سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:4 

سچل جو پورب ۽ جوڳ

سچل سرمست جي ڪلام بابت هن کان اڳ ڪافي مقالا لکيا ويا آهن، جن ۾ سندس موضوعن ۽ سوچ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. هيڏو وڏو شاعر آهي اُن جي سوچ کي پرکڻ آسان ڪونهي. موضوعن مان سندس روحاني رتبي بابت لکيو ويو آهي ۽ اهو چيو ويو آهي ته هُو شيخ اڪبر جي نظرئي وحدت الوجود جو هڪ عظيم وڪيل آهي. همه اوست جا نعرا وڏي آواز سان هنيا اٿس. مثالن سان اسڪالرن ڪافي ڪجهه لکيو آهي. اٽڪل ويهارو مقالا، سچل جي عالمي ڀائيچاري، جهولڻي، مالڪونس، وصلت نامي ۽ ڪن ٻين موضوعن تي آءٌ به لکي چڪو آهيان، پر ائين پيو لڳي ته منهنجي دل غير مطمئن آهي. سچل سرمست ته اَٿاهه مهاساگر آهي. مختلف سُرن ۾ اڪثر ڪردارن تي لکيو اٿم. آءٌ هت سچل سرمست جي هڪ اثرائتي ڪردار جوڳيءَ بابت پنهجن خيالن جو اظهار ڪريان ٿو. هِن ڪردار تي پنجاب ۽ سنڌ جي شاعرن گهڻو لکيوآهي. وارث شاهه ”هير“ ۾ رانجهي کي جوڳيءَ جي روپ ۾ بيان ڪيو آهي. شاهه حُسين ۽ بلهي شاهه رانجهي جي ڪردار جي پس منظر ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي شاعرن به رانجهي ۽ جوڳيءَ جي لباس ۾ هڪ سگهارو ڪردار پَسيو آهي. شاهه عبداللطيف جوڳي، سامي، ڪاپڙي ۽ ٻين ٻين نالن سان رامڪليءَ ۾ هي مضمون آندو آهي. ڪيترن ٻين سنڌي شاعرن به رانجهي ۽ ڪٿي جوڳيءَ جو بيان پنهنجن شعرن ۾ ڪيو آهي. نواب ولي محمد جي ڪلام ۾ هن مضمون بابت ”سُر جوڳ“ شاهه عنايت رضويءَ جي رسالي ۾ ”سُر پورب“، صادق فقير وٽ ”پورب“ جي نالي سان آهي ۽ ايئن ٻين ڪيترن شاعرن رانجهي ۽ جوڳين بابت سُرَ ۽ داستان چيا آهن. شاهه جي رسالي ۾ پورب ۽ ڪانگل ۽ جوڳين سامين جو ذڪر اچي ٿو، ڪيترن شاعرن پنهنجين ڪافين تي راڳ راڳڻين جا نالا آندا آهن، انهن ۾ به پورب ۽ جوڳ اچن ٿا. رامڪليءَ وانگر پورب ۽ جوڳ به راڳ راڳڻين جي زمري ۾ ڳڻجن ٿا.

پورب ۽ جوڳ سُرن ۽ سچل سرمست جو ڪلام اُن ڀڳتي تحريڪ ۽ جوڳ جي عملي صورت جو ترجمان آهي جا ننڍي کنڊ ۾ هندو ڌرم جي روايتي انداز کان مختلف هئي. هڪ اهڙو انداز هو جنهن ۾ جوڳي پنهنجي آزاد طريقي سان رهندا هئا. گروئن جي ڏسيل هڪ آزاد فضا جا باسي هئا. هن صورت حال جو نقشو گهڻي ڀاڱي شاهه جي رسالي جي سُر رامڪلي ۾ موجود آهي.

سچل سرمست جوڳيءَ جي عام زندگي جي نقشي کي پنهنجن جذبن سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو آهي. جوڳي هن صورت ۾ هڪ مثالي انسان جو نمونو به چئي سگهجي ٿو.

سچل سرمست جي سنڌي رسالي جي هنن ٻن سُرن جي راڳ سنگيت ۾ حيثيت کي به ڏسڻ گهرجي. پورب، حقيقت ۾ پوربي ٺاٺ جي راڳڻي پوربي آهي. هيءَ بقول قاضي ظهورالحق جي ڪتاب رهنماءِ موسيقيءَ جي، کاڊو – سمپورڻ راڳڻي آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت رات جي ابتدائي پهر جو آهي (ص 232). جوڳ جون ڪئين صورتون آهن. مالڪونس جي به هڪ شڪل جوڳ ڪونس آهي. هِن راڳڻيءَ کي راڳ مالا ۾ جوگيا جو نالو ڏنو ويو آهي. هيءَ ڀيروي ٺاٺ جي راڳڻي آهي. هيءَ اوڊو – سمپورڻ راڳڻي آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت رات جو پهريون پهر آهي. (قاضي ص 174).

جيئن شاهه عبداللطيف جي باري ۾ موسيقيءَ جي ڄاڻ جو حوالو اچي ٿو. اُن طرح سچل جي سريلي پڻ جو حوالو به اچي ٿو. هن سلسلي ۾ ٿاپ وارو ساز موثر آهي. سچل سائينءَ جي اهڙي ذوق جي ڳالهه ڪتابن ۾ آئي آهي. مثال طبلي تي هٿ لڳندو هو ته وجد ۾ اچي ويندو هو. هنن سُرن جي ڪلام جو معنوي پهلو به نهايت اهم ۽ دلچسپ آهي. ٻنهي سُرن مان جوڳيءَ بابت سچل سرمست جا خيالات اختصار سان پيش ڪجن ٿا.

جيئن مٿي عرض ڪيو ويو ته جوڳي هنن سُرن جو هڪ اهم ڪردار آهي. سچل سرمست هن ڪردار جي مختلف روپن ۽ روين جو ذڪر ڪري ٿو. گنگا اشنان هندو ڌرم جو هڪ اهم اعتقاد آهي. فرمائي ٿو:

گنگا کان گذر، آهي ڪنين ڪاپڙين جو،
ڪڏهن لوڪ نه لڙيا، سدا تن سفر،
آهي نام مَشر، اُنهن آڌوتين جو.

لاهوتي پنهنجا جذبا نعرن جي صورت ۾ ظاهر ڪن ٿا. اُنهن جو بيان سچل سائين هيئن ڪري ٿو:

ڪري لنگهيا لوڪ مؤن، لاهوتي لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، جو مون من مستانو ٿيو.

هي بيت زبان ۽ بيان ۾ شاهه صاحب جي هڪڙي بيت جي مڪمل اثر هيٺ آهي:

لکين ڪيا لسان سين، لاهوتين لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، آءٌ نه جيئندي اُن ري.

جوڳين جا جيڪي گروهه ۽ جٿا آهن تن جا به جدا جدا رنگ ۽ طور طريقا آهن. اُن ڪري نالا به ٻيا ٻيا پيا اٿن. سچل سرمست فرمائي ٿو:

جوڳي جال ٻُجهن، پر ڪونه لهان ڪو ڪاپڙي،
تن ڳڻن ڀَرين جون ڳالهڙيون، ٿيون سچل ساهه سُجهن،
لوڪ نه ٻئي لُجهن، بگر نالي ناٿ جي.

ڪاپڙين کان پوءِ لاهوتين جي ڳالهه ڪري ٿو. چي جوڳي گهڻا موجود آهن، پر لاهوتي هليا ويا. اُهي لڀن ڪونه ٿا:

جوڳي جالون جال، پر لاهوتي لنگهي ويا،
هُو هلي ويڙا حال ۾، هي قابو مٿي قال،
هَي هَي منهنجي حال، جو حال نه پيو هٿِ مون.

هِتي شاعر چوڻ ٿو گهري ته جوڳي رڳو ٻڌل ڳالهين تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن. حال موجب لاهوتي هلن ٿا. ڪاش حال مون کي هٿ اچي! ائين ڪاپڙين جي سنگت جي به آس ڪري ٿو ۽ چوي ٿو:

ڪاپڙي مون ڪالهه، اڃان ڏٺا ڏيهه ۾،
هَي هَي منهنجي حال، جو ساڻن ٿيس نه سنگتي.

ڪاپڙي پورب (اوڀر) ڏي روانا ٿين ٿا. ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ تيار آهن. انهن جي انهيءَ حالت بابت چوي ٿو:

پُورب پنڌ نه ڪن، ڪنهن ويلي ڪاپڙي،
ڪوڏ ڪپائڻ ڪنڌ جو، توڙون آهي تن،
سچل سدا سامهون، اَڏي آڌوتن،
سي وڃي ڪات ڏين، گردنون کنيون غار ۾.

جوڳي جو هڪ مشهور جٿو سامي نالي سان به آهي. اُنهن لاءِ شاهه، سچل، بيدل ۽ ٻين شاعرن گهڻو ڪلام چيو آهي. بيدل اُنهن کي نؤ کنڊ کان لنگهندي ڏسي ٿو:

لنگهي ويو نؤ کنڊ کئون، سناسين جو سير،
جاتي سندن جهوپڙا، تاتي پکيءَ نه پير،
ڪاپڙين ري ڪير، هلندڙ ٿئي هاهوت ڏي.

---

نالي آهن آدمي، نه ته سامي سِر سارو،
نانگن جو نعرو، لنگهي ويو نؤ کنڊ کئون.

سامين جا جٿا ۽ سَرا ويجهڙائيءَ ۾ خاص طور لاڙ واري حصي ۾ ڏٺا ويا آهن. مون اٽڪل 1960ع ڌاري هڪ وڏي سامين جي سَري کي بدين تعلقي ۾ ڏٺو ۽ اُنهن جي وڏي فقير، ناٿي فقير سان مليس. سندس ننڍو ڀاءُ ڪانڀو فقير هو. وڏن فقيرن جا تنبو ۽ اُنهن جو معيار عام سامي فقيرن کان مٿاهون هو. خانه بدوش فقيرن جو هي سَرو خيرات تي گذر سفر ڪندو هو اُن ڪري خيرات مان وڏي فقير کي حصو به ڏيندا هئا. ناٿو فقير وڏين ۽ وٽيل مڇن سان هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ هو. ڳالهائڻ ۽ روش ۾ هڪ اعليٰ خاندان جو فرد لڳندو هو. ڪانڀو فقير کي ڀلن گهوڙن جو شوق هو. گهوڙن جي خميس ۾ به گهوڙو شامل ڪندو هو. عام سامين وٽ گڏهه هوندا هئا. هڪ ڀيري کان وڌيڪ سامين اسان جي ڳوٺ کان ٻاهر آري (خالي پيل زرعي زمين) ۾ اچي پڙاءُ ڪيو. سامي عورتون هنرمند هيون. رليءَ جي فن ۾ ماهر هيون. مون اُنهن جي ٺاهيل هڪ رلي اهڙي به ڏٺي جنهن ۾ ڪپڙو مڪمل طور ڀرت ۾ ڍڪجي ويل هو. گدڙ ۽ ٻيا جانور ماري کائيندا هئا. جي مئل ڍور مليو ته به هنن جي ڄڻ پسند هو. هنن جي زندگيءَ جي ٻين اطوارن جي معلومات نه ملي سگهي. ايترو معلوم ٿيو ته هو قديم وقت کان هن حالت ۾ گهومُر قوم آهن ۽ گُروءَ جي قيادت ۾ ننڍن ننڍن سَرن جي صورت ۾ سڄي پاڪستان ۽ هندوستان ۾ هن حالت ۾ زندگي بسر ڪندا رهيا آهن. هڪڙو بيت، ڪن ٻڌل بيتن جي گڏيل شڪل ۾ سامين جي سَري کي ڏسي منهنجي ذهن ۾ هميشه آرس موڙي اُٿندو آهي. اُهو هي آهي:

لنگهي ويو نوء کنڊ کئون، سامين جو سَرو،
پري پين پرو، گڏيا گورکناٿ کي.

گورک ناٿ يا ڪنهن وڏي ڀڳت جي تلاش ۾ سچل سائينءَ جا جوڳي ۽ سامي پورب جي سفر ۾ آهن ۽ سچل سائين هنگلاج جو جاٽي آهي:

جاڏي پورب پنڌ، جاڏي آءٌ ته نه وڃڻو،
هي هنن جو هنڌ، منهنجو هنڌ هنگلاج ڏي.

هتي سامين ۽ جوڳين کان مخالف ڏِس (Direction) ۾ سفر ڪندي ڏسجي ٿو. هو سامين جي زبان به (شايد سامي شاعري جي به) استعمال ڪري ٿو. ٻنهي شاعرن جو زمانو به هڪ ئي آهي. سامي چئنراءِ لُنڊ چوي ٿو:

سامي ڪڍي جن، اوديا ميل اندر مؤن،
سي نرمل سنسار ۾، سدا اليپ رهن،
چيٽي ۽ ڪنچر ۾، سم رُوپ ڏسن،
لنؤ لنؤ رس پئن، آتم پد اَپار جي.

سچل سائين ڪاپڙين جو قدم ڪات تي ڏسي ٿو. چوي ٿو– ع

مٿي ڪاتَ قدم، ڪاڪيون ڪاپڙين جو،
سنسو ميٽي سُروپ ۾، سچل ٿياسي سم،
سدا ساميئڙن جو، دمامين سان دم،
آديسي عَدم، ٿيا نالي اندر ناٿ جي.

هي جوڳي پورب (اوڀر) ڏانهن ويندي گرنار وڃن ٿا. اُتي هنن جو تڪيو آهي. اُنڪري واٽ تي آرام به نٿا ڪن ۽ سيني ۾ ڄڻ جوش ۽ بي آرامي اٿن. اُن جي اثر هيٺ واڪيندي وڃن:

پُورب پنڌ نه وڃڻا، گرناري گمنام،
ويچاريندي واٽ تي، ڪرن ڪين وسرام،
سيني ۾ سنگرامَ، سچا سنياسن جي.

سچل سرمست انهن جوڳين، جاٽين، سامين ۽ گودڙين بابت انهن جي عادتن ۽ جذبن جي به اُپٽار ڪري ٿو. شاهه صاحب رامڪليءَ ۾ انهن جي عام حالت ۽ عادتن جو بيان ڪيو آهي. سچل به اها ڳالهه ڪري ٿو:

ورلو ويراڳي، گياني ڏٺم گودڙيو،
ڀُليا ڏٺم ڀير ۾، ڀوڳي ۽ ڀاڳي،
طالب تياڳي، لکن ۾ ڪو هڪڙو.

---

جوڳين جٽائون، جوڙي جوڙيون جان تي،
چمٽا ٻَڌي چيلهه سان، تُنيون تڻيائون،
جنجيرن سان جان تي، ڪِشتا ڪَڙيائون،
گروڙي گائون، پورب پنڌ پُڄي ويا.

هنن جوڳين، سامين ۽ ڪاپڙين لاءِ جيئن مٿي سامي شاعر جي حوالي سان ذڪر ڪيو ويو، سچل سائين هڪ مخصوص زبان ڪم آڻي ٿو. اُن جا چِٽا مثال موجود آهن. ڪي بيت هي آهن:

آهن اڪيچار، اَنتر مُک آڌوتي،
پورب سي نه پُريا، نه ڪي ڪن پرچار،
اَٺ ئي پهر اَڇ ۾، رهن سي گم گار،
سچل سنسڪار، سنسا تن وڃائيا.

---

اڃان آڌوتي، آهن اَڪيچار،
اوديا اَهنڪار، ڀڃي جن ڀورا ڪيا.

اُن سان گڏ فارسي، آميز زبان به ڪم آڻي ٿو. اُن جو هڪڙو مثال هي آهي:

ڪاپڙي قنديل، کنيو گهمن گودڙيا،
ڇَٻٽ ڪري ڇَٻن ۾، وتن ڪاريهر قتيل،
منڊين مُرلين سان، اُهي آڌوتي اصيل،
سچل سڪ سبيل، جيءَ ۾ جوڳيڙن جي.

سچل سرمست بيتن وانگر واين ۽ ڪافين ۾ به پُوربين ۽ جوڳين جو تذڪرو پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪري ٿو. زلفن واري ساميءَ من ڪيئن موهيو آهي؟ اجهو هيئن:

جيجان زلفن واري، انهي ساميءَ من موهيو،
باهه بره جي اندر اسان جي، ويو سو ٻهڳڻ ٻاري،
هجر فراق ڀي وويار اسان کي، ڪوڪان ٿو هِت ڪاري،
جوڳي ڪَيَڙو جيءُ اسان جو، مونجهه اهو ٿو ماري،
اچڻ سنديون يار اوهان جون، سچو واٽان نِتِ نهاري.

اُهو ئي سونهن ڀريو ساميئڙو، ننڊ آرام ڦٽائي ويو. هيهات هيهات ڪندي رات وهاڻي ڏينهن ٿيو:

ماري ويو ڪالهه رات، سونهن ڀريو سوتا ساميئڙو،
راتو ڏينهان روح کي، طلب تنهن جي تات،
ڪين سڃاتم سرتيون، تا ڪهڙي آهي ذات،
سور نه سهن جهڙو، هاريون ڙي هيهات،
اَٺ ئي پهر تنهن جي جيڏيون، سَچُوءَ کي وائي وات.

سچل سرمست هنن ڪردارن جي اوٽ ۾ پنهنجي اندر جا اُقما ظاهر ڪيا آهن، جن جي شعر جي دنيا ۾ گهڻي اهميت آهي. اُهي گهڻي حد تائين شاهه ۽ ساميءَ جي ڪلام سان به مربوط آهن.

 

بيدل جي فارسي شاعري

 

سنڌ سان ايران جا قديم ۽ گهاٽا تعلقات رهيا آهن. قديم دور ۾ سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ رهيو آهي. ايران جي قديم تاريخ مان اِها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ جا ايران سان ادبي، لساني، ثقافتي ۽ تجارتي لاڳاپا رهيا آهن. انهن لاڳاپن جي سلسلي ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ’قديم سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: پارسين جا وڏا آريا آهن ۽ سپت سنڌوءَ ۾ رهيا آهن. (1)پروفيسر ليوي اُنهن کي هند- يوروپي سڏي ٿو. (2) اهڙي طرح مئڪس مولر، سعيد نفيسي، ذبيح الله صفا ۽ ٻين اسڪالرن جي تحريرن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته آريا پامير جي واديءَ ۾ رهندڙ هئا ۽ انهن ڏکڻ ڏي هجرت ڪئي. هڪڙا گروپ گنگا جي پاسي هند ۾ ويا ۽ ٻيا ايران ڏي ويا ۽ پاڻ کي ايري يا آريا سڏايائون. جنهن جي معنيٰ بهادر ۽ اعليٰ نسل آهي. (3)بهرحال سنڌ سان ايران جي رهاڪن جو رابطو رهندو اچي. سنڌ ۾ ايرانين شهر آباد ڪيا. عمارت سازيءَ ۾ ايران جو اثر موجود آهي. (4) زبان ۽ ادب جو اثر به سنڌ تي ٿيو. (5) اڄ تائين سنڌ ۾ ايران جي وڏن شاعرن رومي ۽ جامي، حافظ ۽ سعديءَ جو گهڻو اثر آهي. سنڌ ۾ فارسي زبان ۾ نثر توڙي نظم ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو. بيدل (1814ع – 1872ع) انهن عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۾ هڪ اهم اديب ۽ شاعر آهي، جنهن فارسي نثر توڙي نظم ۾ ڪتاب لکيا. سندس شاعريءَ جو مختصر جائزو پيش ڪريان ٿو. روهڙي ضلعي سکر جو هي شاعر فارسيءَ ۾ مخنوبيات ۽ غزل ۾ اهم مقام جو ڌڻي آهي.

’تذڪره لطيفي‘ ۾ پروفيسر بدوي لکي ٿو ته: ”هن صاحبدل تصوف ۽ علم اخلاق تي ايتريون ته گهڻيون تصنيفون ڇڏيون آهن جو هن کي سنڌ جو رومي سڏجي ته به بجا آهي.“(6) ههڙي اعليٰ هستيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻئي علمي ڪم تي ڪا خاطر خواه تحقيق نه ٿي آهي. هن کان اڳ بولچند راجپال، گدومل هرجاڻيءَ بيدل جو ڪلام شايع ڪيو. خانبهادر ميمڻ ۽ پروفيسر بدويءَ بالترتيب ادبي تاريخ ۽ تذڪري ۾ بيدل سائين جي سوانح ۽ ڪلام جو جائزو پيش ڪيو. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ پنهنجي ڪتاب پرشن پوئٽس آف سنڌ 1956ع ۾ بيدل جي تصنيفات ۽ غزل توڙي مثنويات جو جائزو ورتو. جناب عبدالحسين شاهه موسويءَ ديوان بيدل مرتب ڪيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پهرين 1954ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ موسوي صاحب پنهنجي طرفان هڪ مفصل مقدمو لکيو. جنهن ۾ بيدل جي سوانح ۽ ڪلام جو جائزو پيش ڪيائين. ڊاڪٽر سدارنگاڻي، پروفيسر بدوي ۽ موسوي صاحب بيدل جي تصنيفات جا تفصيل به ڏنا آهن. بيدل تي اڃان به گهڻي ڪم جي گنجائش آهي ۽ سندس سڀني ٻولين جي ڪلام کي جدا جدا ۽ ڪليات جي صورت ۾ شايع ڪرڻ اولين ترجيح آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق ديوان بيدل جي ٽئين ايڊيشن ۾ (1991ع) فارسي شاعريءَ ڏانهن خاص اشارو ڪيو آهي.

بيدل جون فارسيءَ ۾ مستقل تصنيفات هي آهن: 1. مثنوي رياض الفقر (بحر هزج مسدس مقصور) 2. ديوان سلوڪ الطالبين 3. رموزالقادري 4. ديوان منهاج الحقيقت 5. مثنوي نهرالبحر (بحر رمل مسدس مقصور 6. رموز العارضيٰ 7. تقويت القلوب في تذڪرة المحبوب 8. پنج گنج 9. قُرت العينين في مناقب السبطين 10. ديوان مصباح الطريقت 11. سَنَد الموَحدين 12. لغت ميزان طب 13. انشاي قادري ۽ 14. منتخب قصه ليليٰ مجنو. هن فهرست ۾ خاص طور نثر جا ڪتاب به شامل آهن. نظم ۾ خاص طور مثنوي ۽ غزل تي طبع آزمائي ڪئي اٿس.(7)

بيدل جي مشهور مثنوي نهرالبحر، روميءَ جي مثنويءَ جي حوالي سان لکيل آهي. اشارو ڪندي لکي ٿو ته:

نهر بحرش نام کردم اي فلان،
بحر معنيٰ مثنوي اين نهر آن.

بيدل جي مثنوي رومي کي بحرالعلوم ڄاڻندي پنهنجي ڪاوش نهرالبحر کي اُن مان نڪتل هڪ نهر ڄاڻي ٿو. بيدل جي مثنوين ۽ غزل جو فني ۽ علمي معيار نهايت اعليٰ آهي. مثنويات ۾ بيدل وٽ رومي، جامي ۽ نظاميءَ جو خاص اثر نظر اچي ٿو. سندس مثنويات مان اهو به پتو پوي ٿو ته پاڻ ايران جي فارسي مثنويات جو گهرو مطالعو ڪيو اٿس. بيدل جي موضوعن ۾ تصوف ۽ علم اخلاق سر فهرست آهي. مثنوي رموز العارفين اهڙي ساک ڀري ٿي. فرمائي ٿو:

اي آنکه تو ئي وجود مطلق
ذات تو حقيقت الحقائق.
با شکل هر آنچه هست پيدا
از مِلک و مُلک تو ئي هويدا
اي رفع سما و زمينهاي تو
خالق اشيا و عينهاي تو
در شرع من عابد و تو معبود
در معني جُز تو نيست موجود.

مثنوي رياض الفقر تصوف جي باري ۾ آهي. هن ۾ موضوع تي نهايت دلنشين انداز ۾ گفتگو ڪيل آهي. ابتدا ڪندي لکي ٿو:

الا اي ساقي پيمانه عشق
رَهم بکشا سوئي ميخانه عشق
رسان بوئي محبت درد ها نم
لبالب شوق خود گردان اياغم.

اُن کان پوءِ تصوف جي رمزي جو بيان ڪندي مختلف مرحلن ۽ سالڪ جي راهه جو ذڪر ڪري ٿو. مثنويءَ جو تسلسل اُن جي بنيادي خوبي هوندي آهي. بيدل هن فن کي خوب نباهيو آهي.

مثنويءَ وانگر غزل گوئيءَ ۾ به بيدل طبع جي جولاني ظاهر ڪئي آهي. غزل ۾ سنڌ جي شاعرن اڳيان حافظ شيرازي هڪ رهنما شاعر آهي. حافظ جي غزلن مان تضمين به گهڻي ڪئي ويئي آهي. مثال طور حافظ حامد، سانگي ۽ ٻين شاعرن حافظ شيرازي جي غزلن کي پنهنجي ڪلام ۾ تضمين ڪيو آهي. حافظ شيرازيءَ جي مخصوص رنگ کي قبول ڪيو اٿن. حافظ پنهنجي رهنما لاءِ چوي ٿو:

صلاح کار ڪجا و من خراب ڪجا
به بين تفاوت ره ڪز ڪجاستا بکجا.

بيدل عشق کي پنهنجو صلاحڪار ۽ رهنما ڄاڻي ٿو ۽ اُن کي هيئن سڏي ٿو:

اي عشق بيا و صفدري ڪُن
شمشير بڪش سڪندري ڪُن.

---

اي دوست دل رميده بيدل
پا بستهء زلف عنبري ڪن

بيدل جا فارسيءَ ۾ ٽي ديوان آهن. جن ۾ غزلن جي تعداد ۾ وڏو فرق آهي. ديوان منهاج الحقيقت ۾ 31 ته ديوان مصباح الطريقت ۾ 2000 غزل آهن. غزلن ۾ عشق سندس بنيادي مضمون آهي. مجاز ۽ حقيقت جي جهلڪ بيدل جي غزل ۾ نمايان آهي. فرمائي ٿو:

دي به بزم آمد آن شوخ به نازي عجبي
او به نازي عجبي دل به نيازي عجبي.

بيدل سائين عشق کي ئي پنهنجو مشرب ڄاڻائي ٿو:

مشربم عشق است ورنه صوفيء لا مذهبم
نيست بيدل باکسي وابسته کاروبار ما.

حسن جي باري ۾ فرمائي ٿو:

چه غلغله است که حسن تو درجهان انداخت
که دور چشم تو حد فتنه در زمان انداخت.

سلوڪ جي راهه کي غزل جي انداز ۾ بيان ڪندي حديث دل جو بيان خوبصورت انداز ۾ ڪري ٿو:

کُند سالک بکوشش طي حجاب آهسته آهسته
صبا از رخ گل اندازد نقاب آهسته آهسته.
در دل وا شد آخر به زکر و فکرِ روز و شب
کليد جهد سازد فتح باب آهسته آهسته.
کُند با صحبتِ رندان بيدل در دلت آخر
که گيرد درد سر ميکش شراب آهسته آهسته.

بيدل حسن جي جهان ۾ عجيب صورتحال ۾ آهي. هُو هڪ ئي وقت ڇا ٿو محسوس ڪري ۽ اُن باري ۾ فرمائي ٿو:

بيدل اندر دوجهان بندهء حُسنت که يافت
بادشاهي عجبي بنده نوازي عجبي.

عشق ئي رهنما آهي، جيڪو سنئين دڳ لائي ٿو. عشق وڏو منصب آهي ۽ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي جو اُن منصب کي رسي. ڳالهين سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. فرمائي ٿو:

عشق نه منصبي است ڪه هر خس بد و رسد
بلڪ از هزار خاص يڪي ڪس بد و رسد.

---

اين خرمن وجود نه سُوزد به قيل و قال
برقي مگر ز عشق، مقدس بد و رسد.
 

غزل ۾ بيدل جو پنهنجو رنگ آهي، جيڪو حقيقت ۾ مجاز سان وابسته آهي. هو حسن و عشق جو شاعر آهي ۽ تصوف جون بنيادي ڳالهيون دلنشين انداز ۾ سمجهائي ٿو. بيدل هڪ عالم به آهي. ڪلام ۽ نثري ڪاوشن سان گڏ هن اڪابر، مدبرين ۽ اهم شخصيتن جو وفات جون تاريخون به لکيون. هن سلسلي ۾ خلفاءِ راشدين، امام جعفر صادق عليہ السلام، ٻين امامن، درويشن، اڪابرن ۽ شاعرن جون وفات جون تاريخون لکيون آهن. شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست جون تاريخون هن ريت لکيون اٿس:

محو ذاتي هست سال وصال شاهه عبداللطيف زانکه محويت بنور ذاتيش بود جاودان.

محو ذاتي مان تاريخ ڪڍي اٿس (1169 هه)

سالڪ مستان سچو چون ڪه پيوسته بحق
عاشق سرمست هو بنوشته شد تاريخ آن.

’عاشق سرمست هو‘ مان تاريخ ڪڍي اٿس (1242 هه)

هن مان بيدل جي علم تاريخ گوئيءَ تي پوري پوري دسترس هجڻ جي خبر پوي ٿي. آخر ۾ عرض ڪريان ته زبان ۽ بيان ۾ بيدل سائين هڪ منفرد شاعر آهي. اُن انفراديت جو هڪڙو مثال سندس ڪتاب فوائد ’المعنوي‘ مان وٺي سگهجي ٿو. لکي ٿو ته فراق جي معنيٰ آهي معشوق جو عاشق کي ڪشش ڪرڻ. هيءَ معنيٰ عام معنيٰ جدائيءَ، کان ٻي طرح آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org