سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:2 

شاهه جي راڳ سان ڪلاسيڪل راڳ جي ڀيٽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم سيد غلام شاهه ڀٽائي ۽ استاد منظور علي خان جي مدد سان ڪئي ۽ اُن جا نتيجا پنهنجي ڪتاب سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ ۾ ڏنا. ٻنهي اُستادن فن کي آمهون سامهون ويهاري ٻنهي سرشتن جي پرک ۽ ڀيٽ ڪئي ويئي ۽ اُن جا نتيجا نوٽ ڪري ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا. اُنهن نتيجن ۾ ڪٿي ڪٿي ڳالهه وثوق سان چيل آهي ته ڪن هنڌن تي اِهو ڄاڻايو ويو آهي ته فلاڻي راڳڻيءَ جي قريب آهي. ڪلاسيڪل راڳ جو معاملو رياضيءَ وارو آهي. ڪومل (نرم) ۽ تيور (تيز) سُر جي لڳڻ ڪري به راڳڻي ٻي سڏبي. اهڙا ڪلاسيڪي راڳ ۾ مثال موجود آهن. هڪ معاملو سورٺ ۽ ديس جو آهي. مالڪونس هڪ مول راڳن آهي اُن جا ٻيا قسم چندرڪونس، سُندرڪونس، جوڳ ڪونس ۽ مڌ ڪونس وغيره آهن. ڪو راڳ ٻئي جي قريب هوندو ته راڳ جي آروهي اوروهي ۽ ڪومل تيور سُرن سبب هوندو. سورٺ ۾ مڌم کان رکب تائين مينڍ لڳندي آهي، اُها ئي کيس ديس کان عليحده ڪري ٿي.

شاهه جي راڳ جي عملي ترتيب جو هڪ خاص انداز آهي. پنهنجي زماني ۾ شاهه صاحب خود اُن تربيت ۽ تربيت گاهه جو سرواڻ رهيو. شاهه صاحب راڳ سنگيت کان واقف هو. سنڌ ۾ جيڪي راڳ جا سلسلا هئا اُنهن کي يڪجا ڪيائين. شاهه صاحب راڳ جي هن سرشتي ۾ طنبور (طنبورو يا دنبور) ڪم آندو. جيڪو ٺٽي مان سوٽهڙن کان ٺهرايائين. هن ساز جي وڄت جو به هڪ خاص سرشتو آهي. شاهه جي راڳ جو وقت سومهڻيءَ نماز کان پوءِ ۽ فجر جي نماز کان اڳ تائين مقرر ٿيو. (13)

راڳ جي هن سرشتي ۾ هڪ اڳواڻ هوندو هو (۽ آهي) ٻيا اُن جي ٻنهي پاسن کان ويهندا هئا. هر هڪ وٽ طنبورو هوندو هو. شاهه صاحب تمر ۽ ٻين فقيرن کي خاص تربيت ڏني. هن سرشتي ۾ طنبوري جي تند وڄندي ۽ بيت چئبا آخر ۾ وائي آلاپبي. فقيرن جون مختلف ٽوليون مختلف راتين ۾ حاضري ڏينديون آهن. (14)

انهن فقيرن ۾ تمراڻي ۽ ٻيا فقير اچي وڃن ٿا. اِهي سلسلا اڃان تائين هلندا اچن. تمراڻي فقيرن ۾ لائق ڏنو فقير ۽ ٻيا ڪيترا آهن. هن وقت منهنجو مهربان دوست فقير الله بچايو اڳواڻ آهي. ڀٽائيءَ جي راڳ جا سلسلا مختلف هنڌن تي ٿيا. انهن ۾ لاڙ ۽ ڪڇ به شامل آهن. (15)

روحاني ۽ صوفياڻي ڪلام تي آڌاريل شاهه جو ڪلام، شاهه جي راڳ جو هي سلسلو ڀٽ شاهه تي اڄ به اِنهيءَ انداز سان رائج آهي.

4. ڪافيون: هن صنف کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ گهڻي مقبوليت حاصل رهي. ڪافيءَ ۾ صوفياڻي مضمون گهڻو آهي. اُن ڪري خانقاهن تي راڳ جي محفلن ۾ ڳائي ويئي. سچل، بيدل، بيڪس ۽ ٻين شاعرن جي مجموعن ۾ هر ڪافيءَ تي راڳ راڳڻيءَ جو نالو به ڏنو ويو آهي. اهڙيون عام ڪافيون به آهن جن ۾ عاميانه ۽ محبت ۽ مجاز وارا مضمون به آهن، پر صوفي بزرگن ڪافين جو روحاني ۽ رندي مضمون رکيو ۽ خانقاهن تي راڳ جي محفلن جو سينگار بنيو. ڪافيءَ جي فن، هيئت ۽ راڳ جي مدنظر هڪ مستقل حيثيت آهي. ڪافيءَ جي ادبي حيثيت به مسلم آهي. شعر ۽ راڳ جي هيءَ صنف سنڌ، پنجاب ۽ ڪڇ ۾ هڪ جهڙي مقبول آهي. ڪافيءَ جي قدامت ۽ ارتقاء بابت ڪي روايتون موجود آهن. پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ڪافيءَ بابت ڪي بحث به ٿيا. ڪافيءَ جي هيئت تي بحث ڪندي عالمن، ڪافيءَ جي پيش رو صنف وائيءَ تي به بحث ڪيو. اهي بحث ادبي نوعيت جا ليکجن ٿا. انهيءَ ڪري هِت ڪافيءَ جي سنگيت جي دنيا ۾ جا اهيمت آهي، اُن تي نظر وجهڻ ضروري آهي. (16)

وائي ۽ ڪافيءَ کي گائڪيءَ جي لحاظ کان استادان فن (اُستاد سلامت علي خان) ٺمري به سڏيو آهي. راڳ ۾ ڪافي هڪ ٺاٺ جي حيثيت ۾ به آهي ۽ هڪ راڳڻي به آهي. هن سلسلي ۾ اڳين حوالن جي بنياد تي قاضي ظهور الحق ڪافي ٺاٺ جو ذڪر ڪيو آهي ته ڪافي هڪ راڳڻي به آهي(17). ڪافي ٺاٺ جي راڳڻين ۾ شُڌ گنڌار ۽ شُڌ نکاد ڪم آڻڻ جو عام رواج آهي. راڳڻي ڪافيءَ جا سُرَ (آروهي اوروهي) ۽ انگ اکر هي آهن:

- هن راڳڻيءَ ۾ گنڌار ۽ نکاد ڪومل ۽ باقي سُرَ شڌ آهن.

- برن (روپ) سمپورڻ – سمپدرڻ.

- وادي سُر: پنچم (پا)

- سموادي سُر: کرج (سا)

- ڳائڻ جو وقت: رات جو ٻيو پهر

- آروهه: ساري گا ما پا ڌا ني سا

- اوروه: سا ني ڌا پا ما گا ري سا(19).

راڳڻي ڪافيءَ کان سواءِ ڳائڻن ٻين راڳڻين، پيروي، مانجهه ۽ تلنگ وغيره ۾ به ڪافيون ڳايون آهن. ڪافي ٺاٺ جون ٻيون اهم راڳڻيون ڀيم پلاسي سنڌورا،پٽ ديپ، باگيشري، بهار، بندرابني سارنگ، ميان ڪي ملهار، شڌ سارنگ، شاهانه، ڪانهڙه، مالگنجي ۽ سورداسي ملهار وغيره آهن.(19)

انهيءَ ڪري چئبو ته سنڌ، پنجاب ۽ ڪڇ جي روحاني تڪين تي ڪافيءَ جو رواج ته آهي پر عام موقعن تي به ڪافي ڳائي وڃي ٿي. ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي به ڪافي هڪ مقبول صنف، شعر ۽ سنگيت جا ٻئي پهلو سنڀالي رهي آهي.

5. ڀڄن: هندن وٽ ويدانت جي اثر هيٺ روحانيت ۽ ڌرم جي اهيميت رهي آهي. سنڌ ۾ ويدن جي تعليم جي ڳالهه خاص طور ڀائي چئنراءِ عرف ساميءَ ڪئي. ساميءَ جي سلوڪن جي تت جي ڳالهه ڪندي ساميءَ (1743ع – 1949ع) صاف صاف چيو: ويدن جي وائي، سنڌيءَ ۾ سمجهايم. ويد هندن جي ڌرمي وشواس جي به ڳالهه ڪن ٿا. جيئن تصوف ۾ ڪائنات کي خدا جي وجود جو مظهر چيو ويو آهي تيئن ويدانت ۾ برهم جي مهما ڳائي ويئي آهي سامي مايا جي موه، ڪروڌ، اهنڪار ۽ ارديا کي ننديو آهي. ساميءَ جا سلوڪ روحاني ڪلام ۾ اهميت رکن ٿا. ٻين سنت ڪوين به ڀڄن، ٻاڻيون، بيت، ڪافيون ۽ غزل چيا جن ۾ هندو فلسفي موجب مالڪ در وينتيون ڪيون ويون. هندو وڏن شاعرن ۾ دلپترام (1777ع – 1841ع) ۽ آسورام (1824ع – 1897ع) جا نالا اچن ٿا. جن جا ڀڄن مندرن ۾ مختلف ڌُنن ۾ ترتيب ڏيئي ڳايا وڃن ٿا. مسلمان شاعرن ۾ روحل صوفي (1734ع – 1804ع)، سندس اولاد ۽ ڪن ٻين شاعرن به ڀڄن چيا. روحل جي هندي ڪلام جا ست گرنٿ آهن سندس هندي ۽ سنڌي ٻاڻيءَ ۾ ڀڳتي رس ۽ رنگ موجود آهي. سنڌ جي مندرن ۾ ڀڄنن کي ڌرمي جوش سان ڳايو ويو. هندن جي مندرن کان سواءِ مينگهواڙن، ڪولهين، ڀيلن ۽ ٻين لاڏائو غير مسلم قبيلن ۾ به ڀڄنن ۽ راسوڙن وغيره جو رواج آهي.

ڪيترن ڏڻن ۽ ميلن تي رسوڙن جو چهچٽو رهي ٿو. ٻيون به ڪيتريون غير مسلم جاتيون آهن جيڪي پنهنجن ريتن رسمن کي ڀڄنن ۽ گيتن سان ملهائين ٿيون.

ب:

1. لوڪ سنگيت: سنڌي لوڪ گيت، بيت، مورا ۽ لوليون وغيره لوڪ سنگيت جو حصو آهن. عام بيتن کان سواءِ نڙ بيت، نڙ جي ساٿ سان ڳائجن ٿا. نڙ جي بيتن جا شاعر سانوڻ فقير، مولابخش، بچايو رند، ڪبير شاهه ۽ ڪي لس ٻيلي جا مشهور ٿيا. نڙ جا بيت سٽن جي ڊيگهه ۽ گهڻي تعداد ڪري منفرد آهن. نڙ بيتن جي روايت سانوڻ فقير جي ڪري لاڙ ۾ اوليت رکي ٿي. نڙ يا ڪاني هن سلسلي جو اڪيلو ۽ بنيادي ساز آهي. هن محفل ۾ نڙ والي کان سواءِ هڪ بيتائي هوندو آهي، جيڪو بيت ڏيندو آهي ۽ بيت جي آخري سٽ ڏيڻ وقت ٻيا ساٿي ”اوها“ ڪري هونگاري ۾ شامل ٿيندا آهن. اڳ ميلن ۽ ڪن موقعن تي يا اوطاقن  ۾ نڙ بيتن جي ڪچهري ٿيندي هئي، پر هاڻي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تي به نڙ بيتن جي ڪچهري ٿئي ٿي.

2. مورا: هي بنيادي طور ڪوهستان جو هڪ لوڪ گيت آهي. هن جو دائرو البت وسيع آهي. موري جو مضمون محبت ۽ مجاز تي ٻڌل آهي. ڪوٽڙيءَ، لس ٻيلي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ مقبول آهي. ٻين مورن سان گڏ ساران بکريءَ جا پنهنجي محبوب اَلڪي شودي جي فراق ۾ چيل مورا مشهور آهن. موري جون ڪي هيئتون ۽ وراڻيون آهن، پر عام طور ٻن ننڍين هم قافيه تُڪن ۽ وراڻيءَ تي آڌاريل آهي. مثال طور:

ٽڪر مٿي ڪاتي
پرين ٻانهين پاتي
جانب موري موڪل ڏي.

سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪيءَ ۾ به مورا آهن. اڪثر کي لولي به چيو وڃي ٿو. مورو دنبوريءَ تي ڳايو ويندو آهي. ڌُن جي ادائگيءَ جي لحاظ کان مورو بلوچي موسيقيءَ کي قريب آهي. موري يا لوليءَ جي طرز تي ٿر ۾ سنڌيءَ ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ ڪي ٻيا به لوڪ گيت آهن. انهن جا نالا عنوان موجب يا محبوب جي نالي مطابق آهن، جيئن گامڻ، جوڌيو، ڍولو، مڻيهارو، ڪجليو، ڪونجل ۽ جلالو وغيره. مقبول لوڪ گيتن ۾ همرچو، ڇلو ۽ جمالو اچي وڃن ٿا. جمالو هڪ ناچ گيت آهي. اڄڪلهه به محفلن جي اختتام تي حاضرين فنڪارن سان گڏجي جهمريون پائين ٿا ۽ جمالو ڳائين ٿا. گهڻو ورجائڻ واريون سٽون هي آهن:

منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو!
لڙي ويو لاڙ ڏي، هو جمالو!
کٽي آيو خير سان، هو جمالو!
 

انهيءَ کان سواءِ ڳيچ ۽ سهرا به لوڪ سنگيت جو اهم حصو آهن. شاديءَ جي ڳيچن جو به شاديءَ جي رسمن موجب هڪ سلسلو آهي. جو ساٺن سوڻن موجب آهي ۽ پڌريءَ کان وٺي نکيٽيء (رخصتي) تائين موقعي مناسبت سان هلي ٿو. غير پيشه ور گهوٽيتيون ۽ ڪاڄ جون ٻيون عورتون ڳيچ ۽ سهرا ڳائين ٿيون. ڪي مڱڻهاريون ۽ شيدڻيون به ڳيچن ۽ سهرن لاءِ ڪوٺجي اچن ٿيون. عورتن جي هن ثقافتي ورثي سان گڏ سنڌ ۾ ڪي راندين سان تعلق رکندڙ سريلا ٻول ۽ ٻارن جا ٻول به آهن جيڪي ڳائجن ٿا. لوڪ سنگيت جو هي سلسلو تمام وڻندڙ ۽ رنگين آهي.

3. ساز: سنگيت جي هن سلسلي ۾ سازن جو به اهم مقام آهي. ساٿ ۾ به وڄن ٿا ۽ جدا به. ساٿ ۾ اڄڪلهه ته مغربي ساز به شامل ٿي ويا آهن. اُنهن ۾ به هارمونيم پراڻو آهي. طنبورو، شاهه جي راڳ ۾، نڙ، نڙ بيتن ۾، دنبوري مورن ۾ ته پڪواز ڪافين ڪلامن ۾، ۽ مگرمان شيدين جي ناچ ۾ ڪم اچي ٿو. نڙ، بوڙينڊو چنگ ۽ الغوزو جدا به وڄن ٿا.

روحاني ۽ لوڪ سنگيت بابت هي هڪ مختصر خاڪو آهي. هونئن هي طويل داستان آهي. موسيقيءَ جي ڳالهه لفظن ۾ ڪرڻ البت مشڪل آهي. فقط سمجهاڻيءَ لاءِ ڪاوش ڪري سگهجي ٿي.

حوالا

 

1.         قاضي ظهور، الحق، رهنماء موسيقي ، پاڪستان ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد، 1975ع ص 28

2.        ايضاً – ص 26

3.        ايضاً – ص 29

4.        ايضاً – ص 29 – هن باري ۾ تفصيل منهنجي اردو تصنيف ”ڪافيان“ ۾ ڏسڻ کپن.

5.        مغل، پير بخش. راڳ ساگر، نوابشاهه، 1955ع ص 14

6.   بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر). ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، 1978ع، ص ص 292، 294 ۽ 295

7.        ايضاً – ص 305

8.        ايضاً – ص 309

9.        ايضاً – ص 312

10.    ايضاً – ص 124

11.     ۽ پڻ ڏسو ڊاڪٽر بلوچ جي سهيڙيل ڪتاب مولود جو مقدمو.

12.    ڏسو مذڪوره ڪتاب جا باب 7، 8، 9 ۽ 10.

13.    ايضاً – ص ص 147، 155، 167 ۽ 172.

14.    ايضاً – ص ص 179، 191

15.    ايضاً – ص 231 - 232

16.  هن سلسلي ۾ تفصيل، راقم جي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ جلد- اول“ ۾ ص ص 330 کان 340 تي ڏسڻ کپن.

17.    رهنماء موسيقي، ص 266

18.    ايضاً – ص 266

19.    ايضاً – ص 264

20.   نڙ بيت ۽ لوڪ گيت، ڊاڪٽر بلوچ جي ايڊٽ ڪيل انهن ئي نالن وارن ڪتابن ۾ موجود آهن.

ساري سک سبق

 

انسان جي زندگيءَ جا ٻه اهم مرحلا آهن. انهن کي عمر جي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ته ننڍپڻ، جواني ۽ پيري سڏجن ٿا، پر مون کي اِهي مرحلا دل سان نٿا لڳن. ڪا ٻي تقسيم آهي جا انسان جي زندگيءَ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. اُها بيشڪ مختلف دورن تي مشتمل ٿئي ٿي، بلڪ اصل انسان جي سوچ آهي، جنهن جي بنياد تي هُو زندگيءَ جا مختلف مرحلا طئي ڪري ٿو ۽ رهنمائي لاءِ واجهائي ٿو. اُها هُن کي رهنمائن کان ملي ٿي.

اُهي رهنما آهن نبي ۽ انهن جا آندل آسماني صحيفا. اُنهن جي تعليم تي تڪيو ڪندي سماج ۽ روح جا مشڪل رهگذرن تان هلي منزل ماڻي ٿو. نبين کان پوءِ ٻيا اڪابر، درويش، رِشي مُني آهن. اُهي ڀٽڪيلن کي راهه راست تي آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهن رهنمائن سان گڏ شاعر ۽ اديب به سيکارڻ وارا ئي آهن. جنهن به رستي تان اچن، منزل تي رسائين ٿا. مغرب کي ڇڏي مشرق ۾ عرب ايران ۽ هند سنڌ کي ڏسون ته اسان کي اڪابر شاعر نظر ايندا. اُن ڊگهي فهرست مان چند نالا ڳڻائجن ته حسان بن ثابت، حافظ ۽ سعدي، ڪبير ۽ ميران، لطيف ۽ سچل توڙي بيدل ۽ بيڪس اسان جي اکين ۾ پيا جوت وڌائين. سندن ٻهڳڻا ٻول پيا ڪنن ۾ ٻُرن.

ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته اڪابرن شاعرن جي ڪلام ۾ تعليم ئي سمايل آهي. جي نه هجي ته سندن سٽون بيجان ۽ بيڪار هجن. رڳو اُنهن کي اُچاري، ڳائي، ٻڌي ۽ ٻڌائي خوش ٿيون ته اهڙي عارضي خوشي ڪهڙي ڪم جي؟ عقل جون ڳالهيون ۽ جذبات جو پورو پورو اظهار اُنهن جي ڪلام ۾ موجود آهي. اصل موضوع تي اچڻ کان اڳ آءٌ هڪ وارتا مثال طور بيان ڪرڻ گهران ٿو جيڪا هندن جي ستي لڪڙيءَ جي رواج بابت آهي. جنهن پٽاندر مرد جي مري وڃڻ تي، زال کي به اُن سان گڏ آڙاهه ۾ ساڙيو ويندو هو. هنديءَ جي شاعره سهجو ٻائيءَ، زال جي رشتي جي مقابلي ۾ ماءُ جي رشتي کي ڄڻ چئلينج ڪيو چوي ٿي ته:

نينهن سگا سوئي سگا، هڊ سگا نا ڪوءِ،
مان بيٺي تِريا چري، اَچرج جڳ ڪو هوءِ.

اُن نقطي بابت فارسيءَ جي شاعر هندو عورت کي داد ڏيندي چيو ته:

در محبت چُون زن هندي، هرڪسي مردانه نيست،
بر شمع مرده سُوختن، ڪار هر پروانه نيست.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ به هندو عورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي دل کي سمجهائي ٿو ته همت ڪر هندو عورت کان ته پوئتي نه رهه:

هينئڙا هندو زال کان، هاريا هيٺ م ٿيءُ،
پرت پيالو پيءُ، ماٺ ڪري پوء مَچَ ۾.

سهجو ته مرد کي، اُن جي محبت کي به چئلينج ڪندي چوي ٿي ته:

بانهن ڇڙائي جات هو، نربل جان ڪي موهي،
هردئي ۾ سي جائوگي تو مرد بنڌوڳي توهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پتنگن جي ڳالهه ڪئي جنهن ۾ جان قربان ڪرڻ جو مامرو کنيائين:

پتنگن پهه ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَ،
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچَ، ويچارن وڃائيا.

---

پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آگ اُجهاءِ،
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آگ نه ڏجي عام کي.

هيءَ محبت ۽ خود قربانيءَ جي جذبي جي ڳالهه آهي. هر ڪنهن جي وِت ۽ سمجهه کان مٿي آهي.

ڏوهه اکين جو آهي. انهن کي مهميز جي ضرورت آهي. خود اکين کي سيکاريو ٿو وڃي ته اکيون منهن ڪريو. ڏوهه به اوهان جو روڄ به اوهان ۾:

نيناري تم هي بُري، تم سا برا نه ڪوءِ،
آپ هي پيت لگائي ڪي، آپ هي بيٺا روءِ.

شاهه صاحب چيو ته:

اکين کي آئون، جان ڪي جهلون پائيان،
لتاڙي لوڪ کي، ساجن سوٺائون،
مون کي مُٺائون، پاڻ پرچي آئيون.

ٻه ٽي ٻيا به هندي بيت پيش ڪندس جن ۾ ڪبير پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن. اُهي محبت بابت به آهن ته دنيا ۾ ٺڳيءَ کان بچڻ لاءِ به پنهنجو موقف بيان ڪيو اٿس:

ساجن هم تم ايڪ هين، ديکن ڪِي هين دو،
من سي من ڪو تو لئي، ڪڀي نه دو من هو.

ٺڳي به بري شي آهي، پر ڪوڙ اُن کان به بُرو آهي. چوي ٿو:

ساڌو چليا ٺڳ رهيا، ٺڳ ڀي چلڻهار،
آئي اُسي ڪي وار، جو سانچي ڪو جوٺا ڪهي.

ٺڳي ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پر چوي ٿو ته ٺڳي خود ته نه ڪجي پر پاڻ کي ٻين کان ٺڳائجي:

ڪبير آپ ٺڳائيي، اور نه ٺڳئي ڪوءِ،
آپ ٺڳي دک اوپجي، اور ٺڳي دک هوءِ.

شاهه صاحب ڇا ٿو سيکاري؟ مٿي ذڪر ڪيل هندي دوهن ۾ به شاهه صاحب جي جهلڪ موجود آهي. اِنهن جي وڌيڪ اُپٽار به وٽس آهي. ڇا شاهه صاحب دين جي ڳالهه ڪرڻ سان اسان کي بنيادي تعليم ڏيندي اڳتي وڌي ٿو ته جواب هڪ لفظ ۾ آهي – ”ها“.

قديم ۽ اونداهي دور کان وٺي انسان جي زندگيءَ جي اولين نُڪتو آهي اعتقاد. اُهو وڻ ۾ هجي يا ڍور ۾، هوا ۾ هجي يا پاڻيءَ ۾، توڙي پٿر ۾. مذهب انهن سوچن ۽ اعتقادن ۾ سڌارو آڻيندا ويا. ڪيترين صدين جي سفر کان پوءِ اعتقاد وڃي هڪ خالق جي وحدت تي وڃي بيٺو.

اسان مسلمانن جي اعتقاد جو مرڪز هاڻ ڪنهن به طرح ڳجهو ڪونهي ته خالق مالڪ هڪ آهي. اِن اعتقاد کي حضور ڪريم محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي ذريعي ڪائنات ۾ اعليٰ مقام حاصل ٿيو. شاهه صاحب اِتان ئي ڳالهه شروع ڪئي:

وحده لاشريڪ لهُ، جان ٿو چئين ائين،
تان مچ محمد ڪارڻي، نر تئون منجهان نينهي،
سو تون وڃيو ڪيئن، تائين ڪنڌ ٻين کي.

اهڙي طرح توحيد کان پوءِ رسالت جي ڳالهه ڪندي پنهنجي عقيدت ۽ محبت به ظاهر ڪري ٿو. سسئي پنهونءَ جي داستان جي حوالي سان هيئن چوي ٿو:

بُرو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اُجاريو،
لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هور،
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
آيو سو اَتور، جنهن ڏُکيون ڏک وهاريون.

شاهه صاحب همر معاملو مثالن، اشارن ۽ سڏ پيهن سان سمجهائي ٿو. دين ۽ دنيا جو فرق کير ۽ ڦيڻ جي ڀيٽ سان واضح ڪري ٿو:

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

جن ڪمن لاءِ انسان دنيا ۾ آيو انهن کي وساري ويٺو. اُن کي منهن تي مايوسيءَ جا آثار ٿو سڏي:

مُسن منهن سندا، کريا گهڻو کلن،
سي تان وسرين، آيا جن ڪمن لئه.

شاعريءَ ۾ محبوب جي حسن جو گهڻو بيان آيو آهي. شاهه صاحب به اهو بيان خوبيءَ سان ڪيو آهي. محبوب جي پيشانيءَ ۾ حسن سان گڏ جيڪي ڀلائيءَ جا جلوا آهن، اُنهن کي هيئن ڳڻي ٿو:

پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا پير،
اڱڻ اُڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سپرين سين.

استاد محترم پروفيسر علي نواز جتوئي، شاهه صاحب جي محبوب جي باري ۾ هڪ مقالو بعنوان: ”ڀٽائيءَ جو ڀاري ڀيد“ لکيو هو جيڪو اطلاعات کاتي جي سالياني جريدي ’تحفه لطيف‘ ۾ 1958ع ۾ ڇپيو. هن مقالي ۾ هن حقيقي محبوب بابت خدا بجاءِ حضور جن صلي الله عليه وسلم ڏانهن اشارو ڪيو هو. مثالن ۾ آندل بيتن مان ثبوت طور هڪ هي به بيت هو:

سهسين سجن اُڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

مطلب هي هو ته خدا جو ته قسم ٿو کڻي . تنهن جي معنيٰ ته محبوب خدا نه پر رسول آهي. هونئن خدا جي وحدت ۽ رسول ڪريم بابت رسالي ۾ گهڻا بيت آهن ۽ مجازي محبوب جي ڳالهه به رد ڪري نٿي سگهجي.

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ گوناگون ۽ رنگارنگ موضوع آهن. اڳرائي به انهن ۾ هڪ آهي. صاف صاف ڏسبو ته شاهه صاحب شاعر محبت آهي ۽ عدم تشدد ڪيني توڙي اڳرائيءَ کي بنيادي طور رد ڪرڻ وارو آهي. هن کان وڌيڪ ٻيو ڇا چوي ته:

هُو چوَنئي تون م چؤ، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پانڌ ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

شاهه صاحب جا ڪردار، رسالي جي بنياد جا ٿنڀا آهن. اُنهن ۾ سورما جهڙوڪ: مورڙو، پنهون، ٻيجل ۽ جادم جکرو به آهن. پر موضوع کي منطقي صورت ڏيڻ ۾ سورمين جا ڪردار اهم آهن. ست سورميون، سورٺ، سهڻي، مارئي، ليلا، مومل، نوري ۽ سسئي، رسالي جي موضوعن کي نه رڳو چِٽو ڪن ٿيون؛ بلڪ پنهنجي زبان سان جذبن جو اظهار ڪن ٿيون. واضح رهي ته شاهه صاحب ڪوبه داستان سڄو بيان نه ڪيو آهي. اهو ڪم سگهڙن ۽ قصه نويسن جو آهي. شاهه صاحب داستانن جي فقط انهن حصن جو بيان ڪري ٿو، جتي جدائي، تڪليف يا ڪشمڪش جو ماحول آهي. سورمين ۾ سسئيءَ جي باري ۾ پنج سُرَ آهن. هر هڪ سورميءَ کي اهڙي طرح بيان ڪيو اٿس جو اُهي وجود نه رکن ها ته به شاهه صاحب انهن کي تخليق ڪري زندهه جاويد بنائي ڇڏيو آهي.

رسالي مان هر سُر جي سورميءَ جي اُپٽار ڪندي گهٽ ۾ گهٽ بيت مثال ۾ وٺڻ تمام مشڪل آهي. مومل ۽ ليلا جا ڪردار هڪ ٻئي کي ويجها آهن ۽ هٺ جي نمائندگي ڪن ٿا. مومل جي ڪنهن ۾ اک نه ٿي ٻڏي ۽ ڪئين طالبن کي موت جي منهن ۾ ٿي وجهي، پر راڻو جو سڀ ٽڪساٽ پار ڪري پهتو ۽ لانئون لڌائين. اُن جي جدائيءَ جي ڪري شريڪ ڪيائين ۽ ڀيڻ کي ان جي جاءِ ڏنائين. هُو اَڻ ڄاڻائيءَ ۾ رسي هليو ويو ۽ مومل کي نيٺ ڏهاڳ جا ڏنڀ سهڻا پيا. نتيجو ڪهڙو نڪتو. سنئين راهه نه هلي هئي. اُن لاءِ شاهه صاحب چويس ٿو:

وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ م ڦيرج ڪيڏانهين،
لوڻي ڦير لپاٽ، متان لڳنئي لطيف چي.

ليلا به هٺيلي هئي. هن به مڻيي تي موهجي هڪڙو سودو ڪري وڌو. دين ۾ اُن کي شرڪ ٿو چئجي. اُهو ئي ٿيو جيڪو مومل سان ٿيو. گهڻو ليلايائين پر تير ڪمان مان نڪري چڪو هو. پڇتاءُ ڏسو:

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين دمامين نقرين، ٿي پَرَ ۾ پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه جي.

شاهه صاحب کيس هي سبق ڏنو ته هاڻ ڪجهه نه ٿيندو. راڄ ڌاني ڇڏ، مائٽن ڏانهن هلي وڃ. چنيسر جي لاءِ ابو ڏاڏو قربان ڪرڻ کپي تون ته مڻيي جي موهه ۾ هيٺ وڃي ڪِرئين:

ليلا ڇڏ لهور، وڃ پنهنجي مائٽين،
ابو ڏاڏو گهور، چنيسر جي چاڳ تان.

هٺ جي هنن ٻن پتيلن جي مقابلي ۾ ٻه نهٺائيءَ واريون سورميون آهن: نوري ۽ مارئي. نوريءَ جي نوڙت ته ضرب المثل آهي. اُن کي دنيا جي هڪڙي ٻئي اهم ڪردار سان ڀيٽجي ته اُهو اياز آهي جنهن محمود بادشاهه جي مهربانين ۽ نوازشن هوندي به اصليت نه وساري. غاريبي گذران کي ياد رکيائين. نوريءَ جو به اهو حال هو.

سائين منهنجا! نوڙت وڏي شي آهي. سک ڏسي ڏکن جا ڏينهن ياد رکڻ ڪنهن هڪڙي جوئي ڪم ٿي سگهي ٿو. ڄام تماچيءَ جون ٻيون به راڻيون هيون. نوري به اُن پد تي پهتي ته به پنهنجو اصل نه وساريائين. بادشاهه سير لاءِ وٺي ٿي ويو ته ٻين ويس وڳا ڪيا ۽ هار سينگار ڪيائون. نوريءَ اباڻو وڳو پهريو. بادشاهه کي نوري ئي وڻي. شاهه صاحب اِها ڳالهه هيئن ٿو بيان ڪري ته:

سڀ سميون سڀ سومريون، سڀني ڳچيءَ هس،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، وڏا ڪيائون وس،
ڍوليو تنين گس، هيٺاهيو. هلن جي.

مارئي به ايئن نهٺائيءَ جو اعليٰ مثال آهي: اُن جي ست سيل، سادگيءَ ۽ وطن جي حب جا مثال اُجاگر ڪندي شاهه صاحب کيس پدمڻي سڏي ٿو:

پکي ۾ پدمڻي، ڪر ڏي وراڪا وڄ،
جهڙي صورت سج، تهڙي مورت مارئي.

وطن، ور، مارو، مال، پکا ۽ پنهوار ياد ڪري ٿي. عمر بادشاهه جا آڇيل وس وڳا، ست رڇيون، ۽ زيور قبول نٿي ڪري. ايئن سورٺ به هڪ منفرد نرالو ڪردار آهي. پنهنجي ور لاءِ زر مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ٻيجل نٿو مُڙي. هُو جو ساز سُرندو کڻي آيو هو تنهن کي جهوناڳڙهه جهورڻو هو. شاهه صاحب فرمائي ٿو:

محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سُرندو،
سِر جي صدا سُرَ ۾، گُهور هڻي گُهرندو،
مٿي ري ملوڪ جي، چارڻ نه چُرندو،
جهوناڳڙهه جهُرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

سورمي سهڻي به رسالي جو اهم ڪردار آهي. هن ڪردار جو حوالو ئي اڄوڪي گفتگو سان ڳنڍيل آهي. سهڻيءَ تائين پهچڻ کان اڳ ۾ هڪ مُک سورمي سسئي به رسالي ۾ جلوه گر آهي. سسئي عزم ۽ همت جو ڪردار بنجي ويئي، جيتوڻيڪ ڳالهه داستان محبت کان شروع ٿي هئي.

مون مارئيءَ جي ڪنهن پڇتاءَ جي پل لاءِ به هڪ فارسي شعر پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ آندو آهي. اُهو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي هڪ ليڪچر ۾ آيو. شعر هي آهي:

بسي ناديد نبها ديده ام هم
اي ڪاش ڪ مرا مادر نه زادي.

رسالي ۾ مارئيءَ جي سُر ۾ هن شعر سان هم معنيٰ بيت هي آهي:

هيڪ جئن نه ڄاياس، ٻيو ڄاپندي مران،
گهنگهه گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org