سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:11 

ڊاڪٽر بلوچ: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي قيام

جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ لازوال شاعر آهي، تيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هڪ بيمثال محقق آهي. جيئن اسين شاهه صاحب تي فخر ڪريون ٿا تيئن ڊاڪٽر صاحب تي به ناز ڪريون ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي علمي خدمتن ۽ ڪاوشن تي ٿورو گهڻو لکيو ويو آهي، ماڻڪ موتي تنظيم جا ٽي ڪتاب موجود آهن جن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ علمي ڪم بابت مقالا آهن. منهنجو ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“، 1998ع ۾ شايع ٿيو، اُهو هڪ مختصر تعارف جي حيثيت رکي ٿو، پر اول ڇپيو.

ڊاڪٽر صاحب جي علمي ڪمن ۽ ڪاوشن جو جائزو انهي لحاظ کان وٺي سگهجي ٿو ته سندن ذات توڙي شخصيت هڪ کليل ڪتاب مثل آهي. سندن علمي ۽ عملي ڪم تي نظر ڪبي ته تعليم جي حاصلات کان وٺي سنڌ جي صورت جا نقش هر شعبي ۾ چٽا ڪيا اٿن. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز به ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جو هڪ زنده مثال اسان جي اڳيان آهي.

ڊاڪٽر بلوچ 1950ع کان وٺي 1966ع تائين ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سان وابسته رهيو. هن دؤر ۾ هن ڀٽ شاهه تي آڊيٽوريم، لئبرري، ميوزيم جي اڏاوت ۽ ادبي ڪانفرس جو انتظام ڪيو ۽ ڪانفرنسن جي ڪارواين تي مشتمل ڪتاب ’لطيف سالگره مخزن‘ جي اشاعت جو فرض سرانجام ڏنو. ڪو وقت هو ته شاميانا لڳائي ڪانفرنس منعقد ڪبي هئي. عمارتن جي ڳالهه ڪجي ته سواءِ ريسٽ هائوس جي ٻيون سڀ عمارتون ڊاڪٽر صاحب جي سيڪريٽري شِپ واري عرصي ۾ رٿيون ويون ۽ تعمير ٿيون. اُنهن ۾ آڊيٽوريم، لئبرري، ميوزيم ۽ رهائشي هاسٽل اچي وڃي ٿي. ڊاڪٽر صاحب تعميري رٿائن جي اُپٽار پنهنجي انگريزي مضمون ۾ ڪئي آهي جو لطيف سالگره مخزن (1961ع) ۾ ڇپيو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب تعميري رٿن جي مڪمل رپورٽ ڏيندي لکي ٿو: ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي رٿا، بنيادي رٿائن مان آهي جنهن سان قومي ثقافت جي ترقي وابسته آهي. اِها سرڪار طرفان آزاديءَ کان اڳ ئي ويچار هيٺ هئي. هيڏانهن 1954ع کان وٺي اڳوڻي سنڌ حڪومت ڀٽ شاهه تي هڪ ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني. اُن ڪميٽيءَ جي هڪ جامع رٿا چيف انجنيئر (بي. آر) کي صلاح ڏيڻ لاءِ ان جي اڳيان رکي. اڳتي سنڌ سرڪار جي پاليسيءَ کي قائم رکندي، اولهه پاڪستان سرڪار 1957ع ۾ هڪ ڪميٽي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي. هن ڪميٽيءَ 10 سيپٽمبر 1957ع تي ڀٽ شاهه ۾ ميٽنگ ڪئي ۽ رٿا کي آخري شڪل ڏيندي منظور ڪيو. هيءَ رٿا شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز رٿا سڏي ويئي(ص1)“

هن باري ۾ عمارتن جي جڙڻ کان اڳ ڪي لوڏا لما آيا. اُنهن جي معلومات ڊاڪٽر صاحب کان 13 جون 2005ع تي ورتم. اُن موجب ٺيڪو هڪ يوناني فرم کي ڏنو ويو جنهن هڪ سئنيما هال جهڙي عمارت جو نقشو تيار ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُن وقت جي ڪمشنر جناب نياز احمد کي محسوس ڪرايو ته هي نقشو غير مناسب آهي ۽ ائين اُهو نقشو رد ٿيو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي پيڙهه جو پٿر چيف منسٽر پيرزاده عبدالستار رکيو. ريسٽ هائوس کان سواءِ باقي عمارتن جي تعمير جو ڪم ڪمشنر (چيئرمين) ۽ ڊاڪٽر بلوچ (سيڪريٽري) جي زيرنگراني ٿيو.

مرڪز جي رٿا جي بجيٽ 480، 50، 35 رکي ويئي. جا قسطن ۾ ملي ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو. هي ڪم اهڙي نوعيت جو رهيو جو ڊاڪٽر صاحب اِن سڄي تعميراتي سلسلي جو جائزو وٺندي 1961ع تائين جي ذڪر ڪيل رپورٽ تيار ڪئي.

مرڪزي آڊيٽوريم جنهن جي تڪميل 1961ع ۾ ٿي. اُن جون پهريون تصويرون به هن مقالي سان ڊاڪٽر صاحب شامل ڪيون آهن. فقط عمارتون ڪافي نه آهن اُنهن جو شانائتو هجڻ ۽ استعمال ڳڻپ ۾ اچي ٿو.

ٻيو پهلو سالياني ادبي ڪانفرنس آهي. لطيف ڪانفرنس جو انعقاد صحيح ذوق واري عالم ۽ اديب جي هٿ ۾ هوندو آهي ته اُن جي گهڻي اهميت آهي، جڏهن به سيکڙاپ يا ثقافت کاتي جي آفيسرن جي هٿ هي انتظار رهيو ته اُن جو معيار ڪري پيو. فقط ڪانفرنسون ٿيڻ ۽ اُنهن جي روئداد ۽ مقالا وقت سر اشاعت هيٺ نه اچن ته به ڳالهه اڌوري ٿي رهي. ڊاڪٽر صاحب هن پهلوءَ کي نه رڳو سيڪريٽري هجڻ واري دؤر ۾ خوبيءَ سان سنڀاليو پر ٻين به ڪن سيڪريٽرين جي ايام ڪاريءَ ۾ به اشاعت ۽ ترتيب جو ڪم سندس هٿ ۾ رهيو.

1961ع ۾ ڇپيل هن ئي مضمون / رپورٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻين لاڳاپيل موضوعن، جهڙوڪ، لئبرريءَ جي واڌاري، عجائب گهر، ريڊنگ روم، تعمير جي تڪميل، اوقاف کاتي سان رابطي ۽ گرين بيلٽ لاءِ تجويزون ڏنيون آهن.

تعمير سان گڏ اشاعتي پروگرام کي ڏسجي ته آتي به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو عزم ۽ سعيو ڌيان ڇڪائي ٿو. يادگار لطيف ۽ ٻين نالن سان به شمارا ڇپيا پر ٻه اشاعتي سلسلا نمايان آهن. اُنهن ۾ پهريون لطيف سالگره مخزن آهي. هن اشاعتي سلسلي ۾ نه رڳو گذريل ڪانفرنسن جي سال وار رپورٽ شامل رهي، پر ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا ۽ شعر شامل رهيا. اُنهن مان اڪثر مقالن جو معيار گهٽ به آهي، پر اديبن جي تقاضا ۽ سوچ موجب مواد شامل ڪيو ويو.

انهيءَ سلسلي کان پوءِ موضوع وار مڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن تي ٽي مڪالما (سيمينار) ٿيا ۽ انهن جي ڪاروائي ڊاڪٽر صاحب اِيڊٽ ڪري شايع ڪئي. انهن شمارن جا عنوان هي آهن:

1.      شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ اسلامي قدر

2.     شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار

3.     شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جو معمار

هي دلچسپ موضوع هئا. انهن ۾ نهايت دلچسپ بحث ٿيا. ٻين ليکڪن سان گڏ هنن مذاڪرن ۾ جن اهم ماڻهن شرڪت ڪئي اُهي آهن: رئيس ضياءُ الدين بلبل، پروفيسر محبوب علي چنه، مخدوم امير احمد، پروفيسر علي نواز جتوئي، شيخ عبدالرزاق راز، رشيد لاشاري، نجف علي شاهه ڪمتر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڪريم بخش چنه، سيد منظور نقوي، حافظ احسن، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، عارف الموليٰ، محمد اسماعيل عرساڻي، معمور يوسفاڻي ۽ محمد سومار شيخ وغيره، صدارتي تقريرون ۽ افتتآهي خطبا انهيءَ کان سواءِ آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ايڊيٽنگ جو هي هڪ موقعو آهي. هنن مذاڪرن ۾ عالمن ۽ اديبن محنت ۽ تحقيق سان پنهنجو ماضي الضمير عيان ڪيو آهي. گهڻا خيالات گهري مطالعي جي تقاضا ڪن ٿا. هنن عالمن مان فقط چند زنده آهن. انهن جي خيالات مان اڃان به استفادو ڪري سگهجي ٿو.

اشاعتي رٿا جو ٻيو حصو انهن مقالن ۽ مڪالمن تي آڌاريل آهي. جيڪي رسالي جي مختلف سُرن تي ڪانفرنس ۾ پيش ٿيا. انهن جي ابتدا ڪلياڻ سان ڪيل آهي. هي سلسلو 1969ع جي عرس کان هليو ۽ پهريون ڪتاب ”سر ڪلياڻ جو مطالعو“ 1970ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڊاڪٽر صاحب جي ادارت ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب توڙي هن سلسلي جي ٻين ڪتابن ۾ سُرن جو متن به ڏنو ويو آهي ۽ هر سُر جي روحاني راز، فلسفي، لغت ۽ زبان، صرفي ۽ نحوي بناوتن، محاورن، اصطلاحن وزن توڙي آيل ٻين موضوعن تي مقالا شامل ڪيل آهن. انهيءَ طرح جو سُر جي باري ۾ مڪمل معلومات مهيا ڪيل آهي. متن به تحقيق ڪري ڏنو ويو آهي. ڪلياڻ، يمن، کنڀات، سري، سهڻي سامونڊي، آبري ۽ معنور وغيره تي معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان مستند مواد يڪجا ڪيو ويو آهي.

هنن سُرن جي سمجهاڻي ڏيڻ ۾ سڀني عالمن پاڻ موکيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي طرفان هڪ وڏي مقصد يعني ”رسالي جي جامع متن واري رٿا“ خاص طور اڳيان رکي، اُن ڪري تحقيق ڪري معياري متن به هر سُر ۾ شامل رکيو ويو. سُرن جي قصن تي پاڻ خاص ڌيان ڏنائين.

اُن جا مثال سڀني سُرن جي باري ۾ موجود آهن. هتي آءٌ يمن ۽ سهڻيءَ سان لاڳاپيل داستانن جا ڪي حوالا آڻڻ گهران ٿو.

شاهه جي رسالي ۾ آيل ڪي داستان تمام گهڻو مشهور ٿيا. اُنهن ۾ سورمي ۽ سُورميءَ جا ڪردار واضح رهيا ۽ ڪهاڻيءَ جي بنيادي مفهوم سبب مقبول ٿيا. جن ۾ اهڙا عشقيه ڪردار نه هئا. اُنهن ۾ سُر يمن ڪلياڻ اچي وڃي ٿو. يمن جي بنيادي ڪردار ناتر جو بيان ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻين اسڪالرن به ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب مقامي روايتن موجب ماڳن مڪانن کي چٽي طور بيان ڪيو آهي. سندس تحرير موجب مومل جي ڏاگهه چڙهڻ کان پوءِ ناتر، مومل جي محل مان لڏي سنڌ جي الهندئين طرف گڏاپ جي پاسي اچي ويٺي ۽ شراب جي بٺي بنايائين. جتي پياڪ ايندا هئا. ڪن روايتن موجب هيبت نالي هڪ شخص سان شادي ڪيائين ۽ موکي نالي اُن مان ڌيءَ ڄائي. جنهن سان موکي ۽ متارن وارو قصو منسوب آهي. ڊاڪٽر صاحب هن داستان کي ڳجهارتن ۽ بيتن جي ٽيڪ سان بيان ڪيو آهي.

ايئن عالم آشڪار داستان ”سهڻي ميهار“ جي باري ۾ حوالن ۽ مقامي روايتن موجب ڊاڪٽر صاحب بيان ڪيو آهي. سندس لکڻ موجب هي قصو سنڌ وارو آڳاٽو آهي ۽ پنجاب ۾ پوءِ بيان ٿيو. شاهه صاحب سنڌ واري قصي جي اهڃاڻن موجب ڳالهه ڪئي ۽ پنهنجي اسلوب موجب روحاني رمز رکيائين.

انهيءَ طرز تي ڊاڪٽر صاحب رسالي جي قصن، موضوعن ۽ رمزن جي اُپٽار ڪئي آهي. هنن مذاڪرن ۽ مقالن جو مقصد اهو رهيو ته سمجهجي ۽ سمجهائجي ته شاهه صاحب رسالي ۽ ڇا ٿو سيکاري. هن سلسلي ۾ رسالي جي ڏهه جلدي تاليف ۽ ٻيا ڪتاب موجود آهن، پر هي منصب جنهن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو سو پنهنجي نوعيت جي مدنظر منفرد به هو ۽ محنت طلب به! محنت کي ته ڊاڪٽر صاحب طالب علميءَ جي زماني کان شمار بنايو هو. سنڌ جن مرحلن مان گذري تن ۾ تضاد ۽ سياسي خلفشار به هئا. ڪنهن سرڪار سان تعاون ڪجي ڪنهن سان نه ڪجي! اِهي ڳالهيون هيون، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن ڳالهين کان مٿي رهيو ۽ سنڌ جي علم، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي شعبن ۾ همت سان جنبي ويو.

جتان ابتدا ڪيائين، اڄ اهو عرصو 55 سالن کان وڌي ويو ۽ نتيجا به ظاهر ٿيا. محترم جي.ايم.سيد جي ترغيب ڏيارڻ تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ڪم هٿ ۾ کنيائين. اُن ۾ عمارتن جي تعمير، سالياني ادبي ڪانفرنس، لئبرري ۽ ريڊنگ روم جو قيام، فنڪارن کي ڳولهي هٿ ڪرڻ ۽ متعارف ڪرائڻ گرين بيلٽ ۽ ڀٽ شاهه ڳوٺ جي ترقي شامل رهي. ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به شعبي ۾ محنت کان پاسو نه ڪيو. هيءَ ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مستقل سيڪريٽري شپ گهربل نتيجا ڏنا. کانئس اڳ ۽ پوءِ به ڪي سيڪريٽري ٿي. اُنهن به وسان ڪونه گهٽايو ۽ خدمت ڪيائون. اُن کان پوءِ وزارت ثقافت خود هيءَ خدمت هٿ ۾ کنئي ۽ ڪنهن ريت ڪن ماڻهن کي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۽ مقالن جو ڪتاب ڪڍڻ جو فريضو ڏنائون ۽ اُهو سلسلو جاري آهي. آءٌ اُنهن کي به دل جي گهراين سان داد ڏيان ٿو، جو وس آهر ڪونه گهٽايائون باقي ڊاڪٽر صاحب جن ته اعليٰ درجي جا محقق آهن سندن هن خدمت جو به هرڪو معترف آهي.

پروفيسر مولانا قاسمي، بحيثيت پي ايڇ.ڊي رهبر

 

جيڪي استاد شاگرد جي زندگيءَ تي هميشه لاءِ اثر رکندا آهن، سائين قاسمي صاحب اُنهن استادن مان هڪ آهي. سندس پيار ۽ همدرديءَ جو ته ڪاٿو نه ڪري سگهبو. پاڻ محبت جا اٿاهه ساگر آهن. مون کي سندن علم عرفان جو جائزو وٺڻ جي ته ڪا اهليت ۽ قابليت نه آهي، فقط سندن ذات بابت چند ڳالهيون بيان ڪريان ٿو.

قاسمي صاحب بحيثيت شخص ۽ عالم جي هڪ عظيم هستي آهي. سندس ٻنهي حيثيتن ۾ تِرَ جيترو به تضاد نه آهي. اسان جا عظيم شاعر ڪريم، لطيف، سچل، بيدل ۽ ٻيا، اهڙن سناسين بابت جيڪي چئي ويا آهن، اُنهن بيتن جو ڪو سنڌو سيڙهو ڪونهي. مون فقط شاهه جي رسالي ڏي نهاريو ته تقريباً هر سُر ۾ مون کي منهنجو سائين مولانا قاسمي صاحب ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ نظر آيو. اِهو صحيح آهي ته رسالي ۾ ڪيترا اشارا حضور ڪريم صلي الله عليه وآلہ وسلم ڏانهن به آهن. ڪن اشارن جو اطلاق ڪن ٻين هستين تي به ڪري سگهجي ٿو ۽ آهي. رامڪليءَ جو هڪ بيت آڻي اڳتي هلنداسين:

اڃا سي آهين، جي سزاوار سِڱين جان،
ويٺا وڃائِين، جي سناسي سڻين.

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گهڻي وقت کان وٺي سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي تحقيق لاءِ گائيڊ (رهبر) نه هو. تان جو سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب وائس چانسلر، هڪ پئنل مقرر ڪيو. اُن ۾ مولانا قاسمي صاحب جو نالو نمايان هو. سندس پهريون شاگرد جناب غلام علي الانا هو. جنهن 1971ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڊگري حاصل ڪئي. آءٌ ۽ ڪي ٻيا دوست ايم. اي بعد اڳتي تحقيق لاءِ واجهائي رهيا هئاسين. اُنهن به همت ڪئي ۽ سائين مولانا قاسمي صاحب وٽ حاضر ٿياسين. سڀني جي رجسٽريشن ٿي ويئي ۽ ڪم جي ابتدا ٿي. آءٌ هتي فقط پنهنجو احوال بيان ڪريان ٿو.

مون کي فارسي زبان ۽ ادب سان اڳ به دلچسپي هئي. هن سلسلي ۾ جيڪو عنوان سوچيم سو قاسمي صاحب کي پسند آيو. عنوان هو سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، پهريون باب لکيم ۽ ڊڄندو ڊڄندو سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ ماشاء الله اُنهن ڏينهن (1971ع) نهايت صحتمند هئا. مون اڳ ته رڳو افسانا ۽ ڪجهه شعر لکيا هئا. معياري ته نه چئبا پر ادب بابت ڪي مضمون به لکي چڪو هوس. دل ۾ آيو پئي ته اجهو انهن پنن سميت شاهه ولي الله اڪيڊميءَ (حيدرآباد) کان ٻاهر مهربان هوٽل تي هوندس. پر سائينءَ جو مرڪندي ڳالهيون ڪيون ۽ سبز چانهه اچي ويئي. منهنجي جسم ۾ جا ڏڪڻي شروع ٿيڻ واري هئي سا گم ٿي ويئي. سائين ٻه صفحا ڏسي مُرڪيا ۽ ڪنڌ لوڏيائون ته دل کي اطمينان ٿيو. مٿان جو ذاتي احوال ورتائون تنهن ته سڀ ڊپ لاهي ڇڏيا.

منهنجا ته ساڻن اُن ملاقات سان ٽي ڪم ٿيندا نظر آيا. هڪ اهڙي هستيءَ سان ملاقات ۽ رابطو جنهن جو رڳو نالو ٻڌو هوم، ٻيو پنهنجي پسند جي ٿيسز مڪمل ٿيندي ۽ ٽيون پي. ايڇ. ڊي ڊگري ملندي. جنهن جو خواب آءٌ 1962ع ۾ ايم. اي ڪرڻ کان وٺي ڏسندو پئي آيس. وڏي ڳالهه ته ههڙي يگاني عالم جي رعبدار چهري کي روبرو ڏٺم.

سائين جن فرمايو ته: ”سٺو هي آهي ته هر باب تي ٻه ٽي مهينا لڳايو. ڏٺل باب کڻي وڃو ۽ نئون ڏئي وڃو.“ ٿيو به ائين، دل باع باغ ٿي باب لکيو اُڏامندو ايندو هوس. سائي چانهه ۽ سائينءَ جي دلچسپ، مفيد ۽ پُر اثر گفتگو حوصلو وڌائي ڇڏيندي هئي. منهنجي زندگيءَ ۾ ته انقلاب اچي ويو.

تحقيق جي سلسلي ۾ قاسمي صاحب وٽ وڃڻ ٿيندو هو، اُهو منهنجي زندگيءَ جو نه وسرڻ جهڙو دؤر هو. باب ڏسي ڪي نوٽ هڻندو هو. آءٌ اُن موجب درستيون ڪندو هوس. هڪڙي باب ۾ مون قافيي، رديف ۽ وزن جا عيب ظاهر ڪيا هئا. اُنهن لاءِ چيائين ته: ”اِهو عنوان ڪڍي ڇڏيو. هي اسان جا وڏا شاعر آهن. اهي معمولي عيب ظاهر نه ڪجن.“ مون حڪم جي تعميل ڪئي مون سان گڏ ٻيا ٽي شاگرد هئا جن جي نتيجي جو 1974ع ۾ اعلان گڏ ٿيو. اُهي هئا جناب عبدالڪريم سنديلو، جناب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ جناب سيد صالح محمد شاهه. ٽئي دوست هاڻي هي جهان ڇڏي ويا آهن.

قاسمي صاحب سان ملاقاتون ايتريون دلچسپ رهيون، جو انهن جو مڪمل ذڪر هاڻي نه به ڪجي. گفتگو دوران ڪي ڳالهيون اهڙيون بيان ڪندا هئا جو اُهي يادگار بنجي ويون. هڪ ڀيري اياز قادريءَ جي عنوان جي چونڊ جي حوالي سان فرمايائون ته: ديوبند ۾ هڪڙو طالب علم آيو ۽ اچڻ سان شڪايت ڪيائين ته ميس جي ماني سٺي نه آهي. اُستادن کيس پنهنجي ميس ۾ انتظام ڪري ڏنو. پوءِ به ڪانه ڪا شڪايت پيو ڪندو هو. ماڻهو پسند نه آهن. آبهوا سٺي ناهي وغيره وغيره. هڪ ڏينهن چيائين ته ڪمرو هوادار ناهي. اُهو به بدلائي هوادار ڪمرو ڏنائونس. چند ئي ڏينهن نه گذريا ته چيائين هِتان جون گهٽيون ڏنگيون آهن! اُستادن چيو بابا: اها ڳالهه اسان جي وس کان ٻاهر آهي. گهٽيون اسان کان سڌيون نه ٿينديون.

اياز قادريءَ به پهريائين عنوان عروضي شاعري کنيو هو. پوءِ چيائين ته نه سائين قصيدو مثنوي، مرثيو ۽ مسدس کڻان. پوءِ ٻن صنفن تي بيٺو ۽ نيٺ غزل تي راضي ٿيو. قاسمي صاحب چيو بس اهو گهٽ نه ٿيندو ته ڪو غزل اڌ ٿيندو. خير سان اياز قادريءَ ٿيسز مڪمل ڪئي ۽ ٻن جلدن ۾ ڇاپي. هي ڳالهه قاسمي صاحب ائين مثال خاطر مون کي ٻڌائي هئي.

قاسمي صاحب رهبر طور تمام نرم رهيو ۽ شاگردن تي هلڪو هٿ رکندو رهيو آهي. ڪي شاگرد ان نرميءَ جو ناجائز فائدو به وٺي ويا. پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ، فارسي، عربي، اسلامي ثقافت ۽ تقابل اديان جا به رهبر رهيا ۽ ڊگريون عطا ڪيائون. ڪي شاگرد صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيا ۽ کين غير معياري ٿيسز تي به معيار جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيائون ته خود منهن ڀر وڃي ڪِريا. ٻه ٿيسز اهڙيون به هيون جيڪي کين پسند نه هيون. مون کان رايو ورتائون. مون حقيقت سندن اڳيان رکي. اُنهن شاگردن جا حمايتي پير فقير وٺي اچي پهتا. هڪڙو شاگرد غلام رسول بلوچ پاڻ فرصت گهٽ هجڻ سبب خود مون کي ڏياريائون. جيڪو ڪاليج ۾ منهنجو هم سبق به هو. ڊگري مليس، هاڻي گذاري ويو آهي.

منهنجو هڪڙو پي. ايڇ. ڊيءَ جو شاگرد غير معياري ٿيسز سبب مون روڪي ڇڏيو هو. تنهن کي وي. سي ۽ شاگرد جي حمايتي ميمبرن يڪراءِ ٿي بورڊ آف ائڊوانسڊ اسٽڊيز ۾ مون کان کسيو ۽ ٻئي گائيڊ هٿان ڊگري ڏيارڻ جو سعيو ڪيو. مون کي پوءِ خبر پئي ته اُهو قاسمي صاحب کي ڏنائون ۽ اُها رد ٿيل ٿيسز ڏهن ڏينهن اندر قبول ٿي. تحقيق جي يونيورسٽي قانونن موجب عنوان به بدلجڻ کپي ها. جيئن ئي اها خبر قاسمي صاحب جي هڪ رد ڪيل شاگرد کي پئي ته ڊوڙندو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته: ”اوهين به قاسمي صاحب کان بدلو وٺو ۽ منهنجي ٿيسز قبول ڪريو.“ اُهو شاگرد زنده آهي. مون کيس جواب ڏنو ته: ”بدلي واري ڳالهه آءٌ ته سوچي به نٿو سگهان. سائين قاسمي صاحب جي محبت ۽ احسان جا منهنجي پٺيءَ تي ٺپا لڳل آهن. ٻئي ڪنهن کي ميار به کڻي ڏيان ها پر قاسمي صاحب سان ڪهڙا ليکا!“ همراه مون مان ڪجهه ٻي ئي اُميد رکي هئي!!

قاسمي ڊگري ڏيڻ وارو ۽ رهبري ڪرڻ وارو آهي، پر جيڪي هروڀرو معتبر سڏائڻ وارا آهن، تن جون ڳالهيون عجيب آهن. مون کي عنوان جي تقاضا سبب فارسيءَ جو امتحان ڏيڻو هو. هونئن به ماخذن جي ڪري فارسيءَ جو يا متعلقه زبان جو امتحان لازمي هو. مون کي پروفيسر محبوب علي چنه صاحب ٻڌايو هو ته بمبئي يونيورسيءَ جي ايم. اي لاءِ به اهڙو شرط هو ته شاگرد جي فارسي کڻي ٿو ته عربيءَ جو هڪ پيپر به ٿيندو هو. جي عربي کڻي ٿو ته فارسي جو هڪ پيپر لازمي هو. بهرحال منهنجي ٿيسز تيار هئي. سوچيم ته دير نه ٿئي سو رجسٽرار کي درخواست رواني ڪيم ته فارسيءَ جي ٽيسٽ وٺو. بس صاحب بهادر ڪاوڙجي پيو! چي هڪ ليڪچرر ٿي ڪري رجسٽرار کي ٿو ياد دهاني ڪرائي!! اُن ليڪچرر وٽ پاڻ سچل ڪاليج ۾ فرسٽيئر پڙهيو هو ۽ مارڪن لاءِ سفارش موڪلي هئائين، اُهو سڀ ڪجهه وساري ويٺو. رضا محمد ڀٽو صاحب منهنجو مهربان هو تنهن صاحب بهادر جي ڪاوڙ لاٿي ۽ ليٽر ڪڍيائين. اُها ٽيسٽ درويش صفت محترم ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب ۽ ڊاڪٽر اسدالله شاهه بيخود حسينيءَ ورتي. بزرگ ته قاسمي صاحب وانگر محبت ۽ مهربانيءَ جو مجسمو آهي. پر شاهه صاحب ڪجهه ناراض ٿي ڏٺو مڙيئي خير ٿي ويو.

اهڙا مرحلا سفر ۾ هوندا آهن. مون کي خبر نه آهي ته فارسيءَ جي ٽيسٽ ڪنهن ٻئي اُميدوار کان ورتي وئي يا نه؟ منهنجو اندازو آهي ته اهو رواج ئي نه رهيو. مون ئي هاٿيءَ کي هندوستان ڏيکاريو. هيڏانهن قاسمي صاحب جي مهربانين ۽ نيڪ نيتيءَ جي ڪا حد نه هئي. پاڻ مون کي ڪي عربي ڪتاب ڏسيائون انهن مان پنهنجي مقصد جا موتي چونڊي آڻي سندن اڳيان رکيم ته پڇيائون: ”اوهين عربي به پڙهيل آهيو ڇا؟“ مون عرض ڪيو ته اسڪول ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي تعليمي شعبي جي سربراهيءَ دوران فارسي ڇڏي عربي پڙهائي وئي ۽ انهن ڏينهن نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ مولوي دين محمد اديب صاحب وٽ ڪي سبق مليا. ڏکيائي محسوس ٿي پر وڃي پار پياسين. قاسمي صاحب منهنجا ڪڍيل حوالا ٿيسز ۾ ڏيڻ جي منظوري ڏني.

سائين قاسمي صاحب جي محبتن ۽ مهربانين جو مينهن پاڪستان ۽ ڪن عرب ملڪن جي شاگردن تي اوهيڙا ڪري اُٺو آهي. هن سلسلي ۾ هڪڙو منفرد مثال غضنفر مهديءَ جو آهي. اصل ملتان طرف جو هو. ڏندين ڏاند- ڪنهن ۾ ڪم پيو ته اُهو چئن ئي پاسن کان غضنفر مهديءَ جي گهيري ۾- سائين وٽ پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ رجسٽر ٿيو. ڪم ۾ سست پئي نظر آيو پر اچ وڃ حيدرآباد ۽ ڄامشوري ڏانهن گهڻي- سنڌي ڊپارٽمينٽ جي مون سميت سڀني پروفيسرن کي سخت گهيرو! چُري نه سگهون! ملتان وڃون ته مخدوم صاحب سجاد حسين سان تعارف پيو ڪرائي. منهنجو تعارف ڪرائيندي مخدوم صاحب کي چوڻ لڳو: ”سائين! منهنجو محترم اُستاد آهي.“

خبر ئي نه پئي تان جو دير ڪرڻ سبب پي. ايڇ. ڊيءَ جي رجسٽريشن رد ٿي ويس. محترمه بينظير جي حڪومت ۾ محترم غلام مصطفيٰ شاهه صاحب وزير تعليم هو. اُن وج وائس چانسلر کي سخت چتاءُ اچي ويو. مون کي اُن چتاءَ جا لفظ به غضنفر ٻڌايا. سائين قاسمي صاحب وي. سي صاحب وٽ ويٺو هو جو مون کي سڏ ٿيو. ڳالهه ٻولهه ٿي. ٿيسز قبول ٿي. خبر نه ته ڪير ممتحن ٿيا. بورڊ آف ائڊوانسڊ اسٽڊيز جي ايندڙ ميٽنگ ۾ هڪڙو ميمبر سيد ظفر حسن لٺ کڻي بيهي ويو. چي ملتان جي سرائڪي مرثيه گو شاعر تي اردو ۾ لکيل ٿيسز تي سنڌي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيئن ڏبي؟ اُن ميٽنگ ۾ وي سي شاگرد جو حمايتي نظر آيو ته ظفر حسن کان سواءِ ٻيا ميمبر وڇائجي ويا. ظفر چيو ته رجسٽريشن فارم ڪڍو. اُهو ڪڍيو ويو ته اُن ۾ ’سنڌي‘ لکيل هو. پوءِ به ظفر جو دليل پنهنجي جاءِ تي هو پر وي سي شاگرد جي حمايت ڪري نتيجو منظور ڪرايو. غضنفر مهديءَ پوءِ به پنهنجي ٿيسز تي جامع ڄام شورو لکيو. سنڌ جو لفظ نه لکيائين. اهو غضنفر مهديءَ تي قاسمي صاحب جو عظيم احسان آهي. اهڙا ٻه ٻيا به اُميدوار مون کي سُجهن ٿا جن سنڌي صحافت (عزيزالرحمٰن ٻگهيو) ۽ اسلامي درسگاهن (جمن ٽالپور) تي تحقيق لاءِ داخلا ورتي، جڏهن رزلٽ اچي چڪي اُن کان گهڻو پوءِ سجاڳ ٿيا ۽ خود کي بالترتيب صحافت ۽ تعليم ۾ پي. ايڇ. ڊي قرار ڏيڻ لاءِ لکپڙهه ڪرڻ لڳا. بورڊ آف ائڊوانسڊ اسٽڊيز بحث ڪيو. ماهرانه راءِ لاءِ ڪيس موڪليا ويا پر جو رجسٽريشن فارم ۾ سنڌي لکيل هو اُن ڪري کين سنڌيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي. قرار ڏنو ويو. اڪثر وري سنڌي ۾ اُميدوارن جيڪي لکيو تنهن کي سائين قبول ڪيو. هڪڙي جو عنوان هو: ”اُڻهين صديءَ جو سنڌي نثر“. اُن شخص ٿيسز جي پيشانيءَ تي اُڻهين يا اُڻويهين لکڻ بدران اُڻهن لکيو. قاسمي صاحب ڏاڍو مجبور ڪيو ويو هو. رنج ٿيو پر مجبور ڪيو ويو هو. اهڙا ڪي ڪيس ٻيا به آهن. اهڙن تي به احسان ڪري ڇڏيائين. اُن ڪري ته اڪثر ڪويسر سنڌيءَ ۾ ڪيل پي. ايڇ. ڊيءَ وارن تي ٽهڪ ٿا ڏين ۽ بزعم خود قابل هوندي به پي. ايڇ. ڊي نٿا ڪن. ڪي ته ويچارا هاڻ ڳوڙها ويٺا ڳاڙين: اب پڇتائي ڪيا هوئي جب چڙيان چُگ گئين کيت!

هي ڪويسر اُهي آهن جيڪي ڪلهه کان وٺي اڄ تائين پاڻ جهڙو ڪنهن کي نٿا سمجهن چي: ”پي ايڇ. ڊي ڪنهن وٽ ڪريون فلاڻي ڪوڙيون ڊگريون ڏنيون آهن. فلاڻي جا شاگرد ڪوڙيون ڊگريون وٺي پي ايڇ. ڊي الائونس پيا کائين.“ مون اهڙن الائونس جي شوقينن کي دعوت به ڏني پر نه آيا. خير، قاسمي صاحب ته هاڻي شاگرد ڪونه ٿو وٺي ۽ اهڙا ڪويسر لڪي لڪي ڪڏهن هِن وٽ ڪڏهن هُن وٽ رجسٽريشن لاءِ ريس پڄائين پيا. واصف صاحب سچ چيو آهي:

ڪلهه غير وٽ وئين ته رقيبن سان اڄ گهمئين،
ڪوڙا اُٿن نه روز ٿا طوفان نوان نوان.

جئن مٿي عرض ڪيم ته سائينءَ سنڌيءَ سان گڏ ٻين ڊپارٽمينٽس جي تحقيق جي به رهنمائي ڪئي آهي. هن سلسلي ۾ سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جي مرتب ڪيل ڪتاب ‘شهداد ڪوٽ جا قلم ڪار ۽ شاعر‘ (2000) ۾ سنڌي اسلامي ثقافت ۽ عربيءَ جي شاگردن جو تعداد 31 ڄاڻايل آهي. مون سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ جرنل ڪينجهر (1987ع) ۾ جيڪا پي ايڇ. ڊي ڪيل شاگردن جي فهرست مرتب ڪري ڏني اُن ۾ سنڌيءَ جي پي ايڇ. ڊي ڪيل سڀني شاگردن جو تعداد 25 آهي. فقط سائين قاسمي صاحب جي رهبري هيٺ آيل شاگردن جو تعداد 16 آهي. اُن کان پوءِ به ڪن کي رهبري ڏني اٿس. اُنهن جي جيڪا فهرست ٺهي سگهي آهي. سا ڪينجهر 1993ع تائين جي پرچن ۾ سنڌي شعبي جي ساٿين جي مدد سان مڪمل ڪندو آيو آهيان. 1993ع جي ڪينجهر موجب ڪل پي ايڇ. ڊي 35 آهن، جن ۾ قاسمي صاحب جا 20 آهن.

مون کي قاسمي صاحب جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو. اُن کان پوءِ مون ايم. فل ۽ پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ رهبري ڪئي. هن وقت تائين 3 ايم. فل ۽ 7 پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن. 3 پي ايڇ. ڊي ٿيسز پيش (Submit) ڪري چڪا آهن. هڪڙو پنڌ ۾ آهي. 1995ع ۾ رٽائر ڪرڻ کان پوءِ سلسلو منقطع آهي.

سائين قاسمي صاحب جهڙي محبت ڏيئي سگهان ها ته ڪي ٻيا به مون وٽ پي ايڇ. ڊي ڪري چڪا هجن ها. سائينءَ جهڙو ڪير ٿو ٿي سگهي؟ سندس ئي ايڊٽ ڪيل شاهه جو رسالو کڻي کوليم ته بيراگ هنديءَ مان هي دوهو سامهون آيو:

ساجن تُم مَت بِسارئي، هَم لاڳي تيري پائون،
هَم جيسي تُم بُهَت هي، تُم جيسي هَم ڪانهن.
 

عالمن جا آفتابَ

(مولانا قاسمي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جا علمي لاڳاپا)

 

ڪن به عالمن اديبن جي باهمي تعلقات تي نظر وجهڻ آسان ڪم نه آهي. خاص طور ٻن وڏين شخصيتن جي علمي ۽ ذاتي تعلقات جو جائزو وٺڻ تهائين مشڪل آهي. وري جي اُهي شخصيتون علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون هجن ته وڏو ذميداريءَ جو ڪم بنجي ٿو وڃي ۽ جي لکڻ وارو انهن ٻنهي علم جي قطب مينارن جو شاگرد هجي پوءِ ته ڳالهه ئي ٻي ٿِي ٿي وڃي.

آءٌ هنن ٻن چمڪندڙ ستارن جو شاگرد آهيان. سندن علميت ۽ فاضلانه حيثيت جي ته دنيا معترف آهي. قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هڪڙي مشترڪه خوبي عربيءَ جي قابليت آهي. علامه قاسمي صاحب عربيءَ ۾ ڪتاب به لکيا ۽ ايڊٽ ڪيا آهن. ائين ڊاڪٽر صاحب به عربي متن ايڊٽ ڪيا آهن سندن پهرين مجوزه ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز به ”سند تحت سيطره العرب“ ٿئي ها پر اُها ملڪ جي تقسيم ۽ اُٿل پاٿل سبب مڪمل نه ٿي. ٻنهي عالمن جي عربي دانيءَ سان گڏ فارسي داني به هڪ قدر مشترڪ آهي. قاسمي صاحب فارسي متن ايڊٽ ڪيا ۽ مخدوم نوح وارو فارسي ترجمه قرآن اُن جو هڪ چمڪندڙ مثال آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به سنڌ جي تاريخ جا ڪي فارسي ماخذ ايڊٽ ۽ مرتب ڪيا.

ٻنهي عالمن سنڌ جي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ ٻين شعبن بابت معياري ڪتاب لکيا. اُنهن جو معيار نهايت اعليٰ آهي. ٻنهي ۾ انهيءَ ڪري ئي رابطو رهندو آيو. عربيءَ جي باري ۾ به ٻنهي عالمن جا لاڳاپا رهيا آهن. ان سان گڏ علامه قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ذاتي تعلقات به سنڌ جي علمي حلقن کان ڳجها نه آهن. مون کي پنهنجي تحقيق جي دوران 72 – 1973ع ۾ قاسمي صاحب ٻڌايوهو ته پاڻ وٽ جيڪا تحقيق ٿي آهي، اُن ۾ ڊاڪٽر بلوچ مڙني کان اڳرو آهي. ڪيترن ئي موقعن تي ڊاڪٽر صاحب جي علمي معيار جي واکاڻ ڪندا هئا. اُن سان گڏ ڊاڪٽر صاحب سان ٿيل ڪن ملاقاتن جو ذڪر ڪندا هئا. اُهو خاص طور ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عربيءَ سان ذوق شوق ۽ دلچسپيءَ بابت هوندو هو.

هيڏانهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي دل ۾ قاسمي صاحب لاءِ جيڪي جذبا رهيا، تن جو هيٺين ٻن اقتباسن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو روشن ثبوت هوندو:

”علم ۽ فضل جي اعتبار سان مٿئين عنوان ۾ مون بزرگوار کي فاضل ڪري لکيو آهي. ورنه پهرئين دؤر ۾ مولويءَ جي لقب سان معروف هو ۽ هن پوئين دؤر ۾ علامه جي لقب سان مشهور رهيو آهي. علم ۽ فضل جي لحاظ سان کيس اهي سڀئي لقب سونهن. آڳاٽو سندس چپايل ’شاهه جي رسالي‘ ذريعي راقم جي ساڻس غائبانه ملاقات ٿي. وڌيڪ سڃاڻپ تڏهن ٿي، جڏهن مولوي صاحب اچي حيدرآباد ۾ مقيم ٿيو. هڪ ڪافي وڏي عرصي دوران منهنجون ساڻس جيڪي ملاقاتون ٿيون ۽ جن ۾ خالص علمي موضوعن تي تبادله خيالات ٿيو، تن مولوي صاحب جي عربي مدرسن ۾ اعليٰ تعليم، سنڌ ۽ هند جي مدرسن ۾ رائج عربي مناهج وارن علمن جي پوري ڄاڻ ۽ انهن علمن بابت اصولي ۽ فروعي ڪتابن بابت سندن معلومات مون کي ڪافي متاثر ڪيو.“

”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب سان تبادله خيالات ڪندي معلوم ٿيو ته کيس فلسفي ۾ مهارت واري ڄاڻ حاصل آهي. هڪ صحبت ۾ جڏهن مخدوم محمد معين جي علمي مهارت جي ڳالهه نڪتي ته قاسمي صاحب چيو وٽس مخدوم محمد معين جا ٻارهن قلمي رسالا موجود آهن. جيڪي فلسفيانه موضوعن بابت آهن، جن مان هڪ پاڻ شايع ڪري چڪو آهي يا شايع ڪرڻ وارو آهي. اُن قت ۾ مولانا ابو الحسن جو فلسفيانه موضوع تي لکيل رسالو منهنجي ذهن ۾ هو ۽ مون کي اهو خيال ڀرجي آيو ته سنڌ ۾ قاسمي صاحب جهڙي عالم ۽ فلسفي جي ڄاڻوءَ جو وجود غنيمت آهي.“- (ڪتاب عالمن جو آفتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو مضمون ص ص 139–141).

جيئن عرض ڪيم ته هنن ٻن درخشان ستارن جي علمي ڏي وٺ ۽ معيار کي ڏسجي ته سائين قاسمي صاحب قرآن، حديث، تفسير ۽ ٻين علمن تي نهايت معياري ڪتاب ۽ مقالا لکيا. سنڌ جي لئبررين ۽ قرآن ڪريم جي سنڌي ترجمن تي بلند معيار مقالا اسان کي ڏنا، تنهن سان گڏ شاهه ولي الله اڪيڊمي جي لئبرري، اشاعتي ڪم توڙي جريدن ’الرحيم‘ ۽ ’الولي‘ کي سالن تائين ايڊٽ ڪيو ۽ شاگردن کي عربي ۽ علوم پڙهايائين. سنڌ يونيورسٽيءَ جي پي. ايڇ. ڊي جي شاگردن کي سنڌي، عربي، فارسي ۽ اسلامي ڪلچر ۾ مقالا لکائي ڊگريون ڏنائين. هي ٿورو ڪم ڪونهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌ جي تاريخ، آثار قديمه، ثقافت ۽ ادب تي بيش بها ڪتاب ۽ مقالا سنڌ کي ڏنا. تاريخ جي بنيادي ماخذن جي تدوين هڪ طرف ته جامع سنڌي لغات جا ضخيم جلد ٻئي طرف. لوڪ ادب جا چاليهه جلد هڪ طرف ته شاهه جي رسالي جي مڪمل ڪيل ڏهه جلدي رٿا ٻئي طرف. سنڌ جي ٻين ڏهن ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جا ايڊٽ ڪيل متن هڪ طرف ته ٻين علمي موضوعن تي مقالا ۽ ڪتاب ٻئي طرف. ثقافت لاءِ ٻيو علمي ۽ رهبريءَ وارو ڪم به ڊاڪٽر صاحب ڪيو. سنڌ جا علمي ادارا اُن جا گواهه آهن.

جيئن عرض ڪيم ته مولانا صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب علمي دنيا جا ٻه چمڪندڙ ستارا آهن. سندن علمي خدمتن ۽ محنت سنڌ توڙي سڄي علمي دنيا کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ٻنهي جون شخصيتون به پُرڪشش آهن. ٻنهي هميشه تشنه ذهنن کي پاڻ ڏي ڇڪيو آهي. اُن ڪري ته سندن ذات ۾ ذاتي ۽ علمي ڪشش رهي آهي. شاهه ڪريم فرمايو آهي ته:

پاڻياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڪري،
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.

ڊاڪٽر صاحب ۽ قاسمي صاحب خالص علم خاطر اُڃايلن کي اگوندرو آب پياري اُنهن جي اُڃ اُجهائي آهي. نه ته ٺلها پنا ڪارا ڪرڻ وارا دنيا ۾ گهڻي ئي آهن. قاسمي صاحب جسماني طور اسان کان دؤر هليو ويو آهي پر سندس علم جو فيض جاري آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڄ به سانوڻي ڪڪر وانگر وسي رهيو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ، هڪ دوست

(1 جنوري 1932ع – 11 فيبروري 1996ع)

 

مون کي ياد پوي ٿو 1954ع جي ابتدا هجي ته فردوس يا ڪنهن ٻئي رسالي ۾ ادبي قلمي دوستيءَ جي ڪالمن ۾ ائڊريسون نظر آيون. اُنهن ڏينهن منهنجي ادبي زندگيءَ جي ابتدا هئي ته ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جا به مضمون ڇپجڻ شروع ٿيا هئا. مون جن سان اُن سال قلمي دوستيءَ جي ابتدا ڪئي، اُهي هئا، معمور يوسفاڻي ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. ٻنهي صاحبن سان اُهو قلمي دوستيءَ وارو سلسلو اڳين ملي ذاتي ۽ ادبي سطح تي مضبوط ۽ مربوط ٿيو. ٻنهي سان سنگت تي مون کي ناز ۽ فخر آهي.

معمور صاحب سان قلمي دوستيءَ جو سلسلو خاص طور شعر بابت هلندو هو ۽ ميمڻ صاحب سان بيدل، ٻين شاعرن، سگهڙن ۽ ڪن تاريخي موضوعن تي سالن جا سال جاري رهيو ۽ پوءِ ساڻس ملاقات ٿي. مون کي پورو ياد نه آهي پر ملاقات اندازاً 1965ع ڌاري ٿي ۽ آڪٽوبر يا نومبر 1966ع ۾ آءٌ ڪن دوستن سان لاڙڪاڻي گهمڻ ويس ۽ ميمڻ صاحب جي گهر وڃي ساڻس ملياسين. پوءِ اِهو سلسلو جاري رهيو. پاڻ حيدرآباد ۽ ڄام شوري ڪڏهن ذاتي ڪمن سان ته ڪڏهن يونيورسٽيءَ جي امتحانن جي سلسلي ۾ ايندو هو. مون عبدالڪريم سنديلي ۽ ميمڻ صاحب جي پي ايڇ. ڊيءَ جي تحقيق جو سلسلو به 1970ع کان 1974ع تائين گڏ هليو. اسان ٽنهي جو نتيجو به 1974ع ۾ گڏ نڪتو. ڊاڪٽر ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سنديلي ساز ذاتي تعلقات ۽ قلمي روح رهاڻ جيئن پوءِ تيئن زور وٺندي ويئي. خطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو آخري وقت تائين رهيو. ميمڻ صاحب ۽ ٻين اديب دوستن جا خط محفوظ رکڻ جي ڪوشش هميشه ڪئي اٿم. هن وقت خطن جو هڪڙو فائل پنهنجن ڪاغذن ۾ هٿ نه پيو اچيم. سندن فقط هڪڙو خط في الحال 1990ع جو لکيل هٿ آيو، اهو سنڌ يونيورسٽي سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل ڪينجهر جي باري ۾ لکيو اٿن.

لاڙڪاڻو

1990-2-24

محترمي ومڪرمي جناب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب،

السلام عليڪم

ڪينجهر-3 مليو، يادگيريءَ لاءِ مهرباني. مقالا پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي. سڀ مقالا معياري آهن ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي استادن جي ادبي ساڃاهه جي ساک ڀرين ٿا. اوهان جا مقالا ڏاڍي محنت سان لکيل آحن. مبارڪباد قبول ڪندا.

اميد ته هر طرح سان خيريت سان هوندا. سڀني دوستن کي سلام چوندا.

والسلام

(صحيح)

جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته پنهنجائپ ۽ محبت سان حال احوال وٺندو هو ۽ ادبي روح رهاڻ ڪبي هئي. پاڻ هڪ ڀيري پروفيسر شپ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اُميدوار ٿي آيو. مون کي ماهر طور گهرايو ويو هو. ڪميشن جي ميمبرن کي سندن جواب مطمئن نه ڪري سگهيا. مون ۽ حميد سنڌي پوءِ به سندس سفارش ڪئي. اُن تي البت ناراض ٿيو. اِها ڳالهه مون کي تڏهن معلوم ٿي جڏهن هڪ ڀيري منهنجي آفيس ۾ اچڻ بجاءِ سنڌ يونيورسٽي آرٽس فئڪلٽي جي ورانڊي مان لنگهيو اڳتي ٿي ويو. مون اُتي کيس واري پنهنجي آفيس ۾ آندو. ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي رنجش جو اظهار به ڪيائين. سندس خيال هو ته جي ڪميشن منهنجي سفارش نٿي مڃي ته ميمبر طور آءٌ واڪ آئوٽ ڪريان ها! آءٌ سندس اِن ڳالهه سان متفق نه ٿيس. اُن کان پوءِ به ساڻس اُن محفل ۾ ئي ڪجهه ڪچهري ٿي ۽ بحث به ٿيو. بهرحال نظرياتي اختلاف ۽ هن ذاتي معاملي جي باوجود ڊاڪٽر ميمڻ سان دوستانا تعلقات مسلسل هلندا آيا. اڪثر ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته جي سنڌي نصاب مان سندن ڪتاب خارج ٿيو ته ڏوهه سنڌي شعبي جي چيئرمين جو آهي. اهي الزام به مون کي سهڻا پيا، پر اَٺن ميمبرن واري نصابي ڪميٽيءَ ڏي ڪنهن جو به خيال نه ويندو آهي. ميمڻ صاحب کي هِن سلسلي ۾ اختلاف به رهيا پر ذاتي سطح تي هُن معاملن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچايو ۽ تعلقات هلندا آيا.

آءٌ هِن ڳالهه جو اظهار ڪندي فخر ٿو محسوس ڪريان ته سندس زندگيءَ جي آخري چند سالن ۾ ساڻس درازن، ڀٽ شاهه ۽ ٻين ادبي ڪانفرنسن ۾ ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت قُرب سان ملندو هو ۽ ڪٿي رات جو گڏ ٽڪڻ جي ڪري به ٻه ٽي ڪلاڪ قرب ڪچهريءَ ۾ گذرندا هئا ته اُن ساٿ کي، اُن دم کي غنيمت ڄاڻبو هو. آخر ۾ تاج صحرائي صاحب جي اُن خط جو حوالو ڏيڻ مناسب ٿو ڄاڻان، جنهن ۾ هُن لکيو ته: ”هِن ڀيري سيوهڻ ۾ ميمڻ صاحب جي جدائي ۽ اوهان جي غير حاضري محسوس ڪئي ويئي.“

ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾.

پروفيسر عطا محمد حامي

 

جنهن عظيم انسان ۽ دلبر دوست عطا محمد پاڻ کي حامي سڏايو، سو سچ پچ اُن تخلص جو جيئرو جاڳندو نمونو هو، نه ته جي ڪو ناشاد تخلص ڪري ٿو ته ٻين کي برباد ڪرڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهي ٿو. جي ڪر شاد ٿو سڏائي ته ٻين کي ناشاد بنائڻ ۾ لڳو رهي ٿو. ڪو سِڪايل پيو سڏائي پر 24 ڪلاڪ ديڳڙا چَٽڻ ۾ لڳو رهي ٿو. مون به پنهنجي ادبي زندگيءَ جا چند پهريان سال ’شام‘ تخلص ڪيو هو، اُن جا نتيجا اڄ به پيو ڀوڳيان. خير، اسان جو سهڻو سائين پروفيسر حامي الائي ڪهڙي پل ۾ ڪهڙي پهر ۾ ماڻهن کي حامي نظر آيو، پر مون کيس اندازاً 1975ع ۾ روبرو ڏٺو. وڏن کي ته سائين سائين مٺڙا مٺڙا پيو چوي پر ننڍن مان به نه مُڙي! هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي. پنهنجن شاگردن اسان به ايئن هلي ڄڻ سندس اولاد هجن. نيڪ سچار، هڏ ڏوکي، تعليم ۽ سماج لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ پروفيسر عطا محمد حامي سچ پچ ته هيڻن جو حامي هو. خبر نه آهي ته اِهو تخلص ڪنهن ٻئي تجويز ڪيو يا پاڻ پنهنجا لڇڻ پرکي ورتائين. اجاين تخلصن، مثلاً ڏکايل، اُڃايل، وفا، عاجز ۽ مغموم وغيره کان هٽي هي سهڻو، پُر معنيٰ ۽ شخصيت سان ٺهڪندڙ تخلص اختيار ڪيائين.

پياري دوست مقصود گل لکيو ته آءٌ حامي صاحب جون ساروڻيون لکي موڪليان. مون سوچيو ته حامي صاحب جي محبتن جو قرض مون تي به چڙهيل آهي، اُن جو ڪو حصو ئي لاهڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ سندس ادبي خدمتن جو مختصر جائزو وٺان، ابتدا ۾ ٻه لفظ ساروڻين ۽ سندس سوانح بابت به عرض رکان ته مون کٽيو.

مون کي ياد پوي ٿو ته 1976ع جو سال هو، وزير اعليٰ سنڌ اديبن کي گهرايو هو. اُن موقعي تي وزيراعليٰ هائوس ۾ گڏجاڻيءَ ۾ ته ڪيترا ماڻهو هئا، پر حامي صاحب مون کي نظر ڪونه آيو. مخدوم صاحب طالب الموليٰ ۽ شيخ اياز توڙي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻيا ڪيترا ماڻهو هئا. اُتان ٿي پنجين بجي قافلو ٽي. وي اسٽيشن ڏانهن هليو. اُتي مون کي حامي صاحب نظر آيو. قرب ڪچهري جاري هجي ننڍي وڏي کي پيو پاٻوهه سان مخاطب ڪري. ڪي پاڻ کي مٺڙو مٺڙو چوائڻ لاءِ وري وري پيا کيس مخاطب ڪن. رڳو نهٺائي نماڻائيءَ، عجز ۽ انڪساريءَ جي هر ڏيکائي پيو ڏي. مشاعري جو پروگرام هو. حامي صاحب ننڍن وڏن جون دليون جيتي رهيو هو. يونيورسٽيءَ ايندو هو ته به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. آخري ڀيرو خيرپور ميرس ۾ 1982ع ۾ ملاقات ٿي. جتي سچل نئشنل سيمينار جو موقعو هو. گهڻيون ملاقاتون ٿيون. هڪ شام ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي گهر اديبن کي چانهه جي دعوت هئي. اُتي به ڪافي چرچا گهٻا ٿيندا رهيا. سڀني کان چهرو حامي صاحب هو. رات جو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ بنگلي تي خيرپور جي (سابق) حڪمران اديبن کي دعوت ڏني هئي. اُن ڏي وڃڻ لاءِ خيرپور کان آءٌ، حامي صاحب ۽ ٻه ٻيا دوست هڪ ئي ڪار ۾ وياسين. بنگلو به منفرد انداز جو هو. مير صاحب جي طرف جا ڪيترا ٻيا ماڻهو به هئا طعام طرحين طرحين جا هئا. مرغ مسلم ڇيلا، مڇيون پَلا ۽ پُلائن جا ڪئين قسم هجن. اڃان کاڌو کائي مٺن طعامن ڏي لڙياسين ته اچي هر هڪ ساٿيءَ کي ٻانهن کان ورتائين ته هلو دير ٿي ٿئي. شوق هوندي به ڪنهن کي کائڻ ڪونه ڏنائين. جڏهن هيٺ اچي ڪار ۾ ويٺاسين. ته چيائين: بچايو مانوَ نه! نه ته مون وانگر مِٺي کان پرهيز ڪرڻي پويوَ ها!!

هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ آئي. کيس واٽ تي سندس ڳوٺ ڇڏيندا خيرپور موٽياسين، مرڪي مرڪي: ”هي ظالم منهنجي ڪمزوري آهي“ چوڻ وارو حامي، 17 مارچ 1982ع تي اُتان اسان کان موڪلايو ۽ 3 جون تي هن فاني دنيا کي خيرباد چيائين:

ٻڌائي مٺا ٻول حامي هليو ويو

پر سندس پيار سندس ادبي ڪارناما ۽ ڪلام اڄ به اسان جي ڪنن ۾ ٻُري پيو. سندس سوانح، ڪلام ۽ پيام جو مختصر ذڪر هي آهي:

سوانح حيات

عطا محمد جيڪو پوءِ حاميءَ جي نيڪ نالي سان دنيا ۾ مشهور ۽ پيارو ٿيو تنهن جو جنم پهرين جنوريءَ 1919ع تي ڳوٺ سوهو قناصرا (1) ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو قائم الدين ۽ ڏاڏي جو بهادر خان هو. پاڻ ذات جا سوهو آهن. ڳوٺ سوهو قناصر تعلقي ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ آهي. محمد علي حداد جي لکڻ موجب اُهو ڳوٺ اڄڪلهه ”ڳوٺ عطا محمد حامي“ جي نالي سان سڏجي ٿو(2). هي ڳوٺ خيرپور ميرس کان اٽڪل چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي خيرپور – ٽنڊومستي روڊ تي آهي. حاميءَ پهريائين هڪ شخص پير بخش ۽ ڍڪ منشي ٺاڪومل وٽ اکر سڃاڻڻ لاءِ ويٺو(3). اسڪول کليو ته اُن ۾ استاد شفيع محمد پٺاڻ وٽ پڙهيو پرائمري کان پوءِ ثانوي تعليم لاءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ داخلا ورتائين(4). مئٽرڪ 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ڪراچي مرڪز مان ويٺو. جئن پيارن اُستادن کي پاڻ ياد ڪندو هو تئن ڪلاس ڀاين جو به هڪ حلقو هئس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ پي. ڊبليو. ڊي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. ڪلارڪي سندس ڏانو جي نوڪري نه هئي. 1946ع ۾ انٽر پاس ڪري واپس خيرپور آيو. پهريائين ناز هاءِ اسڪول جي لقمان شاخ ۾ مقرر ٿيو. اُتان ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۾ بدلي ٿيو. اِهو 1947ع جو سال هو. انهيءَ نوڪري دوران بي. اي، بي. ٽي ۽ ايم. اي ڪيائين(5). 1953ع ۾ نوڪري ڇڏي پنهنجي تڪ مان اسيمبليءَ لاءِ بيٺو ۽ چونڊجي ويو. حزب اختلاف جي رڪن طور خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ڪنهن به لالچ کي قبول نه ڪيائين. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ سبب رياست جو وجود ئي ختم ٿي ويو. ميمبريءَ وارو الائونس گهٽ هو اُن زماني ۾ هالا ڪاليج ۾ نوڪري ڪيائين. ون يونٽ کان پوءِ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو.

ٻي هنڌ به بدليون ٿيس پر آخر ۾ وري به خيرپور آيو اُتان 31 ڊسمبر 1979ع تي رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان فقط ٻه سال اڳ 1977ع ۾ خيرپور جي ميرن بابت ٿيسز لکي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان وفات تائين وارا ٽي سال پنج مهينا ٽي ڏينهن هُن هڪ مايوس انسان وانگر نه گذاريو. پٽ ضمير احمد جواني ۾ گذاري ويو ٻيو پٽ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. نياڻي وفات ڪري ويئي. رب جي رضا سمجهي سَٺائين. هڪ فرزند نعيم احمد ۽ هڪ نياڻي پويان ڇڏيائين.

حامي صاحب عمري، حج ۽ زيارتن لاءِ ٻاهر ويو هو. انسانيت سندس مذهب هو. هُن جي طبي چڪاسن مان مٺن پيشابن ۽ سائيءَ جي خبر پيئي. پهرين مئي 1982ع تي اوچتو خيرپور آيو. مائٽن سان مليو. واپس ويو. هڪ پٺيان ٻيو آپريشن ٿيو. ڦڪين فرق نه ڪيو تان جو هي پيار جو اٿاهه ساگر، مهاساگر سان ملي هڪ ٿي ويو. جان جان آفرين جي حوالي ڪري ڇڏيائين.

محمد علي حداد، ”حاميءَ جو ڪلام“ ڪتاب ايڊٽ ڪندي مهاڳ ۾ تفصيل سان سندس زندگيءَ جا واقعا بيان ڪيا آهن. اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي هڪ عجب آزاد مرد هو. ڌرتي اهڙن ٿورن کي ئي جنم ڏيندي آهي:

خدا رحمت کند اين عاشقان پاڪ طينت را.

ادبي خدمتون

حامي صاحب جا ڪيئي مقالا آهن. شايد ڪو مواد چور به کڻي ويا هجن. بهرحال هي سندس مستقل ڪتاب ڇپيل آهن:

ثمر حيات

هن ڪتاب کي پروفيسر حاميءَ جو ڪتاب ڄاڻايو ويو هو پر هي ڪتاب ڌڻي بخش مشتاق (ڊي. ايم. مشتاق) جو ايڊٽ ڪيل آهي. هي رياست خيرپور جي تعليم کاتي پنجين درجي لاءِ منظور ڪيو هو. هن ۾ مضمون آهن ۽ ڪي ڪهاڻيءَ جي طرز تي به لکيل آهن. مصنف ٽي آهن: ڌڻي بخش مشتاق، پروفيسر عطا محمد حامي ۽ غلام حسين ميمڻ. حامي صاحب جا هي مضمون آهن: اسان جا فرض، حج، مهاجر و انصار، دولتمند جي حياتي، قومي حُب، تندرستي هزار نعمت، موت ۽ غريبي.

مضمونن تي عطا محمد سوهو حامي نالو لکيل آهي. گهڻو ڪري سبب ناصحاني انداز ۽ قومي درد جي جذبي سان لکيل آهن. اندازو آهي ته هي حامي صاحب جون ابتدائي تحريرون آهن. مضمون قومي جذبي ۽ انسانيت جي درد جو اظهار ڪن ٿا.

ڪتاب انقلاب پريس سکر ڇاپيو آهي ۽ 157 صفحن تي مشتمل آهي. سنڌالاجي لئبرريءَ ۾ موجود آهي.

درازن جا درويش

هي ننڍڙو ڪتابڙو 1959ع ۾ ڇپيو آهي. هن ۾ درازن جي بزرگن جو احوال آيل آهي. ميان صاحب ڏني کان وٺي سچل سرمست ۽ پوين بزرگن جو احوال آهي. هونئن هي هڪ تفصيلي مقالو آهي. اهڙا خيرپور جي ٻين خاندانن بابت مقالا به آهن، جيڪي ڪتاب ”وکريل موتي“ ۾ به آيل آهن ۽ حامي صاحب جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ به آيل آهن. ٿيسز ۾ البت هنن مقالن جي مواد ۾ سڌارا ۽ واڌارا به آندل آهن ۽ حوالن سان مواد رکيل آهي.

ڪلاسيڪي شاعري

هي حامي صاحب جو هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1981ع ۾ شايع ڪيو آهي. انهيءَ ڪتابي سلسلي جو هڪ ڪتاب آهي. جيڪي وفاقي سرڪار جي سعٻي ۽ مالي امداد سان شايع ٿيا. هن ڪتابڙي ۾ قاصي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، عنايت رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست، روحل، خليفي نبي بخش، بيدل، بيڪس، نانڪ يوسف، علي گوهر راشدي، دمل فقير، امين محمد ۽ مصري شاهه جي مختصر سوانح ۽ ڪلام جو انتخاب ڏنل آهي.

منصور ثاني سچل سرمست

هي ڪتاب نئين زندگيءَ ۾ سچل سرمست تي لکيل مقالن ۽ پنجن فارسي مثنوين جي سنڌي منطوم ترجمي تي مشتمل آهي. مقالا حامي صاحب مرتب ڪيا آهن ۽ مثنوين جو ترجمو ڪيو اٿس. پاڪستان پبليڪيشن ڪراچيءَ 1964ع ۾ شايع ڪيو آهي. مقالن جا ليکڪ هيٺيان آهن: محمد يعقوب چانگ، لطف الله بدوي، زيب عاقلي، نثار مرزا پوري، قاضي علي مردان درازي، علي محمد اظهر، شيخ راز، محمد صادق راڻيپوري، فقير رجب علي درازي، خورشيد احمد علوي، شيخ اياز، احسان بدوي، شفيع احمد علوي ۽ رشيد لاشاري.

مثنويون هي آهن: ساقي نامه، تار نامه، گداز نامه، راز نامه ۽ عشق نامه.

200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ مقدمو به شامل آهي، جنهن ۾ سچل سرمست جي سوانح عمري ڏنل آهي. هنن مقالن ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتل آهي. جنهن ۾ شاعري جي بلند پرواز، موضوعن ۽ هڪ بيباڪ صوفي شاعر جي ڪردار تي لکيو ويو آهي. اُن سان گڏ سچل سرمست کي نذر عقيدت به پيش ڪيل آهي. هي ڪتاب حامي صاحب جي سچل سائينءَ سان محبت ۽ دلچسپي ظاهر ڪري ٿو.

نينهن جا نعرا

هي سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو سنڌي ترجمو آهي: جو حامي صاحب مثنويءَ ۾ ئي ڪيو. هي ڪتابي صورت ۾ ڪافي پبليڪيشن ڪراچي 1983ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب ڪُل 134 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ هيٺيون مثنويون ترجمو ڪيون ويون آهن:  ساقي نامو، تار نامو، راز نامو، گداز نامو عشق نامو، درد نامو ۽ رهبر نامو. حالانڪ هن پنهنجي مقالي ”سچل سائين جو فارس ڪلام“ ۾ نون مثنوين کي سچل جو ڪلام قرار ڏنو آهي. ايئن مثنوي رهبر نامه، وحدت نامه ۽ وصلت نامه هن مجموعي ۾ شامل نه ڪيون اٿس. (ڏسو مجموعو وکريل موتي ص ص 86 – 89). غزل بحر طويل تي هونئن موضوع ۽ هيئت سبب نه مثنوي آهي نه سچل سرمست جي شايان شان آهي. حامي صاحب اهڙو اشارو صفحي 89 تي ڏنو آهي.

حامي صاحب جو ترجمو نهايت پختو آهي. مثنوين جو تعارف ڏيندي انهن جي بحرن جو به ذڪر ڪيو اٿس. راز نامه مان چند شعر هي آهن:

جيڪڏهن ڪو ٻار پيدا ٿو ٿئي،
ڪيئن نه دائي جي هٿن ۾ ٿو پلي،
دم سنڀالڻ آهي دائي جي مثال،
جنهن منجهان حاصل ٿئي ٿو هر ڪمال،
ڪير آهيان ڪير آهيان ڪير مان،
پاڻ ڇا آهيان عجب ۾ ٿو رهان.

وکريل موتي

هي حامي صاحب جا چونڊ مقالا آهن، جيڪي نيئن زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيا ۽ سندس شاگرد مقصود گل گڏ ڪري 1983ع ۾ سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتي ديري طرفان شايع ڪيو. هي ڪُل تيرهن مقالا آهن. هنن ۾ کهڙن جي مخدومن، راڻيپور جي پيرن، پاڳارن پيرن، ڪنڊڙيءَ جي درويشن، فولاد فقير، خيرپور جي ميرن ۽ انهن جي علمي ڪارنامن، ڪهيرين، مري بلوچن، رياست جي تعليم، کرڙيءَ جي داستان ۽ سچل سائين جي ڪلام بابت مقالا آهن.

هنن مقالن جي مطالعي مان پروفيسر حاميءَ جي نه رڳو ۽ علم ۽ دلچسپيءَ جي خبر پوي ٿي، پر وطن ۽ وطن وارن لاءِ سندس دردمندي به لفظ لفظ مان جهلڪي رهي آهي.

سنڌ يونيورستيءَ جي نصاب واري ڪتاب ’غزلن جو غنچو‘ ۾ سچل جي ٻن ڪافين کي عروض ۾ هجڻ ڪري غزل ڪري شامل ڪرڻ تي مرتبن تي ميار رکي اٿس. مرتب پروفيسر جتوئي ۽ آءٌ هئس. حاميءَ صاحب جو خيال هو ته اُهي ڪافيون هيون ۽ موسيقيءَ جي ماترائن موجب هيون. (ص 81). خير اُهو ماضيءَ جو قصو هو. شوق صاحب ۽ ڪن ٻين اديبن به اهڙو رايو ڏنو هو. غلطي مون ڪئي هئي. اڄ اُن مٺڙي ميار کي محسوس ڪريان ٿو. عروض جي ڄاڻ مون کان حامي صاحب جي گهڻي بهتر هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org