهي، ان لاءِ موجوده حڪومت کي اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.

اسان جي بي حسي اها آهي ته اسان پنهنجي تاريخ کي پنهنجي اکين سامهون تباهه ٿيندي ڏسي رهيا آهيون. پر خاموش آهيون. هن وقت اهو ضروري آهي ته قلعي واسين کي متبادل رهائش ڏيئي حيدرآباد جي پڪي قلعي کي خالي ڪرايو وڃي. ان کي اصلي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ان جي مرمت جو انتظام ڪيو وڃي ۽ پوءِ ان جي سار سنڀال جا مستقل ۽ جوڳا انتظام ڪيا وڃن. اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ثقافتي ورثن ۽ قديم آثارن کي وقت تباهه نه ڪندو آهي پر قوم جي بي حسي انهن کي ڀوري ڇڏيندي آهي. ان ڪري انهن کي بي حسي، لا تعلقيءَ واري روش کان بچائڻو آهي، نه ته اسان جي تاريخ ۽ تهذيب جي ارتقا جا اهي شاهد به ميسارجي ويندا.

مالهين جو دڙو

سجاڳ قومون پنهنجي ورثي کي سنڀالڻ کي اوليت ڏينديون آهن. اُنهن کي تعليم ۽ ترقيءَ جيتري اهميت ڏينديون آهن. اسين نه تعليم کي اهميت ۽ اوليت ٿا ڏيون، نه پنهنجي ورثي کي ٿا سنڀاليون. اسان جا آثار قديمه ڊهندا پيا وڃن. سنڌ سان ته خاص جُٺ آهي. اسان جا قلعا ۽ اهم شخصيتن جا قبا زبون حالت ۾ آهن. حيدرآباد جي پڪي قلعي سان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي، تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ذمه داري ارباب اختيار ۽ هن ملڪ جي اُنهن ماڻهن تي آهي جن قلعي جي فصيل مان پنهنجن ڪاڪوسن جون ناليون وهايون آهن. ڌاريا ايئن ڪن ٿا ۽ پنهنجا بيوس آهن. وڪاڻل گهوڙا ڇا ڪن؟ بيوس اُٺن بار ڇڏيا.

هيڏانهن سنڌ جي آثار قديمه لاءِ جيڪا بجيٽ ملي ٿي سا سنڌ جي محڪمه آثار قديمه کي معلوم هوندي. هن ليک ۾ آءٌ فقط لاڙ جي قديم آثارن مان هڪ مالهين جي دڙي بابت ٻه اکر پيش ڪريان ٿو. لاڙ جا سڀ آثار ۽ دڙا اڃان کوٽيا نه ويا آهن. فقط هڪ دڙي تي ماستر محمد سومار شيخ (35 – 1986ع)، ڪوڏر کڻي بيٺو. اُهي بدين شهر سان لڳ بدين شهر جا ئي پراڻا آثار هئا،جن کي هن کوٽيو ۽ ڪجهه ٺڪر ۽ ڪوڏ ڪڍي سگهيو. جيڪي ڪنهن نتيجي ڪڍڻ لاءِ ڪافي نه ٿي سگهيا.

قديم آثارن جو مطالعو هڪ منفرد ۽ فني موضوع آهي. فقط تاريخ جو طالب علم ڪي به صحيح ۽ مستند نتيجا ڪڍي نٿو سگهي. اُن لاءِ آثار قديمه جي موضوع جي باضابطا تعليم ۽ علمي تربيت ضروري آهي. جئن عرض ڪيم ته لاڙ ۾ قديم آثارن جي کوٽائي (Excavation) نه ٿي آهي. بنا رقم جي هي ڪم ٿيڻو نه آهي. هيءَ ايراضي نهايت بري حال ۾ آهي. چار سؤ سال اڳ تعمير ٿيل مسجدون ۽ مقبرا زمين دوز ٿي چڪا آهن. بدين شهر ۽ ضلعي جا آثار هن کان اڳ ئي ختم ٿي چڪا آهن. سواءِ اُنهن مزارن جي، جن جا متولي ڀرسان ويٺا آهن ۽ بزرگن جي نالي تي پيٽ پالي رهيا آهن.

هتي آءٌ فقط هڪ قديم دڙي بابت مختصر ۽ بنيادي رپورٽ پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪو مالهين جو دڙو سڏجي ٿو. قديم آثارن جي هيءَ نشاني ڪوڏر جي هڪ لپي کان به بچيل آهي. مون پنهنجي دوست محمد سومار شيخ (مرحوم) سان گڏ 1958ع کان 1962ع تائين واري دور ۾ هن دڙي ڏانهن اچ وڃ جاري رکي هئي. اُها اچ وڃ ڪڏهن اسان ٻنهي جي گڏ ۽ ڪڏهن جدا جدا جاري رهي. محمد سومار شيخ پرائمري اُستاد هو. انگريزي زبان توڙي آثار قديمه جي بنيادي اصولن کان ناواقف هو. ايئن آءٌ به آثار قديمه جي اُصولن جو ڄاڻو نه هوس. مون کي اُن وقت کان وٺي فقط ادب ۽ زبان سان دلچسپي رهي. محمد سومار شيخ اُن وقت کان وٺي پراڻن دڙن ۽ ڀڙن ڏي پيادي پير يا ڪڏهن سائيڪل  تي سوار وڃڻ شروع ڪيو. اِن ريت لاڙ جي دڙن ۽ ڀڙن جي هڪ ديهه – تپو ۽ تعلقي وار فهرست تيار ڪيائين ۽ اُها فهرست پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب بدين ضلعي جو مطالعو ۾ 1982ع ۾ شايع ڪيائين. اُن فهرست ۾ 141 دڙن جو ذڪر آهي. گهڻو ڪري سڀ دڙا کوٽائيءَ جي عمل مان نه گذريا آهن. فقط هڪ دڙو، جئن مٿي ذڪر ڪيم ته بدين شهر سان متصل دڙو جيڪو پراڻو بدين شهر ڄاتو ويو تنهن کي ذڪر ڪيل دوست محمد سومار شيخ ڪوڏر کڻي اچي لڳو ۽ نيٺ پاڙي وارن سياڻن جي چوڻ تي مُڙيو. اِهو هن وڃايل ۽ ڍڪيل ورثي کي لڀڻ لاءِ ٿي ڪيو. اِن مان هُن جو پيار ظاهر هو. اِن مان هن کي ۽ ڪن ٻين ماڻهن کي ڪي سڪا مليا.

اهو صحيح آهي ته آبادگارن ۽ دڙن جي ڀرسان رهڻ وارن ماڻهن هنن دڙن کي نه رڳو نقصان رسايو آهي، پر ڪن دڙن کي پنهنجي زرعي زمين جو حصو بنائي ڇڏيو اٿن. هنن دڙن ۾ ذڪر هيٺ مالهين جو دڙو اهم آهي. هي دڙو بدين شهر کان 12 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ منهنجي اَباڻي ڳوٺ پير فتح شاهه کان 2 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. لنواري شريف کان 5 ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي. دڙو پکيڙ جي لحاظ کان هڪ هڪ فرلانگ اولهه – اوڀر ۽ اُتر ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي. زمين کان 30 فوٽ اوچو آهي. جئن پوءِ تئن اوچائي گهٽبي وڃي. هيءُ دڙو ديهه مالڪي، تپي ننگر کيٽ ۽ تعلقي (توڙي ضلعي) بدين ۾ آهي.

مقامي روايتن موجب هتي منڌرا قوم جو راڄ هو. اُنهن جو راڄواڙو هتي 17 صدي عيسويءَ ۾ قائم هو. موجوده مالهين جو دڙو اُنهن جو پايه تخت يا محل هو. شايد شهر به اِهو ئي هو. مالهيا هنن منڌرن جي اوڙڪ هئي. حڪمرانن ۾ راڌڻ منڌري جو نالو اچي ٿو. مليل سِڪن مان ڪن تي راڌڻ ۽ شاهجهان بادشاهه جا نالا مليا آهن. مينهن پوڻ تي دڙي تان سڪا، ٺڪر جا ٿانوَ، چانديءَ جا زيور ۽ ننڍا سون جا ذرا ۽ زيور اڪثر لڀن ٿا.

راڌڻ ۽ ٻين مالهين منڌرن هتي راڄ ڪيو آهي. دڙي جي اُتر طرف بلڪل ويجهو محمد صديق منڌري جو ڳوٺ آهي. اُن جي فرزند ماستر ڏاتر ڏني (مرحوم) جو به اِهو خيال هو ته هُو مالهيا منڌرا آهن. محمد سومار شيخ جي ڪيل مطالعي موجب هي علائقو ريڻ درياء ذريعي آباد ٿيندو هو (بدين ضلعي جو مطالعو – ص 116). مليل روايتن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هن ايراضيءَ جي مالهين منڌرن ۽ جوڻيجن ۾ تڪرار ٿيو ۽ مالهين جي اڪثريت هيءُ علائقو خالي ڪيو ۽ اولهه ڏکڻ ڏانهن لڏي ويئي. هوڙو جوڻيجو ۽ جيو جوڻيجو طاقت وارا ٿي گذريا آهن. اُنهن جا قديم ڳوٺ بدين شهر جي اُتر طرف آهن. منهنجو ڳوٺ ۽ جوڻيجن جا ٻيا ڳوٺ ڪُن ۽ ڍورو، مالهين جي دڙي جي اولهه ۽ ڏکڻ ڪنڊ تي آباد آهن. بدين جي اُتر ۾ جوڻيجن جا ٻيا ڳوٺ اڄ ٻين نالن سان آباد آهن. دڙي جي ڀر ۾ منڌرن جا چند ڳوٺ اڄ به آباد آهن. اُن ڪري بدين ڏکڻ کي مانڌر سڏجي ٿو. منڌرن جي راڄ دؤران اهم واقعو مدد خان جي ڪاهه آهي. جنهن بدين شهر ۽ ڀرپاسي ايتري ڦرلٽ ڪئي جو ويهين صديءَ جي درسي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته مدد خان اهڙي ڦرلٽ ڪئي جو شهر مان تڏا ۽ جتيون به کڻي ويو.

مالهين جي دڙي کان اوڀر طرف هڪ قبو رام ٻارهي جو موجود هو. جو مسلمانن جي قبن کان ٻي طرز جو موجود هو. اُهو به ڊهي چڪو آهي. ڪي قبرون موجود آهن. مالهين جي دڙي تي به موسمن گهڻو اثر ڪيو آهي. زمين ۾ دٻبو پيو وڃي. هتان اڃان به سڪا، اناج جا سڙيل داڻا ۽ ٻيون شيون اڃا به لڀن ٿيون. مقامي روايتن موجب: ”هن دڙي ۾ خزانو دٻيل آهي. ڪي غيبي قوت واريون ڌريون خزاني جون ديڳيون ڪڍي وڃن ٿيون. خزاني تي ڪارو نانگ پهرو ڏيئي رهيو آهي.“ دڙي جي ايراضيءَ ۾ سنهيون چورس سرون ۽ ڊٺل جاين جا نشان موجود آهن.

جيڪڏهن هن دڙي جي کوٽائي ڪئي وڃي ته مقامي تاريخ جا اهم پهلو روشنيءَ ۾ اچي ويندا. ايتري ئي معلومات مالهين جي دڙي بابت في الحال ميسر ٿي سگهي آهي.

منهنجي ڊائري

مون ڪڏهن به ترتيب سان مسلسل ڊائري نه لکي آهي. بلڪ ياد نٿو پويم ته 1974ع کان اڳ ڊائري رکي هجيم يا اُن ۾ ڪجهه لکيو هجيم. مون وٽ هن وقت جيڪا ڊائري موجود آهي، سا 1974ع جي آهي. اُن کان اڳ جيڪڏهن ڪي هُيون ته اُنهن جا ضروري اندراجات نئين سال جي ڊائريءَ ۾ داخل ڪندو ويو آهيان ۽ پراڻيون ڊائريون ٻارن کي ڏيندو ويو آهيان. بهرحال جيڪي چند ڊائريون هن وقت مون وٽ آهن، اُنهن جون داخلائون هن وقت مون وٽ آهن، اُنهن ۾ به خاص طور ڪن هندي ۽ فارسي شعرن جي ڳالهه اهم آهي. ٻيون داخلائون به ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ، دعوت ۽ ميٽنگن بابت آهن. اُهي به منهنجي مڪمل چُرپُر کي ظاهر نٿيون ڪن. ڇو جو مون گهٽ ڳالهيون ڊائرين ۾ لکيون آهن ۽ ٻي ڪنهن به ڳالهه جي داخلا به گهٽ رکي اٿم. جئن اڪثر ماڻهو هر ڳالهه، روزمرهه جو خرچ ۽ ٻيو به هر طرح جو تذڪرو ڊائريءَ ۾ ڪندا آهن، سو مون ڪڏهن به نه ڪيو آهي. جئن مون پنهنجي دوست خالد شهيد آخوند وٽ ڏٺو. منهنجون اڪثر ڊائريون خالي به رهيون آهن.

1974ع: هن سال جي ڊائريءَ ۾ مون اربع 9 جنوريءَ تي ڄام شوري روانگيءَ جي ذڪر سان گڏ ايندڙ تحقيق لاءِ ڪي عنوان ۽ شاگردن مونوگرافن لاءِ ڪي عنوان لکيا آهن. ابجد جي عددن جو تفصيل لکيو آهي. فقط ڪي چند ائڊريسون لکيون آهن.

1985ع: هن سال جي ڊائريءَ کي مون ڊائريءَ جي حيثيت سان استعمال ئي نه ڪيو آهي. هن ۾ پنهنجن 22 وڊيو ڪيسٽن ۽ 200 آڊيو ڪيسٽن جو ڪئٽلاگ لکيو اٿم.

1988ع: هن سال جي ڊائريءَ ۾ 2 فيبروريءَ تي سنڌي شعبي پاران ڪرايل بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس جو ذڪر آهي. اُن کان سواءِ 9 فيبروري ۽ 3 مارچ تي ٽي. وي رڪارڊنگ لاءِ ڪراچي وڃڻ جو ذڪر آهي. ڄام صادق علي ۽ هدايت پريم جون لنڊن جون ائڊريسون لکيل آهن.

1991ع: هن سال جي ڊائريءَ ۾ ڪجهه ائڊريسون، ڪي فون نمبر ۽ ڪي ڪراچي وڃڻ بابت داخلائون آهن.

                  لنڊن جي تعريف ۾ ٻن دانشورن جا رايا ڪٿان نقل ڪيا اٿم. شاعر وليم ڊنبار (William Dunbar) چوي ٿو: ”Thou art flower of cities all “ ڊاڪٽر جانسن
 
(Dr. Johnson) چوي ٿو: Man who is tired of London is tired of life. 

                   ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 2 جنوري 1990ع تي گذاري ويو.

                  شوِ رنجني هڪ مقبول راڳڻي آهي. فلم ’ميرا نام جوڪر‘ جو مشهور گانو ’جاني ڪهان گئي وه دن‘ شوِ رنجنيءَ ۾ مرتب ٿيل آهي. (نومبر 1999ع ۾ اخبار ’ڪاوش‘ ۾ هڪ ڳائڻي فيض محمد راءِ ڏني ته پٽيالا گهراڻي جي اُستاد عاشق علي خان ’جادو لائي ويا جيءَ ۾‘ ڪافي ڳائي، اُن کي ’سنڌڙو‘ سڏيو ويو. پويان ٻين ڳائڻن به اها ڳالهه ڪئي. حقيقت ۾ هيءَ ڪافي به شوِ رنجنيءَ ۾ آهي.)

                  بدين جي جاءِ ٺهرائڻ جي تاريخ آهي. جاءِ ’شهريار منزل‘ جو ڪم 3 ڊسمبر 1990ع کان شروع ٿيو. هي ڪم منهنجي مامي جي پٽ غلام حسين ڪرايو. 24 مئي 1991ع تي مڪمل ٿيو. ٻارن کي ڄام شوري کان بدين منتقل ڪيم. ساڳي تاريخ تي بدين ثقافتي ميلو لڳو.

                  پهرين جون تي ڄام شوري ۾ آءٌ ٽيچرس هاسٽل ۾ منتقل ٿيس.

                  شهريار منزل تي رنگ ۽ در درين کان سواءِ چار لک اَسي هزار خرچ آيو. ڄام شوري وارو پلاٽ ٻه لک پنجهتر هزار ۾ وڪرو ٿيو.

                  پنهنجا ذاتي انگ اکر آهن. يعني سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ 21 آگسٽ 1962ع تي مقرري ٿي ۽ 26 نومبر 1995ع تي بحيثيت پروفيسر ۽ ڊين آف آرٽس جي رٽائر ٿيس. رٽائر ڪري شام جو بدين آيس ۽ پنهنجي سالگره ڪيم / شريڪ ٿيس.

                  ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ بابت معلومات ڪنهن ڪتاب تان مختصر طور نقل ڪئي اٿم: ڀيرومل اسڪول جي تعليم دوران شعر چوڻ شروع ڪيو. 1983ع کان 1905ع تائين تعليم کاتي جي رسالي جو لغت تيار ڪيائين. 1894ع کان پنهنجا ڪتاب جوڙڻ شروع ڪيائين. 1893ع ۾ هُو مئٽرڪ ۾ هو. سُر کنڀات ۽ سُهڻيءَ ۾ پنهنجا ڪجهه بيت جوڙيائين. اُنهن ۾ شاه جي رسالي جو اثر نمايان آهي. 1902ع کان سنڌ جو گشت شروع ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هي آهي – ع

سُهڻيءَ سندو سِيرَ ۾، ڪُنن کي ڪهڪاءُ
پاڻيءَ پاڻ پڇاڙيو، بُڙ بُڙن ڪيو بڪاءُ،
ڌُڏيا ڪَپَرَ لرزيون ڪنڌيون، اُڀَ ۾ ٿي اونڌاه،
هِت هُيس جي ماءُ، هوند نه رنائين هيترو.

---

اوهيري ٻُڌي عاجز، جيهر پيءُ نه ماس،
ڪُرَ سَڄي مان ڪونه ڪو، آيو اُت اڳياس،
مڇين تان ماتام ڪيو، پکين پار ڪڍياس،
ٻگا جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
ڪفن مليس ڪُنَ ۾، ڪانڌي ڪنگ ٿياس،
مُئي مُنڌَ جو مان ٿيو، ساهڙ سار لڌياس،
جوڙي جاءِ ڏناس، پرينءَ پنهنجي پِير کان.

                  ڄيٺمل پرسرام جي پٽ رام جي شادي لالچند امر ڏنيمل جي ڌيءُ ديويءَ سان ٿي. اِها ڳالهه ڪنهن ڪتاب مان ملي. 

                  بلال شاهه جي ڪافي ’اِڪ رانجها مينون لوڙيدا‘ لکيل آهي.

                  ٻنهي اکين جا آپريشن هن سال ڪونه ٿيا پر لکيل هِن ۾ آهن:

کاٻي اک جو آپريشن حيدرآباد ۾ 10 مارچ 1985ع تي ڊاڪٽر عقيل بن عبدالقادر ڪيو. مفت ۾ ڪيائين. بابا سان تعلقات هئس. شايد اُن ئي مهيني ۾ کيس ڪنهن خنجر سان قتل ڪيو. ساڄي اک جو آپريشن عباسي شهيد اسپتال ڪراچيءَ ۾ 30 جولاءِ 1990ع تي ٿيو.

                  پنهنجن ڪتابن جي لکجڻ بابت معلومات هن ڊائريءَ ۾ آهن. (1) 3 آڪٽوبر 1988ع تي لنڊن ويس. پوري هڪ مهيني جي رهائش آهي، آڪسفورڊ ۽ ونڊسر جو سير ڪيم. سفرنامي جا نوٽس برطانيه ۾ ئي ورتا هئم. 24 نومبر 1988ع تي سفرنامو ’ونڊسر محل جو مسافر‘ مڪمل ڪيم. 1989ع ۾ نيو فيلڊس شايع ڪيو. (2) ناولٽ شڪار جيڪو به لنڊن جي پس منظر ۾ لکيل آهي: سو 12 جنوري 1989ع کان وٺي لکڻ شروع ڪيم ۽ 3 فيبروري 1989ع تي لکي مڪمل ڪيم. سماهي مهراڻ ۾ 1994ع جي نمبر 3 – 4 ۾ شايع ٿيو. (3) پنهنجي ڪتاب ’ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو‘ بابت مواد ڊسمبر 1989ع کان گڏ ڪرڻ شروع ڪيم. 4 فيبروري 1990ع کان وٺي 25 – مارچ 1990ع تائين مڪمل ڪيم. (زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ڪمپوز ڪرڻ جي باوجود اٺن سالن تائين شايع نه ڪيو. لاچار فوٽو ڪاپيءَ جي آڌار تي لاڙ ادبي سوسائٽيءَ بدين طرفان 1998ع ۾ شايع ڪيم.

                  مليحه ۽ مدثر جي نالن جي معنيٰ اُستاد حسن عميد جي ڊڪشنريءَ ’فرهنگ عميد‘ جي مدد سان لکيل آهي. اُن موجب مليح يعني نمڪين، گندم گون، خوبصورت آهي. مليحه – زن خوبصورت. مدثر دثار مان آهي. مدثر جيڪو ريشمي جامي ۾ ڍڪيل هجي. (ٻئي ٻار ڊاڪٽر سڪندر ۽ ڊاڪٽر تهمينه جا آهن).

                  ڏاڏا (حيدر خان) جي تاريخ وفات 17 ربيع الآخر 1353هه.

                  ڀارت جي ڪلاسيڪل فنڪاره آشيوني ڀنڊي ۽ ڪلاسيڪل ڪرناٽڪ سنگيت جي رقاصه ڊاڪٽر بالا ۽ پروين سلطانه جا نالا لکيل آهن.

                  شيخ اياز جي هڪ بيت جي سٽ تي تجويز ڏني اٿم. بيت آهي:

جيئن لٺ ڳنواري جي، گانين کي هڪلي ٿي،
ايئن آيوءَ کي، مرتيو هڪلي ماڻهوئو.

          مون راءِ ڏني آهي ته هي سٽ هيئن هجي:

ايئن عمر کي، موت هڪلي ماڻهوئو.

  (ان هوندي به آءٌ اهو مڃان ٿو ته شاعر جنهن انداز سان ڪو لفظ ڪم آڻي ٿو، ته اُن جي پنهنجي سونهن آهي.)

                  پنهنجو هڪ بيت لکيو اٿم. جيڪو معجزي شق القمر ڏانهن اشارو ڪري ٿو:

آگي آري ڄام کي، گهڻو ڏيهه ڏنو،
ڳنڍي ڇڏيائين ڳڻن سين، جڏهن ڇپر ٿي ڇنو،
پنهون جِت پُنو، اُت ناهي جاءِ جتن جي.

(ڪنهن وقت ريڊيو تان هڪ ڳائڻي کان ٻڌم. آءٌ شڪ ۾ پئجي ويس ته بيت منهنجو آهي يا نه!)

هن ڊائريءَ ۾ چند پنهنجا ٻيا بيت به لکيل آهن، جيڪي منهنجن ٻن مجموعن مرگهه ترشنا ۽ مردنگ ۾ اچي چڪا آهن. اُنهن ۾ منهنجو هيٺيون منفرد بيت به آهي:

هلندي ڪا هوت ڏي، ڪا هوت ڏي هلندي،
سلندي سور بره جو، ڪا سور بره جو سلندي،
جانب ري جلندي، جلندي ڪا جانب ري.

                  ڄيٺمل پرسرام جي هڪ ايڊيٽوريل جو ذڪر آهي، جيڪو هن 1919ع ۾ لکيو، ۽ سُرڪلياڻ جو هيءُ بيت به لکيائين-

اڳيان اَڏين وٽ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀانئين گهٽ.
مٿا مُهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
ڪلالڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.

ڊاڪٽر سورلي وٽ مقدمو هليو ۽ هن بيت مان بغاوت جي بوءِ محسوس ڪري ڄيٺمل کي سزا ڏنائين. اُنهن ڏينهن تازو جليان والا باغ وارو ڪوس ٿيو هو. ڄيٺمل جو اشارو اوڏانهن ئي هو.

                  هن سال جي ڊائريءَ جي اهم داخلا هي هندي دوها ۽ انهن مان ٻن جا ڪيل منهنجا سنڌي ترجما آهن:

سونا لاون پي گئي، سُونا ڪر گئي ديس،
سونا ملا نه پي ملا، روپا هوگئي ڪيس.
(سون کٽڻ ويو سپرين، سُڃو ڪري ديس،
سون مليو نه پرين وريو، روپا ٿي ويا ڪيس.)

---

مانگن مرن سمان هي، مت ڪوئي مانگو بيک،
مانگن سي مرن ڀلا، يه ستگرو ڪي سيک.
(مڱڻ مرڻ هڪڙو، متان مڱو خيرات،
مڱڻ کان مرڻ چڱو، ستگر جي سوغات.)

---

چمپا تو ۾ تين گُن، رنگ روپ اور باس،
اوگن تو ۾ ڪون هي، ڀؤنر نه ڦري پاس.

   اِن جي ابتڙ ۾ معنيٰ  وري هي دوهو به آهي:

ناس ڪيل ڪوڪيل، ڪنٺ گلي سر موڙ،
ڀرون سجن ڪي شام هي، جيون چمپا تي ڀؤنر.

---

فريدا جهنگل جهنگل ڪيا ڀَوَهه، وڻ ڪنڊا موڙيهه،
وسي رب هيئا ليئه، جهنگل ڪيا ڊونڍيهه.

---

پيا چاهي پريم رس، راکا چاهي مان،
ايڪ ميان ۾ دوکڙڪ، ديکا سنانه ڪان.
                                             
    (ڪبير)
(ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾)

---

جل ۾ بسي ڪمودني، چندا بسي آڪاس
                                             
    (ڪبير)
(ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس.)
                                               (لطيف)

---

ڪاڍ ڪليجا مين ڌاون، وي ڪَوا تو ليجا،
جيان ديس مارو پِيو بسي، وي ديکئه تو کاءَ.
                                             (ميران)
(ڪڍي ڪانگ تو ڏيان، هنيون ساڻ هٿن.)
                                             (لطيف)

---

نئنون انتر آوتو، نئن جهانپ توءِ ليئه،
نا مين ديکون اور ڪو، نا توه ديکڻ ديئه.
                                             (ڪبير)
(اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان – لطيف)

---

نينهن سگا سوئي سگا، هڊ سگا نا ڪوءِ
مان بيٺي تِريا جري، اچرج جگ ڪو هوءِ.
                                      (سهجو ٻائي)

---

بانهه ڇڙائي جات هو، نربل جان ڪي موهي،
هردئي ۾ سي جائوگي، تو مرد بنڌوگي توهي.
                                      (سهجو ٻائي)

---

ساجن هم تم ايڪ هين، ديکن ڪي هين دو،
من سي من ڪو تولِئه، ڪڀي نه دو من هو.
                                            (ڪبير)

---

پنک نهين پاور نهين، پهچ نهين پيم دُور،
اُڙ نه سڪون سکيا ري، روئون بِسور بسور.

1993ع: فقط ڪن ميٽنگن جون تاريخون لکيل آهن.

1994ع: ڪن ائڊريسن، فون نمبرن ۽ ميٽنگن جي تاريخن کان سواءِ هن سال جي ڊائري ۾ ڪي فارسي شعر نوٽ ڪيا اٿم، اُنهن مان ڪي دوست محترم مير خادم حسين ٽالپر ٻڌايا، باقي ٻين ذريعن تان ورتل آهن:

در محبت چون زن هندي، ڪسي مردانه نيست،
سُوختن بر شمع مرده، ڪار هر پروانه نيست.
                         (حزين)

---

هفت شهر عشق را عطار گشت،
ما هنوز اندر خم يڪ ڪوچه ايم.
                                 (رومي)

---

عشق شاگرد است و حسنش اوستاد
                             (سعدي)

---

اين اخگر از ڪجا افتاد
از دود دل درويشان افتاد
                      (سعدي)

---

هرچه خواهي ڪُن،
مردم آزاري م ڪن.

---

خانه دوستان به روب
در دشمنان م ڪوب
                            
        (سعدي)

31 جولاءِ تي نسيم نگر حيدرآباد واري مسواڙي جاءِ ڇڏيم. پهرين آگسٽ تي ڪوٽڙيءَ ۾ نئين خريد ڪيل جاءِ ۾ منتقل ٿيس.

1995ع: هن سال جي ڊائريءَ ۾ فقط ٻه شعر لکيل آهن- هڪڙو مرتضائي ٺٽويءَ جو ۽ ٻيو منهنجو بيت آهي:

زهر فراق چکايو شراب جي عيوض،
جگر جلايو جدائيءَ، ڪباب جي عيوض.
                                             (مرتضائي)

---

ڪارا ڪُتا درد جا، پٽين پيا ماس،
ساهه ته منهنجو سرتيون، ٽنگيو آهي ٽياس،
وندر ۽ ورونهن جو، رنگ نه اچي راس،
ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهڙي، جهڙي رات اُماس،
آهي عبداللطيف ڏني، عشق کي شاباس،
سڻ سٻاجها سپرين، تنهنجو پيار لباس،
وڻ وڻ منجهان واس، اچي عبدالجبار چئي.

1996ع: هن سال جي ڊائريءَ ۾ به مختلف اديبن ۽ واقف ڪارن توڙي ادارن جي ائڊريسن ۽ فون نمبرن کان سواءِ ٻي هيٺئين داخلا آهي:

پنهنجو ڪتاب ’سنڌي ادب جو مطالعو‘ 6 جون 1996ع کان 20 جولاءِ 1996ع تائين مڪمل ڪيم. (سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ منطور ٿيڻ باوجود نئين چيئرمين رد ڪيو آهي)- ’سرائڪي شاعريءَ: هڪ مطالعو‘ 6 جولاءِ 1996ع کان وٺي 6 آگسٽ 1996ع تائين لکيم. (نومبر 1999ع ۾ شايع ٿيو)- پنهنجي ٻي آتم ڪهاڻي مجاز 19 ڊسمبر 1995ع کان وٺي 15 – ڊسمبر 1996ع تائين لکيم.

-                     ساڳيون ٻارن جي جنم جون تاريخون لکيون اٿم. هن ۾ ثانيه (2-1-1990ع)، اسفنديار (4-11-1996ع) شايان (6-7-1997ع) عمار (1-7-1996ع)، رضوان (3-6-1999ع) ۽ زينت (25-6-1938ع) به شامل آهن.

-                     ڌيئرن جون شاديون- شهريور جي شادي 1 جنوري 1995ع ۽ بدر جي شادي 21 ڊسمبر 1995ع تي ٿي.

-                     سچل سرمست جون ڪي ڪافيون ۽ ڪي مصرعون لکيل آهن.

-                     بين ڪار اسد علي خان جو انٽرويو آل انڊيا ريڊيو جي اردو سروس تان 31 مئي 1997ع تي نشر ٿيو. سندس تعلق رامپور سان آهي. پڻس جو نالو صادق علي خان ۽ ڏاڏي جو مشرف علي خان آهي. اسد علي خان يارهين پيڙهيءَ ۾ هن فن سان وابسته آهي. رُدر وينا وڄائي ٿو؛ جا وچتروينا جو هڪ قسم آهي. هن جو تعلق کنڊار خاندان سان آهي. جو ڌرپد جي هڪ انداز سان لاڳاپيل آهي. ٻيو طبقو ڊاگر خاندان جو آهي (جي ڊگر جي نسبت سان آهن) ايئن ڌُرپد جا چار انداز آهن.

وچتر وينا وڄائڻ ۾ اُستاد عبدالعزيز خان ۽ استاد حبيب علي خان مشهور ٿيا. پوئين ريڊيو حيدرآباد (سنڌ) تان به هي ساز وڄايو.

-                     رسالي بيداريءَ تان علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو آندل هڪ شعر نقل ڪيو اٿم. حقيقت ۾ هي شعر علامه صاحب، پروفيسر حميد جي فلاسافيءَ بابت ليڪچر ۽ صدارتي تحرير ۾ چيو هو. (پروفيسر حميد مون اندازاً 1958ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڏٺو هو. هُو فلاسافي شعبي جو اُستاد هو. شعر هي آهي:

بسي نا ديدني ها ديده ام من،
مرا اي ڪاش ڪه مادر نه زادي.

هن شعر سان شاهه جي رسالي جو بيت معنيٰ ۾ ملي ٿو:

هڪ جونه ڄاياس، ٻيو ڄاپندي جي مران،
گهنگهر گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي.

-                     سچل سرمست جي مشهور ڪافي ’گهنڊ کول ديدار وکا‘ لکيل آهي.

-                     جپسين بابت ڪي نوٽس آهن.

-                     اُمهات المومنين جا اسماءِ گرامي لکيل آهن.

-                     نعمان (ڏوهٽو) ڄائو: 11 نومبر 1996ع بمطابق 28 جمادي الثاني 1417هه.

-                     18 آڪٽوبر تي شام جو ساڍين ڇهين بجي آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس ۽ ارجن حاسد تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جڏهن ڀارت ورش جو حصو هئي تڏهن به سنڌوءَ کان وڌيڪ اسان کي گنگا سان وڌيڪ پيار هو.

-                     14 جنوريءَ تي سنڌ يونيورسٽيءَ کان رٽائرمينٽ جي سلسلي جا چيڪ مليا. هن باري ۾ ڊاڪٽر نذير مغل وائيس چانسيلر منهنجي مدد ڪئي، نه ته آفيس وارن گهڻيون رنڊڪون وڌيون هيون.

-                     1997ع ۾ ڪنهن تاريخ تي خادم مخدوم جي دعوت تي ملان حسن ويس. اُن جون داخلائون به 1996ع جي ڊائريءَ ۾ آهن.

-                     ڪي ائڊريسون، ڪراچي ۽ اسلام آباد وڃڻ جا اندراجات به هن 1996ع جي ڊائريءَ ۾ آهن.

1997ع: ڪتاب پدمڻي، سسئيءَ جي باري ۾ پهرين مئي کان لکڻ شروع ڪيم ۽ 13 مئي تي مڪمل ڪيم.

-                     ڪتاب ’سنڌ جو ورثو‘ جي رٿابندي ۽ ببلوگرافي جي داخلا 6 جنوريءَ جي تاريخ ۾ ڪيم. اُن کان وڌيڪ ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي.

-                     مسخرن بابت ڪن ڪتابن جا حوالا گڏ ڪيم.

هڪڙو مقولو هو ته چرچا به ايترا قديم آهن جيترو انسان قديم آهي. ٻيو حوالو شيڪسپير جي مسخرن جي باري ۾ آهي.

شيڪسپيئر جي ڊراما Tempest ۾ جڏهن پراسپيروProspero، ڪئليبان (caliban) کي ڇينڀي ٿو ته ڪئليبان به کيس ترڪي به ترڪي جواب ڏي ٿو – چي: ”ٻيٽ منهنجي ۽ منهنجي ماءُ جي ملڪيت آهي. تو مون کي ٻولي سيکاري اُن مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ آءٌ رڳو پِٽڻ سکيس.“

-                     12 جنوريءَ تي حافظ شيرازي جوهي شعر آيو آهي:

اي ذوق شهد لعل تو در ڪام من لذيذ،
حلواي قند گُرسنه را در دهن لذيذ،
شهد و شڪر هر آنچ بب ازار عالم ست،
شيرين از وست در دهنم اين سخن لذيذ.

-                     9 نومبر تي برادريءَ جي پڳ ٻڌم.

-                     15 نومبر تي پهريون معاملو فيصلي لاءِ آيو. خيرخوبيءَ سان طئي ٿيو.

-                     حيدرآباد ۾ 22 نومبر تي ڊاڪٽر عمر محمد دائود پوٽه سيمينار ٿيو. مقالو پڙهيم.

-                     26 نومبر تي بدين ۾ منهنجي 62 هين سالگره ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان آيل دوست عبدالستار سومرو، بدين ڪاليج جا اُستاد ۽ ايس. ايس. پي سائين رکيو ميراڻي شريڪ ٿيو.

-                     5 ڊسمبر تي مٺيءَ ۽ مارئي ميلي ۾ شرڪت لاءِ سائين رکئي ميراڻي ۽ عبدالله ملاح سان گڏ ويس. ميراڻي صاحب ڊرائيونگ ڪئي. منهنجي صدارت هئي ۽ ميراڻي صاحب خاص مهمان هو. اوٽ موٽ سفر خوش گوار رهيو. فقط ادب ۽ موسيقي بابت ڪچهري رهي. ڊي. سي ملاح خوب مهمانوازي ڪئي. ڊي. سي هائوس 1858ع جو ٺهيل هو. ثقافت کاتي طرفان ٺهرايل مارئي هائوس به ڏٺوسين.

-                     9 ڊسمبر، ابوبڪر شيخ جي دعوت تي سمنڊ جي ڪناري شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي مزار تي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيس. عبدالله ملاح، مشڪور ڦلڪارو ۽ ٻيا دوست به شامل هئا.

-                     علي احمد عمري تان 13 ڊسمبر تي رات جو موٽيو، کيس ملڻ لاءِ ڪراچي ويس. ٻار به گڏ هئا. ٻئي ڏينهن واپس بدين آياسين.

-                     15 ڊسمبر تي اياز قادري ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.

-                     19 ڊسمبر تي دعوت موجب قلندر جي ميلي جي تياري ڪري حيدرآباد پهتس، پر سيوهڻ لاءِ گاڏي نه آئي. واپس بدين آيس.

-                     28 ڊسمبر تي سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي رٿيل هئي. آءٌ بدين کان روانو ٿيس. حيدرآباد پهچڻ تائين ٻه ڀيرا رڪاوٽ ٿي. هڪ ڀيرو پنچر ٿيو. کٿڙ وٽ ڦاٽڪ بند هو. سنڌ ميوزيم پهتس ته ماحول سوڳوار نظر آيو. شيخ اياز جي وفات جي خبر ٻڌم. گولڊن جوبليءَ جو پروگرام تعزيتي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. تنوير عباسي، اياز گل ۽ ٻيا دوست آبديده ٿي ويا. مون به ٻه لفظ ڳالهايا.

-                     ٻئي ڏينهن (29 ڊسمبر) اياز صاحب جي تدفين لاءِ ڀٽ شاهه تي ويس. انور نگار ۽ هدايت به گڏ هليا.

-                     28 ڊسمبر تي ڊائريءَ ۾ شيخ حماد جو هيءُ بيت لکيل آهي:

صلاح الدين تماچي، ايندا سيگهه سِري،
جُوڻا جُڙ جپيو، پيس ڪوٽ ڪِري.

-                     3 ڊسمبر جي تاريخ ۾ ناشرن وٽ ڦاٿل ۽ روڪيل ڪتابن جي مسودن جي فهرست لکي اٿم. اُها هن ريت آهي:

1.      پاسيرا لڙڪ – (افسانا – 1952ع يوسف برادرس حيدرآباد)

2.      مزاحيه افسانا (افسانا – 1952ع آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد)

3.      لِيوخُولان (ناول – 1972ع خالد سنڌي ايڊيٽر چارڻ حيدرآباد)

4.      سورٺ مئي سک ٿيو (ناولٽ 1980ع – قبول ابڙو حيدرآباد)

   5.      چِچِ مِچِ چئنچل داس (مزاحيه مضمون – 1986ع، نثار حسيني حيدرآباد)

6.      شڪار (ناولٽ ۽ ڪهاڻيون – 1992ع ناز سنائي. ڪمپوز ڪري روڪي ڇڏيائين. پوءِ ناولٽ شڪار 1994ع ۾ مهراڻ ۾ ڇپيو).

7.     ڪٺمال (67 مقالن جو مجموعو 1994ع کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪمپوز ٿيو پيو آهي).

8.      لطيفات (غلام رباني سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي چوڻ تي 1998ع ۾ مڪمل ڪيم. ڪمپوز ٿيل مواد بورڊ ۾ پيو آهي)

هيٺيان ڪتاب تيار آهن:

1.               مجاز (آتم ڪهاڻي)

2.              پدمڻي (سسئي بابت)

3.              اسان جو ڳوٺ (ڳوٺ پير فتح شاهه بابت)

4.              ماڪ ڦڙا (33 مقالا)

اشاعت هيٺ

1.      شيخ اياز: هڪ مطالعو (شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾)

-       15 جنوريءَ جي تاريخ ۾ آذريءَ جو فارسي شعر لکيل آهي:

به آن گروهي ڪه از ساغر وفا مستند
سلام ما به رسانيد هر ڪجا هستند.

-                     ساڳي تاريخ ۾ ڪبير جو دوهو آندل آهي:

بيد موا روگي موا، موا سڀ سنسار،
ايڪ ڪبيرا نا موا، جنهين ناهين روئڻهار.

-                     ڪتاب ڪنهن کي مشڪل سان ڏيندو آهيان. ڇو جو هڪ سرد دل حيوان منهنجا چار ڪتاب تڳائي ويو. اُن کان پوءِ به ڪن کي سڄڻ سمجهي ڪجهه ڪتاب ڏنا اٿم. اُهي ماڻهو ڪل 3 آهن. ڪتاب، هڪ کي 12 ۽ باقي ٻين کي 3 – 3. نالا ڊائريءَ جي فيبروريءَ جي 5 ۽ 6 تاريخ ۾ لکيا اٿم. هتي نٿو لکان. مون اڃان تائين ڪنهن جو به ڪتاب ڦٻايو ناهي.

1998ع: ڪتاب ’شيخ اياز: هڪ مطالعو‘ جنهن جي رٿا بندي نومبر 1997ع کان ڪئي هئم. اُهو اڄ پهرين جنوريءَ تي لکڻ شروع ڪيم.

-                     لطيفيات کي ربانيءَ جي چوڻ تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم 9 جنوريءَ کان شروع ڪيم.

-                     14 جنوريءَ تي سچل سيمينار لاءِ خيرپور ميرس روانو ٿيس. ڪوچ ۾ گهڻي دير لڳي. سيمينار جي مقالن واري نشست به ختم ٿي ويئي. ڊاڪٽر سڌايو جيڪب آباد کان ڪار وٺي آيو هو، سو به آسرو لاهي هليو ويو. وري جو بدين فون ڪري پڇيائين ته مورڳو مونجهارو پيدا ٿيو. مون کي مشاعري جي صدارت لاءِ چيائون. صدارت ڪيم ڪجهه پنهنجا شعر به ٻڌايم.

آءٌ ۽ شوق صاحب سرڪٽ هائوس ۾ گڏ رهياسين. صبح جو سُپر ريل ۾ موٽياسين.

-                     ڏينهن رات ڪم ڪري ڪتاب ’لطيفيات‘ 15 جنوري تي مڪمل ڪيم.

-                     24 جنوريءَ تي ايس. ايس. پي ڊاڪٽر سائين رکئي ميراڻيءَ چيو ته هن ڀيري ڀٽ شاهه تي توهان، عبدالله ملاح ۽ آءٌ گڏ هلنداسين.

-                     ضروري ڪم سبب هلي ڪونه سگهيا. 28 جنوريءَ تي آءٌ ڄام شوري ويس. اُتان ساڳي ٽيم انور فگار ۽ هدايت پريم سان ڀٽ شاهه پهتس.

-                     4 فيبروريءَ تي اختر لاءِ جيپ وٺڻ خاطر حيدرآباد وياسين. هڪ جيپ پسند به آئي. اگهه ۾ نه ٺهياسين.

-                     7 فيبروريءَ تي ڀٽ شاهه ۾ شيخ اياز جو چاليهو هو. بدين کان ڄام شوري ويس. انور فگار، هدايت پريم ۽ تهمينه مفتي کي ساڻ ڪري ڀٽ شاهه ويس. مشاعرو به ٿيو. اياز بابت پنهنجا چند بيت پيش ڪيم.

-                     بدر کي حيدرآباد ڇڏڻ لاءِ 12 فيبروري ويس.

-                     13 فيبروري تي وري ساڳي جيپ چڪائي سين. شوروم وارو وعدو ڪري رڳو ڪميشن جي ڪري ڦري ويو. آءٌ ڪوٽڙي کان ٿيندو ڄام شوري آيس ۽ اختر ڪوچ ۾ واپس بدين آيو.

-                     14 فيبروريءَ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪانووڪيشن هو. شرڪت ڪيم. مظهرالحق صديقيءَ سان ملاقات ٿي. رات جي ماني ’دعوت شيراز‘ جي حوالي سان هدايت ڪئي، پر هئي پُر تڪلف.

-                     16 فيبروريءَ تي سراج الدين ميمڻ جي پٽ جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪيم. شام جو واپس بدين. اختر لاءِ بدين ۾ جيپ ملي ويئي.

-                     4 مارچ، خيرالنساءِ جعفري گذاري  ويئي.

-                     8 مارچ تي ڄام شوري پهتس. شام جو ظفر حسن گذاري ويو.

-                     9 مارچ تي ظفر حسن جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيس. اُن بعد جنازو تدفين لاءِ ڳوٺ روانو ٿيو. آءٌ واپس بدين آيس.

-                     12 مارچ شام ڌاري ڪتاب ’شيخ اياز: هڪ مطالعو‘ مڪمل ڪيم.

-                     14 مارچ صبح ساڻ پنهنجي لئبرري جا ڪتاب درست ڪندي هڪ ڪاٺ جو ڪٻٽ مون مٿان آهلي پيو. منهنجي نراڙ سان اچي لڳو. هٿ سان ٽيڪ ڏيئي ورتم. ٿورو نشان ٿيو. رت ڪونه نڪتو نه ڪو زور سان ڌڪ لڳو هو.

-                     30 مارچ تي رٿيل ”لاڙ صدين کان“ سيمينار ٿيو. بدانتظاميءَ سبب ڪيترن اديبن کي وقت سر اطلاع نه پهتو. ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر انور فگار، ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ ڊاڪٽر تهمينه مفتي کي به مون وڃي اطلاع ڏنو. سيمينار دير سان شروع ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب صدارت ڪئي. ڊي. سي قاصي شاهد پرويز، ايس. ايس. پي ميراڻي تقريرون ڪيون. فقير الله بچائي تمراڻي، روشن گُل ۽ نسرين به حيدرآباد کان اچي شرڪت ڪئي.

-                     2 اپريل تي اسفنديار سان گفتگو جي انداز ۾ هڪ سؤ ڏيڍ سٽا ۽ سندس جواب طور ڏهه ڏيڍ سٽا مڪمل ڪيم. هن مجموعي جو نالو ’جلترنگ‘ رکبو (انشاءالله)

-                     3 اپريل بڙجي ڍوري جو پروگرام هو، پر وڃي نه سگهيس. بخار ۽ زڪام سبب گهڻي ڪمزوري ٿي ويئي آهي.

-                     4 اپريل تي صبح جو اٺين بجي ڌاري ڇاتيءَ ۾ سور پيو. اهڙو سور اڳ ڪڏهن به نه پيو هو. هڪ پل ته خيال آيو ته حضور جن جي به 63 سال عمر سڳوري ٿي. شاهه عبداللطيف جي به 63 سال عمر رهي. مون کي به لڳي ٿو 63 سال ٿا ملن. ڊاڪٽر ظهير آيو. بروفن ۽ ٻيون دوائون ڏنائين. بلڊ پريشر به ڏٺائين. اٽڪل ساڍين ڏهين ڌاري سور گهٽجي گهٽجي ڇڏي ويو.

-                     6 اپريل تي ڊاڪٽر وري چڪاسيو. کيس ٽاءِ فائڊ جو اثر نظر آيو. رت چيڪ ٿيو. شهريار جو به رت چيڪ ٿيو. ٻنهي لاءِ ٽاءِ فائڊ جو اعلان ٿيو. مون رپورٽ تي اعتبار ڪونه ڪيو، پر پرهيز شروع ٿي. مون کي پهريون ڀيرو رت جي گروپ جي به خبر پيئي. اُهو او (O+) پازيٽوِ آهي. گهر جي بيشتر ڀاتين کي به بخار آهي.

-                     8 اپريل – اڄ عيدالاضحيٰ آهي. پرهيز ڪرڻ جو حڪم جاري آهي. گوشت کائڻ کان روڪيو ويو. هڪ اڌ ٻوٽي ۽ ڪوفتو نظرون بچائي کائي ورتم.

-                     9 اپريل تي آرام رهيو.

-                     16 اپريل تي حيدرآباد ۽ منجهند جو ڄام شوري پهتس. رات جو انور فگار وٽ رهيس. صبح جو واپس بدين موٽيس.

-                     23 اپريل تي فقير الله بچائي تمراڻيءَ جي دعوت تي سندس ڳوٺ ويس. حيدرآباد کان پهرين سندس ڳوٺ (ڀٽ شاهه جي آمهون سامهون) پهتس. منجهند جي مانيءَ کان پوءِ آرام ڪري شام جو پنجين بجي ڀٽ شاهه پهتاسين. وڏي اوطاق تي شاه صاحب جا ڌاڳا ۽ ٻيا يادگار ڏٺم. اهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويئي جو شاهه صاحب جون چاکڙيون کڻي اکين تي رکيم. رات جو شاهه جو راڳ ٻڌم، جنهن جي اڳواڻي فقير الله بچايو ڪري رهيو هو. رات جو حيدربخش جي جاءِ تي رهائش هئي. صبح جو واپسي.

-                     منهنجي پسند جو فنڪار طلعت محمود اڄ 9 مئي تي بمبئيءَ ۾ گذاري ويو. ڪو وقت هو منهنجي ذهن تي طلعت محمود مڪمل طور ڇانيل رهيو. اُن کان پوءِ استاد امانت علي خان اُها جاءِ ورتي. ٻنهي سان ملاقات ۽ تعلقات کي هميشه ياد ڪندو آهيان. طلعت محمود 24 فيبروري 1924ع تي لکنوءَ ۾ ڄائو هو.

-                     10 جون (14 صفر) تي ڀٽ شاهه تي ميلو شروع ٿيو. ادبي ڪانفرنس 11 جون تي حيدرآباد ۾ ٿي. مقالو پڙهيم.

-                     18 جون تي حيدرآباد کان اطلاع آيو ته منهنجو ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ تيار آهي. ڪتاب شايع ٿيڻ تي گهڻي خوشي ٿي.

-                     19 جون تي ڪتاب جون ڪاپيون کڻي آيس.

-                     25 جون تي شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ پهتس. لطيف چيئر طرفان هيءَ ڪانفرنس منعقد ٿي آهي. ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ سان يونيورسٽيءَ جي ريسٽ هائوس ۾ رهيس. شام جو ساڻس گڏ ڊاڪٽر نواز علي شوق سان ملڻ ويس. اُتان محسن شاه جي طبعيت پڇڻ وياسين. رات جي ماني انتظاميه عثمانيه هوٽل ۾ کارائي. سوڍر ۽ سڌايو به گڏ هئا. اڳ به ڪراچي يونيورسٽيءَ وارا ماني هن ئي هوٽل ۾ کارائيندا هئا. ڊاڪٽر درشهوار به گڏ هوندي هئي. اڄ اُن جي ياد آئي.

-                     شاهه لطيف چيئر طرفان جون 26 ۽ 27 تي مقالن جون نشستون ٿيون. منهنجو مقالو 27 تي هو. مقالو اڳ ۾ ڇپجي به چڪو هو. واپسيءَ ۾ ڊاڪٽر حيدر به مون سان آيو. حيدرآباد ۾ کيس قاسم آباد ۾ ڇڏيم ۽ بدين موٽيس.

-                     1 جولاءِ – عمار جي ٻي سالگره.

-                     6 جولاءِ – شايان جي پهرين سالگره.

-                     23 آگسٽ تي لاڙ ميوزيم جي انچارج ابوبڪر شيخ ۽ سندس گروپ سان گڏ لاڙ جي آثارن جي وڊيو رڪارڊنگ لاءِ ويس. ٻين پاسن جي رڪارڊنگ هُو اڳ ڪري چڪو هو. هن ڀيري شاهه بخاري، احمد راچي، ڪرهئي ڀانڊاري، شيخ زڪريا، روپاماڙي، بڙجي ڍوري ۽ سيف الملوڪ جي واءِ جي رڪارڊنگ ٿي. سج لهڻ کان پوءِ واپس پهتاسين.

-                     4 نومبر – اسفنديار جي ٻي سالگره.

-                     14 نومبر تي اسلام آباد ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويس.

-                     18 نومبر تي واپس ٿيس.

-                     26 نومبر تي منهنجي سالگره.

-                     28 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه تي شيخ اياز جي پهرين ورسي ملهائي ويئي. هدايت ۽ انور فگار سان گڏ ويس. شام واري حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس. اُتي ڊاڪٽر نذير مغل وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي، اياز تي ڪتاب لکڻ لاءِ انعام جو اعلان ڪيو.

-                     29 ڊسمبر – تلسيءَ جو دوهو:

تُلسي اِس سنسار ۾، سڀي ڀگت ڪهلاءِ
نرگ تو خالي رهي، سرڳ ۾ ڪئسي جاءِ.

1999ع: سال 99 ڀلي آئين.

-                     2 جنوري ثانيه جي سالگره – منهنجي خيرپور روانگي. سرڪٽ هائوس ۾ رهيس.

-                     3 جنوري – سچل ڪانفرنس. مون کي بهترين مقالي تي ايوارڊ مليو. سگهڙن جي ڪچهريءَ جي صدارت ڪيم.

-                     4 جنوريءَ تي مقالو پڙهيم. شام جو ڊاڪٽر سڌائي سان جيڪب آباد ويس.

-                     5 جنوري – جيڪب آباد کان رات جو ڪوچ ۾ واپس ٿيس.

-                     3 فيبروريءَ تي وي سي سنڌ يونيورسٽي منهنجو ڪتاب ’شيخ اياز: هڪ مطالعو‘ جي اشاعت لاءِ منظوري ڏني. ڪتاب سنڌالاجيءَ جي حوالي ڪيو ويو.

-                     11 فيبروريءَ تي ٽنڊي باگي ۾ مولوي احمد ملاح ادبي ڪانفرنس ٿي. مولوي محمد اسماعيل انتظام ڪيو. صدارت ڪيم. پوئين پهر بدين موٽيس.

-                     14 اپريل تي سنڌي ادبي سنگت تلهار ۾ ليڪچر ڏنم.

-                     16 اپريل سنڌي ادبي سنگت بدين ۾ ليڪچر ڏنم.

-                     23 اپريل تي بدين پريس ڪلب ۾ بدين ضلعي جي پي ايڇ. ڊي اسڪالرن کي دعوت ڏني ويئي. اُن ۾ شرڪت ڪيم.

-                     5 مئي تي خيرپور ۾ پي ايڇ. ڊي. زباني امتحان لاءِ ويس. گذريل 25 اپريل تي سکر ۾ ڊاڪٽر بلوچ بابت ڪانفرنس ٿيڻي هئي. اُها ملتوي ٿي ويئي. 5 شام جو جيڪب آباد ويس. 6 مئي تي واپس بدين آيس.

-                     20 مئي تي بدين ۾ سامونڊي طوفان آيو. سامونڊي ڪنارن تي گهڻو نقصان ٿيو.

-                     31 مئي تي لطيف ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ٿي. ممتاز آڊيٽوريم ۾ مقالن جي نشست ۾ مقالو پڙهيم. شام جو بدين پهتس.

-                     سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اشاعتي حالات جي ڪري پنهنجو ڪتاب ”شيخ اياز: هڪ مطالعو“ اِتان واپس وٺي، شاهه لطيف يونيورسٽيءَ وارن جي چوڻ تي 21 جون تي اوڏانهن موڪليم.

-                     3 آگسٽ تي پنهنجي نئين تاليف ”تنوير عباسي: هڪ مطالعو“ جي ابتدا ڪيم.

-                     ملتوي ٿيندي ٿيندي نيٺ اڄ 13 سيپٽمبر تي نئين زندگي جو 50 ساله جشن ٿيو. جنهن به نئين زندگيءَ ۾ ڪجهه لکيو اُن کي انعام ڏنو ويو. هڪڙو اديب انعام وٺي اچي ويٺو. جئن منهنجو نالو پڪاريو ويو ته اُن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ اُمالڪ پڇيائين: اوهان جو انعام به آهي ڇا. مون کڻي ’ها‘ ڪئي.

-                     26 سيپٽمبر تي ڪتاب ’تنوير عباسي: هڪ مطالعو‘ مڪمل ڪيم.

-                     12 آڪٽوبر تي ڪليم لاشاريءَ جي پي ايڇ. ڊي امتحان لاءِ ڪراچيءَ ويس.

-                     18 آڪٽوبر تي وري گهر واريءَ جي چيڪ اپ لاءِ ڪراچيءَ ويس.

-                     درمحمد جي نئين گهر جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ 20 آڪٽوبر تي ٻارن کي وٺي حيدرآباد ويس.

-                     24 آڪٽوبر تي ڊاڪٽر مظهر کي ڪوٽڙيءَ فون ڪيم. سڪينه جي ٻانهن جي هڏيءَ جي آپريشن جو ٻڌايائين. جيڪو ڪراچيءَ ۾ لياقت نئشنل اسپتال ۾ ٿيو هو.                                                          

-                     26 آڪٽوبر تي سڪينه کي ڏسڻ لاءِ ڪراچي ويس. شام جو واپس بدين آيس.

-                     4 نومبر اسفنديار جي ٽين سالگره.

(ڊائريءَ ۾ اندراجات ڪي ضرورت موجب اڳتي پوئتي به اچي ويا هوندا. اُن لاءِ معذرت ٿو ڪريان. سال 1999ع جي باقي ڏينهن ۾ ٽي داخلائون آهن. اُنهن جي تڪميل انشاء الله ٿيندي. اُهي آهن: (1) منهنجي سالگره 26 نومبر (2) قلندر جي ميلي تي ادبي سيمينار جي دعوت آهي، اُها اندازاً 27 نومبر (18 شعبان) تي آهي. (3) سچل ادبي ڪانفرسن 23 ڊسمبر (14 رمضان) تي خيرپور ۾ ٿيندي. اُن لاءِ مقالو گذريل جولاءِ ۾ ئي تيار ڪري ورتو اٿم.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org