حوالا ۽ مددي ڪتاب
1. برده،
جيڪو تخلص آهي، اُهو شاعر فارسيءَ جي لغت موجب
ورتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: غلام، ڪنيز ۽
زرخريد. ڏسو فرهنگ عميد از اُستاد حسن عميد، تهران
ص 188.
2. خادم
حسين چانڊيو. ’ماروجي ملير جا‘ حيدرآباد 2003ع.
3. ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو. ’سرائيڪي شاعري هڪ مطالعو‘،
1999ع.
4. ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو. ’سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)‘
حيدرآباد 2005ع.
5. بردو
سنڌي. ’اکيون ميگهه ملهار‘، نوابشاهه، 1961ع.
6. بردو
سنڌي. ’بوندون بس نه ڪن‘، ڄام شورو 1988ع.
تاج صحرائي (1921ع- 2002ع): ڀيٽا
وسارڻ جو نه آهي تاج صحرائي. پر اسين جيڪي جيئرا
آهيون، پٿر دل آهيون جو جن کي ڪلهه پيارو ٿي
رکيوسين، سي اڄ ورلي ياد اچن ٿا. سانگيءَ سچ چيو
آهي:
آهي سنگ سخت کان انسان سنگدل،
جن ري نه دم سريو ٿي سو سانگي سريو سريو.
وري به غنيمت آهي جو ڪڏهن گڏ ويهي سُور پچار ڪريون
ٿا. تاج صحرائي ٻه سال ٿيا اسان کان جدا ٿيو.
سيوهڻ مان موٽي اڃان ماڳ رسياسين ته موڪلائي ويو.
مون کي ’ميان عبدالجبار‘ چئي مخاطب ٿيندو
هو. هُن سان زباني يار سڏائڻ وارن ساڻس زيادتيون
ڪيون. چوندو هو: ميان عبدالجبار! ڳالهه سمجهه ۾
اچي ٿي؟ اهڙن موقعن تي آءٌ کيس چوندو هوس: سائين!
هر هٿ ملائڻ وارو دوست ڪونه هوندو آهي.
قلندر شهباز ڪميٽيءَ جي ”ادبي سيمينار“ جو ڪنوينر
هو. سڄو انتظام سندس هٿ ۾ هو. دعوت ڏيندو هو. تاج
صاحب جي دعوت تي اديب ايندا هئا. ٽرانسپورٽ ۽
رهائش لاءِ ضلعي انتظاميه کيس جيڪو روئاڙيندي هئي،
اُن بابت يا ٻيا ويجها دوست کيس ادبي سيمينار تان
هٿ کڻڻ جي صلاح ڏيندا هئاسين. هڪ بيوسيءَ واري نظر
پڇڻ واري ڏي ڦيرائي، هلڪي ڦڪي مُرڪ چپن تي ايندي
هيس ۽ بس. 2002ع يعني سندس زندگيءَ جي آخري سال ۾
ڏٺوسين ته جهيڻو ۽ ٿڪل، ڄڻ ٻانهن ڇنڊيو ڇڏايو پيو
وڃي! هنديءَ جي شاعره سهجو ٻائيءَ تاج صاحب جي وڃڻ
۽ دوستن جي دلي حالت جو ڄڻ نقشو ڪڍيو هجي:
بانهن ڇُڙائي جات هو، نربل جان ڪي موهي،
هردئي ۾ سي جائوگي، تو مرد بنڌوگي توهي.
مون سندس باري ۾ هڪ قطعو اندازاً 1992ع ۾ چيو.
اُهو 1995ع ۾ منهنجي شعري مجموعي مردنگ ۾ ڇپجڻ کان
اڳ کيس خط ۾ ڏياري موڪليم. قطعو آهي:
عبدالجبار جي فقط تون ياد ماضي ڪندين
هر گذريل ڏينهن جي ياد پيو تازي ڪندي
تاج صحرائيءَ مثل قديم آثارن ڏي وڃ
پوءِ حقيقت ۾ تون دل راضي ڪندين.
تاج صاحب کي خاص طور دادو ۽ لاڙڪاڻي ايراضيءَ جي
قديم آثارن سان دلچسپي هئي. رني ڪوٽ جي انچ انچ جو
ياد حافظ هو ۽ منڇر ڪلچر تي ته فدا هو. مون کي ياد
آهي ته 1970ع ۾ جڏهن رني ڪوٽ ڏسڻ جو پروگرام ٺهيو
ته حيدرآباد کان جيپ ۾ صبح ساڻ روانا ٿياسين. اسان
جي قافلي جو سالار محترم سائين مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي هو. ڊاڪٽر الانا صاحب، منهنجو ننڍو ڀاءُ
آفتاب ۽ آءٌ ۽ تاج صاحب شامل هئاسين. سن گيٽ کان
هلندي مِيريءَ تائين پهچي اسين ٻئي ڀائر ٿڪجي
پياسين. باقي ٽئي ڄڻا تازا توانا رهيا. تاج صاحب
هڪ هڪ ڳالهه سمجهائيندو هليو. سندس رني ڪوٽ سان
خاص چاهه هو. رني ڪوٽ کان موهن جي دڙي تائين هن
سڄي ايراضيءَ جي ماڳن مڪانن ۽ قديم آثارن جو خاڪو
پيش ڪري ڇڏيو هو. نه رڳو ياد حافظ هو. بلڪ انهن
جي مناسب پرگهور لهڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو. وٽس
وسيلا نه هئا. جيڪي نوادرات ملندا هئس سي پنهنجي
ذاتي عجائب گهر ۾ رکندو هو. جيتري خواهش هيس جيتري
سڪ هيس اُهو پنهنجن ذريعن مان ڪري نه سگهيو. ٻيو
ميران وانگر اکين کي ڏوهه ڏيندو هو:
نينا ري تم هي بري، تم سا بُرا نه ڪوئي،
آپ هي پيت لگائي ڪي، آپ هي بيٺا روئي.
هو شاعر به هو پر پوءِ تاريخ ۽ قديم آثارن جو رڳو
ماهر نه پر عاشق بنجي رهجي ويو. پڻي لوڪن تي به
سندس هڪ ڪتابڙو موجود آهي. ’سنڌو تهذيب‘ نالي ڪتاب
به لکيائين. هڪ ڪتاب سنڌي حالت زار جي پيش منظر ۾
”نيڻين ننڊ اکوڙ“ شاهه جي حوالي سان لکيائين.
ڪيترائي مقالا لکيائين. سڀني ڪاوشن کان وڌيڪ تاج
صاحب جو انگريزي ڪتاب: "LAKE
MANCHAR: the most ancient seat of sindhu
culture" آهي.
تاج صاحب کي ڪن شعرن جي ڀيٽا ڏيڻ کان پوءِ آءٌ
سندس هن بلند معيار ڪتاب جو مختصر جائزو پيش ڪندس:
ساجن هم تم ايڪ هين، ديکن ڪي هين دو،
من سي من ڪو تولئي، ڪڀي نه دو من هو.
---
مرا بادرد آشنا کردند و رفتند
باسياه چشمان کشتند و رفتند.
---
وڃن م وينجهار، پاڻيٺ جي پرکڻا،
اَيهر پائي اکيين، لهن سڀ ڪنهن سار،
موتيءَ جي مزاج جو، قدر منجهه ڪنار،
صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.
---
رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪو ول جي ڪُوڪَ
وَلولو ۽ ووُڪَ، ايءَ تان آه عشق جي.
"LAKE MANCHAR: the most ancient seat of sindhu
culture"
قديم تهذيبون انسان ذات جو ورثو آهن. اُنهن جو
جداگانه وجود به مختلف خِطن جي ماڻهن جي زندگين جي
ڄاڻ ڏي ٿو. ايئن رنگارنگيءَ ۾ به هڪ ايڪو ملي ٿو.
تهذيبون مختلف خِطن جي طبعي حالتن جو عڪس آهن.
ميداني علائقن جو رنگ پنهنجو ته جابلو علائقن جي
جيوت پنهنجي اُٿڻ ويهڻ، بودوباش، کاڌ خوراڪ هڪ ٻئي
کان مختلف آهن. پاڻيءَ کي وري پنهنجا رنگ آهن.
سمنڊ جي ڪناري، دريا ڀر ۽ ڍنڍن تي گذران ڪندڙن جي
تهذيب کي پنهنجي سونهن آهي. ڇلر ڇٺ جو حسن ئي
علحدو آهي.
تهذيبن جي سلسلي ۾ مهاڻن جي تهذيب نياري آهي. اسان
جي بيمثل محقق، مؤرخ، ماهر آثار قديمه ۽ دانشور
جناب تاج صحرائيءَ جون ڪاوشون قابل حد ستائش آهن.
سنڌ جي تهذيب تي تاج صاحب جو ڪم داد تحسين حاصل
ڪري چڪو آهي. سندس زير تبصره ڪتاب "LAKE
MANCHAR: the most ancient seat of sindhu
culture" هن
لحاظ کان وسيع آهي، جو انگريزيءَ ۾ لکيو ويو آهي ۽
پري توڙي ويجهو انگريزي پڙهندڙن تائين پهچندو.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪري، تاج صاحب جي
ڪم کي دل کولي ساراهيو آهي. هُو لکي ٿو ته: ”هُن
پاڻ کي هڪ مؤرخ، جغرافيه دان، ماهر علم الانسان،
ماهر عمرانيات ۽ ماهر ماحوليات طور ته مڃايو پر سڀ
کان وڌيڪ اُن حيثيت ۾ نمايان ٿيو جو هن جيڪي خود
ڏٺو تنهن کي ڏسڻ جي دعوت هُو ٻين کي ڏي ٿو ته دنيا
جو هي عجوبو اچي ڏسن.
تاج صاحب جو هي ڪتاب فقط ڪتابي حوالن جي آڌار تي
لکيل نه آهي. بلڪ هُو منڇر تي ڏينهن راتيون وڃي
رهيو آهي ۽ مهاڻن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو گهرو
اڀياس ڪيو اٿس. ڪتاب ڪُل ڏهن بابت ۽ ڇهن ضميمن تي
مشتمل آهي. پنهنجي بيان جي ثبوت ۾ ڪيترا نقشا،
چارٽ ۽ رنگين فوٽو به ڏنا اٿس.
ڪتاب به سنڌو تهذيب ۽ منڇر ڍنڍ جي تاريخ، ڪتابن جي
مستند حوالن سان بيان ڪيل آهي. ڍنڍ جو محل وقوع،
اُن جا ڀرتي ڪندڙ واهه، ڍنڍ جي پيداوار، مڇي پکي ۽
ڍنڍ جي دولت توڙي ٻيڙين جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
واپاري رستن ۽ مهاڻن جي جيوت جو تفصيلي بيان ڪيو
ويو آهي. اِن ريت منڇر جو پورو سماجي ۽ اقتصادي
منظر نامو سامهون اچي وڃي ٿو.
تاج صاحب منڇر جو تعارف ڪرائيندي قديم مؤرخن ۽
جغرافيه دان جي حوالن سان ڳالهه ڪري ٿو. اُنهن ۾
المسعودي، الاصطخري ۽ ابن حوقل جا حوالا آڻي ٿو.
جديد محققن جي تحقيق جو حوالو اچي ٿو. ڊاڪٽر فيئر
سروس (Dr.
Fair Servis Jr)
وهڪري بابت لکي ٿو ته سنڌوءَ جو وهڪرو نيل نديءَ
کان ٻيڻ تي تيز آهي ۽ ڪولوراڊو کان ڏهوڻو تيز آهي.
فاضل محقق ڍنڍ جي محل وقوع جي اُپٽار ڪندي نقشن جي
به پوري پوري مدد ورتي آهي ۽ نالي بابت مختلف
نظرين جا حوالا ڏيندي پنهنجي راءِ کي مستند بنائي
ٿو.
ڪتاب جو ڇهون باب ڍنڍ جي رهاڪن بابت آهي. هن باب ۾
فاضل محقق مهاڻن جي جيوت جو مڪمل جائزو ورتو آهي،
جيڪو اکين ڏٺي احوال تي آڌاريل آهي. مهاڻن جي
ذاتين، اوڙڪن ۽ پاڙن بابت تفصيلي معلومات مهيا ڪئي
اٿس. هن سلسلي ۾ ٻار جي ڄمڻ کاٺي ڇٺي، مڱڻي ۽
شاديءَ جي رسمن جو ذڪر ڪندي هر ڳالهه جا تفصيل ڏي
ٿو. اُن سان گڏ مهاڻن جي ظاهري شڪل صورت ۽ زندگيءَ
جي ٻين روين جو به ذڪر ڪري ٿو. هن سلسلي ۾ تاج
صاحب مهاڻن جي رنگ روپ ۽ صحت جو به بيان ڪري ٿو ۽
ٻڌائي ٿو ته هُو ٿلها ڪونه ٿا ٿين ۽ جمس پورا پُنا
آهن.
باب ڏهين ۾ قبل تاريخ مقامات (Pre
– historic sites)
تي لکيو ويو آهي. ترتيب جي لحاظ کان هي باب ابتدا
۾ اچڻ کپي ها. ڪتاب جي آخري حصي ۾ تجويزون ڏنيون
ويون آهن. جيڪي هن قسم جي ڪم ۾ اهميت واريون
هونديون آهن. پوري جائزي کان پوءِ هي تجويزون
ڏنيون ويون آهن:
1. مين
نارا وئلي جي ڊرين جي سم جو پاڻي هڪدم روڪيو وڃي.
2. منڇر
۾ پاڻي آڻڻ لاءِ خاص فيڊر ڊزائين ڪيو وڃي.
3. ڍنڍ
جي چوڌاري روڊ تعمير ڪيو وڃي.
4. سياحن
لاءِ انتظام ڪجي، جيئن اُنهن لاءِ منڇر ۾ ڪشش پيدا
ٿئي.
5. بُوبڪن
۾ هارڊ بورڊ فئڪٽري قائم ڪئي وڃي. جيئن ڍنڍ جا
ڪَلَ ۽ ڏِير مُفيد ٿي سگهي.
6. ڍنڍ
کي پنج فوٽ اُونهو ڪجي.
اُن کان سواءِ مهاڻن کي پنهنجن ٻيرين کي بهتر
بنائڻ لاءِ سهوليتون ڏجن. ڪولڊ سٽوريج ۽ اڪوريم
قائم ڪجن توڙي ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.
تاج صحرائي صاحب هي ڪتاب محنت ۽ محبت سان لکيو آهي
۽ منڇر جي مڪمل تاريخ ۽ جيوت جو تفصيلي بيان ڪيو
اٿس. ان سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي به هي هڪ اهم
دستاويز آهي. تاريخ ۽ سماجيات جي شاگردن لاءِ هن
ڪتاب ۾ تمام قيمتي مواد موجود آهي. ڪتاب اندر نه
رڳو ضروري نقشا ۽ فوٽو ڏنا ويا آهن پر سر ورق جي
رنگين تصوير به منڇر جي مهاڻن جي زندگيءَ جي عڪاسي
ڪري ٿي.
تاج صاحب جو هي خوبصورت ڪتاب انگريزي دان طبقي وٽ
مانُ لهندو ۽ دنيا ۾ منڇر جو نالو وڄي ويندو. آءٌ
سندس هن ڪاوش تي کيس دل جي گهراين سان مبارڪون
ڏيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته تاج صاحب ههڙا علمي ڪم
اڃان به وڌيڪ تندهيءَ سان ڪندو.
(انگريزي ڪتاب تي تبصري وارو هي آخري حصو تاج صاحب
جي زندگيءَ ۾ لکيو ويو هو.)
20 هين صديءَ جي آزاد مرد جون ڳالهيون!
جيڪو ماڻهو ڏسڻ ۾ سادو سودو معمولي ماڻهو لڳندو هو
سو نه معمولي انسان هو نه معمولي ليکڪ. هو پنهنجن
خيالن ۾ به هڪ اعليٰ انسان هو ۽ هڪ منفرد ليکڪ به.
هي هو محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن کي ڪو دوست نقاد
ڪيترو به ساراهي ته اها ساراهه هن جي مڪمل شخصيت
جو ۽ تحريرن جو احاطو به نه ڪري سگهندي. بلڪ سمنڊ
۾ هڪ ڦڙي مثل مس هوندي. آءٌ 1956ع کان جڏهن تعليم
جي ڪري مستقل طور حيدرآباد ۾ رهڻ لڳس ته ساڻس
ملاقات جو شرف حاصل ٿيم. ڪڏهن بهاني ڪُ بهاني
ڏيپلائي پريس ۾ جهاتي پائڻ سان ته ڪڏهن سنڌي ادبي
سنگت جي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ ملاقات ٿيندي هئي منهنجي
لکڻ جي عمر ان وقت ڏيڍ 2 سال هئي. سنڌي ادبي سنگت
جي ڪچهرين ۾ جيڪي ماڻهو مليا آهن جو ادبي قد مون
کان بلند هو. ڏيپلائي صاحب به انهن ۾ هڪ هو. اڪثر
ڪراچي هوٽل ۾ اهڙين شخصيتن سان مکا ميلو ٿيندو هو.
آئون ايترو ننڍو هوس جو ڪنهن کي مس نظر ايندو هوس.
منهنجي اڳيان جيڪي شخصيتون هيون انهن ۾ غلام محمد
گرامي، عبدالله، مقبول ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻيا
اديب مون لاءِ دلچسپيءَ جو باعث هئا. ادبي سنگت ۾
ڏيپلائي صاحب ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو پر منهنجي ساڻس
واقفيت پڪي ٿي چڪي هئي. ڪيترا ڀيرا مليا هونداسين
پر جيڪي ڳالهيون مون کي ياد پون ٿيون ۽ بيان ڪندي
سندس تصوير اڳيان اچي ٿي وڃيم سي هي آهن. ڏيپلائي
صاحب کي فارسي، اردو ۽ هندي شعرن سان به چڱو شفف
هو. هو اڪثر پنهنجن مضمونن ۽ ڪتابن جي بابن جي
ابتدا توڙي وچ ۾ ڪونه ڪو شعر ڏيندو هو. روبرو ملڻ
وقت به اڪثر نقل نظير ۽ شعر موقعي سان چوندو هو.
مون کي ياد آهي هڪ ڀيري اسين ٻه ڄڻا استاد شاگرد
جيئن ئي کيس رستي ۾ ملياسين ته ڪبير جو هي دوهو
چيائين.
گرو گوبند دونو کڙي، مين ڪس ڪي لاگون پائون،
مين بلهاري اس گوبند ڪي، جو گرو ملايا مانهه.
هڪ ڀيري فردوس سينيما حيدرآباد جي سامهون واري
ننڍي ڪيفي ۾ ويٺا هئاسين. سن 1970ع جو زمانو هو.
ڏيپلائي صاحب، گرامي صاحب، آءٌ ۽ ڪي 2 دوست ٻيا به
هئا. ڪافيءَ جي صلاح ڪنهن ڪئي هئي اهو به ياد نٿو
پويم. ڪافي کي ڪوپ ۾ ڏيپلائي صاحب چمچي سان گهوٽي
رهيو هو. گهوٽو ڪجهه وڌي ويو. گرامي صاحب چيو ڪوپ
جو ترو ٿو ڪڍين. هاڻ بس ڪر! ڏيپلائي صاحب چيو هو:
اهي اٿئي ڌراڙن جا ڌڪ! پوءِ گهڻي دير تائين کلندا
۽ ڪچهري جو مزو وٺندا رهياسين. ڪافيءَ به ڏاڍو مزو
ڏنو. ڏيپلائي صاحب سان گهڻيون ملاقاتون رستي هلندي
ٿينديون هيون، ڪانه ڪا دلچسپ ڳالهه ڪندو هو. هڪ
ڀيري سلطان هوٽل حيدرآباد وٽان پئي آيو حيدرچوڪ جي
قريب آمهون سامهون ٿي وياسين انهن ڏينهن بدين جي
قريب هڪ پير مئين موسي جو چوٻول هو. ماڻهو ريل
گاڏين ۽ ٻين سوارين ۾ جوق در جوق ايندا هئا ۽ جيڪي
موٽندا هئا سي چوندا هئا اسان جي مراد پوري ٿي ته
وري ٻيا عازم سفر نظر ايندا هئا. ائين ڪي مهينا هي
سلسلو رهيو. اهوئي طريقو ۽ پبلسٽيءَ جو نمونو
ڏيپلائي صاحب جي نظر ۾ انهن مرشدن جي مريدن رائج
رکيو هو، جن جا وکا هو مرشد سيريز ۾ پڌرا ڪري چڪو
هو. اڄ به ملڻ ساڻ مون کي جيڪي لفظ چيائين سي هئا
(ان تو واري مئين موسيٰ کي ڏس ته گهمايو ٿو وٺان)
۽ هٿ جي چپٽيءَ جو به اشارو ڏنائين. پوءِ ٻه ٽي
هفتا مئين موسي جي برخلاف خوب لکيائين ته اهو ڪو
هٿ ناٽ ۽ ڪاريگرن جو ٺاهيل ٽڪ ساٽ آهي ميون موسو
آهي ئي ڪونه. هو به ائين ڪي ماڻهو قبر ۾ ٽيپ
رڪارڊر رکي ويٺا هيا يا اندر ڪو مائيڪرو فون هو
جتان سائلن کي جواب ڏنا ويندا هئا اُهي قبر تي ڪن
لڳائي پنهنجو نالو ٻڌي به خوش ٿي هليا ويندا هئا.
انهن جي چوڻ تي وري ٻيا سائل اچي پهچندا هئا. نيٺ
معاملو پڌرو ٿيو. بقول ڏيپلائي صاحب جي ميون موسو
ته ڪونه هو پر ڪمائڻ وارا مال ڪمائي ويا. اهي
سائلن کان حال احوال وٺي ائين جواب ٺاهي ڏيندا
هئا، جيئن مرشدن جا خليفا ڪندا هئا. جيئن انهن جا
وکا مرشد سيريز ۾ پڌرا ڪندو هو. تيئن خلق ڏٺو ته
مئين موسي جا به ڏينهن پڄي آيا! ڪي ٻيا موقعا هيا
جن تي ملياسين گهڻيون ڪچهريون ٿيون پر ڪي ڳالهيون
ياد نٿيون پونم. آخر ۾ ايترو عرض ڪندس ته اسان جو
هي مرد مجاهد ليکڪ پنهنجي دور ۾ منفرد يگانو هو.
20 هين صدي جي سڄي ادبي ۽ صحافتي حاصلات ۾ کيس
ڪنهن ٻئي سان تحريرن جي لحاظ کان ڀيٽي نٿو سگهجي.
ڏيپلائي صاحب هڪڙو ئي روشنيءَ جو منارو آهي. ننڍن
کي به ڀرپور داد ڏيندو هو. مون کي پنهنجي ڪتاب
سنڌي ادب جي مختصر تاريخ تي جيڪو داد ڏنائين سو
مون وٽ خط جي صورت ۾ موجود آهي. خدا رحمت ڪريس عجب
آزاد مرد هو. ڏيپلائي ٻيو ڪونه ٿيندو!! ڏيپلو زنده
باد!!
هڪ اعليٰ انسان ۽ عظيم اُستاد (پروفيسر علي نواز
جتوئي)
منهنجن اُستادن جا مون تي ايترا احسان آهن، جن جو
بيان لفظن ۾ ڪرڻ مشڪل آهي. شايد جذبا اُهو اظهار
ڪري سگهن. اڄوڪي صحبت ۾ آءٌ پنهنجي رهبر ۽ محترم
اُستاد پروفيسر علي نواز جتوئيءَ بابت ڪي ساروڻيون
بيان ڪريان ٿو. هونئن ته جتوئي صاحب جو علمي
مرتبو، تصوف جي ڄاڻ ۽ هڪ صوفي منشي واري حيثيت به
ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙي آهي، ان لاءِ جدا مقالو درڪار آهي.
آءٌ جڏهن انٽر آرٽس ۾ پڙهندو هوس ته مون فارسيءَ
جي هڪ نصابي ڪتاب جي ترجمي جي حوالي سان پروفيسر
جتوئيءَ جو نالو معلوم ڪيو هو. اُهي ئي ڏينهن هئا
يعني 1958ع جي ابتدا جو هڪ ڏينهن بدين کان موٽندڙ
ريل ۾ ڪيا باريش اصحاب ۽ انهن سان گڏ جتوئي صاحب
ڏٺو. پاڻ ۾ ويٺي ڳالهايائون ۽ معلوم ٿيو ته لنواري
شريف جي زيارت ڪري موٽيا هئا. هو مسافر مير محمد
نظاماڻي به هنن جي تعارف بعد پاڻ سڃاڻائڻ لڳو. هو
ڪاليج ۾ جتوئي صاحب جو ڪلاس ڀائي رهيو هو. باريش
صاحبان ۾ محترم ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ڊاڪٽر خان
رشيد، سخي احمد هاشمي ۽ هڪ سندن اردو شعبي جو
شاگرد شامل هو. هنن ماڻهن جي علمي گفتگو مون کي
ايترو گرويدو بنايو جو پوءِ انٽر پاس ڪري مون سڌو
سنڌي شعبي جو رخ رکيو ۽ ڪجهه معلومات جيڪا
لنواريءَ جي لال خواجه سلطان اولالياء محمد زمان
بابت هُيم ۽ شاهه لطيف سان سندن ملاقات منهنجي
مطالعي جو اهم باب بنجي ويئي. ريل ۾ هنن بزرگن جي
باهمي گفتگو مان جيڪو جملو اڄ به ياد اٿم اُهو
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب جو ارشاد ڪيل هو. پاڻ
جتوئي صاحب جي پڇيل سوال جو جواب ڏنوسو هي هو:
”عجيب ڪيفيت ۽ جلال هو. شاهه لطيف جمال ئي جمال
آهي.“
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ پروفيسر جتوئيءَ جي شخصيت
جو ڇاپو منهنجي دل تي لڳي ويو.
آءٌ سنڌي شعبي ۾ شاگرد جي حيثيت سان داخل ٿيس ۽
ڏٺم ته تعليم واري سڄي دور ۾، ۽ پوءِ ليڪچرر ٿيس
ته به ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب اسان جي شعبي جي
اُستادن ۽ شاگردن تي هميشه شفيق رهيو. پوءِ به اڄ
ڏينهن تائين مون سان هميشه جتوئي صاحب جي حوالي
سان گفتگو ڪندو آهي.
اندازاً 1962ع ۾ منهنجي گذارش تي لنواريءَ جي سفر
۾ منهنجي دعوت به قبول ڪيائون. ساڳيا ماڻهو، ريل
مان لٿا ۽ جيپ ۾ لنواريءَ هليا ويا اٽڪل ٻن ڪلاڪن
کان پوءِ موٽيا. ساڳي ريل ساڳي واپسي.
سنڌي شعبو اڄ ڪلهه واري اولڊ ڪئمپس جي حبيب بئنڪ
جي سامهون مين بلڊنگ جي ڪنڊ تي هڪ ننڍي ڪمري ۾
قائم هو. ايم. اي. فائنل ۾ هڪ شاگردياڻي نظر ايندي
هئي. مس حسن بانو قريشي يا آپا درويش! بي. اي آنرس
۾ آءٌ، مس ممتاز عباسي، رجب علي دائود پوٽو،
عبدالخالق سهتو ۽ هڪ ٻيو ساٿي صديقي هو جو پوءِ
وڪيل وڃي ٿيو. پابند شاگرد آنرس ۾ آءٌ ئي هوس ۽
ايم. اي. ۾ آپا درويش! جي هُن جو ڪلاس جاري هوندو
هو ته آءٌ ڪنڊ ۾ گونگو بنيو ويٺو هوندو هوس. جي
منهنجو ڪلاس هوندو هو ته آپا درويش نه ڪنڊ
والاريندي هئي ۽ نه خاموش رهندي هئي. هڪ ڀيرو
جتوئي صاحب کيس پڙهائيندي عالم ارواح ۽ ڪائنات جي
ڪن اسرارن بابت ٻڌائڻ لڳو ته آپا درويش چيو: ”سر!
هاڻي گهڻو مٿي هليا وياسين – هيٺ لاهيو.“ جيڪي
شاگرد جتوئي صاحب وٽ پڙهيا آهن اُنهن کي خبر آهي
ته جتوئي صاحب جو ڪلاس ڪڏهن به ٻن ڪلاڪن کان گهٽ
نه هليو. لطيف کان روميءَ تائين، اقبال ۽ غالب
توڙي سنڌي، اردو، ۽ فارسيءَ جي شعرن جا حوالا،
شاهه ولي الله، حضرت مجدد الف ثاني. ابن عربي ۽
ٻين ڪيترن مدبرن جا حوالا ڏيندو هو. اڪثر علامه
قاضيءَ جا حولا ڏيندو هو ۽ سندس اندازِ بيان به
ڪڏهن علامه صاحب وارو لڳندو هو.
جتوئي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر چوياريءَ جو
رڪن هو، جنهن جا ٻيا ارڪان سنڌ يونيورسٽيءَ جو
شان، مان ۽ جان هئا. اُهي هئا ڊاڪٽر قاضي نبي بخش
صاحب، پروفيسر محمد الياس ابڙو صاحب ۽ پروفيسر
شفيع محمد ميمڻ صاحب. 1962ع کان آرٽس جا ڪلاس صبح
جو به منعقد ٿيڻ لڳا. اڳ فقط شام جو هئا. منجهند
جو ڪلاسن ختم ٿيڻ کان پوءِ هيءَ چوياري ڊاڪٽر قاضي
صاحب جي آفيس ۾ گڏ ٿيندي هئي. آءٌ اڪثر ٻاهر بيٺو
هوندو هوس ۽ هنن اُستادن جي گفتگو ۾ قرآن، حديث،
تفسير، فلسفي، منطق، تصوف ۽ شعر و ادب کان سواءِ
ڪڏهن به ڪا ڳالهه ڪن نه پيم. وياسي وينجهار هيرو
لعل ونڌين جي! قاضي نبي بخش صاحب جو دم غنيمت آهي.
مون کي فخر آهي ته هنن اعليٰ اُستادن ۽ علامه صاحب
جي دور جي يونيورسٽيءَ جي سڀني اُستادن منهنجي
پرگهور لڌي ۽ مهربان رهيا. خاص طور انگريزي،
فارسي، عربي، اردو ۽ سنڌيءَ جا اُستاد! اُنهن ۾
منهنجو سائين، منهنجو استاد بلڪ اُستاد العلماء
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ۽ تعليم جي شعبي جو
پهريون هيڊ سر فهرست آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جتوئي صاحب کي هميشه ڊاڪٽر جتوئي
ڪري سڏيندو هو. پاڻ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وٽ پي. ايڇ ڊي
لاءِ رجسٽر به ٿيو هو. عنوان مليل هوس: Shah
Abdul Latif on Human Mind
جتوئي صاحب جي ڪن ٻين مقالن ۽ ڪتابن وانگر هي ڪم
به اڌ ۾ رهيو. ڪافي مواد نوٽبڪن ۾ لکيل اٿس.
جتوئي صاحب هڪ صوفي منش هو. هُن جي ارادت سنڌ جي
وڏن صوفين ڏي هئي. سرهندي سڳورن جو گهڻو احترام
ڪندو هو. حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ جو
ذڪر ڪندي سندس چهرو اهڙن اثرن هيٺ ايندو هو، جن جو
بيان منهنجي وس ۾ ڪونهي. ڪاش! ايتري اهليت هجيم!!
لکپڙهه ۾ انگريزيءَ ۾ قابليت حاصل ڪرڻ لاءِ اڪثر
تاڪيد ڪندو هو. چوندو هو سڀاڻي هي ڪم اوهان کي
ڪرڻو آهي. پنهنجي شاگرد ۽ جونيئر ساٿيءَ کي هميشه
پنهنجو ساٿي ڪري متعارف ڪرائيندو هو. آءٌ جونيئر
ليڪچرر هوس ته ساٿي ۽ ڪليگ ڪري واقفيت ڪرائيندو
هو. هڪ ڪتاب one
hundred & one nights مون
کي ڏنائين ۽ چيائين ته هي ڪتاب وري وري پڙهندين ته
انگريزي تي گرفت بهتر کان بهتر ٿيندي ويندي. هر
سال ٻه ٽي ڪتاب مون کي ڏئي ڇڏيندو هو:
مرا با درد آشنا کردند و رفتند.
جتوئي صاحب جي زندگيءَ ۾ ٻه موقعا آيا جڏهن هن
وائس چانسلرن کي استعيفيٰ جو خط لکي جنهن همت ۽
غيرت جو مثال قائم ڪيو. اهڙو ٻيو مثال مون کي
پنهنجي هن اداري ۾ ڪونه ٿو سجهي. ٻئي ڀيرا اقبال
جو ساڳيو شعر استعيفيٰ جي مٿان لکيائين.
پهريون موقعو حسن علي صاحب جي دور جو آهي. جڏهن
وائس چانسلر خود يا ڪنهن جي صلاح تي اهو حڪم ڪيو
ته سالياني اضافي کان اڳ هر اُستاد وي سيءَ سان
مليل وقت موجب ملي ۽ ٻڌائي ته هن سال ۾ ڪهڙا ڪتاب
پڙهيائين ۽ ڪتاب پاڻ سان کڻي اچي. پوليٽيڪل سائنس
جي اُستاد محمد عمر ميمڻ ملي وي سي صاحب کي چيو ته
اڪثر ڪتاب ته لئبررين مان پڙهيا اٿئون. وي سي صاحب
سچائي محسوس ڪئي. اُن ئي موقعي تي جتوئي صاحب به
هڪ مدلل خط وي سي صاحب ڏانهن لکيو ۽ اُن خط جي
پيشانيءَ تي اقبال جو شعر لکيائين:
اي طائر لاهوتي اس رزق سي موت اچهي،
جس رزق سي آتي هو پرواز ۾ ڪوتاهي.
حسن علي صاحب جتوئي صاحب جي همت کي به داد ڏنو ۽
ڪتاب آڻڻ وارو حڪم واپس ورتو ويو. انڪريمينٽن جا
مينهن وسي ويا. ٻيو موقعو محترم شيخ اياز واري دور
جو آهي. جنهن ۾ جتوئي صاحب رٽائر ٿيڻ کان پوءِ
نئين سِر ڪانٽريڪٽ تي هو. جڏهن ستن پروفيسرن کي
يونيورسٽيءَ مان ڊسمس ڪيو ويو ته جتوئي صاحب وري
وي سيءَ ڏانهن خط لکيو. ساڳيو اقبال جو شعر ۽
استعيفيٰ – نه ڪنهن جي ٻڌائين نه ڪا ٻي ڳالهه ٿي –
ڪانٽريڪٽ ڇڏي اڌ ۾ هليو ويو. سڀني کي اواس ڇڏي
ويو.
اهڙا سچار ۽ ساونت هن چرخ گردون گهٽ ڏٺا هوندا نه
ته خوشامد ڪندي ماڻهن جون چيلهيون چٻيون ٿيل ڏٺم.
صوفي بزرگن ڏانهن جتوئي صاحب جي ارادت جو ذڪر ڪري
آيو آهيان. اهلِ حياتي وارن مان سندس لاڙو حضرت
پير ايراني صبغت الله صاحب ڏانهن هو. پير صاحب اصل
۾ ايراني فوج جو نوجوان آفيسر هو. پوءِ حيدرآباد
جي فقير جي پڙ ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. حيدرآباد ۽
سنڌ جي ٻين پاسن کان وٽس ڪافي ماڻهو اچي مريد ٿيا.
جتوئي صاحب به وٽس گهڻو ايندو هو. هڪ ڪلاس ڀائي
حاجي هارون جو اُنهن ڏينهن مختيار ڪار هو ۽ اُن جي
حاضري ٿوري هئي. اسين پاڻ ۾ صلاح ڪري پير صاحب جي
خدمت ۾ حاضر ٿياسين ته جتوئي صاحب کي سفارش ڪري.
پير صاحب چيو ته: ”جتوئي صاحب کي مجبور نه ڪرڻ
کپي. حاضريءَ جو مسئلو آهي. ڀلي اچي آءٌ کانئس
پڇان“. حاجي هارون جو ڪم نه ٿيو. ٻئي سال امتحان ۾
ويٺو. ڇو جو اڳ ۾ ٺٽي جي مختيارڪار کي ٽرم مليو هو
ته اُتان جي هيڊ منشيءَ خار ۾ درخواست ڪئي هئي ۽
يونيورسٽي به اهڙن معاملن دوهرائڻ کان خبردار ڪيو
هو.
جتوئي صاحب کي شاهه جي رسالي جي معنيٰ ۽ مطلب سان
خاص شوق هو. توحيد لاءِ سُرڪلياڻ سندس مطالعي جو
مرڪز رهيو. سامونڊي ۽ رامڪلي به سندس پسند جا سُر
هئا. رسالي جي روحاني مطالب کي سمجهائڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. رامڪليءَ جي بيت ۽ شيخ اياز جي هڪ بيت جو
موازنو ڪندو هو. شاهه جو بيت هو:
گندي ۽ گراه، جن سناسين سانڍيو،
اُنين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.
هن بيت جي مقابلي ۾ اياز جو بيت آڻيندو هو. بيت
هو:
سدا آهي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا،
ڍوء بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي.
سندس خيال موجب اياز جو بيت، شاهه جي بيت جي رد ۾
آهي. پاڻ هن سلسلي ۾ هڪ نظم به لکيائين. هن شعر ۾
اياز جي بيت ڏانهن اشارو هو:
ڪن جو الله مقصد ڪن جو گراه مقصد،
هنجن جو شان پنهنجو، ڪانگن جو مان پنهنجو.
ڄام نظام الدين جو هڪ فارسي قطعو اڪثر ٻڌائيندو هو
۽ هن سمي حاڪم جي انصاف پسندي ۽ دين داريءَ جي
واکاڻ ڪندو هو:
اي آنکه ترا نظام الدين مي خوانند
تو مفتخري که چنين مي خوانند
گر در ره دين ز تو خطائي افتد
شک نيست که کافر و لعين مي خوانند.
اهڙي طرح حضرت بهاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جي رباعي
به اڪثر ورد زبان هوندي هئس:
آن کس که ترا شناخت جان را چه کند
فرزند و عيال و خانمان را چه کند
ديوانه کني و هر دو جهانش بديهي
ديوانه تو هر دو جهان را چه کند.
رسالي ۽ گرهوڙي صاحب جي ڪلام مان حقيقت محمدي
سمجهائيندو هو. هي بحث پنهنجي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ’ڪلام
گرهوڙيءَ‘ ۾ تفصيل سان ڪيائين.
جتوئي صاحب هڪ سچو سالڪ هو. هن جو نعرو ’لا موجود
الالله‘ هو. سڄي ڪائنات خدا جي وجود جو مظهر هئي.
هرجا عين حضور جو قائل هو. پيٽ ورن ۾ ڳالهيون ته
گهڻيون آهن پر هن سلسلي جو آخري مثال ڏيئي گفتگو
مڪمل ڪندس. منهنجي ليڪچرر ٿيڻ واري سال ۾ آءٌ بي.
اي آنرس جو ڪلاس وٺي ٻاهر نڪتس ۽ وٽس اچي ويٺس. کن
پل ۾ ڇوڪري ڪلاس مان نڪري ٻاهر هلي ويئي ته جتوئي
صاحب چيو: ”دنيا ۾ جو ظاهري حُسن پسجي ٿو اهو خدا
جي وجود جو مظهر آهي.“ پوءِ ان مضمون تي ٻي گفتگو
به ڪندو رهيو. مون غور ڪندي اهو محسوس ڪيو ته جيڪا
ڇوڪري ڪلاس اٽينڊ ڪري ويئي اُها حسن صورت جو نمونو
۽ حسن سيرت جو مجسمو هئي. اِهو پوءِ وقت به ثابت
ڪيو.
هيٺيان ڪتاب جتوئي صاحب جا شايع ٿيل آهن: مئين
شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو ڪلام، ديوان حافظ، علم
لسان ۽ سنڌي زبان، اخلاقي محسني، غزلن جو غنچو،
سنڌي صحيفو، سياست نامو ۽ لطيفي لهرون.
مقالا به ڪيترا اٿس. جن ۾ ”ڀٽائي صاحب جو ڀاري
ڀيد“ جو اطلاعات کاتي جي مجموعي تحفه لطيف ۾ ڇپيو.
هن مقالي ۾ خيال ظاهر ڪيو اٿس ته شاهه لطيف جو
محبوب حصور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم آهي. جو
الله جو قسم کڻي هيئن چوي ٿو: بالله ري پرين سڀ
اونداهي ڀانيان.
ڀلا ڀاڳ آهن اُنهن جا جن کي جتوئي صاحب جهڙو
استاد، دوست، همدرد ۽ همراز مليو. شاهه صاحب سچ
فرمايو آهي:
اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪَکَ،
آديسي اُٿي ويا، پيئي اُڏامي رَکَ،
سامي کڻي سَنکَ، وڄائي واٽ ٿيا.
او مُرليءَ وارا جوڳي
اِن ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ
محقق به آهي، پر شاعريءَ ۾ هُو هڪ منفرد لهجو،
اسلوب ۽ ميٺاج واري زبان جي ڪري هڪ اهم شاعر آهي.
بلڪ ايئن چئجي ته هُو بنيادي طور هڪ مخصوص زبان ۽
بيان وارو شاعر آهي.
دنيا جا وڏا شاعر اُن ڪري وڏا ليکيا ويا جو هُو
نازڪ ۽ نفيس جذبن جو برملا اظهار ڪرڻ وارا هئا.
هنن جا خيالات اعليٰ هئا ته زبان ۽ بيان به منفرد
انداز جو هو. مشرق ۽ مغرب ۾ هڪ جهڙا مقبول ٿيا.
هيڏانهن عرب، ايران ۽ هند سنڌ ۾ اُنهن شاعرن ماڳ
ماڻيو جن پيار جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو. پوءِ حقيقت
هجي يا مجاز، هنن رنگ رچائي ڇڏيا. پيار جا جذبا
هُنن جي ڪلام جو خاص رنگ هو. عورت جيڪا پيار ۽
پوڄا ۾ پاڻ مڃائي چُڪي تنهن شعر ۾ به پنهنجن جذبن
کي مڃايو. اِن سلسلي ۾ هڪڙي ميران ٻائيءَ جو نالو
کڻڻ ڪافي آهي. هُن چيو: ”اي ري مين تو پريم ديواني
ميرا درد نه جاني ڪوءِ.“ سهجُو ٻائيءَ ته چئلينج
ڪيو:
بانهن ڇڙائي جات هو، نربل جان ڪي موهي،
هردئي ۾ سي جائوگي، تو مرد بنڌوگي توهي.
محبت ۽ مجاز جيئن سنڌ جي قديم شاعريءَ ۾ رهيو آهي،
اُن جو اثر هر شاعر ورتو، پر اُن ريت تنوير
عباسيءَ نه ورتو. شاهه عبداللطيف ۽ شيخ اياز جو
اثر به هُن روايتي انداز ۾ نه ورتو. بلڪ آءٌ چوندس
ته اياز جي اثر کان تنوير پاڻ کي آجو رکيو ۽
پنهنجو رنگ پيش ڪيائين جو هڪ طرف فرسوده ۽ عاميانه
تقليد کان آجو رهيو ته ٻئي طرف مغرب جي محبت ۽
مجاز وانگر سجاڳ طريقو اختيار ڪيائين جنهن موجب
شاعر دماغي توازن وڃائي نٿو. تنوير محبت جي جذبن
کي ڄڻ کلندي کلندي بيان ڪري ٿو ۽ روئڻهارڪو ناهي
حقيقت هڻي منهنجي جان جدا ڪئي. نٿو چوي ۽ ايئن به
نٿو چوئي ته ڪيا حال سڻاوان دل دا!
ايئن ڏک جي صورت حال ۽ وڇوڙي جي وڍن کي هڪ سجاڳ
انسان وانگر شعر ۾ ادا ڪري ٿو جو ڪير اُن کي اَڳ
بيان ٿيل ۽ فرسوده خيال ۽ پراڻو انداز نه چئي
سگهي. منهنجي خيال ۾ مغربي مفڪرن، دانشورن، نقادن،
ليکڪن شاعرن جو مطالعو ڪرڻ سبب اُنهن جو انداز
اختيار ڪيائين پر بيان سڄو پنهنجو، عنوان سڀ
پنهنجا ۽ زبان به پنهنجي، وري همعصر دور ۾، نرالي
۽ منفرد – سندس مطالعو نهايت وسيع هو. مغرب مان
انگريزي ۽ پوءِ فرينچ ادب جي قريب رهيو. شيلي،
بائرن ۽ ورڊس ورت، سندس ڪلام ۾ نظر اچن ٿا. ورڊس
ورٿ جي نظم سالٽري ريپر (Solitary
Reaper)
جو پورو پرتوو تنوير جي نظم تي پيو. سندس پهرئين
مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ نظم ”ڦٽيون چونڊيندڙ“
اُن نظاري سان هم آهنگ آهي، پر اُن جو ترجمو هرگز
نه آهي. اُتي هڪ لابارو ڪندڙ ڇوڪري دنيا و مافيها
کان بيخبر، ڪم ۾ مصروف هجڻ سان گڏ ڪو گيت ڳائي رهي
آهي. ورڊس وَرٿ اُن جي ڪم ۽ گيت ۾ رخنو نه وجهڻ
لاءِ چوي ٿو ته خاموشيءَ سان بيهه رهو يا چُپ چاپ
اڳتي لنگهي وڃو Stop
here or gently pass –
تنوير ڦٽيون چونڊيندڙ ڇوڪريءَ جي سونهن ۽ رويي جي
ڳالهه پنجن بندن ۾ ڪري ٿو. سهڻي ڇوڪريءَ لاءِ چوي
ٿو:
شاعر جي تصور کان سهڻي
ننڍپڻ جي يادن کان پياري
ايڏي سادي ايڏي مٺڙي
ڄڻ آهي ڀٽائيءَ جي ڪافي.
ڦٽيون ڪيئن جرڪن ٿيون ۽ ڇوڪري پوتيءَ جا پلو ڄڻ ته
چانديءَ سان پئي پُر ڪري. هوءَ گيت اهڙو آهي جو
ڪڏهن ڪنهن جي چپن تي نه آيو آهي. نئون نڪور آهي.
تنوير ڇوڪريءَ کي گيت سڏي ٿو ۽ گل به – هُو چوي
ٿو:
هُوءَ گيت اُهو آهي جيڪو
ڪنهن جي به چپن تي ڪين آيو
هُوءَ اهڙو گل آهي جنهن کي
ٽڙندي نه ڪنهين ڀي آهه ڏٺو.
پر ڳالهه فقط ورڊس ورٿ جي نه آهي. ڳالهه انگريزي
شاعريءَ جي هڪ دور RomanticRevival جي
آهي. اُن سلسلي جا وڏا پنج شاعر جان ڪيٽس (1795ع –
1821ع)، پي. بي. شيلي (1792ع – 1822ع)، وليم ورڊس
ورٿ (1770ع – 1850ع)، لارڊ بائرن (1788ع – 1824ع)
۽ ايس . ٽي. ڪالرج (1772ع – 1834ع)، گهڻو مقبول
ٿيا. تنوير اُنهن جو اڀياس هو ۽ مٿس ورڊس ورٿ جي
فطرت جي نظارن سان پيار وارو چٽو رنگ موجود هو.
فطرت جو حسن، نديون، ڍنڍون، وڻ ٽڻ ۽ گل ڦل ئي خوشي
مهيا ڪن ٿا، جن ۾ ڊئفوڊلس (Daffodils)
جي سونهن جي ڳالهه ڪندي ورڊس ورٿ اُنهن کي هڪ ئي
نظر ۾ هزارن جي تعداد ۾ پسي ٿو
(a thousand at a glance) ورڊس
ورٿ لاءِ آر. او. سي وِنڪلر لکي ٿو ته:
Every one knows that words worth was (to use his
own phrase) a worshipper of nature.
اِها وصف هر ڳالهه چِٽي ڪري ٿي ته هُو فطرت جو
پوڄاري هو. ورڊس ورٿ ڪالرج سان گڏ شعرن جو مجموعو
1798ع ۾ ڇپايو، جنهن ۾ يوناني ۽ لاطيني اثر جي
خلاف موضوع هئا، اُن ڪري قائم روايت وارن کي نه
وڻيو. اُن جو عنوان هو ”Lyrical
Ballads“
جنهن جوPreface تنوير
عباسيءَ، مراد علي مرزا سان گڏجي سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيو ۽ ”سريلن گيتن جو مهاڳ“ جي عنوان سان سماهي
مهراڻ (2 – 3/1959ع) ۾ ڇپيو. هيءَ ڳالهه تنوير جي
اُن طرف لاڙي جو اشارو ڏي ٿي. خود انگريزي شاعريءَ
جي رومانوي دؤر جو داستان طويل ۽ رنگين آهي. سنڌ
جي جديد ۽ ترقي پسند شاعرن رومانو دؤر جو اثر
ورتو. اُنهن ۾ تنوير جو لهجو، موضوع ۽ زبان نشانبر
ٿي. هنن ڳالهين کي قدامت پسند ٽولو هضم نه ڪري
سگهيو. اُنهن هفتيوار ”آزاد“ ۾ جيڪا واويلا ڪئي ۽
روڌن مچايو اُهو اُتي ئي رهجي ويو. هاڻي ڪو نالي
ماتر هلڪو پِٽڪو لاڙڪاڻي کان سجاول تائين وقفن سان
ٻڌڻ ۾ اچي ٿو نه ته وڃي ٿيو خير!
خير، هاڻي اچون تنوير عباسي جي مٿي ذڪر ڪيل
رومانوي انداز تي. هُن سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾
فرسوده زبان ۽ بيان کان پاڻ کي آجو ڪيو جيڪو
پهرئين مجموعي رڳون ٿيون رباب کان اڳ جو ڪلام هو؛
اُهو روايتي طرز جو هو. پاڻ کي اُن طرز کان آجو
ڪيائين. دقيق زبان کان ۽ روايتي موضوعن کان
ڇوٽڪارو حاصل ڪيائين. ’جان من‘ ۽ زير اضافت جي
سيلاب کان پاڻ کي آجو ڪيائين. مٺڙا، پيارا، من ۽
اهڙا ٻيا لفظ هڪ طرف ته سنڌ جي ڪردارن ۽ ماحول جو
ذڪر ٻئي طرف سندس ڪلام ۾ آيو. نظم مانڊاڻ ۾ چوي
ٿو:
زندگيءَ ۾ ڪڏهين تنهنجي مُرڪَ جو ميٺاج هو
تنهنجي اکڙين جو خمار
تنهنجي جوڀن جو بهار
وقت جو اهڙو جو دل تي سونهن جو ئي راڄ هو
ساري دنيا هئي حسين
مون به ٿوري دير لئه لاتي هئي لنواي پرين.
اُهي رنگ، اُهي بيان جيڪي اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه
هئا. تنوير اُهي رنگ ۽ اُهي نيون ڳالهيون سنڌي شعر
۾ آنديون. سادگي ۽ بلڪل نئون انداز:
شعر لکان ٿو
ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو
يا ڪو گل گلاب ڇنان ٿو
يا ڪنهن مينهن ڦڙي کي جهٽيان ٿو
يا ڪنهن سُهڻي من مُهڻي جو
نازڪ نازڪ ڳل ڇُهان ٿو
يا ڪنهن وڄ کي
پنهنجي پلاند ۾ قيد ڪريان ٿو
يا ڪنهن واچوڙي کي
پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪريان ٿو
شعر لکان ٿو.
گيتن ۾ هلڪي ۽ موهيندڙ جهونگار توڙي سنگيت آهنگ
تنوير جي سُريلائي ۽ انفراديت ظاهر ڪري ٿو. گيت جو
ٿل ڄڻ راڳڻيءَ جو لڪشڻ گيت آهي:
آءُ ڳچيءَ جا هار
هنئين جا هار
الا او آءٌ هلي.
يا
جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄاءِ
درد ٿئي ٿو ٻيڻو ٽيڻو
دردن جي دل نه دکاءِ
جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄاءِ.
هيڏانهن پيار جا جذبا هڪ اَٿا مهاساگر وانگر آهن،
جيڪي تنوير جي سٽ سٽ جو سينگار آهن. مثالن جي کوٽ
ڪونهي. هنن ٻن سٽن ۾ هُن سڄي سوچ ظاهر ڪري ڇڏي
آهي:
او تنوير اسان هن جڳ ۾ هڪڙو نُڪتو ڄاتو آهي
پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي نينهن عجب هڪ ناتو آهي.
بس پيار ۽ محبت ئي شاعر جو مسلڪ آهي. چِٽن لفظن ۾
چوي ٿو ته ٻي ڪا عبادت ۽ رياضت نه ڄاڻان. رڳو محبت
ئي منهنجي عبادت آهي:
نه ڪا رياضت نه ڪا عبادت
رڳو محبت، رڳو محبت
هائڪو جا هڪ مختصر صنف هئي، تنهن ۾ وڏن شاعرن
وڏيون ڳالهيون ڪيون. هڪ خيال هڪ جذبي کي جيتري زور
سان بيان ڪيائون اُن ۾ پورو پورو تاثر پيدا ڪري
ڇڏيائون. تنوير اهڙن شاعرن ۾ اچي ٿو جن هائڪو ۾
پاڻ ملهايو. ڳالهه چوڻ جو هڪ ڏانءُ ٿئي ٿو، اُن کي
هائيڪو ۾ ادا ڪريو ته نهايت ڀرپور تاثر پيدا ٿئي
ٿو. ڏوراپو ڪيئن ڏبو:
ٽيليفون نه خط
تنهنجي منهنجي وچ ۾
آ ڪهڙو پربت.
ٽيليفون بابت هائڪن ۾ چوي ٿو:
ٽيليفون وڳي
ڀانيم تون هوندينءَ مگر
غلط نمبر هيءُ ڀي.
---
ڊائل ڪيم هر هر
ڪنهن ٻئي ٽيليفون کنئي
ساري رانگ نمبر.
عنوان وار هائڪن ۾ مسجد، خيرپور ۽ دبئي جا هائڪا
اهم آهن:
مسجد ڏي پئي ويو
رستي گل ٽڙيل ڏسي
اُتي ئي ترسي پيو.
---
مسجد ڏي پئي ويو
واٽ تي ٻار پئي کيڏيا
کيڏڻ تن سان لڳو.
---
مير واه تي شام
سوني پاڻيءَ ڏي جُهڪي
ٽالهيءَ جي هڪ لام.
---
قلفيءَ جو هوڪو
ننڍڙي ٻار جو ماءُ سان
خرچيءَ تي کيٽو.
زندگيءَ جي پوين سالن ۾ تنوير عباسي اولهه جو سير
سفر ڪيو ۽ فرينچ زبان سکي. اُن جي شاعريءَ جو
اڀياس ڪيو ۽ چند شعرن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
فرانس خاص طور جڏهن فرينچ انقلاب (1789 – 1799ع)
واري زماني کان وٺي دنيا جي نظر ۾ آيو اُتان جا
اڪابر ۽ اديب دنيا تي اثر انداز ٿيا ته فرانس جو
ناماچار به ٿيو. اسان وٽ روسو مشهور ٿيو. سندس هڪ
ڪتاب جو اختصار سان ترجمو جويي صاحب تعليم جي نالي
سان ڪيو. تنوير ڪن فرينچ شاعرن جو ترجمو به ڪيو.
انهن ۾ چارلس بودليئر به آهي. تنوير جي باري ۾
جيڪا تحقيق ٿيندي تنهن ۾ هڪ پهلو سندس فرينچ شناسي
به آهي.
آخر ۾ عرض ته تنوير عباسي هڪ شخص طور به اڀياس جي
طلب ڪري ٿو. آءٌ کيس ڪبير جي هن دوهي ۾ پسان ٿو:
ڪبير آپ ٺڳائيي، اور نه ٺڳيي ڪوئي،
آپ ٺڳي دک اُوپجي، اور ٺڳي دک هوئي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي (تحقيق لاءِ رٿا بندي)
تنوير عباسي بنيادي طور شاعر ٿي اُڀريو. هُن جي
انفراديت سندس نرم لهجو ۽ لفظن جو استعمال هو.
سنڌي شاعريءَ کان سواءِ تنوير عباسي جي تحقيق به
معياري ۽ نمايان آهي. هن کان اڳ مون پنهنجي ڪتاب
تنوير عباسي: هڪ مطالعو ۾ تنوير عباسيءَ جي
شاعريءَ ۽ تحقيق بابت بنيادي معلومات فراهم ڪئي
آهي. درحقيقت تنوير عباسيءَ جي شاعرانه ڪمال ۽
علمي ڪارنامن تي عنوان وار تفصيل سان لکڻ جي
ضرورت آهي. اُن سلسلي جو بنيادي خاڪو هن ريت آهي.
1. تنوير عباسيءَ کي بحيثيت هڪ شاعر جي مڃتا ملي.
هُن سنڌي شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام ماڻيو. شاعريءَ جي
هر صنف جو حق ادا ڪري ڇڏيائين. اُن سلسلي ۾ مون
پنهنجي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ تنوير جي غزل، نظم، گيت،
دوهي، هائڪو، بيت ۽ وائيءَ جو مختصر تعارفي انداز
جو جائزو ورتو آهي. وڌيڪ اُپٽار جي ضرورت آهي.
مثال طور عز هڪ صنف طور مشهور ۽ مقبول آهي. اسان
وٽ فارسي ۽ اردو غزل جي حاصلات اثر سان گڏ آخوند
گل کان وٺي سنڌي غزل جو پس منظر موجود هو. تنوير
عباسيءَ به ابتدائي دؤر ۾ فارسي اثر واري غزل کي
اختيار ڪيو. هونئن ارڙهين صديءَ جي ٽکڙ ۽ شڪارپور
جي شاعرن جي ابتدائي ڪاوش کان غزل جو دؤر شروع ٿئي
ٿو. گل کان پوءِ قاسم، فاضل، گدا، سانگي، واصف،
مرتضائي ۽ قليچ جهڙن صاحب ديوان شاعرن متاخرين تي
چڱو چوکو اثر ڇڏيو. تنوير غزل جي ايراني رنگ جو
مطالعو ڪيو هو. سندس غزل جو مطالعو ڪرڻ خاطر سڄي
پس منظر کي به نظر ۾ رکبو. هُن سڄي روايتي ۽
تقليدي انداز کي پرکيو ۽ ابتدا ۾ اختيار به ڪيو.
سندس اُهو ڪلام مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ کان اڳ جو
ليکجي ٿو ۽ پوءِ وڏي مجموعي تنوير چئي ۾ ڇپيو. هن
محسوس ڪيو ته ايران جي انڌي تقليد سنڌي شاعري جي
حسن کي بگاڙي ڇڏيندي. جلدي هن غزل کي سنڌ جو ماحول
ڏنو ۽ فطري سنڌي زبان سان روشناس ڪرايائين. هونئن
جو چيو هئائين:
شب فرقت جي ظلمتن کي پناهه
ملي تنهنجي سياهه وارن ۾.
اُن انداز بيان ۽ زبان جي استعمال کي آسان ڪندو
ويو ۽ چيائين:
او تنوير اڃان به گهڻائي جيئڻ لاءِ سهارا آهن.
گل اڃان به سُرها آهن، دوست اڃان ڀي پيارا آهن.
تنوير جو غزل ۾ لب و لهجو به منفرد آهي. انهيءَ
لحاظ کان غزل جي تاريخ جي پس منظر ۾ تنوير عباسيءَ
جي غزل جو مڪمل جائزو وٺڻ سان هڪ ٿيسز لکڻ کپي.
2. نظم هڪ اهم شعري صنف آهي. اُن جي مڪمل پس منظر
۾ تنوير جي نظم جو جائزو وٺڻ کپي. نظم ۾ شاعر هڪ
خاص موضوع تي لکي ٿو. اُن تي مڪمل طور پنهنجن جذبن
جو اظهار ڪندي آخر ۾ نتيجا ظاهر ڪري ٿو. انگريزيءَ
۾ اهڙا مثال ورڊس ورٿ جي نظمن ڊئفوڊلس ۽ سالٽر
ريپر جا ۽ ڪالرج جي نظم ڪرسٽابيل وغيره جا آهن.
سنڌيءَ ۾ ڪشنچند بيوس، هري دلگير، نواز علي نياز،
محمد صديق مسافر، شيخ اياز، نياز همايوني ۽ تنوير
عباسي وغيره جا نالا نظم جي ڪري اهم آهن.
تنوير عباسيءَ جا نظم موهن جو دڙو، نئين مارئي،
سسئي ڏانهن ۽ ٻيجل ڏانهن وغيره مشهور آهن. سندس
نظم جا موضوع، زبان ۽ نرم لهجو منفرد آهي. هر طرح
سان هي موضوع هڪ علمي مقالي / ٿيسز لاءِ مناسب
آهي.
3. ”شعر لکان ٿو ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو.“ نظم
وانگر تنوير عباسيءَ جا گيت به منفرد آهن. هن جي
گيت جي هر سٽ آهنگ ۽ موسيقيت جي لحاظ کان نئين
نڪور آهي. نه اڳ وارن نظمن نويسن جي تقليد آهي نه
همعصر دؤر جو وٽس اثر آهي. سندس گيتن جا ٿَلَ
نهايت وڻندڙ ۽ نوان آهن:
- پيار جو سمنڊ اجهاڳ
- صبح نه آهي دور ساٿي
- وري وري دل وري پئي
- آءُ ڳچيءَ جا هار
سنڌي گيت جي ارتقائي تاريخ ۾ تنوير جو منفرد مقام
آهي. هُو ڪنهن جو به مقلد نه آهي. هر صنف وانگر
گيت جي زبان، لب و لهجو ۽ انداز بيان نرالو اٿس.
گيت سنڌيءَ ۾ هنديءَ مان آيو. ڪو وقت عربي –
فارسيءَ ۽ هيڏانهن هنديءَ جي حامين گيت کي زبان ۽
بيان ۾ ٻن حصن ۾ ورهائي رکيو. تنوير اُن کي به
زبان توڙي بيان ۾ نج سنڌي بنايو ۽ ٻنهي ڪئمپن کان
آجو ڪيو. انهيءَ نُڪتي تي تنوير جي گيت تي هڪ علمي
مقالو مڪمل پس منظر سميت لکڻ جي گنجائش موجود آهي.
4. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ اول بيت آيو ۽ دوهو
اُن جي بنياد کي مضبوط ڪري ٿو. وائي پوءِ آئي.
دوهو جو هنديءَ ۾ هيئن هو:
اکيان انتر آئيو، پلڪ ڍانپ توهي لون،
نا مين ديکون اور ڪو، نه تو هي ديکن دون.
سو سنڌيءَ ۾ هيئن بيٺو:
اکين ۾ ٿي ويهه، ته آءٌ واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.
قاضي قادن کان وٺي دوها اصل صورت ۾ به چيا ويا.
مثال:
ڪنز قدوري قافيا، ڪو ڪونه پڙهيوم،
سو پارئي ٻيو جيان پرين لڌوم.
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هن ورثي کي وڏن ۽ اهم شاعرن
سان گڏ سگهڙن به طاقتور بنايو. بيت سنڌيءَ شاعريءَ
جي سڃاڻپ بنجي پيو. شيخ اياز بيت کي جديد دؤر ۾
ورجايو ۽ قديم شاعريءَ جي تقليد نه ڪري هڪ نئون
بيت تخليق ڪيائين. تنوير سنڌي بيت چئي، بيت ۾ به
موکيو. بيت سان گڏ وايون به چيائين. ايئن قديم
شاعريءَ جي صنفن کي مڪمل طور اختيار ڪيائين. هِتي
به سندس لب و لهجو منفرد آهي. وقت جو آواز تنوير
جي واين جو حصو بنيو:
آڙاهن ۾ ڪالهه،
سڙيا گل گلاب جا.
بيت توڙي وائيءَ تي مون پنهنجي ڪتاب ۾ فقط ڪي
اشارا ڏنا آهن. هنن ٻنهي صنفن تي جدا جدا تحقيقي
مقالا لکڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت تنوير جي دوهن
تي به ٿيسز لکڻ جي ضرورت آهي. دوهي ۾ به تنوير جي
انفراديت آهي:
او مٺڙا او ماکيءَ جهڙا ايڏو نه دور نه گهار
آءٌ گهڙي تنوير جي ڀر ۾، ڪرڪي ڳالهيون چار.
تنوير ڪن دوهن ۾ رديف به رکيو آهي. سنڌي دوهي جي
مڪمل تاريخ جي روشنيءَ ۾ تنوير جي دهي تي علمي
مقاالي لکڻ جي گنجائش آهي.
5. اندازاً ويهين صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ سنڌي
شاعريءَ ۾ هائڪو / ٽيڙو رائج ٿيو. هيءَ ٽن سٽن جي
جپاني صنف سخن آهي. هائڪو بابت شيخ اياز ۽ تنوير
عباسيءَ مضمون به لکيا آهن. سندن هائڪا به مقبول
ٿيا. هيءَ صنف سنڌ جي سرواڻ شاعرن جي هٿ ۾ اچي
گهڻو چمڪي. هائڪو جي باري ۾ سڄي سنڌي شاعريءَ جو
جائزو وٺڻ کپي. سنڌ جي شاعرن هڪ طرح سان هائڪو ۾
وزن جي تبديلي آندي ۽ اُن جي وزن جي پس منظر ۾
جيڪڏهن سنڌي بيت جي ٽن پدن کي هائڪو سان ڀيٽجي ته
ڪو فرق نظر نه ايندو. مثال طور شاهه جي هن بيت جا
ٽي پد به پُر معنيٰ آهن:
نهائينءَ کان نينهن،
سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن.
شيخ اياز هائڪو مان ڍيڍ – سٽو سرجيو. جنهن ۾ اڌ سٽ
/ پد پهرين ۽ بيت جي سڄي سٽ هيٺ رکيائين. پنجابي
ماهيا به هِن هيئت ۾ آهن. مون اياز جي ڏيڍ – سٽي
جي ابتڙ، پهرين بيت جي سڄي سٽ ۽ آخر ۾ اڌ سٽ رکي
آهي.
تنوير عباسيءَ زندگيءَ جي گوناگون حقيقتن توڙي
معمولي ڳالهين، واقعن ۽ مشاهدن کي هائڪي ۾ قلمبند
ڪيو آهي. اڪثر ڏٺ وانگر لڳن ٿا. خيرپور، کجين ۽
مسجد وارا هائڪو هن سلسلي ۾ آهن:
مسجد ڏي پئي ويو،
واٽ تي ٻار پئي کيڏيا،
کيڏڻ تن سان لڳو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي هائڪن جي ادبي اُپٽار به
هڪ دلچسپ موضوع آهي. اُن تي مڪمل پس منظر ۽
ارتقائي عمل جي حوالي سان تحقيق ڪرڻ کپي. سندس
مڪمل ڪليات تنوير چئي ۽ اُن کان پوءِ 1996ع ۾ ساجن
سونهن سرت شايع ٿيو. شاعر جو مڪمل ڪلام موجود هجڻ
ڪري محققن لاءِ ڪو مونجهارو نه رهندو. اڃان به ڪو
اڻ ڇپيل ڪلام هوندو ته اُهو سندس گهر ۾ هوندو ۽
آسانيءَ سان ملي ويندو.
6. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ سان گڏ ٻيو ادبي ۽
تحقيقي ڪم سندس نثري ڪاوشون آهن. هي ڪم هن جي
شاعريءَ کان پوءِ آيو ۽ اُن ۾ به هُن کي مڃتا ملي.
تنوير عباسيءَ جي ادبي مطالعي کيس همعصر دور ۾
نمايان ڪيو. نثري ڪاوشن ۾ خوش خيرمحمد فقير ۽ نانڪ
يوسف جي ڪلام جي ايڊيٽنگ ڪيائين. جيڪي ڪتاب سنڌي
ادبي بورڊ شايع ڪيا. شاهه جي رسالي جي هڪ ايڊيشن
تي به ڪم مڪمل ڪيائين. سچل چيئر ۾ رهڻ واري عرصي ۾
سچل جي رسالي جو ايڊيشن به تقريباً مڪمل ڪري چڪو
هو. شاهه عبداللطيف جي رسالي جي اڀياس جي سلسلي ۾
سندس ڪتاب ’شاهه لطيف جي شاعري‘ داد حاصل ڪري چڪو
آهي. هِن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي جو هُن نئين انداز
سان مطالعو پيش ڪيو آهي. خاص طور اهڃاڻي شاعري ۽
عڪسي شاعريءَ وارا باب منفرد آهن. رسالي ۾ رنگن
واري موضوع تي ڀرپور انداز ۾ لکيائين.
7. تنوير عباسيءَ جي نثري ڪاوشن ۾ سندس يورپ جو
سفرنامو نمايان آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو هڪ
ڪامياب سياح ۽ مصوريءَ جي فن جو قدردان به هو. اُن
کان سواءِ سندس مقالا ۽ انٽرويو به نهايت پُرڪشش
آهن. تنوير عباسيءَ جي نثري ڪاوشن بابت هڪ مفصل
تحقيقي مقالي جي ضرورت آهي.
8. بحيثيت انسان جي به تنوير عباسي هڪ اعليٰ انسان
هو. سندس نرم گفتگو ماڻهن کي گرويدو بنائيندي هئي.
هُو خاص طور خيرپور جي ادبي سرگرمين جو سرواڻ هو.
هُن جي زندگيءَ ۽ ادبي تخليقن تي لکڻ جي گهڻي
گنجائش آهي. هُو ادارن جو رڪن هو. اُنهن وٽ ۽
دوستن وٽ سندس خط هوندا، اُنهن کي يڪجا ڪرڻ ۽
اُنهن تي لکڻ جي به ضرورت آهي.
اسان جون يونيورسٽيون هن سلسلي ۾ قدم وڌائي سگهن
ٿيون. سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف
يونيورسٽيءَ جي هن بي لوث خدمت ڪئي آهي. اهڙي ريت
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
توڙي ٻيا ادبي ۽ علمي ادارا تنوير عباسيءَ جي
اعليٰ صلاحيتن جو فائدو وٺي چڪا آهن. انهن سڀني
ادارن ۽ سنڌ جي اسڪالرن جو فرض آهي ته تنوير
عباسيءَ جي سوانح، شاعري ۽ تحقيق جو سندس شايان
شان جائزو پيش ڪن.
منهنجو ڪتاب تنوير عباسي: هڪ مطالعو هن سلسلي جي
هڪ ابتدائي رپورٽ آهي. اُن جي هر عنوان ۽ هر باب
تي تفصيل سان لکڻ ۽ نون عنوانن کي اجاگر ڪرڻ جي
اشد ضرورت آهي. |